نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي حسناڪي
(Beauty of language in the Poetry of Niaz Himay)

ڊاڪٽر نسرين ٿيٻو

Abstract

Niaz Himayooni is a distinguished modern poet of the Sindhi language, known for expressing the rich culture of Sindh. He transformed traditional Aroozi and classical poetry by introducing modern social and political themes, presenting them in an artistic manner. His poetry showcases a multidimensional beauty, characterized by its diverse themes and artistic creativity. Himayooni's wisdom and delicate use of language, along with his employment of metaphors, similes, and symbols, set him apart as both a unique and relatable poet for the masses. In this research paper, I explore the creative beauty of language in Niaz Himayooni's poetry. The aim is to understand how a creative and imaginative poet like him skillfully adopts delicate meanings and language aesthetics in his work. His extraordinary creativity in form, topics, and language usage has earned him a distinct identity as a poet in the Sindhi language. This research paper contributes to a deeper understanding of Niaz Himayooni’s stature as a creative poet and emphasizes the vital role of the Sindhi language in preserving its beauty. Additionally, the importance of poets and poetry in advancing the language is highlighted throughout the paper.

Keywords: Modern poet, Sindhi language, linguistic creativity and delicacy, social and political themes

 

سنڌ جي ترقي پسند ۽ روشن خيال شاعرن، جن ڌرتيءَ جي نج ۽ تز ٻوليءَ کي پنھنجي شاعري ۾ استعمال ڪيو هجي، انهن ۾ نياز همايونيءَ جو نالو به نمايان نظر اچي ٿو.

نياز همايونيءَ جو اصل نالو مشتاق احمد هو، پر هُن ادبي نالي نياز همايونيءَ طور شھرت مَاڻي. نياز همايوني ديني مدرسي ”احياءَ العلوم“، جيڪو مولانا عبدالغفور
’مفتون‘ همايونيءَ جو قائم ڪيل هو، ان ۾ مولانا جي ڏوهٽي مولانا عبدالباقيءَ جي نگرانيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن عربي، فارسي، سنڌي ۽ طب جي تعليم حاصل ڪئي ۽ قرآن شريف جو حافظ به ٿيو. روزگار جي سلسلي ۾ نياز همايوني ڪراچيءَ مان ”الشھباز“ اخبار ڪڍي، رستم، شڪارپور ۽ ٽنڊو حيدر ۾ حڪمت جو ڌنڌو به ڪيو. پر آخر ۾ 1965ع کان مرڪزي اردو بورڊ ۾ نوڪري شروع ڪيائين.

”1965ع کان حيدرآباد ۾ قائم ڪيل مرڪزي اردو بورڊ ۾ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم ڪيائين. 1988ع ۾ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ مختلف علمي ۽ ادبي ادارن لاءِ ترجمي، تاليف ۽ حڪمت جي ڪم ۾ مصروف رهيو.“ (1)

نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي ڇپيل ڪتابن ۾ ”ساڻيھه جي ساک (1975ع)“،
”ڌرتيءَ جا گيت“ (1977ع)، تاج جويي جو مرتب ڪيل ”دل ۽ ڌرتيءَ جا گيت (2009ع: جنھن ۾ ٻئي ڪتاب ۽ نئين هٿ ڪيل شاعري به موجود آهي)، شامل آهن. سندس فن ۽ فڪر تي ڊاڪٽر نسرين ٿيٻو جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، ”نياز همايوني جي شاعري جو فني ۽ فڪري جائزو (2024ع)“ به لکي ويئي آهي. ان کانسواءِ تاج جويي، نياز جي طنزيه ۽ مزاحيه شاعريءَ جو مجموعو ”دوزخ ۾ رهڻ جي ريھرسل“ به ترتيب ڏنو آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن وٽ ڇپجي رهيو آهي. شاعريءَ ۽ نثر ۾ نياز جا لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن جو تعداد 21 آهي، جيڪي ڇپجي چڪا آهن ۽ لڳ ڀڳ 19 ڪتاب ڇپجڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن. نياز همايونيءَ جي ڇپيل ڪتاب واري شاعريءَ ۾ ٽي وايون، ٽي ڪافيون، بيت، گيت، لوڪ گيت، غزل، دوها ۽ نظم موجود آهن، جن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جن ۾ طنزيھ ۽ مزاحيھ نظم به اچي وڃن ٿا.

شاعري انسان جي داخلي دنيا جي اُکيڙ ڪندي آهي، ۽ گڏوگڏ انسان جي آسپاس موجود ماحول، سماجي حالتن ۽ تاريخ جي ارتقائي مرحلن کي به محفوظ ڪرڻ جو ڪم ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح وطن، ٻولي، ثقافت ۽ ان جي مٽيءَ سان وابستگي شاعريءَ جو گڻ آهي يا فطرت جي حسن ۽ ڪرشمي سازيءَ کي بيان ڪندي آهي. هر وڏو شاعر انهن سڀني رنگن ۽ انگن جو مرڪب هوندو آهي.

شاعريءَ جي فني جوڙجڪ ئي، ان کي حسن بخشي ٿي، جيڪا ٻڌندڙ يا ڏسندڙ کي تسڪين به ڏئي ٿي ۽ خوشي جو هڪ خوبصورت احساس به ڏياري ٿي.

نياز همايونيءَ جي شاعري، موضوع، ترنم، نغمگيءَ، ٻولي ۽ هيئت جي لحاظ کان سنڌي شاعريءَ جو اهم حوالو آهي. ان سلسلي ۾ نذير سومرو لکي ٿو:

”جن شاعرن نئين هيئت هيٺ منفرد لھجي ۾ شاعري ڪئي آهي تن ۾ نياز همايونيءَ جو نالو اهميت وارو آهي. هو ذوالفقار راشديءَ جو حوالو ڏيندي نياز جي شاعريءَ لاءِ لکي ٿو، ”اهڙيون پياريون سٽون، لفظ، محاورا ۽ ترڪيبون رڳو نياز همايونيءَ جھڙي گڻواڻ ۽ سچي ڪلاڪار جي زرخيز قلم مان ئي ڦٽي سگهن ٿيون. نياز ٻھراڙيءَ جي ڪن هالوچالو، نستن ۽ بي ساهه لفظن ۾ هيڪاندو ساهه ۽ سواد ڀري ڇڏيو آهي. پاروٿن خيالن، الوڻن جذبن کي تازگيءَ ۽ چھراڻ ڏني آهي. شاعر ٻولين جا بڻائيندڙ ۽ نگهبان ٿيندا آهن. انهيءَ نڪته نظر کان نياز جو پورهيو کيرون لھڻي.“ (2)

اها ٻولي جيڪا عام ماڻهن جي ٻولي هجي، جنھن ۾ لفظن جو ڀنڊار هجي ۽ جنھن ۾ سھڻي ۽ سيبتي جڙت هجي، ان متعلق محمد ابراهيم جويو لکي ٿو:

”ٻولي آواز جو مھا ساگر آهي، ان ۾ لفظن جي موتين جا ڀنڊار ڀريا پيا آهن. اديب ۽ ليکڪ اهي سڄاڻ ۽ ساڃاهه وارا غواص آهن، جيڪي هن جي بحر بي پايان مان رڳو املھه ۽ عين گهرج وارا موتي چونڊي ٻاهر ٿا آڻين، ۽ پوءِ انهن مان ويھي پنھنجي ادب جون مالھائون پوئين. لفظن جي اها چونڊ ۽ جائتي جڙت ئي آهي، جيڪا هڪ اديب جي عبارت کي امتياز بخشي ٿي. ياد رکڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ٻوليءَ جو هر لفظ پس منظر ۾ معنائن جي هڪ دنيا پاڻ وٽ رکي ٿو ۽ جڏهن ڪو لفظ ڳائجي ٿو يا ٻڌجي ٿو، لکجي ٿو يا پڙهجي ٿو، تڏهن اهو پنھنجي انهيءَ سموريءَ دنيا سميت اچي ٿو اسان سامھون بيھي. لفظن جي انهي دنيا کي سمجهبو، تڏهن ئي ان جو صحيح ۽ وزنائتو استعمال ڪري سگهبو. اهو ئي سبب آهي، جو دنيا جي مقبول عام اديبن هميشھ ڌارين ٻولين جي غير ضروري لفظن، اصطلاحن ۽ ترڪيبن ۽ خود پنهنجين ٻوليءَ جي ڳرن ۽ غير مانوس لفظن کي استعمال ڪرڻ کان انتھائي پرهيز پئي ڪئي آهي.“ (3)

شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي باريڪين، ان جي نزاڪتن، معنائن جي انيڪ خوبصورتين ۽ نفاستن کي فقط اهو ئي شاعر تخليقي سطح تي استعمال ڪري سگهندو، جنھن وٽ ٻوليءَ جو اڻ ميو خزانو هوندو ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت پڻ رکندو هوندو ۽ ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته نياز جي شاعري ۾ اهي سڀ صلاحيتون موجود آهن. نياز کي ٻوليءَ تي وڏي دسترس حاصل هئي. هن وٽ لفظن جو بي بھا خزانو موجود هو. هو نون لفظن، نون اصطلاحن، فقرن ۽ ترڪيبن گهڙڻ ۽ انهي خزاني کي تخليق ڪرڻ جي وڏي مھارت رکندو هو. اها حقيقي قوت ئي آهي، جنھن جي ڏات سان شاعري ڪندي، هن جي ذهن تي ڪئين تز سنڌي لفظ ۽ سھڻيون سٽون لاشعور، طور تري اينديون هيون.

ويھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ جن شاعرن سنڌي شاعريءَ جي ڪينواس تي پنھنجا نقش ڇڏيا، تن ۾ شيخ اياز، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، استاد بخاري، راشد مورائي، عبدالحڪيم ارشد نمايان آهن، پر انهن ۾ شيخ اياز ۽ نياز همايوني، انهي دؤر تي ڇانيل رهيا. نياز همايونيءَ جي انفراديت اها هئي، جو هو پنھنجي شاعري اسٽيج تي ترنم سان ڳائيندو هو، جنھن ڪري هو ٻڌندڙن تي سحر طاري ڪري ڇڏيندو هو.

جديد ادب ۾ ڪنھن ادب پاري جي اهميت ۽ عظمت لاءِ موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي ۽ اهي اهڙيون شيون آهن، جن جو انتخاب ۽ استعمال، هڪ شاعر ۽ فنڪار جي فن کي فن جي بلندين تي پھچائي، سندس عظمت ۽ اثر کي همھ گير ۽ لافاني بڻائي ٿو، جنھن فنڪار جو دامن موضوع، مواد ۽ ٻوليءَ جي چونڊ جي هنر کان خالي آهي يا وٽس اها ٻولي ۽ محاورا ڪونه آهن، جيڪي پڙهندڙن جي ذهن ۾ خوشبوءِ جي جهوٽي وانگر جذب ٿي وڃن، ته پوءِ اهڙو فنڪار، سڀ ڪجهه هجڻ جي باوجود قبول عام جو اهو درجو حاصل نٿو ڪري سگهي، جيڪو ڪنھن فنڪار کي انساني نسلن ۾ صدين تائين زنده ۽ متحرڪ رکي ٿو. نياز جي شاعري انهيءَ اصول تي سنڌي شاعريءَ جي انتھائي نمائنده ۽ نمايان بيٺل آهي، عبدالواحد آريسر لکي ٿو:

”نياز جي شاعري، ٻوليءَ جي لحاظ کان سنڌي ڪلاسيڪي چشمي مان سيراب ٿي، جديد موضوعات کي ائين پنھنجي گرفت ۾ وٺندي اڳتي وڌي رهي آهي، جيئن ڪا سانوري مالھڻ پنھنجي جهوليءَ ۾ گل چونڊيندي آهي. اها ٻولي اهڙي نج، نبار، بناوٽ کان خالي، صحت بخش ۽ تعميري هوندي آهي، جھڙي ماءُ جي ٿڃ. نياز کي ٻوليءَ لاءِ نه لغتن جا ڍير اٿلائڻا پوندا آهن، نه قبرون کوٽڻيون پونديون آهن ۽ نه وري لفظن کي ڳولڻ لاءِ سندرو ٻڌي ڪتابن جا جهنگل لتاڙڻا پوندا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جو بي انداز ذخيرو نهايت ترتيب، صفائيءَ ۽ تنظيم سان سندس رڳن جي رت سان گڏ گردش ڪندو رهندو آهي. هو سنڌي ماروئڙن جي زبانن تان لفظ چونڊيندو آهي ۽ سندن دلين ۾ جهاتيون پائي تشبيھون استعمال ڪندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا لفظ سندس شاعريءَ ۾ سمائجڻ لاءِ ائين بيقرارهوندا آهن، جيئن جوانيءَ ۾ جلندڙ حسن، عشق جي بيتاب ڀاڪرن ۾ سمائجڻ لاءِ.“ (4)

نياز جي شاعريءَ جي ٻولي روان آهي، جنھن ۾ مست نئن وارو وهڪرو به آهي، تشبيھن جي اُڻت به آهي، ترڪيبن ۽ استعارن جي حسناڪي به آهي ته نون فقرن جي تخليق به آهي. اچو ته سندس شاعريءَ جي سونهن مان لطف اندوز ٿيون:

گيت لکان يا ڳوڙهن ۾ ڪا ڳالهه ڪريان،  آس نراس جي آڌيڙن ۾

ويتر ٿي تقدير اڻائي، تدبيرن ڪئي ڪا نه سڻائي.

اوندهه اپڙي اوريان پريان، ڳوڙهن ۾ ڳالهه ڪريان.(5)

هن پياري گيت ۾ ”آس نراس“، ”آڌيڙن“، ”اڻائي“، ”سڻائي“ ۽ ”اُپڙي“ لفظن جو استعمال اهو ظاهر ڪري ٿو ته نياز وٽ لفظن جو ڀنڊار موجود آهي، جنھن مان جيڪو وڻيس، سو پنھنجي مرضيءَ سان چونڊي ڪٿي به اڻت ڪري ڇڏي. ”آڌيڙن“ لفظ استعمال ۾ ڪونهي، جنھن جي جڳهه تي ”ڌڪن ٿاٻن“ عام طرح استعمال ٿئي ٿو. ائين نياز ان کي وري جياريو آهي. ان کانسواءِ ”اُپڙي“ لفظ به نج سنڌي، لفظ آهي، جيڪو نياز نھايت خوبصورتيءَ سان استعمال ڪيو آهي. اُپڙي جي معنيٰ اهي ”وڌي اچڻ“ يا ”گهيرو ڪري وڃڻ“. اهڙا لفظ سيني مان ڪڍي پني تي اڪيرڻ نياز جو ئي ڪمال آهي.

نياز لوڪ گيتن ۾ به سھڻي، سلوڻي ۽ عام فھم ٻولي استعمال ڪئي آهي. سندس لوڪ گيتن ۾ ڪمال جي رواني آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو:

”نياز همايونيءَ وٽ لوڪ رس تمام گهڻو آهي، هن ڪيترن لوڪ گيتن کي نوان ٻول ڏنا آهن. نياز جي ڪلام ۾ ’هَنبوشي‘، ’هو جمالو‘، ’سنيھو‘، ’چيڻو‘،
’همرچو‘ ۽ لولي پڙهندي، جيڪو لطف اچي ٿو، ان جو اندازو اهو ماڻهو لڳائي سگهندو، جنھن کي هنن عوامي گيتن جي صحيح پروڙ هوندي.“ (6)

نياز جو هڪ گيت ”چيڻو ويٺي ڇڙيان“ آهي، چيڻو اناج جو قسم آهي، جنھن جون ست کلون هونديون آهن ۽ اهو ڇڙڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي. چيڻي جو ڀت تمام لذيذ ٿيندو آهي ۽ اهو ڏٿ طور ڪم ايندو آهي. هن لوڪ گيت جا ٻه بند ڏجن ٿا، جن ۾ ٻوليءَ جو استعمال ڪمال جو آهي:

تنھنجون ڳالهيون، تيرهن تاليون،

چيڻو ويٺي ڇڙيان،

لوڪ جون لاتيون، چڻنگ چُنواتيون،

چيڻو ويٺي ڇڙيان.(7)

هنن بندن ۾ ’تيرهن تاليون‘ ۽ ’چڻنگ چُنواتيون‘ ۽ ’لاتيون‘ جھڙا مھاورا ۽ لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، جيڪي ٻوليءَ کي وسعت بخشين ٿا ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ ٻوليءَ کي خوبصورتي بخشين ٿا. هن گيت ۾ ٿر جي ٻھراڙيءَ جوپيارو منظر اکين جي اڳيان تري اچي ٿو.

سنيھو لوڪ گيت جي سونھن کي ڏسو:

سيج پلنگ تي پئي ٿي اُٿلان،

ڄڻ ته تئي تي ماني،

منھنجا جاني، مان ته سنيھو پئي ڳايان!

مان ته سنيھو پئي ڳايان!

مٿي ۾ ڦيري، من ۾ اماڙيون،

ڄڻ ته سِراڻ تي ڪاتي،

منھنجا ڀاتي، مان ته سنيھو پئي ڳايان!

مان ته سنيھو پئي ڳايان!

اکڙين ۾ گهمِ، اندر ۾ اُلا،

ڄڻ ته ڦڙين ۾ نھائين،

منھنجا سائين، مان ته سنيھو پئي ڳايان!

مان ته سنيھو پئي ڳايان!(8)

سنيھو: پيغام، نياپو، اُماڙيون، باهه سان ٻريل ڪاٺيون، اُلا!، باهه، نھائين، آوي، کُوري، جنھن ۾ مٽيءَ جا ٿانو پچي راس ٿيندا آهن.

نياز همايوني، عورت جي وڇوڙي جي جذبات جو اظھار عام رواجي ’پلنگ‘ ۽ ’تئي‘
کي استعمال ڪري شعر کي ڪھڙي نه جوت بخشي آهي. عام رواجي شيون آهن، انهن کان سڀڪو واقف آهي، پر نياز چوي ٿو سيج پلنگ تي پئي ٿي اُٿلان، پٿلان، تئي تي مانيءَ وانگي پچان پئي، سيج پلنگ تي بيچين آهيان. نياز هن گيت ۾ ههڙيون شاندار تشبيھون ڏئي لوڪ گيت ۾ نوان رنگ ڀري ڇڏيا آهن. هن گيت ۾ لفظن جي جڙت ۽ تشبيھن جي استعمال مان شاعر جي ٻوليءَ تي دسترس نروار ٿئي ٿي.

اهڙيءَ طرح ٻئي بند ۾ به نياز عام رواجي لفظن جو استعمال ڪيو آهي، جيڪي لفظ ٻھراڙيءَ ۾ گهر گهر ۾ استعمال ٿيندا آهن. مٿي ۾ ڦيري، من ۾ اُماڙيون، ڄڻ ته سِراڻ تي ڪاتي پڻ لاجواب تشبيھه آهي. اهڙي طرح ٽئين بند ۾ به نياز رواجي لفظ ڪم آندا آهن. اکڙين ۾ گهم، اندر ۾ اُلا ڄڻ ته ڦڙين ۾ نھائين. نياز هن لوڪ گيت ۾ عام رواجي لفظ تشبيھن سان ڪم آڻي ڪيئن نه لوڪ گيت کي سنواري ۽ سينگاري ڇڏيو آهي ۽ ٻوليءَ جو حق ادا ڪيو آهي.

هن گيت ’وهي ڀتر ول جان ڦلاري‘ ۾ نياز، جوانيءَ جي ڳالهه ٿو ڪري، ان ۾ وڇوڙي جي ورلاپ جي ڪيئن نه خوبصورت لفظي روپ ڏئي ٿو:

وهي ڀترِ وَل جا ڦُلاري،،

پوپٽ وانگي نينھن آيو،

پوپٽ وانگي نينھن آيو!

ٽانڊاڻي جان آس الا، ٽمڪي دل جي واهڻ ۾،

اڌمن اُڻ تڻ لاتي هوءِ، باهه لڳي، ڄڻ باهڻ ۾،

ڪيئنءَ ڪري اڻڄاڻ وِچاري،

پوپٽ وانگي نينھن آيو!

چانڊوڪيءَ تي وير جيئن، لھي چڙهي ٿي چُور ٿئي،

دل ٿي چاهي تيئن ڪوئي، اوري اچي ۽ ڏور ٿئي،

سرس ٿئي سِڪ هيڪاري،

پوپٽ وانگي نينھن آيو!

پيار جي مٺڙي هير گُهلي، کڙيون مُرادن جون مکڙيون،

هيج وسايون وستيون الا، جرڪيون ماڻڪ جان اکڙيون،

وسنوَ ورونهن ٿي چوڌاري،

پوپٽ وانگي نينهن آيو!(9)

وهي: جوڀن، جواني، ڀتر ول: پوسل تي ٿيندڙ پيلن گلن واري ول، ڦلاري: گل ٻاٽيءَ تي وري، ڦلار ڪيائين، گل ٽيڙيائين، واهڻ: علائقو، اڻ تڻ: پريشاني، ڳڻتي، اڌمن: اندر مان نڪرندڙ جذبن. چُور: گم، ڏور، پري. سرس: وڌيڪ، هيڪاري، گهڻي کان گهڻي. باهڻ: ٻيلي ۾ ٿيندڙ بانس جو وڻ، هيج: خوشيون، ورونھن: وندر، مصروفيت، خوشيءَ واري حالت.

نياز همايوني هن گيت ۾ جذبن جو اظھار فنڪاراڻي انداز سان پيش ڪري ٿو. نياز جي شاعري زندگيءَ جي مختلف رنگن جي شاعري آهي. هڪ حساس شاعر وانگر جيڪي ڪجهه سندس مشاهدي ۾ اچي ٿو، ان کي هو ٻين تائين پھچائي ٿو، جنھن ۾ لڙڪ به آهن ته مرڪ به آهي. خوشي به آهي ۽ غم به آهي. اڪيلائي به آهي، ميلو به آهي ۽ وصل وارو خوشين ڀريو ماحول به آهي. تشبيھه جو سھڻو استعمال به جيئن ’پوپٽ وانگي نينھن آيو‘، ’هيج وَسايون وستيون اَلا‘، ’جرڪيون ماڻڪ جان اکڙيون‘.

’ماڻڪ جان‘ ۽ ’پوپٽ وانگي‘ تشبيھون ڏئي ڪيڏو نه شعر ۾ هن جمال پيدا ڪيو آهي ۽ ٻوليءَ کي نزاڪت بخشي آهي. هي سڄو گيت تشبيھن سان ٽمٽار آهي، هر بند ۾ تشبيھون آهن. نه رڳو اهو پر نج نبار ۽ غير مروج لفظن جو استعمال به گيت کي انفراديت بخشي ٿو. نياز همايونيءَ جي هن گيت ۾ وڇڙي يا جدا ٿي وڃڻ لاءِ ڪھڙا نه معنيٰ خيز لفظ استعمال ٿيل آهن.

هيٺيون گيت به ڏسو:

تنھنجي دنيا سڀ رنگ، سانول!

مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ الا!

مون وٽ روپ نڪو ٻھروپ الا!

 

تنھنجي دنيا چيٽ جا ميلا،

منھنجي دنيا هيڪل وياڪل،

 

منھنجي دنيا ولھيءَ جا واڪا،

تنھنجي دنيا ڇم ڇم پايل.(10)

ٻھروپ: شڪل جو ڌوڪو، سامھون اچڻ جي رنگ روپ ۾

هيڪل: اڪيلي سر، توکانسواءِ

وياڪل: ويڳاڻي، مايوس

ولھي: ڦريل عورت، اها عورت جنھن کي پنھنجا ڇڏي ويا هجن.

واڪا: دانهون، رڙيون، ڏاڍي سڏ ڪرڻ.

نياز جي صرف انهيءَ گيت جي هيئت منفرد نرالي ناهي، پر هن جا سڀ رومانوي رنگ جا گيت منفرد ۽ نرالي هيئت رکن ٿا. هن جي رومانوي رنگ جي گيت ۾ انتظار ۽ وڇوڙي جي احساسن ۽ ڪيفيتن جا ڪيترائي نوان رنگ آهن، انهن رنگن ذريعي گيت ۾ موجود ماحول ۽ منظر پڻ حسين لڳن ٿا. هن جي گيتن ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جا منظر نمايان نظر اچن ٿا. بھترين لفظي اڻت به گيت جي حسناڪيءَ ۾ واڌارو ڪري ٿي.

نياز همايونيءَ پنجابي صنف ماهيا کي سرائڪي ۽ سنڌي ويس ڍڪايو آهي. هن جي سرائڪي ماهيي جون سٽون ڏسو:

تيڏا جوڀن بادامان دا وڻ بالو،

تيڏي ٻول ايوين، ماهيا ڄڻ بالو،

 

ميڏي ڳلي وچ چاندي دا هس ماهيا،

سونا پيار ميڏا جنهينڪون لڳدي نه ڪس ماهيا. (11)

ماهيي ۾ عاشق عورت آهي ۽ معشوق مرد. مٿئين بند ۾ مرد چوي ٿو ته تنھنجي جواني، تنھنجو جوڀن بادام جي وڻ جھڙو سھڻو ۽ سيبتو آهي ۽ تنھنجو ڳالهائڻ، تنھنجي ٻولي ماهيي جھڙي مٺي ۽ سوادي آهي. هن بند ۾ لاجواب تشبيھن سان گڏ نياز، پياري ٻولي به استعمال ۾ آندي آهي.

ٻئي بند ۾ عورت چوي ٿي منھنجي ڳچيءَ ۾ چانديءَ جو هس پيل آهي، جنھن سان آئون سھڻي لڳان ٿي، پر منھنجو پيار سونو آهي، جنھن کي ڪا ڪس ڪانه لڳندي. هن بند ۾ نياز همايونيءَ ’هس‘ ۽ ’ڪس‘ لفظ ڪم آندا آهن، جيڪي نه صرف گهٽ مروج آهن، پر شعر کي سونهن به بخشين ٿا.

نياز جو سنڌي ماهيو به ڏسو:

سائو سرينھن جو وڻ ماهيا،

ڇڻي آهيان گل جيان اچي مون کي کڻ ماهيا

يا

ننگا نيڻ حجاب جي حالت ۾،

ائين ٿڙڪن پيا، ڄڻ ڏوهي قيامت ۾. (12)

پھرئين بند ۾ عاشق عورت پنھنجي محبوب کي چوي ٿي آئون سائي چھچ سرينھه جي وڻ هيٺان ان جي گلن جيان ڇڻي وئي آهيان ۽ آسروند آهيان ته تون مون کي پنھنجي مضبوط ٻانهن ۾ اچي کڻ. هيءَ بھترين تشبيھه ۽ بھترين ترڪيب آهي، جيڪا شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري شاعريءَ کي انفراديت ڏني آهي.

ٻئي بند ۾ ته نياز ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي تشبيھه، اهڙو گهاڙيٽو شايد ٻئي ڪنھن شاعر وٽ هجي؟ بي حجاب نيڻ جڏهن پنھنجي محبوب جي سامھون ائين ڏڪن ٿا، جيئن قيامت جي ’نفسا نفسيءَ‘ واري وقت ۾ ڏوهارين کي ڏڪڻي وٺيو وڃي.

نياز همايونيءَ جي دوهن ۾ به ٻوليءَ جو ڪرشماتي انداز پنھنجي رعنائين سان ملي ٿو. اچو ته سندس ان ٻوليءَ سان روح کي راحت بخشيون:

ساوڻ مينگهه ملھار الا، پنھنجي اکڙين ۾ آرانڀيون، هوءِ!

اُڌِمن جا آڙاهه ڀلا، ڪيئن سيني اندر سانڀيون! هوءِ! (13)

آرانڀيون: هڪڙي ٻرندڙ ڪاٺيءَ کي ٻرندڙ باهه مان ٻرندي ڪڍبو ته اها اماڙي يا چوچڙي سڏبي، پر جيڪڏهن اهڙيون چند ٻرندڙ ڪاٺيون گڏي کڻبيون ته اهي آرانڀي سڏبيون.

نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ وڇوڙي، عورت جي جذبن، احساسن جي جيڪا رنگيني آهي، اها پڙهندڙن کي هڪ نئين جھان ۾ پھچايو ڇڏي ٿي، عورت جي احساسن جي ترجماني نياز جي شاعريءَ کي ميٺاڄ، سادگي ۽ نفاست بخشي ٿي. ٻوليءَ جي خوبصورتي هن جي شاعريءَ ۾ اضافي خوبي آهي. هن جي شاعريءَ ۾ وڇوڙي جي احساسن ۽ ڪيفيتن جا ڪيترائي نوان رنگ آهن، هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ جي ٻھراڙيءَ جا منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

هي دوهو به ڏسو:

ٻٻرن ڇاڻي سُرها پيلا گل، ورکا ڪئي ٿي واٽن تي،

جن کي ڏسندي هِرکيو هرڪو گهمڻ ڦرڻ جي آٽن تي، (14)

آٽو: ضد، رايو پنھنجي خواهش تي بَضد ٿي بيھڻ،

نياز، لفظ آٽو، ورکا، هِرکيو هن دوهي ۾ استعمال ڪيا آهن، جيڪي لفظ هاڻي اڪثر ماڻهو ڳالهائين ڪونه ٿا. ٻين لفظن ۾ هن انهن لفظن کي ٻيھر جياريو آهي ۽ نئين معنى بخشي آهي. نياز اهڙا لفظ چونڊي ٻھراڙيءَ جي نج ٻولي سان شعر ۾ نزاڪت ۽ حسناڪي پيدا ڪئي آهي.

هن دوهي جي رنگيني به ڏسو:

تنھنجا چپ به عنابي ناهن، پنھنجي نگهه به آتي ناهه،

روح نه آهي راس ته ڪنھن کي پيار ڪرڻ جي ڇاتي ناهه. (15)

آتي: تيار، بيتاب، جلدي ۽ تيزي سان چاهيندڙ.

نياز پنھنجي شاعريءَ ۾ لفظ ’آتي‘، ’عنابي‘، ’راس‘، استعمال ڪري غير مروج لفظن کي وري جياريو آهي، جيئن ’عناب‘ لفظ کي چپن سان ڀيٽ ڏيئي ٻوليءَ کي ڪھڙي نه جلا بخشي اٿس.

نياز جي طنزيه ۽ مزاحيه شاعري به ڪمال جي آهي. هن ان شاعريءَ ۾ پھاڪا، ڪنايا، چوڻيون، تشبيھون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن، جيڪي نياز جي ٻوليءَ تي دسترس جي گواهي ڏين ٿا. ان کانسواءِ هن ڪافي اهڙا غير مروج لفظ به استعمال ڪيا آهن، جيڪي خاص ڪري شھري زندگيءَ ۾ استعمال ئي ڪونه ٿا ٿين. نياز جي مزاحيھ شاعريءَ لاءِ تاج جويو لکي ٿو:

”نياز همايونيءَ جي مزاحيھ شاعريءَ ۾ ڪيترائي نظم شامل آهن، جن ۾ هن سماج تي تعميري تنقيد جا نشتر هلايا آهن. نياز جو ڪمال اهو آهي ته هن سنجيدي شاعريءَ وانگر مزاحيھ شاعريءَ ۾ به تشبيھن ۽ استعارن جو خوبصورت استعمال ڪيو آهي، جنھن کي پڙهي معلوم ٿئي ٿو ته سندس مصوراڻي نگاهه جو ڪينواس ڪيڏو وسيع آهي. سندس ٻوليءَ تي گرفت ڪيڏي نه مضبوط آهي“ (16)

نياز جي مزاحيھ ۽ طنزيھ نظم ”هي ڀي ماڻهو آهن“، جو بند پيش ڪجي ٿو:

رِلي ڪلھي تي ماني راڄن تي، ڀٽڪن پيا در در تي،

کيپَ کٽي ڄڻ آيا سَدورا، ڀريون ٻڌائي گهر تي،

’مُفت جي مال تي دل بي رحم‘ ۽ ڌاڪ پرائي تر تي،

ڍونڍ پٺيان ائين ديوانا ڄڻ ڪنگن ڪاهيو ڇر تي،

ته به ٿا گامڻ خان سڏائن، هي ڀي ماڻهو آهن!

هي ڀي ماڻهو آهن سائين، ڪھڙا ماڻهو آهن.(17)

’رلي ڪلھي تي ماني راڄ تي‘، ’کيپ کٽڻ‘، ’ڀريون ٻڌائڻ‘، ’مفت جو مال تي دل بي رحم‘، ’ڌاڪ پرائي تر تي‘، ’ڍونڍ تي ديوانو‘ ۽ ’ڪانگن جي ڇر تي ڪاهڻ‘ جھڙيون تشبيھون ۽ ’گامڻ خان سڏائڻ‘ جھڙيون اصطلاح، چوڻيون ۽ پھاڪا هڪ ئي بند ۾ سھيڙڻ، سو به مزاحيھ ۽ طنزيھ شاعريءَ ۾، نياز جھڙو گڻواڻ ۽ ٻولي تي گرفت رکڻ وارو شاعر ئي ڪري سگهي ٿو.

سندس هڪ مزاحيھ ڪافي، جيڪا مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافي ’تو دلڙي يار ڌتاري‘ جي پيراڊي آهي، ان جو هڪ بند ڏسو:

تو رشوت جي نه اڳاڙي،

پوءِ ير ڏسندي ڏنڀ ڏهاڙي!

ڏسي خالي هٿين گهر واري، کڻي اٿندءِ ابتي ٻُھاري،

شروع ٿيندءِ مارا ماري، کُسي ويندءِ ٽڪڻ ساري،

ايندءِ شڪل ۾ اهڙو ڦيرو ڙي، جھڙو لئي تي مقام جو ڳيرو ڙي،

ايندءِ بنا جهنڊن پڙ مائي، ڀڃي ڇڏيندي نان کتائي.

چوندين آئي مصيبت آئي، ڪري توبه کنھندين ڪياڙي.(18)

هن بند ۾ ’اُبتي ٻھاري‘ جا مشاهداتي لفظ، ’ٽڪڻ کُسي وڃڻ‘ جو محاورو، شڪل جي مقام جي ڳيري سان تشبيھه ۽ ’نان کتائي‘ جو استعارو، انتھائي خوبصورت ۽ ٻولي جي استعمال جون ماهرانه شاهديون آهن، جيڪي نياز همايونيءَ جي ٻوليءَ تي دسترس کي ظاهر ڪن ٿيون.

نياز همايونيءَ نظم به بھترين سٽاءُ ۽ لفظن جي شاندار چونڊ سان سرجيا آهن. نظم ’اچو ته ڪو بلو ڪريون‘ کي ڏسو:

اچو ته ڪو بلو ڪريون!

 

زمانو آهه ذهن سان ستم طراز ساٿيو!

حقيقت تي وارجي ويا مجاز ساٿيو!

حيات و موت ۾ رهيو نه امتياز ساٿيو!

اُٿو ته انقلاب اچي، ٿي چاره ساز ساٿيو!

او دلنواز دوستو، او جانباز ساٿيو!

اچو ته ڪو بلو ڪريون،

بلند حوصلو ڪريون،

جيئون جيئن جهان ۾، ٿي سرفراز ساٿيو!

 

اچو ته ان سماج کي جلايون دل جي باهه سان،

جَلي سگهيو نه آهه جو ستم رسين جي آهه سان،

ٿڪي پياسين هو الا، سھيڙي سور ساهه سان،

هَلو ته ڪا هلان ڪريون، ٿي بي نياز ساٿيو!

او دلنواز دوستو، او جانباز ساٿيو!

اچو ته ڪو بلو ڪريو،

بلند حوصلو ڪريون،

جيئون جيئن جھان ۾ ٿي سرفراز ساٿيو! (19)

نياز همايونيءَ هن نظم ۾ سنڌ جي نوجوانن، پوڙهن، عورتن ۽ انهن سڀني ماڻهن لاءِ لکيو آهي جيڪي هن سر زمين تي ڏک ۽ ڏاڍ سھي رهيا آهن. هي شعر ماڻهن کي همٿائين ٿا. دلين ۾ امنگ ۽ جوش پيدا ڪن ٿا، هڪ نئين نظام اڏڻ جي جدوجهد لاءِ اڀارين ٿا.

نياز انهيءَ سچ کان پوريءَ ريت باخبر آهي ته ڦٻايل حق گهرڻ سان نه، پر ڦرڻ سان ملندا آهن ۽ ان لاءِ جان جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. انهيءَ لاءِ حوصلي جي ضرورت آهي. اچو ته ڪا تدبير ڪريون. اٿو ته بلند حوصلو ڪريون. هلان ڪرڻ، بلند حوصلو ڪرڻ، بلو ڪرڻ، انقلاب آڻڻ، نياز وٽ اهي لفظَ تدبير ڪرڻ لاءِ آهن. نياز همايوني اهڙا الفاظ استعمال ڪري شعر ۾ جان پيدا ڪري ڇڏي آهي.

نياز همايوني طويل نظم به بھترين فني سٽاءَ ۾ لکيا آهن. انهن ۾ ڪمال جي رواني آهي ۽انهن ۾ ٻولي جو استعمال به انتھائي شاندار آهي. عبدالواحد آريسر لکي ٿو:

”زبان توڙي بيان جي سونھن ۽ سبيتائيءَ کي فن جي قالب ۾ جنھن ڪاريگريءَ سان نياز جڙيو ۽ جوڙيو آهي، سو سندس ئي دلڪش انداز ٿي سگهي ٿو. مختلف بحر ملائي طويل نظم ترتيب ڏيڻ، سو به اهڙيءَ صورت ۾ جو ان کي ايجاد جو رتبو ڏيڻو پوي ٿو. (20)

سندس طويل نظم ’ساڻيھه جي ساک‘ جا هي بند ڏسو.

تيرن جي وسڪار ائين ڄڻ ڳڙي جو ٽڙڪو ڌرتيءَ تي،

تبرن جو تڪرار ائين ڄڻ وڄ ڪري ڪنھن وستيءَ تي،

ڪڙڪي پڻ ٿي ڪٽار ائين ڄڻ موت جا هاڃا هستيءَ تي. (21)

تيرن جي وسڪار جي تشبيھه ڳڙي (برف جو ڳنڍو= نج سنڌي لفظ) جي ٽڙڪي (ڳڙي جي ڪرڻ جو آواز) سان ڪيڏي نه زبردست تشبيھه آهي. اهڙيءَ طرح تبرن جي وڄ سان ڀيٽ ۽ ڪٽار جي موت جي هاڃن سان تشبيھه ڪھڙي نه شاندار آهي. هن بند ۾ ڳڙو، ٽڙڪو، هاڃا وغيره خالص ٻھراڙيءَ جا ۽ نج سنڌي لفظ آهن، جيڪي تمام گهٽ استعمال ٿين ٿا.

رڻ ڀوميءَ ۾ رت جا راڱا، ڌوڌَ جي ڌاڪ ڄمائي ويا،

سانجهيءَ وانگي ساڻا ٿي ڪي چانڊوڪيون چمڪائي ويا،

ڪن جي هوڏ نه هيٺاهين ٿي، اونداهيون ڦهلائي ويا. (22)

رڻ ڀومي، رت جا راڱا، ڌوڌ ۽ ڌاڪ لفظن جي اڻت ۽ ٻي سٽ ۾ سانجهيءَ وانگر ساڻا جي تشبيھه ۽ چانڊوڪيون چمڪائڻ جو استعارو، ان کانپوءِ ٽئين سٽ ۾ هوڏ تان جيڪو نٿو لھي اهو ئي اونداهيون ڦھلائي ٿو، جھڙين سٽن جي چونڊ نياز جھڙو ئي ٻوليءَ تي عبور رکڻ وارو شاعر ڪري سگهي ٿو.

تاج جويو، نياز همايونيءَ جي شاعريءَ کي هيٺين لفظن ۾ ڀيٽا ٿو ڏي:

”نياز همايونيءَ جي شاعريءَ ۾ اظھار جي سادگي، فڪر جي سونھن ۽ عصري دور جي سچائيءَ جو عڪس آهي. هن وٽ فڪري سجاڳي، ڌرتيءَ سان محبت، قومي جذبات ۽ محبت جا جمالياتي رنگ جهجها آهن. هن جي شاعريءَ ۾ خيال جي ندرت ۽ نغمگيءَ جو خوبصورت امتزاج ملي ٿو. هو مختلف اهڃاڻن ۽ علامتن ذريعي زندگيءَ جي حسن ۽ حقيقتن کي نه رڳو اثرائتي ۽ تخليقي نموني سان بيان ڪرڻ جي سگهه ۽ سرت رکي ٿو، پر بي جان لفظن ۾ معنيٰ ۽ تاثر جو روح پيدا ڪري، پنھنجي شاعريءَ جي جمالياتي رنگن ذريعي عڪس ۽ احساس جي هڪ نئين دنيا پڻ تخليق ڪري ٿو. (23)

مجموعي طور نياز همايونيءَ جو مزاج ۽ لھجو سادو، سليس، نرم ۽ نرمل آهي.
هن جي شاعريءَ جو سڄو سارو ماحول مٽيءَ جي خوشبو سان واسيل آهي ۽ هن ان مٽي مان ئي لفظ، تشبيھون، استعارا، چوڻيون، پھاڪا، عڪس ۽ اهڃاڻ چونڊي، پنھنجي شاعريءَ کي لازوال بنائي ڇڏيو آهي ۽ ٻوليءَ کي ست رنگي سونھن بخشي آهي.

حوالا:

  1. بلوچ، تاج، ”نياز همايونيءَ جي وفات تي لکيل ايڊيٽوريل“، ماهوار سوجهرو، فيبروري 2003ع، ايڊيٽوريل پيج.
  2. سومرو، نذير، پروفيسر، ”نياز همايونيءَ جي ياد ۾“، برسات، فيبروري 2003ع، ص: 12.
  3. جويو، محمد ابراهيم، ”ادب، ٻولي ۽ تعليم“، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد، 2015ع، ص: 86.
  4. آريسر، عبدالواحد، ”دل ۽ ڌرتي جا گيت“، مرتب تاج جويو، (ساڻيھه جي ساک 1975ع جو مھاڳ) روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو/حيدرآباد، 2009ع، ص:289 ۽ 290.
  5. همايوني، نياز، ”دل ۽ ڌرتي جا گيت“، ص: 49.
  6. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد/ لاڙڪاڻو، 2004ع، ص: 292.
  7. ماهنامو، ”نئين زندگي“، جون 1965ع، ص: 56.
  8. دل ۽ ڌرتي جا گيت، ص: 61.
  9. ساڳيو، ص: 53
  10. ماهنامو، ”نئين زندگي“، آڪٽوبر 1963ع، ص: 39.
  11. ماهوار، ”روح رهاڻ“، اپريل 1956ع، ص: 3.
  12. ماهنامو، ”نئين زندگي“، سيپٽمبر 1964ع، ص: 44.
  13. دل ۽ ڌرتي جا گيت، ص: 123.
  14. ساڳيو، ص: 140.
  15. ساڳيو، ص: 125.
  16. جويو تاج (مرتب)، ”دوزخ ۾ رهڻ جي ريھرسل“ (ڇپجڻ جي آخري مرحلي ۾) نياز همايوني جي طنزيھ ۽ مزاحيھ شاعريءَ جو مجموعو: ص: 29.
  17. دوزخ ۾ رهڻ جي ريھرسل، ص: 70
  18. ساڳيو، ص: 77.
  19. دل ۽ ڌرتي جا گيت، ص: 234 ۽ 237.
  20. آريسر، عبدالواحد، ”دل ۽ ڌرتي جا گيت“، (ڌرتي جا گيت 1977ع جي مھورت تي پڙهيل مقالو)، ص: 27.
  21. دل ۽ ڌرتي جا گيت، ص: 450.
  22. ساڳيو، ص: 451.
  23. جويو، تاج، ”نيڻ مھٽي خيال جاڳيا“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو/حيدرآباد، 1993ع، ص: 15.
144 ڀيرا پڙهيو ويو