ماڻڪ جي ناول ”ساهه مٺ ۾“ جو تنقيدي جائزو
(Critical Analysis of Manik’s Novel: “Saahu Muth Men”)
ڊاڪٽر شير مھراڻي
Abstract:
Manik (1943-1982) is an existentialist fiction writer in the Sindhi Literature. In his short stories and novels, he has depicted the inner feelings of the common Sindhi people. His famous Novel Saah Muth Men (literally means breath held in fist). Saah Muth Men is a Sindhi proverb which means “caught in worst conditions”. This novel was written during the last years of the One Unit and early nineteen eighties (1980’s). Due to adverse political conditions in Sind; Karachi, the mega city was passing through the horrible circumstances during that period. In this novel, writer has portrayed the fear and terror that had engulfed common Sindhi people, especially the working class in Karachi. The core theme of this novel is resistance. Due to the terrible conditions of the city, the hero of the novel faces severe suppression and remains in melancholy.
In this research article, I have attempted to explore mainly the element of resistance as portrayed in the Novel. I have also focused on certain existentialist elements present in the novel. Additionally, I have presented critical analysis of this novel.
ماڻڪ جو ناول، ’ساهه مٺ‘ سندس وفات (1982ع) کان پوءِ پھريون ڀيرو سنڌي ٽائيمس پبليڪشن اُلھاسنگر پاران، جولاءِ 1986ع ۾ شايع ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جي طرفان 1992ع ۾ پڌرو ڪيو ويو. سنڌ ۾ شايع ٿيل ڇاپي اندر ماڻڪ جو وفات کان ڪجهه ڏينھن اڳ نثار حسينيءَ کي لکيل هڪ صفحي جو هڪ خط؛ نصير مرزا جو اڍائي صفحن تي ٻڌل ڊائريءَ جو ورق ’جڏهن سڄڻ سفر هليا’؛ موهن ڪلپنا جو ڇھن صفحن تي ٻڌل ’سنڌيت جي اندروني ايڪس ري‘ جي عنوان سان مھاڳ ۽ باقي 133 صفحن تي ناول شامل آهي. ھن ناول ۾ ڪل چار باب آهن: امن امان، ٻائيتال، وڳوڙ، امن امان (وري). ناول جي پڇاڙيءَ ۾ ظفر عباسيءَ پاران ماڻڪ جو ورتل انٽريو ۽ بئڪ ٽائٽل تي امداد حسينيءَ جو مختصر رايو ڇپيل آهي. جنھن ۾ اهم ترين پئراگراف هي آهي ته، ”ماڻڪ ان ٽھيءَ مان هو، جيڪا پاڻ کان سينئر ۽ جونيئر جي ٻن پُڙن ۾ پيسجي رهي هئي/آهي. سينئر پنھنجين لکڻين ۾ وڏيرن کي لوئي پاڻ ادبي وڏيرا بڻجي ويا ۽ جونيئر شارٽ ڪٽس جي ڳولا ۾ رھيا_ائين ادبي محاذ تي قومي ايڪي واري اعليٰ مقصد کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.” (1)
مقالي جي ابتدا ۾ ڪجهه اهم سوالن يا مفروضن جا جواب ڏجن ٿا.
مھاڳ ۾ موهن ڪلپنا لکيو آهي:
”ماڻڪ جو ناول“ ’ساهه مٺ ۾‘ سنڌي زبان جو پھريون جديد ناول آهي، ان ۾ وجوديت ۽ بعيد العلقلي(بعيد العقلي) فٽ ڪيل ناهي، اها پاڻ خود مرادو ماحول مان اڀري ٿي.“ (2)
’ساهه مٺ ۾‘ ڪنھن به طرح سان پھريون جديد سنڌي ناول ناهي، ڇاڪاڻ ته، ان کان اڳ ڪيترائي جديد سنڌي ناول سنڌ ۾ شايع ٿي چڪا هئا. جن ۾ موهن ڪلپنا جا ناول، رڃ ۽ پاڇا (1966ع، سنڌ ۾ 1967ع ۽ 1984ع)، پيار جي پڇاڙي (1969ع)، جلا وطني (1974ع، سنڌ ۾ 1975ع)؛ قاضي خادم جا ناول پيار ۽ سپنا(1977ع)، درد جي خوشبوءِ (1981)؛ سراج جو پڙاڏو سوئي سڏ (1970ع) مزاحمتي ناول هجڻ سان گڏ ٽيڪنيڪ جي حوالي سان هڪ جديد ناول آهي. علي بابا جو ناول “موهن جو دڙو” (روح رهاڻ 1968ع ۽ روح رهاڻ تي بندش کانپوءِ هيءُ ناول نئين زندگيءَ ۾ ڇپيو)، حليم بروهيءَ جو ناول ’اوڙاهه‘ (جنھن کي شعور جي وهڪري واري ٽيڪنيڪ تي لکيل پھريون ناول چئي سگهجي ٿو) خود ماڻڪ جو پھريون ناوليٽ ’لڙهندڙ نسل‘ (1972ع) البته ’ساهه مٺ ۾‘ شعور جي وهڪري جي ٽيڪنيڪ تي لکيل بنيادي ناولن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
هيرو شيوڪاڻي لکي ٿو:
مون کي خبر ناھي ته ھن ناول ’ساھ مٺ ۾‘ جو دستخط، ماڻڪ پنھنجي موت کان ڪيترو اڳ لکي پورو ڪيو ھو. ”(3)
ناول جي اندر موجود واقعن جي ذڪر مان آساني سان سمجهي سگهجي ٿو ته هيءُ ناول ماڻڪ پنھنجي موت کان هڪ يا ٻه سال اڳ لکي پورو ڪيو هوندو. ماڻڪ جي وفات 1982ع ۾ ٿي. تازو ڪجهه سال اڳ منور سراج ’ماڻڪ جي بريف ڪيس مان‘ جي نالي سان هڪ ڪتاب ڇپايو آهي، جنھن ۾ ٻين تحريرن سان گڏ ماڻڪ جو ناوليٽ ’پڇتاءُ‘ به شامل آهي. جيڪو پڻ وجوديت جي فلسفي تي آڌاريل آهي. ناول ’ساھ مٺ ۾ ‘ اندر ماڻڪ 1977ع وارين چونڊن جو ذڪر ڪري ٿو ۽ لکي ٿو:
”هي ٽيھن سالن ۾ به سنڌي نه سکيا آهن! نه سکندا ئي جو، هن پراسيس ۾ اسان کي مرج ٿيڻو آهي، پنهنجي آئڊنٽيفڪيشن وڃائڻي آهي.“ (4)
يا ٻئي پاسي ڀُٽي صاحب جي ڦاسي جو ذڪر پڻ هن ناول ۾ ملي ٿو:
”ڀُٽي جي ڦاسيءَ تي وڏا گوڙ ٿيا آهن. ها! خاص ڪري دادو ضلعي ۾ ميھڙ، خيرپور ناٿن شاھ ۽ ٻين هنڌن تي ديرن کي باهيون ڏنيون اٿن ۽ گاڏين جون پٽڙيون...ته سنڌي اڃا جيئرا آهن. ها اهي اهڃاڻ ٻڌائين ٿا ته نه رڳو جيئرا آهن، پر جيئرا رهڻ چاهين ٿا هر جوکو کڻي. اهم ڳالهه اها آهي ته اهي سنڌي جيڪي هڪ فرد لاءِ ايڏو جوکو کڻي سگهن ٿا ته، پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ، پنھنجي سنڌ لاءِ ۽ خود پنھنجو پاڻ لاءِ جوکو ڇو نه ٿا کڻي سگهن.! هان؟ سائين مان سمجهان ٿو ته کڻي سگهن ٿا، رڳو کين ان قسم جو احساس ڏياريو وڃي...بنيادي سوال ليڊرشپ جو آهي، جيڪا عام جي مھنداري ڪري ٿي، جيڪا نه هئڻ جي برابر آهي.“ (5)
ذوالفقار علي ڀُٽي کي 1979ع ۾ ناحق ڦاسي آئي، جنھن جو سخت ردِعمل سامهون آيو. پر ضياء سرڪار ترت ئي ’اهل قلم ڪانفرنس‘ گهرائي ڪيترائي قلم خريد ڪري ورتا. ناول ’ساھ مٺ ۾‘ لکجڻ جو دور 1977ع کان 1980_1981ع معلوم ٿئي ٿو. هن ناول ۾ ڀُٽي صاحب تي به تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ ليکڪ واضح طور ڀُٽي صاحب کي ’ڪٽر پاڪستاني‘ سڏي چٿر ڪري ٿو. ڀُٽي صاحب تي اهڙي تنقيد ڪجهه قومپرست ڌريون ڪنديون رهيون آهن. پر ماڻڪ قومپرستن تي به تنقيد ڪري کين ’مفاد ۽ ذات پرست‘ سڏي ٿو. ذاتي طور تي پھريان ماڻڪ ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو ۽ پوءِ پارٽي ڇڏي ڏنائين.
ماڻڪ جو ناول ’ساھ مٺ ۾‘ هڪ ڪاليج جي استاد جي ڪھاڻي تي ٻڌل آهي، هو هڪ تحقيقي مقالو لکي ٿو. هيءُ ناول ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ان تحقيقي مقالي جا نوٽس آهن. ڇاڪاڻ ته ناول جي آخري صفحي تي ڪوئي سوال ٿو ڪري ته مقالي جي ڏي خبر ته جواب ملي ٿو ته ’نوٽس وٺي ڇڏيا آهن. مقالو لکان ٿو پيو‘. ناول جو هيرو ڪراچيءَ جي ڪنھن ڪاليج ۾ سنڌي ٻوليءَ جو استاد آهي. هو پنھنجي گهرواريءَ سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو. کيس سنڌي هجڻ تي فخر گهٽ؛ ڊپ وڌيڪ آهي. هو اڪثر ان گمان ۾ رهي ٿو ته ڪوئي سندس پيڇو ڪري رهيو آهي ۽ سندس گفتگو جي جاسوسي ٿئي ٿي. توڙي جو هو ان خيال جو آهي ته هن جو ڪنھن به سياسي توڙي قومپرست پارٽيءَ سان ڪو به تعلق ناهي. هو عملي طور سياست کان پاسي تي آهي، ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته اقتداري پارٽيون اسٽيبلشمينٽ جي ڌر آهن ۽ قومپرست قيادت پنھنجي پنھنجي ذات جي خول ۾ وڃايل ۽ مطلب پرست آهي. هتان جا سوشلسٽ وڏيرن جي کيسن ۾ پيل آهن. هو نوڪري پيشه فرد آهي ۽ صرف ڳالهين جي حد تائين قومپرست سياست ڪري ٿو. ۽ سندس خيال آهي ته ايتري سياست هر سنڌي ماڻهو ڪندو آهي. تنھن هوندي به کيس هر گهڙي اهو ڊپ آهي ته ’ديوارن کي به ڪن آهن‘. سنڌ متعلق ڪيل سندس گفتگو کيس ڏچي ۾ وجهي سگهي ٿي. شھر ۾ وڳوڙ ٿين ٿا ته هو ڊڄي وڃي ٿو. هو اهڙو ڊپ پنھنجي گهرواريءَ سان شيئر ڪري ٿو؛ جيڪا کيس ڪراچي ڇڏي ڳوٺ هلي رهڻ جو مشورو ڏئي ٿي. هو کيس اڪيلو ڳوٺ ڇڏي اچڻ چاهي ٿو، پر سندس گهرواري اڪيلي ڳوٺ وڃي رهڻ نٿي چاهي. انڪري هو ٻيئي ڪراچيءَ ۾ ئي رهن ٿا. هو چونڊن جي به خلاف آهي ۽ سندس خيال آهي ته چونڊن دوران اسان کي صرف ايترو اختيار هوندو آهي ته اسان پنھنجي لاءِ مناسب ڪاسائي جي چونڊ ڪيون. سندس خيال موجب ٻئي ڌريون ڪاسائي آهن، اسانکي صرف انهن مان ئي چونڊ جو اختيار آهي. انڪري هو ڪڏهن به اليڪشن دوران ووٽ ڏيڻ ناهي ويو نه ئي هن پنھنجو ووٽ داخل ڪرايو آهي. ناول جو هيرو مسلسل خوف، ڊپ، ڊپريشن، انزائٽي، ائبزرڊٽي، اداسي، اڻتڻ، بيچيني، ويڳاڻپ، ڳڻتي ۽ ڳاراڻين جھڙين ڪيفيتن ۾ گذاري ٿو. کيس ڪڏهن ماڪڙ ٿي پٽي ته ڪڏهن ڪُئا ٿا کائين. ناول جي پھرئين باب ۾ هن کي ڪوئا پٽين ٿا، کيس پلئگ جو ڊپ رهي ٿو. وري هن کي ماڪڙ کائي ٿي ۽ هو ان ۾ مري وڃي ٿو. ناول جيئن ته (Stream of Consciousness) اسٽريم آف ڪانشسنيس واري ٽيڪنيڪ تحت لکيل آهي انڪري هن ۾ اڳياڙي ۽ پوياڙي جي خبر نٿي پوي. ناول جي ابتدا ۾ ڪوئي سندس پيڇو ڪري ٿو ۽ ناول جي پڇاڙي تائين اهو شخص سندس ڪڍ لڳل آهي. ناول جي جھڙي ابتدا آهي؛ پڇاڙي به اهڙي ئي آهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته ناول اڳتي وڌيو ئي ناهي. توڙي جو ناول ۾ اهڙيون شاهديون موجود آهن ته هي ناول لڳ ڀڳ ٽن سالن تائين لکيو ويو. پر ناول جي ڪھاڻي اڳتي وڌڻ بدران ساڳي هنڌ دهرائجي ٿي.
بنيادي طور تي هيءُ ناول وجودي وارداتن جي چوڌاري ڦري ٿو ۽ ان ۾ جديديت واري ٽيڪنيڪ استعمال ڪئي وئي آهي.
وجوديت جي لاءِ ڏاهن جو خيال آهي ته هيءُ هڪ اهڙو فلسفوآهي؛ جنھن ۾ فرد پاڻ سڃاڻڻ سان گڏ پنھنجي داخلي برتري ۽ اتم پڻي جي ڳالهه علامتي تناظر ۾ پيش ڪري ٿو.وجوديت هڪ عملي دائرو (Practical Ring) يا سرڪل پڻ آهي جنھن ۾ اچي انسان ڪيترين ئي اهم جبلتن سان مھاڏو اٽڪائي ٿو. ۽ انهن جبلتن جي آڌار پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ مڃائڻ جي ڪيترن ئي مرحلن مان گذري نيٺ پنھنجي وجود ۽ وجودي سگهه کي مڃائي ٿو. جڏهن انسان کي پنھنجي هجڻ جو احساس ٿيو ته هن پنھنجي وجود کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پاڻ کان سوال ڪيو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟ سندس ان سوال ۾ اهو امر بحرحال موجود هو ته هو ڪجهه ڪري سگهي ٿو. پاڻ سڃاڻڻ لاءِ مختلف مرحلن مان گذري فرد پنھنجي سمجھه ۽ ڏاهپ جي آڌار پنھنجو وجود يا ’موجود هجڻ‘ طئي ڪري ورتو آهي. (6)
جڏهن ته خاص طور يورپ ۾ وجوديت فلسفي يا فڪر سان گڏ هڪ سماجي تحريڪ جي طور تي اتي موجود حالتن جي بر خلاف هئي. ان ڪري ئي ڪجهه ڏاهن وجوديت کي ردعمل واري تحريڪ سڏيو آهي. هن تحريڪ سماج ۾ موجود ڪُڌي روش سان ٽڪر کاڌو.
"Existentialism" is an intrinsically reactive movement of thought, one which has point only in opposition to the tradition.(7)
ماڻڪ جو هيءُ ناول به ردعمل هو، انهن حالتن جو جيڪي خاص طور سنڌ ۾ پرماري قوتن پاران پئدا ڪيون ويون هيون. ليکڪ هن ناول ۾ فني اعتبار کان جديديت جي ٽيڪنيڪ ڪتب آڻيندي ناول جي بنيادي فن کي چئلينج ڪيو آهي. منظرنگاريءَ جي حوالي سان هن ناول ۾ ڊرامائي ٽيڪنيڪ ڪتب آندي وئي آهي. مثال طور جڏهن ڊاڪٽر ناول جي هيرو جو چيڪ اپ ڪرڻ اچي ٿو ته اتي واضح طور نئين پئرا تي لفظ ’ڊاڪٽر‘ لکيو ويو آهي. جنھن مان ڊاڪٽر جي اينٽري ظاهر ٿئي ٿي. جيڪڏهن ناول ۾ وڳوڙ واري صورتحال کي پيش ڪيو وڃي ٿو ته نئين صفحي ۽ نئين پئرا تي لفظ ’وڳوڙ‘ لکيو ويو آهي. ان طرح جو تجربو ڊرامن ۾ مروج هو/آهي، پر ناول جي تاڃي پيٽي اڻڻ وقت ناول نگار باقاعده منظر نگاري ڏانھن توجھه ڏيندو آهي. ڇاڪاڻ ته هن کي لفظن جي اندر تصوير پيش ڪرڻي پوندي آهي. جڏهن ته ڊرامي ۾ اهو ڪم ڪئميرا وسيلي آسانيءَ سان ڪري سگهبو آهي. هن ناول ۾ اهڙي ٽيڪنيڪ ڪتب آندي وئي آهي جو گهڻن هنڌن تي منظر نگاري پاڻ هرتونظرانداز ٿي وئي آهي. ناول جي اهڙي ٽيڪنيڪ کي پڙهندڙ نئون باب سمجهي پڙهي يا نئون موضوع؛ اهو پڙهندڙ جو اختيار آهي. پر اهو تاثر ضرور پيدا ٿئي ٿو ته ليکڪ کي پنھنجي پڙهندڙ جي پرواهه ناهي. ان ڳالهه جو دليل هن ئي ناول ۾ شامل ماڻڪ جو انٽرويو آهي. جنھن ۾ کائنس سوال پڇجي ٿو:
”هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان اوهان جي ڪا لکڻي پڙهڻ کانپوءِ جيڪڏهن مان اوهانکي ڪا ٿلهي متاري گار ڏيان ته...؟ مان رڳو مُرڪندس.“ (8)
ماڻڪ جو اهڙو ردعمل بنيادي طور تي “ڊيٿ آف ڪريٽڪ” توڙي “ڊيٿ آف ريڊر” (نقاد ۽ قاريءَ جي موت) واري نظريي ڏانھن اشارو آهي. رولان بارٿ جي ”ڊيٿ آف آٿر“ (ليکڪ جي موت) کانپوءِ ’ڊيٿ آف ڪريٽڪ‘ ۽ ’ڊيٿ آف ريڊر‘ جھڙا نظريا به آيا آهن. ماڻڪ جي هن جواب مان لڳي ٿو ته هن کي پنھنجي پڙھندڙ جي ڪابه پرواهه ناهي ته هو ڇا سوچيندو. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته اڻلکائتي انداز ۾ ماڻڪ پنھنجي لکڻين لاءِ ’ڊيٿ آف ريڊر‘ جي ٿيوري جو مڃيندڙ آهي. تنقيد جو نئون منظر نامو ته ان حد تائين جو حامي آهي ته، هرڪو پڙهندڙ ڪابه تحرير پڙهڻ وقت پنھنجو اڳوڻو تجربو، اعتقاد، قدر ۽ مڃيل سوچ سامهون رکندو آهي. هو ڪنھن به تحرير بابت ڪا به راءِ ڏيڻ وقت مڪمل آزاد هوندو آهي؛ هن کي ليکڪ جي مقصد سان ڪوبه واسطو ناهي هوندو. ساڳي ڳالهه رولان بارٿ هنن لفظن ۾ ڪئي هئي ته پڙهندڙ جو جنم حقيقت ۾ ليکڪ جي موت برابر آهي.
“Everyone brings their prior experiences, beliefs, values and assumptions to reading. You are free to interpret texts in whatever way you want, without worrying about what the author 'intended' the text to mean. As Barthes triumphantly concludes, 'The birth of the reader must be at the cost of the death of the Author” (9)
ان منظر نامي کي سامهون رکي جيڪڏهن اسان ’ساهه مٺ ۾‘ جو تنقيدي ڇيد ڪيون ته اسانکي معلوم ٿيندو ته ماڻڪ هن ناول ۾ گهڻو ڪري خوف ۽ حراس کي پيش ڪيو آهي. کيس سنڌي هجڻ جو خوف آهي. هو هن ناول ۾ ڀوڳنا جي اڻ کٽندڙ سلسلي کي تخليق ڪري ويو آهي. جيڪو ڪنھن حد تائين ته درست آهي. ۽ ٿي سگهي ٿو ته ماڻڪ جي وقت ۾ اڃا وڌيڪ درست هجي پر هن وقت؛ وقت مٽجي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ادب جو سماج تي اثر ٿيندو آهي ته ڪڏهن وري ان جي ابتڙ سماج جو به ادب تي اثر ٿئي ٿو. ادب ۽ سماج هڪٻئي جا اولڙا آهن. اديب اهو شخص آهي، جيڪو سماج جي ڪنھن اهڙي خاص زاويي کان آئينو جهلي بيهي ٿو؛ جنھن کي هو ڏيکارڻ چاهي ٿو. اهو آئينو ڪڏهن ته سڄي سماج جي جهلڪ پسائي ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اڌوري جهلڪ سبب پڙهندڙ جي ذهن ۾ اڻتڻ پئدا ڪري وجهندو آهي. ’ساهه مٺ ۾‘ به هڪ اڻتڻ پئدا ڪندڙ ناول آهي. عام طور تي اهو سوال اٿاريو ويندو آهي ته ماڻڪ جي هن ناول کي ڄاڻي ٻجهي نصاب کان پري رکيو ويو آهي؛ يا وري ڪنھن اڄاتل خوف ۽ ڊپ سبب اسان ان ناول تي بحث نٿا ڪريون. آئون سمجهان ٿو ته ناول کي نصاب کان پري رکڻ جو فيصلو جنھن به ڪيو آهي درست ڪيو آهي. هيءُ ناول نَون ذهنن کي جهنجهوڙي به سگهي ٿو ته ڪنهن حد تائين مايوسيءَ جي اهڙي ڪُن ۾ ڦٽو ڪري سگهي ٿو؛ جنھن ۾ ماڻڪ خود به ٻُڏي ويو هو. (ماڻڪ جي خودڪشيءَ کان اڳ شايد هيءُ سندس آخري ناول هو) جڏهن ته بالغ ذهن هونئن ئي هيءُ ناول پڙهي سگهن ٿا. ھن ناول جي نصاب ۾ شامل ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت تازو ئي سوشل ميڊيا تي طويل بحث ٿيو، جنهن ۾ تاج بلوچ، مير ٿيٻي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، ممتاز بخاري، شمشير سيلري ۽ ٻين ڀرپور حصو ورتو جيسيتائين خوف جي ڳالهه آهي ته اها راءِ نامناسب آهي. هن ناول کان وڌيڪ ڪڙو سچ هن ناول کان اڳ لکيل توڙي ڇپيل ناولن جھڙوڪ ’سانگهڙ‘، ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘، ’مرڻ مونسين آءُ‘ ۽ ’پڙاڏو سوئي سچ‘ وغيره ۾ درج ٿيل آهي. يا غلام نبي مغل جا ناول پڻ جھڙوڪرساڳئي موضوعن تي آهن ۽ انهن جي پڻ پنھنجي اهميت آهي.
فڪري اعتبار کان هيءُ ناول وجوديت کي ڇُھندي مزاحمت جي دائري ۾ داخل ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته وجوديت ۾ فرد گهڻو ڪري پنھنجي داخلي انيائن سبب پنھنجي ذات جي چوڌاري ڦرندو آهي، جڏهن هن ناول جو هيرو پنھنجي ذات کي سنڌي سوسائٽي سان جوڙي رکي ٿو. توڙي جو ناول جو هيرو مسلسل خوف ۽ ڊپ ۾ رهي ٿو پر ان جي باوجود هو ھار مڃي ڪري ڳوٺ واپس نٿو هليو وڃي. هو ڪنھن نه ڪنھن سطح تي حالتن سان جهيڙي ٿو. اهڙي مزاحمت کي فڪري سطح تي تصوراتي مزاحمت سڏيو ويو آهي. اهڙي مزاحمت تڏهن اڀرندي آهي جڏهن فرد پنھنجي ڪنھن خيالي يا تصوراتي سرگرمي ۾ ڪا رڪاوٽ محسوس ڪندو آهي.
Imaginative resistance occurs when a subject finds it difficult or problematic to engage in some sort of prompted imaginative activity.(10)
تصوراتي مزاحمت ليکڪ جي تصورن ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن کانپوءِ رد عمل طور ليکڪ جي ذهن ۾ پئدا ٿيندي آهي، جنھن جو اظھار هو پنھنجن فنپارن ۾ ڪندو آهي. ماڻڪ پڻ هن ناول ۾ وجوديت سان گڏ تصوراتي مزاحمت جو اولڙو به پيش ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ادب تخليق ڪرڻ پڻ هڪ تصوراتي ۽ جمالياتي سرگرمي آهي. ۽ ماڻڪ جي دور ۾ جڏهن ادب ۾ رڪاوٽون پئجي رهيون هيون. ڪتابن تي بندشون مڙهيون پئي ويو. ليکڪن ۽ فنڪارن کي گرفتار پئي ڪيو ويو؛ جيئن هن ناول ۾ به آهي ته،
”خبر: ع ق شيخ گرفتار
خبر: آرٽسٽ فتاح گرفتار
خبر: ’سھڻي‘ تي پابندي، ايڊيٽر گرفتار، پريس سيل
خبر: ابراهيم منشي گرفتار
خبر: ’اڳتي قدم‘ تي پابندي، ايڊيٽر تي وارنٽ“ (11)
خود ماڻڪ کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو. جڏهن سنڌ ۾ اهڙيون حالتون هيون ته ماڻڪ ’ساهه مٺ ۾‘ ناول لکي پنھنجي مزاحمت جو اظھار ڪيو. موهن ڪلپنا هن ناول کي سنڌ جو پھريون جديد ناول سڏيو. جيڪا ڳالهه درست نه آهي. هن ناول کان اڳ خود ماڻڪ جو پھريون ناوليٽ ’لڙهندڙ نسل‘ پھريون جديد ناوليٽ آهي، جيڪو 1972ع ۾ ’اڳتي قدم پبليڪيشن‘ صدر حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، تنھن کانسواءِ سراج جا ناول، حليم بروهيءَ جو اوڙاهه، ۽ آغا سليم جو ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ڇپجي پڌرا ٿي چڪا هئا. ’ساهه مٺ ۾‘ ناول جي اندر هڪ پاسي مزاحمت جهيڻي ۽ ڪمزور آهي ته ٻي پاسي هن ناول ۾ اُها خاصيت به ناهي جنھن کي سامهون رکي چئجي ته ناول جيڪڏهن عام ٿئي ها ته ڪو وڏو طوفان اچي وڃي ها. جنھن جي شڪايت ڪجهه حلقا ڪندا رهيا آهن. فني توڙي فڪري اعتبار کان ساڳي موضوع تي لکيل ٻيا ناول هن کان وڌيڪ سگهارا آهن. جيئن آغا سليم جي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ مان هڪ مثال آهي:
”چوڏهين آگسٽ تي سارنگ جيل مان ڇُٽو. ڄڻ مڙدو قبر مان نڪتو. ساري بت تي هئڊ هاريل، اکيون اجهاميل، هڏا نڪتل، ڄڻ سندس جسم تان ڪنهن ماس ڪوري ڇڏيو هو. ڄڻ سندس رڳن مان ڪنھن سارو رت ۽ ست چوسي ڇڏيو هو ۽ رڳو هڏاؤن پڃرو هو. سارنگ پنھنجي ڳنڍڙي سنڀالي جيل مان نڪتو.. . . موت حياتيءَ کي نڙگهٽ کان جهليو هو ۽ حياتيءَ ڦٿڪا ٿي ڏنا. آخر حياتيءَ هارايو. نڙيءَ مان رت جو گرڙو نڪتو ۽ سندس واڇن مان وهڻ لڳو. سارو بت ڍرو ٿي ويو ۽ ڪنڌ هڪ پاسي لڙڪي پيو. سڪينه دانھن ڪري هن جي لاش مٿان ڪري ۽ پار ڪڍي روئڻ لڳي. ٻاهر چوڏهين آگسٽ جو جشن ملهايو ٿي ويو.“ (12)
مزاحمت جي موضوع تي ئي لکيل محمد عثمان ڏيپلائي جي ناول ’سانگهڙ‘ کي؛ جيڪو ون يونٽ دوران 1963ع ۾ ڇپيو؛ به رڳو حُر تحريڪ سان سلهاڙي نه پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن ناول ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي اهڙا اشارا موجود آهن، جن کي سنئون سڌو ون يونٽ جي ڀيانڪ صورتحال سان جوڙي سگهجي ٿو. توڙي جو ناول انگريزن خلاف آهي، پر تمثيلي طور تي هي ناول ڪيترن ئي هنڌن تي رياستي جبر ۽ ون يونٽ جي خلاف آهي. جيئن ناول ۾ آهي ته ”جنوري 1942ع ۾ دنيا جي 26 قومن جا نمائندا، آمريڪا جي شھر واشنگٽن ۾ گڏ ٿيا، اتي يڪراءِ ھڪ اعلان نالي ’ائٽلانٽڪ چارٽر‘ يا ’ميثاق اوقيانوس‘ منظور ڪيو اٿن، جنھن جا خاص فقرا ھي آھن ته سڀني قومن جي انھي ’حق‘ جو احترام ڪيو وڃي، ته ھو پنھنجي لاءِ حڪومت جي جيڪا طرز بھتر سمجھن، سا اختيار ڪن ۽ جن قومن کي فرمانروائيءَ ۽ خود اختياري حقن کان زبردستيءَ محروم ڪيو ويو آھي، تن کي اھي ’حق‘ واپس ملڻ گھرجن. اھڙو امن ٿيڻ گھرجي، جنھنڪري سڀني قومن کي بچاءُ حاصل ھجي، ۽ سڄيءَ روءِ زمين تي ’انسان ذات‘ خوف ۽ ھراس، تنگدستيءَ ۽ محتاجيءَ کان آزاد ٿي، خوشيءَ جي زندگي گذاري سگھي. انھي ائٽلانٽڪ چارٽر موجب ئي اسين اھو اعلان ڪريون ٿا ته ’سنڌي قوم‘ کي جو 1843ع ۾ فرمانروائيءَ ۽ خود اختياري حقن کان انگريزي سامراجين زبردستيءَ ۽ ناحق سان محروم ڪيو ھو، سي ’حق‘ ھاڻي ’سنڌي قوم‘ ’انگريز سامراجين‘ کان واپس وٺي ٿي، ۽ پنھنجو مرڪز تعلقي سانگھڙ ۾ مقرر ڪري، ’سانگھڙ سرڪار‘ قائم ڪري، انگريز سامراجين کي حُڪم ڏئي ٿي ته ’ڪُئٽ سنڌ!‘ اي سامراجيو! سنڌ خالي ڪريو.“ (13)
ظاهر آهي، ليکڪ جڏهن حوالي طور جنوري 1942ع ۾ پيش ٿيل ’ائٽلانٽڪ چارٽر‘ جي ڳالهه 1963ع ۾ ڪري ٿو ته ان کي رڳو 1947ع جي پسمنظر ۾ ڏسڻ بدران 1963ع جي ئي پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ۽ 1963ع وارا ئي ڏينھن هئا جڏهن ون يونٽ زور پڪڙيو هو، جنھن دوران پڻ سنڌ کي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو هو. ۽ سنڌ جي اينٽي ون يونٽ تحريڪ جون اهي ئي گهرجون هيون جيڪي ائٽلانٽڪ چارٽر تحت 26 ملڪن منظور ڪيون هيون.
سراج جي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ جي پڄاڻي هنن لفظن سان آهي،
”سنجها ٿي ويئي، پر اڃا به ڪي سنڌي وڙهي رهيا هئا؛ ڄڻ هنن وڙهي مرڻ جو قسم کنيو هو، ۽ جڏهن سج ان نظاري ڏسڻ جو وڌيڪ تاب جهلي نه سگهيو، ۽ اولھه ۾ ڪنھن دور دراز گھرائيءَ ۾ منھن لڪائي روئڻ جو بھانو ڪري، هڪ ڪاري ڪڪريءَ پويان لڪي ويو، تڏهن آخري سنڌي به ڪِري پيو. ساري ماحول تي موت ڇانئجي ويو. ان وقت ائين ڀانيو ڄڻ ته ڌرتيءَ جو پنھنجو ساھه بند ٿي ويو هو. ڪوٽ جي برجن تي چڙهيل سنڌي پنھنجي ڪونڌرن لاءِ روئڻ به وساري ويٺا هئا. ٻانگن کي ٻانگون ڏيڻ وسري ويون هيون. قلندر جي نوبت به اڄ پھريون ڀيرو خاموش رهي. هي عجيب ماتم هو؛ خاموش، چپ! ائين ٿي ڀانيو ڄڻ سنڌين هميشه لاءِ ماتم ڪرڻ جو پھه ڪيو هو، ۽ اهو خاموش ماتم صدين تائين انسان ذات جي ضمير ۾ بڙڇيءَ جو گهاءُ بنجي چڪندو رهندو!“ (14)
سراج جي هن ناول لاءِ رسول بخش پليجي صاحب لکيو هو،
”اهو ناول سنڌي ٻوليءَ جي ادب جو هڪڙو بيمثال شاهڪار آهي ۽ سنڌي قوم جو عظيم الشان قومي داستان آهي.“
هن ئي ناول جي پيش لفظ ۾ جمال ابڙي صاحب لکيو هو:
”حب الوطنيءَ جو ۽ تاريخ جو مذهب سان ڪو ٽڪر نه آهي. عرب، اسلام کان اڳ واري دور جي شاعرن ۽ سورهين تي اڄ به فخر ڪن ٿا. اسين ته حاتم طائيءَ ۽ نوشيروان جا ڳڻ ڳائيندا اچون، جيتوڻيڪ هو مسلمان نه هئا. رستم، سھراب ۽ سڪندر جا نالا پاڻ تي رکندا اچون جيتوڻيڪ هو غير مسلم هئا. ڇا ٿي پيو جي پنھنجي سنڌ ديس جي سورهين جا اسين گيت ڳايون: انهن سورهين جا، جن موهن جي دڙي جي تھذيب جو پايو وڌو، جن ٽيڪسيلا ۽ گنڌارا جي آبياري ڪئي، جن رني ڪوٽ جو قلعو اڏيو ۽ ديبل، اروڙ ۽ برهمڻ آباد جو بنياد رکيو. جن جي تھذيب ۽ تعمير تي سارو پاڪستان ته ڇا، سڄي دنيا فخر پيئي ڪري. جنھن لاءِ شاھه ايران جي درٻاري شاعر چيو ته ’ساقي مون کي شراب، موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان ٺھيل پيالي ۾ ڏي، ڪاش اها مٽي منهنجن وڏن جي هجي!‘ ٽوينيي، موجوده دنيا جي عظيم تاريخ نويس چيو ”مان دنيا جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ تھذيب جي تلاش ۾ ويس. موهن جو دڙو، منھنجي حقير تلاش جي بلند ترين چوٽي آهي!“ ان چوٽيءَ تي پھچندڙ نه هندو هئا نه مسلم، سنڌي هئا، محض سنڌي!“ (15)
جڏهن ته سراج جو ئي هڪ ٻيو ناول ’مرڻ مون سين آءُ‘ هنن لفظن تي پورو ٿئي ٿو،
”سانوڻ، آءُ ته يڪو فيصلو ڪري وجھون. تون مغلن وارو پاسو سنڀال، اسين پوئين پاسي ترخانن کي ٿا پُڄون. ھونئن ئي لابارن جا ڏينھن ويجھا آھن! ’بسم الله، دلبر بسم الله: جيئي سنڌ، جيئرا رھياسون ته آزاد سنڌ ۾ ساھه کڻنداسون، نه ته پرتاسون سنڌ کي!‘ سانوڻ حجت ڪري چيو. ۽ پوءِ رڻ ۾ راڙو ٿيو. . . سج لھڻ تي سڄو آسمان خون جو رنگ وٺي بيھي رھيو: ان شفق ۾ سنڌ جو ست رنگو انڊلٺي جهنڊو ايئن ٿي جهوليو ڄڻ ته سنڌين آسمان تي جهنڊو کوڙي ڇڏيو آھي.“ (16)
ادب کان ويندي صحافت تائين جي ميدان ۾ اديب ۽ صحافي هن مٽيءَ جو مان مٿانھون ڪندا رهيا آهن. هر ڏکئي وقت ۾ هن ڌرتيءَ جي دليرن پاڻ موکيو آهي. پوءِ اهو ون يونٽ جو دور هجي يا ايم آر ڊي يا ڪا ٻي تحريڪ. هيءُ ناول جيئن ته ون يونٽ جي پڇاڙڪن ڏينھن ۽ ايم آرڊي جي ابتدائي ڏينھن جي تخليق آهي. انڪري اهوئي دور بحث هيٺ آڻيون ٿا. ون يونٽ خلاف تمام سخت مخالفت ٿيندي رهي. سنڌي صحافي دليريءَ سان سنڌ جو ڪيس وڙهندا رهيا. روزاني مھراڻ 8 کان 11 آگسٽ 1967ع تائين مسلسل چئن قسطن ۾ ون يونٽ جي ’افاديت‘ جي تاڃي پيٽي کي اڊيڙي پٽ ڪيو. ياد رهي ته ان وقت مھراڻ جو ايڊيٽر سردار علي شاهه هو اخبار لکيو ته :
”...درحقيقت ون يونٽ جو مسئلو ئي اهو اهم ترين مسئلو آهي، جيڪو پاڪستان جي مستقبل لاءِ نقصانڪار تصور ڪجي ٿو. سنجيده ۽ دورانديش نگاهون انهيءَ مسئلي جي خطرناڪ نتائج کي بخوبي ڏسي سگهن ٿيون. ليڪن افسوس سان ظاهر ٿو ڪرڻو پوي ته ون يونٽ جا حمايتي پنھنجين اکين تي انڌ جا کوپا چاڙهيو ويٺا آهن.....درحقيقت ڏٺو وڃي ته ون يونٽ خود هڪ عظيم انتظامي ڪمزوري آهي. جيڪو نه صرف متعد ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جو بنياد آهي پر پاڪستان جي بنيادي منشور جي خلاف ۽ جمهوري تقاضائن جي برعڪس پڻ آهي.“ (17)
اٿاهه مايوسين ۽ خوف باوجود هن ناول ۾ هڪ جهيڻي اميد موجود آهي،
”ٻڌ: سنڌ ۽ سنڌي هن مھل به جيئرو جاڳندو رت جو لوٿڙو آهن، هو جيئرا آهن، ۽ حياتيءَ سان پيار ڪن ٿا. جيئن هر جيئرو جيو ڪندو آهي. پر سندن قومي سڃاڻپ لاءِ ۽ ان جي بقا لاءِ نئون رت ايندو، نوجوان نسل، نوجوان مان تون ڏسجانءِ ته ڪيئن نه. . .“ (18)
سندس اميد ۾ به هڪ پيڙا آهي؛ اهڙي پيڙا جيڪا وجود ۾ وڍ وجهي ڇڏي ٿي،
”نيٺ اسان جو ڇا ٿيندو؟ اسان سنڌين جو؟“
ٽھڪ ڏيندي ھو چوي ٿو:
”چري آھين بابا، اسين مسلمان ٿينداسين..“
”ته ھينئر اسين مسلمان ڪونه آھيون.“
”سنڌي آھيون نه ۽ سنڌي ھجڻ ھڪ غير اسلامي فعل آھي. اسان پڪا مسلمان تڏھن ٿي سگهون ٿا، جڏھن پاڻ کي ڊي سنڌيلائيز (De-sindhilize) اڻ سنڌي ڪري ڇڏيون.“ (19)
مختلف ۽ متضاد سياسي ۽ سماجي حالتن سبب ناول جو مکيو ڪردار ’پيرانوائڊ پرسنلٽي ڊس آرڊر‘ جو شڪار ٿي وڃي ٿو. هيءُ اهڙو نفسياتي مونجهارو آهي؛ جنھن تحت مريض کي اهو گمان رهندو آهي ته هو ڪو تمام وڏو ڪم ڪري رهيو ۽ ماڻهو سندس ان ڪم جي مخالفت ڪن ٿا ۽ سندس پيڇو ڪن ٿا. مريض ٻين ماڻهن سان گڏجي ڪم ناهي ڪري سگهندو. تنقيد تي جلد مڇرجي پوندو آهي. هو دنيا ۾ ڪنھن کي به سچو ۽ وفادار ناهي سمجهندو. هن ناول جي هيرو کي به هر وقت ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪوئي سندس پويان لڳل آهي. ننڍڙي ڳالهه تان پنهنجي گهرواريءَ کي دڙڪا ٿو ڏئي. ٻي پاسي اردو جو ليڪچرار جڏهن ملڪ لاءِ ڏنل قربانين جي ڳالهه ڪري ٿو ته هيءُ همراهه چڙي پوي ٿو ۽ چوي ٿو،
”قرباني ته ڦورو ۽ ڌاڙيل به ڏيندا آهن؛ جڏهن پنھنجي جان جوکي ۾ وجهي ڌاڙو هڻندا آهن يا ڦر ڪندا آهن. انگريز به جڏهن هتي آيا هئا ننڍي کنڊ ۾ ته جان جوکي ۾ وڌي هئائون ۽ قربانيون به (ڏنيون هئائون).“ (20)
هن ڪردار جو هاڪاري پاسو اهو آهي ته هن جو مقصد پنھنجي ذات سان واڳيل ناهي. هو سنڌ بابت سوچي ٿو. پر سندس اهو به خيال آهي ته سنڌ سان ڪو به سچو ناهي. نه سنڌ جون اقتداري پارٽيون، نه قومپرست، نه سوشلسٽ؛ نه ئي وري ڪو ٻيو. سندس ڪردار جو ٻيو هاڪاري پاسو اهو به آهي ته هو اهو ته سمجهي ٿو ته هن کي وهم آهي، پر اهو وهم آهي ڇو؟ هو ان سوال جو جواب پڻ ڳولڻ چاهي ٿو.
”ڪٿي هيءُ منھنجو وهم ته نه آهي. . .جي هيءُ منھنجو وهم آهي ته پوء ڇو؟ ڇا هيئنر مان هن وهم لاءِ پنھنجو نفسي ڇيد ڪيان. ان جون پاڙون ڦوليان. پر سوال ٿو پئدا ٿئي، نيٺ مونکي اڄ اوچتو ئي اوچتو هھڙي قسم جو وهم ڇو؟ ڪو ته اهڙو سبب ٿي سگهي ٿو جنھن جي آڌار تي هھڙي قسم جي _ پوءِ خام خيالي ئي سھي، ايڙي(اهڙي) اندر ۾ پيھي ويل جو پاڻ کي غير محفوظ سمجهڻ لڳو آهيان.“ (21)
۽ هو آخر تائين ان جو سبب ته تلاش ناهي ڪري سگهيو پر ڪن ٻين شين ڏانھن ضرور اشارا ڪري وڃي ٿو. هن جو وڏو اشارو رياستي جبر طرف آهي.
”ڪئا قطارن ۾، ڪئن جو رنگ خاڪي
خاڪي ورديءَ ۾ پريڊ
قطارن ۾ پريڊ
ٺڪ، ٺڪ، ٺڪ، ٺڪ، ٺڪ
بوٽن جا ڳرا آواز
ڪئا پلئگ آڻيندا آهن
ڌپ
ماڻهن جا لاش
ٿلها ڪئا، مڇن سان
پٽيندڙ ماڻهن جا لاش
ڊنل، هراسيل، موڳا ماڻهو
ڪئن جون قطارون“ (22)
هو ناانصافي محسوس ته ڪري ٿو پر ان جو حل تلاش نٿو ڪري. هو مرڻ لاءِ ته تيار آهي ۽ کيس ڊپ به آهي ته هو پنھنجي گهرواري کان وڇڙي ويندو. پر پنھنجي ذات کي ان ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ ڪو به هٿ پير نٿو هڻي.
”هڪ خوف ۽ انديشي هيٺ ته مان توکان جدا ڪيو ويندس ۽ اوچتو بنھه اوچتو ڪو عتاب ڪڙڪندو. مان توکان جدا ڪيو ويندس ۽ هڪ اهڙي محبت ۽ خيال جيڪو ٻن موڪلائيندڙ دلين جي وچ ۾ وڇوڙي، دردناڪ وڇوڙي جي خوف کان يا ڪنھن اوچتي (ڌار) ٿيڻ جي خوف کان جنھن جي پڄاڻي انتھائي ڀوائتي.“ (23)
ناول جو هيرو محبت جي گھرائي محسوس ڪرڻ ۽ وڇوڙي جو ڊپ سانڍڻ کانپوءِ به محبت جي بچاءَ يا رشتي جي بقا لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري. حالانڪه محبت هڪ اهڙو جذبو آهي، جيڪو ذات کان ڪائنات تائين ڪنھن به وقت ڪوبه انقلاب آڻي سگهي ٿو. پر هن ناول جو هيرو تڪليف مان آجي ٿيڻ لاءِ صرف فرار جو رستو ئي اختيار ڪري ٿو. هو جنھن تڪليف ۾ آهي، ان مان نڪرڻ لاءِ ڪڏهن ننڊ واريون گوريون ٿو کائي ته ڪڏهن وري پنھنجي پاڻ کي آٿٿ ڏيڻ ۽ پنھنجو علاج ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر کي گهرائي ٿو. سندس علاج ڪندڙ ڊاڪٽر خود نفسياتي مونجهاري جو شڪار آهي. بلڪه سندس خيال آهي ته اسان سڀ بيمار آهيون. ڊاڪٽر جيڪو سندس علاج ڪرڻ اچي ٿو، اهو کيس چوي ٿو،
”خوف ۽ انديشا. جنھن ۾ اسين سڀ ورتل_شڪيلون ڌار ڌار. پر روح ساڳيو. سپريشن/انسيڪيورٽي، علاج، ٽرنڪولائيزرس.“ (24)
جڏهن ڪوبه اديب ڪوئي ڪردار پيش ڪندو آهي ته سندس هر عمل اديب سان سلهاڙجي ويندو آهي. جديد نفسيات تحت ته ان حد تائين جي ٿيوري اچي چڪي آهي ته جيڪڏهن ڪو اديب ڪنھن تاريخي واردات يا واقعي کانسواءِ ڪوئي قتل يا ڏوهه ڪنھن ڪھاڻي يا ناول ۾ ڏيکاري ٿو ته ان جو مطلب اهو ورتو ويندو ته اهو قتل يا ڏوهه خود اهو ليکڪ ٿو ڪري جنھن قاتل ڪردار تخليق ڪيو آهي. هن ناول جو هيرو پاڻ لاءِ اهڙي ڊاڪٽر جي چونڊ ڪري ٿو جيڪو خود بيمار آهي، جنھن مان اهو مطلب وٺي سگهجي ٿو ته هيرو ان مونجهاري مان نڪرڻ ئي نٿو چاهي. توڙي جو هن وٽ هڪ هاڪاري احساس به آهي ته هو يا هر سنڌي ماڻهو پنھنجي مٽي توڙي ديس لاءِ جذباتي آهي. ۽ هو ڪنھن نه ڪنھن سطح تي ڪمزور هٿوراڙيون هڻندو رهي ٿو پر نتيجو ڪو به نٿو ڪڍي.
”سنڌين جي وچولي طبقي جو هر فرد؛ جيڪو پنهنجي سنڌي هجڻ جو احساس رکي ٿو، اهو ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ سياست ۾ بھرو وٺي ٿو. خاص ڪري پڙهيل لکيل. هي صاحب اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ نھايت سرگرم هو. ۽ نوڪريءَ کان پوءِ ڪچھريءَ جي حد تائين سياست، جيئن اسين سڀ ڪندا آهيون ۽ سنڌ بابت ڳالهائيندا آهيون. مستقبل جي ڳڻتيءَ جو ذڪر کڻي ۽ پنھنجي قومي وجود جي بقا جي اڊڪي سان. . .تاريخ جو قرض نھايت سولي ۽ سوکي نموني لاهيندا آهيون.“ (25)
هتي ليکڪ ٻن حقيقي واقعن کي ناول ۾ تمثيلي يا علامتي طور تي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جن ۾ ٻوليءَ وارن هنگامن دوران ليڪچرار عبدالرزاق سومري جو قتل ۽ ٻي ليڪچرار اشوڪ ڪمار جو رياستي تشدد ۾ قتل ٿيڻ شامل آهن. پر ٻنهي واقعن کي ليکڪ ڪنھن به طرح سان آرٽسٽ نموني ۾ پيش ناهي ڪري سگهيو. البته انهن واقعن جو ردعمل هو نه کٽندڙ خوف جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿو. ۽ هن کي لڳي ٿو ته هن به ڪو ڏوهه ڪيو آهي. پر پنھنجي ڏوهه تي ويچاريندي ان نتيجي تي پھچي ٿو ته سندس ڏوهه رڳو اهو آهي ته هو سنڌي آهي. جنهن جو اظھار هو ڊاڪٽر سان هنن لفظن ۾ ڪري ٿو،
”سنڌيپڻي/سنڌي هجڻ جو احساس؛ جيڪو هتي اڻوڻندڙ آهي ۽ اڻ ٺھڪندڙ. هڪ ڏوهه! اسين اڻوڻندڙ آهيون، اهو سمجهون ٿا ۽ اهڙي سرت رکون ٿا، اها سرت ئي اسان کي ڏوهي هجڻ جي احساس کان آگاهه ڪري ٿي.“ (26)
جنھن کان پوءِ ناول ۾ ’ماڪڙ‘ ڪاهي پوي ٿي. ماڪڙ هونئن به هڪ عذاب طور سمجهي وڃي ٿي. خاص طور هن ئي سال سنڌ ۾ ماڪڙ ڪاهي پئي هئي، جنهن فصل تباهه ڪيا ۽ هارين کي وڏو نقصان پھتو. ناول جي ماڪڙ (پناهگير) آهن. ناول جي مُک ڪردارکي ماڪڙ چنبڙي ٿي ۽ آخر کيس ماري ڇڏي ٿي. ان ماڪڙ کان ڊاڪٽر به کيس نٿو بچائي؛ ڇاڪاڻ ته اهو مرڪزي ڪردار جو اليوزن (Illusion) آهي ۽ ڊاڪٽر کي ڪجهه به نظر نٿو اچي. ناول جو ٻيو حصو ’ڪاسائيءَ جي چونڊ‘ جي سري هيٺ آهي. ناول جي هن حصي ۾ ماڻڪ اليڪشن جي موسم جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته اليڪشن ۾ اصل ۾ اسان پنھنجي لاءِ پاڻ ڪاسائي چونڊيون ٿا. هو ڪنھن به حڪمران ڌر جي حق ۾ ناهي.
”ڪلهه ڳوٺان خط آيو آهي ته ووٽ هتي ضرور ڏيڻ اچجو. رئيس زور ڀريو آهي. ٻه ٽي ڦيرا ڪڍيا اٿائين. پر منھنجي چونڊ ۾ ڪابه دلچسپي ڪانه آهي. ۽ نه ڪوئي مون ووٽ داخل ڪرايو آهي. نه هن سال نه پر سال ۽ نه ڪڏهن.“ (27)
ناول جي هن حصي ۾ وري مکيه ڪردار اوچتو ڊپ محسوس ڪري ٿو. ايسيتائين جو اجرڪ نه پائڻ جو سوچي ٿو.
”۽ ها ٻڌ! چون ٿا ته ڏاڍا وڳوڙ ٿيندا. ها ٻڌو ته مون به آهي. پر پياري تون ڊڄين ٿي.؟ نڪو. ڀور ٿيل ويساهه. سنڌين کي ماريندا؟. توکي ڪنھن ٻڌايو؟ اوڙي پاڙي ۾ اهي ڳالهيون پيون ٿين.. .۽ تو جو فيشن ۾ اجرڪ پاتو آهي. سو به. ها، مون ڪلهه ئي سوچيو هو، هاڻ ٻاهر اجرڪ پائڻ ڇڏي ڏيندس...“
ناول جي هن حصي ۾ هو قومپرستن تي ڪاوڙيل آهي. هو ڪنھن هڪ قومپرست کي به سچو نٿو سمجهي. حالانڪه وقت ثابت ڪيو آهي ته ڪيترن ئي اجتماعي مامرن تي قومپرست ڌريون هڪ ٿي ڪو نه ڪو هاڪاري ڪم ڪنديون رهيون آهن. ائين ئي هن ڪردار جو هڪ ئي جملي ۾ سڀني کي لوڙهڻ مناسب نٿو لڳي.
”مون کي اهو چوڻ ۾ بلڪل به هٻڪ ڪانهي ته سنڌ جا ’قومي‘ ٺپي هيٺ سڏجندڙ اڳواڻ، قومپرست پنھنجو پاڻ لاءِ آهن. قوم لاءِ نه. قومي مسئلن تي سوچيندي ۽ ويچاريندي ۽ عمل ڪندي سندن ذات ئي محور هوندي آهي. نه ڪو قوم/سنڌ...هر ڳاٽي ڀڳي موقعي مھل تي سنڌ جي قومي اڳواڻن جي کوکلائپ پڌري ٿي آهي. نا اهلي ۽...“ (28)
ناول ۾ اهم ٿيسز اها ڏني وئي آهي ته سنڌي بحيثيت قوم جي متحد ٿي سگهن ٿا، هو ڪوئي به وڏو ڪم ڪري سگهن ٿا پر انهن وٽ ليڊرشپ جي کوٽ آهي.
هن ٿيسز کي ته ناول جي مھاڳ ۾ موهن ڪلپنا پاڻ ئي رد ڪيو آهي.
”مان پاڻ سان به ايماندار نه ٿيندس اگر مان ماڻڪ سان هڪ اختلاف ظاهر نه ڪندس. سنڌ ۾ ذهين ماڻهو به آهن ۽ بھادر ماڻهو به آهن. اتي فقط تنظيم ناهي. انڪري زور ائڪشن بدران تنظيم تي اچڻ گهرجي.“ (29)
مجموعي طور تي هيءُ ناول فرد جي انهن پيڙائن جو داستان آهي، جيڪي هو رياستي جبر سبب محسوس ڪري ٿو ۽ هو نفسياتي طور تي ھڪ (Disorder) جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جڏهن اهڙيون پيڙائون ۽ اهنج حدون اورانگهي ويندا آهن ته متاثر فرد ان طرح ئي ’ايڪٽ يا ري ايڪٽ‘ ڪري سگهي ٿو؛ جھڙي ريت هن ناول جو هيرو ڪري ٿو. پر اها پڻ حقيقت آهي ته هن ناول جا ڪيترائي واقعا هن وقت صرف ڪتابن ۾ ملن ٿا، جنھن سبب هيءُ ناول جنهن کي ’سياسي ليڪچر‘ سڏجڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي؛ پنھنجو ڀرپور اثر نه ٿو ڇڏي. هن ئي موضوع تي ڪنعيي گيانچنداڻي پنھنجي هڪ مقالي ’ماڻڪ جي ناول ’ساهه مٺ ۾‘ جو تنقيدي جائزو‘ ۾ لکيو آهي ته، ’. . .آئون ڪجهه اعتراض رکندي به اصولي طور تي ان راءِ سان سھمت آهيان ته ڪيترائي دانشور ۽ اديب هن ناول کي سياسي ليڪچر جو نالو ڏيندا.‘ اهو مقالو ’منير کان ماڻڪ تائين‘ ڪتاب ۾ شامل آهي. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته ناول بحيثيت هڪ فن پاري جي اهو مقام نٿو ماڻي جنھن جي اميد پڙهندڙ هن ناول مان رکي ٿو.
نتيجو: مجموعي طور تي هن مقالي مان هي نتيجا نڪرن ٿا:
• جديديت جي سري هيٺ لکيل هيءُ ناول ’ساهه مٺ ۾‘ فن توڙي ٽيڪنيڪ جي حوالي سان جديد آهي پر هيءُ سنڌيءَ جو پھريون جديد ناول ناهي؛ جيئن هن ناول جي مھاڳ ۾ موهن ڪلپنا لکيو آهي.
• هن ناول ۾ ناول جي منظرنگاري بدران ڊرامائي منظر نگاري پيش ڪئي وئي آهي؛ جيڪا هڪ ناول لاءِ موزون ناهي.
• ناول جو مک ڪردار مختلف وجودي وارداتن جو شڪار رهي ٿو، جن مان هو بيچيني، ويڳاڻپ، ڊپ ۽ خوف تمام گهڻو محسوس ڪري ٿو.
• وجوديت جي حوالي سان هن ناول ۾ اهم شيون بحث هيٺ آيون آهن. خاص طور مک ڪردار مختلف هنڌن تي چونڊ جي اختيار تي سٺو بحث ڪري ٿو. جيڪو سارتر جي وجوديت جو بنيادي نقطو پڻ آهي.
• ناول جو مک ڪردار ’پيرانوائڊ پرسنلٽي ڊِس آرڊر‘ جو شڪار محسوس ٿئي ٿو، پر هو ان ۾ هاڪاريت تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. جيڪو سٺو عمل آهي.
• مذڪوره ناول ڪو به نتيجو ڏيڻ کانسواءِ پورو ٿي وڃي ٿو.
• ناول ۾ هڪ مسلسل ڳڻتي ۽ ڳاراڻو آهي، جيڪو مک ڪردار سنڌي هجڻ جي حيثيت سان محسوس ڪري ٿو.
• ناول جو مک ڪردار ڪمزور ئي سھي پر مزاحمت ڪري ٿو، هو ڪٿي به مڪمل ھار نه ٿو مڃي. هو ڪجهه هنڌن تي جزوي يا وقتي سرينڊر ضرور ڪري ٿو.
• ناول پنهنجي تخليق جي دور(1977ع کان 1980ع تائين) جي سنڌ جي حالتن جو مڪمل احاطو نٿو ڪري.
• ليکڪ هن ناول ۾ رياستي جبر کي علامتي انداز ۾ ڪنھن حد تائين پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
حوالا
1. ماڻڪ، ’ساھ مٺ ۾‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1882ع، ص، بئڪ ٽائٽل
2. ساڳيو حوالو، ص 13، 14
3. حسين مصور، ’منير کان ماڻڪ تائين‘ سنڌ سلامت ڪتاب گهر، (آنلائين ڇاپو) 2019ع، ص، 89
4. ماڻڪ، ’ساھ مٺ ۾‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، 1882ع، ص، 60
5. ساڳيو حوالو، ص، 150
6. مھراڻي شير، ڊاڪٽر، ’شاھ لطيف جي شاعريءَ جو جديد اڀياس‘، سوجهرو پبليڪيشن ڪراچي، 2014ع، ص، 100
7. RICHARD RORTY, Philosophy and the Mirror of Nature, Princeton University Press Princeton, New Jersey page, 366
8. ماڻڪ، ’ساھ مٺ ۾‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، 1882ع، ص، 157
9. Ronan McDonalds, The Death of the Critic, Continuum, London, 2007, Page, 118
10. https://plato.stanford.edu/entries/imagination
11. ماڻڪ، ’ساھ مٺ ۾‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، 1882ع ص، 72
12. مرزا نصير، ’جيئن سو تارو صبح جو‘(اينٿالوجي)، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2015ع ص، 164
13. ڏيپلائي عثمان محمد، ’سانگهڙ‘، نيو فيلڊس پبليڪيشن، ٽنڊو ولي محمد حيدرآباد، چوٿون ايڊيشن، 1998ع، ص، 107
14. سراج، ’پڙاڏو سوئي سڏ‘، انٽرنيٽ ايڊيشن، 2006ع، ص، 248، 249
15. ساڳيو حوالو، ص، 6
16. سراج، ’مرڻ مونسين آءُ‘ انٽرنيٽ ايڊيشن، ص، 157
17. ٻگهيو عزيزالرحمان،ڊاڪٽر، ’سنڌي صحافت جي ارتقا ۽ تاريخ‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو، 1988ع، ص،606
18. ساڳيو حوالو، ص، 96
19. ماڻڪ، ’ساھ مٺ ۾‘ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو ، 1992ع، ص 96
20. ساڳيو حوالو، ص، 58
21. ساڳيو حوالو، ص 21
22. ساڳيو حوالو، ص، 37
23. ساڳيو حوالو، ص، 41
24. ساڳيو حوالو، ص، 44
25. ساڳيو حوالو، ص، 44
26. ساڳيو حوالو، ص، 46
27. ساڳيو حوالو، ص، 83
28. ساڳيو حوالو، ص، 96
29. ساڳيو حوالو، ص، 18