Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، سنڌي ٻوليءَ بابت تحقيقي ڪتاب، لغتون، انسائيڪلوپيڊيا ۽ ٻيا اهم ڪتاب شايع ڪندو رهيو آهي. اداري طرفان سنڌي ٻوليءَ ۾ تحقيق جي فن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جي اشاعت پڻ 1994ع کان وٺي جاري آهي، جنھن جو تازو شمارو اوهان جي هٿن ۾ آهي.

هن جرنل ۾ سنڌي ٻولي، سنڌي گرامر، سنڌو لکت ۽ لسانيات جي مختلف موضوعن تي مشتمل مقالن کي ترجيح ڏني ويندي آهي. جيئن ته ٻوليءَ سان لاڳاپيل موضوعن تي لکندڙن جو تعداد تمام گهٽ آهي، تنھنڪري جرنل جي ٻئي حصي ۾ ادبي تحقيق، ثقافت، تاريخ ۽ قديم آثارن بابت ايندڙ مقالن کي به جاءِ ڏني ويندي رهي آهي. جرنل ۾ شامل هر مقالي جو معيار ۽ تحقيق جو اختيار ڪيل طريقو پڻ نظر ۾ رکيو ويندو آهي. هر مقالو لاڳاپيل موضوع جي ٻن الڳ الڳ ۽ غير جانبدار ماهرن جي راءِ کانپوءِ ئي شايع ڪيو وڃي ٿو. هن جرنل ۾ ڏيھه ۽ پرڏيھه جي مانوارن محققن سان گڏ، نوجوان محققن جي معياري مقالن کي به شامل ڪيو ويندو آهي، جيئن ٻوليءَ جي ترقيءَ جو سلسلو نين تقاضائن موجب اڳتي وڌي مڃتا ماڻي سگهي.

سنڌي ٻوليءَ سان محبت رکندڙ مانوارن محققن، عالمن ۽ اديبن کي گذارش آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، لسانيات ۽ جديد تقاضائن موجب، سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه جي حوالي سان تحقيقي مقالا موڪلين، ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي سگهجن.

هن جرنل کي معياري تسليم ڪندي، گذريل سال هائير ايجوڪيشن ڪميشن (HEC)طرفان ’ زيڊ ‘ (Z) درجي بنديءَ ۾ شامل ڪيو ويو هو. اڪثر سنڌي، اردو، بلوچي ۽ پشتو ٻولين ۾ ڇپجندڙ جرنل پڻ انهيءَ ئي درجي بنديءَ ۾ شامل هئا، پر سُتت ئي هائير ايجوڪيشن طرفان هڪ نئين آنلائين پاليسي HJRS متعارف ڪرائي وئي، ان پاليسيءَ موجب انهن مان اڪثر پاڪستاني جرنل ’واءِ ‘ (Y) درجي بنديءَ ۾ رکيا ويا آهن. تنھنڪري ’سنڌي ٻولي‘ جرنل کي پڻ ان درجي بنديءَ ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ ٻيھر لکپڙهه ڪئي پئي وڃي. حقيقت ۾ هي جرنل پڻ جديد تحقيق جون گهرجون پوريون ڪري ٿو. اڳتي به اسان جي ڪوشش هوندي ته هن جرنل کي اڳي کان اڳرو ۽ وڌيڪ معياري بڻائجي.

هن شماري ۾ ’سنڌي ٻوليءَ جو رسم الخط ۽ آئيويٽا‘؛ ’مصدر جي آخر کان اڳئين حرف جي اعراب جو ترجيحي معاملو‘؛ ’شاهه لطيف، سنڌوسڀيتا ۽ سنڌ- يورپي ٻولي‘؛ ’سنڌي ءَ ۾ سائنسي ۽ سماجي اصطلاحن جو باني: ننديرام‘؛ ’سنڌي ٻوليءَ جي راين/تاثرات واري متن ۾ موجود احساسن جو ڪمپيوٽر مشين ذريعي تجزيو‘؛ ’دفتري سنڌي ۽ انگريز دؤر‘؛ ’سنڌيءَ ۾ گڏجاڻيءَ جي ڪارروائي لکڻ جو فن‘ عنوانن سميت شامل ڪيل ٻيا مقالا پڻ پڙهندڙن لاءِ تحقيق جا نوان پھلو اجاگر ڪندا. اميد ته ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل جو هيءُ تازو شمارو پڻ اوهان جي ذوق ۽ معيار وٽان هوندو.

هن شماري جي تياري ۽ وقت سر آڻڻ ۾ سيڪريٽري محترمه شبنم گل، اسسٽنٽ ايڊيٽر شوڪت چاچڙ، پبليڪيشن آفيسر خالد آزاد ۽ ڊزائينر اسداللہ ڀُٽي جون محنتون به شامل آهن.



ڊاڪٽر محمد علي مانجهي

چيئرمئن/ ايڊيٽر


فهرست