شوڪت حسين شوري جي افسانن جو موضوعاتي اڀياس
(Thematic Study of Stories of Shoukat Hussain Shoro)
ڊاڪٽر حاڪم ٻرڙو/ارشد علي
Abstract:
Shoukat Hussain Shoro is a prominent prose writer who has written short stories, dramas articles and columns. His short stories are remarkable for realism and progressivism. Another important aspect of his short stories is the mingling of urban and rural life. The themes of his short stories are derived from real, life-like situations. He highlights the shortcomings, deprivations, backwardness, inequality and difficulties of common man in a realistic manner. His short stories convey meaningful messages of humanism, Justice and brotherhood. He uses modern techniques in his stories to deliver his themes to the reader. In this research article, an effort has been made to analyze the themes of his short stories with suitable examples form the text.
جديد سنڌي ادب ۾ مختصر ڪھاڻي هڪ اهم صنف ليکي وڃي ٿي. آڳاٽيون لوڪ ڪھاڻيون ۽ قصا سنڌي ادب جي تاريخ جو حصو آهن. سنڌ ۾ افسانوي ادب انگريزن جي دور کان شروع ٿيو. انگريزن جي دور ۾ مختصر ڪھاڻي يا افساني جي شروعات ترجمن سان ٿي. انگريزي، هندي، بنگالي ۽ ٻين ٻولين ۾ لکيل ڪھاڻين جا سنڌيءَ ۾ ترجما ڪيا ويا. بعد ۾ اصلوڪيون ڪھاڻيون لکجڻ شروع ٿيون. وقت گذرڻ سان گڏ ڪھاڻيءَ جي فن، ٽيڪنڪ ۽ اسلوب ۾ نه رڳو نوان تجربا ڪيا ويا، پر موضوعن ۾ به وسعت آئي. سنڌي افسانه نويسن ۾ ڪيترا معروف نالا شامل آهن، جن مان شوڪت حسين شورو به صفِ اول جي ڪھاڻيڪارن ۾ شامل آهي.
شوڪت حسين شورو جديد سنڌي افسانوي ادب ۾ اهم مقام رکي ٿو. سندس جنم 4 جولاءِ 1947ع تي ٺٽي ضلعي جي تعلقي سجاول (هاڻي ضلعو) جي ڳوٺ حاجي نور محمد شوري ۾ ٿيو.
”شوڪت حسين شوري لکڻ جي شروعات شاگردي واري دور 1964ع ۾ ڪئي. سندس پھرين ڪھاڻي ’اکيون روئي پيون’ جي عنوان سان 1964ع ۾ ماهوار ’روح رهاڻ‘ رسالي ۾ شايع ٿي. سندس ڪھاڻين جا چار مجموعا (1) ’گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس‘ (1981ع)، (2) ’اکين ۾ ٽنگيل سپنا‘ (1983ع)، (3) ’گم ٿيل پاڇو‘ (1989ع) ۽ (4 ) ’رات جو رنگ‘ (2009ع) ڇپجي چڪا آهن. هي پھرين سنڌي ادبي بورڊ مان شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ’گل ڦل’ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، بعد ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تي بطور اسڪرپٽ پروڊيوسر پنھنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو، تنھن کانپوءِ 2009ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر رهيو.(1)
شوڪت حسين شوري جي افسانن جو اسلوب:
شوڪت حسين شورو صف اول جي ڪھاڻيڪارن ۾ ته شامل آهي، پر گڏوگڏ پاڻ هڪ ڪامياب منتظم ۽ اداره ساز شخص رهيو آهي. جديد سنڌي افساني ورهاڱي کان پوءِ گهڻي ترقي ڪئي آهي، موضوع، فن ۽ ٽيڪنيڪ جي ترقي هن ئي دور ۾ ٿي آهي. شوڪت صاحب به ورهاڱي کانپوءِ سٺ واري ڏهاڪي جي ٽھيءَ جي ڪھاڻيڪارن ۾ اهم مقام رکي ٿو. سندس ڪھاڻين جي ڪليات ’رات جو رنگ‘ ۾ 60ع کان 80ع جي ڏهاڪي تائين جي سنڌ جو منظرنامو سندس ڪھاڻين ۾ نظر اچي ٿو. انهن مان 16 ڪھاڻين جو انگريزي ترجمو، هندستان ۾ Color of Night جي نالي سان ڇپيو آهي، اهو ترجمو رام درياڻيءَ ڪيو آهي، جيڪو ’شيلا ليک پبلشرز‘ نئين دهليءَ طرفان 2018 ۾ چپيو آهي. سندس ڪھاڻين ۾ موضوع توڙي ٽيڪنيڪ ۾ هڪ قسم جي انوکي جدت آهي. عبدالجبار جوڻيجي موجب:
”شوڪت شوري جي ڪھاڻي رڳو موضوع ۽ اندروني سفر جي خيال کان جديد نه آهي، انهن عنصرن سان گڏ سندس ڪھاڻيءَ جي رٿا، گهاڙيٽو، ٻاهريون ڏيک، لفظن جو استعمال، ڪھاڻي پڙهندڙ جي ذهن تي آخري اثر ڪردارن جو رويو، اختصار، رفتار ۽ سڀني عنصرن جي ترتيب کيس جديديت وارن لاڙن ۾ صفِ اول ۾ بيھاري ٿي.“ (2)
شوڪت حسين شوري وٽ موضوعن جا انبار آهن، سندس هر ڪھاڻيءَ ۾ نئون موضوع پيش ڪيل آهي. سندس انهيءَ ئي خوبيءَ سنڌي ڪھاڻيءَ کي نئون موڙ ڏنو آهي. هُن ڪھاڻي ءَ کي جديد لاڙن ۽ رجحانن مطابق پيش ڪيو آهي. شوڪت شوري جي ڪھاڻين بابت نجم عباسي هن ريت لکي ٿو.
”سندس هر ڪھاڻي مڪمل ادبي تاڃي پيٽي ۾ جڙيل آهي. شوڪت شورو انهن ڪھاڻيڪارن مان هڪ آهي جن سنڌي ڪھاڻيءَ کي نئون موڙ ڏيڻ ۾ وکِ وڌائي آهي. موضوعن جي ورائٽي ڪارڻ سندس هر ڪھاڻيءَ کي پڙهڻ سان تجسس وڌيو وڃي.“ (3)
وجوديت، هن دور جي ذهني اضطراب، سائنس جي ايجادن، ٻن مھاڀاري لڙاين سبب تباھ ڪارين، گروهه پرستين ۽ فرد دشمن تحريڪن جي نتيجي ۾ هڪ فڪري تحريڪ سڏجڻ ۾ اچي ٿي. جيڪا سڀني تسليم ٿيل روايتن کان نه فقط بغاوت لاءِ اڀاري ٿي، پر مادي پرستي، ذهني ڏيوالپڻي، فڪر، فن توڙي ادب ۾ سچي جذبي جي عدم موجودگي، انتشار ۽ عدم تحفظ جو پڻ احساس ڏياري ٿي.
قاضي جاويد جي لکڻ موجب:
”سمورين مڃيل روايتن جي خلاف بغاوت، ماده پرستي، تخيل جي غربت، فڪر، ادب ۽ فن ۾ جذبي ۽ وحدت جو انتشار، بي سلامتي جو احساس، سماجي، سياسي، مذهبي اخلاقي ۽ جمالياتي قدرن جي ڀڃ ڊاهه جن سان ثقافت پذير ٿي سگهي ٿي، انهن گڏجي وجودي فلسفي کي خام مواد مھيا ڪيو“ (4)
شوڪت شوري جي ڪھاڻين جو مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو به انهيءَ نظريي جو قائل آهي، پاڻ هڪ حقيقت نگار وانگر معاشري جي براين تي به نظر وجهي ٿو ۽ زندگيءَ جي ڪنھن نه ڪنھن رخ کي آشڪار ڪري ٿو. ان ۾ هن جي طبقاتي نظام خلاف جدوجھد جي سوچ پڻ سمايل هوندي آهي. انهيءَ ڪري هن جي هر ڪھاڻي فرد سان ٿيندڙ ظلم جي داستان سان ڀريل آهي. انهيءَ نظريي جو سندس هڪ مثال پيش ڪجي ٿو:
”سمنڊ ڪيڏو وسيع آهي ۽ آءُ ان ۾ هڪ ڪک وانگر لڙهندو پيو وڃان، جي آءُ ٻڏي ويس ته ڪھڙو فرق پوندو. سمنڊ جون ڇوليون ائين ئي اينديون وينديون رهنديون، ڪڏهن نه کٽنديون، ويريون، لھرون ۽ موجون ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي، آخر هي لھرون ۽ ويريون ڪٿان ٿيون اچن ۽ ڪيڏانھن ٿيون وڃن؟ ڪٿي کٽن به ٿيون يا نه؟ هي پاڻي ساندهه پيو وهي. ڪا شيءِ ايڏي حيرت انگيز ڪانهي، جيڏو هيءُ سمنڊ، جنھن ۾ ڪئين ڳجهه طوفان ۽ تبديليون سمايل آهن ۽ ڪيڏي عجيب ڳالهه آهي، هر ڪا اٿندڙ لھر مون کي سوالي نشان جي شڪل ۾ نظر ٿي اچي. شايد حيرتن جو وهڪرو آهي، جنھن ۾ مان لڙهندو پيو وڃان...“ (5)
شوڪت جي ڪھاڻين ۾ پنھنجي وقت جون صداقتون، حقيقتون، تعصب، بي چينيون ۽ بي قراريون سمايل آهن، جن کان هڪ حساس انسان ئي متاثر ٿي سگھي ٿو.
نامياري اديب قمر شھباز لکيو ته:
”شوڪت جي ڪھاڻين ۾ اها بي وسي(inertia) خود ڪلامي (soliloquy) فيصلي جي گهٽتائي (indecisiveness) بي حسي (Apathy) سرد جذبات (Frigid sentiments) ساڃھه جي وهڪ (Stream of consciousness) پويان پُور (Flash back) ۽ ٻيا اهڙا انيڪ مثال ملندا، جيڪي ان دور جي رُٺل ۽ ماحول کان مايوس نوجوانن جو اهڃاڻ هئا.(6)
شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻين ۾ موضوع توڙي ٽيڪنيڪ ۾ هڪ قسم جي انوکي جدت آهي. ان ڪري هن جي اڪثر افسانن ۾ اڪيلائپ، ڌاريائپ، بي سلامتي مايوسي، بيوسيءَ جو اظھار، انتشار، اوسيئڙو، ذهني جستجو، جاکوڙ، جدوجھد وغيره جا موضوع خاص طور تي ملن ٿا.’هڪ ڊنل ماڻهو‘، ’ٽٽل ڀڳل ٽھڪ‘، ’درد جي لاٽ‘،‘اکين ۾ ٽنگيل سپنا’، ’سرنگ‘ ۽ ٻين افسانن ۾ هن انهن مسئلن کي پيش ڪيو آهي.
ادب به دنيا جي ٻين حالتن وانگر ڦرندڙ گهرندڙ يعني تبديلي قبول ڪندڙ آهي، هر دور جون پنھنجون تقاضائون هونديون آهن، جنھنڪري نوان لاڙا ۽ نوان رجحان پيدا ٿيندا آهن، جديد دور جي ڪھاڻين ۾ ته گهڻا تجربا ڪيا ويا آهن، ٻولي توڙي موضوع جي لحاظ کان ڪھاڻيءَ ۾ وڏيون تبديليون آنديون ويون آهن.
جديد سنڌي ڪھاڻيڪار مشتاق شورو، لکي ٿو ته:
”شوڪت نئين ڪھاڻيءَ جو واحد ليکڪ آهي، جيڪو اڪيلائپ جي مثالي احساس سان مقابلو ڪري ٿو. شوڪت اهو سڄاڻ ليکڪ آهي، جنھن مھذب تھذيب جي گهوٽالي کي محسوس ڪيو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته شخص پنھنجو ٺوس ڪارگر جيون وڃائي چڪو آهي ۽ حقيقي طور تي جيئري رهڻ جو دروازو هن لاءِ بند ٿي چڪو آهي“. (7)
سنڌي ڪھاڻيڪارن ۾ شوڪت شورو ئي شايد واحد ڪھاڻيڪار آهي جنھن جو لاڳاپو سماجي حقيقت نگاريءَ کان رومانوي ۽ ترقي پسنديءَ کان ون يونٽ وقت قومي جاڳرتا وارين ادبي تحريڪن سان رهيو آهي. ون يونٽ جي خاتمي کان پوءِ شوڪت ئي اهڙو ليکڪ هو، جنھن پنھنجي تخليقي نقصان کي محسوس ڪيو ۽ ڪجهه سالن جي ماٺ کان پوءِ ’هڪ سمنڊ هيڪلو روح‘، ’ڪاري رات‘ ، ’رت ڦڙا‘ ۽ ’رات جو رنگ‘ جھڙين مثالي ڪھاڻين جو سرجيندڙ بڻجي تجرباتي ڪھاڻين واري پيڙهيءَ ۾ سڀ کان اهم ۽ مٿانھين جڳھه والاري ٿو.
ڀارت ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪه ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي جي لکڻ موجب:
”زندگيءَ جي وهڪري ۾ هر موڙ تي ڪيترائي اهڙا واقعا گهٽنائون اسان جي اردگرد ڦرندا آهن جن روزمره جي واقعن کي اسين نظر انداز ڪندا آهيو. اهڙن سڀني واقعن گهٽنائن کي ڪھاڻيءَ ۾ اوتڻ جي قوت سڀني ۾ ڪانه ٿيندي آهي، پر شوڪت ڪوبه اهڙو واقعو، ڪوبه اهڙو سماجڪ مسئلو يا ڪوبه اهڙو موضوع ڪونه ڇڏيو آهي. جنھن موضوع جو نالو کڻبو اهو ڪنھن نه ڪنھن ڪھاڻيءَ ۾ شماريل ضرور ملندو. هن سماج جي هر هڪ مسئلي کي محسوسو ڪيو آهي ۽ هن جي ڪھاڻين ۾ پنھنجي آسپاس جي ماحول ۽ حالتن جو مشاهدو به موجود آهي“. (8)
سندس ڪھاڻي ’ڀڳل ٽٽل ٽھڪ‘ ۾ اڪيلائي بيروزگاري، محرومي، بيوسي تعليم يافته ماڻهوءَ لاءِ سفارش کانسواءِ نوڪري نه ملڻ جو مسئلو، بي چيني بي جوڙ شاديون، وغيره ۽ ٻيا ڪيترائي موضوع پيش ڪيا آهن. مثال جيئن هو پنھنجي افساني ’ٽٽل ڀڳل ٽھڪ‘ ۾ لکي ٿو ته:
’توکي خبر آهي ته سفارش کانسواءِ نوڪري نه ملندي آهي، مون وٽ ڪھڙي سفارش آهي، جو اميد رکان‘(9)
ٻئي هنڌ هو بيروزگاريءَ جي ڪري شادي نه ٿيڻ واري مسئلي کي هن ريت بيان ڪري ٿو ته:
”اها ڳالهه به محسوس ڪريان ٿو پر آءٌ چاچا جن کي ڏوھ نٿو ڏيان، هو بيروزگار ماڻهوءَ جو بار ڪيستائين کڻندا. بيروزگار پٽ مان ته ماءُ پيءُ به بيزار ٿي پوندا آهي“(10)
بيروزگاريءَ ۽ دنيا ۾ ترقي نه ڪرڻ جي ڪري ماڻهن ۾ ڊپ، نا اميدي، مايوسي، پيدا ٿئي ٿي جنھن جي ڪري انسان Complex ۾ مبتلا ٿئي ٿو، هو هر وقت انڌيرن ۾ ڌڪجندو ويندو رهي ٿو، هو هر وقت بيچينيءَ ۾ رهي ٿو، هو هر وقت مايوس ۽ خوف ۾ رهي ٿو. هڪ افساني ’اشارو‘ ۾ لکي ٿو:
”دنيا جيئن جي قابل نه آهي يا آئون دنيا جي قابل ڪو نه آهيان، ايتري ساري زندگي گذري ويئي پر مون کي ڪٿان به ڪو گرين سگنل نه مليو، اڳتي وڌڻ لاءِ گرين سگنل هميشه ٻين جي لاءِ هوندو آهي. ٻيا اڳتي وڌندا ويندا آهن ۽ جڏهن منھنجو وارو ايندو آهي ته ريڊ سگنل روشن ٿي ويندو آهي. وقت ڪيترو اڳتي وڌي ويو هو ۽ آءٌ پوئتي ڌڪجندو وڃان. موجوده وقت ۾ اڻ ٺھڪندڙ، صفا (Misfit) ڊنل ۽ مايوس آهيان.“ (11)
سندس افساني’گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس‘ ۾ انهيءَ مسئلي کي مفلسي، نا اميدي ۽ محرومي ڏک ۽ تڪليفون، آس ۽ اميد جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي. شوڪت حسين شوري ڪاروڪاريءَ جي رسم کي پنھنجي افساني ۾ ’شھر ۽ سپنا‘ ۾ هن ريت ننديو آهي:
”نجوءَ جو سِر ڌڙ کا ڌار ٿيو پيو هو. پڻس نجوءَ کي ڪاري ڪري ڪھاڙي کڻي ٿاڻي تي پيش پيو هو“.(12)
انهيءَ کان علاوه به سندس افسانن ۾ سنڌ جي معروضي حالتن، لساني جهيڙن، حيدرآباد ۾ ٿيل 30 سيپٽمبر 1988ع واري واقعي، سنڌي ماڻهن کي سندن پاڙن مان لڏائڻ، سنڌي نوجوان مردن، عورتن ۽ ٻارن کي قتل ڪرڻ وغيره جو ذڪر هن پنھنجي افسانن ۾ پيش ڪيو آهي. هن سنڌ جي علائقي ٿر جي ماڻهن جي گذر سفر، طور طريقن، رهڻي ڪھڻي جي عڪاسي پنھنجي افسانن ۾ هن ريت پيش ڪئي آهي:
”سنڌ جو هڪڙو علائقو آهي ٿر، اتي ماڻهن جو گذر سفر برسات تي آهي، برسات نه وسندي آهي ته ماڻهو اتان لڏا کڻي بئراج وارن علائقن ۾ ويندا آهن، ٻنين ۾ پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪندا آهن. جڏهن ٿر ۾ برسات پوندي آهي ته موٽي ماڳن تي ويندا آهن“.(13)
انهن سڀني ڳالهين سان گڏ، شوڪت صاحب جي افسانن جي خاص خوبي سندس عبارت ۽ اسلوب آهي. هن پنھنجن افسانن ۾ خوبصورت معني خيز ٻولي استعمال ڪئي آهي. هن هر موضوع کي نھايت ئي سھڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي. مطلب ته شوڪت جي افسانن جو جائزو وٺڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن بحيثيت جديد ڪھاڻيڪار جي افسانن جي موضوع، هيئت ۽ ٽيڪنيڪ وغيره کي جديد رنگ ۾ پيش ڪيو آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر حيدر سنڌي، شوڪت حسين شوري جي افسانن بابت لکي ٿو ته:
”افسانه نويسيءَ جي حوالي سان مشتاق شوري ۽ شوڪت شوري جا نالا مختصر عرصي ۾ نمايان آهن ۽ هي ٻيئي ڪھاڻيڪار جتي روايتي موضوعن تي طبع آزمائي ڪن ٿا، اتي افساني جي صنف ۾ پنھنجي وسيع مطالعي جي آڌار تي ڪيترائي تجربا به ڪندا رهن ٿا، انهن ڪوششن جي ڪري هو ڏاڍا مقبول و معروف ٿيا. ٻنهي قلمڪارن جي افسانن جا مجموعا به شايع ٿيا آهن. انهن ٻنهي ڪھاڻيڪارن ’مونو لاگ‘ ۽ تجريدي افساني کي به سنڌي عوام ۾ متعارف ڪرايو آهي.“(14)
پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو لکي ٿو ته:
”شوڪت جون ڪھاڻيون انهن جيئرن جاڳندن ڪردارن جون ڪھاڻيون آهن، جيڪي ڏوھ، ثواب، غم ۽ خوشيءَ جي هن دنيا ۾ پلجن ٿا. انهن جذبن جون ڪھاڻيون آهن، جيڪي هميشه جوان آهن. شوڪت جو مجموعو ’گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس‘ (1981) انهن ئي ڪھاڻين جو مجموعو آهي. (15)
سيد مظھر جميل، شوڪت حسين شوري جي افسانن بابت لکن ٿا ته:
”شوڪت حسين شورو جديديت جي تحريڪ جو هڪ ڪھاڻيڪار آهي. هو وجوديت جي مسئلي کي آسماني مسئلو نه ٿو بنائي، بلڪه ان رشتي کي زميني سببن سان قائم ڪري ٿو.“(16)
ڊاڪٽر نور افروز خواجه، شوڪت شوري جي ڪھاڻين بابت لکي ٿي:
”شوڪت حسين شوري جي افسانن جو جائزو وٺندي معلوم ٿئي ٿو ته هن بحيثيت جديد افسانه نگار جي افساني جي هيئت، ٽيڪنيڪ وغيره کي جديد رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هن جي افسانن ۾ جديديت ۽ رومانيت سان گڏو گڏ سماجي پس منظر، طبقاتي، معاشي عدم مساوات جي تصوير کي صاف ۽ حقيقي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي. هو حقيقت نگار آهي، هو پنھنجي سماج ۽ معاشري مان حقيقي ڪردار ۽ حقيقي مسئلا وٺي ڪري انهن کي حقيقت جي رنگ ۾ پيش ڪري ٿو.“ (17)
شوڪت حسين شورو نه صرف سٺو ۽ جدت پسند ڪھاڻيڪار آهي، بلڪه ڪھاڻيءَ جي مختلف پھلوئن ۽ ڪھاڻيڪارن جي فن ۽ فڪر تي ڪيترائي مضمون به لکي چڪو آهي. شوڪت شوري هر موضوع تي ڪھاڻيون لکيون آهن. هن وجودي فڪر کان ويندي سنڌ جي سماج، سنڌ جي سياست، سنڌ جا عام مسئلا ۽ سنڌ بابت ڏاڍاين وارن مسئلن ۽ رومانوي ۽ عشقيه موضوعن تي به ڪھاڻيون لکيون آهن. هو پنھنجي بابت لکي ٿو ته:
”جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو ته ترقي پسند ادب جي اثر هيٺ منھنجي ڪھاڻين جا ڪردار، مظلوم هاري ۽ ظالم وڏيرا هئا. 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي سياسي حالتن هيٺ سنڌ سان ناانصافين سبب سنڌي ’نيشنلزم‘ وڌي رهي هئي، جنھن ادب تي اثر وڌو هو. ان سبب مون به طبقاتي فرق وارن موضوعن کي ڇڏي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي لکڻ شروع ڪيو. 70ع وارو ڏهاڪو سڄي دنيا ۾ ماڊرن خيالن ۽ تحريڪن سبب وڏي اٿل پٿل وارو دور هو. ان ئي دور ۾ نئين ڪھاڻيءَ جنم ورتو. سنڌ ۾ جن ڪھاڻيڪارن ماڊرن ڪھاڻيءَ کي قبوليو ۽ لکڻ شروع ڪيو انهن ۾ ماڻڪ، مشتاق شورو ۽ آئون شامل هئاسين“. (18)
شوڪت شوري پنھنجي ڪھاڻين ۾ فرد جي حيثيت تي گھري نظر رکي آهي. هو بنيادي طور تي وجودي فڪر جو حامي آهي. شوڪت شوري جي ڪھاڻين ۾ هڪ انوکي قسم جي جدت آهي، اڪيلائپ، جيڪا موجوده دور جو اهم مسئلو آهي، ان ڪري شوڪت صاحب جي اڪثر افسانن ۾ اڪيلائپ، ڌاريائپ، بي سلامتي، مايوسيءَ جو اظھار، انتظار، اوسيئڙو ذهني جستجو جاکوڙ، جدوجھد جا موضوع خاص طور سان ملن ٿا.
شوڪت شوري جي ڪھاڻي ’هڪ ڊنل ماڻهو‘ يادگار ڪھاڻي آهي، هن سموري ڪھاڻيءَ ۾ اڪيلائپ ۽ بوريت جا احساس کڻندڙ هڪ ڪردار جي ڪھاڻي آهي، جيڪو شريف ۽ ڊنل ماڻهو آهي. هو شام جو عذاب گذارڻ لاءِ هڪ سانوري رنگ جي وڻندڙ مھانڊي واري ڪال گرل سان رابطو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڪجهه وقت هن سان گذارڻ چاهي ٿو. شريف ۽ ڊنل مرد ۽ ڪال گرل جو غير معمولي ورتاءُ هن ڪھاڻيءَ ۾ ڏنل آهي. هڪ هنڌ چوي ٿو.
”آءٌ سمجهان پيو جھڙوڪر اسين ٻئي روز رات جو ڪراچيءَ ۾ روڊن تي گهمڻ نڪرندا آهيون ۽ اڄ به ائين گهمون پيا. هو کلڻ لڳو“
جواب ۾ عورت وراڻي ٿي:
”ها مون کي به ائين پيو لڳي، ڄڻ اسين ورهين کان هڪ ٻئي کي سڃاڻيندا هجون ۽ گڏ رهندڙ هجون“. (19)
سندس ڪھاڻي ’رات جو رنگ‘ هڪ نوجوان جي ڪھاڻي آهي، جنھن جي چوڌاري اونداهي آهي، هن کي ڪٿي به روشنيءَ جو ڪو ترورو نظر نه ٿو اچي. هڪ هنڌ چوي ٿو ته. دنيا جيئڻ قابل ناهي يا آئون ان دنيا جي قابل ڪو نه آهيان. شوڪت جي ڪھاڻي ’گم ٿيل پاڇو‘ جا ڪردار رستي تي بيٺل آهن، ڪيڏانھن وڃن خبر نه آهي.!!
سندس ڪردار حساس آهن، ان ڪري خود ترسي (Self-Pity) ۾ مبتلا آهن. ڪھاڻي ’اشارو‘ ۾ عورت ڪردار چوي ٿي ته ’ها تون حساس ته آهين، پر رڳو پنھنجي لاءِ پنھنجي ذات جي حد تائين ٻئي ڪنھن کي تڪليف آهي ڪو مسئلو آهي، ان جو احساس توکي ڪٿي ٿيندو آهي. جيستائين ٻئي جي جذبات جو واسطو آهي ته تنھن جو حساس پڻو ڪيڏانھن گم ٿيو وڃي‘.
سندس ڪھاڻي ’خوف جو موت ‘ سنڌ جي لساني جهيڙن جي پسمنظر ۾ آهي. ڪامل ۽ سندس گهرواري زيب حيدرآباد ۾ لساني فسادن جي زماني ۾ پناھگيرن جي گهيري ۾ اچي وڃن ٿا. تڏهن رات جو گولين جا آواز گونجن ٿا، موت آڏو بيٺو آهي، زال کيس لڏي وڃڻ لاءِ ايلاز ڪري ٿي. پر آخر موت جي خوف کان آزاد ٿي هو زال کي چوي ٿو ته:
”نه پاڻ کي ڪيڏانھن به ناهي هلڻو، پاڻ هتي ئي رهنداسين. پنھنجي گهر ۾ جنھن گهر ۾ منھنجا سمورا وڏا ۽ بابو امان مري ويا ان گھر ۾! پاڻ مرڻ کان ڇو ٿا ڊڄون؟ اڄ کان ڊپ ذهن مان ڪڍي ڇڏ!!“ (20)
هن ڪھاڻيءَ جو انگريزي ۽ هندي ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي.
ڪھاڻي ’اڌورا ماڻهو‘ ۾ پروين هڪ تيز طرار، وائکي، بولڊ ۽ بي ڊپي عورت آهي، نياز ان جي ابتڙ ڪمزور، ڊڄڻو ۽ بي همت مرد آهي. شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻي ’اوپرو ماڻهو‘ به شاندار آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ موجوده دور جو وڏو الميو بيان ڪيو ويو آهي. ڪھاڻيءَ ۾ هڪ اولاد جي بيمار پيءُ ڏانھن سخت رويي جي ڀرپور عڪاسي ڪئي ويئي آھي، جيڪا ڪھاڻيڪار جي فن جي ڪماليت ئي آهي. پٽن جي رويي ۽ زال طرفان اولاد جي پاسداري ڪرڻ تي پيءُ چوڻ لڳي ٿو ته ها ابا!! پڇاڙيءَ ۾ پٽن کان اهو ئي پڄندو! وٺي وڃي ڪنھن اسپتال ۾ اڇلائي اچو، سڀني جي جند ڇٽي پوندي. جن ڪھاڻين ۾ شوڪت جو شاعراڻو انداز بخوبي پسڻ لاءِ ملي ٿو ته اتي سندس گهڻين ئي ڪھاڻين ۾ علامتي ادا سان فلاسافيءَ جا ڀرپور نڪتا ملندا.
(1) ڊهندڙ ديوارون: هيءَ ڪھاڻي علامتي انداز ڄڻ منظوم نثر ۾ لکيل آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ جيون جون سچائيون زندگيءَ جي حقيقت هڪ هڪ لفظ دل کي ڏڪائيندي ۽ روح کي جاڳائڻ لاءِ دستخط ڏئي ٿو. هن ڪھاڻيءَ ۾ سماج جو حقيقي پس منظر آهي.
شوڪت صاحب جي هيءَ ڪھاڻي تمام حيرت انگيز فن جي مھارت سان ۽ لاثاني ڍنگ سان پيش ٿيل آهي. سموري ڪھاڻيءَ ۾ اهو ظاهر نه ڪيو ويو آهي ته ڪھاڻي عشق پيار جي موضوع تي اڏاوت آهي نه ئي ڪنھن عورت جو يا ڪنھن مرد جو ذڪر اچي ٿو، سندس هيءَ ڪھاڻي شاھ لطيف جي سورمي ’ليلان‘ جيان آهي، جيڪا هار تي چنيسر کي هڪ رات لاءِ وڪڻي ڇڏي ٿي.
(2) سمنڊ ۽ هيڪلو روح:ليکڪ هن ڪھاڻيءَ جو آغاز ئي شاعراڻي انداز سان ڪندي، جيون جو سڳنڌ ڳجهي نموني سليندي، زندگيءَ جو ڀرپور فلسفو اوتيندي، علامتي انداز ۾ اها ڪھاڻي پيش ڪئي آهي. ليکڪ سمنڊ جي ڀيٽ هن فاني دنيا سان ڪئي آهي ۽ تختي جي ڀيٽ، زندگيءَ جي ڪوڙن سھارن سان ڪئي آهي.
(3) سرنگ: هن ڪھاڻيءَ ۾ به فلاسافي ۽ شاعراڻي تصورن جا عڪس ملن ٿا. انسان جون خواهشون ۽ تمنائون به ان ’سرنگ‘ مثل آهن، جيڪا ڪڏهن به کُٽڻي ناهي، انسان اهو سڀ سمجهي ٿو پر ته به پوري زندگي انهن خواهشن جي ڳولا ۾ پنھنجو سڄو جيون ختم ڪري ڇڏي ٿو.
(4) نيٺ بھار ايندو: ليکڪ هن ڪھاڻيءَ ۾ اميدن جا سڀ ترورا سجايا آهن. هن ڪھاڻيءَ ۾ به ٻاهرين پاسي هڪ باغ آهي، جتي هڪ ٿڪل ٽٽل ماڻهو اچي ٿو. هن ڪھاڻيءَ جي هڪ هڪ جملي ۾ علامتي انداز ملي ٿو، ائين ٿو لڳي ڄڻ هيءَ سنڌ جي سڀني دورن جي تاريخ هجي.
(5) گونگي ڌرتي ٻوڙو آڪاس: هن ڪھاڻيءَ ۾ احساسن کي علامتي انداز طور پيش ڪيو ويو آهي. جيستائين انسان جو روح سلامت آهي تيستائين انسان جا جذبا نه ٿا مري سگھن، ائين نه هجي ها ته جيڪر سھڻا شعر ۽ گيت، سھڻيون تصويرون ۽ مجسما وجود ۾ نه اچن ها.
(6) رات جو رنگ: هن ڪھاڻيءَ جو ڪردار ڌرتيءَ جي عذابن ۽ ڏکن جو مقابلو ڪندي ٿڪجي ٽٽي پوي ٿو. زندگيءَ جي تيز رفتاريءَ سان هي پڄي نه ٿو سگهي ۽ هن جا قدم نٿا کڄن، تنھنڪري سمنڊ جي گھرائين ۾ پاڻ کي گم ڪندي پنھنجو وجود مٽائڻ چاهي ٿو.
جيتوڻيڪ آپگهات بزدلي ۽ گناھ جي علامت آهي، پر ليکڪ پنھنجي تخليقي قوت سان ڪردار جي ذهن تان اهڙا تصور پاسيرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، پر آخر ۾ اهو به ثابت ڪري ٿو وٺي ته موت انسان جي هٿ ۾ نه آهي، ڪڏهن به ڪٿي به اچي سگهي ٿو.
(7) گم ٿيل پاڇو: هن ڪھاڻيءَ ۾ علامتي انداز سان جيون جي فلسفي جي جهلڪ پسڻ لاءِ ملي ٿي. حالانڪه ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار اڪيلو تنھا پاڇي جي ڳولا ڪندو رهي ٿو. جيئن جيئن پاڇي جي ڳولا ڪري ٿو. تيئن ان جي ڳولا وڌندي وڃي ٿي، هو ڪڏهن ننڍن پاڇن ته ڪڏهن وڏن پاڇن ۾ پنھنجي وجود کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي، ويران راھن ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو.
(8) خالي صفحو: هن ڪھاڻي ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته رشتن ناتن جا ڌاڳا به ڪڏهن ڪچا ثابت ٿيندا آهن، زندگيءَ ۾ ناڪامي انسان کي ڪمزور ڪري ٿي، پر ناڪاميءَ کانپوءِ انسان زندگي جي اصل فلسفي کي صحيح طريقي سان سمجهي سگھي ٿو.
(9) چتيءَ جيترو آسمان: هن ڪھاڻيءَ ۾ سماج جي حقيقتين کي نروار ڪيو ويو آهي. هن ڪھاڻيءَ جي هڪ ٽڪرو هن ريت آهي:
”هن سوچيو ته سندس عمر وري به 25 سال هئي. پر هو ته ان عمر ۾ ئي پوڙهو ٿيڻ لڳو هو. گهٽ ۾ گهٽ نوجواني ته هن ڏٺي به ڪا نه هئي، هن کي ياد آيو ته جڏهن کان کيس هوش آيو، هن پاڻ کي وڏو ڀانيو، گهر جو سڄو بار، سموريون ذميواريون هن جي مٿان اچي پيون.“ (21)
پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنھنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته:
”جديديت جي ڪھاڻيڪارن ۾ شوڪت حسين شورو به شامل آهي، هن جو مجموعو ’اکين ۾ ٽنگيل سپنا‘ ڪافي دير سان ڇپيو. پر سندس ڪھاڻيون اڳ ۾ مختلف رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون آهن، سندس ڪھاڻي ’سمنڊ ۽ هيڪلو روح‘ شاندار ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ سمنڊ هڪ ڪردار آهي ۽ سمنڊ کي دنيا سان تشبيھه ڏني ويئي آهي. جھاز ٽٽل معاشري جي علامت آهي. جنهن ۾ ماڻهو سخت اڪيلائپ، عدم تحفظ ۽ بي سھاري هجڻ جو شڪار آهي، پر پوءِ جدوجھد ڪندو رهي ٿو ۽ آخر تائين حالتن سان وڙهندو رهي ٿو. سندس ڪھاڻي گم ٿيل پاڇو ۾ وجود جي مسئلي کي کنيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڪھاڻي ’سرنگ‘ زندگيءَ جي انتھائي حد تائين پھچي ٿي. جتان ناڪامي ذريعي سڀ رستا بند ٿي چڪا آهن، هن ڪھاڻيءَ ۾ جدوجھد جو درس ڏنل آهي.“ (22)
شوڪت حسين شوري جي ڪھاڻين جي اڀياس سان معلوم ٿئي ٿو ته هن پنھنجن افسانن ۾ نت نوان موضوع آندا آهن، هن اهڙي دور ۾ لکيو جڏهن قومي حوالي سان سنڌ جو تشخص غائب ٿي ويو هو. هن بدلجندڙ روپ ۾ ڪھاڻيءَ کي ڪيترائي نوان، رنگ ۽ ڍنگ ڏنا.جنھنڪري ڪھاڻي کي ڪيترائي نوان موضوع مليا. هن پنھنجن افسانن ۾ قدرن جي ٽٽڻ ۽ انسان جي اندر جي اڪيلائپ کي پڻ بيان ڪيو آهي. جيڪو انسان ڊپ، هراس ۽ نااميديءَ جو شڪار ٿيل هو، هن انهن جذبن کي ڪھاڻي ۾ هڪ نئين اميد ڏني. هن پنھنجي ڪھاڻين ۾ معاشي ڇڪتاڻ، نفسيات، جنس ۽ وچولي طبقي جي بي چينيءَ کي به نروار ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي آهي.
نتيجو: مجموعي طور شوڪت حسين شوري جي افسانن ۾ سنڌي قوم جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي جاڳرتا وارو احساس بيان ڪيل آهي. شوڪت صاحب پنھنجن افسانن ۾ اجاين وهمن، وسوسن، پيرپرستيءَ، فرسوده ۽ مدي خارج روايتن کي سخت ننديو آهي. پنھنجي ثقافتي ورثي ۽ جديد دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کي آڏو رکي سنڌي سماج کي خوش گوار زندگي گذارڻ جو تصور ڏنو آهي. شوڪت شوري جي افسانن بابت چئي سگهجي ٿو ته هن جي افسانن جا موضوع سنڌ ۽ سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندي نظر اچن ٿا. هن خاص طور تي اهڙا موضوع کنيا آهن، جيڪي اسان جي معاشري کي زوال طرف وٺي وڃي رهيا آهن، جيڪي اسان جي سماج کي صدين کان غلط رسمن ۽ رواجن ۾ جڪڙيو ويٺا آهن. خاص طور تي غربت، بنا مرضيءَ جي شادي، بي جوڙ شاديون، خاندان کان ٻاهر ڇوڪريءَ جي شادي نه ڪرائڻ، وڏيرن جا روايتي ڪڌا ڪم، ڇوڪرين کي تعليم جھڙي اهم زيور کان محروم رکڻ ۽ ڪارو ڪاري واري غلط رسمون سندن ڪھاڻين جا اهم موضوع آهن.
حوالا
1. ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘، جلد ڏهون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد
2. جوڻيجو، عبدالجبار، پروفيسر ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، (جلد ٽيون) سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، 2006ع ص، 69
3. ملاح، مختيار احمد، ’سنڌي ڪھاڻيءَ جي مختصر تاريخ‘ثقافت ۽ سياحت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2015ع، ص، 40 کان 41
4. قاضي جاويد، ’ وجوديت‘ فڪشن هائوس لاهور، 2005، ص، 11
5. نور افروز خواجه، ڊاڪٽر، (مضمون) ’شوڪت شورو هڪ اديب‘ ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد سنڌ، سيٽمبر کان آڪٽوبر، 2000ع، ص، 03
6. قمر شھباز، (مھاڳ)رات جو رنگ ، سنڌي ادبي بورڊ، 2009ع ص11
7. نور افروز خواجه، ڊاڪٽر، (مضمون) ’شوڪت شورو هڪ اديب‘ ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد سنڌ، سيٽمبر کان آڪٽوبر، 2000ع، ص، 07
8. ڪندناڻي، سنڌيا چندر، ڊاڪٽر ’شوڪت حسين شورو جي ڪھاڻين ۾ فلاسافي ۽ شاعراڻي لکاوت‘ (مضمون) سنڌ هند جون عظيم ادبي شخصيتون، روي روشن پبليڪيشن، ٿاڻا ايسٽ، 2007ع.
9. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،334
10. شورو، شوڪت حسين’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،335
11. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،135
12. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،134
13. نور افروز خواجه، ڊاڪٽر، (مضمون) ’شوڪت شورو هڪ اديب‘ ماهوار نئين زندگي، حيدرآباد سنڌ، سيٽمبر کان آڪٽوبر، 2000ع، ص، 08
14. حيدر سنڌي، پروفيسر، ڊاڪٽر، سنڌي زبان و ادب جي تاريخ، ، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد 1999ع، ص، 220، 221
15. جوڻيجو عبدالجبار، پروفيسر ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، جلد ٽيون، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، 2006 حيدرآباد، ص، 103
16. سيد، مظھر جميل ، ’مختصر تاريخ زبان و ادب‘، (سنڌي)، مقتدره قومي زبان، اسلام آباد، 2009ع، ص، 400تا 401
17. نور افروز خواجه، ڊاڪٽر، ’پائي پٽ ڪڻا‘،گنج بخش ڪتاب گهر حيدرآباد،، 2005ع، ص، 560
18. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، بئڪ ٽائيٽل
19. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،51
20. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،128
21. شورو، شوڪت حسين، ’رات جو رنگ‘،سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2009، ص،98
22. ميمڻ، غفور، پروفيسر، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جو فڪري پسمنظر‘،شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي، سنڌ، 2002ع، ص، 605