توروالي ٻوليءَ جو مختصر جائزو
(A Brief Account of Tourwali Language)

ڊاڪٽر منظور ويسريو
Abstract:

Language is not only a source of communication but it is also a major symbol of any culture. It builds friendly relations, economic and cultural ties. Pakistan is a multicultural and multilingual country. Many ethnic groups live in Pakistan. They speak different languages. According to different scholars, more than 50 languages are spoken in Pakistan. Many of them are spoken in Northern Areas of Pakistan and Khyber Pakhtoonkhawa. Tourwali language is spoken in district Swat of Khyber Pakhtoonkhwa. This language is spoken by Tourwal tribe. Approximately more than 80,000 people speak Tourwali language. It is an ancient language and belongs to Dardic branch of Indo-European family of the world languages. Many local and international scholars have carried out research on Tourwali language including John Biddulph, Aurel Stein, G.A Grierson, Daniel G. Hallberg, Calvin A. Rensch, Wayue A. Lunsfurd, Parvesh Shaheen, Dr. G.A Allana, Zubair Tourwali, Inamullah Khan and others. A local organization TELLS (Tourwali Education, Linguistic and Literary Society) is working for the promotion and the development of the Tourwali language. This research article presents a brief introduction of Tourwali language.

الله تعالى جي نعمتن مان ٻولي (Language) به هڪ وڏي نعمت آهي. جيڪا انسان جي اظھار جو وسيلو آهي ۽ جنھن جي ذريعي انسان پاڻ ۾ تعلق قائم رکن ٿا. حضرت آدم عليه السلام کان وٺي اڄ تائين انسان هڪ ٻئي جي ڳالهه زبان جي ذريعي ئي سمجهي سگهيو آهي ۽ اهو سلسلو قيامت تائين جاري رهندو. زبان انسان کي نه صرف هڪ ٻئي جي ويجهو آڻي ٿي بلڪه محبت جو ذريعو پڻ آهي.
ٻوليءَ جو بنيادي ڪم هڪ انسان جو ٻئي انسان سان رابطو قائم ڪرڻ آهي. الله تعالى، انسان کي اشرف المخلوقات جو درجو به ٻوليءَ جي ڪري عطا ڪيوآهي، ڇو ته اهو انسان ئي آهي جيڪو نه صرف ٻوليءَ ذريعي هڪ ٻئي سان تعلق قائم رکي ٿو بلڪه ٻوليءَ ذريعي پنھنجن خيالن جو اظھار ڪري ٿو ۽ پنھنجي سوچ ۽ ڄاڻ کي ٻولي ذريعي ٻين تائين پھچائي ٿو.
ٻوليءَ جي ٻي اهم خوبي اها آهي ته ٻولي انسان جي شناخت آهي. انسان ٻوليءَ جي ذريعي ئي پنھنجي سڃاڻپ قائم رکي ٿو. اها سڃاڻپ جيڪا کيس ڪيترن ئي صدين کان پوءِ حاصل ٿئي ٿي. جنھن کي هو ٻوليءَ جي وسيلي ئي قائم ۽ دائم رکي سگهي ٿو. جن قومن پنھنجي ٻولي کي وساري ڇڏيو، انهن ڄڻ ته پنھنجي هزارن سالن جي تاريخ تي وساري ڇڏيو. بقول عبدالحفيظ قريشي:
”دنيا جي هر هڪ قومي سماج هڪ زنده ايڪو Organic هوندو آهي. جنھن جو جياپو پنھنجي ڌرتي ۽ پنھنجي ٻوليءَ کانسواءِ ممڪن نه هوندو آهي. ان ئي ڪري ڪنھن قومي سماج لاءِ ان جي ڌرتي (وطن) کان پوءِ ان جي ٻولي ئي سندس خاص اڪيلي سڃاڻپ، هن جو حقيقي روح ۽ گڏيل قومي سوچ هوندي آهي. اها ٻولي ئي آهي جا ڪنھن سماج منجهه ايڪو ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ وارو واحد، مستقل ثقافتي جز، مک عنصر، اوزار ۽ وسيلو هوندي آهي. جيڪا سماج جي هر سطح تي وسندڙ سمورن ماڻهن جو پاڻ ۾ رابطي، ڳاڍاپي، گڏيل جياپي جو هيڪلو حيلو ۽ وسيلو پڻ هوندي آهي.“ (1)
الله تعالى، پاڪستان کي مختلف قدرتي نعمتن، معدني ذخيرن ۽ خوبصورت نظارن سان نوازيو آهي. ڪٿي وڏا وڏا جبل ته ڪٿي پاڻي، جا دريا، ڪٿي سرسبز شاداب ڀٽون ته ڪٿي وڏا وڏا رڻ پٽ ۽ بيابان، ڪٿي طرحين طرحين جا گل ٻوٽا ته ڪٿي وري مختلف قسمن جا ميوا، ڪٿي گئس ۽ تيل جا کوهه ته ڪٿي وري ڪوئلي ۽ لوڻ جون کاڻيون، مطلب ته الله سائين پاڪستان کي هر طرح جي قدرتي نعمتن سان نوازيو آهي. انهيءَ طرح پاڪستان ۾ مختلف نسلن، قومن، مذهبن ۽ عقيدن جا ماڻهو به آباد آهن. جيڪي نه صرف شڪل و صورت بلڪه ذات پات ۽ رنگ نسل ۾ به الڳ آهن ۽ اهي جدا ٻوليون پڻ ڳالهائين ٿا. بقول ڊاڪٽر غلام علي الانا:
“The socio-linguistic study of a country like Pakistan is a very interesting subject indeed, as the area has been a cradle of languages and cultures right from the dawn of civilization. From times immemorial, people of different socio-lingual and socio-cultural backgrounds have migrated and settled here. More recently, the influence of Islamic culture has changed the cultural and linguistic patterns throughout the area.” (2)
جيتوڻيڪ اهي ٻوليون هڪ ٻئي کان مختلف آهن پر تنھن هوندي به انهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي انهن ۾ لساني هڪجھڙائيءَ کي ظاهر ڪن ٿيون.
پاڪستان ۾ ڪيتريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ان حوالي سان مختلف عالمن جي تحقيق جو جائزو هيٺ پيش ڪجي ٿو. ڊاڪٽر غلام علي الانا مطابق:
”هڪ اندازي مطابق پاڪستان جي ڌار ڌار خطن ۾ جيڪي ٻوليون ۽ انهن جا لھجا ڳالهايا وڃن ٿا انهن جو ڪل تعداد 75 کن ٿيندو.“ (3)
ڊاڪٽر حيدر سنڌي ان حوالي سان لکي ٿو ته:
”۔۔۔۔۔۔انهن رائج ٻولين جو تعداد ٽيھن ۽ چاليھن جي وچ ۾ ٿيندو ۽ سڀ جون سڀ مادري ٻوليون آهن. ايترين سمورين تھذيبن ۽ ٻولين جو ڪنھن هڪ ملڪه ۾ گڏ هجڻ ڀاڳ واري ڳالهه آهي. هتي آباد سڀئي ماڻهو پنھنجي تھذيبن ان جي بدن مان جنم وٺندڙ ثقافتن ۽ ان جي ڪک مان نشو ۽ نما پائيندڙ ٻولين تي نازڪن ٿا. ايترين سارين تھذيبن جا وارث ۽ ثقافتن جا مالڪ هئڻ ۽ ايتري تعداد ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جي ڏنل الله تعالى جي تحفي تي ڪو ملڪ ناز ڇو نه ڪري. ان ڪري جڏهن به دنيا ۾ ڪٿي به ٻولين جي گروھ بندي يا اصل نسل تي تحقيق ٿيندي ته ان ۾ پاڪستان جو ذڪر ضرور ايندو.“ (4)
يوري گنڪو فسڪي ، پاڪستان جي 1951ع ۽ 1961 ع جي آدم شمارين جي حوالي سان پاڪستاني ٻولين جو ذڪر هيئن ڪيو آهي:
”پاڪستان جي 1951ع ۽ 1961ع جي آدم شماري مان معلوم ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ 12 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. (انگريزي، فارسي ۽ عربي کي ڇڏي ڪري جن کي يا ته آباد ڪارن جا ننڍا ننڍا گروپ ڳالهائين ٿا يا معاشري ۾ چوڻيءَ جا ماڻهو بطور ضمني ٻولي جي استعمال ڪن ٿا.) پاڪستان جي اڪثر آبادي هند آريائي ٻوليون پنجابي، سنڌي، اردو، گجراتي ۽ راجستاني ڳالهائين ٿا. جن جو تعلق هند، يورپي خاندان سان آهي. ايراني خاندان جي ٻولين ۾ پشتو ۽ بلوچي به وسيع پيماني تي ڳالهايون وڃن ٿيون. ان کانسواءِ هند يورپي خاندان جون درادي ٻوليون ۽ دراوڙي ٻوليون (بروهي) ڳالهائڻ وارن جا به ڪيترائي گروھ آهن.“ (5)
عالمي اداري گڏيل قومن جي اداري جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت واري شعبي جي سروي رپورٽ موجب:
”پاڪستان ۾ 6 وڏيون ۽ ٻيون 57 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. يونيسڪو جي ٻولين جي عالمي نقشي موجب معدومي جي خطري ۾ ايندڙ ٻولين مان پاڪستان جون 27 ٻوليون به شامل آهن. انهن ٻولين جي بقا جي لاءِ ڪا به ڪوشش نه پئي ڪئي وڃي ۽ خطرو آهي ته اهي عنقريب معدوم ٿي وينديون.“(6)
ڊاڪٽر عطش دراني، پنھنجي مضمون؛ “پاڪستان ڪي زبانين اور واحد لساني تقاضا” ۾ ان حوالي سان لکي ٿو ته:
”موجوده تحقيق جي مطابق پاڪستان ۾ 30 ٻوليون ۽ 40 جي قريب وڌيڪ لھجا آهن.“ (7)
ساڳئي مضمون ۾ وري اڳتي لکي ٿو ته:
”سروي آف پاڪستان، جيڪو ٻولين جو نقشو تيار ڪيو آهي ان ۾ اردو کانسواءِ ٻارهن (12) ٻوليون تسليم ڪيون ويون آهن. بلوچي، براهوي، سنڌي، پنجابي، پشتو، چترالي کوار، آجڙي، ڪوهستاني، شنا، بلتي، ڪشميري، ان ۾ هندڪو، جتڪي، سرائيڪي ۽ پوٺوهاري کي پنجابي جي شاخ سمجهيو ويو آهي ۽ گوجري، پھاڙي، ۽ مڪراني کي شامل ناهي ڪيو ويو. ريڊيو پاڪستان جن ٻولين ۾ پروگرام نشر ڪري ٿو ان ۾ پنجابي سان گڏ سرائيڪي، پوٺوهاري، گوجري، پھاڙي ۽ هندڪو به شامل آهن. ان کان علاوه سنڌي، پشتو، بلوچي براهوي، گجراتي، ڪشميري، شنا، بروشسڪي، بلتي وغيره ۾ به پروگرام نشر ٿين ٿا. گويا نشرياتي طور تي تسليم ٿيل پاڪستاني ٻولين جو تعداد 18 کن آهي.“ (8)
ڊاڪٽر طارق رحمان پنھنجي ڪتاب “Language Policy, Identity and Religion” ۾ صفحي نمبر 31 کان صفحي نمبر 64 تائين تي ضميما (Annexure) ڏنا آهن. انهن ۾ ڊاڪٽر صاحب ايٿنالاگ ليگويجزآف دي ورلڊ 2005ع جي حوالي سان 72 ٻوليون ڄاڻايون آهن. جڏهن ته چارٽ ۾ 55 ٻولين جا نالا، جن علائقن ۾ اهي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون انهن جا نالا، آبادي ۽ انهن ۾ موجود ادب آهي يا نه ۽ ان جي حيثيت جو تمام مختصر ذڪر ڪيو اٿس. ايٿنولاگ، فورم فار لينگوئج انيشي ايٽو طرفان پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين جي فھرست ۾ 74 ٻوليون شامل آهن. جيڪي هيٺ ڏجن ٿيون.
آئر، بديشي، باگڙي، اڀرندي بلوچي، اولھندي بلوچي، ڏاکڻي بلوچي، بلتي، بيٽري، ڀايا، براهوي، بروشسڪي، چليسو، دميلي، دري، ديھواڙي، ڍاٽڪي، ڊوماڪي، پاڪستاني انگريزي، گواربتي، گھيرا، گواريا، گاوري، گجراتي، گوجري، گرگلا، هزارگي، اترئين هندڪو، ڏاکڻي هندڪو، جدگالي، جنڊاوڙا، جوڳي، ڪبوترا، ڪڇي، ڪالامي، ڪلاشا، ڪلڪوٽي، ڪام واري، ڪشميري، ڪٽي، کيتراني، کووار، انڊس، ڪوهستاني، ڪڇي، ڪولهي، پارڪري، ڪولهي، وڌيارا، ڪولهي، ڪنڊل شاهي، لھندا، لاسي، لوارڪي، مارواڙي، ميميڻي، اوڏ، اورمڙي، پھاڙي، پوٺوهاري، پاڪستان سائن لئنگويج، پلولا، وچئين پشتو، اترئين پشتو، ڏاکڻي پشتو، اولھندي پنجابي، سانسي، سرائيڪي، ساوي، شينا، شينا، ڪوهستاني، سنڌي، ڀيل سنڌي، توروالي، اردو، اوشوجو، واگڙي، وخي، وائيچي ۽ يدغا. (9)
پاڪستان ۾ ڪيتريون ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. ان جو جواب وثوق سان نه ٿو ڏئي سگھجي. پر تنھن هوندي به راقم ان حوالي سان اڄ تائين جيڪو مطالعو ڪيو آهي ان مطابق پاڪستان ۾ اٽڪل 50 کان مٿي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. توروالي پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ ٻولين مان هڪ آهي. جيڪا خيبرپختونخواه جي ضلعي سوات جي تعلقي بحرين جي اهم ٻولي آهي. بقول زبير توروالي:
”توروالي ٻولي سوات ضلعي جي حسين ترين علائقي سوات ڪوهستان ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. دنيا جي ٻولين جي باري ۾ معلوماتي ويبسائيٽ ايٿنولاگ (Ethnologue)موجب توروالي ڳالهائجندڙن جو تعداد 60 ۽ 80 هزارن جي وچ ۾ آهي اهو رڪارڊ 15 سال پراڻو آهي ۽ ان ۾ انهن توروالين جو ذڪر نه آهي جيڪي هتان کان مستقل طور لڏي ويا آهن. هاڻي هڪ اندازي موجب اهو تعداد هڪ لک کان هڪ لک ويھه هزار آهي. اهي ماڻهو ضلعي سوات جي مٿين وادي بحرين (بحرين کان ڪالام) ۽ مدين جي اوڀر ۾ الال وادي (چيل، بشيگرام، شنڪو ۽ ان جي ويجھو ڳوٺن) ۾ رهن ٿا. ان کانسواءِ توروالي پاڪستان جي وڏن شھرن ڪراچي، ڪوئيٽا، حيدرآباد، راولپنڊي، مينگوره، پشاور، نوشھره ۾ به مستقل طور آباد ٿيا آهن. ويجهن ڪجهه سالن ۾ گهڻي تعداد روزگار جي سلسلي ۾ سيالڪوٽ، لاهور ۽ چڪوال به منتقل ٿي آهي. 2008ع ۾ غير سرڪاري تعليم ۽ ترقي واري اداري آئي-بِي-ٽِي(I-B-T) جي انتظام هيٺ ڪيل سروي موجب توروالي ٻولي ڳالهائيندڙن جي 30 سيڪڙو آبادي پنھنجي علائقي کان مستقل طور لڏي ٻين شھرن ۾ آباد ٿي چڪي آهي. جنھن ۾ ڪيترن ئي جاين تي انهن جي نئين نسل پنھنجي ٻولي ڳالهائڻ ڇڏي ڏني آهي.“(10)
توروالي ٻولي جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته:
”هيءَ توروال قبيلي جي ٻولي آهي. هيءَ ٻولي توروال خطي ۾، سوات، ڪوهستان جي بالائي حصي ۾ ڳالهائي ويندي آهي. هيءَ ٻولي ’آريانه‘ کان سٺ کن ميلن جي ايراضيءَ ۾ چيرولي ۽ ڇاهل دڙي تائين چيروليءَ کان ڪجهه مٿڀرو، اوڀر واري ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هيءَ ٻولي سنڌو-ڪوهستان جي پتڻ واري علائقي ۾ به ڳالهائي ويندي آهي. توروالي ٻوليءَ جي ايراضي سوات ڪوهستان جي مٿئين علائقي وارين وادين ۾ ’مدائن‘ (Madain) بستيءَ کان وٺي، سوات نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي اتر طرف منڪيال بستي تائين ۽ اسريت نالي (Isret Nala) تائين پکڙيل اهي. يعني مدائن کان وٺي بحرين، ڪيرام، ڇم ڪلام-لائي ۽ آس پاس وارن ڳوٺن ۽ بستين ۾ سوات نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي ڳالهائي ويندي آهي.“ (11)
توروالي جو نالو: توروالي ٻوليءَ کي توروالي ڇو ٿو چئجي يا ان تي اهو نالو ڪيئن پيو. ان سلسلي ۾ انعام الله خان لکي ٿو ته:
”توروالي ڳالهائيندڙ پنھنجي پاڻ کي ’ڪوستني‘ (ڪوهستاني) چون ٿا ۽ تمام ٿورا ماڻهو ڄاڻن ٿا ته جيڪي ڪجهه هو ڳالهائين ٿا اها ڪتابن ۾ ’توروالي‘سڏبي آهي. اصل ۾ توروالي ڳالهائيندڙن کي اهو نالو ان جي پاڙي ۾ ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن ڏنو آهي. خاص طور تي ڪالامي ڪوهستاني ۽ انڊس ڪوهستاني ڳالهائيندڙ، بحرين تعلقي جي ڪوهستانين کي توروالي چون ٿا. انهن جي مطابق بحرين علائقو (جنھن جو نالو سوات جي والي کان اڳ ڀونال يا پشتو نالو برانيال هو) جي گادي جو هنڌ بحرين جي اتر ۾ توروال نالي هڪ ڳوٺ هو، جيڪو اڄ به موجود آهي. تنھنڪري ان ڳوٺ جي مناسبت سان انهن کي توروالي سڏيو ويو. ڪجھ مقامي روايتن موجب حضرت ميان قاسم بابا رحمت الله عليه (پير بابا جو ڏوهٽو) جڏهن پھريون ڀيرو ان علائقي ۾ ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ آيو ته سڀني قبيلن اسلام قبول ڪيو، سواءِ هڪ ننڍي قبيلي جي، واپسي ۾ ڪنھن جي پڇڻ تي هن پشتو ۾ ٻڌايو ته ”سڀني ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي پر ڪجهه توروال يعني (ڪاراڻ) رهجي وئي آهي.“ انهيءَ سبب ڪري علائقي جو پشتو نالو توروالي يعني توروال پئجي ويو. ان کان پوءِ مدين کان ڪالام جي حدن تائين جو سڄو علائقو توروال سڏجڻ لڳو ۽ هتان جي ڪوهستاني ٻولي توروالي سڏجڻ لڳي.“ (12)
لساني گروه: انعام الله خان، گريئرسن جي حوالي سان توروالي ٻولي جي لساني گروھ بابت هيئن لکي ٿو:
”گريئرسن جو چوڻ آهي ته يقيني طور توروالي ٻولي، ٻولين جي ’درد‘ خاندان سان تعلق رکي ٿي، ان ۾ مؤنث جي جوڙجڪ ۽ فعل جون مختلف شڪليون ظاهر ڪن ٿيون ته اها ڪشميري مان جڙيل آهي.“ (13)
زبير تورواليءَ موجب:
”توروالي ٻولي سوات وادي جي قديم ٻولين جي نشاني آهي جيڪا هند-آريائي (Indo-Aryan) ٻولين جي هيٺين شاخ داردي (Dardic) ٻولين سان تعلق رکي ٿي. توروالي ۽ ان سان ويجهو ٻولين جي گروهه کي ڪوهستاني به چيو وڃي ٿو.“ (14)
توروالي جا لھجا: زبير توروالي، توروالي ٻوليءَ جا ٻه لھجا ڄاڻايا آهن. هڪڙو سينڪيان يا بحرين ۽ ٻيو چيل. سينڪيان، بحرين ۽ ان جي آسپاس جي ڳوٺن جو لھجو آهي، جڏهن ته چيل، چيل وادي جو لھجو آهي.
سنڪيان ۽ چيل لھجن ۾ فرق جا ڪجهه مثال:
سنڪيان - بحرين لھجو چيل لھجو سنڌي معنى
اُوئل اُوجل اڇو
ڪُويُو ڪُوجُو/ ڪوچو ڪتو
ڀوئي ڀيئي صوف
چوؤ چوبُو/چوپو ڪنڊو
جوئي جپئي عورت (15)
توروالي جي الف-ب: 1996ع ۾ مقامي پڙهيل لکيل نوجوانن جي هڪ ثقافتي تنظيم ’ڪوهستان ڪلچرل سوسائٽي‘ قائم ٿي. جنھن توروالي الف-ب جي ٺاهڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي ان ڪميٽي توروالي ٻوليءَ کي اردو رسم الخط ۾ لکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مخصوص آوازن جي لاءِ ماهرن جي مشورن جي روشنيءَ ۾ الف-ب مقرر ڪئي. اهڙي نموني توروالي الف-ب ۾ اردو جا تقريبا سڀئي ۽ پشتو جو هڪ مخصوص ’خ‘ شامل آهي. باقي پنج مخصوص اکر جن جي 1929ع ۾ گريئرسن نشاندهي ڪئي هئي ۽ انهن کي رومن اکرن سان الڳ لکيو، انهن کي برقرار رکيو ويوآهي. جيڪي هي آهن:
توروالي اکر:
ا ڇ ح س
ويجھو اردو اکر:
ا، چ، ج، ژ، ش
آئي. پي. اي IPA اکر: s, z, j, c, a (16)
توروالي ٻوليءَ تي ٿيل تحقيق: توروالي ٻوليءَ تي جان بڊلف (J. Bidduulph)، ايرل اسٽيئن (Aurel Stein) گريئرسن (G.A Grierson)، ڊينئل جي هال برگ (Daniel G. Hallberg)، ڪيلون رينش (Calvin A. Rensch) ۽ سنڊراڊيڪر (Sandra J Decker) وغيره پنھنجي تصنيفن ۾ تورواليءَ بابت ڄاڻ ڏني آهي. انهن کانسواءِ وئين لنسفرڊ (Wayue A. Lunsford) آمريڪا جي يونيورسٽي ٽيڪساس ۾ ماسٽرس جي ڊگري لاءِ ”توروالي ٻولي جي لساني ساخت جو هڪ جائزو“ تي مقالو 2001ع ۾ لکيو آهي.
توروالي ٻوليءَ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي حوالي سان آفتاب احمد نور خان، زبير توروالي ۽ ٻين هڪ تنظيم ٽيلس (TELLS)“Torwali Education, Linguistic and Literary Society”ٺاهي آهي. جيڪا اڳيان هلي 2007ع ۾ تعليم ۽ ترقي جو ادارو (IBT) بڻيو. جنھن جي مقصدن ۾ توروالي ٻوليءَ جي بقا، تحفظ ۽ فروغ سان گڏو گڏ علائقي جي عمومي ۽ مربوط ترقي شامل آهي. هن ئي اداري طرفان آئي بي ٽي جي قائم ڪيل اسڪول لاءِ درسي ڪتاب جن ۾ توروالي الف-ب، توروالي قاعدو، توروالي لکڻ جو قاعدو، توروالي پڙهڻ جو قاعدو، توروالي ڳڻپ جو ڪتاب، توروالي ٻڌڻ واريون ڪھاڻيون، ٻارن جون ڪھاڻيون، ٻارن جا نظم وغيره شائع ڪيا آهن. جيڪي پڙهايا به وڃن ٿا.
هن ئي اداري پاران 2015ع ۾ ٽن ٻولين توروالي، اردو ۽ انگريزي لغت شايع ڪئي وئي آهي. هن لغت ۾ توروالي ٻوليءَ جي بنيادي لفظن (Head Words) جو تعداد 10 هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.
راقم ’توروالي، اردو، انگريزي لغت‘جو مطالعو ڪيو آهي. ان ۾ ڪافي اهڙا لفظ آهن جيڪي هوبھو سنڌي ۾ به استعمال ٿين ٿا. ان ڪري ان موضوع تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گھرجي. ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي مقالي بعنوان “Some Lesser Known Dialects of Kohistan” ۾ به بيان ڪيو ويو آهي، جنھن جو ذڪر الانا صاحب پڻ ڪيو آهي.
توروالي ادب: توروالي ٻوليءَ ۾ قديم ۽ جديد شعري ادب موجود آهي. غير تحريري زبان هئڻ ڪري اهو ادب سينه به سينه منتقل ٿي ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود آهي ۽ هاڻ ان کي محفوظ ڪيو پيو وڃي. توروالي قديم ۽ جديد شاعرن ۾ مُلا گلزار، جمروز زردارا، رستم، بخت بلند، اقبال خان، محمد حليم، شير محمد خان وغيره جا نالا اهم آهن.

حوالا
1. قريشي، عبدالحفيظ، مھاڳ،’سنڌ جولوڪ ثقافتي ورثو،‘سھڙيندڙ، ولي محمد طاهرزادو، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع، ص19.
2. Allana, G. A., “Pakistani Society and the problem of linguistic
plurality”, include, Pakistani Languages and Society: Problems and
Prospects, Editors: Joan L.G. Baart and Ghulam Hyder Sindhi,
Islamabad, National Institute of Pakistan Studies, QAU and Summer
Institute of Linguistics, 2003, p. 19
3. الانا، غلام علي، پروفيسر، ڊاڪٽر، ’ثقافتي ورثو‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
1999ع، ص124.
4. سنڌي، غلام حيدر، ڊاڪٽر، ديباچو، ’پاڪستان ڪا لساني جغرافيه‘ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز،قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد 2005ع ص XVI۔
5. گنڪو فسڪي، يوري، پاڪستان ڪِي قوميتين، مترجم، مرزا اشفاق بيگ، ماسڪو،
دارالاشاعت ترقي، ص9.
6. رپورٽ ’پاڪستاني مادري زبانون ڪا ميلا‘ تعارف رپورٽ، 2017ع، ص4.
7. عطش دراني، ڊاڪٽر، مضمون، ’پاڪستان ڪِي زبانين اور واحد لساني تقاضا‘ شامل،
’اردو جديد تقاضي نئي جھتين‘ اسلام آباد، مقتدره قومي زبان، 2006ع، ص122.
8. ساڳيو.
9. ايٿنولاگ ۽ فورم فار لينگوئج انيشيٽِو، اسلام آباد
10. توروالي، زبير، مقدمو، ’توروالي-اردو-انگريزي لغت‘، تحقيق و تاليف، آفتاب احمد، بحرين-سوات، ادارو برائي تعليم و ترقي (I.B.T) ، 2015ع، ص. VII
11. الانا، غلام علي، پروفيسر، ڊاڪٽر، ’ثقافتي ورثو‘، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1999ع، ص. 167
12. خان، انعام الله، مقالو، ’توروالي زبان ڪا آغاز و ارتقا‘، شامل، مطالعاتي رهنما، ايم فل پاڪستاني زبانين و ادب (پشتو، هندڪو، توروالي، گائوري زبانين و ادب)، ڪورس ڪوڊ 2723، ص. 255
13. ساڳيو، ص. 256
14. توروالي، زبير، مقدمو، ’توروالي-اردو-انگريزي لغت‘، تحقيق و تاليف، آفتاب احمد، بحرين-سوات، ادارو برائي تعليم و ترقي (I.B.T) ، 2015ع، ، ص. VII
15. ساڳيو، ص. VIII
16. خان، انعام الله، مقالو، ’توروالي زبان ڪا آغاز و ارتقا‘، شامل، مطالعاتي رهنما، ايم فل پاڪستاني زبانين و ادب (پشتو، هندڪو، توروالي، گائوري زبانين و ادب)، ص. 261
548 ڀيرا پڙهيو ويو