مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مرڪّب جو جائزو
(A Study of Compound Alliteration in Molvi Ahmed Mallah’s Poetry)
ڊاڪٽر الطاف جوکيو
Abstract:
The great Sindhi Poet Molvi Ahmed Mallah is exceptionally skillful in ‘figures of speech’. His poetry is matchless with regard to the marvelous use of Alliteration; hence, he is popularly known as ‘the King of Alliteration’. Alliteration is an umbrella term, underlying some famous forms of Figures of Speech, such as: Antanaclasis, compound Alliteration, Tajnees Naqis (same form of word but different in short vowel, according to Arabic-Sindhi Script), Tajnees Mazeel (same form of word but extra letter/letters in ending), Tajnees Qalb (Metathesis Alliteration) etc.
In this paper, Compound Alliteration as used in Molvi Ahmed Mallah’s poetry has been brought under study. Compound Alliteration is the type of Simple Alliteration. In Compound Alliteration, the homo-type words are used in same line or verse. In these words, one is put in joint-form and the other is placed in divided or split-form. Such as, Faithful and Faith Full (‘Faithful’ always possesses the ‘faith’ ‘full’ of zero-doubt) used in different meanings in context. Compound Alliteration always consists of triplet; that is to say, it consists of three words at a time, each word having similar initial sound.
It should be clarified here that always three words are set together in this type of Alliteration.
Molvi Ahmed Mallah used Compound Alliteration abundantly, even in rhymes and di-rhymes. Furthermore, there is a beautiful fusion and amalgamation of compound Alliteration with Antanaclasis in his poetry, which has hardly ever been employed by any other poet of Sindhi language in the view of the poetic works or research studies accessible to me so far.
This paper is simply the data collection of Compound Alliteration used in Molvi Ahmed Mallah’s matchless poetry. All data collected herein leads to conclusion that he used aforesaid Alliteration not only in verses but also in rhymes and di-rhymes.
اڀياس جو پس منظر:
علم عَروض جي دائري ۾ جيڪڏهن صنايع بدايع جا سڀ لوازمات جاچڻا هجن ته مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ کي پڙهجي. ڇا ته ’تجنيس حرفيءَ‘ جو استعمال آهي! ڄڻ ته سانوڻ جي وسڪاري جيان گوڙن ۽ گاجن سان پالوٽ پيو ڪري. ايتريقدر جو قافين يا رديفن ۾ به تجنيس تام ۽ ناقص جا مثال يا تجنيس مڪرر ۽ زائد جا مثال يا مرڪب جا مثال واضح نموني سان پيا ملندا. هن مقالي ذريعي مولوي صاحب جي شاعريءَ مان ’تجنيس مرڪب‘ جو جائزو وٺجي ٿو. ’تجنيس مرڪب‘ مان مراد، اهڙن لفظن جو استعمال، جيڪي هڪٻئي جي ڀيٽ ۾ لفظ جا ٽٽل حصا الڳ الڳ ۽ مليل صورت ۾ هجن. هن تجنيس ۾ زير- زبرن واري معاملي کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي.
اڀياس جا سوال:
تجنيس مان ڇا مراد آهي؟
تجنيس مرڪّب ڇا کي ٿو چئجي؟
تجنيس مرڪب ۾ مقرون ۽ مفروق ساڳئي شعر ۾ ٿي سگهي ٿو يا الڳ شعرن ۾ ڳڻيو ويندو؟
مقرون ۽ مفروق مان ڪھڙو اڳ ۽ ڪھڙو پوءِ رکي سگهجي ٿو؟
ڇا مقرون ۽ مفروق لفظن جي ڀيٽ ۾ زيرن- زبرن جو فرق ٿي سگهي ٿو؟
تجنيس مرڪب جي دائري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪيترا مختلف معنائن وارا لفظ ڪم اچي سگهندا آهن؟
ڇا تجنيس مرڪب ۽ تجنيس مرفو ۾ فرق آهي؟
ڇا ’تجنيس مرڪّب‘ کي تجنيس حرفيءَ جو جز چئي سگهجي ٿو؟
شعر يا بيان ۾ ’تجنيس مرڪب‘ جو هنڌ ڪھڙو ٿي سگهي ٿو؟
مولوي احمد ملاح ’تجنيس مرڪب‘ شعر جي ڪھڙي حصي ۾ وڌيڪ ڪم آندي آهي؟
اڀياس جو عمل/ تجنيس جي معنى ۽ مراد:
عربي لفظ ’جنس‘ مان ورتل آهي، جنھن جي مراد اهڙا مختلف حيثيت رکندڙ همجنس لفظ ڪم آڻڻ آهي، جيڪي ڪنھن دائري هيٺ، ڀيٽ جي صورت ۾ ڏيکاري سگهجن. يعني هن اصطلاح جو لاڳاپو لفظن جي استعمال واري ڪاريگريءَ سان آهي، جڏهن ته ’صنعت‘ جو اصطلاح، شاعريءَ ۾ معنوي ڪاريگريءَ سان لاڳاپو رکندي آهي.
جامع سنڌي لغات: تَجنِيسَ جمع تَجنِيسُون ث. [ع. جَنَسَ < جَنَّسَ، تَجنِيس = جنسوار ڪرڻ، جنسن ۾ ورهائڻ] هڪجھڙائي- مشابھت. علم بديع جي هڪ صنعت. (1)
جامع سنڌي لغات موجب لفظن کي جنسوار ڪرڻ، جنھن مان مراد آهي ته ان ۾ لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ رکي همجنس يا جنسوار ڪري ڏيکاريا ويندا آهن. جڏهن ته صنعت ۾ لفظ کي جنسوار نه ڪبو آهي بلڪ، ان کي معنى جي نسبت سان ڄاڻايو ويندو آهي.
1.1.1. تجنيس مرڪب جي معنى ۽ مراد
جامع سنڌي لغات: تَجنِيس مُرَڪبّ: ث. شعر ۾ هڪ مفرد ۽ ٻئي مرڪب لفظ کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ واري صنعت:
’سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي، سا هڙ ساهڙ ري‘ (شاهه لطيف). (2)
جامع سنڌي لغات موجب ’هڪ مفرد ۽ ٻئي مرڪب لفظ کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ‘ ۾ هڪ ڳالهه کٽل پئي محسوس ٿئي ته ڇا مفرد صورت ۾ هڪ لفظ استعمال ٿيندو يا ٻه؟ ڄاڻايل تجنيس ۾ لفظن جو تعداد ٽي ٿي ويندو: ٻه مفرد ۽ هڪ مرڪب. تڏهن ته لفظن جي ڀيٽ وارو عمل بيھندو.
لفظ مرڪب جي وضاحت:
لفظ مرڪب مان مراد ئي ٻه واضح الڳ الڳ معنائن وارا لفظَ ڳنڍي، هڪ اهڙو لفظ ڪم آڻڻ آهي، جنھن جي معنى مراد پڻ الڳ سان ٻوليءَ ۾ مستعمَل هجي. جيئن ’صورتخطي‘ جو لفظ ٻن الڳ الڳ حيثيت رکندڙ لفظن ’صورت + خطي‘ جو جوڙ آهي، يا ’اڳڪٿي‘ ٻن الڳ الڳ ڪم ايندڙ لفظن ’اڳ + ڪٿي/ ڪٿڻ‘ جو جوڙ آهي. ان صورت ۾ اهڙي چال لاءِ مرڪب لفظ ڪم آندو ويندو آهي. ٻي صورت ۾ لفظ ’اَوير‘ يا ’ڪُپت‘ پڻ ٻن لفظن (اَ = نه + وير + ويل/ گهڙي/ وقت ۽ ڪُ = خراب + پت = ڀروسو/ اعتبار) جا جوڙ آهن، ليڪن انهن لفظن کي مرڪب جي دائري ۾ نه آڻبو. ڇاڪاڻ ته، انهن لفظن جي جوڙ ۾ اڳياڙي يا هڪ پد/ صرفيو الڳ سان معنى ۾ ڪم نه ٿو اچي، بلڪ ٻئي لفظ جو محتاج آهي يا ٻئي جوڙ جي وس آهي، ان سبب اهڙي اڳياڙيءَ کي ’پروس‘ صرفيو سڏبو. اهو ئي سبب آهي ته اهڙي جوڙ کي ’تجنيس مرڪب‘ ۾ شامل نه ڪري سگهبو، بلڪ ’تجنيس اشتقاق‘ ۾ شامل ٿيندو، يا وري تجنيس مرتب چئي سگهجي ٿو.
تجنيس مرڪّب مان مراد اهڙا ٻه هم جنس لفظ ڪم آڻڻ آهي، جن مان هڪ ٽٽل، ٻيو اڻ ٽٽندڙ هجي. يعني هڪ لفظ سالم/ مقرون حالت ۾ ڪم آيو هجي، ٻيو ساڳين اکرن/ آوازن سان ٻن حصن ۾ مفروق حالت ۾ ڪم آيو هجي.
تجنيس مرڪب بابت مرزا قليچ بيگ لکيو آهي:
”هن کي مرفو يعني ’رفودار‘ به چوندا آهن. هن ۾ همجنس لفظ ڪم اچن ٿا ۽ انهن مان هڪڙو يا ٻيئي مرڪب يا ٻن لفظن مان جڙيل هجن. هن جا ٻه قسم آهن: هڪڙو ’مقرون‘. جڏهن اهي ٻه لفظ لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجھڙا هجن ۽ ٻيو ’مفروق‘ جڏهن اهي لکڻ ۾ هڪجھڙا نه هجن، پر پڙهڻ ۾ هڪجھڙا هجن.
مقرون
عشق سچو رکين ٿو ’پروانا‘
جو جلڻ جي رکين ٿو ’پروا نا‘
مفروق
سروقد، جو سرو جي سِر رکي ٿو ’آفتاب‘،
آفت آهي، ٿيو اکين ۾ جڳ جي کان جنھن ’آف تاب‘.(3)
ظفر عباسيءَ به ساڳئي انداز سان لکيو آهي:
”مرڪب جي لفظي معنى آهي ڳنڍيل. هن کي مرفو يعني رفودار به چوندا آهن. هن ۾ هم جنس لفظ ڪم اچن ٿا ۽ انهن مان هڪ مفرد ته ٻيو مرڪب يا ٻي صورت ۾ هڪڙو يا ٻئي مرڪب يا ٻن لفظن مان جڙيل هجن.
جا هڙ اندر جي ساهڙ ڏني ساهه کي،
سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي ساهڙ سا هڙ ري،
ساهڙ ميڙ سميع! ساهڙ ڇڙي ساهه جي.
(’ساهڙ‘ ۽ ’سا + هڙ‘ ڪٿي مفرد تي ڪٿي مرڪب ٿي ڪم اچن ٿا.)
هن جا ٻه قسم آهن ۽ هڪڙو مقرون، جڏهن اهي ٻه لفظ لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ بلڪل هڪجھڙا هجن ۽ ٻيو مفروق يعني انهن ۾ فرق هجي.
مقرون
عشق سچو رکين ٿو ’پروانا‘،
جو جلڻ جي رکين ٿو ’پروا نا‘.
مفروق
سروقد، جو سرو جي سِر رکي ٿو ’آفتاب‘،
آفت آهي، ٿيو اکين ۾ جڳ جي کان جنھن ’آف تاب‘.“ (4)
ظفر عباسيءَ، بغير ڇنڊڇاڻ جي، ڄڻ مرزا قليچ واري وضاحت کي جيئن جو تيئن اتاريو آهي. ’مقرون‘ ۽ ’مفروق‘ واري تفاوت جي، ٻنهي وضاحتن ۾ مونجهارو آهي. مقرون ۽ مفروق جو دائرو تشريح توڻي مثالن مان واضح نه ٿو بيھي، جڏهن ته مقرون جي مثالن ۾ ’مقرون ۽ مفروق‘ ٻئي موجود آهن ۽ مفروق جي مثالن ۾ پڻ ’مقرون ۽ مفروق‘ موجود آهن.
حاصل نڪتا:
مرزا قليچ بيگ، ’تجنيس مرڪب‘ کي ’تجنيس مرفو/ رفودار‘ به ڪوٺيو آهي، جيڪا ڳالهه نامناسب آهي. ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مرڪب‘ ۽ ’تجنيس مرفو‘ ۾ اصولي فرق آهي. ’تجنيس مرڪب‘ ۾ اصولي طور ٽي پورا لفظ ڪم ايندا آهن، جڏهن ته ’تجنيس مرفو‘ ۾ پورا ٻه لفظ ۽ ٽئين لفظ جو صرف جز ڪم ايندو آهي.
مرزا قليچ جي ڄاڻايل مثالن جي هر شعر ۾ ’مقرون ۽ مفروق‘ موجود آهن، ان سبب ان کي الڳ شعرن ۾ ورهائڻ نامناسب آهي. ظفر عباسيءَ پڻ ساڳيو ڪم ڪيو آهي.
ڊاڪٽر اُم ڪلثوم شاهه پنھنجي ٿيسز ۾ تجنيس مرڪب بابت لکي ٿي: ”شعر ۾ هڪ مرڪب ۽ ٻئي مفرد لفظن کي ڳنڍيل معنى ۾ پيش ڪرڻ واري صنعت، مثال طور سر سھڻيءَ ۾ شاه سائينءَ جي هن بيت ۾ ان صنعت جو استعمال:
جا هڙ اندر جي، ساهڙ ڏني ساه کي،
سا هڙ ڇڙي نه ساهه جي، سا هڙ ساهڙ ري،
ساهڙ ميڙ سميع، ته سا هڙ ڇڙي ساهه جي.
هت لفظ ’ساهڙ‘ ۾ لڪ رکيل آهي جيڪو ڪٿ مرڪب ۽ ڪٿي مفرد لفظ ٿي استعمال ٿيو. شاه سائين جو هي بيت ’تجنيس تام‘ جي بندشن ۾ به اچي ٿو.“ (5)
ڊاڪٽر ڪلثوم جي ڄاڻايل تجنيس مرڪب جي انتھائي مختصر وضاحت ته مناسب آهي، ليڪن مٿيون بيت ’تجنيس تام جي بندشن ۾ به اچي ٿو‘ واري ڳالهه سراسر غير علمي آهي؛ ڇاڪاڻ ته بغير ڪنھن زير- زبر واري فرق جي، ساڳي صورتخطيءَ وارو لفظ ٻي ڪابه معنى نه ٿو رکي. ان لاءِ اهو عام اڳيان واضح هجڻ گهرجي هي مٿيون بيت ڪنھن به صورت ۾ ’تجنيس تام‘ واري ماڻ ماپي/ پئراميٽر ۾ نه ٿو اچي. علمي حوالي سان ٿيسز ۾ اهڙي غير علمي ڳالهه ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اصطلاح ’تجنيس مرڪب‘ جو ڇيد:
فيروز اللغات عربي- اردو (6) جي مدد سان تجنيس مرڪب جو اشتقاق هيٺين ريت بيان ڪجي ٿو:
تجنيس مرڪّب: [ تجنيس- تَفعِيل- مصدر (جَنّسَ = هو پچي راس ٿيو) جنسوار ڪرڻ، جنسي ترتيب ڏيڻ + مُرڪّب- مُفَعَّل- اسم مفعول (رَڪَّبَ = جوڙڻ- ترڪيب ڏيڻ) جڙيل- ترڪيب ڪيل] صنايع بدايع موجب ڪنھن شعر يا بيان ۾ اهڙا ٻه يا وڌيڪ همجنس لفظ ڪم آڻڻ جن ۾ هڪ ’مقرون‘ ٻيو ’مفروق‘ هجي، يعني هڪ سالم هجي ۽ ٻيو ساڳين اکرن/ آوازن سان ٽٽل حالت ۾ الڳ معنائون رکندڙ لفظ هجن، جيئن: شام تون (مفروق) ۽ شامتون (مقرون)
شام منھنجو شام سين مَس، صبح تنھنجو، شام تو،
سَٺ سَتر گذري پٺيان، رَهندو وڃي رَبَّ، نام تو،
جام جامان تو ڍَڪايا، جام پيتم جام تو،
صبح توڻي شام آئون، شامتن کان شام تو،
شام تون جهَل، شامتون پَل، شاھ شاهوڪار تون،
تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيھهَ جو ڏاتار تون.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 163)
مٿيون مثال هڪ ئي وقت تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جو مثال آهي. ’شام تون‘ مفروق صورت ۾ ٻه لفظَ، ۽ ’شامتون‘ مقرون صورت ۾ هڪ لفظُ هجڻ سبب، ان مسدس جي تجنيس مرڪب سڏبي. ساڳئي وقت ان ۾ ’شام‘ جو لفظ ڇھه دفعا استعمال ٿيو آهي. جن مان پھريون شام لفظ: وجود جي معنى ۾، ٻيون- ٽيون- چوٿون شام لفظ: سانجهيءَ لاءِ ڪم آيو آهي، باقي پنجون ۽ ڇھون شام لفظ: سام- پناهه جي معنى ۾ ڪم آندل آهي، مختلف معنائن جي بنياد تي چئي سگهبو ته اهو شعر ’تجنيس تام‘ جي بندشن ۾ به اچي ٿو.
ڊاڪٽر ام ڪلثوم لطيف سائينءَ جي بيت ’جا هڙ اندر جيءَ، ساهڙ ڏني ساهه کي...‘ ۾ ’ساهڙ‘ لفظ جو ساڳي معنى ۾ ٽي دفعا استعمال، ۽ ’سا هڙ‘ (مفروق صورت ۾) پڻ ساڳي معنى ۾ ٽي دفعا استعمال ڏسي، ان کي تجنيس تام جي بندش به ڪوٺيو آهي، حالانڪ ڊاڪٽر صاحبه جي اها ڳالهه ڪنھن به حوالي سان مناسب ناهي. ڇاڪاڻ ته ’تجنيس تام‘ جو پئراميٽر ئي ساڳي صورت وارن لفظن کي مختلف معنائن ۾ استعمال ڪرڻ هوندو آهي.
تجنيس مرڪّب جو دائرو:
تجنيس مرڪّب، اهڙي ڪاريگري آهي، جنھن ۾ ڪي به ٻه لفظ ائين ڪم آندل هجن، جو هڪ مڪمل صورت ۾ الڳ معنى سان اچي ۽ ٻيو ساڳئي لفظ جي ٽٽل صورت سان ٻن الڳ معنائن سان بيھي. يعني ٻنهي جي ساخت ساڳين اکرن مان هجي؛ مڪمل صورت واري کي ’مقرون‘ ۽ ساڳئي لفظ جي ٽٽل صورت کي ’مفروق‘ ڪوٺيو ويندو آهي. اهو به لازمي آهي ته اهي لفظ ساڳي سٽ يا شعر ۾ ڪم آندل هجن؛ جيڪڏهن الڳ الڳ شعرن ۾ ڪم آندل هوندا ته انهن جي ڀيٽ ڪارگر نه رهندي. هيٺ مولوي احمد ملاح جو هڪ شعر خيال خاطر رکجي ٿو:
شرافت شر آفت، ته دولت به دو لَت،
ٿيندئي پَڪ پَٽيءَ تي پڙهي ڏسندي ڏسندي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 399)
ڄاڻايل شعر جي پھرين سٽ ۾ هڪٻئي سان سلهاڙيل، مختلف معنائن سان تجنيس مرڪب جا ٻه مثال ملن ٿا، هڪ: ’شرافت‘- ’شَر آفت‘ ۽ ٻيو: ’دولت‘- ’دو لَت‘. ڄاڻايل مثال ۾ ’شر ۽ آفت‘ کي ملائبو ته ’شرافت‘ ۽ ’دو ۽ لَت‘ کي ملائبو ته ’دولت‘ ٿي بيھندو. ان ٽٽل صورت ۽ مليل صورت جي ڀيٽ واري عمل کي تجنيس مرڪب ڪوٺجي ٿو.
ٽٽل صورت کي ’مفروق‘ ۽ گڏيل صورت کي ’مقرون‘ ٿو چئجي، مٿين مثالن ۾ ’شرافت ۽ دولت‘ مقرون صورتون آهن ۽ ’شر- آفت‘ ۽ ’دو- لَت‘ مفروق صورتون آهن. جنھن شعر ۾ لفظن جون اهي ٻئي صورتون (مقرون ۽ مفروق) هونديون ته ان کي ’تجنيس مرڪب‘ ۾ شمار ڪبو.
مٿئين شعر ۾ ’شر‘ ۽ ’آفت‘ ٻه الڳ الڳ لفظ آهن، جڏهن اهي ملائجن ٿا ته ’آ‘ جو آواز ’ر‘ سان ملي ’را‘ جو آواز ٺاهيندو، يعني ’مد‘ جو آواز ’ر‘ سان ملي ويندو . ان لحاظ کان ’شر‘ ۽ ’آفت‘ لفظ ملائڻ سان ’شرافت‘ جو لفظ بيھندو. يعني هنن ۾ اکرن جي بجاءِ آوازن جي نسبت ڏٺو ويو آهي.
مفروق ۽ مقرون لفظن جي اڳ- پوءِ واري حالت:
اها ڳالهه ڪٿي به واضح طور طئي ٿيل ناهي ته ’تجنيس مرڪّب‘ ۾ ’مقرون‘ اڳي ڪم آڻجي ۽ ’مفروق‘ پوءِ ڪم آڻجي. هن صورت ۾ ’مقرون‘ ۽ ’مفروق‘ اڳي- پوءِ ڪم آڻي سگهجن ٿا. مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ اهڙا مثال ملن ٿا، جتي مقرون ۽ مفروق ٻنهي اندازن يعني اڳ- پوءِ ڪم آندل آهن، جيئن:
• مفروق- مقرون واري شڪل:
پريمَ، اَهنجي پسڻ جا پُور، پيا مَن تي، پيامن تي،
وري سڪ جا ٿيا ساوا، سَلا مَن تي، سَلامن تي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 562)
هن غزل جي مطلع ۾ ’پيا مَن- پيامن‘ ۽ ’سَلا مَن- سلامن‘ تجنيس مرڪّب جا مثال آهن. هن ۾ پھرين مفروقَ: ’پيا مَن‘ ۽ ’سَلا مَن‘ ڪم آيا آهن، جڏهن ته مقرونَ: ’پيامن‘ ۽ ’سَلامن‘ پوءِ ڪم آيا آهن.
• مقرون- مفروق واري شڪل:
مس دوائن سان وڃي، دل ٺاپري، تان ٺا پرِي،
ساپرُوءَ جھڙن کي سامهين، ساپرِي، گم سا پَرِي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 545)
هن غزل جي مطلع ۾ ’ٺاپري- ٺا پَري‘ ۽ ’ساپري- سا پَري‘ تجنيس مرڪّب جا مثال آهن. هن ۾ پھرين مقرونَ: ’ٺاپري‘ ۽ ’ساپري‘ ڪم آيا آهن، جڏهن ته مفروقَ: ’ٺا پري‘ ۽ ’سا پَري‘ پوءِ ڪم آيا آهن.
1.1.2. تجنيس مرڪّب ۾ زيرن زبرن جو فرق
تجنيس مرڪب جو گهڻو لاڳاپو اکرن سان آهي، ڪنھن هنڌ آواز سان به ٿي سگهي ٿو. لفظ جي گڏيل صورت ۽ ٽٽل صورت جي حالت ۾ زيرن زبرن جو فرق روا آهي. جيئن ته ’تجنيس تام‘ ۾ جيڪڏهن زيرن- زبرن جو فرق ٿي ويندو ته ان جي حيثيت مٽجي ويندي، يعني ان جي حيثيت ’تجنيس ناقص‘ ٿي ويندي؛ ليڪن تجنيس مرڪّب ۾ زيرن- زبرن واري فرق کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، جيئن:
سونھن منھنجي جنھن سُڻائي، سُومري کي سو مَري،
تا حياتي بي حيا جي، منھن تي ٻئي هٿ هيٺ هيٺ!
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 163)
ڄاڻايل مثال ۾ ’سومري‘ ۽ ’سو مَري‘ تجنيس مرڪّب جو مثال آهي، جنھن ۾ پھرين ’مقرون‘ ۽ پوءِ ’مفروق‘ ڪم آيو آهي. جڏهن ’مقرون: سومري‘ کي ڏسجي ٿو ته ’سومرو‘ ذات وارو لفظ نحوي بناوت پٽاندر ’سُومِري‘ ٿئي ٿو، جنھن جي پھرين پد ’سُو‘ پٽاندر، ’س‘ اکر تي پيش ۽ ’مري‘ پد پٽاندر ’م‘ اکر تي زير ڪم اچي ٿي، يا ’م‘ ساڪن ٿي سگهي ٿو- ياد. جڏهن ته مفروق ’سو مَري‘ ٽٽل صورت ۾ ’سو‘ تي ڪابه اعراب نه ٿي اچي ۽ ’مَري‘ واري پد مان ’م‘ اکر تي زبر ٿي ڪم اچي. پھرين سٽ ۾ مارئيءَ جي روپ ۾ شاعر چوي ٿو ته: ’جنھن به منھنجي سونھن جو، عمر سومري کي ٻڌايو ، سو شل مَري!‘
ظاهر آهي ته تجنيس مرڪّب جي نسبت، اهڙن لفظن جي ٽوڙڻ سان زيرن زبرن جو فرق ممڪن آهي، ان لحاظ کان ڄاڻايل تجنيس ۾ ’زيرن- زبرن‘ کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي.
تجنيس مرڪّب ۾ معنادار لفظن جو تعداد:
ڪنھن به تجنيس ۾هم جنس، ليڪن مختلف معنادار لفظن جو گهٽ ۾ گهٽ تعداد ٻه ٿيندو آهي. ان جي برعڪس ’تجنيس مرڪب‘ اهڙي تجنيس آهي جنھن جو دائرو گهٽ ۾ گهٽ ٽن لفظن تي جڙندو آهي، هڪ: مقرون/ سالم، ٻيو: مفروق/ ٽٽل. مفروق ۾ ڪي به ٻه لفظ ٽٽل حالت ۾ هوندا آهن، جن کي ملائي مقرون صورت ۾ ڪم آندو ويندو آهي. ان ليکي تحت، ڪل ٽي معنادار لفظ ڪم ايندا آهن، جيئن مولوي صاحب جي هڪ مصرع ۾ آهي:

هن مصرع ۾ ’سَلا + مَن‘ ۽ ’سلامن‘ جا ٻه هم جنس لفظ آهن، جن مان پھرين ’سَلا + مَن‘ کي ملائبو ته ’سلامَن‘ بيھندو. لفظن جي اهڙي بيھڪ کي تجنيس مرڪب ڪوٺبو.
ڄاڻايل مصرع ۾ مذڪوره تجنيس هيٺ ڪل ٽي لفظ اچن ٿا، جيڪي مختلف معنادار پڻ آهن:
سَلا = گونچ- انگور- گوشو...
مَن = دل- هنياءُ- قلب...
سلامَن = سلام جو جمع. نحوي بناوت موجب حرف جر سببان آخر ۾ ’نون ساڪن‘ جو اضافو...
تجنيس ’مرڪب‘ ۽ ’مرفُو‘ ۾ فرق: تجنيس مرڪب ۾ ٻه اهڙا همجنس لفظ هوندا آهن، جن مان هڪ: مقرون (گڏيل صورت ۾) ٻيو: مفروق (ٽٽل صورت ۾)، جيئن:

مٿئين شعر ۾ مفروق: ’پيا- مَن/ سلا- من‘ ۽ مقرون: ’پيامن/ سلامن‘ آهي. مفروق صورت وارا لفظ الڳ سان سڀ پورا لفظ آهن. جڏهن اهي ملائجن ٿا ته ساڳين موجود لفظن جھڙا ٻيا لفظ سامهون اچن ٿا. ان مان مراد اها آهي ته تجنيس مرڪب ۾ ڪل ٽي مڪمل صورت وارا لفظ ڪم آندا ويندا آهن.
تجنيس مرفو ۾ صرف ٻه همجنس لفظ سامهون ايندا آهن. هڪ: مقرون (گڏيل صورت ۾)، جڏهن ته ٻيو: اهڙي صورت ۾ ڪم آڻبو آهي، جو ان کي همجنس بيھارڻ لاءِ گڏ هوندڙ ٻئي لفظ جو صرف جز کڻي ان سان ڳنڍي، مقرون (گڏيل صورت ۾) جھڙو بيھارڻو پوندو آهي، جيئن:
صاحب سَتار هڪڙو، تنھن کي سِڪون سدائين،
يا رب ياد ياور، ۽ يار هڪ اسان جو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 466)
مٿئين شعر ۾ ’يار‘ مقرون (گڏيل صورت ۾) موجود آهي، جڏهن ته ’يا + رب‘ ٻه الڳ لفظ آهن، ان مان صرف ’رب‘ جي ’ر‘ کي ’يا‘ لفظ سان ملائبو ته ساڳيو ’يار‘ بيھندو. ان اهڙي ڳنڍ کي ’مرفو‘ ڪوٺبو آهي. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ’يا‘ ۽ ’رب‘ لفظن کي مڪمل صورت ۾ ملائبو ته ’مرڪب‘ سڏبو.
تجنيس مرفو ۾ ڪي به ٻه لفظ مڪمل صورت ۾ ڪم آڻجن ٿا، جڏهن ته ٽئين لفظ مان صرف اکر/ آواز جز واري حالت ۾ کڻي، ڪم آندو ويندو آهي. جنھن صورت ۾ ٽيون لفظ مڪمل صورت ۾ گڏائبو ته پوءِ مرڪب سڏبو. ان حالت ۾ ٻنهي تجنيسن کي ساڳيو تصور ڪري نه ٿو سگهجي.
تجنيس مرڪّب ۽ تجنيس حرفيءَ ۾ مماثلت: عروضي شاعريءَ جي حوالي سان مولوي احمد جي سڃاڻپ ’تجنيس حرفيءَ جو شهنشاه‘ رهي آهي. هتي جيڪو جائزو وٺجي پيو سو ’تجنيس مرڪّب‘ جو! بيشڪ تجنيس مرڪب به ’تجنيس حرفيءَ‘ جو جز چئي سگهجي ٿو، ليڪن پوءِ به ٻنهي جي دائرن ۾ فرق آهي.
تجنيس حرفيءَ مان مراد اهڙو شعر يا بيان جنھن جو تقريباً هر لفظ ساڳئي حرف سان شروع ٿئي، جيئن:
شام تون جهَل، شامتون پَل، شاه شاهوڪار تون،

ڄاڻايل بند جي سٽن ۾ پھرين سٽ ۾ ’ش‘ اکر جي گهڻائي آهي: ’ شام تون جهَل، شامتون پَل، شاه شاهوڪار تون‘، جڏهن ته ٻين سٽن ۾ ’ڏ‘ جي گهڻائي آهي: ’ تون نه ڏيندين، ڪير ڏيندو، ڏيههَ جو ڏاتار تون‘. ان بنياد تي چئي سگهبو ته اهو شعر ’تجنيس حرفيءَ‘ جو مثال آهي.
ساڳئي وقت ’شام تون‘، مفروق/ ٽٽل صورت ۾ هجڻ ۽ ’شامتون‘ مقرون/ گڏيل صورت ۾ هجڻ سبب تجنيس مرڪب جو ئي مثال سڏبو. چوڻ جو مقصد ته تجنيس حرفي، ٻين تجنيسن جي ماءُ سڏجي ٿي. ان سبب ’تجنيس حرفيءَ‘ جي ٻين تجنيسن سان مماثلت ممڪن آهي.
تجنيس مرڪّب جو هنڌ: جيئن ته ڪنھن به شعر جا حصا ٿيندا آهن، مصرع اول، مصرع ثاني، قافيو، رديف وغيره. ان لحاظ کان تجنيس مرڪّب جو مخصوص هنڌ متعيّن ناهي. يعني تجنيس مرڪّب جو استعمال شعر جي ڪھڙي به حصي ۾ ڪري سگهجي ٿو. قافيي توڻي رديف ۾ به ممڪن آهي، ان لاءِ ته مولوي احمد ملاح قافين توڻي رديفن کي به ڄاڻايل تجنيس ۾ شامل ڪيو آهي، جيئن:

ڄاڻايل مثال ۾ قافيو: ’ٺا‘ ۽ ’سا‘ آهي، جڏهن ته ’پَرِي‘ رديف طور ڪم آيل آهي. جڏهن رديف ’پرِي‘ سان ’ٺا‘ قافيو ملائي ٿو ته ’ٺاپري‘ مقرون ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن ساڳئي رديف ’پرِي‘ سان ’سا‘ ملائي ٿو ته ’ساپري‘ مقرون بيھي ٿو. ان مان مراد اها آهي ته ’تجنيس مرڪّب‘ جو ڪو خاص هنڌ ناهي، شعر جي ڪھڙي به حصي ۾ ان جو استعمال ٿي سگهي ٿو.
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ ۾ تجنيس مرڪّب جو جائزو:
مولوي صاحب جيئن ته عروضي دؤر جو شاعر رهيو آهي، ليڪن سندس شاعريءَ ۾ سنڌي ڪلاسڪ جو به امتزاج رهيو آهي. عروضي شاعر جي نسبت سندس شاعري صنايع بدايع ۾ تمام شاهوڪار رهي آهي. هتي سندس شاعريءَ ۾ ’تجنيس مرڪّب‘ ڏسڻ مقصود آهي.
سندس شاعريءَ ۾ شعر جي مختلف حصن ۾ مذڪوره تجنيس ڪم آندي اٿس. ايتريقدر جو ’قافين‘، ’رديفن‘ ۾ به سندس اهڙي حرفت نوٽ ڪري سگهجي ٿي. هيٺ چند شعر يا بند خيال خاطر رکجن ٿا:
تجنيس مرڪّب جا سادا مثال:
آدم (مقرون) ۽ آ دَم(مفروق)
’تي تونگر رب تعالى، توکي تعريفون تمام،
تون اپائين، تون نپائين، ساڻ اعلى اهتمام،
آههِ ايءُ آدم، ته آ دَم، دم مٿي ڪھڙا دَمام،
هيڪ ٻي پٺيان هتان، هَليا وڃن حاذق هُمام،
ڌڙ دفن، دس بعد دس، الله بس، باقي هوَس.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 243)
’آدم ۽ آ دَم‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي. يعني ’آ + دَم‘ کي ملائبو ته ’آدم‘ بيھندو. ان سبب ان ڀيٽ کي ڄاڻايل تجنيس ۾ شمار ڪبو.
آب- رُو (مفروق) ۽ آبرُو (مقرون)
آب رُو ’احمدَ‘، ته ماڻين در احد جي آبرُو،
پڙهه اکر الفقر فخري، بَن مَ سٺ تي سيٺ سيٺ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 163)
’آب رُو‘ (مفروق) ۽ ’آبرُو‘ (مقرون) ڀيٽ جي بنياد تي تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
او- تارو (مفروق) ۽ اوتارو (مقرون)
ڏَسين تاريخ او تارو، اٿن ان هيٺ اوتارو،
ڪٿي ڏينھن ڪندڙ جو ڏيھه، ڪٿي جا ڏَس ڏيين ٿو تون.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 414)
’او- تارو‘ ۽ ’اوتارو‘ ۾ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
تجمل (مقرون) ۽ ته جمل (مفروق)
سج سداسھڻو گهڻو، منهنجو سڄڻ سج کان به صاف،
ڇا تجلي، ڇا تجمُل، ڇا ته جَمُل واهه جو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 562)
’تجمل ۽ ته جمل‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
پار-ڪر (مفروق) ۽ پارڪر (مقرون)
مينھن وسڻ جي مند آئي، مينھن مارن پار ڪر،
کيل هُن کُڻ تي کنوڻ جا، ايءُ ته پاسو پارڪر.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 260)
پار ڪر (مفروق) ۽ پارڪر (مقرون) آهن. پار ڪر = پار = پاسي، ڪر = ڪرڻ جو امر) يعني اي ڌڻي، مينھن کي مارن جي پاسي ڪري ڇڏ، پارڪر = (کيل هُن کُڻ تي کنوڻ جا، ايءُ ته پاسو پارڪر) ٿر جو علائقو.
پرواهه (مقرون) ۽ پَر واهه (مفروق)
مُلان ته ماني موئي جي، ختمن تي مَرندا کوئجي،
پرواهه نه پائي پوءِ جي، پَر واهه ماني ميرَ جي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 525)
پرواهه (مقرون) ۽ پر واهه (مفروق) تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
پريشان (مقرون) ۽ پري شان (مفروق)
پَريشان ڪيو مَن، پَرِي شان جن،
ڪَمر وار، ڪاريون اکيون، ڪونج ڪنڌ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 225)
پريشان (مفروق) ۽ پري شان (مقرون) تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
پيچ ري (مفروق) ۽ پيچري (مقرون)
پُنھل سان پيچ ري، ٻيو ڪير پوندو پيچري پُٺيان،
مِرون موجود مارڳ ۾، نه مهندان مال ڪي ماها.
(ڪليات احمد، ڀاڱون ٻيون- 80)
’پيچ ريءَ‘ (پيچ کان سواءِ) ۽ ’پيچري‘ (رستي) تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
جت نه (مفروق) ۽ جتن (مقرون)
جَت نه رَت ڀائي، نه ڀَت ڀائي، ڀِرن ڪھڙي ته ڀَت،
تِن جَتن جيڏيون، جڏي ڪئي جان، ويندس جت به جَت.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 119)
’جت نه‘ ۽ ’جتن‘ تجنيس مرڪب چئي سگهجي ٿو.
سنگهار¬ (مقرون) ۽ سَن- گهار (مفروق)
سِڪ سَنگهارن جي سڪان، سَن گهار ڪھڙي سانگ ويا،
مون مٿو ويڙهيو نه ويڙهيان وار ڌاريَن ۾ ڌُئي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 591)
’سنگهار‘ (مقرون) ۽ ’سَن گهار‘ (مفروق) تجنيس مرڪب جو مثال آهي. آوازن جي نسبت ’ن‘ جو فرق اچي ٿو، ليڪن لکت جي لحاظ کان ساڳيائپ آهي. ’سنگهار‘ ۾ ’ن‘ گهُڻو يعني ’نڪوون ڇوٽو سُر‘ (Nasal short Vowel) آهي، جڏهن ته ’سن گهار‘ ۾ ’ن‘ وينجن (Consonant) آهي. اهڙي فرق کي به نظر انداز ڪري سگهبو آهي، ڇاڪاڻ ته ’تجنيس مرڪب‘ جو گهڻو تعلق اکرن سان آهي.
ڪو- سِي (مفروق) ۽ ڪوسِي (مقرون)
سِير ۾ ساريان نه ڪو سِي، تنھنجي ڪڍ ڪوسِي ٿڌي،
مون ٺلهو ٺارج نه ٺُل تي، جيئن مِلين تيئن مِل مٺا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 36)
’ڪو سِيءُ‘ (مفروق) ۽ ’ڪوسِي‘ (مقرون) تجنيس مرڪب جو مثال آهي. جيئن ته مولوي صاحب لاڙي لھجي جو ماڻهو آهي ۽ لاڙي لھجي جي مزاج ۾ آخري ڇوٽو سُر حذف ڪيو ويندو آهي، ان خيال کان سندس شاعريءَ موجب ’سِي‘ لفظ جو اچار ئي هوندو، جيڪو معياري لھجي موجب ’سيءُ‘ ڪري لکيو ويندو آهي.
ڪا- سائِي (مفروق) ۽ ڪاسائِي (مقرون)
نه آهم سَنڌ ڪا سائِي، مون سان ڪئي سُور پَر سائِي،
جيئن ڪاتيءَ کي ڪاسائِي، ڏيئي ڇيرو ڪُھن ڇيلا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 74)
’ڪا سائي‘ (مفروق) ۽ ’ڪاسائي‘ ’مقرون‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
مان گهر (مفروق) ۽ مانگر (مقرون)
ڪري ارمان اوسيئڙا، ادن لايون اويرون اڄ،
نه مان گهر موٽيا منھنجا، مگر مانگر ڪنھين ماريا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 94)
’مان گهر‘ ۽ ’مانگر‘ ۾ ’وسرڳ ۽ اوسرڳ‘ جو فرق ضرور آهي، پر جيئن ته لاڙي لھجي جي مزاج ۾ ’گهر‘ جو اچار ’وسرڳ‘ سان ناهي، ان لاءِ ان کي به تجنيس مرڪب ۾ آڻبو.
مفتخَر (مقرون) ۽ مفت خَر (مفروق)
ڪو ٻٽاڪي، ڪو ٻٽيھه لَکڻو، ته ڪو ٻالڪ ٻَٽُور،
ڪنھن اندر خوشبوءِ کٿوري، واه، اُکتو ڪو کَٿور،
مُفتخَر، ڪو مفت خَر، قربان قدرت تان ٿيان.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 62)
’مُفتخَر (مفتعَل جي وزن تي فخر ڪيل) ۽ مفت خَر (گڏهه)‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
مڪر (مقرون) ۽ مَ ڪر (مفروق)
دنيا مڙئي مومنَ، مَڪر، باطن زهر ظاهر شڪر،
مغرورَ، تنھن تي مَئو مَ ڪر، عالَم سڄو آخر فنا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 422)
’مَڪر (مقرون) ۽ ’مَ ڪر‘ (مفروق) تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
مينڌري (مقرون) ۽ ۾- ڌَري (مفروق)
مَٺيءَ ڪا مينڌري مَن ۾ ڌَري، مون ڏانھن، منھن موڙيو،
مُٺيَس، ماريَس مَيارن، ميھڻن، مَرجات، ڪيئن ڪريان.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 394)
’مينڌري‘ (مقرون) ۽ ’۾ ڌَري‘ (مفروق) جو مرڪب وارو مثال، لکت/ اکرن جي لحاظ کان ڪمزور ضرور آهي، ليڪن آواز جي بنياد تي ڀرپور آهي. ڇاڪاڻ ته مفروق: ’۾ ڌَري‘ جو آواز ’مين ڌري‘ ٿئي ٿو، جن کي مرڪب صورت ۾ آڻبو ته ’مينڌري‘ ئي بيھندو.
نحس (مقرون) ۽ نه حس (مفروق)
’ري‘ رَهي نالو ڌڻيءَ جو، ٻيو نه دونھيون ڌَڻ ڌراڙ،
خواه ساهڙ، خواه سھڻي، سڀ وڃي پھتا پَراڙ،
ٻول ٻيلاين نه ٻڌجن، پڻ نه ڪاهن کي قراڙ،
ڪُل نفس ذائقة جو، نقش هر ڪنھن منجهه نراڙ،
پر نحسَ، توکي نه حَس، الله بس، باقي هَوَس.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 254)
’نحس‘ ۽ ’نه حس‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
نه ماڻو (مفروق) ۽ نماڻو (مقرون)
ڪو پرين، پيغام منھنجو، تو پُنو پانڌي هٿان،
ڪر نه ماڻو، رهه نماڻو، نت نھاري، موٽ تون.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 413)
’نه- ماڻو‘ ۽ ’نماڻو‘ تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
واسوا (مقرون) ۽ وا- سوا (مفروق)
واسوا وچ جو وٺي سگهندو نه ٻيو ڪو وا سوا،
واءُ، خدا جي واسطي، ويندين نه ويندين چئه کڻي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 576)
’واسوا (خبرچار) ۽ وا سوا (هوا کان سواءِ)‘ پڻ تجنيس مرڪب جو مثال آهي. هي مثال به لاڙي ٻوليءَ جي نسبت آخري ڇوٽا سُر (Last short Vowels) حذف واري حالت ۾ رهندا. معياري لھجي موجب ’واءُ سواءُ‘ (مقرون) ۽ ’واءُ سواءِ‘ (مفورق) بيھندو، جنھن موجب آخري ڇوٽن سُرن موجب فرق سامهون اچي ٿو.
ياسين (مقرون) ۽ يا- سِين (مفروق)
عين اکيون، الف قد، ياسين خود، يا سِين ڏند،
مثل بسم الله ڀِرون، رخ پاڪ قرآن جي بجاءِ.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 508)
’ياسِين‘ (مقرون) ۽ ’يا سِين‘ (مفروق) تجنيس مرڪّب جو مثال آهي.
ياقوت (مقرون) ۽ يا- قوت (مفروق)
جهَلڪندڙ ياقوت هيءُ، يا قُوت آهي قلب جو،
يا ته آهي لعل لَب، غُنچا ڪري غمخوار جو.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 468)
’ياقوت‘ (مقرون) ۽ ’يا قوت‘ (مفروق) تجنيس مرڪب جو مثال آهي.
قافين ۾ تجنيس مرڪّب جا مثال:
مولوي صاحب جي غزلن ۾ الڳ ڍنگ سان اهڙا غزل به ملن ٿا، جيڪي مڪمل طور تجنيس مرڪب جي دائري ۾ اچن ٿا. انهن مان ٻه ته ’ذوقافيتَين‘ جا مثال به ٿين ٿا، باقي هڪ عام قافين ۾ آهي:
ذوقافيتَين، مقرون ۽ مفروق (قافيي ۽ رديف جي ميلاپ سان):
هن دائري ۾ سندس اهڙا غزل اچن ٿا جن ۾ تجنيس مرڪب جي نسبت، ساڳي سٽ ۾، پھريان مقرون ۽ پوءِ مفروق اچن ٿا. مفروق به اهڙو جنھن ۾ قافيي کي ’رديف‘ سان ڳنڍي ’مفروق‘ بيھاريو ويو آهي. اهڙو انداز بيھارڻ سان اهي قافيا، ذوقافيتَين جو پڻ مثال بڻجي وڃن ٿا، جيئن:

ساپرُوءَ جھڙن کي سامھين، ساپرِي، گم سا پَرِي.
دل به هئي، دولت به هئي، پڻ دين دانائي دماغ،
ويا سڀئي اسباب آئي، واپريءَ جي وا پرِي.
ڪنھن قَسم ڏيئي پُڇيم، ڪاريون اکيون ڪھڙو قِسم،
باز بَحري، سي نه بَحري، نابِري ڪَن نا بَري.
عشق گولن جو به گولو، حسن حاڪم حاڪمن،
ڪنڌ تي ڪاتي قرب لئي، ڪَر ڪاتِريءَ تي ڪا تري.
لڙڪ لڙهه لالڻَ، ڏسي اوڏو نه ’احمد‘ کي اچين،
ويھه اکين ۾ آب پوندو آٺري، تون آ ٺري.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 545)
تجنيس مرڪب جي نسبت هن ۾ اڳيون حصو مرڪب يعني مقرون ۽ آخري حصو ٽٽل يعني مفروق رکيو ويو آهي، جيئن: ٺاپري- ٺا پري، ساپري- سا پري، واپري- وا پري، نابري- نا بري، ڪاتري- ڪا تري، آٺري- آ ٺَري. هن غزل ۾ مولوي صاحب پھريون لفظ مرڪب صورت ۾ آڻي، ساڳئي لفظ کي ٽوڙي هڪ کي قافيو ۽ ٻئي کي رديف طور ڪم آندو آهي. تجنيس مرڪب جو اهڙو مثال ٻين شاعرن وٽ ڪونه ٿو ملي.
ذوقافيتَين، مفروق ۽ مقرون :
هن دائري ۾ سندس اهڙا غزل اچن ٿا، جن ۾ تجنيس مرڪب جي نسبت، ساڳي سٽ ۾، پھريان مفروق ۽ پوءِ مقرون اچي ٿو. اهڙي انداز سان قافين جي استعمال سبب ان جي سڃاڻپ ’ذوقافيتَين‘ واري به بڻجي وڃي ٿي، جيئن:

ڏَڪايو مون ڏُکيءَ جو ڏِيل، ڏوران پنڌ ڏوراپن،
ڪيا غفلت سبب غم، غُل غُلا مَن تي، غُلامن تي.
نماڻن ڏي نه ماڻن کان، نهارين پَر نھوڙين ٿو،
خوديءَ کي ڇڏ، رکي خوف خُدا مَن تي، خُدامن تي.
گهُرن ڪي مال، ڪي موتي، ڪي موتيا گل، مگر مون کي،
ته تو ڌاران نه ٻيا دارُون، دَوا مَن تي، دَوامن تي.
مٺي ٻولي سندن، ڪَر ٿا ٻُرن ٻيلي ۾ ٻاٻيھا،
ڪبوتر ڪجهه وڌي تنھن جي، ڪَلا مَن تي، ڪَلامن تي.
اڱڻ ’احمد‘ اُٺا اڄ مينھن، نه ڀايو تِن نڀايو نينھن،
وري ان ياد اڳيان ڏينھن، آيا مَن تي، اَيامن تي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 562)
تجنيس مرڪب جي نسبت، هن ۾ وري اڳيون حصو ٽٽل (مفروق) ۽ آخري گڏيل (مقرون) رکيل آهي، جيئن: پيا مَن- پيامن، سَلا مَن- سَلامن، غُلا مَن- غُلامن، خُدا مَن- خُدامن، دَوا مَن- دَوامن، ڪَلا مَن- ڪَلامن، آيا مَن- ايامن.
’آيا مَن تي‘ ۽ ’ايامن تي‘ ۾ ’مد‘ جو فرق آهي، ليڪن لاڙي لھجي جي ٻوليءَ نسبت ان آواز کي ڇوٽو به ڪيو ويندو آهي، جيئن ’آهي‘ کي ’اَهي‘/ ’آهه‘/ ’آ‘. آوازن جي بنيادن تي مذڪوره لفظ جي ڊگهي ۽ ڇوٽي سُر کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو.
تجنيس مرڪب نسبت قافين جو استعمال:
هن دائري ۾ سندس اهڙا غزل اچن ٿا جن ۾ تجنيس مرڪب جي نسبت، الڳ قافيا سامهون اچن ٿا. يعني هڪ قافيي جي جڳهه تي مقرون ته ٻئي قافيي ۾ مفروق جو استعمال ڪيو ويو آهي، جيئن:
محبوب مٺا، موٽُ، خدا لڳ خَدمن تي،
سَٺڙم تو سوا، ڪي سؤ صدما صدمن تي.
ديدار مٿان دل نه کڄي، دوستَ، ڪنھن دم،
هر مھل مٺا، مون کي، ملڻ جي سَڌ مَن تي.
تون نُور انور، پري حُور نه مٽ مُور،
دل دُور، پوَن پُور، پسڻ جا پَد مَن تي.
هر پاس، اچي واس، کُلي خاص کٿوري،
هيءُ پار پريمَ، تنھنجو پَروڙيم پَدمن تي.
آئون مُلڪ هڻي ماڳ رَسان، محبَ، مَٽين تون،
ايڏو نه ٻَڌو زور، انڌيرن اَڌمن تي.
تون سَروَ سِڌائيءَ ۾، سدا سونھن ۾ سرور،
چِٽ آهه ٻڌو الف مثل، ان قَدَ مَن تي.
ڪنھن وار اڱڻ آءُ، ’احمد‘ ٺار اکين جا،
قربان ڪريان جان، ڪِري ڪَر قدمن تي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 513)
مٿئين غزل جي قافين ۾ هڪ کي مقرون/ مفروق حالت ۾ ته ٻئي هنڌ وري مفروق/ مقرون حالت ۾ رکيو ويو آهي. ’صدمن‘ (مقرون) ۽ ’سَڌ من‘ (مفروق)، ’پَد مَن‘ (مفروق) ۽ ’پدمن‘ (مقرون) ۽ ’قَد مَن‘ (مفروق) ۽ ’قَدمن‘ (مقرون) جا قافيا سامهون اچن ٿا.
’صدمن‘ ۽ ’سڌ- مَن‘ اکرن جي نسبت نه ٿا مرڪب ۾ اچن، ليڪن لاڙي لھجي نسبت، آواز جي بنياد تي ان کي مرڪب جو مثال چئي سگهجي ٿو. آواز جي حوالي سان ’وسرڳ‘ جو اچار لاڙي لھجي جي مزاج ۾ ناهي، ان ڪري ’سڌ‘ کي ’سد‘ جو ئي اچار تصور ڪري سگهجي ٿو، ٻيو ته ’ص‘ پوري سنڌي ٻوليءَ جي نسبت ’س‘ جو ئي اچار اچي ٿو، ان خيال کان ان کي ’صدمن‘ کي به ’سدمن‘ ئي تصور ڪري سگهجي ٿو.
تجنيس مرڪب مع تجنيس تام:
مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جي ڪاريگريءَ جا رنگ به نرالا رهيا آهن، هڪ ئي غزل ۾ تجنيس مرڪب ۽ تجنيس تام جي بيھڪ. تجنيس تام جي بيھڪ به اهڙي جو قافين کي مفروق صورت ۾ آڻي هر لفظ جي معنى الڳ بيھاري ٿو، جيئن:
ڪانُ قھري ڪو لڳو، جنھن قلب سين ڪَئي ڪَربَلا،
بُت چنبن ۾ باز جي پيو، گهُور ڀانيان ڪَر بلا.
چنڊ واڙو وار، منھن جي وصف، شامل صبح شام،
يا گُلابي گُل جي ڀَر ۾ ڪَر، کڻي ٿي ڪَر بلا.
حوصلو جيڪر هِنيين ۾، ناز نازُڪ جو ڇڏيم،
بت وجهي تان باهه ۾، باسي بيھان ڪيئن ڪَر بلا.
حرف ’هَئو‘ ۾ حاضرن کان، جي حيا ڀانئين حبيب،
تان ڀلائيءَ سين ڀَلا، ٻولي ڀليءَ ۾ ڪَر بَلا.
عاشقن جو آهه ’احمد‘ ايئن وڇوڙي ۾ وجود،
هو ڪُڙها جي ڪِھر جا، جيئن ٿي ڪُٺا منجهه ڪربلا.
(ڪليات احمد- ڀاڱو ٻيون، 2017: 72)
هن غزل ۾ ٻه لفظ مرڪب يعني مقرون صورت ۾ آيل آهن ۽ چار لفظ مفرد صورت ۾ يعني مفروق حالت ۾ ڪم آندا ويا آهن. معنوي لحاظ کان اهڙن لفظن جو ڇيد هيٺين ريت رکجي ٿو:
1. ڪربلا (مقرون) ’ڪربلا = ظلم، ڏاڍ، ويل‘، 2. ڪَر بلا (مفروق) ’ڪَر = جيڪر، ڄڻڪ‘ + ’بَلا = مصيبت‘، 3. ڪَر بلا (مفروق) ’ڪَر = ڪنڌ‘ + ’بَلا = سپ، نانگ جي مادي‘، 4. ڪَر بَلا (مفروق) ’ڪر = جھڙوڪر، ڄڻڪ‘، ۽ ٻيو: ’بَلا = ڀَلا (لاڙي لھجي جي صورت) عام صورت ۾ ڳالهائجندڙ انداز ته اهو ڪم ڪيئن ڪر/ جھڙوڪر ڀلا!‘، 5. ڪَر بَلا (مفروق) ’ڪَر = عمل ڪر- ڪرڻ جو امر‘، ۽ ٻيو: ’بَلى = هائو- ڇونه‘ (قالوا بلى)، 6. ڪَربَلا (مقرون): هنڌ- عراق جو شهر، جتي امام حسين عليہ السلام جي ساٿين ۽ گهر ڀاتين کي شهيد ڪيو ويو.
آخر ۾ هڪ ’واقعاتي غزل‘ جي پسمنظر کان هٽي ڪري، ان جي ٽيڪنڪ کي ڏسجي ته ان ۾ ڏهه قافيا مرڪب (مقرون) ۽ مفرد (مفروق) صورت ۾ بيھن ٿا:
ماروِي مارُن منجهان، هيءَ پئي پڏائي پوپٽي،
پاڻهي پرڏيھه پَلاڻي، پوپٽي اک پو پٽي.
شاه ڪِن شرميلن جا، شان ڳايا شعر ۾،
پُڇ مَ تِن جا پار، جن پاڙي کي پاڙهي پوپٽي.
ڪَئين دِلاسا دلبرن کي، پَر نه ويا دل مان دَليل،
ڪام جا ڪمزور هوندي، ڇا جهليندي پو پٽي.
گهر ڇڏيو گجرات ۾، اڄ گوڙ ڪن ٿيون گُجريون،
پير پنھنجي ۾ ڪھاڙو، چئو ته ڪھڙي پو پٽي.
هُن ڇڏيا شربت شرم کان، هِن وڻن شيشا شراب،
هوءَ جڏهن پھتي پنوهارن پار، پيتئين پو پٽي.
هار هيرن هِن وڻن، هوءَ هِير تي هاري هنجون،
پير ۾ پازيب ڇا ڪن، ڪَن نه پائي پوپٽي.
هيءَ پڇي محلات ماڙيون، مارئي مارو پڇي،
سُڌ پَکن جي ڏي پکيئڙو، خواه پوپٽ، پوپٽي.
هيءَ عمر جي ڪوٽ اچڻي، هوءَ ته ڪَڪ ڪوٽن ڪنان،
پيچ پينگهي ۾ پنوهارن سان، پڙهيائين پو پٽي.
هِن اندر ۾ انب ’احمد‘، ڇا ’پٻي‘ سمجهي پِپُون،
هُن مَڃر موڙي هٿن سان، پاند ۾ مَڪ پو پٽي.
(ڪليات احمد- ڀاڱو پھريون، 2017: 536- 537)
مٿئين ’واقعاتي غزل‘ جي پسمنظر کان هٽي ڪري، ان جي ٽيڪنڪ کي ڏسجي ته ان ۾ ڏهه قافيا مرڪب (مقرون) ۽ مفرد (مفروق) صورت ۾ بيھن ٿا:
1. پوپٽي (پوپٽي هيراننداڻي) ، 2. پوءِ + پٽي = بعد ۾ کولي، 3. پوپٽي (منفي معنى ۾، پوپٽيون پڙهائڻ جي اصطلاحي معنى، جُٺ ڪئي/ سيکيت ڏني، 4. پوءِ + پٽي = ڇت ۾ پوندڙ شھتير مٿان ڪاٺيءَ جي پٽي، 5. پوءِ + پٽي = پوءِ ڪھڙي مرهم پٽي/ ڪھڙي کيپ کٽي، 6. پوءِ + پٽي = پٽڙي جهڻ/ لسي، 7. پوپٽي = ڪن جو زيور، 8. پوپٽي = پوپٽي مادي، 9. پوءِ + پٽي = الف- بي، 10. پوءِ + پٽي = پٽيائين.
نتيجو: چند سوالن جي روشنيءَ ۾، تجنيس مرڪّب جي دائري هيٺ، مولوي احمد ملاح جي شاعريءَ جو جائزو ورتو ويو. جائزي دوران جيڪي اهم نڪتا سامهون آيا آهن، تن کي اختصاري صورت ۾ پيش ڪجي ٿو:
تجنيس مرڪّب مان مراد، اهڙا ٻه هم جنس لفظ ڀيٽ جي صورت ۾ ڪم آڻڻ، جن مان هڪ: مقرون (سالم صورت ۾)، ٻيو: مفروق (ٽٽل صورت ۾)، جيئن:
شرافت شر آفت، ته دولت به دو لَت،
ٿيندئي پَڪ پَٽيءَ تي پڙهي ڏسندي ڏسندي.
تجنيس مرڪب ۾ مقرون (گڏيل صورت ۾) ۽ مفروق (ٽٽل صورت ۾) جي حالت اڳ يا پوءِ ٿي سگهي ٿي.
تجنيس مرڪب ۾ مقرون ۽ مفروق جو دارومدار گهڻو ڪري اکرن/ لکت تي ٿيندو آهي.
تجنيس مرڪب نسبت، مفروق ۽ مقرون جي صورتن ۾ زيرن زبرن جو فرق ٿي سگهي ٿو.
تجنيس مرڪب جي دائري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي لفظ ڪم اچن ٿا.
تجنيس مرڪب ۽ تجنيس مرفو ۾ لفظن جي بيھڪ جو فرق رهي ٿو.
تجنيس مرڪب ۽ تجنيس حرفيءَ توڻي تجنيس تام ۾ ساڳئي حرف سان شروع ٿيندڙ لفظن نسبت مماثلت رهي ٿي، ليڪن سڀني جا دائرا مختلف ٿين ٿا.
تجنيس مرڪبُ، شعر جي ڪھڙي به حصي ۾ ٿي سگهي ٿو.
مولوي احمد ملاح شعر جي مختلف حصن ۾ تجنيس مرڪب ڪم آڻيندي، قافيي ۽ رديف ۾ پڻ تجنيس مرڪب ڪم آندي آهي، جنھن جي شڪل ذوقافيتَين واري ٿي وڃي ٿي. ان تجنيس هيٺ، مولوي صاحب جي ڪم آندل قافين جي استعمال جا ٽي نمونا نوٽ ڪيا ويا آهن:
1. ذوقافيتَين ۾ پھرين مقرون ۽ پوءِ مفروق، ان نموني ۾ قافيي ۽ رديف جي ميلاپ کي به شامل رکيو ويو آهي، جيئن:

2. ذوقافيتَين ۾ پھرين مفروق ۽ پوءِ مقرون رکيو ويو آهي، جيئن:

3. الڳ قافين ۾ تجنيس مرڪب، جيئن:
تون سَروَ سِڌائيءَ ۾، سدا سونھن ۾ سرور،
چِٽ آهه ٻڌو الف مثل، ان قَدَ مَن تي.
ڪنھن وار اڱڻ آءُ، ’احمد‘ ٺار اکين جا،
قربان ڪريان جان، ڪِري ڪَر قدمن تي.
4. تجنيس مرڪب مع تجنيس تام، جيئن:

بُت چنبن ۾ باز جي پيو، گهُور ڀانيان ڪَر بَلا.

مولوي صاحب، شعر جي مختلف هنڌن تي تجنيس مرڪب ڪم آندي آهي، ليڪن سندس قافين ۾ اهڙو استعمال قدري وڌيڪ ٿو ملي.
حوالا
1. بلوچ، نبي بخش ڊاڪٽر، ’جامع سنڌي لغات‘، جلد: 2- سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو سال: 1981، ص: 590
2. حوالو ساڳيو- ص: 591
3. مرزا، قليچ بيگ ’علم عروض‘مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سال: 2016- ص: 97- 98.
4. عباسي ظفر ’سنڌيءَ ۾ شاعريءَ جون صنفون ۽ صنعتون‘سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد 2007- ص: 413
5. ام ڪلثوم شاه، ڊاڪٽر’شاه لطيف جي شاعريءَ ۾ استعاره ۽ تشبيھه نگاريءَ جو تحقيقي جائزو‘: شاه عبداللطيف ڀٽائي چيئر- ڪراچي يونيورسٽي، سال: 2004- ص: 23
6. فيروزالدين- فيروز اللغات- عربي اردو. لاهور: فيروز سنز لميٽيڊ- سال: 1979
7. رستماڻي ضرار، پروفيسر- ’ڪليات احمد‘ (مولوي احمد ملاح) ڀاڱو پھريون ۽ ٻيونروشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو سال: 2017- (ڪليات احمد جا صفحا نمبر مواد ۾ ڏنا ويا آهن).