سنڌي ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ جو علم : هڪ اڀياس
(A Study on Geography Subject in Sindhi Language)

مختيار احمد ملاح
Abstract:

Geography as a field of learning has continue to hold special importance since ancient times because the relation between human beings and the earth is eternal, and the knowledge of earth is said to be ‘Geography’. As ancient books on history of Sind are written in Arabic and Persian, so the Geography of Sind is also written in those languages. Additionally, the books written in English on the Geography of Sind are in English language. When different writers began to write books on Geography in Sindhi in nineteenth century, the term “Dharti Nirwar (The Manifestation of Earth)” also came to be used for Geography in Sindhi. The article will try to expose that Geography subject was not promoted in Sind after independence because Geography is not taught now at schools like past times. Previously, the syllabus of class/grade One to Three contained books on Geography subject, which particularly contained the brief information of different talukas of Sind, but such books have disappeared altogether now. A very small number of students opts Geography at college level. Likewise, a few students opt to seek admission to Geography at university level. Over many past years, no book on Geography has been published in Sindhi. This article presents review of the printed material on Geography in Sindhi.

قديم دور کان جاگرافيءَ جي علم کي خاص اهميت حاصل رهي آهي، ڇو ته انسان ۽ ڌرتيءَ جي وچ ۾ گھرو تعلق رهيو آهي. ڌرتيءَ بابت ڄاڻ جي علم کي ’جاگرافي‘ چيو وڃي ٿو. جاگرافي، ٻن يوناني لفظن ’جيو (Geo) معنيٰ ’ڌرتي‘ ۽ ’گراف (Graph) معنيٰ ’ماپ‘ مان نڪتل آهي. هنديءَ ۾ جاگرافي کي’ڀون- وگيان‘به چون ٿا. سنڌ جون اوائلي تاريخون جيئن ته عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيل آهن، ان ڪري انهن ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافي به عربي ۽ فارسي زبانن ۾ درج ڪيل آهي. جيڪي انگريزي زبان ۾ ڪتاب لکيا ويا، انهن ۾ جاگرافي به انگريزيءَ ۾ لکيل آهي. اڻويھين صديءَ ۾ جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکڻ جي شروعات ٿي ته ليکڪن جاگرافيءَ لاءِ ”ڌرتي نروار“ جو لفظ به ڪتب آندو. اڪثر جاگرافيدانن، پنھنجي علمي ميدان کي نه رڳو طبعي حالتن وارين تصويرن تائين محدود رکيو آهي، پر ان کي ڏسي مشاهدن ۽ لاڳاپن، انگن اکرن جي روشنيءَ ۾ مختلف عنصرن تي به نظر رکي آهي. خشڪي ۽ سامونڊي ورهاست، طبعي ۽ زميني ڪيفيت، پاڻي ۽ هوا، نباتات، حيوانات، معدنيات، زراعت، صنعت ۽ حرفت، آمد و رفت ۽ ملڪي ڀاڱن ۾ فطري تبديلين جي سببن ۽ نتيجن تي پڻ نظر رکڻ سندن تحقيق ۾ شامل آهي.
جاگرافي، درحقيقت مشاهدي جو هڪ اهڙو طريقو آهي، جنھن سان ٽن قسمن جو مواد حاصل ٿئي ٿو: پھريون سائنس جي مزاج ۽ قاعدن جي ڄاڻ ملي ٿي، ٻيو، هن وسيلي منظم سائنسي مضمونن جي پيش ڪيل تصويرن واري صحت جي جاچ ڪئي ويندي آهي ۽ ٽيون مخصوص جاين جي جدا جدا حالتن جو حقيقي تجزيو؛ ان ذريعي سامهون اچي ٿو. جاگرافيءَ جو تعلق موسم، زمين ۽ ستارن وغيره سان به آهي، ان ڪري جاگرافيءَ کي سنڌي ۾ ’آڪاشي نروار‘ به چيو ويندو هو. جاگرافيءَ جو ساهوارن، پيداوار، سياحت ۽ سماج کانسواءِ نفسيات ۽ فلسفي سان به تعلق آهي. جاگرافيءَ جو علم نقشن جي ڄاڻ کانسواءِ پڙهي نٿو سگهجي.
بنيادي طور جاگرافيءَ جون ٻه اهم شاخون’طبعي جاگرافي‘ (Physical Geography) ۽ ’انساني جاگرافي‘ (Human Geography) آهن. اڳتي هلي انساني جاگرافيءَ جون ڪيتريون ئي شاخون نڪرن ٿيون. جيئن سنڌ جي قديم تاريخ آهي، تيئن دنيا جي مختلف ٻولين ۾ آيل سنڌ جي جاگرافيءَ جي به قديم تاريخ پڻ آهي. سنڌ ۾ کيرٿر جي جابلو قطارن ۾ ڪيتريون ئي غارون واقع آهن، جن ۾ تصويري لکتون موجود آهن، ۽ جن تي اڃا تائين ڪا منظم تحقيق ڪانه ٿي آهي، پر انهن تصويري لکتن ۾ ڪي طرف ٻڌائڻ خاطر ’تير‘ يا اشارا ڏنا ويا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته جاگرافيائي اهميت کي سمجهندي طرفن جي نشاندهي ڪئي ويندي هئي.
سنڌ جي جاگرافي ۽ تاريخي حدون: سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت يونانين کان وٺي عرب جاگرافيدانن جا انيڪ حوالا موجود آهن. سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت رچرڊ برٽن لکيو:
”سنڌ پرڳڻو، اپکنڊ (سنڌ تاسر: Indian Plate) جي ڏکڻ ڪنڊ وارو اهو زميني حصو آهي، جيڪو اتر ويڪرائي ڦاڪ جي 23 ۽ 28 درجن ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي 66 ۽ 71 درجن جي وچ ۾ موجود آهي. ان جي اتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه 360 ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ ويڪر 170 ميل آهي. ان جي وچ مان وهندڙ ’سنڌوندي‘ (River Indus) اُن کي ٻن ڦاڪن ۾ ورهائي ٿي. ان نديءَ پنھنجي لٽ سان سنڌ جو ميداني علائقو لکين، ۽ ڪروڙين سالن دوران جوڙيو آهي“.(1)
رچرڊ برٽن، سنڌ جي جاگرافيائي حدن بابت وڌيڪ لکي ٿو ته:
”اهو علائقو، جنھن کي يوناني ’سنڌومان‘، پراچين هندو ’سنڌ ديس‘، عرب جاگرافي نويس ’سند‘ ۽ هاڻوڪا رهواسي ’سنڌ‘ جي نالي سان سڏيندا آهن، ان جون حدون هي آهن: اتر طرف بھاولپور جو علائقو، ڏکڻ طرف عربي ۽ هندي وڏو سمنڊ، اوڀر طرف وارياسا ’رڻ پٽ‘ ۽ الھندي ۾ کيرٿر ۽ ان سان لاڳاپيل جبلن جون قطارون، جن کي يورپ وارن جي غلطيءَ سبب ’هالار جبلن‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو“.(2)
سنڌ جو سمورو الھندو ڀاڱو جابلو سلسلن ۽ ان جي مختلف ورنن ۽ مختلف جوڙ جڪ واري ٽاڪرو نمونن سان سرشار آهي، انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا مان ملندڙ معلومات موجب:
”الھندي وارن جبلن جي هن سلسلي کي سنڌ واسي ’کيرٿر جابلو سلسلو‘ (Khirther Mountain Range) چون ٿا. هي جابلو سلسلو ’زمين جي جيالاجيڪل (ڀون ڄاڻڪاري) ماپي‘ (Geological Scale of Earth) موجب ’پربت جيڏن جانورن واري زماني‘ (Jurassic Era) يعني اٽڪل روءِ 13 ڪروڙ 60 لک ورهيه (136 million years) اڳ پوري ٿيڻ کانپوءِ ’چن ۽ چاڪ واري زماني‘ (Cretaceous Epoch) ۾ جڙي راس ٿيو. هي دؤر 13 ڪروڙن سالن کان هڪ ڪروڙ سالن تائين جاري رهيو. ان دؤر جي وچ ڌاري گلن ۽ ڦرهن وارا ٻوٽا اُسريا، انهيءَ زماني تائين اپکنڊ (سنڌ تاسر)، 5 ڪروڙ ورهيه اڳ گونڊوانا لينڊ (Gondwana Land) مان مڊگاسڪر وٽان ڇڄي، ٽيٿئيس سمنڊ (Tethys Sea) ۾ هڪ وڏي ٻيٽ (Great Island) وانگر تري رهيو هو. ان زماني ۾ اپکنڊ اتر طرف هوريان هوريان سُرڻ شروع ڪيو ۽ 4 ڪروڙ 50 ورهيه اڳ اپکنڊ ۽ يورئشئن تاسرن جو ٽڪراءُ (Collision of Indian Eurosion Plates) ٿيو، جنھنڪري ’ويڙهيدار جوان جابلو سلسلو‘ (Young Folded Mountain Range) هماليا ۽ 5 لک سال اڳ زمين جي اندرين تبديلين جي ڪري ڪئلاش پربت اوچتو اڀريو، جڏهن ته کيرٿر سلسلي جون پراڻيون ٽڪريون ’پربت جيڏن ۽ ريڙهيون پائيندڙ جانورن واري زماني‘ (Jurassic & Triassic Era) جون آهن، جيڪي هن اپکنڊ- يوريشئن تاسرين جي ٽڪراءَ واري زماني ۾ 5000 فوٽ کان وڌيڪ اتاهيون ٿي نروار ٿيون“.(3)
سنڌ جو الھندو جابلو سلسلو مختلف مٿاهين چوٽين سان نروار آهي، جيڪي سنڌ ۾ تمام مشھور آهن.
کيرٿر، ڪُتي جي قبر، ڪڪريو، ڪارو ۽ پيٽارو: کيرٿر جي سڀ کان اڀي چوٽي ڪُتي جي قبر آهي، هن ماڳ جي اوچائي 7200 فوٽ آهي. هيءَ چوٽي ري جبلن ۽ ڪوئيٽا وارن جبلن کان به اُڀي آهي. هن چوٽيءَ جي اتر طرف ’ڏاڙهياري‘ جبل جو مٿانھون پَٽ آهي، جيڪو سراسري طور سمنڊ کان 6000 فوٽ مٿانھون آهي. ’کيرٿر جابلو سلسلو‘ ٽن جدا جدا نالن سان: ’ڪڪريو، ڪارو ۽ پيٽارو‘ جبلن ۾ ورهايل آهي ۽ اهي هڪٻئي جي سامهون اولھه سنڌ مان لنگهن ٿا. پھرين جابلو قطار ’ڪڪريو‘، کيرٿر جي اوڀر ۾ آهي، جنھن جا پاسا اُڀا، اڙانگا ۽ اولھه طرف لڙيل آهن. ٻي جابلو قطار ’ڪارو‘ وچ وارو مٿانھون پٽ آهي، جنھن جون چوٽيون، سنون ۽ سڌن جابلو ليٽن وانگر آهن، جن جا پاسا گول آهن، ٽين جابلو قطار ’پيٽارو‘، چن جي جبلن جي ڇپن تي آڌاريل آهي. (4)
سنڌ جي جاگرافيءَ جو اڀياس، در اصل سنڌ جي زميني ورنن جو اڀياس آهي. سنڌ جا برپٽ، وارياسا پٽ سنڌ جي اعليٰ سونھن جو بيان آهن.
اڀرندي وارا وارياسا پَٽ: اڀرندي وارا وارياسا پٽ، جيڪي راجسٿان سان وڃي ملن ٿا، سي ڪنھن زماني ۾ ڏاڍا آباد، وسيل ۽ ساوڪ سان ڀرپور علائقا هئا، جتي هاڪڙو، چتانگ ۽ سرسوتي نديون وهنديون هيون. ان وقت ۾ سنڌ کي ٻه وڏا درياهه آباد ڪندا هئا، هڪ اڀرندو درياهه، جيڪو پڪ ئي پڪ هاڪڙو هو ۽ ٻيو الھندو درياهه ’سنڌو‘ آهي، جيڪو ڪڏهن هاڪڙي جي ويجهو ۽ ڪڏهن پرانھون ٿي 20 ۽ 70 ميلن جي وڇوٽي ڏئي الھندي طرف کان وهندو رهيو آهي. هنن درياهن جي ڀرتي ڪندڙ ندين ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون: ستلج، بياس، راوي، چناب، جھلم هيون، جڏهن ته اڀرندي ڏانھن چتانگ ۽ سرسوتيءَ جا وهڪرا به جاري ۽ ساري هئا. هاڪڙو، ’زميني جڙيل تاسرين جي چرپر‘ (Movement of Tectonics Plates) جي ڪري آيل زلزلن سبب رخ بدلائي يمنا (جمنا) جو ڀراءُ وڃي ٿيو ۽ سنڌ جي ادبي اتھاس ۾ ان جي ياد رڳو هڪ سورٺي ۾ وڃي رهي آهي:
هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀَڄندي ٻَنڌ اروڙ،
بھه، مڇي ۽ لوڙهه، سمي ويندا سوکڙي! (5)
”اڀرندي جي هن ريگستاني وارياسي پَٽ کي سنڌ واسي ’ٿر‘ سڏين ٿا. هن خطي ۾ وڏا وارياسا پٽ ۽ ڀٽون آهن، ان جي سراسري ويڪر 50 ميل ٿيندي. هي باراني علائقا آهن ۽ اتان جي زندگي مينھوڳيءَ تي آڌاريل آهي. ٿر جا ڪي حصا ’نارو ڪئنال‘ (Nara Canal) آباد ڪري ٿو. هن وارياسي علائقي جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽ ’ڪارونجهر جبل‘ آهي، جيڪو 12 ميل ڊگهو آهي ۽ ان جي اوچائي 1000 فوٽ ٿيندي. هي جبل ’زمين جي اندرين آتش فشاني لقائن‘ (Volcanic Activities) جي ڪري 5 ارب 70 ڪروڙ ورهيه اڳ وجود ۾ آيو. اصل ۾ ڪارونجهر جبل ڏکڻ هندستان جي اراولي جابلو سلسلي (Aravali Mountain Range) جي هڪ ڪڙي آهي، جنھن کي ڪڇ ۾ ’ڪارا ڏونگر‘ (Black Mountains) چيو ويندو آهي. هي سلسلو سمنڊ جي اندر تائين هليو وڃي ٿو. گجرات ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ آيل ماضيءَ جا زلزلا ۽ سونامين وارا لقاءَ، هنن جبلن جي اندر هلندڙ آتش فشاني عمل جي ڪري ٿيا هئا“.(6)
سنڌ جو ميداني علائقو، جيڪو سنڌو نديءَ زرخيز لٽ آڻي، هزارين ۽ لکين ورهين ۾ جوڙي راس ڪيو، اهو ئي زرخيز ميداني علائقو، سنڌو تھذيب جي اوسر جو بنيادي ماڳ رهيو آهي، هتي ئي اوائلي زرعي سماج ۽ مالوند لوڪن گڏجي، واڌو زرعي ۽ چوپائي مال جي واڌ سبب وسنديون، واهڻ ۽ شھر جوڙيا.
سنڌ جو ميداني علائقو: ”سنڌ جو ميداني علائقو (Alluvial Plain)، جيڪو سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪپن سان لاڳيتو 10 کان 25 ميلن تائين ويڪرو آهي، سو ڪشمور کان وٺي ’عربي/ سنڌي سمنڊ‘ تائين هليو وڃي ٿو. هي انتھائي زرخيز علائقو سال ۾ ربيع ۽ خريف جي ٻن فصلن جي اپت ڏئي ٿو. ڪٿي ڪٿي ته سال ۾ ٽي فصل به پوکيا وڃن ٿا، جن ۾ ناڻي وارا فصل (Cash Crops) به شامل آهن.“ (7)
سنڌ جو ڪيٽيائي ماڳ، جتي سنڌو ندي ڇاڙون ڇاڙن ٿي وهندي آهي، سنڌ جي سامونڊي چاڙهه کي روڪڻ وارو تمر جي ٻيلن سان ڀرپور علائقو آهي، جتي مڇين جون انيڪ جنسون واڌ ويجهه ڪن ٿيون.
سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو: ”سنڌ جو ڊيلٽائي علائقو، سنڌونديءَ جي سترهن (17) ڇاڙهن تي ٻَڌل آهي. سنڌو ڊيلٽا 350 ڪلوميٽرن تي ’مور کنڀ‘ جھڙي صورت ۾ پکڙيل آهي. هن علائقي جي ’سنڌو ڊيلٽائي- منھن‘ (Mouth of Indus Delta) ۾ اٽڪل 300 ننڍا وڏا ٻيٽ آهن، جن اندر ماضيءَ ۾ ملاحن ۽ ميربحرن جا سوين ڳوٺ آباد هئا، اڄڪلهه سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ گهٽ هئڻ ۽ مٺي پاڻيءَ جي کارين تائين گهٽ پھچ هئڻ ڪري مڇي ۽ جهينگن جو نسل ختم ٿيندو پيو وڃي ۽ ڇھن لکن هيڪٽرن تي ٻَڌل تمر جا ٻيلا، جيڪي انيڪ قسمن جي مڇي ۽ ٻي آبي جيوَت جي ’قدرتي ٻيجاري‘ (Natural Hatcheries) جا مرڪز هئا، سي هاڻي ختم ٿيڻ جي ويجهو اچي پھتا آهن. ڊيلٽائي علائقا ۽ اتي موجود تمر جا ٻيلا هر قسم جي آبي جيوَت سان گڏ انساني پيٽ قوت ۽ جيئدان جو ڪارڻ آهن. تمر جي ٻيلن جي کوٽ جي ڪري ’سنڌ جو ماحولياتي نظام‘ ۽ ’ماحولياتي وايومنڊل‘ (Eco system) بدلجي رهيو آهي.“ (8)
قديم تاريخ ۾ سنڌ کي هڪ تمام وشال ساموندي ڪنارو هو، جيڪو گذريءَ کان کنڀات نار تائين لاڳيتو هليو ٿي ويو. هن وقت به سنڌ جو ساموندي علائقو ۽ بندرگاهه وڏي جاگرافيائي اهميت رکن ٿا.
سنڌ جو سامونڊي علائقو: سنڌ کي تمام ڊگهو سامونڊي ڪنارو آهي، جنھن تي ڪراچيءَ جھڙو عالمي هاڪ رکندڙ شھر ۽ بندر موجود آهي. سنڌ جي سامونڊي ڪناري سان ماضيءَ ۾ انيڪ قديم بندر: ديبل، ڀنڀور، لاهري، ڪيٽي ۽ علي بندر وغيره موجود رهيا آهن. اڄڪلهه رڳو ڪراچي بندر ئي هڪ وشال بندر جي حيثيت ۾ سنڌ جي ناڻي جي اُپت (Revenue) جو مکيه وسيلو آهي. ان بندر ذريعي سموريءَ دنيا جا واپاري جهاز اچ وڃ ڪن ٿا. پاڪستان جي بحري فوج جو مرڪز به ان شھر ۾ آهي. (9)
سنڌ جا خشڪ علائقا (Arid Zones of Sindh): پاڪستان جي جملي خشڪ زمين جو 17 سيڪڙو سنڌ صوبي ۾ آهي، جنھن کي ’نيم گرم استوائي بيابان‘ (Subtropical) جو درجو ڏئي سگهجي ٿو. سنڌ جي خشڪ زمين 68000 ھم چورس ڪلوميٽرن کان سرس ايراضيءَ تي پکڙيل آھي، جنھن کي هڪ جيترن ٽن حصن: ٿر، ناري ۽ ڪوهستان ۾ ورهائي سگهجي ٿو. سنڌ جي جملي جاگرافيائي علائقي 14.09 ملين هيڪٽرن مان 9.28 ملين هيڪٽر چراگاهه آهن ۽ اهي گهڻي ڀاڱي ملڪي ملڪيت آهن، جن کي 1958ع ۾ ’تحفظ ڏنل ٻيلا‘ قرار ڏنو ويو.
(1) ٿر: ٿر جو علائقو 23000 هم چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ ان جي آدمشماري ارڙهن لکن جي لڳ ڀڳ آهي. سنڌ جي هن علائقي جو وڏو حصو ٿرپارڪر ضلعي ۾ آهي، باقي عمرڪوٽ ضلعي سان واسطو رکي ٿو. ٿرپارڪر ضلعو ڏکڻ طرف ڪڇ جي رڻ سان ملي ٿو ۽ هندستاني وڏي ريگستان جو هڪ حصو بنجي ٿو. جاگرافيائي بيھڪ جي لحاظ کان هي علائقو 240 کان 280 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 670 کان 710 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ جي وچ تي آهي. ٿر جي آبھوا اتر ۾ خشڪ ۽ ڏکڻ ۾ بنھه خشڪ آهي. اتر ۽ ڏکڻ ۾ وسڪارو مختلف وقتن تي ٿئي ٿو. هن علائقي ۾ هر ٽن چئن سالن کانپوءِ وڃي ڪو مينھن وسي ٿو ۽ هر اٺن ڏهن سالن کانپوءِ مڪمل خشڪساليءَ جو منھن ڏسڻو پوي ٿو. گهٽ وسڪاري جي مند ۾ اها شرح اڃا به گهٽجي وڃي ٿي. (10)
(2) نارو: ناري جو علائقو 22000 هم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي، جنھن جو مٿانھون حصو سکر، خيرپور، نوابشاهه ۽ سانگھڙ ضلعن سان ملندڙ آهي. ٿر ۽ نارو سنڌوءَ جي کاٻي طرف آهن ۽ اهي سنڌ صوبي جي اڀرندي حد بڻجن ٿا. (11)
(3) ڪوهستان: ڪوهستاني علائقو 23000 هم چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آهي ۽ سنڌ جي جملي زمين جو 4 سيڪڙو خشڪ آهي، جنھن ۾ دادو، لاڙڪاڻي ۽ ٺٽي جا حصا اچي وڃن ٿا. ماحولياتي حساب سان هي ’نيم گرم جابلو خطو‘ سڏجي ٿو ۽ گرم سامونڊي چراگاهه جو درجو رکي ٿو. ڪوهستان الھندي سرحد کان سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ تي ۽ ڏکڻ ۾ انڊس ڊيلٽا سان پکڙيل آهي“.(12)
سنڌو ندي: هندن جي ڌرمي ڪتاب ”رگويد“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو هندن جو سڀ کان آڳاٽو ڪتاب آهي. ان بابت راءِ بيٺي آهي ته اهو 1500 کان 2000 سال قبل مسيح جي عرصي جو لکيل آهي. ويدن ۾ گنگا جو ذڪر فقط ٻه دفعا ملي ٿو، پر ان ۾ سنڌو درياهه جي شان کي 30 ڀيرا ڳايو ويو آهي. انهن شلوڪن ۾ سنڌو جي تھذيب، درياهي وهڪرن، ماڻهن ۽ ٻين جاگرافيائي حالتن جي ساراهه به اچي وڃي ٿي:
اجهل، اڻموٽ سنڌو،
ٻَل واري سگهاري سنڌو،
ڏيھن ۽ ميدانن مان،
اپار پاڻيءَ جا، ڦھلاءَ کڻي،
جرڪندي، ڪڙڪاٽ ڪندي، وهندي رهي ٿي،
جھڙي ابلق گهوڙي.
سونھاري ۽ سوڀيا وان سنڌ،
ڀلن گهوڙن ۾ شاهوڪار آهي،
۽ آهي شاهوڪار رٿن ۽ ويسن وڳن ۾،
سھڻي گهڙيل سون ۾ شاهوڪار،
اڻ مَئي مايا جي مالڪ.
هتان جا گاهه نيڻ ٺار ۽ لذت وارا
اُنَ اهڙِي جو ويٺو ڏس
شربت جو ميٺاج نه پُڇ“.(13)
سنڌ ۾ جاگرافي جي علم جا مختلف دور:
سنڌو سؤوير: مھاڀارت جي زماني ۾ سنڌ ۽ سؤوير هڪ مُلڪ ليکيا ويندا هئا. ملتان جو حصو سؤويرڄاتو ويندو هو. راجا جئدرٿ سنڌي هو. سنڌ جي جن آڳاٽن شھرن جو ذڪر رامائڻ ۽ مھاڀارت ۾ آهي، اُهي آهن:
الور-اروڙ وئشي آرين جو تختگاهه.
پٽالا-سورآرين جوڙيو.
سيووستان- سيوي آرين تعمير ڪرايو هو.
مينانگر- سنڌ جي ڊيلٽا تي، سنڌ جو مشھور شھر.
هنگلاج- لس ٻيلي ۾ مھاڪاليءَ ديويءَ جي مندر جو تيرٿ“.(14)
سنڌ جا قديم يوناني جاگرافيدان: سنڌ جي قديم جاگرافيءَ جا حوالا يوناني ۽ رومي جاگرافيدانن ۽ سياحن جي ڪتابن مان پڻ ملن ٿا، جن ۾ هڪيئٽس، اسڪائلئڪس، هيروڊٽنس، ميگئز ٿيسينز، ارٽسٽو بولس، ڪلائٽار جس، ايرنٽو سٿينيس يودوڪسز، اسٽرابو، پلو ٽارچ ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آهن. سنڌ جي تاريخ جا مستند حوالا راءِ گهراڻي جي دؤر حڪومت کان ملن ٿا. پروفيسر محرم علي خان موجب:
”سنڌ جو پھريون دارالحڪومت، جيڪو تاريخي طور تي اسان کي معلوم آهي، سو الور جو تخت- شھر آهي. انهيءَ شھر ۾ ئي سنڌ جي پھرين حڪمران خاندان راءِ گهراڻي جي حڪومت سن 495ع يعني پنجين صديءَ کان شروع ٿئي ٿي“.(15)
هن دؤر ۾ سنڌ جي عوام جي هڪ وڏي اڪثريت سنڌونديءَ جي ڪنارن تي رهندي هئي، مڇي مارڻ، جانور پالڻ، شڪار ڪرڻ ۽ زراعت سندن مکيه ڌنڌا هئا، زراعت کي خاص اهميت حاصل هوندي هئي. اهڙي طرح ٻاهرين دنيا سان به سندن واپاري تعلقات هئا. هن دؤر ۾ ملڪ اندر سڪا به رائج هوندا هئا.
سنڌ جا عرب جاگرافيدان: يونانين کان پوءِ سنڌ جي جاگرافيءَ جي گهڻي ۾ گهڻي معلومات عرب سياحن ۽ جاگرافي دانن جي ڪتابن مان ملي ٿي. 712ع ۾ عربن سنڌ تي حڪومت قائم ڪئي ۽ عربن جو سنڌ ۾ اچڻ وڃڻ جو هڪ طويل سلسلو شروع ٿيو. عربن باقاعده سنڌ جا نقشا جوڙي، پنھنجي ڪتابن ۾ شامل ڪيا. اهڙن نالن ۾ بزرگ بن شھريار، ابن خردازبه، ابن حوقل، جاحظ، استخري، الادريسي، زڪريا قرويني، احمد بن يعقوب، المسعوري، ابوالحسن، احمد بن يحيٰ، ابو زيوالحسن، ابن بطوطا، البيروني، عبدالقادر بغدادي ۽ ٻيا ڪيترائي نالا شامل آهن. عرب، جاگرافي جي ميدان ۾ انتھائي قابل سمجهيا ويندا هئا. هو جاگرافيءَ جي تحقيق جي سلسلي ۾ سالن جا سال گهران نڪري ويندا هئا ۽ سامونڊي سفر ڪري مختلف ملڪن جو مشاهدو ڪري ڪتاب لکندا هئا ۽ نقشا تيار ڪندا هئا. عرب، سنڌ جي مستند جاگرافيءَ جي معلومات؛ نقشن سميت تيار ڪري ڏئي ويا آهن. اهي ڪتاب عربيءَ ۾ اڄ به موجود آهن، جن مان اڪثر انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سنڌيءَ جي تحقيقي ڪتابن ۾ به انهن جا حوالا اچي چڪا آهن. ابن حوقل پنھنجي ڪتاب ۾ سنڌ جي هيٺين رياستن، انهن جي حڪمرانن ۽ راڄڌانين جو ذڪر ڪيو آهي:
نمبر رياست جو نالو راڄڌاني حڪمران
1 ملتان جندورو سام بن لوي
2 سنڌ منصوره هباري گهراڻو
3 مڪران ڪي عيسي بن معدون
4 مشڪي مشڪ مطھر بن راجا
5 ٻڌ گنداوا غير مسلم راجا
6 طوران طوران شھر ابو القاسم بصري
7 قزدار ڪنيز ڪاتان معين بن احمد
عرب دور کانپوءِ جاگرافيءَ جو علم: سنڌ ۾ عربن کان پوءِ وارن حڪومتي دورن: سومرن، سمن، ارغونن، ترخانن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور(1843_712ع) ۾ سنڌ ۾ فارسي زبان کي رياستي ٻوليءَ جو درجو مليل ھو. اِنهن دورن ۾ فارسي ۽ عربي زبانن ۾ سنڌ جي علم ۽ ادب تي بيشمار ڪتاب لکيا ويا، جن مان ”چچ نامي“ کي خاص اھميت حاصل آھي. ’چچ نامو‘ سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ماخذ آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي راءِ، برھمڻ ۽ عرب دورن جي تاريخ ۽ جاگرافي بابت اھم معلومات ملي ٿي. ان کان علاوه سيد مير محمد پورانيءَ جي ’نصرت نامه ترخان‘، مير محمد معصوم بکريءَ جي ’تاريخ معصومي‘، سيد طاھر محمد سنياني جي ’تاريخ طاھري‘، ادارڪي بيگلاري جي ’بيگلار نامو‘، مير علي قانع جي مختلف ڪتابن مان يوسف ميرڪ جي ’مظھر شاھجھاني‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جا جاگرافيءَ جا الڳ باب لکيا ويا آھن. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن کان وٺي سنڌ ۾ سنڌي زبان ۾ ڪتابن لکڻ جي ھڪ تحريڪ شروع ٿي، پر انهن ۾ اڪثر ڪتاب ديني معاملن بابت لکيا ويا، ان جي باوجود مدرسن ۽ مڪتب ۾ جاگرافيءَ جو مضمون پڙھايو ويندو ھو، تھ جيئن ٻار پنھنجي اردگرد جي حالتن، ملڪن ۽ طبعي حالتن وغيره کان باخبر ٿين. جيڪڏھن سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي ڏسجي ته، جاگرافيءَ جا سنڌي زبان ۾ اھڃاڻ انهن جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا. قديم ڪلاسيڪل شاعريءَ مان جبلن، ڍنڍن، ڍورن، برن، ندين، قومن، شھرن، ڳوٺن، سامونڊي سفرن، مذھبي مڪانن، طوفانن ۽ برساتن وغيره جي معلومات ملي ٿي. خود شاھ لطيف جي شاعري جاگرافي حوالن سان ڀرپور آھي. مثال طور:
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وار
وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار
ڪي اٿي ھليون استنبول ڏي، ڪي مڙيون مغرب پار
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لھن سمرقندن سار
ڪي رمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي قنڌار
ڪي دلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار
جنبي ويون جسيلمير تان، بيڪانير بيڪار
ڪنھن ڀُڄ ڀڄائيو، ڪنھن ڍٽ مٿي ڍار
ڪنھن اچي عمرڪوٽ تان، وسايا ولھار
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين (16)
ٽالپرن جي دور (1843ع_1783ع)۾ مغربي عملدار، سياحن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ايجنٽن جو سنڌ ۾ اچ وڃ جو سلسلو عام ھو. يورپي قومن مان انگريزن خاص ڪري سنڌ جي جاگرافيائي بيھڪ، اهميت ۽ افاديت تي ڌيان ڏنو ۽ هنن سنڌ ۾ سنڌو نديءَ ذريعي وڻج واپار تي ڌيان ڏنو. بعد ۾ برطانوي حڪومت سنڌ ۾ قائم ٿي. ان عرصي ۾ انگريزن خاص طور سنڌ جي تاريخ، ادب، ٻولي، جاگرافيءَ ۽ ملڪي حالتن تي رپورٽون تيار ڪيون ۽ ڪتاب لکيا، جن ۾ جاگرافيءَ جي باب کي سڀ کان اول رکيو ويندو ھو. انگريز عملدارن سنڌ جي جاگرافيءَ تي تمام گهڻو ڪم ڪيو. ھنن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا نقشا تيار ڪيا. سنڌ جي زراعت، آبپاشي، جبلن، واھن، وادين ۽ ٿر جي صحرا جا به نقشا جوڙيا، جيڪي اڄ به استعمال ٿي رھيا آھن. ھنن سنڌو درياهه جي ڀرپور سروي ڪئي. جاگرافيءَ جي ميدان ۾ اليگزينڊر ھيئملٽن، ناٿن ڪرو، ھينري پاٽينجر، اليگزينڊر برنس، جيمس برنس، ھيوگو جيمس، آرٿر ڪونولي، رچرڊ ھارٽلي، وليم ھينري ڊيني، سر آئزڪ نڪولسن ايلن، ٿامس پوسٽنس، جيمس آئوٽرام، چارلس مئسن، ميلڪم رابرٽ ھيگ، رچرڊ برٽن، ڪئپٽن ايس اين رپڪس، جين فيئرلي، ڊيوڊ راس، جارج راورٽي، ايڇ ٽي لئمبرڪ ۽ ٻين ڪيترن ئي جي ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافيءَ جي ڀرپور معلومات ملي ٿي.
انگريزن جي دور ۾سنڌي ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ جو علم: جيستائين سنڌ ۾ انگريزن جي دور تائين سنڌي الف- ب ٺھي راس نه ٿي ھئي، تيستائين سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جا ڪتاب به نه لکيا ويا ھئا نه شايع ٿيل ھئا. 1853ع ۾ سنڌي زبان لاءِ سنڌي الف- ب کي سرڪاري طور نافذ ڪيو. سنڌي زبان ۾ درسي ڪتاب لکجڻ لڳا. سنڌي اسڪول کوليا ويا ته، سنڌي زبان ۾ مختلف مضمونن لاءِ ڪتاب به لکجڻ لڳا. انگريز سرڪار پنھنجي تعليمي تجربي جي حساب سان جاگرافيءَ جي مضمون جي اھميت کان واقف ھئا. ھنن جاگرافيءَ جي مضمون کي پھرين جماعت کان ويندي ڪاليجن تائين پڙھائڻ جو بندوبست ڪيو. انگريزن جو دور سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي اھميت ۽ ڪتابن جي لحاظ کان عروج جو دور ھو. ھن دور ۾ سنڌي ۽ انگريزي ۾ جاگرافي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا. سنڌ ۾ جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. ھن دور جي شايع ٿيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪجهه ڪتاب اھم آھن:
ننديرام ميراڻي سيوهاڻي (1819-1875ع): سنڌي الفابيٽ جڙڻ کان وٺي سنڌي عالمن ٻين موضوعن سان گڏ جاگرافيءَ ۾ معلومات پڻ لکي. ان ۾ ڪيترائي عالم اڳڀرا ۽ گيان ڌيان وارا هئا. سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان اول ننديرام ميراڻي، جيڪو سيوھڻ جو رھاڪو ۽ الفابيٽ ڪميٽيءَ جو ميبر ھو، سندس علمي توڙي ادبي خدمتون ادبي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکن ٿيون. خاص ڪري الف- ب جي موجوده تشڪيل ۾ سندس ڪوششون ساراهه جوڳيون آھن. جديد علمن جي اصطلاحن کي يڪجاءِ ڪرڻ ۾ سندس ئي ڪوششون تعريف لائق آھن، اڄ به جاگرافي، رياضي جاميٽري ۽ ٻين علمن ۾ تيار ڪيل ڪتابن ۾ سندس جوڙيل اصطلاح مروج آھن.
”ھن ۽ مھاديو شاستريءَ گڏجي 1855ع ۾ ’ڌرتي نروار‘ جي نالي دنيا جي مختصر جاگرافيءَ جو انگريز ليکڪ ھينري موريس جي انگريزي ڪتاب تان ٻن جلدن ۾ ترجمو ڪيو. ھينري موريس ھندستان جي اسڪولن جي ڪورس لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا ھئا. ڪتاب پھرين حصي ۾ 246 صفحا ۽ ٻيو حصو 194صفحن تي پکڙيل ھو. پھرئين جلد ۾ يورپ، آفريڪا، آمريڪا ۽ اوشينيا جي جاگرافي لکيل آھي ۽ ٻئي جلد ۾ ايشيا کنڊ ۽ ھندستان جي جاگرافي ڏنل آھي.”جاگرافيءَ سان تعلق رکندڙ سنڌي ۽ عربي ٻولين وارا اصطلاح جيڪي ھنن جاگرافين ۾ ڪم آيل آھن، سي ساڳيا اڄڪلهه جي سڌريلن جاگرافين ۾ به قائم آھن. جھڙوڪ: محور، قُطب، خطِ استوا، ڊگهائي ڦاڪ، ويڪرائي ڦاڪ، مڌيان ڦاڪ، کنڊ، ٻيٽ، اُپٻيٽ، ڳچي ڌرتي، راس، نار، اُپسمنڊ وغيره “.(17)
ان کان پوءِ 1861ع ۾، مھاديو شاستريءَ ، ننديرام سان گڏ ’جغرافيه جديد‘ لکيو. ھي ڪتاب وڏن ڪلاس جي شاگردن جي ڪورس تي رکيل ھو. ھن ڪتاب ۾ جاگرافيءَ جي معلومات سولي نموني سمجھايل آھي. مھاديو شاستري ان زماني ۾ تعليم کاتي سان وابسته ھو. ھن ڪي درسي ڪتاب پڻ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا ھئا.
پنڊت بنسي ڌر چرنجي لال ھندي جي ڪتاب ’بديا نگر‘ تان ’حقائق الموجودات‘ نالي اردو ڪتاب جوڙيو ھو.ديوان ننديرام ان جو 1861ع ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سندس نالو ’سنساري نروار‘رکيو.’مطالعھ الفطرت‘ (Nature Study) يا ’سرشتي اڀياس‘ تي ھي پھريون پھريون ڪتاب سنڌي ۾ لکيو ويو آھي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته سنڌي زبان ۾ جاگرافيءَ جي ڄاڻ ڏيڻ جو بنياد ننديرام سيوھاڻي وڌو.
نارائڻ جڳن ناٿ وئديه : جڳن ناٿ، سنڌ جي جاگرافي، تاريخ تي’سنڌ جو نروار‘ نالي ڪتاب سال 1865ع ۾لکيو. ڪتاب جيتوڻيڪ مختصر آھي، پر معلومات جي لحاظ کان نھايت مفيد ۽ بنيادي آھي. ڪافي عرصو ھي ڪتاب نصاب ۾ شامل ھو. ھي ڪتاب مختلف بابن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي رخن کان معلومات مھيا ڪري ٿو. 1856ع ۾ سيد ميران محمد شاھ (اول)، جنھن ڪتاب ’سڌاتورو_ڪڌاتورو‘ لکيو ھو، تنھن ’آڪاشي نروار‘ لکيو. ’آڪاشي نروار‘ يعني خلاصه نظام شمسي (نظام شمسيءَ جو تشريحي بيان). ”ھي ڪتاب وڏن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب ھو. سنڌي ٻوليءَ ۾ علم ھيئت بابت ھي پھريون ڪتاب آھي، جنھن ۾ ڌرتي، سج، چنڊ، سيارن (گرھن)، ثوابت (نکترن يعني بيٺل تارن) پڇڙ تارن، ڪسوف (سج گرھڻ) ۽ خشوف (چنڊ گرھڻ) بابت ماڻهن جا جيڪي اڻڄاڻائيءَ جھڙا خيال ۽ عقيدا ھئا، تن کي ڪوڙو ثابت ڪيو ويو آھي. ڪتاب مان نثر جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو؛
”ھن ڳالهه جي ڌيان ڪرڻ کان ته اسين ڌرتيءَ سُوڌا جنھن تي رھندا آھيون، توف جي گونري کان پڻ ھيڪوسو وِيھُوڻو تڪڙو ھوا تي اڏامندا وڃون. ڪھڙا ڪھڙا اچرج پڌرا ٿين ٿا ۽ ڌڻيءَ جو ڊپ ۽ ان جي ٻانهپ ۽ چئَي ۾ رھڻ ڪيترو اسان تي جوڳو ٿئي ٿو“.(18)
1856ع ۾ مشھور عالم، اديب ۽ ماھرِ تعليم ڪوڙي مل چندن مل ’املهه علم طبعي‘ لکيو، جنھن ۾ ھن خاص طور طبعي جاگرافيءَ جي معلومات مھيا ڪئي آھي. ان کان پوءِ واحد بخش جو ’ٽه جُلدي علم طبعي‘ (1874)، ھوتچند سگنومل جو ’جاگرافي‘ (1910)، چيلارام کپچند جو ’جاگرافي‘ (1937)، گرمداس پيٿو مل جو ’جاگرافي‘ (1944) ۽ بي ايس ناگراڻيءَ جو ’جاگرافي‘ (1945) اھميت وارا آھن. انگريزن جي دور ۾ سنڌي زبان ۾ جيڪي به جاگرافيءَ جا ڪتاب لکيا ويا، انهن مان اڪثر تعليمي مقصدن خاطر لکيا ويا، جن جا ليکڪ اسڪولن جا استاد ھئا. جيڪڏھن انهن کي موضوع وار الڳ ڪجي ته، انهن کي ھيٺين ريت ورھائي سگهجي ٿو:
(1) دنيا جي جاگرافي
(2) مختلف کنڊن جي جاگرافي
(3) ھندستان جي جاگرافي (جنھن ۾ بمبئي کاتي جي جاگرافي به شامل آھي)
(4) سنڌ جي جاگرافي (جنھن ۾ ائٽلس جاگرافي به شامل آھي)
(5) سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن جي جاگرافي
ان سلسلي ۾ جيڪڏھن مختلف کنڊن جي جاگرافيءَ جي ڪتابن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ اھم نالو ھري سنگهه ڊنگو مل جو ملندو. ھو ڪراچيءَ ۾ ھڪ اسڪول ۾ ماستر ھو. ھن ڪيترائي درسي ڪتاب لکيا. جڏھن ته جاگرافيءَ جي ڪتابن ۾ ’ٽي جلدي جھان جي جاگرافي‘ (1888)، ’ٻه کنڊي جاگرافي يعني ايشيا ۽ يورپ جو مختصر نروار‘ (1884)، ’انگلينڊ ۽ آمريڪا جي مختصر جاگرافي (1884)، جاگرافي يورپ آمريڪا ۽ آفريقا (1884)، آفريقا ۽ آمريڪا جي جاگرافي (1884)، ھندستان جي مختصر جاگرافي (1885) ۽ سنڌ جي تمام مختصر جاگرافي (1909) وغيره اھم آھن.
راءِ بھادر تارا چند شوقيرام (1850-1893ع)بحيثيت جاگرافيدان: سماج سڌارڪ راءِ بھادر تارا چند شوقيرام تعليم کاتي ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ سان گڏ ٽريننگ ڪاليج، حيدرآباد جو ڪيترائي سال پرنسپال رھيو ۽ سرڪار طرفان تعليم کاتي ۾ ترجمان طور به ڪم ڪيائين. تارا چند شوقيرام جي اصلي شھرت جاگرافيدان واري آھي. ھن جاگرافي جي مضمون تي ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ’فزيڪل جاگرافي‘ (1851ع)، ’دنيا جي جنرل جاگرافي‘ (1886ع)، ’يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي‘ (1885ع)، ’ڏکڻ ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي‘ (1885ع)، ’فزيڪل جاگرافي سوالن جوابن ۾‘ (1885)، ’يورپ کنڊ جي تفصيلوار جاگرافي‘ (1886)، ’ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي‘ (1885) وغيره اھم آھن. سندس پھريون ڪتاب ’يورپ کنڊ جي جنرل جاگرافي‘ آھي ، جنھن ۾ برٽش آٽلس انگريزي ٻيٽ) متعلق مفيد معلومات ملي ٿي ۽ ڪيترن انگريزي ڪتابن جي ورق گردانيءَ جو نتيجو آھي. ڪارخانا، ٻيلا، کاڻيون، پوکون، تعليم، اپسمنڊ، ۽ ناريون وغيره جي چٽي سمجهاڻي ڏنل آھي. انگريزن جي فتح ڪيل ايراضين، يورپ ايشيا، آفريقا، آمريڪا ۽ آسٽريليا بابت به چارٽ جي صورت ۾ تفصلي سان ذڪر ڪيل آھي.ڪتاب مان نثر جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو.
1. جبل: ھن ۾ چار مکيه جابلو ضلعا آھن. ڀينائن جي قطار جو پيٽ، ٽڪرين کان لنگهي ڊربي شيئر جي ٽڪرين تاءِ اچي ٿي. اھي سڄي قطار ۾ ڪرائس فيل تمام وڏي چوٽي آھي، جنھن جي اتاھي 2927 فوٽ آھي.
2. ڪمبيرئن قطار انهيءَ جي به شڪل گول جھڙي آھي سا پينائن جي الھندي پاسي آھي تنھن ۾اسڪافيش وڏي وڏي چوٽي آھي جنھن جي بلندي 3229 فوٽ آھي، ٻي چوٽي ھبليويلن 3055 فوٽ ۽ ٽي اسڪڊار 3012 فوٽ .
3. ڪيميرين جي قطار، جا ويلس جي گهڻي ڀاڱي ۾ لنگهي وڃي ٿي انهيءَ ۾ سنوڊن جبل آھي ۽ جنھن جي اتاھي 3590 آھي ، اھا چوٽي انگلينڊ ۽ ويلس جي سڀني جبلن کان وڏي آھي انهيءَ کانسواءِ ٻيون چوٽيو ن به آھن، جھڙوڪ بريڪناڪ بيڪن پلنلمن ڪيڊر آئڊرس. انهن قطارن ۾سيورن ۽ وسندين جي وچ ۾ ھڪڙي ننڍڙي قطار آھي، جنھن کي مالورن چون ٿا.
4. ڊووئين قطار جنھن ۾ڪاسينڊبيڪن ۽ ڊارٽ مور جبل آھن.
جڏھن ته ٻين ڪتابن ۾ واحد بخش جو ’ٻه کنڊي جاگرافيءَ ‘ (1893)، محمد يوسف جو ’جاگرافي ايشيا ۽ يورپ جي جاگرافي‘ (1897)، عبدالحق جو ’ايشيا کنڊ جي جاگرافي‘ (1888)، جمال الدين جو ’ايشيا کنڊ جي جاگرافي‘ (1898) ۽ ايم اي جڳتياڻي جو ’ائٽلس جاگرافي يورپ کنڊ‘ (1926) وغيره اھم آھن. دنيا ۽ مختلف کنڊن کان علاوه گڏيل ھندستان ۽ ان وقت جي بمبئي حڪومت ھيٺ ھلندڙ رياستن جي گڏيل جاگرافيءَ جا ڪتاب پڻ لکيا ويا. اھڙن ڪتابن ۾ سنڌ جي جاگرافي به شامل ھوندي ھئي. ان سلسلي ۾ اتمچند تارا چند جو ھندستان جي جاگرافي (1875)، محمد رمضان آخوند جو ’ھندستان جو مختصر نروار‘ (1882)، عبدالحق جو ’ھندستان جي مختصر جاگرافي‘ (1888)، کيمچند شوقيرام جو ’ھندستان جي مختصر جاگرافي‘ (1893)، ساڳي نالي سان فقير محمد به 1893 ۾ ڪتاب لکيو. آغا تاج محمد جو ڪتاب ’ڏس ۽ سک جاگرافي ھندستان‘ 1940ع ۾ شايع ٿيو.
بمبئي کاتي جون مختصر جاگرافيون ھريسنگ ڊنگو مل به ڪافي لکيون، پر منشي گرٽ نولالسنگهه سيوھاڻي (1828-1887) جو لکيل ’بمبئي کاتي جي جاگرافي‘ (1868) اھم آھي. سندس باري ۾ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته: ’هو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر (ضلع ڪراچي ۽ شڪارپور) جي آفيس ۾ ھيڊ منشيءَ جي عھدي تي فائز ھو. ھن جي تحرير ڪيل ’بمبئي کاتي جي جاگرافي‘ 1868ع ۾ شايع ٿي . سندس انداز بيان جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
”سنڌي جو واءُ پاڻي خشڪ ۽ گرم آھي، آرھڙ جي ڏينھنِ ۾، سکر ۾ 102 درجي تائين ٿرماميٽر جو پارو چڙھي ٿو. اتر ڏي ايتري سخت گرمي آھي جو افغانستان جا ماڻهو چوندا آھن ته سنڌ جي گرمي اڇي ماڻهوءَ کي ڪارو ڪري ٿي ڇڏي ۽ آني کي پچائي وجهي“.(19)
جڳتراءِ ايسر داس شوِداساڻي (1882-1945): جڳتراءِ ايسر داس شِوداساڻيءَ جو شمار انهن جاگرافيءَ جي استادن ۾ ٿئي ٿو، جن ائٽلس جاگرافيءَ جا ڪتاب لکيا. ھو حيدرآباد جي ٽريننگ اسڪول ۾ استاد ھو، بعد ۾ وائيس پرنسپال جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو. سندس ڪتابن ۾ ’ائٽلس جاگرافي ھندستان‘ (1926)، ’ائٽلس جاگرافي سنڌ‘ (1922)، ’ائٽلس جاگرافي يورپ، جاگرافيءَ جو ڪورس ۽ جاگرافيءَ جو ايڪسرسائيز بوڪ‘ وغيره اھم آھن. سنڌ جي جاگرافيءَ تي گهڻا ڪتاب محمد يوسف بادل خان بخشاڻيءَ لکيا. ھو عليڳڙه يونيورسٽيءَ مان پڙھيل ھو ۽ خيرپور رياست تعلق رکندڙ ھو. ھو تعليم کاتي مان ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي عھدي تان رٽائر ٿيو ھو. سندس ڪتابن ۾ ’جاگرافي ايشيا ۽ يورپ‘ (1898)، ’بمبئي کاتي جي جاگرافي‘ (1896)، ’سنڌ جي مختصر جاگرافي‘ (1894)، ’سنڌ جي سھنجي مختصر جاگرافي‘ (1894) ۽ ’جاگرافي سنڌ‘ (1902) وغيره اھم آھن.
شيخ عبدالحق : جاگرافيءَ جي مضمون تي رٽائرڊ ائڊمنسٽريٽو آفيسر اسڪول بورڊ ڪراچيءَ جو شيخ عبدالحق پڻ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ”ايشيا کنڊ جي جنرل جاگرافي“ (1888)، ’سنڌ جي نئين جاگرافي‘ (1918) ۽ ’سنڌ جي سليس جاگرافي‘ (1927) وغيره اھم آھن، جڏھن ته ٻين ڪتابن ۾ محمد رمضان آخوند جو ’سنڌ جو مختصر نروار‘ (1876)، بولچند ڪوڙيمل جو سنڌ جو ڌرتي نروار (1893)، فقير محمد جو سنڌ جي مختصر جاگرافي (1898) ۽ شيوا رام لاھوري مل جو ’سولي ۽ مختصر جاگرافي‘ (1935) وغيره اھم ڪتاب آھن. انگريزن جي دور ۾ جتي سنڌ جي جاگرافيءَ تي ڪتاب سنڌي زبان ۾ شايع ٿيا، اتي ٻيا ڪيترائي ڪتاب سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي جاگرافي بابت لکيا ويا. انهن سڀني ڪتابن کي پھرين ڪلاس کان پنجين درجي جي شاگردن جي تعليم ۽ سکيا خاطر مقامي استادن لکيو ھو. اھي ڪتابڙا ھئا. ھتي اھڙن ڪجهه ڪتابن جي مختصر فھرست ڏجي ٿي:
(1) حيدرآباد ضلعي جي جاگرافي (1902) ڏيومل ڪلاچند، (2) سکر تعلقي جي جاگرافي (1904) نواز علي شاھه، (3) حيدرآباد ضلعي جي مختصر جاگرافي (1912) ڏيومل ڪلاچند، (4) خيرپور تعلقي جي جاگرافي (1912) شاھه صاحب ماستر، (5) رياست تعلقي جي جاگرافي (1912) شاھه صاحب ماستر، (6) سڌريل سکر تعلقي جي جاگرافي (1912) قاضي غلام مصطفيٰ، (7) فيض گنج تعلقي جي جاگرافي ((1912) شاھه صاحب خيرپور ماستر، (8) گمبٽ تعلقي جي جاگرافي ((1912) شاھه صاحب خيرپور ماستر، (9) ميرواھه تعلقي جي جاگرافي ((1912) شاھه صاحب خيرپور ماستر، (10) نئين سڌريل سکر ضلعي جي جاگرافي (1912) الھڏنو شاھه ، (11) جاگرافي تعلقي شڪارپور ۽ ضلعي سکر جي (1913) ننديرام تلسيداس، (12) تعلقي وارھه سنڌ جي جاگرافي (1920) ديوان بولچند، (13) سڌريل سکر تعلقي جي جاگرافي (1921) سيد پنجل شاھ، (14) سڌريل سکر تعلقي جي جاگرافي (1921) روچلداس، (15) نئين سڌريل شڪارپور تعلقي جي جاگرافي (1921) ٿڌا سنگ، (16) جاگرافي شڪارپور تعلقو ۽ سکر ضلعو (1924) نيو ندرام، (17) ائٽلس جاگرافي ضلعو سکر (1926) جي-جي شوداساڻي، (18) ائٽلس جاگرافي ضلعو سکر (1926) جڳتراءِ ۽ عبدالقادر، (19) ائٽلس جاگرافي ضلعو ڪراچي (1926) جڳتراءِ ۽ ڌرمداس نارومل، (20) جاگرافي تعلقو ڪنڊيارو (1926) چوھڙ مل ۽ تولارام، (21) ائٽلس جاگرافي ضلعو نوابشاھ (1927) ڪرمچند ليلارام ۽ جڳتراءِ، (22) جاگرافي تعلقو گمبٽ (1927) ماستر ٿانور داس، (23) ائٽلس جاگرافي ضلعو لاڙڪاڻو (1926) چيلارام موھنداس ۽ (24) ائٽلس جاگرافي ضلعو نوابشاھ (1926) آسورام مولراءِ ۽ تولارام.
نامور سنڌي جاگرافيدان ڊاڪٽر مانيڪ (ماڻڪ) پٿاوالا: انگريز دور ۾ جيڪڏهن ڪنھن کي مڪمل طور جاگرافيدان سڏجي ته اها هڪ ئي شخصيت ڊاڪٽر ماڻڪ بينرجي پٿاوالا ھو. بنيادي طور ھيءُ پارسي ھو ۽ ڪراچيءَ جي مختلف تعليمي ادارن سان لاڳاپيل ھو. ھن سنڌ جي جاگرافيءَ تي ‘A Geographical Analysis of the lower Indus Basin ( Climatic conditions in Sindh’ عنوان هيٺ پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن سنڌ جي جاگرافيءَ جي مختلف پھلوئن تي 50 کان مٿي ڪتاب ۽ مقالا لکيا. ڪراچي ۾ جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جو قيام آندائين، ان پليٽ فارم تان جاگرافيڪل جرنل به شايع ڪندو هو. مجموعي طور اِھو دور سنڌي جاگرافيءَ جي لحاظ کان بھترين دور ھو. جاگرافيءَ جي مضمون سان کيس عشق ھو ۽ جاگرافي ۾ سندس تحقيق جو محور ”سنڌ“ ھئي، جڏھن ته ھن سڄي ھندستان جي مختلف علائقن جي جاگرافيءَ تي به ڪم ڪيو ھو“.(21) جاگرافيڪل سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ گھڻي ۾ گھڻا مضمون ھن جا ھوندا ھئا، سندس ڪتابن جو تعداد 50 کان به مٿي آھي، جڏھن ته سندس تحقيقي مقالن جي تعداد جو اندازو نه ٿو ڪري سگهجي. هن ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا لکيا. سندس ڪتابن ۽ مقالن مان ڪجهه جو وچور ھيٺ ڏجي ٿو:
1. A Geographical Analysis of Khairpur State – A Post Barrage Investigation
2. An Introduction to Pakistan its Resources and Personalities
3. Geography and Culture with example of Sindh
4. Greater Karachi
5. Historical Geography of Sindh
6. New Site for Pakistan Capital
7. Survey of Dominion’s Mineral Resources
8. Physiographic Division of India , Burma and Ceylon
9. A Geographical Analysis of the Lower Indus Basin (Sindh) Climatic Conditions in Sindh
10. Settlement in the Lower Indus Basin (Sindh)
11. An Introduction to Kashmir : Its Geography and Geology
12. A Physical and Economic Geography of Sindh
13. Identification and Description of some old Sites in Sindh and their relations with the Physical Geography of the Region
14. Sacred Spark
15. Rock Record of Darious the Great
16. Historical maps of Sindh .(22)
1947ع کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ جو علم: ورهاڱي کانپوءِ پوري ملڪ ۾ جديد تعليم جو ڦھلاءُ شروع ٿيو. وڏن وڏن شھرن ۾ يونيورسٽيون قائم ٿيون، جن ۾ جاگرافيءَ جا نوان شعبا قائم ٿيا. موجوده وقت ۾ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو، ڪراچي يونيورسٽي، وفاقي اردو يونيورسٽي، ڪراچي، شاھه عبد اللطيف يونيورسٽي، خيرپور، ۽ ٻين ڪيترن ئي خانگي يونيورسٽين ۾ جاگرافيءَ جا شعبا قائم آھن. جاگرافيءَ جي مضمون جي اھميت اسڪولن کان وڌي ڪاليجن تائين پھتي. ٿيڻ ائين گهربو ھو ته، سنڌ ۾ جاگرافي جي مضمون تي خاص ڌيان ڏيئي، ان شعبي کي وڌيڪ ترقي ڏيارجي ھا ۽ سنڌيءَ ۾ جاگرافيءَ تي وڌيڪ تحقيق ٿئي ھا، جنھن سان ڪاليج سطح کان يونيورسٽي سطح جا استاد جاگرافيءَ جا ڄاڻو پيدا ٿي سگهيا ٿي، پر ائين نه ٿيو، سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ جاگرافيءَ جو مضمون پڙھايو وڃي ٿو، پر جاگرافيءَ جي شعبي ڪا ترقي ڪانه ڪئي. ۽ 1947ع کان پوءِ اڄ 2020ع تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ جاگرافيءَ جو ڪو به معياري ڪتاب شايع ٿيل نظر نه ٿو اچي.. ڪجهه انگريزي ڪتاب ۽ ڪي انگريزيءَ مان ترجمن جي صورت ۾ ضرور شايع ٿيا آھن. جاگرافيءَ جا اڪثر پروفيسر صاحب، پنھنجي پَر ۾ پي.ايڇ.ڊيءَ جون ڊگريون ته حاصل ڪريو ويٺا آھن، پر سنڌ جي جاگرافيءَ تي جديد انداز سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. افسوس جي حد اھا به آھي ته يونيورسٽين جي اڪثر سيمينار لائبريرين ۾، انگريز دور ۾ لکيل سنڌ جي جاگرافيءَ تي ڪي خاص ڪتاب به موجود نه آھن.
1947ع کان پوءِ، جاگرافيءَ جي مضمون تي ٿورو گهڻو ڪم ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو آھي، جتي جي استادن ۽ شاگردن جي جوڙيل ”جاگرافر ايسوسيئشن“ قائم ھئي، جيڪا گهڻو فعال رھي نه سگهي. سيد ظفر حسن، سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪيترائي سال جاگرافي شعبي جو چيئرمين رھيو. ھو انتھائي اصول پرست شخص ھو. ان کان علاوه ڪھاڻيڪار، نقاد ۽ پبلشر به ھو. جيستائين ادبي دنيا ۾ داخل نه ٿيو ھو، تيستائين ’جاگرافي‘ نالي ھڪ ننڍو مخزن به ڪڍندو ھو ۽ جاگرافيءَ تي ڪي مضمون به لکيا. سنڌ يونيورسٽي جي جاگرافيءَ شعبي جي پروفيسر رفيق احمد ڌناڻي به سنڌ جي ڳوٺاڻي گهرن بابت ۽ مقالا لکيا آھن. اھڙيءَ طرح ڪجهه جهونن پروفيسرن جا به ڪي مضمون نظر اچن ٿا.
آزاديءَ کانپوءِ به ماڻڪ پٿاوالا جا جاگرافيءَ تي معياري ڪتاب انگريزيءَ ۾ شايع ٿيا آھن، جن ۾ (1) Physical and Economic Geography of Sindh (2) Historical Geography of Sindh
ڪراچي يونيورسٽيءَ جي جاگرافي شعبي جي پروفيسر مشتاق الرحمان جو ’دي جاگرافر ايسوسيئيشن‘ پاران 1975ع ۾ A Geography of Sindh Province Pakistan شايع ٿيو، جيڪو انتھائي معياري ڪتاب آھي. بھرحال، جديد دور ۾ ڪو به سنڌ جو ماھر جاگرافيدان طور اڀري نه سگهيو آھي، جنھن کي الڳ حيثيت ۾ پيش ڪري سگهجي. سنڌ جي نامياري مترجم عطا محمد ڀنڀري (مرحوم) ڪيترن ئي انگريزي ڪتابن جا ترجما ڪيا، جن ۾ جاگرافيءَ جا باب پڻ شامل آھن، انهن ۾ سر اليگزينڊر ڪننگھم جي ڪتاب جو ترجمو ’ھند ۽ سنڌ جي جاگرافي‘ تمام اھم ترجمو آھي. سر اليگزينڊر ڪننگھم، سنڌ ۽ ھند جي جاگرافيءَ کي ڌار ڌار ڀاڱن ۾ ورھايو آھي. ھر ھڪ ڀاڱي کي ان وقت جي مذھب ۽ حڪومت جي نالي پٺيان سڏيو ويو آھي. جيڪو برھمڻ، ٻڌ ۽ مسلمان دورن تي مشتمل آھي. برھمڻ دور کي ان وقت کان شروع ڪيو ويو آھي جڏھن آريا اتر ھندستان تي ڇائنجي ويا ۽ پھريون ڀيرو پنجاب جي ڌرتيءَ تي والار ڪئي ھئي. سنڌي ادبي بورڊ پاران ايڇ.ٽي. لئمبرڪ جا سنڌ جي تاريخ تي انگريزيءَ ۾ ڪتاب شايع ٿيا ۽ انهن جا سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجما به شايع ڪيا آھن، انهن ۾ سنڌ جي جاگرافيءَ تي الڳ باب ڏنل آھن. ان کان علاوه، سنڌ جو نالي وارو محقق ۽ مورخ ايم.ايڇ. پنھور ڪيترائي ڪتاب ۽ مقالا انگريزيءَ ۾ لکيا، جن ۾ سنڌ جي جاگرافيءَ تي ڪم تي مواد شامل آهي. پنھور صاحب جي خواھش ھئي ته سنڌ ۾ ’جاگرافيڪل سوسائٽيءَ‘ کي ٻيھر فعال ڪجي.
جاگرافيءَ جا درسي ڪتاب: آزاديءَ کان پوءِ جيڪي به جاگرافيءَ جا ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ شايع ٿيا آھن، اھي گهڻو ڪري اسڪولي ڪورس جي لاءِ لکيا ويا آھن. اھي ڪتابڙا اڪثر پرائمري اسڪولن جي شاگردن لاءِ لکيل آھن. انھن مان گهڻا تعلقي ۽ ضلعي جي جاگرافيءَ بابت آھن. ھن قسم جا ڪتاب گهڻو ڪري 1947ع کان 1980ع تائين باقاعده شايع ٿيندا رھيا، پر پوءِ آھستي آھستي، پرائمري اسڪولن ۾ جاگرافي جي مضمون کي نيڪالي ڏني وئي. بعد ۾ سماجي اڀياس ۾ جاگرافيءَ جا ڪجهه باب ڏئي الڳ مضمون واري حيثيت ختم ڪئي وئي.
صوبائي ۽ ملڪي سطح جي جاگرافيءَ جا نصابي ڪتاب: 1947 کان پوءِ جاگرافيءَ جي سلسلي ۾ ھڪ نالو رسول بخش آخوند (1897-1952) جو نالو اچي ٿو، جنھن جو تعلق شڪارپور سان ھو ۽ تعليم کاتي سان لاڳاپيل ھو. جاگرافيءَ تي لکيل سندس ڪتابن ۾ ’نيو ماڊل ايزي جاگرافي‘ مختلف ڪلاس لاءِ (1951) ۽ ’جاگرافي پاڪستان‘ (1955) اھم آھن. رحيم بخش ميمڻ جو ترجمو ٿيل ’جاگرافي‘ (1962) به جامع ۽ معياري ڪتاب آھي. جڏھن ته عام جاگرافي ۽ دنيا جي جاگرافيءَ تي جيڪي ڪتاب شايع ٿيا، انهن ۾ اجمل بيگ مرزا جا ’نئين ائٽلس جاگرافي‘ (1958) ۽ ’دنيا جي نئين جاگرافي‘، محمد يوسف جا ’دنيا جي نئين جاگرافي‘ (1954) ۽ ’رنگين جاگرافي پاڪستان‘ (1958)، الله بخش ٽالپر جو ’جاگرافي‘ (1956)، پروفيسر ايم ايم ميمڻ جو ’جاگرافي ۽ رٿابندي‘ (1972)، رحيم بخش رياستيءَ جو ’جاگرافي‘ (1962)، مقبول حسين موسويءَ جا ’دنيا جي جاگرافي‘ (1961) ۽ ’دنيا جا قدرتي ڀاڱا‘ (1960)، محمد علي علويءَ جو ’تجار تي جاگرافي‘ (1972)، نامياري تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻيءَ جو ’جاگرافي دنيا‘ (1963) ۽ ٻيا ڪيترائي شامل آھن.ٻين ڪتابن ۾ جڳتراءِ ايسرداس جو ’ائٽلس جاگرافي سنڌ‘ (1947)، محمد صديق ميمڻ جو ’سنڌ جي جاگرافي‘ (1956) ۽ محمد عالم عباسيءَ جو ’سنڌ جي سولي جاگرافي‘ (1953) وغيره اھم آھن.
ضلعي ۽ تعلقي وار جاگرافيءَ جا ڪتاب: سنڌ جي مختلف ضلعن ۽ تعلقن تي به ڳچ سارا ڪتاب لکيا ويا، جيڪي پرائمري سطح جا آھن ۽ معزز جهونن استادن جا لکيل آھن. اھڙن ڪتابڙن جو تعداد تمام گهڻو آھي. ھتي ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا:
ضلعو ڪراچي: ’جاگرافي ضلعو خيرپور‘ (الھداد ۽ محمد بخش 1968)، ڪراچيءَ جي نئين جاگرافي (اي جي بشير احمد 1961)
ضلعو ٺٽو: جاگرافي ضلعو ٺٽو (حاجي محمد طالب ميمڻ 1968)، ائٽلس جاگرافي ضلعو ٺٽو (حاجي عبدالله پليجو)
جاگرافي ضلع ٺٽو، حاجي محمد طالب ميمڻ ۽ محمد قاسم ميمڻ، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، دفعو پھريون 1968ع.
ائٽلس جاگرافي تعلقو ٺٽو (نقشن ۽ تصويرن سان) محمد عرس صوفي جهمپير، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، دفعو ٽيون 1964ع.
ضلعو حيدرآباد:
جاگرافي ضلعو حيدرآباد، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، ٻيو ڀيرو 1961ع.
نئين جاگرافي ضلعو حيدرآباد، سيد محمد صالح شاھ، عجائب اسٽور، سکر، ايڊيشن پھريون 1968ع.
جاگرافي تعلقو حيدرآباد، جان محمد علي بخش قريشي، اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپڪٽر ھالا، سب ڊويزن حيدرآباد پاڪ، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو چوٿون 58-1957ع، ۽ دفعو يارھون سال 1970ع.
رفيق رنگين جاگرافي تعلقو حيدرآباد، محمد اسماعيل بن واصف، رفيق ڪتاب گهر، شاھي بازار حيدرآباد، دفعو پھريون 1968ع.
ضلعو ٽنڊو الھيار:
نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو ٽنڊوالھيار، گل محمد آزاد صوفي، آر.ايڇ احمد حيدرآباد، دفعو پھريون 1950ع.
جاگرافي تعلقو ٽنڊوالھيار، محمد اسماعيل بن واصف، امين ڪتاب گهر، دفعو پھريون 1967ع.
ضلعوٽنڊو محمد خان:
نئين جاگرافي تعلقو ٽنڊو محمد خان، ھدايت علي باريجو، شعيب ڪتاب گهر، ڇوٽڪي گهٽي، حيدرآباد، ڇاپو پھريون 81-1980ع.
جاگرافي تعلقو (گوني) ٽنڊو محمد خان، عبدالرسول شيخ ٽکڙائي، محمد يوسف اينڊ برادرس، حيدرآباد، (سال لکيل ناھي).
ضلعو مٽياري:
جاگرافي تعلقو ھالا (مؤلف لکيل ناھي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو ٻيو 1969ع.
جاگرافي تعلقو ھالا، بي اي ”عزيز“ اديب فاضل، ميمڻ بڪ اسٽور، ڪڪا جامع مسجد ھالا نوان 1976ع.
ضلعو دادو:
ائٽلس جاگرافي ضلعو دادو (جان محمد قريشي 1951)،
دادو ضلعو جاگرافي ۽ تاريخ جي آئيني ۾ (ڀاڱو 2) تاج محمد صحرائي، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ، قاضي پاڙو، حيدرآباد 1992ع.
جاگرافي ضلعو دادو، محمد اسماعيل عرساڻي، آر.ايڇ، حيدرآباد 1961ع.
جاگرافي ضلعو دادو، احمد خان آصف ۽ پير علي محمد اظھر، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد 1968
سولي جاگرافي تعلقو دادو، حافظ محمد احسن، ناشر: آدم جي ابا سومار، مالڪ غازي اسلام ڪتب خانو، شاھي بازار، دادو، دفعو ٽيون 1965ع.
نئين ائٽليس جاگرافي تعلقو دادو (مصنف لکيل ناھي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، ڇاپو ٻيو 1965ع.
ائٽليس جاگرافي تعلقو ميھڙ، محمد صديق محمد صالح چنا، ھيڊ ماستر اسڪول، ڪولي کوکر، ميھڙ ۽ ساڪن سنڌي ٻٽڙا تعلقو: ڪڪڙ، آر.ايڇ احمد، حيدرآباد، دفعو پھريون 1955ع.
جاگرافي تعلقو ميھڙ (مؤلف لکيل ناھي). آر.ايڇ احمد، حيدرآباد (سال لکيل ناھي).
ضلعو ڄام شورو:
سولي جاگرافي تعلقو سيوھڻ، حافظ محمد احسن چنا، غازي اسلام ڪتب خانو، شاھي بازار، دادو، دفعو ٻيو 1964ع.
نئين ائٽلس جاگرافي تعلقو سيوھڻ (مؤلف لکيل ناھي) آر.ايڇ احمد، حيدرآباد (سال ل
1157 ڀيرا پڙهيو ويو