جديد سنڌي غزل ۾ شهري ماحول ۽ جديد تمدني عڪس
(The portrayal of urban life in the modern Sindhi Ghazal Poetry )
مشتاق گبول
Abstract
The portrayal of rural life and peasant society remains present in modern Ghazal poetry, but it also reflects the influences of urban life and culture. Modern Ghazal effectively captures feelings of loneliness, isolation, and solitude amidst the hustle and bustle of urban living, which are characteristic of modern city life. It explores the identity of individuals who often feel lost in the mechanical and noisy environment of urban settings. Urban life has engendered strong sensations of strangeness and alienation, and this research paper aims to investigate how modern Ghazal poetry in the Sindhi language embodies these feelings of alienation stemming from urban life experiences. The paper examines the reflections of the urban cultural environment found in Ghazal poetry, resulting from a close relationship with urban lifestyles. The new wave of modernity in literature has influenced the Ghazal genre to engage with urban life and its environment. Consequently, various aspects of urban existence—such as noise, crowds, strangeness, and disruptions in relationships—are depicted in modern Sindhi Ghazal poetry. Additionally, while Hindi Ghazal often explores deep ideas and creativity and reflects corporate culture, the urban life and environment depicted in Sindhi Ghazal take on a distinct character. This research paper seeks to explore these nuances in greater detail.
Keywords: Ghazal poetry, Sindhi language, portrayal, urban life and culture
جديد غزل ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ زرعي سماج جا عڪس ملن ٿا، پر انهيءَ ۾ ڪنھن قدر شھري زندگيءَ ۽ جديد تمدن جا اولڙا پڻ موجود آهن. غزل جي ابتدا ۾ شھر جو ذڪر گوڙ شور ۽ مصروفيت تائين محدود هو. جديد غزل اُن کي وسعت بخشي آهي. ان ۾ ڪن ڪن شاعرن وٽ مڪمل طور تي شھري ماحول ۽ فضا موجود آهي. جديد غزل ۾ شھر جو دئيتي روپ ظاهر ٿيو آهي، جيڪو فرد کي سندس سڃاڻپ سميت ڳھي وڃي ٿو،
جديد غزل ڀيڙ ۾ اڪيلائيءَ ۽ ويڳاڻپ جي احساس کي شدت سان اُڀاريو آهي ۽ فرد جي سڃاڻپ جي بحران ڏانھن مُڙيو آهي، جيڪا شھري ۽ مشيني شور ۾ وڃائجي وئي آهي. ويڳاڻپ ۽ ڌاريائپ جو احساس شھري زندگيءَ ۾ شدت سان اُڀري ٿو. جديد غزل ۾ اُن احساس جا عڪس آهن:
”رومان سان گڏوگڏ شھريت جي اثر هيٺ اظھار ۾ گُهٽ ٻوسٽ، سرد رشتن جون دئيتون ملن ٿيون، غير سلامتي، سياسي سوارٿ ۽ پاڻ کان بيگانيت به موزون اظھار سان سامهون اڀرن ٿا.“ (1)
شھري ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ جي لحاظ کان ڏسجي ته جديد غزل ۾ ڪٿي شھري زندگيءَ کان بيزاري ڏيکاريل آهي، ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ کي اُن تي فوقيت ڏني وئي آهي. خاص ڪري هند جي جديد غزل ۾ شھري زندگيءَ جي قبوليت ملي ٿي.
هند ۾ شھري ماحول سڀ کان پھرين نارائڻ شيام وٽ ملي ٿو. شيام کان پوءِ شھري ماحول کي ايم ڪمل هڪ تحريڪ طور اڀاريو، ۽ هن جي غزل ۾ مڪمل شھري ماحول ۽ فضا موجود آهي. تنھن ڪري ايم ڪمل جي غزل جي سُڃاڻپ ئي شھر ۽ شھر جا الميا ۽ مسئلا آهن.
سنڌ ۾ شھري زندگيءَ جا ڀيانڪ روپ سڀ کان چٽي نموني امداد حسينيءَ، ۽ واجد جي غزل ۾ ملن ٿا. امداد جو غزل مڪمل شھري غزل ناهي، جيئن ايم ڪمل جو غزل آهي. امداد وٽ شھري زندگيءَ جي قبوليت نٿي ملي، جيئن ايم ڪمل جي غزل ۾ ملي ٿي. امداد شھري زندگي کي قبولڻ بدران ڳوٺاڻي زندگيءَ کي اهميت ڏني آهي. انهيءَ ڀيٽ کان ڏسجي ته سنڌ ۽ هند جي جديد غزل ۾ ٻه مختلف ڌارائون ملن ٿيون ۽ هر ڌارا جي پنھنجي پنھنجي اهميت آهي.
جديد غزل ۾ شھري فضا، شھري زندگي گذارڻ جي تجربي جي ڪري ملي ٿي. ادب ۾ جيڪا جديديت جي لھر آئي، تنھن جي اثر هيٺ جديد غزل، شھري فضا سان پنھنجو ناتو جوڙيو، ۽ شھري ماحول جا مختلف رُخ جديد غزل ۾ پيش ٿيڻ لڳا. شور، مصروفيت، ڌاريائپ ۽ لاتعلقيءَ کان وٺي شھري زندگيءَ ۾ جيڪو وهي واپري ٿو، اُن جا عڪس جديد غزل ۾ جائتا ٿيا.
جديد غزل ۾ شھريت واري عنصر کي پيدا ڪرڻ جو اهم حوالو نارائڻ شيام آهي، شيام جي غزل ۾ شور ۽ شھري ماحول سان لاڳاپيل ڪڙيون حقيقتون ملن ٿيون.
”شور جو دريا وهيو پي شھر ۾،
دانھن دل جي پيئي ڪنھن ڪُنَ ۾ وهي!“ (2)
”ڪھڙو شھر هي، ناهه جتي ڪا جاءِ نه ڪي رهندڙ آهن،
هلچل ۾ پر هيڏي هوڏي، آهن، پاڇا ئي پاڇا!“ (3)
شيام، غزل، ۾ شھر جي روز جي معمول ۽ ڪمن ڪارين کي پنھنجو موضوع بڻايو، شيام وٽ شور روايتي انداز ۾ آيو آهي، پر شيام کان پوءِ جديد غزل ۾ شور غير روايتي ۽ الڳ انفراديت سان آيو آهي، جنھن ۾ جسم ئي گوڙ جو شھر بڻجي پيو آهي.
”شھر جو گوڙ رڳن ۾ ٿو ڊُڪي،
گوڙ جو شھر ٿي ويو جسم سڄو!“ (4)
مصروفيت، شھري زندگيءَ جو اهم لقاءَ آهي. مصروفيت نه رڳو هڪ فرد کي ٻئي فرد کان ڇني دور ڪري ٿي، پر فرد جو پنھنجي پاڻ سان، ۽ پنھنجي داخلي دنيا سان رابطو ختم ڪري ٿو. جديد غزل شھري زندگيءَ جي انهيءَ حقيقت کي اظھاريو آهي:
”زندگيءَ جي پيھه ۾ ٽٽندو رهيو،
پاڻ سان ئي پنھنجو هرڪو واسطو.“ (5)
هند ۾ جديد غزل شھري زندگيءَ جي مثبت توڻي منفي ٻنھي پھلوئن جي عڪاسي ڪئي آهي. شھري ماحول ۽ فضا جي حوالي سان سنڌ ۽ هند جي سنڌي غزل ۾ ڪي قدر هڪجھڙايون آهن. شھري زندگيءَ ۾ خوف جو ماحول هر وقت قائم رهي ٿو. خوف جي احساس کي هند ۽ سنڌ جي شاعرن پنھنجي پنھنجي نموني سان بيان ڪيو آهي.
”ڏينھن جو وچ شھر ۾ ٿي ڦُر ٿئي،
۽ تون گُهگهه ۾ ٿو سُڃو رستو وڃين.“ (6)
”رات، هوا، گمنام شھر جون گليون خوف ڀريون،
دل پنھنجي ئي ’ڌڪ ڌڪ ڌڪ‘ کان ڏرندي رهندي آ.“ (7)
هند ۾ غزل شھري ماحول کي بھتر نموني سمايو آهي. ان ڪري هند جي جديد غزل ۾ شھر جا ڀانت ڀانت ڏيک، رنگ ۽ روپ موجود آهن. هند جي جديد سنڌي غزل شين ۽ منظرن ڏانھن رويي ۾ شھري آهي. هند جي غزل جو مزاج ۽ تنھن ۾ سمايل احساس، جذبا ۽ سوچ پڻ شھري آهي. شھري ماحول ۽ هند ۾ جديد غزل کي الڳ ۽ غير روايتي بڻائي، تنھن کي نئين سوچ ۽ نئين خيال سان سلهاڙيو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو انهيءَ ۾ نئين دؤر، شھري ۽ مشيني زندگيءَ جا نوان احساس شديد نموني اُڀري آيا آهن.
جديد غزل ۾ شھري ۽ مشيني زندگيءَ جي لاچاري ۽ بيوسي آهي. انهيءَ ۾ شھر جي مصنوعيت ۽ کوکلائپ تان پردو کنيو ويو آهي. پيار محبت ۽ همدردي جھڙن احساسن کان آجي شھري سماج ۽ خوف ۾ ورتل انسانن تي غزل چٿر واري انداز ۾ چوٽ ڪئي آهي. طنزيه انداز ۾ غزل هڪ سگهاري آواز وانگر آهي، جنھن جي ذريعي شاعرن پنھنجي اندر جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جو اظھار ڪيو آهي.
هند جي غزل ۾ شھري ماحول جي منظرڪشيءَ دلڪش ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪئي وئي آهي. جنھن مان هند جي جديد غزل گو شاعرن جو شھري ماحول ۽ فضا سان جذباتي ۽ ذهني رشتو هئڻ جو تاثر ملي ٿو.
هند جي غزل ۾ سوچ جي گهرائي آهي، ۽ اُن ۾ تخليقيت سرس آهي. ان ۾ نئين ڪارپوريٽ ڪلچر جا مختلف ڏيک آهن. رشتن ۽ محبت لاءِ رواجي ثقافتي چڪ موجود ناهي، پر تنھن ۾ رشتن، قدرن ۽ محبتن جي جي وکر بڻجڻ جا عڪس نمايان آهن. انهيءَ ۾ فرد جي مايوسي، ويڳاڻپ ۽ اوپرائپ جي عنصرن سان گڏ هڪڙي قسم لُڇ پُڇ واري ڪيفيت آهي. انهيءَ ۾ مادي قدرن جي اهميت، فطرت کان دوري ۽ فرد جي سڃاڻپ وڃائڻ جا احساس سمايل آهن. انهيءَ ڪري هند جي نئين غزل ۾ نئين ڪارپوريٽ ڪلچر ۽ ماديت پرستي ڇانيل ڏسجي ٿي.
سنڌ ۾ شھري ماحول ۽ فضا جي حوالي سان غزل جي صورت ٻي آهي. سنڌ جي غزل ۾ شھر جي سفاڪيءَ وارو روپ ڏيکاري ڏئي ٿو. سنڌ جي غزلَ، شھر کي هنڌ جي غزل وانگي ناهي پنھنجايو، سنڌ جي غزل ۾ شھر لاءِ پنھنجائپ بدران اوپرائپ آهي. ان جو هڪڙو سبب ڳوٺن سان جُڙيل رهڻ سبب، ڳوٺن سان دلي، جذباتي وابستگي ۽ ناسٽلجيا آهي. ڳوٺن سان جُڙيل رهڻ ۽ ناسٽلجيا ۾ ورتل شاعر، شھر جو تعارف اهڙي نموني ڪري ٿو، جو اُن مان اوپرائپ محسوس ٿئي ٿي. ۽ ان جو سفاڪي، چالاڪي ۽ نقلي پڻي وارو روپ سامهون اچي ٿو.
”اي ڳوٺاڻا اهو ئي شھر آهي،
رڳن ۾ رت بدران زهر آهي.
حياتي آهه پاڻيءَ کان به سھنگي،
هتي نازل ٿيل ڪو قھر آهي.
سڙي سيني ۾ دانگي ٿي وئي دل،
هتي هر ڪو بشر بي مھر آهي.
ڌڪا بس جا جهلي، هُن جو پُڇائي،
وڃون گهر تي ته چوندا ٻھر آهي.
هتي ميڪپ پُٺيان چھرو لڪل آ،
۽ ڳالهاڻ مٺو ڪو زهر آهي.“ (8)
سنڌ جي غزل ۾ شھر جو تعارف انهيءَ طرح آهي. حقيقي طرح ڏٺو وڃي ته شھر جو اهو تعارف اڻپورو ۽ يڪ رُخو آهي، جيڪو منفي پھلوئن تي آڌاريل آهي. شھر ۽ شھري ماڻهن سان اهڙيءَ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جا ڪارڻ ڪيئي ٿي سگهن ٿا. مٿئين غزل ۾ جيڪي عڪس آهن، سي ڪڙيون حقيقتون آهن. انهن حقيقتن کان اکيون چورائي نٿيون سگهجن، پر غزل جو انداز ڌڪار، اوپرائپ ۽ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وارو آهي. جنھن مان اهو احساس اُڀري ٿو ته شھر اهڙي سفاڪ جاءِ آهي، جيڪا ڳوٺاڻي جي مزاج وٽان نه آهي. جيتوڻيڪ شھر، ڳوٺاڻن جي مزاج وٽان ناهن هوندا، پر انهيءَ بنياد تي انهن کي ڌڪاري به نٿو ڪري سگهجي. سنڌ جي جديد غزل ۾ جيڪو شھري ماحول ۽ فضا آهي، تنھن ۾ شھر جو ڊيڄاريندڙ روپ اُڀري سامهون اچي ٿو:
”آءٌ اڪيلو گوتم،
وحــشي سڄو شھر آ.“ (9)
سنڌ جي غزل ۾ شھر جي عڪاسي ڪندي، ٻوليءَ جي تخليقي روپ کي اُڀاريو ويو آهي، ۽ لفظن جي اندر لِڪل معنيٰ جي اهميت نروار ڪئي وئي آهي.
”شھر لڳي ٿو قبرستان،
بَلبن جي هِن جِهلمل ۾.“ (10)
شھر ۽ قبرستان صنعت تضاد وسيلي، شھري زندگيءَ ۾ ويڳائپ جي احساس اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.
افواهه ۽ ڪُوڙي خبر، شھر ۾ نئين فتني جو سبب ٿي سگهي ٿي. سنڌ جي جديد غزل ۾ شھر جي انهيءَ پھلوءَ کي نھايت ئي خوبصورتيءَ سان بيان ڪيو ويو آهي.
”هُو مٿو ڦاڙي سگهي ٿو شھر جو،
ها، وٽس اخبار جو پٿر هُيو.“ (11)
”باهه جي شعلي جيان اُٿندي هئي،
شھر ۾ فتني جيان هوندي هئي.“ (12)
سنڌ جي جديد غزل ۾ مُنير احمد ٻٻر وٽ شھري ماحول ۽ فضا جو عڪس نِج رومانوي انداز ۾ هِن طرح به آيو آهي:
”ديواني جو ساٿ ڏنو،
شھر جي ڪُتن ۽ رستن.“ (13)
سنڌ جي جديد غزل ۾ شھري فضا مڪمل صورت ۾ نٿي ملي. ان جو شايد ڪارڻ اهو آهي، جو سنڌ اڃا تائين مڪمل طور تي شھري زندگيءَ کي پنھنجائي ناهي سگهي، پوءِ به سنڌ جي جديد غزل ۾ شھري حالتن جو جبر موجود آهي. هند جي نئين غزل وانگر، سنڌ جو جديد غزلُ شھري زندگيءَ جي دئيتي روپ کي پوريءَ طرح اگهاڙي ناهي سگهيو، پوءِ به تنھن جي جبر ۽ عذاب جا احساس انهيءَ ۾ محسوس ڪري سگهجن ٿا.
جديد غزل ۾ شھري زندگيءَ جي قبوليت جو عنصر ٻن صورتن ۾ ملي ٿو. هڪ صورت قبوليت جي سڌي اظھار واري آهي، ۽ ٻيءَ صورت ۾ شھري زندگيءَ جي روزمره جي ڪمن ۽ ڪرتن کي بيان ڪرڻ وسيلي اڻ سِڌي طرح قبوليت جو اظھار ملي ٿو.
شھري زندگيءَ جي قبوليت جو سنئون سڌو اظهار هند جي نئين غزل ۾ ملي ٿو، جڏهن ته اڻ سڌي طرح قبوليت جو اظھار سنڌ جي جديد غزل ۾ ملي ٿو.
هند جي غزل، شھر کي اُنهيءَ جي سمورين بدزيبائن، بدصورتين، ڪوجهاين، خامين ۽ بُراين سميت قبول ڪيو آهي. هند جي غزل ۾ شھر جي قبوليت کان انڪار جو عنصر نٿو ملي. شھري زندگيءَ جي قبوليت جي ڌارا ايم ڪمل وٽ سرس ملي ٿي. هند جي غزل کي شھر سان ۽ شھري زندگيءَ سان لڳاءُ آهي. هند جو غزل گوڙ، گهُٽ، گند ۽ اڪيلائيءَ ۾ رهڻ تي هِرڻ سيکاري ٿو.
”گوڙ، گهُٽ، گند تي هِرو جلدي،
دوستو شھر جا ٿيو جلدي.“ (14)
غزل، شھر جي گوڙ، گهٽ ۽ گندگي ڏسي شھري زندگيءَ کان بيزاريءَ جو اعلان نه ٿو ڪري. اهو شھري زندگيءَ جي ماحول کي جيئن جو تيئن قبولڻ تي زور ڏئي ٿو. اهو شاعراڻي اظھار لاءِ ڪنھن به لفظ کي ناموزون ۽ معيوب نه ٿو سمجهي. انهيءَ جي ڪري گند گٽر جھڙا غير شاعراڻا لفظ به غزل ۾ ڪتب آندا ويا آهن، ڇو ته گند گٽر شھري زندگيءَ جو حصو آهن. بارش کي غزل ۾ هميشه جمالياتي رنگ ۾ رنگي پيار ۽ محبت جي نفيس جذبن ۽ احساسن ذريعي اظھاريو ويو آهي، پر شھري زندگيءَ ۾ بارش وسڻ کان پوءِ جيڪي حالتون درپيش اچن ٿيون، جديد غزل انهن حالتن جي عڪاسي ڪندي جماليات کان ڪنارو ڪيو آهي.
”بارش آئي ڇم ڇم نچندي،
گند گـٽر جـو اُٿلـيو چُـپ چُپ.“ (15)
”ڏاڍو گند ۽ بانس آ ڦاٽل گٽر جي هت مگر،
ڇا ڪجي گهر ڏي وڃڻ جو هڪ اهو ئي رستو.“ (16)
غزل ۾ جھڙي نموني شھري زندگيءَ جي قبوليت جو اظھار ايم ڪمل ڀرپور نموني ڪيو آهي، سندس غزل ۾ شھري زندگيءَ جي قبوليت جو عنصر سگهارو آهي، انهيءَ مان سندس شھر سان دلي لڳاءُ ۽ جذباتي وابستگيءَ جو تاثر ملي ٿو. جديد غزل مخصوص شھري رويي جي عڪاسي ڪئي آهي، ۽ نئين دؤر جي شھري حسيت کي اظھاريو آهي.
جديد تمدني زندگيءَ ۾ رشتن ناتن، انساني قدرن ۽ انساني احساسن جي ڪا به قيمت ناهي رهي. معاشي مفاد ۽ دولت جي پٺيان ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ سان انسان پنھنجي اصل ۽ جَڙ يعني ڳوٺ کان به هميشه جي لاءِ ڪٽجي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال کي غزل تخليقي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
”ڳوٺ ويو ڪٽجي رشتن کان،
ريل جي رهي پٽڙي ميري.“ (17)
سنڌ جي غزل ۾ شھري زندگيءَ جي قبوليت جو سڌو اظهار نٿو ملي. شھري زندگيءَ جا جيڪي عڪس ملن ٿا. انهن ۾ شھر سان مانوسيت ۽ پنھنجائب نظر اچي ٿي، جيڪا پنھنجائپ شھري زندگيءَ جي قبوليت جو ڏس ڏئي ٿي. سنڌ جي غزل ۾ ڪي قدر شھري ترقيءَ جي ڪري دولت جي ڏيکاءُ ۽ وڏين وڏين عمارتن جي ٺھڻ سان انساني زندگيءَ متاثر ٿي آهي، يا ڪنهن غريب جو استحصال ٿيو آهي ته اُن استحصال جا ڏيک موجود آهن. سنڌ جي جديد غزل ۾ ڪارن ۽ ماڻهن جي شور جي تصوير ڪڍي وئي آهي.
”ڪيترو شور آهي، ڪلفٽن ’اياز‘
جنھن گهڙي ڏس ته ڪارون اچن ٿيون پيون.“ (18)
”هوا مون ڏي ڪيئن اچي،
ڀر ۾ سڀ بنگلا آهن.“ (19)
جديد تمدني زندگيءَ جا سوين رُخ ۽ مسئلا آهن. سنڌ جي جديد غزل ۾ صرف ڪجهه رُخ بيان ڪيا ويا آهن. غزل گو شاعرن ۾ تاج بلوچ جديد تمدني زندگيءَ جون عقوبتون بيان ڪيون آهن:
”گهر جي خوشبوءَ به نه موهيو هن کي،
موٽيو گهر ڏانهن اويلو موٽيو.“(20)
”ٻار پڪنڪ تي وڃي ڪين سگهيا،
ڪير ڪرفيوءَ جو بهانو لکندو؟“ (21)
شھري زندگيءَ جي حالتن، مجبورين ۽ بيوسين کي سنڌ جي جديد غزل ۾ اظھاريو ويو آهي. جنھن ۾ صرف تمدني زندگيءَ جا ڏيک ناهن، پر اُن ۾ حادثا به آهن، دانهون ۽ ڪُوڪون به آهن، ۽ روزمره جي شھري زندگيءَ جي عڪاسي خوبصورت نموني ڪئي وئي آهي.
”مڪان، کوليون ۽ لوڊشيڊنگ،
فضا، جھنم، جَلون، گهٽيءَ ۾.
فليٽ، لفٽون، هُڳاءُ، آثم!
پلاسٽڪ، بوتلون، گهٽيءَ ۾.“ (22)
صبح ڌاري وئي ڳهي آفيس جن کي،
شام ڌاري واڪِ تان موٽي رهيا هئا.“ (23)
مٿئين شعر ۾ شھر جي روزمره جي زندگيءَ جو عڪس آهي. شھري زندگيءَ جا ٻه رُخ پيش ڪيل آهن، ٻنهي رُخن کي ملائي شھري زندگيءَ سان موافقت پيدا ڪرڻ جو اثر جوڙيو آهي.
غزل شھري مجبورين، شھري روين ۽ شھري زندگيءَ جي المين کي نئين زبان ۽ نئون بيان ڏنو آهي، ڇو ته غزل نئين زندگيءَ سان دوبدو آهي، ۽ موجوده دؤر جي نظام کي اُگهاڙو ڪري ٿو، جيڪو هيڻي جو استحصال ڪري ٿو، ۽ ڏاڍي کي تحفظ ڏئي ٿو.
”هي فٽ پاٿ تي ڪير آهي پيو،
ڇو ڪُڇي ئي نٿو هيءُ گونگو شھر.“ (24)
”شھر ۾ سانحو ڪيڏو ٿيو هو،
حياتي نيم سان گذري رهي هئي. (25)
”هر چوڪ تي اُڌاري، ملندي آ زندگي،
ڇڙٻن سان ٿا نڀائن، هي ٻار شھر جا!“ (26)
”روشني ڪا ڏي وئي هئي شھر جي،
رات ڀر اوندهه ٻري هئي شھر جي. (27)
”اوندهه جو ٻرڻ“ نئين دؤر ۽ نئين زندگيءَ جو نئون استمارو آهي، جيڪو نه صرف شھري سماج جو احاطو ڪري ٿو، پر جديديت پُڄاڻان صورتحال کي تخليقي انداز ۾ سمائي ٿو.
شھر ۾ رهڻ ۽ اُن کي قبولڻ پُٺيان جيڪا مجبوري هوندي آهي. سنڌ جي جديد غزل اُن مجبوريءَ کي پڻ اظھاريو آهي.مجبوري ئي سھي، شھري زندگيءَ جو عڪس اُن ۾ موجود آهي، ۽ ڳوٺ موٽڻ جي آس ختم ٿي چڪي آهي.
”شھر اسان مان رت ڪڍي ويو، ڳوٺ نه موٽياسين،
هاءِ نڀاڳي پئسي پُٺيان، ڪاٿي پهتاسين.“ (28)
”هڪڙي پاسي گوليون هن،
۽ ٻي پاسي پٿراءُ.(29)
”وقفو ڪرفيو ۾
گهٽيون جاڳن ٿيون. (30)
”شھر جي چونڪ تي انبوهه هُيو،
۽ ڪي نعرا ها، باهه جي وجهو.(31)
”بازار ۾ بازار جا ماپا کڻي بيھڻ“ شھري زندگيءَ جي قبوليت جو سِڌو اظھار آهي.
”ڪجهه لفظ، ڪجهه ٽانڊا کڻي بازار ۾ بيھي رهيو،
بازار جا ماپا کڻي بازار ۾ بيھي رهيو.“(32)
شھري سماج ۾”پاڻي“ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. پاڻيءَ جي کوٽ، شھري ماڻهوءَ کي ڪيتري قدر بيوس ۽ مجبور ٿي ڪري، ۽ جديد غزل، اُن بيوسيءَ ۽ مجبوريءَ کي پنھنجو موضوع بڻائي هڪ الميي وانگر پيش ڪيو آهي.
”روز ڀلا چَئُه ڪِئن مان وهنجان،
هفتي هفتي پاڻي اچي ٿو.“(33)
جديد غزل پنھنجي دؤر جي زندگي، شھري سماج ۽ ان جي مسئلن، خوف ۽ خطري، دهشتگردي ۽ سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي خاتمي کي پنھنجي اظھار جو ذريعو بڻايو آهي. جديد غزل، شھري سماج ۽ نئين زندگيءَ جي مُنجهارن، پيچيدگين ۽ نفسياتي اُلجهن ۽ شھر جي دک درد ۽ المين ي نئين ماحول جي تقاضائن سان هم آهنگ بڻائي پيش ڪيو آهي. جديد غزل شھري مسئلن ۽ المين کي اظھاريندي، فرد کي اهميت ڏني آهي. ان ۾ شھري سماج، صنعتي ۽ مشيني تھذيب جي انتھائي صورت ”فرد جي مرڪزيت“ جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿي، جنھن ۾ شھري سماج، فرد دشمن طور سُڃاپجي ٿو.
”قھر آ شھر آ؟ يا رڳو زهر آ،
رُت جو پهر آ، چنڊ حيران آ.“(34)
”موت جڏهن کان ٿِيو آ شھر جو،
بي ڪفن ميت پيو آ شھر جو
خون ۽ دهشت جو ’ڊريڪولا‘ اچي،
خوف سارو پِي وِيو آ شھر جو.“(35)
غزل شھري زندگيءَ کان اکيون چورائي، پنھنجي لاءِ ڪنھن جادوئي ۽ طلسمي ماحول کي پنھنجو ناهي ڪيو، پر شھري زندگيءَ کي قبول ڪرڻ پنھنجي عھد جي اکين سان اکيون ملايون آهن، ۽ شھري زندگيءَ جي مختلف پھلوئن کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو آهي.
هاڻوڪي غزل، اڳين غزل جي ڪيترين ئي روايتن کي ٽوڙي، شھري زندگيءَ کي نئين انداز سان ڏٺو آهي. ان ڪري ان ۾ گهڻو ڪجهه نئون آهي، ۽ اُن جي لھجي ۾ تازگي آهي. جديد صنعتي تھذيب ۽ شھري سماج ۾ شھر وارن جي وچ ۾ ڪو رشتو، تعلق ۽ پنھنجائپ بجاءِ، چالاڪي، منافقت ۽ مفادن وارو هڪ اهڙو تعلق آهي، جنھن کي تعلق نٿا چئي سگهون. شھري مزاج ۽ رويا انسان کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ جوڙڻ بجاءِ ٽوڙڻ ۽ وڇوڙن ٿا. ان ڪري شھر وارن ۾ ڌارائپ جو احساس شديد زور سان اُڀري ٿو، جيڪو احساس شھري سماج جي فرد جي ذهني انتشار ۽ ذات جي پيڙا جي نمائندگي ڪري ٿو.
”مِٺا، ڳالهه پٿر يا گُل جي نه آ،
سِتم آ ته ڪوئي سُڃاڻي نه ٿو.“ (36)
”ڪو به چھرو ڪين ٿو پنھنجو لڳي،
لفظ، لھجا ۽ اکيون سڀ اوپريون.“
ڍنڍ ٿي مون کان پڇي مان ڪير هان،
ڳوٺ رستا ۽ ٻنيون سڀ اوپريون.(37)
شھر جي ماڻهن جي واسطن، لاڳاپن جي ڪيمسٽريءَ کي سمجهجي ته اها خبر پوندي ته پورو شھر هڪٻئي کي سُڃاڻيندي به هڪ ٻئي کان لاتعلق ۽ اجنبي بڻيل آهي. شھر جي ان مزاج ۽ سڀاءُ کي جديد غزل بيان ڪيو آهي، ۽ شھر وارن جي ڪوڙ، مڪر ۽ فريب کان اسان کي آگاهه ڪيو آهي.
جديد غزل ماڻهو جي وڃايل وجود ۽ گم ٿيل سُڃاڻپ کي تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
جديد دؤر ۾ انسان جي سڃاڻپ ۽ انفراديت نئين سماج جي ڀڄ ڊڪ ۽ هل هنگامن ۾ گم ٿيندي پئي وڃي. جديد غزل انسان جي اصل سڃاڻپ ۽ اُن جي انفراديت جو متلاشي آهي.
”اُٿي اڌ رات جو هٿ پاڻ کي لائي ڪيم پڪ پئي،
ڪٿي ڏينهن جو وساري پاڻ کي ٻيو ته مان ناهيان.“ (38)
”انيڪ آدمي رهن ٿا مُنفرد ۽ مختلف،
نه شھر جون شناختون، نه ڪو پتو نشان جو!“ (39)
صنعتي ترقي، ماڻهوءَ کان اُن جي سڃاڻپ ۽ انفراديت کسي ورتي آهي.
”جنھن کي آيو جو، ويو لِکندو مٿس،
هُو رهيو ساري عمر ديوارَ جيان.“(40)
جديد غزل ۾ شھري قدر، بي حسي ۽ سڃاڻپ جي ڳولا جا عنصر موجود آهن.
”گم ڪٿي ٿي ويو اٿس چھرو،
آرسيءَ کان پتو پُڇي پيو ٿو.(41)
”ڪوئي به شخص سُڃاتو نه پئي ويو ڪنھن کان،
سموري شھر جي چھرن کي رات ڇا ٿيو هو؟“(42)
شھر جي بي حسي ۽ ڪنهن به فرد جي شناخت ۽ سڃاڻپ کان انڪاري شھر جو عڪس هيٺين شعر ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
”ان کي ڪُلها، پُٺاڙا، هٿ، پير ٿا کپن،
هي شھر آهي، ڪنھن جو چھرو پُڇي نٿو،(43)
نئين غزل ۾ تمدني عڪس مختلف شعرن ۾ پکڙيل ملن ٿا. جديد غزل، جديد دؤر ۽ جديد تمدني زندگيءَ سان گڏ هلڻ لڳو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته تمدني زندگيءَ جي رفتار تيز آهي، ۽ نئون غزل سطحي پڻي کان پاڻ کي بچائيندي، نئين تخليقي دنيا ذريعي هوريان هوريان اڳتي وڌي رهيو آهي. نئين غزل جديد تمدني زندگيءَ جي مجبوريءَ ۽ بيوسيءَ جي شدت کي بيان ڪيو آهي. جنھن ۾ نوڪريءَ تي ويندڙ ماءُ ڏينهن جا ڏينھن پنھنجي ٻار سان نٿي ملي.
”گاڏي ليٽ آ اڄ پڻ بيبو،
ممي ممي ڪري سمهي پيو آ.“ (44)
”شھري زندگيءَ جي اها انتھا ئي ليکجي، جتي ٻار ڪم تي ويندڙ ماءُ کي ڏينھن جا ڏينھن نٿو ڏسي سگهي ۽ روز هو روئي روئي سمهي ٿو پوي، ايم ڪمل جو اِن مفھوم وارو شعر، شھري زندگيءَ جي دئيتي روپ کي پوريءَ طرح اُگهاڙي ٿو. شھر جو اهو ڪ- روپ اڳئين غزل ۾ ڪٿي به ظاهر ڪو نه ٿيو آهي.“ (45)
ايم ڪمل جو اهو شعر جديديت جي توسيع ۽ جديديت پُڄاڻا صورتحال جي عڪاسي ڪري ٿو. هاڻوڪي وقت ۾ دنيا جنھن صورتحال مان گذري رهي آهي، غزل اُن صورتحال ۽ ذهني رويي کي اعتماد سان ۾ اظھاري رهيو آهي.
هند ۾ صنعتي ترقيءَ ۽ پيداوار جي ذريعن جي تبديليءَ جا اثر، هند جي سماج ۽ هند جي غزل تي پيا آهن. ان ڪري جديد تمدني زندگي، هند جي غزل گو شاعرن جي ذاتي تجربي جو هڪ حصو آهي. ايئن انساني ترقيءَ جي اوسر کي بيان ڪرڻ ۾ جديد غزل اڳيان ڪري ٿو آهي، شھري سماج ۽ جديد تمدني زندگيءَ کي ويجهڙائيءَ کان ڏسي، انفرادي تجربي جي بنياد تي تنھن جو سماجي ۽ نفسياتي ڇيد ڪيو آهي.
رشتن جي وچ ۾ آيل دوري ۽ ڌاريائپ جا عڪس، جديد غزل جي تبديليءَ جي علامت آهي. نوان خيال، نئون فڪر، نئون ذهني رويو، نوان مونجهارا ۽ مسئلا ۽ نيون پيڙائون جديد غزل جي سڃاڻپ آهن.
”ماڻهو اڳيان پويان پاڇا ڊوڙن ٿا،
نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا.
سچ، اُصول ۽ احساسن کي دفنائي،
رستن تي بس زندهه لاشا ڊوڙن ٿا.“
”ڪيئن ڪري سگهندا، منزل کي پنھنجو هُو؟
خيال اُهي جي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا.“(45)
جديديت پُڄاڻا دؤر ۾ پيار، محبت، وفا، دوستي ۽ خوني رشتا زوال جي ور چڙهي معاشي مفادن تائين محدود ٿي ويا آهن. جديد تمدني زندگيءَ جو اهڙو عڪس نئين غزل ۾ موجود آهي.
”ساڳئي ئي شھر ۾ رهي هاڻي ملون نٿا،
ڏينھن کان پنھنجو هڪ ٻئي ۾ ڪم پيو نه هو.“ (47)
رشتن ۽ دوستين جي وچ ۾ معاشي مفاد اچي ويا آهن. غزل اهڙيءَ صورتحال جي سُھڻي عڪس بندي ڪئي آهي.
جديد تمدني زندگيءَ ۾ رشتن ناتن، انساني قدرن ۽ انساني احساسن جي اهميت گهٽجي آهي. معاشي مفاد ۽ دولت پٺيان ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ سان انسان پنھنجي فطري جَڙ يعني ڳوٺ کان به ڪٽجي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال کي غزل تخليقي انداز ۾ بيان ڪيو آهي.
”ڳوٺ ويو ڪٽجي رشتن کان،
ريل جي رهي پٽڙي ميري.“ (48)
جديد غزل شھري زندگيءَ جي انتھا ۽ رشتن ۽ قدرن جا عڪس، اهڙي پيڙيندڙ جذبي تحت سمايا آهن، جو پڙهندي ئي پيڙا جو احساس جاڳي پوي ٿو. اها پيڙا نه صرف اڄ جي فرد جي پيڙا آهي، پر اها پيڙا پوري سماج ۽ اڄ جي دؤر جي پيڙا آهي. جنھن کان ڪنھن به صورت لنوائي نٿا سگهون.
”جدا هر پُٽ جو ڪمرو ڪمرو آهي،
امڙ جي کٽ رکڻ اوکو لڳي ٿو.“ (49)
جديد غزل، جديد تمدني سماج کي مادي پرستيءَ جو غلام ڏيکاريو آهي. ٻي معنيٰ ۾ غزل موجوده دؤر جي انسانن کي اهو محسوس ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هو پنھنجي اوائلي فطري اجهي کان ڪٽجي ويا آهن. نئين غزل جي شاعرن ڄاڻايو آهي ته مادي پرستيءَ ۾ مبتلا انسانن کي موضوع بڻايو آهي. ۽ پنھنجو رشتو جديد تمدني سماج جي انهيءَ صورتحال سان جوڙيو آهي، جنھن ۾ روحاني، سماجي، تھذيبي ۽ اخلاقي قدرن جي ٽٽڻ کان پوءِ جنم وٺندڙ صورتحال هڪ نئين صورت سان آڏو اچي ٿي. جديد تمدني زندگيءَ ۾ انسان خود هڪ منڊيءَ جي شيءِ وانگر هوٽلن، بار ۽ ڊانس گهرن ۾ وڪري لاءِ دستياب ڪيو آهي. جسم فروشي جديد صعنتي ۽ مشيني زندگيءَ ۾ هڪ باقاعده صنعت جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.
”هوٽلون، بار ۽ ڊانس گهر،
سڀ مِلڻ جا اڏا ٿي ويا.“(50)
تمدن جي تناظر ۾ غزل کي ڏسجي ته محسوس ٿيندو ته تنھن جو فڪر کان وڌ احساس ۽ جذبي تي زورآهي. جديد غزل پنهنجو رشتو استحصال جو شڪار ٿيندڙ غريب طبقي سان جوڙيو آهي. غريب طبقو رزق جي ٻن ويلن جي تلاش ۾ شھر جو رُخ ڪندو آهي، ۽ پوءِ مشيني پُرزا بڻجي ويندو آهي. جديد غزل ۾ اهو ئي غريب طبقو پنھنجي هئڻ جو ادراڪ ڪرائي ٿو ۽ صنعتي ۽ مشيني دؤر جي هٿان استحصال ٿيندڙ غريب طبقي جي ڏکن ۽ معاشي هلاکيءَ جي عڪاسي ڪئي آهي.
روزگار جي تلاش، دولت، ۽ مادي شين ۽ آسائشن کي حاصل ڪرڻ جي خواهش جي پورائيءَ لاءِ غزل ۾ بي گهري ۽ دربدريءَ جو احساس شدت سان اُڀريو آهي. صنعتي انقلاب انساني سوچ کي تبديل ڪيو آهي. مادي شين کان وٺي سماجي، معاشي ۽ اخلاقي قدرن ڏانهن انسان جو ذهني رويو ۽ ڏسڻ جي نظر تبديل ٿي آهي، ۽ صدين کان رائج فرسوده روايتن، ريتن، رسمن ۽ تصورن تي ڀرپور وار ڪيو ويو آهي. نئين غزل نئين دؤر ۾ انسان جي وجودي ۽ داخلي بحران جي عڪاسي نئين ذهني رويي ۽ نئين نظر سان ڪئي آهي.
شھري زندگيءَ يا جديد تمدني زندگي، مصنوعيت جو نالو آهي، ۽ فطرت کان دوري ۽ اُن جي قتل عام جو نالو آهي. جديد تمدني زندگيءَ انسان کان اُن جي معصوميت کسي وٺندي آهي.
جديد غزل ۾ فطرت سان ويجهو رهندڙ هڪ ڳوٺاڻي جي تجسس ۽ حيرت کي بيان ڪيو ويو آهي، ۽ شھري زندگيءَ جي فطرت کان دؤريءَ جو نوحو ڳايو ويو آهي. غزل ۾ ماڻهوءَ جو نه هجڻ، ماڻهوءَ جي اندر جي معصوميت جي خاتمي ڏانهن اشارو آهي.
”آدمي، پنڇي، نه ئي آڪاش هو،
ڳوٺ ۾ ڪنهن ڳالهه ڪئي هئي شھر جي.“ (51)
شاعرن تاثر قائم ڪيو آهي ته شھري زندگي يا جديد تمدني زندگي الڳ آهي، ۽ فطرت کان دوري آهي. اُها انسان کان هن جي معصوميت کسي وٺندي آهي. شاعرن شھري ترقي يا مادي ترقيءَ کي روحاني قدرن جي زوال جو جھڙوڪ قرار ڏنو آهي. مادي پرستيءَ ۾ ورتل انسان احساس کان محروم ٿي ويندو آهي. هن جي سوچ تي اخبار، ٽي وي، رسالا، سوشل ميڊيا، ڪتاب ۽ سياست اثرانداز ٿين ٿا. سوچ تي اها اثراندازي نئين دؤر جي انسان کان انفرادي احساس ۽ فيصلي ڪرڻ جي سگهه ختم ڪري ڇڏي ٿي. منڊيءَ جي معيشت انسان کي منجهائي ڇڏيو آهي. شھري انسان کي مادي شين خريدڻ واري سوچ ميڊيا ڏيندي آهي، يعني هن جي پنھنجي سوچ تي ميڊيائي سوچ حاوي ٿي ويندي آهي. سرمائيدار منڊيءَ جي معيشت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ميڊيا جي معرفت اشتھارن کي هٿيار طور استعمال ڪندا آهن. اشتھارن جي ڦھليل ڄار ۾ شھري ماڻهو ڦاسي پئي ٿو. انساني قدرن جو مُلهه ڪري پوي ٿو. جديد غزل 1980ع کان پوءِ زرعي سماج مان نڪري، نئين شھري ماحول ۾ داخل ٿيو، ۽ اُن ۾ شھري موضوع ۽ ڪردار پيش ٿيڻ لڳا. جديد غزل صنعتي ۽ مشيني زندگيءَ جي خوبصوتيءَ ۽ بدصورتيءَ کي تخليقي انداز ۾ ورتايو آهي. نئين غزل شھري مسئلن ۽ درد کي پوريءَ شدت ۽ گهرائيءَ سان بيان ڪيو آهي. ان ۾ شاعرن شھري زندگيءَ جي مسئلن کي کڻي آندو آهي.
سنڌ جون معروضي حالتون ٻيون ۽ هند جون معروضي حالتون ٻيون آهن. هند جي نئين غزل تي صنعتي ۽ مشيني تھذيب جا اثر واضح آهن، جڏهن ته سنڌ جي جديد غزل ۾ صنعتي ۽ مشيني تھذيب جي اثرن بجاءِ سنڌ جي معروضي حالتن جو عڪس وڌيڪ نمايان ٿي بيٺو آهي. سنڌ جي جديد غزل ۾ شھري سماج جي المين جي پيشڪش سنڌ جي سماجي ۽ سياسي حالتن جو نتيجو آهي. غزل شھري زندگيءَ جي المين کي اظھاري، نئين دؤر جي حسيت کي سمايو آهي. جديد غزل تيز رفتاريءَ سان تبديل ٿيندڙ سماج سان گڏ تبديليءَ کي قبول ڪري، زرعي سماج مان نڪري، شھري سماج ۽ جديد صنعتي دؤر ۾ هم آهنگ ٿيو آهي. شھري سماج جن ذهني ۽ نفسياتي مونجهارن کي جنم ڏنو، غزل ۾ تنهن جا ڪنھن قدر عڪس ۽ تاثر به ملن ٿا. جديد غزل ۾ جديد دؤر، نئين زندگي ۽ نئين دؤر جي حالتن جو احساساتي وچور سمايل آهي. نئون غزل سنڌ ۾ به پنھنجا پير ڄمائي رهيو آهي. هند ۾ ايم ڪمل نئين غزل کي بُلندي بخشي آهي، ايم ڪمل پنھنجي غزل کي وڏيءَ حڊ تائين شھري غزل بڻائي، اُن جي ماحول، مزاج ۽ پيشڪش کي تبديل ڪيو.
شھري اوسر ۽ صنعتي اوسر جي انساني احساسن، فڪري ارتقا ۽ خود آگاهي، اُن جي سوچڻ جي انداز، ذهني رويي، اُن جي پيڙائن ۽ شھري المين کي جديد غزل واضح ڪيو آهي.
حوالا
- موهي، واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي،ٽائيمس پبليڪيشن،اُلهاسنگر،2007،ص:32
- نانگراج، مصطفي، راهون پنڌ پيون،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2015، ص: 149
- ساڳيو،ص: 207
- ڪمل،ايم،باھ جا وارث، ڪمل ڪتاب گهر،اُلهاسنگر،1986،ص: 29
- موهي،واسديو،ڳالھ شاعريءَ جي،ٽائيمس پبليڪيشن،اُلهاسنگر، 2007، ص: 75
- پشپ، لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام،ويڻا پبليڪيشن،اُلهاسنگر،2001، ص: 83
- سميجو، اسحاق، مور نگر تي مينهن،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2020،ص: 54
- حسيني، امداد، ھوا جي سامهون، روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2000،ص: 111
- واجد، سوريءَ مٿي سيڻ،سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو غلام علي،1988،ص: 16
- ساڳيو، ص: 17
- سميجو، اسحاق، گناھ جا گيت،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2006،ص: 106
- رند، اقبال، مون کي غزل ۾ رک، سڀيتا پبليڪيشن،حيدراباد،2019،ص: 16
- احمد، مُنير، ٻه شاعر ٻه ڪھاڻيڪار، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو ڄام،1992،ص: 41
- پشپ، لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام،ويڻا پبليڪيشن، اُلهاسنگر،2001، ص: 40
- حاسد، ارجن، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي،ساهتيه اڪادمي،دهلي،2008، ص: 21
- پشپ، لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام،ويڻا پبليڪيشن،اُلهاسنگر،2001، ص: 49
- موهي، واسديو، ريل جي پٽڙي ميري،تخليق پبليڪيشن، احمد آباد،2009،ص: 12
- سميجو، اسحاق، گيڙو ويس غزل،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2015،ص: 331
- واجد، سوريءَ مٿي سيڻ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو غلام علي،1988،ص: 25
- موهي، واسديو، ورهاڱي کان پوء سنڌي غزل جو هئنڊ بڪ،ساهيته اڪادمي،گجرات،2008، ص: 123
- ساڳيو،ص: 123
- ناٿن شاهي،آثم، شاعري،سڀيتا پبليڪيشن،حيدراباد،2018،ص: 92
- سميجو،اسحاق، مور نگر تي مينھن،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2020،ص: 82
- واجد، سوريءَ مٿي سيڻ، سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو غلام،1988،ص: 34
- عاجز، علي دوست، رتا روهيڙا،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2017،ص: 25
- آذر، اشفاق، عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي،ڪنول پبليڪيشن،قنبر،2019،ص: 207
- سولنگي، حبدار، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ،سمبارا پبليڪيشن،حيدرآباد،2019،ص: 26
- ميمڻ،سعيد،نيڻ سفر ۾، سنڌي ساهت گهر،حيدرآباد،1998،ص: 81
- ملڪ، مختيار، اُماس ۾ به سوجهرو،پريت پبليڪيشن،خيرپور،2002،ص: 32
- مھراڻوي، بخشڻ، التجا،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2011،ص: 35
- ميمڻ،سعيد،نيڻ سفر ۾،سنڌي ساهت گهر،حيدرآباد،1998،ص: 96
- جاني، اياز، دراوڙ دل جي تنھائي،نئون نياپو،ڪراچي،2016،ص:185
- آسوداڻي، ونود، ڀُڻ ڀُڻ، آميسٽ پرنٽرس،ڀوپال،2005،ص: 89
- سميجو، اسحاق، گيڙو ويس غزل،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2015،ص: 270
- ناٿن شاهي،آثم، ڇا چيس آئيني، رم جهم پبليڪيشن،دادو، 2006،ص: 82
- عاجز،علي دوست،رنگ رتو آڪاس،سارنگا پبليڪيشن،حيدرآباد،2009،ص: 120
- سومرو، ادل، وساري نه ڇڏجو،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2004،ص:56
- نانگراج، مصطفي، راهون پنڌ پيون،روشني پبليڪيشن،ڪنڊيارو،2015،ص: 235
- سولنگي، احمد، خواب آوارا پکي،سنڌيڪا پبليڪيشن،ڪراچي،2013، ص: 183
- گل، اياز، ميلي جي تنهائي،پوپٽ پبلشنگ هائوس،خيرپور،2012،ص: 95
- مولاڻي، کيمن يُو، ڌرتيءَ کان آڪاس تائين،لڪشمي پبليڪيشن،احمد آباد،2010،ص: 20
- شبير، جاويد، فنا سواءِ سڀ فنا،ڪنول پبليڪيشن،قنبر،2014،ص: 101
- جاني، اياز، دراوڙ دل جي تنھائي،نئون نياپو،ڪراچي،2016،ص: 172
- ڪمل ايم،روشن راهون ڌنڌلا ماڳ،ڪمل ڪتاب گهر، اُلهاسنگر،1981،ص: 49
- موهي،واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي،ٽائيمس پبليڪيشن،حيدرآباد،2007،ص: 16
- گل،اياز،ميلي جي تنھائي،پوپٽ پبلشنگ هائوس،خيرپور،2012،ص: 86
- ڪمل، گوپ، پن ڇڄڻ جو آواز،تخليق پبليڪيشن، احمد آباد،2013،ص: 88
- موهي، واسديو، ريل جي پٽڙي ميري،تخليق پبليڪيشن،احمد آباد،2009،ص: 12
- آسوداڻي،ونود،ڀُڻ ڀُڻ ،آفيسٽ پرنٽرس،ڀوپال،2005،ص: 59
- ڪمل، گوپ، سج اڳيان ٻڪ،تخليق پبليڪيشن،احمد آباد، 2011،ص: 121
- سولنگي، حبدار، مُنڌ ٻوڙيو مھراڻ،سمبارا پبليڪيشن،حيدرآباد،2019،ص: 26