سنڌُو لکت جي ڀاڃ: هڪ اڻ ڳوليل ڳجھه
(Indus Script: The Unsolved Mystery)

عزيز ڪنگراڻي

Abstract

The Indus script is one of the most enigmatic and unresolved puzzles in the study of ancient civilizations. Despite extensive efforts by linguists, archaeologists, and epigraphists, several key challenges remain in its decipherment. These challenges include the absence of bilingual or trilingual inscriptions, the limited length of surviving texts, and the uncertain linguistic affiliations of the script. Additionally, the lack of contextual and cultural understanding of the Indus Valley Civilization makes it even more difficult to establish meaningful connections between the script and the society's socio-political and economic structures. Many hypotheses have been proposed regarding the script's linguistic identity, ranging from Dravidian to completely unrelated languages, but none have gained widespread acceptance. As a result, the Indus script remains an unsolved mystery in historical linguistics. However, with advancements in computational methods and ongoing interdisciplinary research, there is hope that the script may eventually be decoded. This breakthrough could provide invaluable insights into one of the earliest advanced urban societies in human history.

Keywords: Indus Script, decipherment, linguistic affiliations, epigraphists, contextual understanding, computational methods, Indus Valley Civilization

 

تَتُ

سنڌُو لکت قديم تھذيبن جي سڀني کان وڌيڪ پرسرار ۽ اڻڄاتل ڳُجهن مان هڪ آهي. لسانيات جي ماهرن، آثار قديمه جي ماهرن، ۽ تحريرن جي ماهرن جي وسيع ڪوششن باوجود، ان جي ڀاڃ ۾ اڃا تائين به وڏيون چئلينجون موجود آهن. انهن مشڪلاتن ۾ ٻه يا ٽي ٻولين ۾ لکت جو نه هجڻ، لکت جو مختصر هجڻ، ۽ سنڌُو لکت جي لِپي جي لساني وابستگي جي ڄاڻ نه هجڻ اهم سبب آهن. ان کان علاوه، سنڌُو ماٿريءَ جي تھذيب جي سماجي ۽ ثقافتي پسمنظر جي ڄاڻ جي کوٽ به سنڌُو لکت جي ڀاڃ ۽ ان کي معاشري جي سماجي، سياسي، ۽ معاشي ڍانچي سان لاڳاپي کي مشڪل بڻائي ٿي.

سنڌُو لکت جي لساني سڃاڻپ بابت مختلف نظريا پيش ڪيا ويا آهن، جن ۾ دراوڙي ٻولين کان وٺي ٻين بعد جي غير لاڳاپيل ٻولين تائين مختلف امڪان شامل آهن، پر اڃا تائين ڪنھن به نظرئي تي مڪمل اتفاق نه ٿيو آهي. نتيجي طور، سنڌُو لکت تاريخي لسانيات ۾ هڪ اڻ حل ٿيل راز بڻيل آهي. بهرحال، ڪمپيوٽري طريقيڪار ۽ بين تحقيق جي ترقي سان، اميد آهي ته سنڌُو لکت آخرڪار سمجهي ويندي، جنھن سان قديم ترين ترقي يافته شھرن جي باري ۾ نئين قيمتي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي ٿي.

تعارف

سنڌُو لکت هڪ قديم لکت جو نظام آهي، جيڪو سنڌُو ماٿري جي سڀيتا جي دور ۾ استعمال ڪيو ويندو هيو، جنھن جو ڦھلاءُ 3300–1800 ق. م دوران موجوده پاڪستان ۽ اتر اولھه ڀارت ۾ موجود تڏهوڪي وقت ۾ ترقي يافته شھرن ۾ مروج هئي. سنڌُو لکت مختلف نوادرات تي ملي آهي، جن ۾ مھرون، مٽيءَ جا ٿانءَ ۽ ٻيون شيون شامل آهن، خاص طور تي هڙپا، موهن جو دڙو، ۽ ڍولاويرا جهڙن ماڳن تان حاصل ٿيل آهن. هڪ صدي کان وڌيڪ مطالعي ۽ ڪيترين ئي ڪوششن باوجود، سنڌُو لکت اڃا تائين وڏي پئماني تي ڳُجهه ۽ پراسرار بڻيل آهي.

سنڌُو لکت جون تقريباً 4000 مختلف علامتن تي مشتمل آهي، جن جا لڳ ڀڳ 3,500 مثال چٽا مليا آهن. بھرحال، انهن علامتن جو مطلب ۽ بناوت اڃا تائين واضع ناهي، ڇو ته ڪا به ٻه ٻوليائي يا ٽن ٻوليائي تي مشتمل لکت يا ڪنھن ڄاتل ٻوليءَ سان سڌو سنئون واسطو موجود ناهي. (1) مصري هيروگليف لکڻين کي سمجهڻ روزيٽا پٿر ذريعي ممڪن ٿيو، جيڪا ٽن ٻولين تي مشتمل هڪ لکت هئي. بدقسمتي سان، سنڌُو لاءِ اهڙي ڪا به ٻه ٻوليائي واري لکت نه ملي آهي. بهرحال ان جو مطلب اهو ناهي ته سنڌُو لکت هميشه لاءِ اڻ سمجهيل يا ڳُجهه رهندي. (2)

سنڌُو لکت جي ڀاڃ ۾ هڪ وڏي ڏکيائي ان جي لکت جو مختصر هجڻ به آهي. هڪ عام سنڌُو لکت ۾ صرف پنج يا ڇهه علامتون اڪريل آهن، جڏهن ته سڀ کان ڊگهي هڪ مھر تي لکت ۾ صرف 14 يا 15 علامتون شامل آهن. (3) لکت جو هيءَ اختصار سنڌُو لکت جي ڀاڃ لاءِ هڪ اهم رڪاوٽ بڻجي ٿو.

ان کان علاوه، سنڌُو ماٿري جي سڀيتا بابت ثقافتي ۽ سماجي ڄاڻ جي کوٽ سنڌُو لکت جي ڀاڃ جي ڪوششن کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿي. تقريباً 1800 ق. م ۾ هن تھذيب جي زوال ۽ ان جي شھري مرڪزن جي ختم ٿي وڃڻ سبب ڪو به سڌو سنئون لکيل رڪارڊ يا زباني روايتون نه بچي سگهيون، جيڪي ان جي ڀاڃ ۾ مددگار ثابت ٿين.(4) مختلف نظريا سنڌُو لکت کي قديم برهمي، دراوڙي، هند-آريائي، ۽ سياسي يا مذهبي علامتن سان جوڙين ٿا.(5) بيان ڪيل ڳالهيون سنڌُو لکت کي قديم تحريرن ۽ لسانيات جي ميدان ۾ سڀني کان وڏن اڻ حل ٿيل ڳُجهن منجهان هڪ ڳُجهه بڻائي ڇڏيو آهي.

اهم چئلينجن جي وضاحت

  1. 1. سنڌُو لکت جو مختصر هجڻ

مھرن تي اڪثر سنڌُو لکتون تمام مختصر آهن، جن ۾ بنيادي علامت يا لفظ شامل آهن. هڪ عام سنڌُو لکت ۾ صرف چار يا پنج علامتون ملن ٿيون. جڏهن ته سڀ کان ڊگهي هڪ لکت تي مشتمل لکت ۾ رڳو 14 يا 15 نشان شامل آهن. صرف هڪ ئي مھر تي 34 نشان مليا آهن.(6)  هي مختصر جملن جي بناوت، واضع لساني نمونن جي تجزيي کي مشڪل بڻائي ٿي.

  1. 2. ٻه ٻولين يا ٽن ٻولين تي مشتمل لکت جي غير موجودگي

هڪ ٻيو وڏي رنڊڪ ٻه ٻولين يا ٽن ٻولين تي مشتمل لکت جو نه هجڻ آهي.(7)
ٻه ٻولين واريون لکتون، جهڙوڪ روزيٽا پٿر، جنھن ۾ ساڳيو مواد مختلف لکتن ۽ ٻولين ۾ لکيل هو،(8) جيڪو مصري هيروگليف جي ڀاڄ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيو. اهڙيءَ طرح، ڪشان دور جا ٻن ٻولين يا لکتن وارا سڪا، جن تي برهمي ۽ خروشٿي لکتون لکيل هيون، انهن لکتن برهمي ۽ خروشٿي جي لکتن پڙهڻ ۾ مدد ڪئي. بدقسمتيءَ سان، سنڌُو لکت لاءِ اهڙو ڪو به گهڻ-لساني رڪارڊ يا روزيٽ پٿرموجود ناهي.

  1. 3. گم ٿي ويل يا اڻڄاتل ٻوليءَ جو تعلق

سنڌُو لکت جي پسمنظر ۾ ٻوليءَ بابت ڪا ڄاڻ ناهي ته سنڌُو لکت جو ڪھڙي ٻولي سان تعلق هو؟اها وسري ويل يا گم ٿيل ٻوليءَ جنھن سان سنڌُو لکت جو تعلق هو ان لڙھ يا نُک واري ٻولي جيڪڏهن زنده رهي ها ته سنڌُ لکت جي ڀاڃ آسان ٿي سگهي ها. ان جي تصويري لکت وارو نظام، جيڪو تصويري علامتن سان ڪجهه مشابھت رکي ٿو، سو به سنڌُو لکت جي ڀاڃ جي عمل کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ٿو.(9)

  1. 4. ثقافتي ۽ تاريخي ڄاڻ جي کوٽ

سنڌُو ماتري جي سڀيتا جي سماجي، ثقافتي، سياسي، ۽ مذهبي پاسن بابت تمام ٿوري تصديق ٿيل ڄاڻ موجود آهي. آثار قديمه جي کوجنائن کانسواءِ، ڪو به مستند لکيل رڪارڊ ناهي مليو، جنھن سبب ماهرن کي سنڌُو لکت جي ڀاڃ لاءِ مفروضن ۽ قياسي نظرين تي ڀاڙڻو پوي ٿو. (10)

  1. 5. سنڌُو لکت جو سنسڪرت يا برهمي سان لاڳاپو

سنڌُو لکت ۽ سنسڪرت يا برهمي جي وچ ۾ لاڳاپي بابت صرف قياسي نظريا موجود آهن. جيڪڏهن ڪو واضع تعلق هجي ها، ته سنڌُو لکت جي ڀاڃ ممڪن ٿي سگهي ها. پر ڇاڪاڻ ته انهن جي پاڻ ۾ ڪنھن به پڪي لاڳاپي جي ثابتي ناهي ملي، ان ڪري سنڌُو لکت واري ٻولي ۽ سنڌُو لکت اڃا تائين هڪ راز بڻيل آهي.

  1. سنڌُو لکت جي علامتن جو ابهام

سنڌُو لکت جون علامتون مختلف معنائن ۾ استعمال ٿي سگهن ٿيون، يا اهي لفظن، آوازن، يا اکرن جي نمائندگي ڪري سگهن ٿيون، چٽائي نه هجڻ سبب وڌيڪ پراسراريت پيدا ڪري ٿو.

  1. 7. تسلسل جي کوٽ

ٻين قديم لکتن جي ابتڙ، سنڌُو لکت جو ڪنھن به بعد ۾ ملندڙ لکڻين يا لکتن سان ڪو واضع ارتقائي لاڳاپو نظر نٿو اچي.

  1. 8. نشانين جي پسمنظر جي غير موجودگي

سنڌُو لکت جي پسمنظر بابت تمام ٿوري ڄاڻ ملي ٿي. اڃا تائين واضع ناهي ته سنڌُو لکتون انتظامي رڪارڊ آهن، سماجي يا مذهبي متن آهن، يا ڪجهه ٻيو، تنھن بابت ڪا پڙوڙ پئجي نه سگهي آهي.

 نتيجو

سنڌُو لکت قديم لکتن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيچيده ۽ ڊگهي عرصي تائين اڻ حل ٿيل راز مان هڪ آهي. ماهرن، لسانياتي ماهرن، ۽ آثار قديمه جي ماهرن جي وسيع تحقيق باوجود، ٻه ٻولين واري لکت جي غير موجودگي، محفوظ ٿيل متن جو مختصر هجڻ، ۽ غير يقيني لساني وابستگي ڪنھن به حتمي ڀاڃ کي ناممڪن بڻائي ٿي. سنڌُو ماٿري جي سڀيتا بابت پسمنظر ۽ ثقافتي ڄاڻ جي وڏي کوٽ هن ڪم کي وڌيڪ مشڪل بڻائي ٿي، جنھن سبب سنڌُو لکت کي سڀيتا جي سماجي، سياسي، يا معاشي زندگي سان جوڙڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.

آسڪو پارپولا صرف تامل ٻولي جي تناظر ۾ سنڌُو لکت جي ڀاڃ ۾ مصروف آهي. اهڙيءَ ريت ٻين ٻولين جي لساني، جغرافيائي، سماجي، مذهبي ۽ معاشي پسمنظر ۾ به سنڌُو لکت جي ڀاڄ جي ڪوشش ڪر ڻ گهرجي. توڻي جو سنڌُو لکت ۾ موجود ٻولي
(يا ٻولين) بابت مختلف نظريا پيش ڪيا ويا آهن، پر ڪو به نظريو عالمگير طور قبول نه ٿيو آهي. جيئن تحقيق جاري آهي ۽ ڪمپيوٽري تجزيو ترقي ڪري رهيو آهي، جنهنڪري اميد آهي ته ڪنھن ڏينھن سنڌُو لکت جو اصل مطلب معلوم ٿي سگهندو، جيڪو دنيا جي قديم ترين ۽ سڀ کان ترقي يافته تھذيبن مان هڪ اهم تھذيب بابت قيمتي ڄاڻ فراهم ڪندو.

مختصر طور، سنڌُو لکت جو راز ان لِپي جي اندروني چئلينجن ۽ وسيع ثقافتي ۽ لساني پسمنظر جي کوٽ سبب برقرار آهي. بهرحال، جاري تحقيق مستقبل ۾ نون انڪشافن لاءِ اميد جو ڪرڻو فراهم ڪري ٿي.

 

حوالا

  1. 1. پوسھيل، جي. ايل: انڊس تھذيب: هڪ جديد نظر، آلتا ميرا پريس. (2002)
  2. 2. راماسامي، ج: سائي. نيوز. (فيبروري 21، 2014)
  3. 3. مھاديون، آءِ: انڊس لِپي: متن، هم آهنگي، ۽ جدول، آثار قديمه جي سروي آف انڊيا جون يادگيريون. (1977)
  4. ڪينوئر، ج. ايم: سنڌُو ماٿرجي تھذيب جا قديم شھر، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس. (1998)
  5. بسواس، ايس: بي بي سي نيوز. (جنوري 16، 2025)
  6. ڪنڀار، س: سنڌو لکت ۽ سراج، سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز، ڪراچي. (2024)
  7. سين گپتا، اي. (دي انڊين ايڪسپريس. (9 جنوري، 2025)
  8. راؤ، آر. پي. اين: انڊس لِپي ۽ معاشيات. آرڪيئوپريس. (2017)
  9. سين گپتا، اي. (دي انڊين ايڪسپريس. (2025)
  10. ساڳيو
89 ڀيرا پڙهيو ويو