نجم عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ سنڌي سماج
(Sindhi Society in the stories of Najam Abbbasi)
ڊاڪٽر عائشه سريوال
Abstract
In Sindhi literature, Najam Abbasi is recognized for his distinct identity as a writer of short stories that highlight societal inequalities and injustices. He is considered a social realist whose literary work gives meaning to harsh social realities and provides a voice for oppressed classes. As a trained medical doctor, Najam Abbasi remained connected to society. In both his roles as a doctor and a writer, he diagnosed biological ailments as well as social issues. He developed a profound awareness of the social and economic struggles faced by individuals and the masses. The analysis of his stories reveals a compelling depiction of the oppression experienced by underprivileged classes. Unlike a fatalistic approach, Najam Abbasi does not portray social issues, violation of rights, or dominance as mere outcomes of fate. Instead, his work focuses on social and economic inequalities as the root causes of social ills and oppression. This research paper seeks to analyse the representative role of Najam Abbasi in creating progressive and socially realistic dimensions within his stories.
نجم عباسي سنڌيءَ جو اهڙو ليکڪ آهي، جنھن مختصر ڪھاڻيون لکي، سماج جي لاهن چاڙهن، اڻ برابري ۽ ناانصافين کي عيان ڪيو آهي. هو صحيح معنيٰ ۾ هڪ سماجي حقيقت نگار آهي، جنھن سماج جي ڪڙين مٺين حقيقتن کي بامعنيٰ ۽ مظلوم طبقن جي حق ۾ چٽيو آهي. پيشي ۾ ڊاڪٽر هئڻ ناتي سماج سان سندس گھرو لاڳاپو رهيو. ايئن هڪ ئي وقت اديب ۽ ڊاڪٽر هئڻ جي حيثيت ۾ بيمارن سان گڏ سماج جي نبض کي به جاچيندو رهيو. ماڻهن وسيلي فرد توڙي اجتماع جي سماجي ۽ معاشي حالتن کان گھري نموني واقفيت حاصل ڪيائين. هن جي ڪھاڻين جو جائزو وٺبو ته هر ڪھاڻي هيٺئين طبقي تي ٿيندڙ ظلمن جو داستان بيان ڪندي ملندي. هو سماجي براين، حق تلفين ۽ ڏاڍ کي مقدر يا لکئي جو ليک نٿو سمجهي، ان ۾ سماجي ۽ معاشي اڻ برابريءَ کي ذميوار سمجهي ٿو. ان سماجي براين کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ ماڻهن ۾ انهن خلاف جاڳڻ ۽ وڙهڻ جو شعور به پيدا ڪري ٿو. هو پنھنجيءَ تخليق ۾ بيحد کليل طريقي سان اظھار ڪري ٿو ۽ انتھائي بيباڪيءَ سان لکي ٿو. هو علامتن، تمثيلن ۽ تجريد بجاءِ ابلاغ کي اهميت ڏئي ٿو. غفور ميمڻ جي چوڻ موجب:
”نجم عباسي واحد ڪھاڻيڪار آهي، جنھن هميشه کريون ۽ سچيون ڳالهيون ڪيون آهن. هو ڪٿي به سمجهوتي يا علامت نگاريءَ جو سھارو نه ٿو وٺي. ان جو انداز سائنسي انداز سان سوچڻ وارو هو، جنهن ڪري هو انسان کي سندس فطري ۽ جديد دور مطابق تبديل ٿيندڙ تعميراتي انسان ڏسڻ ٿو چاهي.“ (1)
هن جي ڪھاڻين جا موضوع ظلم، هيٺئين طبقي جو ٿيندڙ استحصال، سماجي برايون، پير پرستي، وهمن، عقيدن ۽ وسوسن جو شڪار فرد، مٿئين طبقي جو ڏاڍ، سماجي نابرابري ۽ سنڌي سماج جون فرسوده ريتون رسمون آهن. هو اهي سڀ ڳالهيون جاڳرتا ۽ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي خيال کان ڪري ٿو. اهو شعور جيڪو ويڙهه ۽ بغاوت سيکاري. هن جي افسانن ۾ طبقاتي نظام سان نفرت جابجا نظر ايندي . ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي چوڻ موجب ته:
”ڊاڪٽر نجم عباسي هڪ حقيقت نگار وانگر معاشري جي براين تي نگاهه رکي ٿو ۽ زندگيءَ جي ڪنھن نه ڪنھن رخ کي ظاهر ڪري ٿو. پر ان ۾ هن جي طبقاتي نظام جي خلاف جدوجھد واري سوچ سمايل آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي هر تصنيف ۾ فرد سان ٿيندڙ ظلم جو داستان پيش ڪيل آهي. ان ڪري هن جي لکڻين جا ڪردار شاگرد، هاري، مزدور، ڪلارڪ، هيٺئين ۽ وچين ڪلاس جا ماڻهو آهن.“ ( 2)
هن وٽ زندگيءَ جا گوناگون موضوع به آهن. هن زندگيءَ ۾ آيل ڪيترن ئي ڪردارن، حالتن ۽ واقعن کي پنھنجن ڪھاڻين جو موضوع بڻايو آهي. البته هن جو هيرو عام ماڻهو ئي آهي. نجم عباسي نه رڳو حقيقتن کي بيان ڪري ٿو، پر انهن مسئلن کي سلجهائڻ جا طريقا ۽ حل پڻ ٻڌائي ٿو. هن وٽ تبديليءَ ۽ آزاديءَ جو حل سماجي ۽ سياسي انقلاب ۾ آهي. اڪبر لغاريءَ جي چوڻ موجب:
”ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي سڄاڻ اديب ان ڪري چيو ويندو آهي ته هو ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جي مسئلن کي سمجهڻ سان گڏوگڏ انهن جا حل پڻ ٻڌائي ٿو.“ (3)
نجم عباسيءَ جون ڪھاڻيون غريب عوام جو اهو بلند آواز آهن، جيڪي شاهوڪار، سرمائيدار، پيرن، زميندارن ۽ جاگيردارن خلاف هڪ طاقتور تحريڪ طور ڪم ڪن ٿيون. غريب عوام سان ٿيندڙ هر انصافيءَ جي ترجماني نجم عباسيءَ جي ڪھاڻين ۾ سگهاري طريقي سان ملندي. نجم عباسي کليل اظھار باوجود ڪھاڻيءَ جي فني نزاڪتن جو به خيال رکيو آهي. جيتوڻيڪ ڪن هنڌن تي اهي ڪھاڻيون نعري بازيءَ جي شڪ هيٺ به ڏٺيون وڃن ٿيون، پر هن حقيقتن کي پنھنجي خيال ۽ جذبي سان ڳوهي ڪھاڻيءَ جو روپ ڏنو آهي. هر ماڻهو وٽ دنيا کي ڏسڻ جي پنھنجي اک ۽ ان کي پرکڻ لاءِ عليحده سوچ هوندي آهي. نجم عباسي به پنھنجيءَ اک سان ڏسي ٿو. هر فن جو ڄاڻندڙ پنھنجا پنھنجا نظريا رکي ٿو، جنھن جو هن کي مڪمل حق آهي. اهڙا نظريا نجم عباسيءَ وٽ به آهن. هڪ افسانه نگار طور هو سماج کي جنھن اک سان ڏسي ٿو، جنھن ادراڪ سان پرکي ٿو، ان جي بنياد تي ڪھاڻيءَ جي رٿا جوڙي، ان کي لفظن ۽ اسلوب جو ويس پھرائي، پيش ڪري ٿو. نجم عباسيءَ جي خاص خوبي اها آهي ته هو تخيل ۽ تصور تي حقيقت کي فوقيت ٿو ڏئي. افسانويت بجاءِ حقيقت پسنديءَ تي يقين ٿو رکي. ان ڪري سندس پلاٽ حقيقي، واقعا حقيقي، ڪردار حقيقي، مڪالما حقيقي ۽ ڪشمڪش به حقيقي ملندي. ان ۾ سمورو حسن هو اسلوب سان ٿو ڀري. هن جي ڪلا هن جي انداز بيان ۽ اسلوب مان ظاهر ٿئي ٿي. نجم عباسي خود چوي ٿو ته:
”اوطاق ۾ بابي صاحب ۽ سندس سنگتين جي ڪچھري متل هئي. مان به ويٺو هوس. ڪنھن هڪ حاجيءَ جو واقعو ٻڌايو، جو هن کي حج تي پنڌ ويندي، واٽ تي پيش آيو هو. اهو واقعو اهڙي دلچسپ پيرايي ۽ پُراسرار ڍنگ ۾ بيان ڪيو ويو، جو مون کي بيحد مزو آيو ۽ ڏاڍو متاثر ٿيس. ٿڏي تي ئي مون کي خيال آيو ۽ اتي ويٺي ئي ان خيال اجهل جذبي جي صورت اختيار ڪئي، ان واقعي کي ڪھاڻيءَ جو ويس پارائي لکان- لکڻ پڙهڻ سان دلچسپي اڳ ئي هئي. اتان اٿي گهر پھچي، پھريون ڪم اهو ڪيم جو ان واقعي ۾ ڪجهه ڦير گهير ڪري، مرچ مصالحو ملائي، ڪھاڻيءَ جي صورت ۾ لکي پيش ڪيم.“ (4)
هن واقعي مان نجم عباسيءَ جي تخليقي محرڪن جو اندازو ٿئي ٿو. ان طرح هن سماج ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو آهي، ان کي چٽو ڪيو اٿس. پنھنجي شعور ۽ تخليقي سگهه مطابق هر سماجي وارتا، مسئلي ۽ برائيءَ کي ڪھاڻيءَ ۾ جاءِ ڏني اٿس. هن جي سوچ تخيلي دنيا ۾ ڀٽڪڻ بجاءِ حقيقي دنيا ۾ گھمندي نظر ايندي. هو آس پاس جي ماحول ۾ جهاتي پائڻ جو قائل آهي ۽ ظاهري توڙي پوشيده ڦٽن تان پردو کڻندو، اڳتي وڌي ٿو. هن جي هر ڪھاڻي ڪنھن نه ڪنھن مقصد تحت لکيل آهي. سندس ڪھاڻين ۾ داخلي ڪيفيتن بدران خارجي حالتن ۽ واقعن جو عڪس سرس نظراچي ٿو. هن هڪ ماهر ۽ جراح وانگر سماج جي مختلف بيمارين ۽ حقيقتن جي ڇنڊڇاڻ تمام سھڻي نموني ڪئي آهي. هو پنھنجن ڪھاڻين جو محرڪ توڙي مقصد هيئن ٿو ٻڌائي: “جاگيرداري، سرمائيداري ۽ پرماري سماج ۾ برائي انسان جي ضرورت آهي. ضرورت جي بار هيٺ ئي انسان برائي ڪري ٿو. ان ڪري سماج مان برائي ڪڍڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته پرماري نظام جي پاڙ پٽي وڃي.“ (5)
سماج جي هر مسئلي کي سچائي، ايمانداري ۽ پنھنجي تجربي آڌار پيش ڪندي هن ڪئين ڇرڪائيندڙ ۽ سماج جا اونداها پاسا به روشنيءَ ۾ آندا آهن. نجم عباسيءَ جو جنم 18 آڪٽوبر 1927 تي ٿيو ۽ 1995ع ۾ گذاري ويو. هو هڪ گهڻي لکندڙ ڪھاڻيڪار طور مقبول هيو. سندس ڪھاڻي ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ (1969)، ”پٿر تي ليڪو“ (1973)، ”جيڪي منھنجي من ۾ آهي“ (1977)، ”ناچڻي“ (1978)، ”ايڏو سور سھي“ (1978)، رشتا ناتا (1981)، ”سورج هوندي مرجهايل“ (1982)، ”للڪار“ (1983)، پروفيسر (1984)، مٿي سنڌ سڪار (1988)، منهنجون بھترين ڪھاڻيون (1991)، پاڻ ۾ ويٺا آهيون“ (1992)، ”اوچا ڳاٽ پھاڙن جا“، ”ڪھاڻيون/انٽرويو“ (1993) ۽ ”دل وارن جي دنيا“ (ٽماهي مهراڻ ۾ ڇپيل سندس ڪھاڻيون، مرتب: يوسف سنڌي) شامل آهن. هن جي ڪھاڻي ڪتابن ۾ ”طوفان جي تمنا“ (1969) بيحد اهم مجموعو آهي، جنهن ۾ پير پرستي، مذهبي رواداري، ورهاڱو، غربت سبب پيش ايندڙ سانحا تخليقي انداز ۾ پيش ٿيل ملندا. ڇوڏو، دعا ۽ تاڙيون، ملو ۽ ڪاليجي، حادثا جن سبق سيکاريو، ڪوريءَ جي ڪھاڻي، رانديڪو، هاڻوڪو خاندان وغيره سنڌي ادب جي تاريخ جون اهم ڪھاڻيون آهن. ڪجهه ڪھاڻين جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
ڇوڏو: ٻھراڙين ۾ رهندڙ اڪثريت جو عقيدو ۽ اعتبار پيرن ۽ ولين ۾ هوندو آهي. هو پنھنجي اٻوجهائي ۽ سادگيءَ سبب انهن مان هرهڪ کي ڪاني ڪرامت جو صاحب سمجهي، کانئن فيض پنڻ لڳنداآهن. هر بيماري بڙيءَ ۾ ٽوڻا ڦيڻا، پاڻي پڙهائڻ، سڳا وٽائڻ ته عام ڳالهه آهي، پر علاج معالجي لاءِ مزارن جي مٽي، وڻن جا پَن ۽ ڇوڏا به استعمال ڪندا آهن. هو درگاهن تي وڃي پنهنجون مرادون گهرندا آهن، اولاد ۽ پٽن جو دعائون پنندا آهن. بيماريءَ ۾ پيرن تي اٺ اٺ راتيون وڃي رهندا آهن. پوءِ اتان ڪو اشارو ملڻ جي وهم تي موٽي ايندا آهن. نجم عباسيءَ جي “ڇوڏو” ڪھاڻي پڻ ان پس منظر ۾ ئي لکيل آهي. ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته:
”پٽڙا، منھنجي واسطي سائين سٻاجهي پير جي ڪنڊيءَ جو ڇوڏو آڻجانءِ، هونءَ ته تَپ ڇڏيندم ئي ڪو نه.“ (6)
انهن پيرن سان ڪيتريون ئي ڪھاڻيون ۽ ڪرامتون منسوب ڪيون هونديون آهن. جيئن منجهن ڪرامت سمجهي ماڻهو انهن کي پوڄڻ شروع ڪري ڏيندا آهن. ٻھراڙي ۾ اڪثر ڪيترائي اٻوجهه ماڻهو مزارن تي وڃي سجدا پڻ ڪندا آهن. جيڪڏهن ڪنھن وڻ سان يا جڳھه سان انهن جو ڪو به ڪرامت جھڙو واقعو منسوب هوندو، ته ان وڻ کي به ڪرامتي سمجهڻ لڳندا آهن. ان ڪھاڻي ۾ پڻ پير سٻاجهي شاهه جو واقعو بيان ڪيل آهي:
”چون ٿا ته هڪ دفعي سائين سٻاجهي شاهه ان ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺان اچي منزل ڪئي هئي ۽ اتي ئي هڪ انڌي کي ڪرامت سان سڄو ڪيو هئائين. ان کان پوءِ ان وٽ اهو سلسلوشروع ٿيو.“ (7)
ان بعد اهو وڻ يا جاءِ پراسرار ۽ ڪرامتي تصور ٿيڻ لڳي. ماڻهو بي خياليءَ ۾ به ان جي بي حرمتي ڪرڻ کان ڊڄڻ لڳا هئا، ته متان ان جي نتيجي ۾ ڪو نقصان نه پھچي. پوءِ اهڙا ڪئين قصا به گهڙجڻ لڳا: فلاڻي هي عمل ڪيو، ته کيس فلاڻو نقصان پھتو. اهي ڳالهيون ۽ قصا وهمن مان وڌي عقيدن جي درجي کي ڇھڻ لڳندا آهن ۽ ايئن ماڻهو خوف جي غلامي ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ان ڪنڊي لاءِ به اهڙيون ئي روايتون عام هيون. اهي روايتون نسل در نسل هلنديون، وڌنديون ۽ هر نسل جي ذهن ۾ خوف ۽ حراس جي وڻ ويڙهي بڻجنديون رهيون. ڪنھن کان ڪا غلطي به ٿي وڃي، ته ان جو سک ڦٽي وڃي ته هاڻ ڇا ٿيندو. هن ڪھاڻيءَ جو بنياد به اهو ئي پلاٽ آهي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ پوڙهي عارب ماءُ بيمار ٿي پوي ٿي ۽ تندرست ٿيڻ لاءِ پنھنجي عقيدي موجب هڪ نوجوان کي سٻاجهي شاهه جي ڪنڊيءَ جو ڇوڏو آڻي ڏيڻ لاءِ ٿي چوي. نوجوان پنڌ ۽ خفي کان بچڻ لاءِ کيس سٻاجهي شاهه جي ڪنڊيءَ بجاءِ ڳوٺ جي ڀر واري عام ڪنڊيءَ جو ڇوڏو آڻي ٿو ڏئي. پر جلد ئي کيس اهو وهم ورائي ٿو وڃي ته يا عارب ماءُ کي ڪجهه ٿيندو يا مون کي ڪو نقصان پھچندو. ان ڪري نوجوان رستو ئي تبديل ڪري ٿو ڇڏي. هو ڪيل بي حرمتيءَ جي بنياد تي ڪنھن نه ڪنھن مصيبت ۾ ڦاسڻ جي وهم ۾ ورتل ٿو رهي. جيئن ڪھاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آهي:
”مون رواجي ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڇوڏي کي سٻاجهي شاهه واري ڪنڊيءَ جو ڇوڏو ڪوٺي نه فقط ڪوڙ ڳالهايو آهي، پر سائين واري ڪنڊي ۽ خود سائينءَ جھڙي وليءَ جي بي حرمتي ڪئي آهي. هاڻي مان پڇتائي رهيو هوس يا ان ڊپ کان ڪنبي رهيو هوس ته مون تي ڪا به مصيبت نازل ضرور ٿيندي.“ (8)
ٻئي طرف پوڙهي پنھنجي عقيدي سبب ڇوڏو ٻڌي ٿي ته هن جو ذهن کيس پرسڪون ڪري ٿو ڇڏي ۽ چوٿين پنجين ڏينھن بلڪل تندرست ۽ سرهي ٿي وڃي ٿي. ڇوڏو آڻيندڙ ڪردار ان وهم ۾ ورتل هيو ته پوڙهي شايد وڌيڪ بيمار ٿي پئي آهي، جو گهر به نه آئي آهي. ضرور ان جو گناهه مون کي ٿيندو. پر جڏهن ڪجهه ڏينھن ۾ پوڙهيءَ کي سرهو ڏٺائين ته حيران ٿي ويو. مٿان پوڙهيءَ جي ڳالهه ٻڌي، ويتر وائڙو ٿي ويو. پوڙهيءَ اعتماد سان اچي چيو ته:
”پٽ شابس هجئي، مون ان وقت ئي تنھنجو آندل ڇوڏو اڳڙيءَ ۾ وجهي ٻانھن ۾ ٻڌي ڇڏيو هو. تپ وري منھنجو نالو به نه ورتو. صدقي وڃان سائين سٻاجهي شاهه جي نانءُ تان.“ مان وائڙو ٿي هن ڏانھن نھارڻ لڳس.“ (9)
نجم عباسيءَ جون ان موضوع تي ڪي ٻيون ڪھاڻيون به ملن ٿيون، جن ۾ پير جو لوڻ، ڪرامت، قدم چمڻ لاءِ وغيره شامل آهن. اهي ڪھاڻيون سنڌي سماج ۾ پير پرستي، انڌن عقيدن ۽ وسوسن جھڙن مسئلن تي ٻڌل آهن.
دعا ۽ تاڙيون: نجم عباسيءَ جي هن ڪھاڻيءَ جو موضُوع مذهبي نوعيت جو آهي، پر ان ۾ هن پنھنجي فڪر ۽ خيالن جو اظھر ڪيو آهي. هر سماجي حقيقت نگار مذهب جي معروضي پاسن ۽ ان سان لاڳاپيل ڪردارن جي ذهني روين ۽ دٻاون جي پس منظر کي جاچيندو آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ دينداري ۽ پاڪيزگيءَ جي جھالت تي ٻڌل تصوير جو عڪس چٽيو ويو آهي، جنھن جو دين توڙي مذهبي احڪامن سان ذري برابر به واسطو نه آهي. ڪھاڻيءَ جو پس منظر هڪ واقعو آهي، جنھن لاءِ نجم عباسي پاڻ ئي لکي ٿو:
”مان گهڻو ڪري پنھنجي ڪھاڻيءَ جو بنياد پنھنجي شخصي آزمودي، ڏٺل گهٽنا، ٻڌل واقعي يا ڄاتل سڃاتل شخص تي رکندو آهيان. مثال طور: دعا ۽ تاڙيون واري ڪھاڻي هيٺئين واقعي کان متاثر ٿي لکيم. جڏهن مان لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ ڊاڪٽر هئس، تڏهن اتي هڪڙي زخمي عورت کي آندو ويو. هن پنھنجي زناني عضوي کي ڇري سان وڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن جي عمر 25 سال هئي ۽ اها اڃا اڻ پرڻيل هئي. ائين ڪرڻ جو سبب پڇيم ته جواب مليو، مائي ڏاڍي ديندار هئي. پرهيزگار آهي، ۽ روزي نماز جي پابند- شايد ڪو روحاني جذبو چڙهيس، جو ائين ڪري وڌائين.“ (10)
هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ مرد ڪردار ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو شديد مذهبي هجڻ يا هر وقت عبادتن ڪرڻ سبب ڪنهن عورت کي ڏسڻ يا منھن پوڻ کي به گناهه سمجهي ٿو. مٿان مختلف مذهبي ماڻهن جي بي علميءَ تي ٻڌل ڳالهين ۽ ستي جتيءَ جي ڪھاڻين کي ٻڌڻ سبب پنھنجو مرداڻو عضوو ئي ڪٽي ٿو ڇڏي. ڪردار کي ايترو ته مومن ڏيکاريو ويو آهي، جو هو الله جي ذڪر کان سواءِ ٻئي ڪنھن ڪم يا انساني گهرج کي ضروري نٿو سمجهي. عورت کي شيطان ۽ نفرت ڪندڙ سمجهي ٿو، جيڪا مرد کي ورغلائي ۽ خراب ٿي ڪري. هو ماڻهن سان ميل جول ختم ٿو ڪري، پر عورت کان ته کيس سخت نفرت آهي. ڪھاڻيءَ ۾ آهي ته:
”هن جوانيءَ ۾ قدم رکيو. نوان امنگ جاڳيا ۽ نيون خواهشون بيدار ٿيون. پر زال ذات کان هن جي دل ۾ هڪڙي قسم جي ڌڪار پيدا ٿي چڪي هئي. جنھن ماحول ۾ ڄائو نپنو هو، جيڪو مطالعو ڪيو هئائين، ان مان انهي انومان تي پھتو هو ته عورت گناهه جي جَڙ آهي. هن جي ويجهڙائي مرد کي دين ايمان مان ڪڍيو ٿي ڇڏي ۽ عورت ئي حضرت آدم کان بھشت ڇڏرايو.“ (11)
اهڙا ڪردار فرسٽريشن ۽ ذهني دٻاون ۾ جيئندا آهن. مذهبي ماڻهن پاران دين جي غيرعلمي تشريح، انساني زندگي ۽ سماج جي فرضن ۽ ذميوارين کان ڀڄڻ، فقط ۽ فقط دينداريءَ تي زور ۽ عورتن ۽ مردن کي هڪ ٻئي لاءِ غير محرم ۽ حرام سمجهڻ جو نتيجو محرومين جي صورت ۾ نڪري ٿو. ٻئي طرف ڪتابن جو اثر به انساني ذهنن تي گهڻو پوي ٿو. اصل ۽ بنيادي مذهبي ماخذن بجاءِ مختلف فرقن جي ملن جون لکيل چوپڙيون پڙهڻ سان ماڻهن جا ذهن جھڙيءَ ريت متاثر ٿين ٿا، هيءَ ڪھاڻي ان جو ڏکوئيندڙ پاسو کڻي آئي آهي.
نجم عباسي هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار کي به اهڙن مذهبي ڪتابن جي زيرِ اثر ڏيکاريو آهي.
”هن کي مذهبي ڪتابن مان معلوم ٿيو هو ته ڪيترن وڏن وڏن ولين ۽ پھتل بزرگن ساري عمر شادي نه ڪئي. عورت ذات کان پري رهيا. شيطان کان ڀڄجي. انهن ڳالهين مان ائين سمجهيو ته جنسي خواهشن کي دٻائڻ ئي ڇوٽڪارو آهي. خدا جو دوست به اهو ئي آهي.“ (12)
ٻئي طرف انساني فطرت آهي، جيترو به ڪنھن جبلت، خيال يا خواهش کان پري ڀڄبو، اها ايترو ئي شدت سان وڪوڙڻ لڳندي آهي. انهن خواهشن کي دٻائڻ ۽ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ئي ماڻهو ذهني نفسياتي ۽ جذباتي بحرانن جو شڪار بڻبو آهي. هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار سان به ايئن ئي ٿئي ٿو:
”هڪڙي ڏينھن ته نسورو غضب ٿي ويو. هن جي سامائل ڀيڻ غسلخاني ۾ وهنجي رهي هئي. گهر ۾ ٻي پھر موجود ڪا نه هئي. هن جي دماغ ۾ خيالن جي اٿل پٿل هئي. هن کي پنھنجو تن من تپندو محسوس ٿيو. پوءِ هو ڄڻ ته سوچڻ سمجهڻ جي سگهه وڃائي ويٺو. هن جا هٿ پاڻمرادو ڪرسي ڏي وڌي ويا. اها کڻي هو غسلخاني وٽ پھتو. ان تي چڙهي هڪ ننڍڙي ڳڙکيءَ مان ليئاڪا پائڻ لڳو.“ (13)
هيءَ فرسٽريشن ۽ ذهني ۽ جنسي بي راهه رويءَ جي بدصورت شڪل آهي. پر اهو سڀ انهن تعليمات جو نتيجو آهي، جيڪي انسان جي ازلي ۽ بنيادي جبلي خواهشن تي پھرا ويھارن ٿيون. جڏهن به ڪا هڪ غلطي ٿيندي آهي، تڏهن ان جي ازالي لاءِ ماڻهو ڪيترين ئي نين ۽ ڏوهه جھڙين غلطين ما گذرندو آهي. ڪيترن ئي وهمن ۽ وسوسن سبب انسان پاڻ کي مصيبتن جي منھن ۾ ڏئي ڇڏيندو آهي. هڪ مصيبت کان بچڻ لاءِ ٻي مصيبت جي ور چڙهي ويندو آهي. هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار به ڄاڻايل غلطيءَ جو ازالو ان ريت ڪيو:
”تيز پاڪي سان ’گناهه جي سلي‘ کي ئي ڪٽي وڌائين. ائين ڪندي هن کان رڙ نڪري وئي ۽ هو بيھوش ٿي ڪريو. ماڻهن سڀ ڪجهه اچي اکين سان ڏٺو.“ (14)
نجم عباسيءَ هڪ سماجي حقيقت نگار جي حيثيت ۾ هڪ اهڙي موضُوع کي ڪھاڻيءَ ۾ ڇيڙيو آهي، جيڪو عام طور ممنوع ٿيل تصور ڪيو ويندو آهي. هو اڻ سڌيءَ ريت ۽ بنا ڪنھن تبليغ جي جنس بابت جھالت تي ٻڌل مذهبي تاويلن کي رد ڏئي ٿو. سندس اهڙيون ڪھاڻيون ٻيون به لکيل ملن ٿيون، جن ۾ قلب اندر ڪعبو، ڇوٽڪاري جي واٽ، امين گل وغيره شامل آهن. مذهبي سختين ۽ پابندين انساني جذبات ۽ محرومين کي ڪيئن اڀاريو آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪھڙا هاڃا ٿيا آهن، اها روداد انهن ڪھاڻين ۾ ڏنل آهي .
مُلو ۽ ڪاليجي: نجم عباسيءَ جي هيءَ ڪھاڻي سماج ۾ رهندڙ اهڙن ماڻهن جي زندگين جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪي پاڻ ته بک تي به رهندا آهن، پر ملن جي ٻڌايل ڳالهين تي لڳي، پنھنجي پيٽ جو ٽڪر جھان ڇڏي ويندڙ مٽن مائٽن جي ختمي لاءِ رکندا آهن. اهي مزدور هاري، سڄو ڏينھن محنت مزدوري ڪري ڪمائين ۽ رات جو بي ايمان، ڪاهل ۽ ڪم چور ماڻهن جو پيٽ ڀرين. هن ڪھاڻيءَ ۾ مزدورن، هارين، مسترين جي زندگين جي عڪاسي ڪيل آهي، جيڪي جهوپڙين ۾ رهن ٿا ۽ خدا جا حقيقي دوست آهن، پر مذهبي ماڻهن جي غلط ڳالهين ۽ تشريحن ٻڌائڻ تي پنھنجي وات جو گرهه ختمي جي نالي ۾ ملان کي ڏيڻ تي مجبور ٿيو وڃن. ملان وري غريبن کان ماني وٺي پاڻ ته کائي ٿو، پر بچيل ٽڪر پنھنجي چوپائي مال جي اڳيان اڇلائي ٿو ڇڏي. ائين به نه ته کڻي ڪنھن غريب جي ٻار کي ڏئي، جيئن ان جو ويلو ٽري وڃي. هن ڪھاڻيءَ ۾ مذهب جي نالي ۾ غريب ماڻهن جي استحصال ۽ ڦرلٽ کي موضُوع بڻايو ويو آهي. نيٺ ان صورتحال کي پڙهيل لکيل ماڻهو سمجهي وٺن ٿا ۽ ملي آڏو اٿي بيھن ٿا. ڪاليجي ڇوڪرا، ملي کان پڇ پڇان ۽ طنز پڻ ڪن ٿا ته اها ماني اسان جي وڏڙن تائين ڪيئن پھچندي آهي. اها طنز هڪ قسم جي تنقيد آهي، جيڪا ليکڪ جو اصل مقصد به آهي، دراصل هو ٻڌائڻ گهري ٿو ته اهي ڳالهيون هٿ ٺوڪيون آهن ۽ ماڻهن کان وات جو گرهه کسڻ جي هڪ صورت آهن. نجم جي هيءَ ڪھاڻي جيئن ته بغاوت ۽ شعور ڦھلائڻ جو ڪم ڪري ٿي، تنھن ڪري سماجي حقيقت نگاريءَ جو بھترين مثال آهي. ڪھاڻي ۾ آهي ته:
”ڪنهن ٻارهن ورهين جي ٻار پڇيو ته ماني ڪيئن ٿي وڃي اسان جي مُئلن ڏي. ڪاليجي جواب ڏنو. هيڏانھن ٻڌ، اسين ٽپال جي دٻي ۾ لفافو يا ڪارڊ وجهندا آهيون ته وڃي مالڪ کي ملندو آهي. اهڙيءَ طرح ملن جو ڪشادو پيٽ به ليٽر باڪس آهي. جيڪو به اسين فوت ٿيل عزيزن کي ڏينداسين، اهو به ملي جي پيٽ ۾ پوڻ سان انهن کي وڃي رسندو.“ (15)
هيءَ سموري ڪھاڻي ملن جي ڪردار جي منفي رخن کي عيان ڪري ٿي. ڳوٺ وارا انهن تي ڪيئن اعتبار ڪندا آهن ۽ پڙهيل لکيل ماڻهو انهن جي اصليت تان ڪيئن پردو کڻي سگهن ٿا، هن ڪھاڻيءَ جو اصل بنيادي موضوع آهي. ملن جي نڪمائي، مفت خوري ۽ مذهب جي آڙ ۾ غريب ماڻهن سان ٺڳين کي هيءَ ڪھاڻي شدت سان اڀارڻ جو ڪم ڪري ٿي.
حادثا: نجم عباسيءَ هيءَ ڪھاڻي 1960ع ڌاري لکي ۽ 1965ع ڌاري ”نئين زندگي“
رسالي ۾ شايع ٿي.غربت، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي غريب ماڻهن سان ڪھڙا ڪلور ڪندي آهي، ان کي منھن لاءِ ماڻهو ڪيترين مشڪلاتن مان گذري ٿو، هن ڪھاڻيءَ ۾ جابجا پڙهڻ لاءِ ملندو. ٻارن جي پالنا ۽ ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ ڪو شخص ڪيترن سانحن، تڪليفن ۽ المين ٿو ۽ زندگي کيس ڪيئن مايوسيءَ طرف ڌڪي ٿي، ليکڪ هن ڪھاڻيءَ ۾ ڀرپور نموني چٽيو آهي. البته پلاٽ فلمي نوعيت جو محسوس ٿئي ٿو. ڪھاڻيءَ جو مرڪزي ڪردار هر روز ڪنھن ڪاموري، فلم اسٽار يا ڪنھن امير جي گاڏي سان وڃي ٽڪرائجي ٿو. پوءِ اهي پنھنجي جان بچائڻ لاءِ مرهم پٽي ڪرائڻ سان گڏ کيس ٻه ٽي رپيا خرچي ڏئي، هليا وڃن ٿا ته جيئن پوليس ڪارروائي کان بچي سگهن.هڪ لحاظ کان هيءَ نڪمائي ۽ بي همٿيءَ کي به ظاهر ڪري ٿي. نجم عباسي لکي ٿو:
”سائين مون جھڙي دائمي بيمار ۽ ڪمزور کان ڪھڙو ڪم ٿي سگهندو يا مون بي واهي کي ڪير نوڪري ڏيندو. ڪوشش ته مون گهڻي ڪئي. بس سمجهو ته ڪڏهن ڪڏهن مزوري ڪندو آهيان. پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو پوي ٿو. هن جا جواب فلم گونگو جا رٽيل جملا هئا. مون مشڪيو. مون کي هن غريب ۽ زماني جي ستايل انسان جو بار بار حادثن جو شڪار ٿيڻ سمجهه ۾ اچي ويو هو.“ (16)
نجم عباسي ٿلهي ليکي ڪھاڻين ۾ غريب ماڻهن جي زندگين ۽ مسئلن جي عڪاسي ڪئي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ به ساڳئي ئي طبقي جي ماڻهن جي المين ۽ ڪوتاهين جي کول ڪئي اٿس. هو ان لاءِ رڳو سرمائيدار، وڏيري ۽ مٿئين طبقي کي به ذميوار نٿو قرار ڏئي، جيئن عام طور ترقي پسند ڪندا آهن. البته هو خود هيٺئين طبقي جي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي به تنقيد ڪري ٿو. پر جيئن ته هو سماجي حقيقت نگار آهي، تنھن ڪري ڪٿي نه ڪٿي امير ۽ غريب جي فرق کي به واضح ڪري ٿو، ۽ ٿيندڙ استحصال ۽ زيادتين تي مٿئين طبقي کي تنقيد جو نشانو بڻائي ٿو. هن غريب ماڻهن جي قسمت کي هن طرح واضح ڪيو آهي:
”سائين! اسان غريبن جي قسمت ئي غريب آهي. شاهوڪارن جون موٽرون به اسان جي ئي مٿان چڙهن. هو پنھنجي دولت جي نشي ۾ اهو ڪو نه ڏسن ته ڪو انسان آهي. بس حضور، اسين لکڻيءَ جو پيا ڀوڳيون، جو قسمت به ائين ئي آهي.“ (17)
سبق جن سيکاريو: هيءَ ڪھاڻي عياش مردن جي زندگين ۽ انهن جي عياشيءَ جي نتيجن جي ترجماني ڪري ٿي. سماج ۾ عورت کي فقط جنس طور ڏسندڙ مرد ڪڏهن ڪڏهن پاڻ به حادثن جو شڪار ٿي وڃن ٿا، اهو هن ڪھاڻيءَ جو پلاٽ آهي.. ڪھاڻي انهن ماڻهن جي لاتعلقي ۽ غيرذميواريءَ جي هاڃن جو به احاطو ڪري ٿي، جيڪي اولاد کي نوڪرن جي حوالي ڪري پاڻ عياشيون ڪندا رهندا آهن. ٻئي رخ کان ڏسجي ته مائٽن جي ڏوهن جي سزا اولاد کي ڀوڳڻي پوندي آهي. ڪنھن ٻئي جي نياڻيءَ ۾ هٿ وجهڻ سان پنهنجي گهر جي عزت بي آبرو ڪيئن ٿي بچي سگهي ٿي، اهو هن ڪھاڻيءَ جو اهم پھلو آهي. ڪھاڻيءَ جو ڪردار هڪ عياش شخص آهي، جنھن جي زندگي عورتن جي جسمن سان کيڏندي گذري ٿي ۽ اهو ڏسي نوڪرن ۾ پڻ حوس جاڳي ٿي. هو به مختلف عورتن جي پٺيان ڀڄن ٿا. عورت نه ملڻ تي مالڪ جي معصوم نياڻيءَ کي ئي حوس جو نشانو بڻائين ٿا:
”رمضان صاحب جي پھلو ۾ هر قسم جي عورت ڏٺي. ٻھراڙيءَ واري ڀولي عورت، نيم عيان، ميم صاحبه، لعل بازار جي ڪسبياڻي، غراري سان، ڪاري برقعي ۾ گلابي ڳٽن واري عورت ڦاٽل ۽ ميرن ڪپڙن واري نوجوان فقيرياڻي. هو وڏو آفيسر هو، ان ڪري ان کي هر مال ملي سگهندو هو.“ (18)
هن ڪھاڻيءَ جو هڪ ڪردار نوڪر آهي، جيڪو پنھنجي مالڪ کي عياشي ڪندي ڏسي ٿو، ته منجهس به حيواني خواهش ۽ حوس جاڳي ٿي۽ رات ڏينھن انهن ئي خيالن ۾ رهي ٿو. ڪيترين ئي عورتن کي خواب ۾ ڏسندو رهي ٿو، پر هڪ ڏينھن پنھنجي حوس لاءِ مالڪ جي ٻارهن سالن جي ڌيءُ سان زيادتي ڪري ٿو.
”هڪڙي ڏينھن جڏهن گهر ۾ ٻيو ڪو ڪو نه هو، ماهتاب جي معصوميت جو فائدو وٺندي، هن جي اندر ۾ آگ جو کورو ٻرڻ لڳو... هڪ لمحي لاءِ هن جي ڪن ۾ ڊرائيور جي گفتگو گونجڻ لڳي... پوءِ هن ماهتاب تي مجرمانو حملو ڪيو. هن گهڻيون ئي رڙيون ڪيون، پر ان وقت ٻڌڻ وارو ڪير هو!“ (19)
نجم عباسي پنھنجي ڪھاڻين ۾ تلخ حقيقتن تان پردو کڻندي، لڪل المين جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي اسان جي سماج ۾ ڏينھنون ڏينھن وڌندا پيا وڃن. انسان جيڪو پوکيندو، اهو ئي لڻندو. ليکڪ اڻ سڌيءَ ريت اهو پيغام ٿو ڏئي ۽ بظاهر مذهب ۽ سماج جي مڪروه صورت ۽ ڪڌن عملن بابت آئينو ٿو ڏيکاري .
ڪوريءَ جي ڪهاڻي: هيءَ ڪھاڻي نجم عباسي خانواهڻ ۾ رهڻ دوران 1948ع ڌاري لکي هئي. هيءَ ڪھاڻي سياسي پس منظر ۾ لکيل آهي. هن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته سياست ۾ اهي ماڻهو ايندا آهن، جيڪي هڪ ته ڄٽ، جاهل يا ظالم هوندا آهن ، ٻيو غريب عوام جي ڏک سور کان بلڪل نا واقف هوندا آهن. وٽن غلط ۽ صحيح کي سمجهڻ جي اهليت نه هوندي آهي. جيتوڻيڪ نجم عباسي پاڻ سياسي سوچ جو مالڪ آهي، پر پنھنجي ملڪ ۽ علائقي جي سياسي حالتن جو تجزيو هن طرح ٿو ڪري:
”آءُ سچ ٿو چوان ته هنن کي انسان ڪوٺڻ ئي حيوانيت آهي. ۽ اهي ئي حيوان اسان جي مٿان حڪومت هلائيندا آهن. اسان واسطي قانون ٺاهيندا، بگهڙ کي ٻڪرين جي ڌڻ جو پاسبان بنايو ٿو وڃي. بوٽ ڳنڍڻ واسطي به قابليت ۽ آزمودي جي ضرورت آهي. مگر حڪومت هلائڻ واسطي ڪا به قابليت لازمي نه آهي.“ (20)
هن ڪھاڻيءَ ۾ ان احساس کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته سياستدان هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو هجڻ کپي. جيڪو انساني مسئلن، ملڪي مسئلن ۽ سياسي مسئلن جي ڳنڀيرتا کي ڄاڻندڙ هجي، ۽ مسئلن جو حل پڙهيل لکيل ماڻهن وانگي ڪڍي اچي. هيءَ ڪھاڻي سياسي نظام ۽ حڪومتي سرشتي تي عدم اطمينان کي ظاهر ڪري ٿي. ليکڪ هن ڪھاڻيءَ ۾ غريب ۽ هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي سياسي سوچ ۽ ذهني روش کي به ظاهر ڪيو آهي، جيڪي سياستدانن جي نااهلين ۽ غلط پاليسين سبب نسل درنسل ڀوڳي رهيا آهن. هيءَ ڪھاڻي سماجي تبديليءَ جي خواهش کي به اڀارڻ جو ڪم ڪري ٿي.
رانديڪو: نجم عباسيءَ جي ڪھاڻي ”رانديڪو“ 1953ع ڌاري لکي وئي آهي. ساڳئي سال ”نئين زندگي“ رسالي ۾ شايع ٿي. ”رانديڪو“ بي جوڙ شادين جي موضُوع تي لکيل ڪھاڻي آهي، جيڪي اسان جي سماج ۾ روز جو معمول آهن. اڪثر ڌيءُ کي بار سمجهي، ڪڏهن پاڻ کان ننڍي ٻار جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن يا ڪنھن 80 ساله پوڙهي جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. معصوم نياڻيءَ جي دل ۾ خوابن جي دنيا ٺھيل دنيا تباهه ٿي ويندي آهي. جيئن ڪو زلزلو يا بم ڪنھن عمارت کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي، بي جوڙ شادي نياڻيءَ جي وجود کي ايئن ڊاهي ڦٽي ڪندي آهي. ان موضوع کي نجم عباسيءَ شاندار نموني ڪھاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي. هر ڇوڪري جي خواهش اها هوندي آهي ته ان جو همسفر خوبصورت ۽ نوجوان هجي، جيڪو هن جي خواهشن ۽ ضرورتن کي سمجهي، هڪ سٺو ساٿي بڻجي سگهي، هڪ سٺو دوست ٿي سگهي. جيئن هن ڪھاڻيءَ ۾ عورت ڪردار جي خواهشن کي ظاهر ڪيو ويو آهي.
”هوءَ پنھنجي هستيءَ کي نامڪمل محسوس ڪرڻ لڳي. هن کي شديد ضرورت محسوس ٿي رهي هئي. هڪ دوست جي، سگهاري ساٿي جي، هڪ اهڙي همسفر جي جنھن سان هٿ ۾ هٿ ڏيئي، زندگيءَ جون منزلون، دشوار مرحلا اطمينان ۽ آرام سان طئي ڪري سگهي.“ (21)
پر ڪٽنب جي غلط فيصلن سبب ايئن ٿي نٿو سگهي. ڪئين مجبورين جون زنجيرون سامهون اچن ٿيون ۽ ڇوڪريءَ کي اهي ڀوڳڻيون پون ٿيون. اسان جي سماج ۾ ته عورت جي زندگيءَ جو فيصلو ٻين جي هٿن ۾ هوندو آهي. هو سوچن وسيلي ڀلي ته محل ٺاهي ڇڏي، پر هن کي خبر هوندي آهي ته سندس زندگيءَ جا فيصلا هن جي پنھنجي هٿ ۾ نه هوندا آهن. مڙس بجاءِ ڪو به فرد رانديڪي جيان هن جي زندگيءَ ۾ وقت گذاريءَ لاءِ داخل ڪيو ويندو آهي:
”خيالي دنيا ۾ هوءَ اهو وساري ويھدي هئي ته هو اهڙي سوسائٽي جي فرد هئي، جنھن ۾ هن کي ۽ هن جهڙين ٻين عورتن کي پنھنجو رفيق حيات چونڊڻ يا پسند ڪرڻ جو ڪو به حق ڪو نه هو .هن کي ساٿي نه پر رانديڪو مليو هو.“ (22)
اهڙي ئي قسم جي هڪ ٻي ڪھاڻي آهي، ”عمر شادي جي سزا“، جيڪا پڻ بي جوڙ شادين جي موضُوع تي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ زال مڙس شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ته ٻڌل آهن، پر انهن جون طبيعتون پاڻ ۾ نٿيون ملن، جنهن سبب سندن ڪٽنبي ۽ جذباتي زندگي مسئلن جي ور چڙهيل آهي. نجم جون ڪھاڻيون ”ديسي سيڻ ڪجن“، ”هٿ ڪڙيون“ ۽ ”پٿر تي ليڪو“ وغيره ديسي ماڻهن ۽ خاص طور سنڌي ٻوليءَ بابت لکيون ويون آهن. هو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ڌاري ٻولي ڪيئن اصلوڪن رهواسين جي ٻوليءَ جو استحصال ڪري ٿي. هڪ ٻولي ئي هڪ وطن جي رهاڪن جي دلين کي ويجهو آڻيندي آهي. نجم عباسيءَ جون قوم پرستيءَ واريون ڪھاڻيون انقلابي نوعيت جون آهن، جن ۾ سنڌي سماج ۾ سجاڳي ۽ تبديليءَ لاءِ تڙپ، ڪوشش ۽ شعور ملندو. ڊاڪٽر ريحانه نظير، نجم عباسيءَ تي لکيل پنھنجي پي ايڇ ڊي جي مقالي ۾ لکي ٿي: ”نجم عباسي تقريبن 25 کان مٿي ڪتاب ۽ ٽي سئو کان وڌيڪ ڪھاڻيون لکيون، جن جا موضوع سياسي ۽ سماجي ظلمن ۽ روڳن جھڙوڪ: قومي ۽ رياستي جبر، سرمائيداري، جاگيرداري نظام جي منافقي، لوڀ ۽ لالچ ۽ ان جي پورائي لاءِ هر طرح جي ڪڌائي، ڪميڻائپ، ظلم ۽ دهشت جو مظاهرو ڪرڻ ۽ گڏوگڏ سنڌي ماڻهن جي سادگي، جھالت. بک، بيروزگاري، تعليمي شعور جي گهٽتائي سبب پيرن، مرشدن ۽ ملن جي سازشن ۽ مڪارين، انڌن عقيدن ۾ مبتلا ٿيڻ ۽ عورتن کي ذاتي ملڪيت تصور ڪرڻ جھڙن مسئلن سان ڀريل نظر اچن ٿا. هن انهن سمورين براين خلاف کلم کلا بغاوت ڪري، انهن براين کي معاشري مان روڙي، کرڙي صاف ڪري، ماڻهن کي زندگيءَ جي صحتمند اصولن کان متعارف ڪرائي، ترقي پسند اديب جي صحيح معنيٰ ۾ تشريح ڪئي ۽ پڙهندڙن کي هڪ نئين ۽ منصف سماج جوڙڻ جو فڪر ۽ فلسفو ڏنو. ادب جو ترقي پسند منصب ۽ مقصد به اهو آهي.“ (23)
اها ڳالهه درست آهي ته نجم عباسي هڪ آدرشي ليکڪ آهي، جنھن جون ڪھاڻيون غريب ماڻهن جي زندگيءَ کي بدلائڻ جي آرزو رکن ٿيون ۽ هڪ اهڙوڳ سماج اڏڻ چاهن ٿيون، جيڪو ظلم، جبر ۽ استحصال کان آجو هجي.
حوالا:
- ميمڻ، عبدالغفور، ڊاڪٽر، 2002ع: سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، شاهه عبداللطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي.
- خواجه، نوور افروز ،ڊاڪٽر، 2010ع: ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر، شيخ شوڪت اينڊ سنز، ڪراچي
- لغاري، اڪبر، 2010ع: سنڌي ادب جو مختصر جائزو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو
- عباسي، نجم، 1969ع: طوفان جي تمنا، سنڌ يونيورسٽي پبليڪيشن، ڄام شورو
- عباسي نجم، 1993ع: جبل مٿي باهڙي(مرتب: يوسف سنڌي)، سچائي اشاعت گهر، دڙو
- عباسي، نجم، 1969ع: طوفان جي تمنا، سنڌ يونيورسٽي پبليڪيشن، ڄام شورو ، ص 9
- ساڳيو، ص 10
- ساڳيو، ص 13
- ساڳيو، ص 14
- ساڳيو، ص 5
- ساڳيو، ص 57
- ساڳيو، ص 58
- ساڳيو، ص 51
- ساڳيو، ص 58
- ساڳيو، ص 70
- ساڳيو، ص 147
- ساڳيو، ص 144
- ساڳيو، ص 73
- ساڳيو، ص 19
- ساڳيو، ص 23
- ساڳيو، ص 58
- ساڳيو، ص 51
- نظير، ريحانه ڊاڪٽر، 2016ع: نجم عباسي جديد انقلابي فڪر جو ترجمان، ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد