Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ابتدائي عرصي يعني 1992 ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سربراهي ۾ ’سنڌي ٻولي‘ نالي سان خبرنامو جاري ٿيندو هو، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ ان جي درست استعمال لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ سرگرمين جون رپورٽون شايع ٿينديون هيون. 1994ع ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق ان خبرنامي’سنڌي ٻولي‘ کي ٽه ماهي تحقيقي جرنل جو درجو ڏنو، جنھن ۾ ٻوليءَ بابت مختلف عالمن ۽ ليکڪن جا مضمون ۽ مقالا شايع ڪيا ويا. 1995-1996ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش قاضي صاحب جي سربراهي واري دؤر ۾ ان جرنل جو سالنامو شايع ٿيو هو. ان بعد ڪجهه عرصو ان رسالي جي اشاعت بند رهي، ٻيھر 1997 ۾ محترم حميد سنڌي اداري جو سربراهه مقرر ٿيو ۽ محترم تاج جويو سيڪريٽري هو، ان وقت ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جو هڪ خاص نمبر ’مرزا قليچ بيگ‘ جي سري هيٺ شايع ٿيو. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جي دور ۾ به هن جرنل جا ڪجهه پرچا شايع ٿيا. ڪجهه سالن جي وٿيءَ کانپوءِ ڊاڪٽر فھميده حسين، هن تحقيقي جرنل جي اشاعت کي 2008 کان 2015 تائين مسلسل جاري رکيو، ان کانپوءِ 2016 ۾ ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ هن جرنل کي HEC جي پاليسي ۽ جديد تحقيقي اصولن تحت ڇپائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ۽ پنج شمارا شايع ڪيا. بعد ۾ هڪ پرچو محترم اڪبر لغاري صاحب جي ادارت ۾ ڇپيو. جنھن کانپوءِ جرنل جا ٽي شمارا ڇپيا آهن.

خوشيءَ جي ڳالهه اها به آهي ته هي شمارو تيار ٿيڻ تائين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي صاحب هن اداري جي چيئرمئن طور سٿ ۾ شامل ٿي چڪا آهن، اميد ته سندن اڳواڻيءَ ۾ هي ادارو پنھنجي مقصدن تحت ترقي ماڻيندو. اهو ٻڌائيندي سرهائي محسوس ٿئي ٿي ته اداري جي هن تحقيقي جرنل کي اپريل 2020ع ۾ پاڪستان جي هائير ايجوڪيشن ڪميشن HEC پاران معياري تسليم ڪندي، منظوريءَ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. هي هڪ گڏيل تنظيمي ڪم آهي، جنھن ۾ اڳوڻن چيئرمئنن، ايڊيٽوريل بورڊ؛ سب ايڊيٽر؛ مقالا نگارن؛ ڪمپوزر؛ ڪاتب؛ ويب ڊولپر ۽ ڊزائينر سڀني جو گڏيل پورهيو شامل آهي.

محققن ۽ ليکڪن لاءِ ضروري آهي ته پنھنجو مقالو موڪلڻ وقت نئين موضوع جي چونڊ ڪن ۽ معيار کي ڌيان ۾ رکندي، مقالي جو انگريزي ۾ خلاصو (Abstract) ۽ MLA طريقي موجب حوالا/ببليوگرافي لازمي طور تي شامل ڪن. هر مقالو معيار جي بنياد تي، ٻن مختلف ماهرن جي راءِ (Blind review )۽ منظوريءَ کانپوءِ شايع ڪيو ويندو آهي. اميد ته هي شمارو پڻ اوهان پڙهندڙن جي معيار وٽان هوندو.

شبنم گل
ايڊيٽر