شيخ اياز ۽ سندس لوڪ ڏاهپ
(Shaikh Ayaz and his folk wisdom)

عزيز گوپانگ

Abstract

Poetry encompasses multiple forms of expression, with two significant sources often considered: external and internal feelings. Shaikh Ayaz is recognized as a leading poet of the modern era. His poetry addresses common themes related to his society and community. He was a true literary artist, fully aware of his responsibilities as a poet. The subjects and topics that Shaikh Ayaz chose to explore were drawn from both contemporary and historical contexts. His writing effectively addressed historical themes and events, such as the tale of Dodo Soomro (an opera) and Hamarcho (a folk song), along with other unique subjects that are integral to folklore and have been passed down through generations. Undoubtedly, he was a sage poet who understood the importance of history and folklore. Through his work, he made a concerted effort to highlight forgotten stories and reinterpret them, engaging his readers with their past. Ayaz drew inspiration from Shah Abdul Latif Bhitai, who also adopted various folk tales such as Susui Punhoo, Ummer Marvi, and Sorath Rai Diach. Shaikh Ayaz distinguished himself through his precise use of language, thought, diction, and themes, qualities that are rarely seen in the works of his contemporaries. This research paper aims to explore how Shaikh Ayaz keeps the memory of these stories alive, fostering a positive engagement with his audience. It also contributes to the understanding of the wisdom embedded in the poetry of one of the most influential poets in the Sindhi language, who has had a significant impact on literature in both prose and poetry over the past couple of decades.

Keywords: Shaikh Ayaz, Poetry, Sindhi language, folklore, wisdom

 

نوبل ايوارڊ حاصل ڪندڙ فرينچ ناول نگار ميڊيانو پيٽرڪ، ايوارڊ حاصل ڪرڻ واري پروگرام ۾ تقرير ڪندي چيو ھو: ”لکڻ مون لاءِ ايترو ڏکيو آھي، جيترو ڪنھن ڊرائيور لاءِ ڪار ھلائڻ ۽ اھو به ان وقت جڏھن ڪار جي ونڊ اسڪرين تي ماڪ ڄمي وڃي، رستو چِڪڻ سان خراب ٿيل ۽ پُرپيچ ھجي، ۽ ڪار جون بريڪون به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين!“ (1)

شيخ اياز پنھنجي شعوري تخليق ذريعي پوري نسل کي ھميشه حيران ڪندو پئي رھيو آھي، جڏھن به کيس پڙھبو آھي، تڏھن سندس شاعري پڙهندڙ کي نه رڳو پنھنجا نوان رنگ پَسائيندي آھي، پر ھر ڀيري هو پنھنجي پڙهندڙن سان ھڪ نئون ۽ حيران ڪندڙ تعارف پڻ ڪرائيندي آھي.

جھڙيءَ ريت اياز جي شاعري ھمه گير آھي، اھڙيءَ طرح ان مٿان لکڻ جا موضوع به سندس شاعريءَ جي سٽن ۾ جتي ڪٿي ڦھليا پيا آھن. ھو پاڻ مٿان لکندڙن ۽ پنھنجن پڙھندڙن لاءِ موضوعن جي وسعت سان گڏ  Multiple choices جو الڳ جهان پڻ ڇڏي ويو آھي.

اياز جي شاعريءَ ۾ فوڪ ۽ ڪلاسڪ جو امتزاج ھر جاءِ ملي ٿو. ڪنھن به شاعر جو فن، ان ۾ موجود اھڙن حسين لقائن جي پس منظر ۾ ئي پرکي سگهجي ٿو، جيڪي لقاءَ ان کي ابديت جي ماڳ ۽ مڪان کان به اڳتي جو ڏس ڏين.

اياز جي شاعريءَ ۾ اھڙا لقاءَ هر هنڌ ملن ٿا. سندس شاعريءَ ۾ لوڪ ڏاهپ ۽ ان جي پيشڪش کي سمجهڻ کان اڳ ۾، اھو ضروري آھي ته اسان فوڪ ۽ ڪلاسڪ جي معنيٰ کي به چڱي ريت سمجهون.

”فوڪ (Folk) جي معنيٰ ۾ لوڪ، ماڻهو، قوم، ملڪ ۽ ان ۾ موجود عوام ۽ ان جا اجتماعي احساس اچي وڃن ٿا، ٻين لفظن ۾ فوڪ جو مطلب، عوام جو يا عوام لاءِ آھي.

’فوڪ‘ جي جهلڪ، اھڙي شاعر جي فن مان ئي اڀري ٻاھر اچي سگهي ٿي، جنھن جو حافظو مضبوط ۽ ماضيءَ جي يادگيري پختي ھوندي آھي. عوامي حافظي يا ماضيءَ جي يادگيريءَ کان ماوره ۽ بيگاني شاعري ڌنڌلي شيشي ۾ مُنھن ڏسڻ جي برابر ٿيندي آھي.

جڏھن ته ادب ۾ ڪلاسڪ جو مطلب اھو قديم ادب آھي، جنھن جا موضوع اڄ به تازا، عنوان اڄ به مُروج، مواد اڄ به نئون ۽ ان ۾ موجود جماليات اڄ به جوان ھجي ۽ اھڙا آفاقي قدر، جيڪڏھن جديد دور جي ڪنھن شاعر جي شاعريءَ ۾ موجود آھن ته اسان ان کي پڻ ڪلاسڪ جو درجو ڏيئي سگهون ٿا. ان حوالي سان ھڪڙي ڳالهه سمجهڻ لازم آھي ته سمورو پراڻو ادب ڪلاسڪ ناھي، ساڳي ريت پورو نئون ادب پڻ ڪلاسڪ جي درجي کي نٿو ماڻي سگهي. ان لاءِ، موضوعن جي چونڊ، ٻوليءَ کي جاوداني يا امرتا بخشڻ واري خوبي ۽ خيال جو آفاقي ھئڻ بنهه لازمي آھي.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ (Folk Visdom) سَرِ دست موجود آھي، جنھن کي اسان سندس شاعريءَ ۾ ھر ھنڌ ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهون ٿا. دراصل شاعريءَ ۾ موجود لوڪ ڏاهپ واري خوبي ئي آھي، جيڪا اياز جي شاعريءَ کي ”ڪلاسڪ“ جي درجي تي آڻي بيھاري ٿي.

دودي سومري تي لکيل اوپيرا ”دودي سومري جو موت“ کي اسان اياز جي فوڪ وزڊم ۽ ساڳئي وقت سندس ڪلاسڪ ھئڻ جو دستاويز قرار ڏيئي سگهون ٿا. سندس لکيل اوپيرا ۾، ھڪ فرد جي خودشناسي، ابديت ۽ فنائيت جي حقيقت، وطن دوستيءَ جي پاسداري، رشتن جي عظمت ۽ موت توڻي زندگيءَ سان گڏ جيت ۽ ھار جھڙن ازلي موضوعن جي، جنھن طريقي سان اوک ڊوک ۽ تشريح ڪئي ويئي آھي، اھا ڪلاسيڪل ادب جي جوھر ۽ لوڪ ڏاهپ وارين خوبين جو حسين امتزاج ۽ نمونو آھي. فقط ماضيءَ جي ياد پنھنجي ليکي فوڪ ناھي ھوندي، مگر ان جي پيشڪش ۽ مواد ۾ بيان ڪيل قدرن کي سنڀالي بيھڻ واري خوبي ۽ صلاحيت ئي ان يادگيري کي فوڪ ۽ ڪلاسيڪل بنائي سگهندي آھي.

مثال طور: مارُئيءَ جو قصو، ھڪ قصي طور فوڪ يا ڪلاسڪ ناھي، پر شاعر جو، مارئيءَ جي وطن کان جدائي واري سانحي، عمر ھٿان زور ۽ زبردستي سان کڄي اچڻ جهڙي الميئي، مسڪين مارُن جي بي وسي ۽ لاچاري ۽ سندس درد توڻي اڪيلائيءَ سان گڏ بيھڻ وارو احساس ئي ان کي ڪلاسڪ ۾ شامل ڪري ٿو.

ظاھر آھي، عمر بادشاهه، مارئيءَ کي سندس خوشي ۽ راضپي سان ته کوهه تان ڪونه کڻي آيو ھئو، بلاشڪ ھن ساڻس عشق ڪيو ھئو، مگر جڏھن سندس عشق ۾ جبر ۽ ڏاڍ لھي آيو ته، اھو بي معنيٰ ۽ ڇَسو ٿي بيٺو، ۽ مارئيءَ جو انڪار عظيم ٿي ويو. ماضيءَ جي يادگيريءَ مان انڪار جو اھڙو حسن ڪڍي اچڻ ئي اصل ۾ فوڪ وزڊم آھي.

عشق جي قدامت جو سمورو حسن ان ڳالهه ۾ آھي ته، اھا نواڻ سان به ڀرپور ھوندي آھي. شاهه لطيف وانگر، اياز وٽ پڻ قديم موضوع، جديد اظھار سميت موجود آهن.

عشق جي اھڙي يادگيريءَ کي اياز بنھه خوبصورتيءَ سان اظھاريو آھي؛

اياز چوي ٿو؛

”ڇو تون منھنجي سڏ تي ايندئينءَ

سک جي سيج ڇڏي

منھنجي چلھه ۾ چڻنگ نه ڪا ئي

تنئوري ناهه تڏي. . . !!“ (2)

ھتي اظھار عشق جو آھي، جنھن کي اثرائتو ۽ معنيٰ خيز بنائڻ لاءِ اياز، پنھنجي ادراڪ مان سماجي درجه بندي ۽ طبقاتي متڀيد وارو احساس کڻي آيو. محبوب سان اھڙي طرح مخاطب ٿيڻ پويان اياز جو اھو سماجي شعور بيٺل نظر اچي ٿو، جنھن جي حافظي ۾ صدين کان موجود طبقاتي ستم سٿيا پيا آھن. ھتي عاشق ۽ محبوب جي وچ تي رُو سِياه رقيب نه، پر ان جي جاءِ تي طبقن ۾ ورھايل اھو سماج موجود آھي، جنھن جي ھٿان ھر دور ۾ انسانيت جي تذليل ٿي آھي. اياز جو عشق، حسن اڳيان Surrender ڪري ٿو. اھو ”سرينڊر“ دراصل ماضي جي اھڙي يادگيري آھي، جنھن جي بنيادن تي سنڌ جو سماج صدين کان بيٺل آھي. .

فقط سٺ ستر سال اڳ تائين، فارسي شاعريءَ جي اثر ھيٺ آيل سنڌي شاعرن، پنھنجي سخن جي ذريعي محبوبائن يا معشوقن سان ايتريون ته جنگيون ڪيون آھن، جنھن سان ڪيئي ملڪ فتح ٿي پئي سگهيا، پر دليون نه. . . !

شيخ اياز، اک کي تير، ڀرون کي تلوار، زلف کي زنجير، ساھ کي آه، ۽ آه کي باهه بنائي رکڻ واري رواج کان انڪارڪري، اھڙن بيٺل تلائن جا ترا ئي ڪڍي ڇڏيا آھن. ھن ادب ۾ مروج فرسوده ۽ ڌپ ڇڏيندڙ خيال ۽ اظھار جو انڪار ڪيو، سندس اھڙي انڪار کيس آفاقي قدرن جي پاسدار ۽ جديد شاعرن جي مھندار طور متعارف ڪرايو. ھن اھو سچ چڱيءَ ريت ڄاتو پئي ته عشق اصل ۾ حسن جو ئي ٻيو نالو آھي. ھن اھا حقيقت ڄاتي پئي ته عشق حسن کان ٻاھر ڪٿي به، ۽ ڪڏھن به ناھي ھوندو.

’فوڪ‘ رڳو ماضيءَ جا ڪوٽ، قلعا ۽ قصا ناھن ھوندا، پر انهن ڪوٽن، قلعن ۽ قصن ۾ قيد ٿيل ماڻھن جي درد کي محسوس ڪري، ان کي اظھار جي صورت ڏيڻ به
”فوڪ“ آھي.

فقط دودي سومري جو قصو ئي فوڪ يا ڪلاسڪ ناھي، پر ان قصي مان ٻاھر نڪري ايندڙ، سندس چيتي واري چنگهاڙ به فوڪ آھي، جنھن خلجيءَ جي بدن ۾ رڦڻي پيدا ڪري ڇڏي ھئي، جنھن کي شيخ اياز پنھنجي اوپيرا ۾ ڪمال ڪاريگريءَ سان بيان ڪيو آھي.

ساڳيءَ ريت، رڳو عشق جي ڪنھن قديم ڪھاڻي، غزل يا ادب جي ڪنھن اظھار کي ئي فوڪ ۽ ڪلاسڪ جو درجو ڪونه ملي سگهندو، جيستائين اياز جهڙو شاعر ان جي ڪردارن جي اکين کي آرزو ۽ التجائون نٿو لکي، ۽ انھن اکين مان صدين جون صدائون نٿو لھي اچي. جيئن:

”اکيون آرزو

اکيون التجائون

اکيون يار تنھنجون

صدين جون صدائون. . . !“ (3)

افساني جي طلسم ڪدي مان حقيقت جا جواھر کڻي ٻاھر اچڻ وارو ڪمال، اياز جي فن جو ھڪ دل آويز پاسو آھي. اياز ماضيءَ جي يادن ۽ انھن يادن جي قدرن جو اھڙو امين شاعر آھي، جنھن جي شاعريءَ ۾ عظيم انساني جذبن جي قدامت پوري ندرت سان موجود آھي.

ھونئنءَ ته ”فوڪِش“ ھجڻ، روايتي يا فطري ھجڻ جي معنيٰ ۾ ليکجي ٿو، مگر اياز ان روايتي ۽ فطري وھڪري ۾ وڃي، ان جي جامد صورت تبديل ڪري، اتي پنھنجو تخليق ڪيل نئون ۽ متحرڪ فڪر رکي اچي ٿو.

خيال ۽ شاعريءَ کي به پنھنجو ماضي ٿئي ٿو، مگر ساڳئي وقت ان ۾ جدت جا رنگ ڀري، کيس وڌيڪ خوبصورت بنائي، نکاري بيھارڻ واري گنجائش ھر وقت موجود رھي ٿي. جيئنءَ حُسن، ڪنھن ڪريم يا پائوڊر جي دٻي ۾ موجود ناھي ھوندو، ائين حُسن به اکين کان ٻاھر ئي ھوندو آھي، جنھن کي ڪنھن عظيم شاعر جي بصيرت ئي پسي سگهندي آھي.

اياز روايتي شاعرن جي پرھيزگاري ۽ ڪجهه نئين نه ڪرڻ جي خوف کان گهڻو اڳيان بيٺل ھئو، ھو فرد جي جنياتي يا خمير جي اصل کي سمجهڻ ۽ ان جي بيان ۾ انتھائي انوکو ۽ منفرد ھئو.

اياز چوي ٿو؛

”ذرا اک ٻوٽ، تون پيارا، ته ڪجهه ناھي

ڏسين سارا، ککيءَ کارا، ته ڪجهه ناھي

اھا دولت، اھا طاقت، اھو سڀ ڪجهه

ڏسين جي تون، ھلڻ ھارا، ته ڪجهه ناھي. . . !“ (4)

رڳو شاعري ڪرڻ ئي وڏي ڳالهه ناھي ھوندي، پر شاعريءَ جي ابدي سچ سان گڏ بيھي، ان جي اساسي قدرن جي پاسداري ڪرڻ وڏي ڳالهه آھي، جيڪا اياز جي دور ۽ ان کان بعد، اڄ ڏينھن تائين، کائونس بھتر ٻيو ڪير به ناھي ڪري سگهيو. . . !

اياز جي شاعريءَ ۾ ھڪ دل ڌڙڪي ٿي، جيڪا پڙھندڙ جي دل سان ھم آھنگ ٿي بيھي ٿي.

شيخ اياز پنھنجي دور جو نه رڳو ھڪ دل آويز انسان ھئو، پر ساڳئي وقت ھڪ عھد ساز ۽ غير معمولي شاعر پڻ ھو. ھڪ اھڙو شاعر، جنھن شاعري مڪمل شعور ۽ دل وٽان ڪئي.

نظم، غزل ۽ بيت کان علاوه اياز جي گيتن ۾ به لوڪ ڏاهپ جا بيشمار مثال ملن ٿا. گيت شاعريءَ جي اهڙي صنف آهي، جيڪا سماج جي تاڃي پيٽي منجهان اهي موضوع چونڊي سامھون آڻي ٿي، جن جو واسطو ماضي ۽ ان سماج جي اتھاس سان هوندو آهي. اياز جي لکيل همرچي منجهان هي سٽون ڏسو؛

”همرچو، روڪيو ميڙيو لا،

(گجي اچڻ جو هي ميڙ اَلا)

الا همرچوڙي لا.

ڏورُ رهيو اسان جو ڏيسڙو لا

(منھنجو ديس پري رهيو)

الا همرچوڙي لا.

کاسي کبر لاسي کاهوڙي لا

(کاهڙ جي خاصي خبر آڻيندو)

الا همرچوڙي لا.“(5)

’همرچو‘ سنڌ جي سماج ۽ خاص ڪري ان جي ٻھراڙيءَ واري اهڙي پاسي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو هاري يا کيت مزدور جي احساسن سان جڙيل آهي. هاري جڏهن زمين ۾ ٻج ڇٽي ٿو، لابارو ڪري ٿو، ڳاهه ڳاهي ٿو ته هُو وقت گذارڻ ۽ ڪم ۾ پنھنجي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ همرچو ڳائي ٿو. تڏهن اياز انهن جي اتھاس مان هي رويو کڻي ان کي گيت جي صورت ڏيئي ٿو.

شيخ اياز جي گيتن تي ٻڌل ڪليات ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو ته، ”شيخ اياز جي شاعري پڙهندي پل لاءِ به اهو احساس نه ٿيندو ته، هن لفظن جي ميڙا چونڊي ڪري، پوءِ ويھي شعر گوئي ڪئي آهي. هن پنھنجي مطالعي، مشاهدي، علم ۽ رولاڪين مان سکيو آهي ۽ انهن متروڪ، پراڻن ۽ وساريل لفظن کي به پھرين اپنايو ۽ پوءِ تخليق جو حصو بڻايو آهي. هن پنھنجن گيتن ۾ لفظ ٽاڪيا ناهن، پوئيا به ناهن، بلڪه انهن کي حل ڪيو آهي، جيئن کنڊ پاڻيءَ ۾ ۽ خوشبو ساهن ۾ حل ٿي ويندي آهي. “ اياز جي ابتدائي نقاد ۽ پارکو رسول بخش پليجي جي اها راءِ بلڪل درست آهي ته ”اياز سنڌي ٻوليءَ جو زبردست عاشق ۽ پارکو آهي. هو سنڌي لفظن جو وينجهار آهي. اکرن جا املھه ۽ بي بھا خزانا جيڪي هر هنڌ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن ڏانھن ڪنھن ڌيان نٿي ڏنو، تن کي هن سھيڙي، اجاري ۽ گهڙي، منجهانئن شعر جا اهڙا حيرت انگيز نوَ لکا هار ٺاهيا آهن، جن کي ڏسي، عقل چرخ ٿيو وڃي. خاص ڪري سندس گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونھن، موسيقيت ۽ اثر جي ڪري، فن جا ڄڻ تاج محل آهن.

”پاڻياري ٽُلڪي-

سَينھُونءَ تي سَوَ سانگ گهڙي جا

پَلڪ پَلڪ ڇُلڪي،

پاڻياري ٽُلڪي.

 

اَئٽ جي پئٽ تي، گهوٽ گهائي گهڻا

مُرڪندي ٿي ورين، تون به پھتينءَ گهر

پيرُ هوريان ته ڌر!

 

پاک جي لاک سان، سڄ لوئي رڱي،

لڄ آهي چڱي، نينگري هن نگر-

پير هوريان ته ڌر!“ (6)

ڊاڪٽر اسحاق سميجي اياز جي گيتن جي حوالي سان جيڪا ڳالهه ڪئي آهي، اها به انهيءَ حقيقت جي ساکي آهي ته اياز پنھنجي شعور ۾ لوڪ ڏاهپ جا ڪيترائي جوهر رکيا ٿي، جن کي هن نئين طريقي ۽ انداز سان اظھاري سنڌ جي سماج ۽ متروڪ لفظن کي پنھنجن تخليقن ۾ ڪيڏي نه خوبصورت طريقي سان اظھاريو آهي. ساڳئي ڪتاب ۾ ڊاڪٽر اسحاق سميجو وڌيڪ لکي ٿو ته، ”اياز جو گيت پنھنجي وطن ۽ مٽيءَ سان بي پناهه عقيدت ۽ محبت جو ڪلمو آهي، اِها عقيدت ۽ محبت سانوڻي ۾ سنڌو وانگر آهي، جنھن جي وهڪري ۾ مسلسل چاڙهه ايندو ٿو رهي.

هن ڏس ۾ اياز جون لوليون به ڪنھن شاهڪار کان گهٽ نه آهن، جن ۾ هن نه فقط موضوعاتي ڪشادگي ۽ نُدرت پيدا ڪئي آهي، پر ٻوليءَ جي نرمي، نفاست ۽ مڌرتا جو به بي مثال نمونو پيش ڪيو آهي. ٿري لوڪ گيتن ’مڻھيار‘، ’همرچي‘، ’ڪرهي‘،
’سانوڻ ٽيج‘ کان وٺي ’ڇيڄ‘ توڙي ’لولين‘ ۾ جيڪو سنڌ جو ثقافتي پسمنظر، فطرتي حسن، ٻوليءَ جي لطافت ۽ احساسن جي نواڻ آهي، سا ڪنھن جديد شعري هيئت ۾ به ورلي ملندي. “

”لولي لال!

جئين شال!

ساري ڌرتيءَ تي آ سڀ کان سندر تنھنجو ديس،

اَن به اُجرو، مَن به اُجرو، وَنُ به اُجرو ويس.

لولي لال،

لولي!“ (7)

اياز جي شاعري بابت مٿين راءِ ۽ ڏنل لوليءَ جو حوالو ظاهر ڪري ٿو ته تخليق ۾ صنف جي چونڊ اياز پنھنجي لوڪ ڏاهپ ۽ ان جي يادگيري مان ڪئي آهي. لولي اسان جي ثقافت ۽ لوڪ ڏاهپ جو هڪ اهڙو اظھار آهي، جنھن کي اياز پنھنجي تخليقي سگهه سان انتھائي خوبصورتي وچان اظھاريو آهي. شيخ اياز پنھنجي نظمن، واين ۽ مختلف نوٽس تي ٻڌل ڪتاب ’ڪتين ڪر موڙيا جڏهن‘ ۾ هڪ وائي پيش ڪندي پنھنجا خيال هن طرح اظھاري ٿو؛

”پٺيان هن ديوار جي ڪيڏو آ آڪاس،

سوچيو پئي مارئيءَ.

ڪيڏا وَڻَ وڻڪار جا ڪيڏو سَرهو سُواسُ

سوچيو پئي مارئيءَ.

آهي لاڙِي مينھن ۾ ڪيڏو وَلين واسُ

سوچيو پئي مارئيءَ.

ڇا ڇا اِن کي ٿو کَپي هِي جو ماڻهوءَ ماسُ!

سوچيو پئي مارئيءَ.“(8)

مٿين وائيءَ ۾ اياز پنھنجا ويچار ۽ احساس مارئي جي احساسن سان ڳنڍي ٿو ۽ پنھنجي شاعري کي لوڪ ڏاهپ وارو ويس ڍڪائي ٿو، جنھن ۾ مارئي ۽ ان جو وطن لاءِ وانجهائڻ جيئن جو تيئن سامھون آڻي بيھاري ٿو. هتي مارئي کي موضوع بنائڻ اصل ۾ اياز جي هن لوڪ ڏاهپ سان واسطو رکي ٿو، جيڪو ڪنھن به ڪوي جي شعور ۽ لاشعور ۾ ويٺل هوندو آهي.

شيخ اياز بابت لکيل ڪتاب ’اياز شناسيءَ‘ ۾ آصف فرخي لکي ٿو ته، ”شيخ اياز جي ڪلام جو ڦھلاءُ يا گهيرو ايڏو وڏو آهي، جو ان لاءِ هالو چالو تنقيدي ماپا ننڍا ٿي پون ٿا. بيت ۽ وائيءَ جھڙين روايتي قديمي صنفن کان وٺي غزل جھڙي ڪلاسيڪي صنف ۽ وري آزاد نظم ۽ نثري نظم جھڙيون جديد تر صنفون ۽ پڻ نثر جي مختلف اسلوبن ۾ سندس لکڻين جو خزانو مقدار ۽ معيار ۾ ايتري قدر وسيع آهي، جو چڱن ڀلن مڃيل نقادن کي ڏندين آڱريون اچيو وڃن. هيءُ ته اهو گجگوڙ ڪري وهندڙ درياءُ آهي، جو تنقيد جي ڪوزي ۾ سميٽجي اچڻ جي بدران، نقاد کي به پنھنجي وهڪري ۾ وهائي وڃي ٿو.“(9)

اياز بابت آصف فرخي جا خيال پڻ انهي ڳالهه جي وضاحت ڪن ٿا ته اياز جي تخليقي سگهه گهڻ پاسائين ۽ انتھائي گهڻي ڪرشماتي آهي، جنھن کي ڪو به نقاد آسانيءَ سان پرکي ۽ ان لاءِ ڪو معيار ۽ ماپو طئي نٿو ڪري سگهي.

اها ڳالهه اياز جي ذات ۽ فڪر تي بنھه پوري لھي ٿي ته، هر عظيم فنڪار پنھنجي دور کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آهي. اياز ۽ سندس شاعري کي اسان جيڪڏهن انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسون، ته سندس چونڊيل موضوع پڻ انهي ڳالهه جي گواهي ڏيندا ته اياز موجوده دور کان علاوه پنھنجي ماضي ۽ تاريخ کي به ائين ورجايو آهي، ڄڻ اهي واقعا اڄ جي دور جا هجن. اياز جا هي بيت ڏسو؛

”در در گهري دانءُ، پالھو آندو پاند مون،

ڪجهه به نه چاهيو مون، ڏسي سڀ ڪجهه جو شمشانُ،

هاڻي هان حيرانُ، ڪھڙي منھن توکان مڱان!“ (10)

 

”اُن جي گودِ سواءِ، آٿت ناهه اُتامرا!

لوليون ڏئي تولاءِ، آيل آد جڳاد جي.“ (11)

مٿين بيتن ۾ اياز جي اظھار جو سلسلو به سنڌ جي اتھاس ۽ انهن روايتن سان ڳنڍيل ڏسجي ٿو، جيڪي اڄ جي دور جي ماڻهن کان وسرندا وڃن ٿا.

شيخ اياز جي ڪتاب ’شاعريءَ جو سجدو‘ ۾ نور احمد سنڌي لکي ٿو ته، ”شاهه عبداللطيف ڀٽائي کان پوءِ جنھن شاعر کي ٻوليءَ جو معمار شاعر لکيو وڃي ٿو، سو شيخ اياز آهي. هن وقت سنڌي ٻوليءَ جيڪا هئيت ۽ شڪل اختيار ڪئي آهي، ان کي زندهه رکڻ لاءِ شيخ اياز جي شاعري ساڳيو ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي، جيڪو گذريل ٽن سئو سالن کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٻولي سرانجام ڏيندي رهي آهي.“ (12)

اياز بابت اها راءِ پڻ ثابت ڪري ٿي ته رڳو موضوع ۽ خيال نه، پر ٻوليءَ کي زندهه رکڻ لاءِ ان جي اصلي حالت ۽ صورت ۾ تخليقي سفر جاري رکڻ ضروري آهي، جيڪو شيخ اياز بخوبي سرانجام ڏنو آهي. شاعري جي گوناگون موضوعن ۾ شيخ اياز جيڪو به رس چس ڀريو آهي، ان جو گهڻو حصو لوڪ ڏاهپ مان کنيل موضوعن ۽ ڪردارن تي ٻڌل آهي، جيڪي سنڌ جي لوڪ ڏاهپ جو حصو رهيا آهن. جيڪڏهن ائين چئجي ته شيخ اياز جي شاعري سندس ماضي واري ان يادگيري مان ڦٽل آهي، جيڪا نسل در نسل ماڻهن جي لاشعور ۾ پنھنجي جاءِ ولاريندي رهي ٿي، ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.

حوالا:

  1. ميڊيانو پيٽرڪ جي نوبل انعام وٺڻ دوران ڪيل تقرير مان اقتباس: هنڌ سوئيڊش اڪيڊمي اسٽاڪ هوم: 7 ڊسمبر 2014ع.
  2. 2. اي ڪاش تون اهو ڄاڻي ها، ليکڪ، فياض لطيف، وسيلو سنڌ سلامت پيج تان ورتل: 19 آڪٽوبر 2012ع.
  3. 3. نور احمد جنجهي، شيخ اياز جي شاعري، صدين جي صدا، وسيلو اخبار سنڌ ايڪسپريس: 29 ڊسمبر 2022ع.
  4. 4. شيخ اياز، ڪاري رات ڪھنگ. روشني پبليڪيشن: 1998ع.
  5. 5. اسحاق سميجو، ڊاڪٽر (مرتب)، ناوَ هلي آ گيت کڻي، اياز جي گيتن جو ڪليات: 2009ع.
    ص 47- 48.
  6. 6. اسحاق سميجو، ڊاڪٽر (مرتب)، ناوَ هلي آ گيت کڻي، اياز جي گيتن جو ڪليات: 2009ع. ص 31.
  7. 7. اسحاق سميجو، ڊاڪٽر (مرتب)، ناوَ هلي آ گيت کڻي، اياز جي گيتن جو ڪليات: 2009ع. ص 36.
  8. 8. ’ڪَتين ڪَر موڙيا جڏهن‘، شيخ اياز، ڀاڱو ٻيو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد: ص- 78، سال 1992ع.
  9. 9. ڪاري رات ڪوهنگ، بيڪ ٽائيٽل، آصف فرخي، روشني پبليڪيشن: 1998ع.
  10. شيخ اياز، ڪلھي پاتم ڪينرو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1998ع: ص 13
  11. شيخ اياز، ڪلھي پاتم ڪينرو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1998ع: ص 13
  12. شيخ اياز، ڪلھي پاتم ڪينرو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، 1998ع: ص 3

 

187 ڀيرا پڙهيو ويو