سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ جماليات
(The Tradition Of Aesthetics In Sindhi Basic Poetry)
سعيد سميجو
Abstract
The tradition of aesthetics in Sindhi poetry has been primarily transmitted through folk poets. This folk poetry forms the heritage of Sindh, encompassing our past, present, aesthetics, sensibilities, and thought processes — critical elements in the development of our civilization. This research paper examines the foundations of Sindhi classical poetry by exploring its primary source and inspiration: folk poetry. It argues that folk poetry serves as the basis for aesthetic poetry. A notable example of this can be found in the 'Seengaar' genre within the Sindhi folk poetry tradition. The 'Seengaar' genre introduces themes of beauty, delicacy, purity, and refinement, often associated with the beauty of the beloved. In this paper, I demonstrate that classical Sindhi poetry has evolved from these aesthetic qualities contained in folk poetry. While the authentic era of classical poetry in Sindhi begins with the Samma dynasty, its roots can be traced back to the Soomra period. This research documents how aesthetics in classical poetry have developed over these time periods. In this paper, I highlight the contributions of pioneers in classical Sindhi poetry, including Qazi Qadan, Makhdom Nooh Shah, Abdul Karim Bulriwaro, Shah Lutafullah Qadri, Meyoon Shah Inayat Rizvi, and Shah Abdul Latif Bhittai, and how they introduced significant concepts of aesthetics.
Keywords: Sindhi classical poetry, folk poetry, aesthetics, Samma and Soomra period, pioneers
سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات جي روايت اسان کي لوڪ شاعرن وٽان ملي ٿي. لوڪ شاعري ئي اسان جو واحد اثاثو آهي، جنھن ۾ اسان جي تھذيب ۽ تمدن جو ماضي ۽ حال فڪري، احساساتي ۽ جمالياتي پھلوئن سميت سمايل نظر اچي ٿو. لوڪ شاعريءَ ئي بنيادي طور تي جمالياتي شاعريءَ جي پيڙهه رکي. ان جو هڪ مثال لوڪ شاعريءَ جي صنف ”سينگار“ آهي. جيڪا لوڪ ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. لوڪ شاعريءَ جي ان صنف ۾ محبوب جي حسن، جمال، قدامت، نزاڪت، نفاست ۽ ان جي باڪماليت جي صرف تعريف ڪيل هوندي آهي.
اهو ته ٿيو لوڪ شاعريءَ ۾ جماليات جو تصور، پر جڏهن اسين پنھنجي اَساسي شاعريءَ جي سڄي دور تي نظر وجهون ٿا ته خبر پئي ٿي ته ان جي سڄي روايت پڻ لوڪ شاعريءَ جي ئي جمالياتي خصوصيتن مان ڦٽي نڪتي آهي.
اَساسي شاعريءَ جو هونئن ته صحيح معنيٰ ۾ دور سمن جي دور کي چئجي، پر سومرن جي دورن ۾ پڻ اَساسي شاعريءَ جا ڪي انگَ موجود آهن. ان سڄي دور ۾ جماليات جو رنگ ڪيئن اساسي شاعريءَ ۾ موجود رهيو ان جو سڄو احوال هن مقالي ۾ موجود آهي.
هن مقالي ۾ سنڌي اَساسي شاعريءَ جي شروعات ڪندڙ قاضي قادن، مخدوم نوح، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات رضوي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي جمالياتي رنگ کي پيش ڪيو ويو آهي.
جماليات ۽ شاعري:
جماليات، شاعريءَ ۾ هڪ عالمگير موضوع آهي، جيڪو فلسفي جي شاخ جي نموني طور يورپ ۾ سامهون آيو. جيتوڻڪ جماليات رڳو شاعريءَ ۾ نه ٿي ملي. بلڪه اها ڪائنات جي سڀني رنگن ۾ موجود رهي آهي. پر جماليات جو شاعريءَ سان جيڪو جوڙ آهي، سو بيحد نرالو ۽ منفرد آهي. اهو ئي سبب آهي، جو جڳ مشھور فلسفي ارسطو فن جي جماليات ۾ ’شاعريءَ جي جماليات‘ کي ڪافي مٿانهون سمجهي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعر ان ۾ ڪا به نقالي نه ٿو ڪري، بلڪه هڪ اهڙي شئي تخليق ڪري ٿو جيڪا ’ممڪن‘
ٿي سگهي. ان بابت اڪبر لغاري لکي ٿو: ”فن ۾ ’شاعري‘ کي ارسطو ڪافي مٿانھون درجو ڏي ٿو، جنھن ۾ شاعر، صرف نقالي نه ٿو ڪري پر هڪ اهڙي شيءِ به تخليق ڪري ٿو جيڪا ”ممڪن“ ٿي سگهي ٿي.“ (1)
جمالياتي شاعري ادب جو حسين ترين اظھار آهي. جنھن ۾ شاعري ۽ سونھن جو تعلق قريبي ۽ ويجهڙو رهيو آهي. شاعريءَ ۾ جماليات جي احساس کي شاعريءَ مان الڳ ڪري نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته ”حُسن“ شاعريءَ جي هڪ صفت آهي. جمالياتي شاعري پنھنجي لفظي وجود ۾ انسان کي نه صرف پنھنجي وجداني ڪيفيتن کان واقف ڪرائي ٿي، بلڪه اها زندگيءَ جي حُسن ۽ حقيقت کان روشناس ڪرائي، اڻ ڏٺن رنگن سان به ملرائي ٿي. جمالياتي شاعري زندگيءَ کي ائين بيان نه ٿي ڪري، جيئن اها آهي. پر ان ۾ زندگيءَ جي سڀني رنگن ۽ حسناڪين کي کڻي اچي ٿي. جيڪا حواسن ۾ رچي، اندر معطر ڪري، روح کي راحت بخشي. ان باري ۾ لڇمڻ ڪومل پنھنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو: ”جمالياتي شاعريءَ جي مفھومن جا ٻه مختلف روپ ۽ رنگ آهن: هڪ سڌو ۽ واضح مفھوم، جيڪو جماليات حِس ۽ حواسن ۾ رچجي، انهن کي متاثر ۽ معطر ڪري ٿو، جيڪو شاعريءَ جي روح سان راس رچائيندڙ عمل دخل آهي.“ (2)
شاعريءَ جو جماليات سان تعلق حِس ۽ حواسن سان ئي نه بلڪه اهو انسان جي شعور سان به اوترو ئي جڙيل نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته شاعري زندگيءَ جون نه صرف نيون معنائون، نوان رُخ ۽ نوان پاسا ڏيکاري ٿي، بلڪه زندگي جي مقصد ۽ خوبصورتين جو به شعور عطا ڪري ٿي. جنھن ۾ تخليق ۽ تخيل جو هڪ نئون جهانَ نظر اچي ٿو. انهيءَ ڪري شاعري ۽ سونهن جو تعلق ازلي نظر اچي ٿو، جنھن ۾ ڪا نه ڪا زندگيءَ جي حُسناڪي چِٽي وڃي ٿي. ان باري ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو: “شاعري ۽ سونھن جو سُٻنڌ ايترو قريبي آهي، جو انهن ٻنهي کي هڪٻئي کان جدا ڪري سمجهي نه ٿو سگهجي.“ (3)
اهو خيال صرف ڊاڪٽر فياض جو ئي نه آهي، بلڪه فرانس جي هڪ شاعر ۽ نقاد ”روجي ڪائيوا“ جو به آهي. ڊاڪٽر فياض پنھنجي ان پي ايڇ ڊي مقالي ۾ اڳتي ان جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”فرانس جي شاعر ۽ نقاد روجي ڪائيوا جي لفظن ۾، ”حُسن، شاعريءَ جي هڪ صفت ئي نه آهي، پر شاعري ۽ حُسن هڪ ٻئي جا هم ذات ۽ هم زاد آهن.“ (4)
شاعريءَ اندر جيئن ٻيا موضوع ۽ شيون ساهُه کڻندي نظر اينديون آهن، ساڳيءَ ريت ’حُسن‘ شاعريءَ ۾ ڀرپور ساهُه کڻندي نظر ايندو آهي. تنھنڪري ئي اها شاعري جي صفت شمار ڪيو ويو. ۽ ان کي هڪ ٻئي جي هم ذات هجڻ جو به شرف مليو. ائين ڪونهي ته شاعريءَ ڪا خود جمال جي زَد ۾ نه ٿي اچي، شاعريءَ جو تخليق ٿيڻ ئي خود ۾ هڪ جمال آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن شاعر ان ۾ پنھنجي لفظن سان ان جي سينگار ۽ سنوار کي ٺاهي ٺوهي پيش ڪري ٿو. ته ان ۾ شاعر جو جمالياتي حُسن ڇُلڪندي نظر ايندو آهي. ۽ پوءِ اها شاعري هڪڙو مڪمل حُسن جو گهراڻو محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. ان باري ۾ ڊاڪٽر شير مھراڻي لکي ٿو: ”هونئن ته شاعري جو تخليق ٿيڻ ئي هڪ جمالياتي سرگرمي آهي، پر جڏهن شاعري ۾ فني جمال ڀرجي ٿو ته اها ڄڻ سونهن جي سورنھن سينگارن جي مصداق ٿيو پوي. ۽ شاعر پنھنجي تخيل، ترنم، فن ۽ لفظن جي حسين جوڙجڪ ۽ موسيقي سان حسن و جمال جا واهر وهائي ٿو.“ (5)
جماليات ۽ شاعري ٻئي هڪٻئي جا نه صرف هم ذات آهن بلڪه اهي هڪ ٻئي جي ضرورت آهن. ڇاڪاڻ ته شاعريءَ جي هر سِٽ ۾ ڪٿي موضوعاتي جمال، ته ڪٿي فني جمال، ڪٿي وجداني جمال، ڪٿي فطرت جو جمال، ڪٿي جسم جو جمال، ته ڪٿي وري درد جو جمال پڙهڻ لاءِ ملي ٿو.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جماليات جي روايت:
سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات جي روايت اسان کي لوڪ شاعرن وٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. لوڪ شاعري ئي اسان جو واحد اهو اثاثو آهي، جنھن ۾ اسان جي تھذيب ۽ تمدن جو ماضي ۽ حال فڪري، احساساتي ۽ جمالياتي پھلوئن سميت سمايل نظر اچي ٿو. لوڪ شاعريءَ بنيادي طور تي جمالياتي شاعريءَ جي پيڙهه رکي. ان جو هڪ مثال لوڪ شاعريءَ جي صنف ”سينگار“ آهي. جيڪا لوڪ ادب ۾ وڏي اهميت رکي ٿي. لوڪ شاعريءَ جي ان صنف ۾ محبوب جي حسن، جمال، قدامت، نزاڪت، نفاست ۽ ان جي باڪماليت جي صرف تعريف ڪيل هوندي آهي. ان صنف ۾ محبوب جو سڄو نقش و نگار ۽ ان جي جسماني جماليات بابت گهڻو ڪجهه پڙهڻ جي لاءِ ملي ٿو. ان باري ۾ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو: ”لوڪ شاعريءَ جي صنفن ۾ سينگار جي صنف وڏي اهيمت رکي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ محبوب جي حسن ۽ جمال، خد و خال، باڪمال ۽ بي مثال جو بيان نازڪ ۽ نفيس نموني ڪيل هوندو آهي، اهڙا سھائيندڙ ۽ سيبائيندڙ لفظ، تشبيھون ۽ استعارا ڪم آيل هوندا آهن، جو محبوب جو سارو نقشو، نَهن کان چوٽي تائين عين بين اچيو اڳيان بيھندو آهي.“ (6)
لوڪ شاعريءَ ۾ نه صرف جسماني بلڪ ان ۾ فطرت جي جماليات کان ويندي، جماليات جي سڀني قسمن جي جهلڪ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر هتي اسان جو موضوع لوڪ شاعري ۾ جماليات جي ڳولا بابت نه آهي، بلڪه سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جماليات آهي. تنھن ڪري اسان هت صرف لوڪ شاعريءَ ۾ جماليات جو تعارفي حصو ڏنو آهي. جڏهن اسين ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان جو مطلب آهي، ته اسين هڪ روايت جي ڳالهه ڪريون ٿا.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعري ميين شاهه عنات تائين ايندي ايندي، جيڪي به فڪري ۽ فني منزلون طئي ڪيون، تنھن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح رحه هالائي،
شاهه ڪريم ۽ شاهه لطف الله قادري کي هڪ خاص حيثيت حاصل آهي. انهن سڀني برزگن جي تخليقي ڪوششن رنگ لاتو ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو هڪ الڳ معيار پڻ سامھون آيو. ميين شاهه عنات رضويءَ کان اڳ سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي سرواڻن ۾ قاضي قادن، مخدوم نوح رحه هالائي، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو ۽ شاهه لطف الله قادريءَ جھڙا معتبر ڪلاسيڪل شاعر نظر اچن ٿا. جن وٽ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جماليات جي روايت خاص طور تي ملي ٿي. انهن بزرگن جي ڪلام جي اثر ڪري ئي ميين شاهه عنات جي ڪلام ۾ به جماليات جو اهو ڀرپور چسُ نظر اچي ٿو، جيڪو ميين عنات کان اڳ جي شاعرن ڇٽيو هيو.
سنڌي ڪلاسيڪل شاعرن پنھنجي بيتن ۾ جيڪي موضوع آندا، ۽ انهن کي صوفياڻي رنگت ڏيئي انهن جي حسن ۽ جمال کي نکاري پيش ڪيو. ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ان باري ۾ ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو: ”ڪلاسيڪي سنڌي شاعريءَ ۾، زندگيءَ جي اعليٰ آدرشي قدرن جي اُپٽار، صوفياڻي رمزيت ۽ تمثيلي ندرت جي جمال سان گڏوگڏ آفاقي ۽ وجداني احساسن جي اظھار جو اهڙو رنگ ملي ٿو، جيڪو فڪري توڙي فني حوالي سان تمام گهڻو موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي ۽ ان مان هڪ ئي وقت فطرتي، فڪري، فني، جسماني، افادي، وحداني ۽ وجداني سونهن جهلڪندي محسوس ٿئي ٿي.“ (7)
سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جن شاعرن ميين عنات کان اڳ پيڙهه رکي، فني توڙي فڪري ميدان ۾ تمام گهڻي وُسعت پيدا ڪري، ميين عنات لاءِ هڪ آسان راهه هموار ڪئي. ۽ ان سڄي روايت ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ جيڪا جماليات آهي، يا جيڪا نظر اچي ٿي، ان جو ڪٿي نه ڪٿي ميين شاهه عنات تي به گھرو اثر پيو آهي. ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ لاءِ اسين ميين شاهه عنات رضويءَ کان اڳ وارن چند ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام ۾ جماليات جو اڀياس ڪري نتيجا اخذ ڪنداسين. ان ڏس ۾ سنڌي ڪلاسيڪل جو پھريون سرواڻ شاعر قاضي قادن آهي.
قاضي قادن (1465 – 1551ع)
قاضي قادن سمن جي دؤر جو اهم جو شاعر ٿي گذريو آهي. قاضي قادن جي والد جو نالو ابو سعيد هو. قاضي قادن جا وڏا بکر کان هجرت ڪري سيوهڻ ۾ اچي آباد ٿيا. قاضي قادن قرآن، حديث ۽ فقهه ۾ مڃيل عالم هو، جنھن ئي ڪري ڄام نظام الدين جي زماني ۾ کيس قاضي مقرر ڪيو ويو هو. سڀ کان اول قاضي قادن جا ست بيت
”بيان العارفين“ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي مفلوظات ۾ آيا. جيڪي شاهه ڪريم پنھنجي گفتگوءَ دوران چيا هئا، ۽ پوءِ اهي بعد ۾ ”بيان العارفين“ جي زينت بڻيا.
قاضي قادن جي بيتن جو وڏو ذخيرو هيري ٺڪر (انڊيا جي ليکڪ) کي انڊيا جي شھر هرياڻا مان هٿ آيو، جنھن کي هن سنواري “قاضي قادن جو ڪلام“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. قاضي قادن کي سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي سرواڻ طور مڃيو ويو آهي. بلڪه سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو ابو پڻ ڪوٺيو ويو آهي. ان باري ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”قاضي قادن سنڌي ٻوليءَ جو پھريون وڏو شاعر آهي. هو اَساسي سنڌي شاعري جو ابو هو.“ (8)
قاضي قادن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو سرواڻ هو، جنھن پنھنجي بيتن ۾ توحيد، وحدت، اعليٰ اخلاق، نصيحتن ۽ تصوف جو درس ڏنو آهي ۽ ڪيترن ئي نون موضوعن کي پنھنجي بيتن ذريعي عام ڪيو. قاضي قادن جي شاعري تصوف جي اپٽار سان ڀريل آهي. مگر نه صرف ايترو قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ اسان کي فطرت نگاري ۽ جماليات وغيره جهڙا عنصر پڻ ملن ٿا.
قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ هر قسم جي جماليات موجود آهي، جنھن ۾ فطرت جي جماليات، فني جماليات، درد جي جماليات، وجداني جماليات ۽ جسماني جماليات وغيره شامل آهن. اهڙيءَ ريت قاضي قادن وجداني جماليات کي پنھنجي بيت ذريعي ڪيڏو نه حسين نموني سان اظھاريو آهي:
جان پاڻان جو پَڌِرو، ٻُڌو آءُ سَڏُ،
مون هينڙو تان ئي ڪِيو، سُپِرِيان سؤن گَڏ. (9)
پنھنجو پاڻ کي سڃاڻڻ، پنھنجو آواز ٻڌڻ، اندر جي ڳالهه يا اندر جو سَڏُ ٻڌي پنھنجي حقيقي محبوب سان جوڙي ڇڏڻ جي ڳالهه اسان جي داخلي ڪيفيت آهي. جيڪا وجدان جي روپ ۾ ظاهر ٿيو پوي. اهڙيءَ طرح قاضي قادن جي شاعريءَ ۾ اسان کي فطرت جي جماليات به ملي ٿي:
سَرَ هيڪِڙي وَسَنِ، جَرَ ۾ نِينهُن نهَ گَڏِيو،
سارَ نه سالُورَنِ، مَٿي ڪَنوَلُ ڦَلاريو.(10)
ڪيڏو نه حسين نموني هڪ تلاءَ جو منظر چٽيو ويو آهي، اها ڪھڙي نه عجيب حالت بيان ڪئي ويئي آهي، ته ڪنولَ جو گل مٿي ٽِڙيو آهي ۽ به ڏيڏر ساڳي ئي تلاءَ ۾ رهي ٿو پر، ان کي اِها سُڌ ئي نه آهي ته، ڪنوَل ڇا ٿيندو آهي؟ يا ان جي سونھن ڇا آهي؟ پاڻ ۾ انهن جو پيار نه ٿي سگهيو ڪڏهين. قاضي قادن هڪ ٻئي بيت ۾ فطرت جي جماليات جي ساڳي ئي منظر بابت چئي ٿو:
جي سالُورو سُڌِ لھي، ڪنوَلان سَندِي ڪاءِ،
تو پيو پاتالَ ۾، هوُندَ نَه مِٽي کاءِ.(11)
اهو ڪيئن ممڪن آهي، ته ڪنول جا گل تلاءَ ۾ ڦولاريل آهن، ۽ ڏيڏر هيٺ پاتال ۾ ويھي مٽي کائي رهيا آهن. کين اها ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪنول ڇا آهي. قاضي قادن نه صرف فطرتي جماليات کي حسين نموني هنن بيتن ۾ چِٽيو آهي، بلڪه فطرت جي جمال جو به ذڪر سھڻي نموني چٽيو آهي. اهڙيءَ ريت قاضي قادن وٽ نه صرف فطرت جي جماليات ۽ وجداني جماليات جو ذڪر ملي ٿو، بلڪھ ان وٽ دردَ جو جمال به موجود آهي:
لَڳي وَڃان پيرِ، دانهان ڪَندي ڏونگَرِ،
سو ئي سَڄَڻُ ميڙِ، جِنِھيِن هَئوُن ڏُکِڻي. (12)
قاضي قادن جو هيءُ بيت ڄڻ سسئيءَ جي لاءِ ئي چيل آهي. جنھن ۾ هن جبلن تي پيرين اگهاڙي پنڌ ڪيو، ۽ پنهل جي فراڪ ۾ دانهون ڪندي پئي ويئي ته، ساڻس ڪا ملاقات ڪري سگهي، جنھن جي ڏک ۾ هو ڏکويل ۽ اندرا ٽُٽل آهي. قاضي قادن سسئيءَ جي درد جي جماليات پنھنجي بيت ۾ حسين انداز ۾ ڪئي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته، قاضي قادن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو ابو آهي. جنھن سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي پيڙهه رکي، پوئنرن کي بنيادي سانچو مھيا ڪيو. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته قاضي قادن جي شاعريءَ جو اثر پنھنجي همعصرن ۽ سندس بعد وارن شاعرن تي نه پيو هجي.
مخدوم نوح (1505 – 1590ع)
مخدوم نوح، هالا ڪنڊيءَ جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آهي. مخدوم نوح جو اصل نالو لطف الله هو. ۽ سندس والد جو نالو نعمت الله هو. پاڻ حضرت ابو بڪر جي اولاد مان هئا. سندن وڏا به شاعريءَ جي رنگ ۾ رڱيل هئا. هي بزرگ شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو استاد ۽ رهنما هو. هي بزرگ قرآن ۽ حديث جو وڏو ڄاڻو هو. ۽ هن پھريون دفعو قرآن شريف جو ترجمو فارسي ۾ ڪيو. مخدوم نوح پڻ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي روايت کي قائم رکندي لکيو. پر افسوس جو سندس ڪلام منجهان چند ئي بيت ملي سگهيا آهن. جيتوڻڪ ان تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي. تنھن هوندي به سندس جيڪي بيت مليا آهن انهن ۾ فطرت جي جماليات ۽ درد جي جماليات نظر اچي ٿي.
ماڪ نه ڀانيو ماڙها، پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.(13)
هن شعر ۾ هڪ ئي وقت فطرت جو جمال به نظر اچي ٿو ته، درد جو جمال به ڏسڻ لاءِ ملي ٿو. پرڀات جيڪا پيئي آهي، سا هرگز ماڪَ ناهي، اُها ته اوهان جي ڏکن کي ڏسي روئي رهي آهي. رات جي پرڀات کي روئڻ سان ڪيڏو نه سھڻي نموني چٽيو ويو آهي. ڪو شڪ نه آهي ته مخدوم نوح پڻ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو مھمار هيو.
شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1537 – 1622ع)
سنڌي اَساسي شاعريءَ ۾ قاضي قادن کان پوءِ جنھن شاعر جو وڌيڪ ڪلام ملي سگهيو، اهو شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (جيڪو شاهه عبدالطيف جو تڙ ڏاڏو) آهي. شاهه عبدالڪريم جا وڏا هرات جا رهاڪو هئا. سندس والد جو نالو لعل محمد هو. شاهه عبدالڪريم کي سنڌيءَ جو ”وِهائو تارو“ به ڪوٺيو ويو آهي. شاهه عبدالڪريم جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي لوڪ داستانن سھڻي ميھار، ليلا چنيسر، عمر مارئي، ۽ سسئي پنهون جو ذڪر ملي ٿو. هن بزرگ شاعر جا ڪُل 92 بيت ملي سگهيا آهن. جيڪي وحدت الوجود ۽ تصوف جي نظريي سان ٽمٽار آهن. شاهه ڪريم جي ڪلام ۾ وجداني جماليات، فطرت جي جماليات، درد جي جماليات، فني جماليات ۽ محبوب جي سِڪ جي جماليات به پڻ شامل آهن. شاهه عبدالڪريم وحدت الوجود جو شاعر سڏيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو شاهه ڪريم وجداني جماليات جو شاعر به آهي. هو هڪ بيت ۾ هيئن لکي ٿو:
پيريِن پاڻ وڃاءِ، پاڻ وڃائي هوءُ لھه،
تُھان ڌارَ نه سُپرين، مھه منَجهيِين پاءِ.(14)
هن شعر ۾ نه صرف وجداني جماليات پر سڪ جي جماليات به موجود آهي، شاهه ڪريم چوي ٿو ته اوهان تيسين حاصل ڪري نه ٿا سگهو پرينءَ کي، جيسين اوهين پنھنجو پاڻ وڃائي نه ويھو. يعني طلبگار کي گهرجي ته هو پنھنجو اندر وڃائي، ۽ ان پرينءَ کي حاصل ڪري، جنھن جي کيس ايڏي سڪ آهي. اهڙيءَ طرح شاهه ڪريم وٽ سنڌ جي ماروئڙن جو درد نظر اچي ٿو:
پاڻيءَ اُتي جهوپَڙا، مورکَ اُڃَ مرن،
دانهون ڪنِ مُٺَنِ جئن، دَمُ ته سڃاڻن.(15)
درد جي جماليات ۾ جيڪا حُسناڪي مٿيين شعر ۾ نظر اچي ٿي، سا واقعي ئي ڪمال جي چٽيل آهي. جهڳا پاڻيءَ مٿي هوندي به ماروئڙا اُڃارا مري رهيا آهن. ساڳيو ئي حال موجوده صورتحال جو به آهي. دانھن جو دَرمان به نه ٿيو. اهڙيءَ ريت قاضي قادن تصوف جي رمز فطرت جي جماليات ۾ ويڙهي پيش ڪئي آهي:
هنج تتھين هوءِ، اُوني ۾ اوڙاهه جو،
اِيُ ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇَاڇَرِ ۾ ڇيرون ڪري.(16)
پکين جا به مختلف قسم ۽ خوبيون هونديون آهن. شاهه ڪريم انهن خوبيون کان بخوبي ئي واقف آهي. هو ڪانيري جي قوت جو به ڄاڻو آهي ته، هو هنج جي شڪاري هجڻ جو به دعويدار آهي. هنج جيڪو گهري پاڻيءَ منجهه غوتو هڻي اونھائي مان ڪڍي وٺي ٿو، سو ڪانيرو نه ٿو ڪري سگهي. شاهه عبدالڪريم ان تخيل کي تصوف سان ڳنڍي ٻڌائي ٿو ته جي هنج هوندي ته الله وارو، ۽ جي ڪانيرو آهين ته تون دنيا جو طالب ٿيندين. اهڙيءَ ريت هڪ ٻيو فطرت جي جماليات بابت بيت ڏسو:
پاڻياري سِرِ ٻَھَڙو، جر تي پکي جئن،
اسان سڄَڻُ تِئن، رهيو آهي روح ۾.(17)
هن بيت ۾ شاهه ڪريم پاڻياري (پاڻي ڀريندڙ عورت) جي مٿي تي رکيل ٻن دِلن (سِر ٻھڙو) ۽ پاڻيءَ ۾ موجود پکيءَ جي تشبيھه ڏيندي ٻڌايو آهي ته اسان کي به سڄڻ ائين روح ۾ سمايل رهيو آهي ۽ اسان وچ ۾ ڪابه وٿي نه آهي. ڪلاسيڪل شاعريءَ جي تسلسل ۾ شاهه ڪريم کان پوءِ جي شاعر شاهه لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ ۾ تصوف، وجدان ۽ وحدت الوجود جي اُپٽار جو نظريو ملي ٿو.
شاهه لطف الله قادري (1611 – 1679ع)
شاهه عبدالڪريم کان پوءِ ساڳئي دور جو ٻيو شاعر ”شاهه لطف الله قادري“ آهي.
هي پنھنجي دور جو وڏو شاعر ۽ عالم هو. جنھن تصوف تي فارسي ٻوليءَ ۾ ڪتاب
”تحفته السالڪين“ ۽ “منھاج المعروف“ لکيا. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ توحيد، تصوف ۽ سلوڪ جي پرچار ڪئي ويئي آهي. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ سنڌي بيت به ملن ٿا ۽ سنڌي بيتن جو الڳ سان رسالو به ملي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاهه لطف الله قادريءَ جا 256 بيت هٿ ڪري، سندس رسالو ترتيب ڏنو آهي. شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام عوامي نه آهي. ان باري ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو: “شاهه لطف الله قادري جي ڪلام ۾ مسئلي جي اُپٽار نهايت دقيق انداز سان ملي ٿي. هن جي سمجهاڻي ايتري عام فھم نه آهي.“ (18)
شاهه لطف الله قادريءَ جو شعر ڳوڙهو ۽ فلسفي سان ڀرپور آهي. سندس ڪلام عوامي نه هجڻ ڪري به اونهو محسوس ٿئي ٿو. تنھن هوندي به سندس ڪلام ۾ وجداني جماليات، فني جماليات، جسماني جماليات، فڪري جماليات، سڪ جي جماليات ۽ فطري جماليات جي جهلڪ موجود آهي. جيئن فڪري جماليات بابت هي شعر ڏسو:
پاڻهين آهي پاتشاهه، سَڀُ پاڻهين پاڻ،
پرين پاڻهين پاڻَ سين، پاڻهين پاڻ رِهاڻ،
پاڻهين ورُونهي وِندُري، پاڻهين پاڻ ساڻ،
سورهه سا رِهَاڻِ، ڳالهه مِڙوئي هيڪڙي.(19)
تصوف جي اهڙي فڪري جي جماليات جي اها روايت رڳو شاهه لطيف الله قادريءَ وٽ نه هئي، بلڪه اها ان جي اڳ وارن شاعرن قاضي قادن ۽ شاهه عبدالڪريم جھڙن اعليٰ پايي جي شاعرن وٽان اُسري ۽پوءِ نکرندي آئي. اهڙو ڳوڙهو فڪر جنھن ۾ هر شئي پاڻ آهي. اهو فڪر وحدت الوجود جو فڪر آهي. اها شاهه لطف الله قادريءَ جي فڪري جماليات آهي. جنھن ۾ هُن وحدالوجود جي حُسناڪي بيان ڪئي آهي. نه صرف ايترو پر شاهه لطف الله وٽ انساني جمال ۽ جسماني جماليات جو پڻ ذڪر ملي ٿو:
سائي صورت سيرت سَڄڻين، سوئي حُسن ڪَمالَ،
سائي ذات ظَرافَتَ پري جي، سو ئي سو جَمال. (20)
اهو انساني جمال آهي، جنھن ۾ سڄڻَ جا سڀيئي اوصاف بيان ڪيا وڃن. ڪلاسيڪل شاعريءَ جي خاص روايت منجهان اها به هڪڙي روايت ئي چئجي، جنھن ۾ محبوب جي جمال، ان جي حُسن ۽ ان جي صورت جي ڀيٽ ڪري ان جي جمال کي ڪمال درجو ڏجي.
ميون شاهه عنات رضوي (1620/25 – 1733)
شاهه لطف الله قادريءَ کان پوءِ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي تسلسل کي برقرار رکڻ وارو ٻيو وڏو شاعر ’ميون شاهه عنات رضوي‘ آهي. هي پھريون اهو شاعر هو، جنھن جو مڪمل رسالو مليو، ۽ جنھن وٽان وائيءَ جي صنف به ملي. سندس اڳ وارن شاعرن وٽ سلسيلوار سُرن جي ڪا به ترتيب موجود نه آهي. سندس وڏا بکر مان هئا. سندس والد جو نالو سيد نصير الدين هو. ميين شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ نه صرف تصوف بلڪه ٻيا به ڪيئي موضوع پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جن ۾ جماليات سان گڏ فطرت جهڙن عنصرن جو به جُز موجود آهي. شاهه عنات رضويءَ جي شاعريءَ ۾ اسان کي فطرت جا انيڪ نظارا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. جيئن:
بادلَ! وَسئو وَسُ، تو وُٺي وَسَ ٿئي،
اُڃئا جي ’عِناتُ‘ چئي، راتِ تني کي رَسُ،
وَڇ نه سِڪي گاهه کي، رَڇَ نه لڳي ڪَسُ. (21)
هر شاعر وٽ فطرت جا سڀ رنگ موجود هوندا، هو چاهي ته ڪنھن به هڪ رنگ تي شاعريءَ جو ميدان سجائي سگهي ٿو، يا پوءِ ڪنھن هڪ صنف تي پيو لکندو رهي. ان جي باوجود سڀني شاعرن وٽ فطرت جي رنگن منجهان بارش رارو رنگ ضرور نظر ايندو آهي. جيڪو مٿي ميين شاهه عنات رضويءَ وٽ به موجود آهي. مٿين بيت ۾ ميين شاهه عنات ڪيڏي نه حسين نموني سان بادِلن جي وسڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جن جي وسڻ سان نه صرف انسان بلڪه جانورن لاءِ به خوب چارو مھيا ٿيو پوي. اهو فطرت کي هڪڙو عرض محسوس ڪجي ٿو. جنھن ۾ شاعر بادِلن سان ڳالهيون ڪن ٿا. ميين شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ فطرت جي نظارن ۽ مظھرن جي اهڙي عڪاسي ملي ٿي. جو لڳي ٿو ته ڪنھن مصور پنھنجي سڄي مھارت سان اها شئي ترتيب ڏني هجي. اهڙيءَ طرح فطرت جي هڪ ٻئي عنصر کي ميون شاهه عنات هيئن بيان ڪري ٿو:
چنڊ تنھنجي بات، مون کي آهن مَن ۾،
الله لڳ عنات چئي، تون اڇو منجهه رات،
تن جنھن جي تات، سي ڏسي تون ڏيکار مون. (22)
عام طور تي ڪلاسيڪل شاعرن وٽ چنڊ تشبيھه طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. جنھن جي پنھنجي حيثيت آهي. چنڊ فطرت جي حسن منجهان هڪڙو خاص عنصر آهي. جنھن جي حسن، سونهن ۽ ان جي سندرتا کي ورلي ئي ڪنھن شاعر پنھنجي محبوب سان نه ڀيٽيو هوندو. ميين شاهه عنات وٽ به ان چنڊ جي سونهن، ان جي روشنائي جي خاص اهميت آهي. جنھن کي هو پنھنجي محبوب جي ديدار جو ذريعو سمجهي ٿو.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي (1689 – 1752)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سنڌ جو آفاقي شاعر ٿي اُڀريو، 1689ع ۾ ڄائو ۽ سن 1752ع ۾ وفات ڪئي. شاهه عبدالطيف، شاهه عبدالڪريم جو تڙ پوٽو ۽ شاهه حبيب جو فرزند هو. کيس شاعري شاهه عبدالڪريم کان جھڙوڪر ورثي ۾ ملي هئي. شاهه عبداللطيف واحد اهو ڪلاسيڪل شاعر آهي جنھن پنھنجي همعصرن کان علاوه کائنس اڳ وارن شاعرن ۽ بعد وارن ۾ وڌيڪ پذيرائي ماڻي. سندس شعر ۾ فڪر جي گھرائي ۽ وسعت موجود آهي. شاهه عبدالطيف به ٻين ڪلاسيڪل شاعرن جي روايت کي برقرار رکندي تصوف جي رمز سان گڏ نوان موضوع پڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ شامل ڪيا. جن ۾ جماليات ۽ فطرت جي حسناڪي کان ويندي ماحوليات بابت به سندس شاعري ملي ٿي. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ هڪڙو مڪمل رنگين جھان نظر اچي ٿو. جيئن:
اڄُ پُڻ اُتَرَ پارَ ڏي، ڪَڪَرِيون ڪاريون،
وَسي ٿو وَڏڦُڙو، ٽهَڪَن ٿِيُون ٽاِيُون،
لَٿِيَن لُکَ لَطِيفُ چئي، ڍايُون تاسارِيُون،
ڀِڄَندي ڀَٽاريُون، وَري وَٿاڻين آئِيُون.(23)
شاهه وٽ ڪيئي رنگ آهن، لاک جي ڳاڙهاڻ، سانوڻ جي موسم ۽ اڇن ڪڪرن کي ٻاڦ چوڻ جو هُنر شاهه لطيف جھڙي عظيم شاعر وٽ ئي ملي سگهي ٿو. ڄڻ هن اهي سڀيئي رنگ هڪڙي ڪنواري چُنريءَ مٿان چِٽيا هجن. اها فطرت جي ڪماليات آهي جو ان کي شاهه لطيف جھڙي عظيم شاعر پنھنجي فني ڪاريگريءَ سان استعمال ڪيو آهي. جيئن هو فطرت جا سڀ رنگ هن شعر ۾ چيا آهن:
اَڄُ رسيلا رنگَ، بادل ڪڍيا بُرج سِين،
سازَ، سارنگيُون، سُرندڙا، بَچايَئين بُرچَنگَ،
صراحيون سارنگ، پلٽيُون راتِ پَڊامَ تي.(24)
هي ڪيڏو نه عظيم فطرت جو خيال آهي، جنھن کي شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ پنھنجي مھارت سان پيش ڪيو آهي. آسمان تي ڪڪر عمارتن جيان چوٽين مٿان سھڻا ۽ چِٽا رنگ چِٽيا آهن. ڪَڪرن ۾ اهڙي طرح گجگوڙ پئي گجي، جيئن سڀئي ساز زور سان وڄي رهيا هجن. ۽ بارش سارنگ جي مُند وسي صحرا کي سيراب ڪري ڇڏيو هجي.
فطرت يا ماحول جي لاءِ جيترو ٻين شاعرن لکيو آهي اوترو ئي اسان جي لوڪ ادب ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ به مختلف شاعرن وٽ نظر ضرور اچي ٿو. رڳو ائين ئي نه جديد شاعرن اثر ورتو آهي. بلڪه اهي ڪنھن نه ڪنھن طرح سان انهن کان اڳ وارن شاعرن کان سٺو متاثر ٿيا آهن.
حوالا:
1: لغاري. اڪبر، فلسفي جي مختصر تاريخ، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 2003ع، ص: 63
2: ڪومل. لڇمڻ، مقالو: سنڌي شاعريءَ جو جمالياتي پھلو ۽ پس منظر، ڪلاچي تحقيقي جرنل، جلد-15، شمارو-2، ڊسمبر 2012ع، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، ڪراچي. ص: 104
3: لطيف. فياض. ڊاڪٽر، شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات (پي ايڇ ڊي مقالو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشور، 2018ع، ص: 62
4: ساڳيو
5: مھراڻي. شير. ڊاڪٽر، شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جماليات (پي ايڇ ڊي مقالو)، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2013ع، ص: 216
6: سنديلو. عبدالڪريم. ڊاڪٽر، لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو، پيڪاڪ پرنٽرس ۽ پبلشرس، ڪراچي 2016ع، ص: 131
7: لطيف. فياض. ڊاڪٽر، شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ ۾ جماليات (پي ايڇ ڊي مقالو)، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشور، 2018ع، ص: 113
8: بلوچ، نبي، بخش، ڊاڪٽر، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄام شورو، 1999ع، ص: 120
9: ٺڪر هيرو، قاضي قادن جو ڪلام، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد، 1996ع، ص: 125
10: ساڳيو، ص: 129
11: ساڳيو
12: ساڳيو، ص: 140
13: لغاري، اڪبر، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2010ع، ص: 35
14: سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر، ”شاهه ڪريم جو ڪلام“، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع، 83
15: سنڌي، ميمڻ عبدالمجيد، ڊاڪٽر، شاهه ڪريم جو ڪلام، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2007ع، ص193
16: ساڳيو، ص 192
17: ساڳيو
18: جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو مختصر جائزو، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2020ع، ص: 80
19: بلوچ، نبي، بخش، ڊاڪٽر، شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام (تحقيق ۽ تصحيح)، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، 2010ع، ص: 80
20: ساڳيو
21: شاهه سيد ضياء عباس، ميين شاهه عنات رضويءَ جو رسالو، حضرت ميون شاهه عنات رضوي فائونڊيشن، 2019ع، ص: 157
22: نبي بخش بلوچ ڊاڪٽر، ميين شاهه عنات جو ڪلام (تحقيق ۽ تصحيح)، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2010ع، ص: 101
23: بلوچ، بخش، نبي، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو، شاهه جو ڪلام (جلد پھريون)، اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ، ڪراچي، 2017ع، ص: 939
24: ساڳيو ص: 936