چيئرمئن پاران
(Chairman Note)

پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي مانجھي

سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمئن جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏيڻ جي مقرري کي آئون اعزاز سمجهان ٿو. هيءَ ذميواري هڪ اهم قومي فرض سمجهندي، خلوص ۽ سچائيءَ سان نباهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪبي.
هن اداري جي بنيادي مقصدن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ سکيا لاءِ طريقا ۽ ذريعا سوچڻ ۽ عملي قدم کڻڻ؛ صوبائي ٻوليءَ جي حيثيت سان سنڌي ٻوليءَ ۾ تعليم؛ سنڌيءَ ۾ دفتري/ سرڪاري لکپڙهه ڪرڻ؛ جديد دور جي گهرجن مطابق سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترقيءَ لاءِ ڪوششون ڪرڻ وغيره شامل آهن. ان سلسلي ۾ گهڻن سالن کان هن اداري پاران سنڌي ٻوليءَ جي قديم لکت، ان جي ڀاڃ؛ جديد لکت؛ تاريخ؛ قديم لفظي ذخيري جي بچاءَ؛ مختلف لھجن؛ جديد دور جي گهرجن پٽاندر واڌاري؛ سنڌيءَ کي ٻولين جي عالمي درجي تائين رسائڻ وغيره بابت ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ۽ انهن موضوعن تي ڪيترا ئي ڪتاب پڻ شايع ٿيندا رهيا آهن.
ڪيترن ئي اهم ڪمن ۾ هن اداري پاران گهڻن سالن کان شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ به شامل آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ علمي تحقيق (Academic Research) کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هن وقت ان تحقيقي جرنل جو سال 2020ع جو پھريون شمارو منھنجي سامهون آهي. اڳين شمارن وانگر هن شماري ۾ به اهم تحقيقي مقالا شامل آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ تي وڌيڪ تحقيق لاءِ مددگار ثابت ٿيندا. هن جرنل کي سنوارڻ ۾ ايڊيٽر محترمه شبنم گل؛ اسسٽنٽ ايڊيٽر شوڪت چاچڙ ۽ ٻين جون محنتون به واکاڻ جوڳيون آهن.
منھنجي پڻ اها ترجيح رهندي ته ايندڙ شمارن کي وڌيڪ معياري بڻائيندي، وقت سر آڻجي. اها به ڪوشش رهندي ته نه رڳو هن جرنل کي ’هائير ايجوڪيشن ڪميشن‘ جي معياري قاعدن ۽ جديد تحقيقي طريقن مطابق شايع ڪريون، پر گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ جي محققن۽ عالمن جي سھڪار سان سنڌي ٻوليءَ، لسانيات جي مختلف موضوعن، سنڌولکت ۽ سنڌيءَ ۾ تعليم وغيره جي موضوعن تي گهڻي کان گهڻا مقالا شامل ڪجن ته جيئن اداري کي اصل مقصدن ماڻڻ جي منزل طرف وڌائي سگهجي. اسان جي هيءَ به ڪوشش رهندي ته هن جرنل سميت اداري طرفان ڇپجندڙ هر ڪتاب ۾ ڪمپوزنگ جي مرحلي دوران خاص ڪري لفظن جي ترجيحي صورتن ۽ اکرن جي وسرڳ، اوسرڳ وغيره جو ڌيان رکجي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال کي يقيني بڻائجي.
اٿارٽيءَ جي سربراهه جي حيثيت ۾ ٻين ڪمن سان گڏ منھنجي ڪوشش رهندي ته اداري ۾ هڪ ’سنڌو لکت ميوزم ‘(Indus Script Museum) قائم ڪجي، جنھن ۾ قديم دور کان موجوده دور جي لکت جا سڀئي نمونا ترتيب وار رکيا ويندا. اهڙيءَ ريت اداري ۾ هڪ لئنگئيج ليبارٽري پڻ قائم ڪئي ويندي.
ڊاڪٽر محمد علي مانجهي
چيئرمئن
421 ڀيرا پڙهيو ويو