سهاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جا مقبرا، فنِ تعمير ۽ بحالي
(Architecture and Restoration of the Tombs of Suhagan and Duhaghan)

اشتياق انصاري
Abstract:

The tombs of Suhagan and Duhagan built in naked brick architecture are located, in Taluka Rohri, District Sukkur. The naked brick/exposed brick style of architecture is known to have come to this region from Afghanistan and later found in Baluchistan and southern Punjab and are considered to be of Ghorid period. According to a popular belief as pointed out by Dr. Ahmed Nabi Khan (1987-88), both these tombs belonged to Shakar Ganj and Khatal-al-Din Shah which were constructed in the late 12th and early 13th century A.D. Badar Abro is also of the same opinion that these tombs were constructed in Ghorid period and belonged to Shakar Ganj and Khatal-al-Din Shah. The details of the cut brick panels on both the tombs are marvelous and are compared in the paper.
Recently Endowment Fund Trust for Preservation of the Heritage of Sindh (hereafter EFT) has restored the Tombs of Suhagan and Duhagan. Author is thankful to CDC-EFT Jamshoro for providing drawings and pictures of Suhagan and Duhagan Tombs.

سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جا صديون پراڻا مقبرا ضلعي سکر ۾ اَروڙ جي ٽڪرين تي 27.65 اتر ۽ 68.93 اوڀر ڊگهائي ۽ ويڪرائي ڦاڪن تي واقع آهن. اَروڙ جو ذڪر برصغير جي قديم مذهبي قصن، توڙي تاريخي ڪتابن ۾ ڪنھن نه ڪنھن حوالي سان ملندو رهي ٿو. ساڳي طرح سنڌ جي چند اوائلي شھرن ۾ اَروڙ جو احوال به واري سان اچي ٿو. سنڌ ۾ دراوڙي دور هجي يا آرين جي اُرهه زورائي، سنڌين تي برهمڻ جي بادشاهي هجي يا ٻڌ پرستن جو عروج، يا هتان جي ماڻهن جو ڪوس ايراني، يوناني يا عربن جون تلوارون ڪنديون هجن، انهن سڀني تاريخي واقعن ۾ اَروڙ جو ذڪر لاڳاپيل ملي ٿو. ايتري قدر جو اسان کي ٻين صدي ق.م جي قصي مھاڀارت ۾ به اَروڙ جو ذڪر نظر اچي ٿو.
” مھاڀارت ۾ دروپدي، سنڌو کي هڪ آسودو ملڪ ڄاڻائي ٿي. مورخن جي راءِ موجب مھاڀارت واري دور ۾ اتر سنڌ، آرين جي بيٺڪ بڻجي چڪي هئي، جڏهن ته هيٺين سنڌ اڃا آرين يا دراوڙن جي جُوءِ هئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ان دور ۾ اروڙ پنھنجي قدامت ۽ دفاعي نوعيت سبب، سنڌ علائقي جي گادي هوندو. گهٽ ۾ گهٽ ان عظيم ملڪ جي ڪنھن صوبي جي راڄڌاني ضرور هوندو.“ (1)
سنڌ ۾ راءِ گهراڻي جا راجا ٻڌ جا پوڄاري ها، سندن حڪومت جو زمانو 450 کان 643 عيسوي تائين هو. راءِ سھاسي (ٻئي) جي زماني ۾ ڇھن هنڌن تي يا ته قلعا اڏايا ويا هئا يا انهن جي مرمت ڪئي وئي هئي.
مير علي شير قانع ان جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
”راءِ سھاسي ’ٻيو‘ وڏن کان به وڌيڪ وڻندڙ عادتن جو مالڪ هو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهي جي حدن جو بندوبست ڪري تختگاهه ۾ آرام سان رهڻ لڳو ۽ ڍل جي عيوض رعيت کي ڇھن قلعن: اُچ، ماٿيلو، يسورائي، الور ۽ سيوستاني جي زمين، مٽي سان ڀرڻ جو حڪم ڏنائين“(2)
مطلب ته سنڌ تي محمد بن قاسم جي حملي کان اڳ به اَروڙ پنھنجي شان شوڪت ۽ جاگرافيائي بيھڪ ڪري مختلف نالن سان مشھور هو .
اَروڙ تي نالو: تاريخ جي مختلف دورن ۾ اَروڙ کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آهي، شايد سنڌ جو هي واحد شھر آهي، جيڪو ايترن گهڻن نالن سان سڏيو ويو آهي. جيئن مرزا قليچ بيگ لکي ٿو ته :
”بني اُميه خليفن جي وقت ۾ هندو راجا دلوراءِ، الور جو حاڪم هو، ۽ الور کي دلور به سڏيندا هئا (3)
هاڻي اچو ته ڏسون دنيا جي ٻين محققن اروڙ کي ڇا سڏيو آهي:
”اَروڙ نالي جي هجي مختلف نمونن ۾ نظر ايندي، مسعودي (ص 22) تي الرور، ابن خرداذبھ، الدور (صفحو (28) تي لکي ٿو اشڪال البلاد، الدور (صفحو 36) ۽ الدود (صفحو 37) گائلڊ ميسٽر (Gild Meister) ابن حوقل جي حوالي سان روز ۽ الروز، ادريسي دور (صفحو 79) مراصد الاطلاع، الرور لکي ٿو. ليفٽيننٽ مڻڪ لاگن جو بيان آهي ته هن شھر کي اروڙ به سڏيو ويندو آهي. (4)
چچ نامي ۾ به اَروڙ جو ذڪر مختلف نالن سان اچي ٿو. جيئن ياقوت (معجم البلادان) الرور لکيو آهي... گمان غالب آهي ته ياقوت حمزه اصفھاني جو قول نقل ڪندي لکي ٿو ته:
”سنڌو ندي جو قديم ايراني نالو قبل از اسلام هن جو نالو رود هو. جنھن جي معني نھر يا درياھ ھو. “ مھراڻ رود“ هو. معجم البدان (مھراڻ). جيئن ته هن مقام وٽ مھراڻ ڦٽي ٻه شاخون ٿي پيو. انهي ڪري درياھ جي رخ جي اهميت جي لحاظ، يا شايد انهن ٻن شاخن مان اڀرندين شاخن جي نالي جي لحاظ سان هن مقام جو نالو ئي رود يا نھر پئجي ويو (5)
مير معصوم ۽ مير علي شير قانع، اَروڙ جو تلفظ الور اختيار ڪيو آهي. اڄ ڏينھن تائين سنڌ جو عوام به انهيءَ تلفظ جي مناسبت سان هن شھر کي اَروڙ سڏي ٿو.6))
اسان اروڙ جي عروج ۽ زوال کي پاسيرو رکي، اَروڙ ۾ موجود قديم آثارن مان صرف سھاڳڻ ڏهاڳڻ جي مقبرن جو ذڪر ڪنداسين. آثارِ قديمه جي ماهر احمد نبي خان جو خيال آهي ته:
”اهي مقبرا سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جا نه آهن، هو لکي ٿو ته: ”اهي ٻئي مقبرا شڪر گنج ۽ ختل الدين شاهه جا 12 صدي جي پڇاڙي يا 13 صدي جي شروعات ۾ ٺاهيا ويا آهن“ (7)
ناميارو محقق بدر ابڙو پڻ لکي ٿو ته:
”اهي مقبرا سھاڳڻ ڏهاڳڻ جا نه آهن پر شڪر گنج ۽ ختل شاهه جا آهن. جيڪي غوري دور حڪومت جي ڪاريگرن جو ڪمال آهن“(8)
ساڳي طرح اتان جا ڪي مقامي ماڻهو انهن مزارن کي شڪر گنج ۽ ختل الدين جي مزارن سان منسوب ڪن ٿا. شڪر گنج لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو قلندر لعل شھباز جو همعصر ۽ دوست هو.
انهن مقبرن لاءِ به سنڌ جي ٻين ڪيترن ڦِٽوڙن واري ساڳي ڏند ڪٿا مشھور آهي ته هت ڪنھن زماني ۾ هڪ ڪافر راجا دلوراءِ حڪومت ڪندو هو، ان کي هر رات نئين ڪنوار کپندي هئي. جڏهن انهن ٻنهي عورتن جو وارو آيو ته هنن دعا گهري ۽ زمين ڦاٽي پئي، ٻئي ان ۾ دفن ٿي ويون، اهي انهن جون قبرون آهن.
تازو ’انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار دي پرزويشن آف دي هيريٽيج آف سنڌ‘ EFT جي ٽيم انهن مقبرن جي بحالي دوران سھاڳڻ جي مقبري اندر ڇھن قبرن جا نشان ڏٺا جنھنڪري مٿي آيل ڪٿا ڪمزور ٿي پوي ٿي. اهو به ممڪن آهي ته ڪجهه قبرون بعد جون هجن. سال 2011-2010ع جي وڏي ٻوڏ دوران ڪيترائي ٻوڏ متاثر، مقبرن اندر ۽ ٻاهر لڏو لاهي وٿاڻ ٺاهيون ويٺا هئا.
هاڻي ڏسجي ته سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جيان بنا پلسترNaked Brick work جھڙيون آرائشي اڏاوتون ڪٿي ۽ ڪھڙي هنڌ ملن ٿيون.
سرن سان جوڙيل هڪ پراڻو مقبرو بخارا ۾ سامياني حاڪم اسماعيل سامياني (907-892ع) جو ملي ٿو. سامياني جي دور ۾ سمرقند ۽ بخارا انهن جي گادي جا هنڌ رهيا آهن. جن تي بعد ۾ غزنوي گهراڻي قبضو ڪيو. اسماعيل سامياني جو چوڪور مقبرو گهڙيل سرن جو خوبصورت نقش نگاري وارو آهي.













آرائشي سرن سان سينگاريل سامياني حاڪم اسماعيل سامياني (900ع) جو مقبرو (بخارا. ازبڪستان)
شيخ خورشيد حسن پڻ ان قسم جي بنا پلستر Naked Brick work واري اڏاوت جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”اسان وٽ ان قسم جي اڏاوت سينٽرل ايشيا مان غزنوي دور ۾ هت آئي پر ان جو عروج اسان کي ساميان ۽ سلجوقن جي دور ۾ ملي ٿو.(9)
اها حقيقت آهي ته سرن جو اهڙو پوش پاتل اڏاوتن جي شروعات سينٽرل، اولھه ايشيا ۽ ايران ۾ خاص ڪري ساميان دور ۾ ملي ٿي. هونئن به ساميانن جي ’سني مسلڪ جي ايراني حڪومت (999-819ع) ان وقت ايران، افغانستان، تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاستان ۽ پاڪستان جا ڪجهه حصا شامل هئا، ان ڪري سِرن جو پوش پاتل اڏاوتون اسان کي بلوچستان ۾ به ملن ٿيون. ”جيئن ته بلوچستان جو تعلق ايران، اولھه ۽ سينٽرل ايشيا سان ملي ٿو، ان ڪري اتي، اتان جي تھذيب ۽ ثقافت تي ان جو ڪجهه اثر آهي. (10)
بلوچستان: اسان کي بلوچستان ۾ گهڙيل سرن جا اهڙا مقبرا ڪافي هنڌن تي ملن ٿا جيئن لسٻيلو، سراوان، خاران، مشڪيل وغيره. سبي کان 24 ڪلوميٽر ڏکڻ ڪڇي ضلعي مٿري جا آثار به سونھن سوڀيا جو ثبوت آهن، خاران کان 80 ڪلوميٽر اولھه طرف جهلوار لڪ وٽ به قديم آثار واضح بيٺا آهن. ساڳي طرح خاران ۾ ڪيترائي نوشيرواني مقبرا پڻ سر سازي جو بھترين نمونو آهن. ان ۾ امير نوشيرواني نقودري جي ٻن طبقن واري مقبري جي ڇتن تي ننڍن خانن اندر جاميٽري ۽ گلڪاري جا نقش موهيندڙ آهن. نقودرين 13 ۽ 14 صدي عيسوي دوران افغانستان، ايران ۽ بلوچستان تي حڪومت ڪئي. نقودرين جو تعلق منگول قبيلي سان هو.








نوشيرواني مقبرا، سر سازي جو بھترين شاهڪار آهن (خاران _ بلوچستان)
تصوير لاءِ شيخ خورشيد حسن جا ٿورا.
بلوچستان ۾ ئي لسٻيلي ضلعي ۾ محمد بن هارون جو چوڪور مقبرو به ڪافي قدامت ۽ اهميت رکي ٿو. محمد بن هارون مڪران جو پھريون گورنر 86 هجري ۾ ٿي رهيو آهي. محمد بن هارون جي مقبري کي به بنا پلستر سرن جو لباس پاتل آهي. هن جي جڙاوت، سرن جا نانگ وراڪا، چونڪڙي جي شڪل جي قطار، ڇليدار زنجير ۽ ڏنل بارڊر، عجيب لقاءُ پيش ڪن ٿا.


















پنجاب: پنجاب ۾ ڪبير والا ۾ علي بن ڪرمک جي پڪين گهڙيل سرن واري اڏاوت به ڪمال ڪاريگري جو مثال آهي. سپھ سالار علي بن ڪرمک 571هه کان 582 هجري تائين ملتان جو والي ٿي رهيو هو. عمارت کي چو ڦير پڪين سرن جو ڪوٽ ڏنل آهي. جن کي گولائي مائل ديوار کان ٻاهر نڪتل برج وڌيڪ سونھن بخشن ٿا، عمارت جي داخلي دروازي واري مضبوط ڏاڪڻ ۽ ٺلهه اڄ به پنھنجو وجود برقرار رکيون بيٺا آهن. علي بن ڪرمک جي مسجد اندر اڏيل منبر اندر سامھون سرن تي ڪيل نفيس گهڙاوت ۽ چٽسالي اکين کي موهي ٿي. خاص ڪري منبر جي محراب تي اُڪريل گلڪاري ۽ پاسي وارين ٻانھن تي آيتن جي خطاطي بينظير آهي. (11)
اسان کي اُچ شريف ۽ ملتان ۾ به بنا پلستر سرن جو پوش پاتل، ڪيتريون ئي عمارتون ملن ٿيون.


پختونخواء: اهڙي طرح پختونخواء ۾ به اسان کي اگهاڙين سرن وارا ڪيترا تاريخي يادگار نظر اچن ٿا. خاص ڪري ڊيره اسماعيل خان ۾ واقع لال مھرا شريف جا مقبرا هميشھ سياحن ۽ آثارِ قديمه جي ماهرن جي توجھه جو مرڪز رهيا آهن، ان ۾ رنگين ڀورن/خاڪي سرن وارين عمارتن تي نيري رنگ جي سرن جا سڌا پٽا ۽ گهڙاوت تمام سٺو ڪنٽراسٽ پيدا ڪن ٿا. (12)











لال مھرا شريف جا رنگ برنگي مقبرا (ڊيره غازي خان _ پختونخواه)









لال مھرا شريف جي هڪ مقبري جي رنگين سرن سان جڙاوت
(ڊيره غازي خان _ پختونخواه) تصوير لاءِ هولي ايڊوڊ جا ٿورا.
سنڌ: اهڙي نموني پڪين سرن سان جوڙيل، عمارت سازي جا اهڙا عظيم شاهڪار، سنڌ ۾ به ملن ٿا، جيڪي انساني هنرمندي جي صلاحيتن جو اعليٰ مثال آهن. اسان کي ان قسم جي پڪين سرن سان، عمارتون اڏڻ جو هنر ايران، افغانستان، بلوچستان، پختونخواء، پنجاب کانسواء سنڌ ۾ به ڪافي هنڌن تي ملي ٿو. ماهر آرڪيالاجسٽ شيخ خورشيد حسن جو خيال آهي ته سبي ۾ ان طرز جا مقبرا 11 ۽ 12 صدي عيسوي جا آهن، يعني مقبري سازيءَ جو اهو هنر مغل دور کان به اڳ جو آهي.
سنڌ ۾ اهڙي سِرَ سازي جو ڪمال اَروڙ جي سھاڳڻ ڏهاڳڻ جي مقبرن کان علاوه، مڪلي جي ٽڪري تي سرن سان سينگاريل راڄ ملڪ جو مقبرو ملي ٿو، جيڪو 1479ع جو آهي، اهڙي طرح قوس السلطـاني جو مقبرو 1513ع جو جوڙيل آهي. مڪلي ۾ ئي فتح خان جي ڀيڻ جي مقبري تي به سرون ڪتب آنديون ويون آهن، سرن جي اهڙي ڪاريگري، پنو عاقل (ضلعي سکر) ۾ شيخ لالو جي مقبري ۾ ڏسي سگهجي ٿي جنھن جي تعمير 967هه 1560ع ۾ ٿي. هن مقبري جي بحاليءَ جو ڪم تازو ئي انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ هٿان مڪمل ٿيو آهي. پني عاقل ۾ ئي پير بائيد احمد سلطان جي روزي جي سرن جي اوساري، ان وقت جي اوستن جي پيار جو پورهيو آهي. اهڙي طرح سکر ۾ به شير شاهه ۽ پير بچايو جا پڪين سرن وارا مقبرا ڏسڻ وٽان آهن.
بھرحال، مختلف ماڳن تي اهڙي طرز تعمير ۽ آرائشي سرن جو لباس پاتل عمارتن تــي سرسري نـــظر وجهڻ بــعد اروڙ ۾ موجود ســھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن جـي

شيخ لالو جو مقبرو(پنو عاقل) ايڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان بحالي کان پوءِ ۽ اڳ
بناوت جو ذڪر ڪنداسين ’سنڌ جا ڪوٽ قلعا‘ ۾ لکيل آهي ته:
”ٻنهي مقبرن تي ڪو به ڪَتبو ڪونهي ڏهاڳڻ سھاڳڻ جا مقبرا اروڙ جي ٻي طرف روهڙي جي پاسي هڪٻئي کان اڌ ڪلو ميٽر پري آهن. ٻنهي مقبرن تي اڌ گول طرز جا وڏا قبا تعمير ٿيل آهن، جيڪي محرابن جي آڌار تي مٿي اوساريل آهن. چئني پاسن تي ونگن سان لنگهه ٺاهيا ويا آهن. هر هڪ قبي تي ٻاهرين پاسي تي سونھن ۽ سنجٽ رکي وئي آهي. هر هڪ ڪنڊ جي ٻنھي پاسي ڀت ۾ ٺلهه ٺھيل آهن، جن جي مٿيئن پاسي تي گهنڊ جي شڪل جھڙا ڦالڪا ٺاهيل ڏسجن ٿا. قبي تي ٿيل چٽسالي، اُڀريل طور ننڍن ٺلھن وسيلي خانن ۾ ورهايل ڏسجي ٿي. وڏن ۽ ننڍن ٺلھن جي مٿئين پاسي تاج رکڻ واري روايت هندو، ٻڌ طرز تعمير سان واسطو رکي ٿي. هي طرز تعمير ڏاڍي ملوڪ به آهي، جيڪا قديم ۽ اسلامي طرز تعمير جو جديد سنگم آهي. (13)
ساڳي طرح شيخ خورشيد حسن، سجاوٽي سرن جو گهونگهٽ پاتل سھاڳڻ ڏهاڳڻ مقبرن جي طرز تعمير جو تعلق وچ ايشيا سان ڄاڻائي ٿو. ”هنن قبن جي خاص خوبي اها آهي ته هنن جي ٻاهرين پاسي تي پڪين سرن وسيلي اهڙي آرائشي طرز رکي ويئي، جنھن ۾ اَڪيچار نمونا نظر ايندا آهن. ڏسڻ ۾ ائين ايندو ته قبي ۾ اوساريل هر سر، ڀت جي اُوسر جو ڪم به ڏئي ٿي ته ان سان گڏ ساڳي سر سان، آرائشي چٽسالي جو به ڪم ورتو ويو آهي. سِرن جي اوساريءَ ۾ اهڙي چٽسالي، وچ ايشيا جي طرز تعمير سان واسطو رکي ٿي. هن طرز کي پھريائين غزنوي گهراڻي حڪمرانن متعارف ڪرايو هو پر هن فن کي سامانين ۽ سلجوقين عروج تي پھچايو، اتان جي اهم يادگارن ۾ به سرن جي اوساري ۽ چٽسالي نظر ايندي، بخارا جي ساماني حڪمرانن جا مقبرا، دامغان، ساوا ۽ سبز وار جا منارا به هن فن سان تعلق رکن ٿا. پوپ هن طرز تعمير کي Naked Brick architecture سڏيو آهي. هن طرز تعمير جي اوساريءَ ۾ سرن سان آرائش رکڻ جي خاص خوبي اها آهي ته جڳھه مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان تي ڪنھن ٻي چٽسالي رکڻ جي لوڙ ڪانه پوندي آهي، يعني جڳھه پنھنجي وجود ۾ سونھن ۽ سنجٽ جون متوقع ضرورتون پوريون ڪري ڇڏي ٿي.(14)


















سھاڳڻ جو مقبرو بحالي کان اڳ

سھاڳڻ مقبري جي فن تعمير ذريعو: EFT-CDC

سھاڳڻ مقبري جون آرائشي وصفون:
سنڌ ۾ سھاڳڻ ان سڀاڳي عورت کي چيو ويندو آهي، جنھن بختاور جو مڙس جيئرو هجي. اروڙ ۾ سھاڳڻ جي نالي سان منسوب هي مقبرو 26.8x26.8 فٽ هم چورس آهي. 2.7 فوٽ ٿلهين ديوارن سان جوڙيل هي يادگار 36 فٽ بلند آهي. پڪين سرن 10x7x1.5 انچ وارن سان بيھاريل هن جاءِ جي اوساري مٽي، چيرولي ۽ چن سان ٿيل آهي. هن جون ٻاهريون گهڙيل پڪين سرن جون ديوارون، جاميٽري جي شاندار چٽن ۽ گلڪاريءَ سان سٿيل آهن. سھاڳڻ مقبري جي خاص خوبي اها آهي ته ديوار تي اُڀريل ۽ اندر اُڪريل نقش نگار، اُس ۽ ڇانو جي فرق Contrast ڪري وڌيڪ چٽا ۽ وڻندڙ لڳن ٿا.
حاشيو Dado: سھاڳڻ جي مقبري جي هر طرف ٻاهرين ديوار تي بنيادن بعد حاشي (Dado) ۾ سرن جي ٻن قطارن جي وچ ۾ چونڪڙي جي شڪل جھڙيون سڌيون لڪيرون ڏنيون ويون آهن.
ٻاهر نڪتل ٺلهه Pilaster: حاشي مٿان ٻاهر نڪتل سرن سان سينگاريل ٺلهه Pilaster ڏنا ويا آهن. آسمان ڏي ويندڙ انهن ڇھن ٿنڀن جي سِرن جي ستون بندي ‘Stylobate مٿان آرائشي سِرن Fluting کي گولائي ڏئي، جِهرين سان سينگاريو ويو آهي. جنھن مٿان خوبصورت سرن جي برستون Entablature کي ڪنڊن وٽ هيٺائين طرف موڙيل ونگوڙا ڏنا ويا آهن.
طاق Panel ٻاهر نڪتل ٺلهه Pilaster
طاق / Panels: سھاڳڻ مقبري جي ديوار ٻاهر نڪتل ٿنڀن ڪري حاشيي کان وٺي برستون تائين چئن طاقن ۾ ورهايل آهي. انهن طاقن ۾ ئي حاشيءَ مٿان ٽڪنڊين جهنڊين جي قطار بعد ايٽ جي شڪل جا نو کڏ ڪڻا، ستاري جي شڪل ۾ کوٽيل آهن. جنھن مٿان چئن کڏ ڪڻن وارو ننڍڙو تارو آهي. اهڙي طرح برستون جي بلڪل هيٺان ننڍڙين ڪنگرين جي قطار بعد چڻيان جي شڪل جھڙا پتا ڏانڊي سميت اُڪريل آهن.
سھاڳڻ واري قبي جي ٻاهرين ديوار جي اُڀريل ٿنڀن جي سرستونن مٿان قطار ۾ گهڙيل هلالي شڪل جھڙا ابتا سبتا چنڊ اڀريل آهن ۽ ان جي مٿان ٽڪنڊين جهنڊين جي ڪارنس (Cornice) نڪتل آهي. جنھن بعد هڪ مستطيل حصي ۾ اُڀريل ڪنگريون ۽ ايٽ جي شڪل جا کڏڪڻا آهن
مھاڙي جي ٻنهي ڪنڊن تي ساڳي شڪل جا سينگاريل شاهي ٺلهه نڪتل آهن. ٺلهه ۽ طاقن جي وچ ۾ اُڀي کوٽيل ايٽ جي شڪل جي قطار آهي.
آرائشي پٽو Frieze: اهڙي طرح مقبري جي ٻيڙ ٻني Parapet هيٺان آرائشي پٽو Frieze جيڪو سرستون ۽ ان جي مستطيل حصي بعد مٿي اُسري ٿو، ان کي هيٺان ٻن ننڍين سرن جي ڪارنس جي وچ ۾ هلالي شڪل جھڙا اُبتا ۽ سبتا چنڊ آهن. جنھن بعد هڪ مستطيل طاق اندر Celtic Interlacing knots جي شڪل جھڙي جوڙ يا عربي ڪوفي خطاطي Kufic Calligraphy جي شڪل ۾ آرائش سان سِرن کي ترتيب ڏني وئي آهي. انهن ڪوفي خطاطي جھڙين اُڀين شڪلين وارين ڳنڍين جي مٿان هڪ مستطيل خاني اندر ماکيءَ جي مناري جھڙا دلڪش آرائشي نقش جوڙيا ويا آهن.
سھاڳڻ جي ٻيڙ ٻني هيٺان سينگاريل پٽو Frieze
ٻيڙ ٻنو Parapet: ان آرائشي پٽي مٿان سھاڳڻ جو ٻيڙ ٻنو Parapet بيھاريو ويو آهي، ان ٻيڙ ٻني کي هيٺان سھڻو ڇليدار سرن جو هار پاتل آهي. جنھن مٿان تراشيل سرن جي وڻندڙ جهنڊين جي جهالر لڙڪي ٿي. آخر مٿاهين تي ٻيڙ ٻني کي سرن کي ڪٽي، ايٽ جي شڪل جي قطار (Diamond chain) بيھاري وئي آهي. جنھن بعد سڄي ديوار کي سِرن جي قطار جو بند ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي.
شيخ خورشيد ان آرائشي ٻيڙ ٻني جي لاءِ لکي ٿو ته: سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي قبن جي Parapet تي آرائشي ٻاري رکي ويئي آهي، جنھن جي ڪري هيءَ اڏاوت، ويتر خوبصورت ٿي ويئي آهي. ٻنهي قبن ۾ لڳل سنگ مزار وارا پٿر ڊهي عام پٿرن جيان کوڙو ٿي ويا آهن، ڪنھن تحريري شاهد جي عدم موجودگي جي ڪري ڪنھن دور جي تعمير چئي ڪونه ٿو سگهجي ته اهي مقبرا ڪھڙي زماني ۾ جوڙيا ويا هئا. بلوچستان جي خاران ضلعي ۾ ساڳئي قسم جي طرز تعمير موجود آهي، ان طرز جي فن ۽ ڪن تاريخي شاهدين جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هيءَ اڏاوت تيرهين صدي عيسويءَ سان تعلق رکي ٿي. اهڙي ريت سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي قبن کي ساڳئي دور سان ڳنڍي سگهجي ٿو. (15)
اهڙي طرح سھاڳڻ جي مقبري جي مھاڙي Facade جيان مزار جا ٻيا پاسا به گهنڊيدار، خمدار، کائنچيدار، نانگ وراڪن ۽ گلڪاري سان سينگاريل آهن.
گردو Drum: سھاڳڻ جي ان چوڪور ڀتن مٿان ڪُنڊ جوڙ جي مدد سان اٺاس ٺاهي ڇت جي فرش بندي ڪري وچ تي هڪ گول گردو Drum بيھاريو ويو آهي. گردي جي اوچائي ڇت کان 4.6 فٽ آهي. قطر 20 فٽ آهي. ان گردي مٿان هڪ شاهي قبو رکيل آهي. گردي ۽ گنبذ جي وچ دُڏ (Haunch) تي ٽُڪيل سرن جا بارڊر ڏئي ان جي وچ ۾ اندر طرف زنجير (Diamond Chain) جو هار پارايو ويو آهي.
گنبذ Dome: اُڀي گردي ۽ وچ واري دٻيل زنجير نما هار بعد قبي جي ساخت ۾ تبديلي ايندي ٿي وڃي. اتان گنبذ آهستي آهستي وچ طرف مٿي چڙهندو ٿو وڃي، آخر مرڪز تي پھچي، هلڪي مخروطي چوٽي Apex جي شڪل اختيار ڪري ٿو. گنبذ کي مٿان بلڪل سادو چن جو پلستر چڙهيل آهي، چوٽيءَ جي مٿان ڪابه ڪلغي Crown يا نيل Finial وغيره لڳل نه آهي.
دروازا Doors: سھاڳڻ جي مقبري کي چئني پاسن کان 2.6x8.3 فٽن جا گولائي مائل محرابدار دروازا لڳل آهن. دروازن مٿان مستطيل اُڀي کائنچي ۾ ٻنهي ڪنڊن تي اَٺن پنکڙين وارو هڪ هڪ گل چنبڙيل آهي. جنھن جي مٿان ٻه ڏندا نڪتل سرن جون قطارون آهن. ان کان مٿئين قطار ۾ ڏانڊي سميت چونڪڙي جيان گل جوڙيل آهن. ان کان پوءِ ماکي جي مناري مٿان قطار ۾ هلالي چنڊ جيان ابتيون سبتيون شڪليون اُڀريل آهن.
حجرو Chamber: سھاڳڻ جي مقبري جي اندرين حجري جو ڏيک بلڪل سادو ۽ زيبائش کان عاري آهي. حجري اندر سرن جي اوساري به سادي ۽ بغير ڪنھن توجھه جي ڪئي وئي آهي.
سھاڳڻ مقبري جو ڪنڊ جوڙ

ڪُنڊ جوڙ Squinches: مقبري اندر چئن ڪنڊن تي ٺھيل ڪنڊ جوڙ Squinches شاهي گنبذ کي ڪلهو ڏيون بيٺا آهن. ڪنڊ جوڙ جي ٻنھي پاسي ڪلهن وٽ ٻاهر نڪتل سرن جي ننڍڙي ٿنڀڙي آهي، جنھن مٿان هڪ مضبوط ڪماني ڏنل آهي. ان ڪنڊ جوڙ کي هيٺين پاسي پوري وچ تي ڏندا نڪتل سرن سان سينگاريو ويو آهي. ڪنڊ جوڙ کان ڪجهه مٿڀرو گنبذ جي گولائي وٽ ڏندائون ڪنٺو پارايل آهي.
قبرون Graves: حُجري اندر موجوده وقت ڇھن ڪچين قبرن جا نشان آهن. هڪ بلڪل وچ تي ٻي اترين دروازي وٽ ۽ چار قبرون مقبري جي ڏاکڻي ديوار ڀرسان. حجري جي وچ تي مک قبر کي ئي سھاڳڻ جي قبر چيو وڃي ٿو. جنھن تي پڙ پڻ پيل آهن.










مھاڙي ۽ ان جا حصا







سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن کي خط ڪوفي جھڙي آرائش سان سينگاريو ويو آهي









ذريعو: EFT-CDC
ڏهاڳڻ مقبري جو اڏاوتي نمونو
اسان وٽ ڏهاڳڻ ان بدبخت عورت کي چيو ويندو آهي جيڪا مڙس کان طلاقيل يا رَن زال هجي، اروڙ ۾ ڏهاڳڻ جو مقبرو سھاڳڻ جي مقبري کان چند سو قدمن تي هڪ مٿاهين ٽڪري تي آهي، هن يادگار ۾ به ساڳي سھاڳڻ واريون 10x7x1.5 انچ ماپ جون سرون استعمال ڪيون ويون آهن. البت هي مقبرو سھاڳڻ جي مقبري کان ڊيگهه ۽ ويڪر ڪجهه قدر ننڍو يعني 24.6x24.6 فٽ آهي. ساڳي طرح اوچائيءَ ۾ به گرانٺ کن ننڍو يعني 35.6 فٽ آهي. باقي هن جون ديوارون 3.0 فٽ ٿلهيون آهن.
هن چوڪور عمارت جون به ٻاهريون ڀتيون ڳاڙهين تراشيل پڪين سرن سان سينگاريل آهن. جن کي جاميٽري جي ڊزائين ليڪن، گولن، ڪمانن سان جاذب نظر بڻايو ويو آهي. خاص ڪري ڀتين تي ڦولدار زيبائش اکين کي راحت ڏئي ٿي.
حاشيو Dado: ڏهاڳڻ جي ٻاهرين ديوار تي هيٺ بنيادن بعد حاشيو Dado ڏنل آهي. جنھن کي سرن جي ٻن نڪتل سڌين پٽين سان سينگاريو ويو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سھاڳڻ جي مقبري ۾ انھن سڌين قطارن جي وچ ۾ چونڪڙي جي شڪل جهڙيون لڪيرون پڻ ڏنل آهن.
ٻاهر نڪتل ٺلهه Pilasters: ان حاشي مٿان، مٿي ويندڙ چار ٻاهر نڪتل ٺلهه Pilaster بيھاريل آهن. اسان کي سھاڳڻ ۾ اهڙا ٻاهر نڪتل ڇھه ٺلهه ملن ٿا. ڏهاڳڻ جي ٺُلهن جي ستون بندي Stylobate مٿان ٺھيل آرائشي سِرن Fluting کي گولائي ڏئي جهرين جھڙن ڏندن سان چڪري جھڙي شڪل ڏني وئي آهي. ان پيل پاوي مٿان برستون Entablature کي سڌيون سرون ڏئي انهن جي ٻاهرين ڪنڊن کي هيٺ طرف موڙي ونگوڙا ڏنا ويا آهن. مھاڙي جي ڪنڊن تي پڻ ساڳي طرز جا ٺلهه ۽ طاقن جي وچ ۾ کوٽيل اُڀي ايٽ جي قطار آهي.
طاق / Panels: ڏھاڳڻ جي ٻاهرين ديوار ٻاهر نڪتل پيل پاون ڪري، حاشيه کان وٺي برستون تائين دروازي کي ڇڏي، ٻن وڏن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. انهن حصن ۾ حاشيه بعد هڪٻئي مٿان اِيٽ جي شڪل جھڙا ٻه ننڍڙا کڏڪڻا آهن، جنھن مٿان ساڳي ئي ايٽ جي شڪل جا نو (9) عدد کڏڪڻا ستارن جي هڪ جهرمٽ جي شڪل ۾ نظر اچن ٿا.
ان نَو عدد ستارن واري جهرمٽ جي مٿان ۽ برستون جي هيٺان هڪ مستطيل طاق اندر، ڪوفي خطاطي kufic Calligraphy يا Celtic Interlacing knots سان مشابھه، سِرن کي ڄڻ ڳنڍيون ڏئي نقش چٽيا ويا آهن. ڏهاڳڻ واري قبي جي ٻاهرين ديوار جي اُڀريل ٿنڀن جي سرستون مٿان قطار ۽ گهڙيل آرائشي سرن جي ابتن سبتن هلالي چنڊن جي قطار مٿان ٽڪنڊين جَهنڊين جي جهالر ڏنل آهي، جنھن بعد هڪ طاق اندر اُڀريل ڪنگريون ۽ کوٽيل ايٽ جا کڏڪڻا آهن.
آرائشي پٽو Frieze: ٻيڙ ٻني Parapet هيٺان سينگاريل پٽو Frieze ڏنو ويو آهي. جيڪو طاق اندر اُڀريل ڪنگرين مٿان نڪتل ڪارنس بعد آهي، ان طاق اندر خط ڪوفي Kufic calligraphy سان مشابھه آرائش ڏنل آهي. جنھن مٿان هڪ ٻي مستطيل کائنچي اندر ماکي جي مناري سان مشابھت ڏنل آهي، ان مٿان مقبري جو ٻيڙ ٻنو بيھاريو ويو آهي.
ٻيڙ ٻنو Parapet: سينگاريل پٽي بعد ٻيڙ ٻني ۾ سھڻي انداز سان تراشيل سرن جي زنجير کان پوءِ هڪ مستطيل ڀاڱي ۾ ماکيءَ جي مناري جھڙي آرائش آهي، جنھن مٿان شاندار انداز سان سرن کي ڪَٽي، جهنڊين جي جهالر لڙڪائي وئي آهي، آخر ۾ ٻيڙ ٻني کي مٿان سڌي سرن جي ڪارنس ڏئي محفوظ ڪيو ويو آهي.
گردو Drum: ڏهاڳڻ جي ٻيڙ ٻني واري ڇت ۾ به سنڀال نه هئڻ ڪري گھرا ڏرڙ پئجي ويا هئا. جن کي وري چيرولي ۽ چن سان بند ڪري ڇت جي فرش بندي ڪئي وئي آهي.
گنبذ بيھارڻ لاءِ ان جي هيٺان گولائي مائل گردو Drum ڏئي ان سان گنبذ کڙو ڪيو ويو آهي، حالانڪه سنڌ جا گهڻا گنبذ اٺاس جي شڪل جا ٺاهيا ويندا آهن پر هي گنبذ جو Drum ٻاهران گول بيھاريو ويو آهي. ان اٺاس ۽ گنبذ جي وچ تي ٻاهرين پاسي دُڏ (Haunch) وٽ گهڙيل آرائشي سرن جو هڪ پٽو ڏئي حد بندي ڪئي وئي آهي. گردي جو قطر 17.6 فٽ آهي.
گنبذ Dome: ڏهاڳڻ جو گنبذ، گردي ۽ وچ تي موجود آرائشي ڪنٺي بعد آهستي آهستي مٿي اُسرڻ سان گڏ، اندر گول چوٽيءَ طرف چڙهڻ شروع ڪري ٿو. آخر مرڪز يعني چوٽي Apex تي پھچي مخروطي شڪل وٺي بيھي ٿو. گردي ۽ گنبذ جي ڇت کان وٺي بلندي 14 فٽ بيھي ٿي. مقبري جو گنبذ سنڀال نه هئڻ ڪري ڪيترن هنڌن تان ڏريل هو ۽ ان جي چوٽي به اچي پٽ پئي هئي.
دروازا Doors: ڏهاڳڻ جي مقبري جي چئني پاسن کان، وچ تي گولائي مائل محرابدار دروازا آهن. انهن مٿان اُڀي مستطيل طاق جي ٻنهي ڪنڊن تي، واڌو شڪل جي وچ تي، سوراخ نڪتل نشان آهي، ان جي مٿان ڏندا نڪتل سرن جي ٻن قطارن بعد اِيٽ جي شڪل جھڙي سوراخ دار ڄاري آهي ان کان پوءِ چوڪور ڄار جھڙي آرائش جڙيل آهي. سڀ کان مٿان وچ تي اٺن پنکڙين وار گل اُڪريل آهي. دروازي جي ماپ 7.9x3.3 فٽ بيھي ٿي.
حجرو Chamber۽ ڪنڊ جوڙ Squinches: اهڙي نموني ڏهاڳڻ جي حجري جي جڙاوت به بلڪل سادي آهي. ان ۾ ڪابه ڪشش نه آهي، اوساري ۽ درزون ڀرڻ ۾ به مھارت نه آهي. چئني ڪُنڊن تي ڪُنڊ جوڙ Squinches آهن. ڪنڊ جوڙ، هڪ وڏي مضبوط محراب جيان جڙيل آهن. انهن جي وچ تي هيٺين پاسي تي هڪ ٻي ننڍڙي محراب پڻ ڏنل آهي، جنھن کي هيٺان سڌن سرن جو پٽو ڏنل آهي. ان ڪنڊ جوڙ ۾ وڏي ڪاريگري ۽ مھارت کان ڪم ورتو ويو آهي. گردي ۽ گنبذ جي وچ تي ڏندا نڪتل سرن جو هار پارايو ويو آهي.



























بحالي بعد ڏهاڳڻ جي تربت

قبر Grave: ڏهاڳڻ جي مقبري ۾ خزاني جي ڳولا ۾ قبر کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. البت هڪ ڪچي قبر جو وچ تي نشان آهي. سوال آهي ته جنھن ڏهاڳڻ جي مقبري تي اهڙو شاندار ڪم ڪرايو آهي ان ضرور ڏهاڳڻ جي قبر کي به خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي، پر جيئن ته سنڌ جي ٻين مقبرن جيان خزاني جي ڳولا ڪندڙن، اتي گھرا کڏا هڻي ڇڏيا آهن، ائين انهن ماڻهن سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جون خوبصورت قبرون به مسمار ڪري ڇڏيون آهن.
بھرحال، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي ماهرن اها ڳالهه ذهن ۾ رکي آهي. سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي قبرن کي وري نئين انداز ۾ ساڳي ئي خوبصورت سرن جي گهڙائي، جُوڙائي ۽ گلڪاري سان سينگاري بيھاريو آهي.
سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ مقبرن جي نقش نگاري ۾ فرق
سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي اڏاوت ۽ جڙاوت نوي سيڪڙو ساڳي طرز جي آهي، تنھن هوندي به ڪن هنڌن تي سندس سجاوٽ ۾ ٿورو فرق پڻ نظر اچي ٿو. اسان هت ان جي نشاندهي ڪندا هلنداسين.
حاشيو Dado: سھاڳڻ جي مقبري جي ٻاهرين ديوار ۾ بنيادن کان پوءِ سڌي ليڪ ۾ سپي جي شڪل جي قطار مٿان ايٽ جي شڪل (Diamond Chain) جون ٻه قطارون ڏنل آهن، جنھن مٿان سڌائي ۾ ٽڪنڊن جو ڪنٺو ڏنل آهي پر ڏهاڳڻ جي مقبري جي حاشيه ۾ ايٽ جي شڪل جون صرف ٻه لڪيرون آهن.
ٺلهه/ ٿنڀا Pilasters: سھاڳڻ جي مقبري جي ٻاهرين ديوار کي ٻاهر نڪتل ڇھن ٿنڀن Pilaster ذريعي مک چئن طاقن Panel ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته ڏهاڳڻ جي ديوار ۾ اهڙا چار ٿنڀا ۽ ٻه طاق آهن.
طاق/ Panels: سھاڳڻ جي طاق اندر حاشيه مٿان هڪ ايٽ جي کُڏڪڻيءَ بعد ايٽ جي قطار مٿان، نو (9) عدد ايٽ جي کڏڪڻن وارو جهرمٽ کوٽيل آهي. ان بعد هڪ ايٽ مٿان ڏانڊيءَ مان چڻيان جي پتي کي ننڍڙي ڪنگري نما ٽوپ پارايل آهي، جڏهن ته ڏهاڳڻ جي حاشيه بعد هڪٻئي مٿان، ايٽ جي کڏڪڻن مٿان، نو عدد ايٽ جي کڏ ڪڻن وارو جهرمٽ کوٽيل آهي. ان بعد طاق کي خطِ ڪوفي جھڙي سهڻي آرائش ڏني وئي آهي.
سربستون Entablature: سھاڳڻ جي سربستون تي سرن جي زنجير مٿان جَھنڊيون اُڪريل آهن، جڏهن ته ڏهاڳڻ جي مقبري تي ابتا سبتا چنڊ ۽ جهنڊيون نقش ٿيل آهن.
آرائشي پٽو Frieze: سھاڳڻ جي مقبري سربستون مٿان سينگاريل پٽي Frieze تي ابتا سبتا هلالي چنڊن بعد ڪوفي خطاطي (Kufic calligraphy) جون ڳنڍيون ۽ ان مٿان ماکيءَ جي مناري جھڙا سوراخ آهن. جڏهن ته ڏهاڳڻ جي مقبري تي خط ڪوفي جي شڪلن مٿان ماکي جي منارن جھڙو ڄار وڇايل آهي.
ٻيڙ ٻنو Parapet: سھاڳڻ جي مقبري جو ٻيڙ ٻنو, هيٺان کان سرن جي زنجير جي سان ٻڌل آهي. جنھن مٿان سرن جون جهنڊيون ٽنگيل آهن آخر ۾ ايٽ جي قطار ڏئي سڌين سرن جو بارڊر ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ڏهاڳڻ جي ٻيڙ ٻني ۾ هيٺان زنجير بعد، ماکي جي منارن جھڙي ڄاريءَ مٿان، سرن جون ننڍڙيون جهنڊيون بيھاري، سرن سان بند ڪيو ويو آهي.
ڪنڊ جوڙ Squinches: سھاڳڻ جي ڪنڊ جوڙ واري مضبوط محراب ٻن ننڍن ٿنڀن تي بيٺل آهي، ان محراب جي هيٺان وچ تي، ڏند دار سِرن سان سينگاريو ويو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڏهاڳڻ جي ساڳي طرح محراب دار ڪنڊ جوڙ جي هيٺ، پوري وچ تي هڪ ننڍي محراب پڻ جوڙي وئي آهي.
قبرون Graves: سھاڳڻ واري مقبري جي حجري اندر هن وقت ڪل ڇھه قبرون آهن. هڪ پوري وچ تي باقي هڪ اترين دروازي سان گڏ ۽ چار ڏکڻ ديوار وٽ آهن. جنھن مان لڳي ٿو ته مک قبر پھريان هئي. باقي پاسي واريون قبرون بعد جون آهن. هڪ قبر مان ڪفن ۾ ويڙهيل لاش پڻ نظر اچي پيو. البت ڏهاڳڻ جي مقبري ۾ وچ تي صرف هڪ تربت آهي.
سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ مقبري جي بحالي مقامي ڪاريگرن جي هٿ هنر جو ڪمال آهي.










انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ طرفان سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ مقبرن جي بحالي

اَروڙ جون ٽڪريون سالن کان ريتي بجري ۽ پٿر مافيا جي قبضي ۾ آهن. هتان روزانو ريتي بجري ۽ پٿرن جون سوين ٽرڪون ڀرجي نڪرن ٿيون. ٽڪرين کي ٽُڪڻ ڪري سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن جي آسپاس به گھرا کڏا پئجي ويا آهن. انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي سخت احتجاج ۽ درخواستن بعد، في الحال ته هنن مقبرن جي ڀرسان کوٽائي بند آهي، تنھن هوندي به ڪا نه ڪا ٽرڪ ڀرجندي نظر ايندي آهي. انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن کي وڌيڪ قبضي ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ مقبري جي چوڦير، چُن جي اوساري سان پٿرن جي ننڍڙي ديوار ڏئي ڇڏي آهي. پليٽ فارم تي چڙهڻ لاءِ سھاڳڻ جي اتر پاسي کان پنج اڌ گول جي شڪل جا ڏاڪا ڏنا ويا آهن. اهڙي طرح ڏھاڳڻ کي اوڀر پاسي کان ڏاڪا ڏنا ويا آهن.
1. سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن جي پيڙهه کي برسات جي پاڻي کان بچائڻ لاءِ چوڌاري 12 فوٽن تائين پڪين سرن جي فرش بندي ڪئي وئي آهي.
2. سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن کي چئني پاسن کان داخلي دروازا هئا. في الحال انهن کي عارضي طور تي سرن سان بند ڪيو ويو آهي. سھاڳڻ کي اتر پاسي کان اهڙي طرح ڏهاڳڻ کي اُڀر پاسي کان عارضي لوهي سيخن وارو دروازو ڏنو ويو آهي.
3. ٽڪرين مان پٿر حاصل ڪرڻ لاءِ بارودي ڌماڪا ڪيا وڃن ٿا، جنھنڪري سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن جي گنبذ جي چوٽي جو وڏو حصو اچي هيٺ ڪريو هو. ساڳي وقت گنبذ ۽ گردي ۾ ڪيترن هنڌن تي ڏار ۽ ڏرڙ پئجي ويا هئا. انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي ماهرن وڏي محنت سان ان گنبذن جي سوراخن کي چيرولي ۽ چن جي مدد سان، ساڳي ماپ جي سرن سان بحال ڪيو آهي. قبي جي وڌيڪ مضبوطي لاءِ بانس جي تيلن جي ڄار کي لوهي تارن سان ٻڌي، ان مٿان چيرولي ۽ چن جو پلستر ڏنو ويو آهي.
4. سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن جي ڇت ۾ به گھرا سوراخ ۽ ڏار پوڻ ڪري برسات جو پاڻي مقبري جي ڇت ۽ ديوارن کي نقصان پھچائيندو رهندو هو. ڇت جي فرش بندي ڪري، پاڻي جي نيڪال لاءِ نيسارا ڏنا ويا آهن.
5. سار سنڀال نه هئڻ ڪري ٻنهي مقبرن جي ڇت جي چوڦير ڏنل ٻيڙ ٻنو به اچي پٽ پيو هو، ٻيڙ ٻني تي اُڪريل سرن جي زنجير جو هار، (Pearl Chian) جهنڊيون، ايٽ جي شڪل جي قطار(Diamond Chain) ۽ ڪارنس وارين سرن کي ان جي اصل انداز ۾ گهڙي، محفوظ ڪيو ويو آهي.
6. اهڙي طرح سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي چئني پاسي وارين ديوارن تي حاشيه کان وٺي ٻيڙ ٻني تائين جــتي به ڪا آرائشي ڊزائين ٽٽي غــائب ٿي وئي هئي يا نقصان پھتو هو، ڀلي اهـــو ستارو هــجي، ڪنگري، چــڻيان يا ايٽ جو پن، چنڊ، ڪوفي خطاطي
جي شڪل، نانگ وراڪو، گلن جي وَلِ، ماکي جو منارو يا ڪو ٻيو نقش، انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي ڪاريگرن، ساڳي ئي شڪل ۽ ڊزائين گهڙي، ان هنڌ تي هڻي سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ جي مقبرن کي ساڳي خوبصورتي موٽائي ڏني آهي.



7. سھاڳڻ ۽ ڏهاڳڻ مقبرن جون تقريباً چاليھه سيڪڙو گم ٿيل يا نقصان پھتل ڊزائين ۽ گلڪاريءَ واريون سرون، ٻيھر نئين سر گهڙي تراشي هيون ويون آهن.
8. ٻنهي مقبرن جي حُجري اندر به پڪين سرن جي فرش بندي ڪئي وئي آهي.
9. سھاڳڻ جي حجري اندر ڇھن ڪچين قبرن جا نشان مليا آهن، ان مان وچ واري سھاڳڻ سان منسوب مک بُٺي جو 9x5x4 فٽن جو صندوق نما ٿلهو ٺاهي، ان کي مقبري ۾ ڪتب آندل ڊزائين جھڙين سرن سان سينگاريو ويو آهي، ساڳي طرح ڏهاڳڻ جي قبر کي به ساڳي ماپ ۽ نقش نگار سان جوڙيو ويو آهي.
10. مقبري جي حجري توڙي ٻاهرين ديوار جا ڏار ۽ ڏرڙ، درزون چيرولي ۽ چن سان ڀريون ۽ سنواريون ويون آهن.

حوالا
1. ڀٽي، رشيد، ’اروڙ جو عروج ۽ زوال‘ ٽه ماهي مھراڻ 1984 (2)، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو1984ع.
2. مير، علي شير قانع، ’تحفته الڪرام‘ مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ، سنڌيڪار مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2004ع، ص 64
3. مرزا ، قليچ بيگ، ’قديم سنڌ ان جا مشھور شھر ۽ ماڻهو‘ سنڌي ادبي بورڊ 1990ع ص، 314
4. ايليٽ، ’سنڌ جي تاريخ‘ مُترجم عطا محمد ڀنڀرو، نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد 2000ع ص 437
5. ’چچ نامو‘، ترجمو مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع، ص، 374 حاشيو
6. ساڳيو صفحو 375-374
7. Dr. Ahmed Nabi khan ‘Pakistan Archaeology’ The Department of Archaeology, Pakistan. page 311. Number 23, 1987-88
8. ابڙو بدر، روزانه ڪاوش ’دنيا‘ مخزن ، مضمون، 9 مارچ 2017
9. Shaikh Khurshid Hassan, ‘Islamic Architectural Heritage of Pakistan’. Royal Book Company. Sadar Karachi- 2001 Page. 30-31
10. Ibid- Page 30-31
11. Holly Edward, ‘Of Brick and Myth’ Oxford University Press Karachi. 2015 Page-111-112.
12. Ibid Page-211
13. انصاري اشتياق’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا 2‘ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي (ٻيو ڇاپو) 2015ع صفحو 256
14. Shaikh Khurshid Hassan, ‘Beauty in Runis at Alore’. Daily Dawn December 20, 1991.
15. شيخ خورشيد حسن، ’اَروڙ جا قديم آثار‘ ترجمو عطا محمد ڀنڀرو، ٽه ماهي مھراڻ 4/ 2000 سنڌي ادبي بورڊ
829 ڀيرا پڙهيو ويو