سنڌي گرامر ۾ تصغيري روپن جو اڀياس
(The study of Diminutive forms in Grammar of Sindhi language)
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ
Abstract
Diminutive forms occur in every language. But in some languages, only nouns are diminutive, while in Sindhi, diminutive forms exist in other parts of speech besides nouns. For example, diminutive forms also exist in verbs, adjectives, and adverbs as well.
In Sindhi language. Diminutive form is more philosophical than grammatical. In Sindhi, the diminutive form is based on humility, love, and intimacy. Because Sufism is embedded in the psychology of the Sindhi people, from classical poetry to the present day, the basic philosophy of Sindhi literature is Sufism. Sufism has major feature of Humility and modesty, complete absence of pride and arrogance, which has had an impact on the Sindhi language. The diminutive noun has many forms in Sindhi. In some dialects, diminutive nouns are used very frequently. Various parts of next para speech. In this paper I have found out the different aspects and forms of diminutive forms of which are being used in sindhi language in contemporary period.
تصغير لفظ صغير مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ’ ننڍو ‘، پر جڏهن اسان اسم تصغير جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هتي گرامر جي اڀياس ۾ داخل ٿي وڃون ٿا. گرامر ۾ اهو اسم جنھن کي ننڍو ڪيو ويو هجي، ان کي اسم تصغير چئبو آھي.
سنڌي ٻوليءَ ۾ نه صرف اسم پر سنڌي گرامر جي اَٺن لفظن مان ٻيا لفظ به تصغيري روپ وٺن ٿا. پر توجه فقط اسم جي تصغيري روپ تي رھي آھي. سنڌيءَ ۾ اسم تصغير ايترو سادو ناهي جيترو ٻين ٻولين ۾ آهي. يعني سنڌيءَ ۾ ان جو فقط ھڪ ئي قسم نه آھي، پر بناوت توڙي ڪارج جي لحاظ کان ان جا ڪيترا ئي قسم آهن، جنھنڪري ان جي معنيٰ به الڳ الڳ روپن ۾ ظاهر ٿئي ٿي.
مثال: پنهونءَ مان پنهل، راڻي مان راڻل، ڇوڪر مان ڇوڪراٽ، ڄام مان ڄاموٽ، وغيرہ
هتي اسم تصغير جو فلسفو الڳ آهي. هتي مراد فقط ننڍڙو ڪرڻ ناهي، پر هتي اسم تصغير ڪنھن اسم جي لاڏ ڪوڏ واري ءَ معنيٰ کي به ظاهر ڪري ٿو. جيڪا شيءَ ننڍڙي آهي، ڇا اها پياري آهي، مثال ٻار اڳم ننڍڙو آهي پر ٻارڙي يا ٻارڙو چوڻ مان مراد اڃا ننڍڙو ڪرڻو آهي يا لاڏ ڪوڏ ظاهرڪرڻو آهي؟ جنھن جو جواب آھي ننڍڙي روپ سان گڏ لاڏڪوڏ واريءَ معنيٰ کي به ظاھر ڪرڻ.
ھن مثال ذريعي اسم تصغير جي ان لاڏڪوڏ ۽ پيار واري روپ کي وڌيڪ واضع طور تي سمجهي سگهجي ٿو. چپ مان چپڙن . هتي چپن کي ننڍو ڪرڻ جي مراد ناهي پر چپن کي پيار مان چپڙا چيو ويو آهي، راڻي مان راڻل. هتي راڻي کي ننڍڙو ڪرڻ مراد ناهي،
پر راڻل پيار مان چيو وڃي ٿو. جيئن ڊاڪٽر ارنسٽ ٽرمپ به اها ڳالهه ڪئي آهي.
”اسم تصغير جي خيال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ هڪ طريقو اهو آهي ته مذڪر جي جڳهه تي مونث پڇاڙي لڳائجي ۽ مونث جي سببان مفھوم ڪنھن شيءَ جي ننڍي نازڪ ۽ چڱي هئڻ جو نڪرندو آهي“ )1(
يعني سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر اسم کي مونث پڇاڙي لڳائڻ سان به اسم تصغيري روپ اختيار ڪري وٺندو آھي. مثال. ماڪوڙو، ماڪوڙي، دلو، دلي هتي ماڪوڙو جو مونث ماڪوڙي ناهي پر ماڪوڙو وڏو آهي ته ماڪوڙي ننڍي آهي. جنس جي هئيت ۾ فرق آهي، ٻئي شيون الڳ الڳ آهن.
ان جو مطلب ته ننڍڙين شين کي اسم تصغير ذريعي نالو به ڏنو وڃي ٿو. ڀلي انهن سان پيار وارو احساس لاڳو نه به هجي. اسم تصغير بابت ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو موقف مختلف آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌيءَ ۾ اسم تصغير آهن ئي ڪونه. ”اسم تصغير ۽ اسم تڪبير ٻئي عربي ٻوليءَ جا اصطلاح آهن، جڏهن ته اسان جي ٻوليءَ ۾ اسم تڪبير جو ڪو نالو نشان ناهي، ته پوءِ اسم تصغير ڪٿان آيو؟ اسان جي عالمن اھو اصطلاح زوريءَ ٻوليءَ ۾ ٽنبيو آهي، “
ھو اڳتي چوي ٿو ته، ”اهي اسم تصغير ناهن پر اها سنڌي ٻولي جي هڪ نرالي خاصيت آهي، جيڪا شايد ڪنھن ٻي ٻوليءَ ۾ هجي، لفظن ۾ ’ڙو‘ يا ’ڙي‘ ملائڻ سان لفظ ۾ جاذبيت، پنھنجائپ، سڪ ۽ اڪير جا جذبا پيدا ٿين ٿا“(2(
آءٌ ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي سان ڪنھن حد تائين سھمت آهيان. پر اختلاف اهو آهي ته اها خاصيت هئيت جي لحاظ کان بھرحال اسم تصغير واري ئي آهي. باقي ٻين ٻولين ۾ اسم تصغير به موجود آهن. سنڌيءَ ۾ اسم تڪبير جا به مثال ملن ٿا. مثال: گپ مان گپوڙو، ڳالهه مان ڳالهوڙو، لپ مان لپوڙو، ٿلهي مان ٿلهڙ وغيره اسم تڪبير جا ئي مثال آهن. ساڳئي وقت اهو مسئلو به بحث طلب آهي ته ڇا ڪي اسم مفعول ساڳئي وقت اسم تصغير به ٿي سگهن ٿا؟
مثال ڪُٺل ڪڪڙ ڪٺل آهي، اسم مفعول آهي. پر سھڻو مان سھڻل ، پنهونءَ مان پنهل .
مثال : پنهل ماڻهو آهي. صفت
ڪڪڙ ڪٺل آهي، اسم مفعول (ڪابه تصغيري صورت ناهي. هيءَ صرف فعل جي مفعولي شڪل آهي)
ڀيرومل آڏواڻي چوي ٿو ته، ”ڏٺو مان ڏٺل، ڪٺو مان ڪٺل. هي ساڳي ”ر“ سنسڪرت واري پڇاڙي آهي، جنھن جو اچار ڦري ”ل“ ٿي پيو آهي، اها اسم مفعول پٺيان گڏبي آهي ته اهو مفعول ٿي ڪم ايندو آهي. هتي به صغيرائيءَ جي معنيٰ ڪانهي.
مثال : مٺو مان مٺل، سھڻو مان سھڻل، پنهونءَ مان پنهل، اهڙيءَ طرح اسمن ۽ صفتي لفطن پٺيان به هيءَ پڇاڙي گڏبي آهي ته اهي قرب يا پيار جا لفظ ٿي پوندا آهن.(3)
منھنجو خيال آهي ته فعل مان ”ل“ وارو تصغيري روپ ناهي صرف اسم مان
”ل“ ۾ تبديل ٿيڻ اسم تصغير آهي. جيئن گرامر ۾ جملي جي سٽاءَ موجب، لفظ جي وياڪرڻي حيثيت بدلجي وڃي ٿي. مثال: پنھنجو نوڪرآهي . هتي پنھنجو ضميري صفت آهي، اهڙيءَ ريت هو کلندي آيو. هتي کلڻ فعل آهي، جنھن مان کلندي اسم حاليه ٺھيو. پر ان جي حالت ظرف واري آهي. ڇاڪاڻ ته ڪھڙيءَ ريت آيو؟ کلندي آيو. گرامر ۾ ھر اھو لفظ جنھن مان ريت ، قدر، هاڪار، ناڪار، وقت جي معنيٰ نڪري ته انهيءَ کي ظرف چئبو آهي. هاڻي غور سان ڏسنداسين ته اسم، فعل، صفت، ظرف پنھنجي حالت مطابق ظاهر ٿيندا آهن. پر حرف جر، حرف ندا ، حرف جملو سدائين ساڳيا رهندا آهن.
مثال راڻي مان راڻل، ڊٺو مان ڊٺل (فعل)، ڪَوڙو مان ڪوڙل، هتي ڌيان طلب ڳالهه اھا آهي ته راڻو يا پنهون اسم آهن، پر ڊهڻ فعل آهي ،جنھن مان ڊٺل تصغيري روپ نه پر اسم مفعول ٺھي ٿو. جڏھن اسم مان اسم تصغير ٺھي ٿو ته ان ۾ ”ڙو“ ، ”ڙي،“، ”آٽ“،
”ال“، ”ٽي“، وغيره مختلف طريقن سان ٿي سگهي ٿو. پر جڏهن صفت ، ظرف، فعل مان ٺھي ته پوءِ صرف ”ڙو“ يا ”ڙي“ لڳائي ٺاهيو وڃي ٿو. مثال، چڱو مان چڱڙو، ڪنو، ڪنڙو، مٺو مان مٺڙو صفت مان اسم تصغير ٺھيا. پر هتي سھڻو جو اسم تصغير سھڻل ٿيندو ، ان جو مطلب ته جتي آخر ۾ ”و“ اچي ٿو ته اهو اسم تصغير وقت ”و“ ڪڍي ”ل“ ڏيئي اسن تصغير ٺھيو آهي، ڇاڪاڻ ته صفت اسم کان اڳ لڳندي آهي، مثال ڪَوڙو پاڻي آهي. صفت پر هتي ڪوڙل پاڻي نه ٿيندو. ان جو مطلب ته ڪوڙل اسم تصغير ٿيندو. مٺو مان مٺل اسم تصغير ٿيندو، باقي هر صفت مان اسم تصغير ڪو نه ٺھندو آھي.
مثال، گدلو، هوشيار، تازو، ڪوسو، ڳاڙهو، بيڪار، چالاڪ، سرس، اياڻا، سمورو، وغيره وري جيڪي صفت مان اسم تصغير ٺھي سگهن ٿا. مثال: سھڻل، ٿلهڙو، ڪارڙو، سچل، ڪچڙو، سنهڙو، اڇڙو، اهي سڀ صفت تصغير آهن. پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته اهي اسم تصغير آهن يا صفت تصغير آهن؟ ته هتي به استعمال موجب ٿيندا. مثال، سھڻل ڪٿي آهي، سچل ڪيڏانھن ويو؟ ته اسم تصغير جي روپ ۾ ظاهر ٿيا، پر منھنجو ڪارڙو تتر ڪٿي آهي؟ ڪچڙو انب نه پٽ؟ هتي ڪچڙو صفت تصغير ٿيندي، پر جيڪڏهن چئجي انب ڪچڙو آهي ، ته هتي ڪچڙو اسم تصغير ٿيندو.
فعل جي تصغيري شڪل ٺاهڻ لاءِ به ”ڙو يا ڙي “ لڳايو ويندو آهي.
مثال: ويو مان ويڙو، هوندو ،هوندڙو،
نو نير پائي جان مون هيئڙو جهليو،
ويـڙو ڇـنائي، پـوئين رات پـرين ڏي.(4) (کنڀات)
ان ريت ظرف ۾ به ’ڙ‘ لڳائڻ سان تصغيري روپ ٺھندو آھي، جنھن کي ظرف تصغير چئي سگهجي ٿو .
مثال: هت مان هتڙي، هوريان مان هورڙيان، آهستي مان آهستڙي،
باقي ضمير مان تصغيري شڪل ڪو نه ٿي ٺھي، جيئن مون، تون، توهان، ڪو، ڪنھن، سو، جنھن، مان تصغير ڪو نه ٺھي ٿو. پر سچل سرمست پنھنجي شاعريءَ ۾ ضمير جي تصغيري شڪل به ٺاهي آهي.
مثال:
ڪيچ منھنجڙو ڪم ني، آهي ڀلو ڀينر ڙي،
کولي ڏيئي غم ني (5)
اڱڻ اسانجي اسانجڙي سائين ڪربلا تون ڀيرو،
نانوءَ ڌڻي جي دلبر سائين! پاند ڳچيءَ پائين،
ڪج فقير ڏي ڦيرو (6)
ڊاڪٽر هدايت پريم جو خيال آهي ته ”اسم تصغير اهو نالو آهي، جيڪو ڪنھن شيءِ جي ننڍي روپ لاءِ ڪتب اچي ٿو، مثال کٽولي، باغيچو، هٽڙي، سيڳڙي، ڪتابڙو. ڪي ماڻهو اسم تصغير کي سندس ئي روپ جھڙي وڏي شيءِ جنس مونث يا جنس مذڪر ڪري ليکيندا آهن، سو غلط آهي، مثال هٽ جو هٽڙي جنس مونث ناهي، سر جو سروٽو جنس مونث ناهي.“(7)
واحد بخش شيخ جو موقف انهيءَ ڳالهه سان سھمت ۽ ابتڙ به آهي ته ”اسم تصغير جو استعمال حقارت يا الفت ظاهر ڪرڻ لاءِ ٿيندو آهي. مثال: تون اڃا ٻارڙو آهين، هن جملي ۾ ٻارڙو حقارت واريءَ معنيٰ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي“(8)
منھنجي خيال ۾ جيڪڏهن ٻارڙو چوڻ حقارت آهي ته ٻارڙي چوڻ ڇا حقارت آهي؟ اهو وقت يا حالت تي ٻارڙو ڪنھن وڏي کي چوڻ ڪنھن حد تائين طنز ضرور آهي پر حقارت ناهي. ٻارڙو گهٽ ۾ گهٽ ٻار کي چوڻ ۾ حقارت ناهي.
هن ڳالهه مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته جنس جو تعلق اسم تصغير سان ناهي، پر ڪنھن به شيءِ کي ننڍڙو ڪرڻ يا ته شيءِ کي پيارو بنائڻ آهي يا عاجزي، انڪساري ۾ آڻڻ آهي.
حافظ حبيب سنڌيءَ جو چوڻ هو ته اسم تصغير لاءِ ڪڪرالي علائقي وارا ”ڙ“ جو استعمال ڪندا آهن. مثال يتيمڙو، جيتامڙو، غريبڙو، حرامڙو، پتڪولڙو، ڇورڙو وغيره (9)
هاڻي اسان اڳتي انهيءَ بحث کي ڏسون ٿا.
اسان اسم تصغير کي هيٺين طريقن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
- ڪابه شيءِ ننڍڙي ڪري پيش ڪرڻ
- ڪنھن به شيءِ کي پيار، نازڪ، سڪ، اڪير وارو بنائڻ
- ڪنھن به شيءِ جي ننڍي ۽ وڏي ۾ تفريق ڪرڻ.
- ڪنھن به شيءِ کي عاجزيءَ ۽ انڪساري سان پيش ڪرڻ
- ڪنھن به شيءِ ۾ هيڻائي يا ڪمزوري ڏيکاري ان جي انڪساري ڪرڻ
- عام طور اسم تصغير ”ڙو“ يا ”ڙِي“ سان ظاهر ڪيا ويندا آهي آهن.
مثال : ڪتابڙو، خطڙو، پٽڙو، ، پنڌ مان پنڌڙو. وغيره
- هن قسم ۾ اسم تصغير جو مطلب شيءِ کي پيار مان سڏڻو هوندو آهي. مثال خطڙو، چپڙن، لاڏلو، مٺڙو، چرٻٽ، کاٻڙ وغيره
- ڪي اهڙيون شيون آهن، جيڪي معروضي طور ننڍيون هونديون آهن، انھيءَ ڪري ته انهن جي مقابلي ۾ وڏيون شيون ساڳيءَ طرح جون موجود آهن، مثال ”ڪات“
۽ ”ڪاتي“ ٻنهي شين ۾ فرق صرف ننڍ وڏائي جو آهي. ڪات ۽ ڪاتي، ماڪوڙو ۽ ماڪوڙي، ڊيرو ۽ ڊيري، کٽ، کٽولي ، منجو مان منجي، وغيره هتي وڏي ۽ ننڍي شيءِ جي تفريق اسم تصغير سان ڪئي وڃي ٿي. - ڏٺو وڃي ته آخر ننڍڙي شيءِ جو پيار سان ڪھڙو تعلق آهي؟
- بنيادي طور تي اسم تصغير سنڌي ثقافت ۽ نفسيات ۾ صوفي مت جو اثر موجود آهي، صوفي ڪنھن به شيءِ يا ڪم کي عاجزيءَ ۽ انڪساريءَ ۾ آڻڻ لاءِ اسم تصغير جو استعمال ڪري، ان مان هيٺاهين ۽ عاجزيءَ جو مطلب ڪڍندو آهي، هيٺاهينءَ لاءِ زوراور شيءِ ،جبل، سمنڊ، ديو، بادشاهه، قاتل، سوداگر، ويڙهو، سپھه سالار نٿو ٿي سگهي، ڪمزور هئڻ جي علامت مرد جي به نٿي ٿي سگهي، بلڪ سنڌيءَ ۾ مردانگيءَ جو تصور زوراور آهي. تنھنڪري انهن شين کي اسم تصغير نٿو ٺاهي سگهجي. جيڪي شيون ڪمزور آهن. مثال طور: سنڌ ۾ وڏيراڻي سماج ۾ عورت مظلوم هئي، ڪمزور هئي. انهيءَ ڪري ڇوڪريءَ کي نياڻي چيو ويندو هو. نياڻي خالص سنڌي اصطلاح آهي، جنھن جو مطلب بي زبان، ڪمزور، جيڪا پروس رهي ٿي. اهو اصطلاح سنڌيءَ ۾ ساڳئي وقت نياڻيءَ کي آڌر ڏيڻ لاءِ به چيو ويندو هو ته سنڌي سماج جي رسمي بي وسي کي به ظاهر ڪندو هو. جنھن ۾ عورت پيار جي، پرورش، جي قرباني جي، وڇوڙي جي، مظلوميت جي علامت هئي. انڪري اسان جي صوفي شاعرن پنھنجي شاعريءَ ۾ پاڻ کي عورت جي روپ ۾ ظاهر ڪيو آهي.
”اديون ويا اُڪري، ڏيئي تنگن تاڻ“ (10) (گنج)
”اديون آتڻ واريون، نرڄا نڪ ٿيا“ (11) (گنج)
سچل به جيڏين سان مخاطب ٿئي ٿو.
”آهيان آئون اسرار جيڏيون مون کي ڪير ٿيون ڀانيو“(12) ص 61
شاهه جي شاعري ۾ اهڙا لفظ عام ملن ٿا، جن ۾ ويچاري، مئي، ڪٺيس، مٺيس، جيجل، جيڏيون، سرتيون، ماءُ، آيل، اگهي، ڏڏن، وغيره جھڙا لفظ عاجزي، انڪساري، مظلوميت جي عڪاسي ڪن ٿا. تنھنڪري ڀٽائيءَ جا اسم تصغير انڪساري ۽ عاجزي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيل محسوس ٿين ٿا.
ڪاتي تکي مَ ٿئي، مر منيائي هوءِ،
مـان ورمـن تـوءِ مـون پريان جا هٿڙا،(13) /8)2 ڪلياڻ) آڏواڻي
هاڻي هتي ڪاتي لفظ ۽ هٿڙا اسم تصغير آهن. ڀٽائيءَ ڪاتي يا هٿڙو لفظ استعمال ڪيو آهي،. جيڪو اسم تصغير آهي. شڪارپوري لھجي ۾ اسم تصغير گهڻو استعمال ٿيندو آهي. مثال ”ڀائيڙا هتڙي ويهه ني!“ هاڻي هتي ڀاءَ مان ڀائيڙا، هت مان هتڙي، وري ويهه مان ويهه ني. هتي مڪمل پيار ۽ پنھنجائپ لاءِ لفظن کي تصغيري روپ ڏنو ويو آهي. وري امر انڪساري جي شڪل ۾ ”ني“ جو سر لڳايو ويو آهي. امر جا ٽي قسم آهن.
ڊاڪٽر عبد المجيد ميمڻ سنڌي ءَ جو چوڻ هو ته لفظ ”ني“ جي ڪا جدا معنيٰ ناهي، اهو فعل کي زوردار ۽ چٽو بنائي ٿو. انھيءَ ۾ پيار ۽ پنھنجائپ جو مفھوم به سمايل آهي.“ ڊاڪٽر صاحب اڳتي چوي ٿو ته شڪارپوري لھجي ۾ اسم تصغير جو گهڻو استعمال ٿيندو آهي، تصغير جي اچار تي زور ڏيئي انهيءَ کي سھڻيءَ ڍار سان ڊگهو ڪندا آهن. انھيءَ ڪري گفتگوءَ ۾ ميٺاج پيدا ٿئي ٿو.“ (14) ص 80
مثال ويهه، وڃ، امر يا حڪم جو عام قسم آهي. پر جڏهن ڪنھن کي عزت ڏيڻي آهي، ته ويھجو، وڃجو، پر امر نيازيءَ جا ٻه قسم آهن، وڃج، ويھج، اچجو، صفا پيار مان فعل امر استعمال جو طريقو اهو سر ”ني“ آهي، شاهه لطيف وري امر نيازيءَ جي وچ ۾ وڌيڪ سر ملائي ٿو، مثال، ڪج مان ڪريج، اچ مان اچيج، چئيج، هن قسم جي امر کي نيازي چئجي يا وري امر پريم، بھرحال اهي به عاجزيءَ جو قسم آهن، جيڪو ساڳيو اسم تصغير سان ملي ٿو. سنڌيءَ ۾ صفت ۽ فعل مان به تصغير ٺاهيو ويندو آهي، مثال: سٺو مان سٺڙو، چڱو مان چيڱيرڙو، ڪارو مان ڪارڙو، مٺو مان مٺڙو، ٿيڻ مان ٿيڙو، ليئو مان ليئڙو، ويو مان ويئڙو وغيره
لالڻ ليئڙو پايون هليو ويو،(15) (سچل سرمست)
يا
”ڪيچان آيو قافلو ، ڀليرو ڀانيان“ (16) (شاهه)
انگريزي ۾ انھيءَ لفظ کي Diminutive” “ سڏبو آهي، جنھن لاءِ خود پيار وارو تصور موجود آهي،
“A Diminutive is a word obtained by modifying a root word to convey a slighter degree of its root meaning either to convey the smallness of the object or quality named or to convey a sense of intimacy or endearment”
انگريزي ۾ انهيءَ جا مثال هن ريت آهن.
Charles مان Charlie۽ chuck
Dear مان Darling
Cat مان kitten
Ring مان Ringlet
Fish مان fishy (17)
ساڳئي وقت سنسڪرت، عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ به اسم تصغير جو تصور موجود آهي، مثال، باغ مان باغيچه، بحر مان بحريه، زبيد مان زبيده عبد مان عبيد، ڪوءِ مان ڪوچه، اردوءَ ۾ به اسم تصغير جا مثال موجود آهن، مثال ڊول مان ڊولڪي، وغيره اهڙيءَ طرح سنڌي جي نرالي خصوصيت اها آهي ته تصغيري روپ ڳالهائڻ جي ٻين لفظن ۾ موجود آهن، جن جو تعلق صرف عاجزيءَ يا لاڏ ڪوڏ سان آهي. يقيناً اها خصوصيت سنڌي ٻوليءَ جي ٻين ٻولين کان نرالي آهي.
نتيجو:
سنڌي ٻولي هڪ فطرتي ۽ ثقافتي ٻولي آهي، جنھن جي ارتقا ۾ هڪ ته فطرتي بي حجابي، لاڏ ڪوڏ ۽ انڪساري موجود آهي، هڪ ٻيو اهم سبب اهو به آهي ته هن ٻوليءَ تي تمام گهڻو اثر صوفي فڪر جو آهي، صوفيءَ وٽ پھريون درس انڪساري، عاجزي ۽ پيار جو آهي، صوفي مت جي اثر تحت عام ماڻهن جي ٻولي طبقاتي اُوچ نيچ ۽ ذات پات جي وڇوٽين کان بچيل رهي آهي. جنھنڪري عاجزيءَ ۾ يا پيار جتائڻ ۾ ماڻهو لفظن جو تصغيري روپ گهڻو استعمال ڪن ٿا. اها خاصيت صرف اسم ۾ نه پر فعل، ظرف ۽ صفت ۾ به موجود آهي، ڏٺو وڃي ته راڻل، پنهل، سھڻل پياري يا لاڏلي هئڻ جي. هڪ علامت آهي، انهن علامتن ٻوليءَ ۾ پنھنجي ثقافتي حيثيت ٺاهي ورتي آهي، اڄ به لاڏن ۾ شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ راڻل، پنهل اسم عام استعمال ٿيندو آهن، هن مقالي مان اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ تصغيري روپن کي گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي، جنھن جو سبب به پيار، انڪساري ۽ لاڏ ڪوڏ آهي، ان کان علاوه صوفي پاڻ کي نيستي ۾ ڳالهائڻ لاءِ حڪم وارا لفظ استعمال نٿو ڪري. جيئن ڪريج، چوئيج، ويھيج، ويڙو وغيره.
حوالا
- ارنيسٽ ٽرمپ ڊاڪٽر، مترجم امجد سراج ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي سنڌ، ڇاپو ٻيو 2017ع. ص 83.
- ابڙو آفتاب، جديد سنڌي گرامر جي ضرورت، سنڌي ٻولي (تحقيقي جنرل) سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو شمارو پھريون جون 2020ع
- آڏواڻي ڀيرو مل، وڏو سنڌي وياڪرڻ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو،ڇاپو 1983ع ص234.
- شيخ ٻانهون خان، مرتب ’شاهه جو رسالو‘، جلد ..... شاهه عبد اللطيف ڀٽائي چيئر 2001ع ص.
- بيگ مرزا علي قلي، مرتب ”رسالو ميان سچل فقير جو“ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2008ع ص
- ساڳيو ص
- هدايت پريم ڊاڪٽر ، اترادي ٻولي، سنڌي ٻولي جو با اختيار ادارو، حيدرآباد سنڌ، 1995ع 46.
- شيخ واحد بخش ، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1986ع ص 67.
- سنڌي حافظ حبيب، ماڃر، ڪڪرالي ۽ کاري جي ٻولي، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو حيدرآباد ، سنڌ 1994ع ص 89
- گنج ، (الف ب وار ترتيب سان) شوڪت چاچڙ/صفدر مرزا، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، 2012ع ص 60
- ساڳيو ص 61
- مرزا علي قلي بيگ، مرتب ”رسالو ميان سچل فقير جو“ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2008ع ص 61
- آڏواڻي ڪلياڻ ، رسالو شاهه عبد الطيف ڀٽائي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي،نئون ڇاپو، 2004ع .ص 46.
- ڊاڪٽر عبد المجيد ميمڻ، شڪارپور جي ٻولي، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، 1992ع ص 80.
- مرزا علي قلي بيگ، مرتب ”رسالو ميان سچل فقير جو“ ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2008ع
- شيخ ٻانهون خان، مرتب ’شاهه جو رسالو‘،جلد ٻيو، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي چيئر 2001ع ص.129
- https://www.google.com/search?q=diminutive+example&sca_esv=7ffbc6d94dac2745&source=hp&ei=m- date 05-05-2025 time 9.00 p