جديد دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلا
(Problems Faced by Sindhi Language in Present Age)
ڊاڪٽر مخمور بخاري
Abstract:
Languages fall in the realm of Social Sciences, so their analysis could be carried out scientifically. Sindhi Language is one of the oldest languages of Sub-continent. There are numerous linguistic capabilities of every type in it. In this age of Computational technology, for the recognition and maintenance of the true status of any language, language experts are supposed to comprehend the problems of languages and come up with their solution in the light of language related technology.
Sindhi Language is not only facing external problems but also internal ones, which include correct usage of Sindhi, use of Sindhi as medium of instruction/education at Primary and Secondary levels, and recognition of Sindhi as Market Language. These issues related to Sindhi language need to be discussed productively for their proper solutions.
This paper is meant to study some of the aforementioned problems of Sindhi language.
ٻولي آوازن جي مجموعي هجڻ سان گڏ هڪ سائنسي ۽ سماجي علم به آهي، ٻولي نظر نه اچڻ باوجود مادي جيتري حيثيت رکي ٿي. اسان جڏهن ٻوليءَ لاءِ سماجي ۽ سائنسي علم جو خيال ظاهر ڪريون ٿا ته اهو سمجهڻ گهرجي ته ان کي انهن ئي علمن ذريعي سان پرکي/پروڙي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ان ڳالهه کان ڪنھن به طرح انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته ماءُ ٻوليءَ سان تعلق جذباتي ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته لاشعوري عمر ۾ جڏهن ڪنھن به آواز جي تصوير جو عڪس اسان جي ذهن ۾ اڪريل نه آهي ته ان وقت ماءُ جو آواز/ ڳالهاءُ اهڙا لفظي عڪس ٻار جي ذهن ۾ نقش ڪري ٿو. يقيناً، اهڙي حالت ۾ ان ٻوليءَ سان جڙندڙ تعلق ماءُ جي شفقت، ٻاجهه ۽ ممتا وارو آهي. سائنسي علمن موجب، ٻار جي تصوراتي دنيا جو جُڙڻ به ان عمل سان سڌيءَ طرح واسطو رکي ٿو. تنھنڪري ٻار کي ماءُ ٻوليءَ ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ انتھائي ضروري آهي، جنھن ٻوليءَ کي ٻار ڄمڻ کان وٺي غيرشعوري طور تي سکيو آهي، يا ان جي ذهن ۾ اها ٻولي نقش ٿيل آهي، تنھنڪري بھتر اهو آهي ته ان ئي ٻوليءَ ۾ ٻار کي بنيادي لفظي سکيا ڏني وڃي.
يونيسڪو نومبر 1951ع ۾ ٻار کي مادري زبان ۾ بنيادي تعليم ڏيڻ جو حق تسليم ڪندي اهو پڌرو ڪيو ته:
”ٻار لاءِ بھترين تعليمي ذريعو سندس مادري زبان آهي. شاگردن کي مادري زبان ذريعي ئي بھترين تعليم ڏيئي سگھجي ٿي. تعليم، سٺي نموني سان مادري زبان ذريعي ئي حاصل ٿي سگهي ٿي، پوءِ ڀلي ته شاگرد ڪو ٻار هجي يا بالغ. قومي زبان مادري زبان جي جاءِ نٿي ڀري سگهي.(1)
ان نُڪتي جي اهميت کي محسوس ڪندي، سنڌي ٻوليءَ جي نامياري عالم ۽ اديب عثمان علي انصاري پنھنجي هڪ ليک ’قومي زبان - تعليمي زبان‘ ۾ لکيو ته:
”سنڌي ٻار کي سنڌي زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. جنھن جي گهر ۽ ماحول جي زبان سنڌي آهي ۽ جنھن ٻار جو شعوري ۽ نيم شعوري (سجاڳي ۽ ننڊ) حالتن ۾ سنڌي زبان سان واسطو رهي ٿو ۽ گهڻي کان گهڻو وقت اُها زبان ڳالهائيندو يا ٻڌندو ٿو رهي.“ (2)
اهو بحث گهڻو پراڻو هئڻ باوجود هر دور ۾ نئون پڻ آهي. اسان جون موجوده حالتون ٻوليءَ جي حوالي سان جنھن بھتري ڏانھن وڌڻ گهرجن، افسوس ته ائين نه پيو ٿئي ۽ گهربل نتيجو به نه ملي رهيو آهي. جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي، پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اها سرپرستي عملي طور به لاڀائتي آهي، يا فقط اها سرڪاري رويي جي ور چڙهيل آهي. سنڌي ڳالهائيندڙ چاهين ٿا ته سنڌي ٻوليءَ کي ان جي قدامت ۽ لساني خوبين مطابق حيثيت ۽ مڃتا ملڻ گهرجي، جنھن جي هيءَ ٻولي حقدار به آهي.
سنڌي ٻوليءِ کي درپيش مسئلا : تاريخ جا صفحا ان ڳالهه کان ڪنھن به طرح انڪار ڪري نه سگهندا ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون هن خطي جي هزارن سالن جي قدامت ۾ ڦھليل آهن. تاريخ ۽ وقت ثابت ڪيو آهي ته سنڌي ٻولي سنڌ جي ئي آهي. ان جون پاڙون هن ئي خطي ۾ کتل آهن(3)
ان سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ تاريخ جو طويل سفر طئي ڪندي ٻين ٻولين کي ڪيترو ڪجهه ڏنو ورتو هوندو، ڪيترائي ثقافتي ۽ سماجي رنگ مٿس اثرانداز ٿيا هوندا، ٻوليون ثقافت کي به رنڱينديون آهن ته انهن جا رنگ به پاڻ تي کڻنديون آهن. سنڌي ٻولي اهڙو شاهوڪار ماضِي رکندڙ ٻولي آهي، جنھن جي اهميت ۽ حيثيت هر دؤر ۾ مڃيل آهي.
سماجي لسانيات جي حوالي سان ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو:
”ٻولي به ڪائنات ۾موجود ٻين شين وانگر هر وقت تبديليءَ جي حالت ۾ آهي. ايتري قدر جو صرف سؤ سال اڳ جي (ڳالهايل سنڌي آوازن جي صورت ۾ اسان وٽ رڪارڊ ٿيل ڪونه آهي.) لکيل سنڌي به اڄ جي لکجندڙ سنڌي کان گهڻو مختلف آهي. جارج گريئرسن 100 سال اڳ سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڳالهائجندڙ سنڌي جيڪا روينيو عملدارن جي ذريعي لکت ۾ آندي، اڄ جي ڳالهائجندڙ توڙي لکجندڙ سنڌيءَ کان گهڻو مختلف آهي.“ (4)
سنڌي سماج پنھنجي ثقافتي ۽ تھذيبي رنگ ڍنگ توڙي ادب، علم ۽ ڄاڻ جي حوالي سان هڪ زنده ۽ معتبر سماج جي حيثيت رکي ٿو، جنھن جي بنيادي حقن ۾ پنھنجي ٻوليءَ جي بقا، حفاظت ۽ مؤثر ڦھلاءُ پڻ شامل آهي، جيڪو ان جي قومي تشخص جي زنده رهڻ لاءِ لازمي آهي.
ٻولي ڪنھن به قوم جي اسرڻ يا ان جي اعليٰ حيثيت کي مڃرائڻ ۾ هڪ اهم وجود رکي ٿي ان لاءِ لازم آهي ته ٻار کي سڀ کان پھرين ان جي ماءُ ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي، پر حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ سرڪاري يا هڪ ڪجهه خانگي اسڪولن کي ڇڏي، اڪثر اسڪولن ۾ ٻار کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم نه ٿي ڏني وڃي. ڪيترن ئي نالي جي انگريزي ميڊيم اسڪولن ۾ ٻار سان انگريزيءَ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بدران، اردوءَ ۾ گفتگو ڪئي وڃي ٿي، ڪن خانگي اسڪولن ۾ ته سنڌي ڳالهائڻ تي به ڪاوڙ جو اظھار ڪيو وڃي ٿو! هتي هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد ڪنھن به زبان/ ٻوليءَ تي تنقيد نه آهي، بلڪ کليل واضح تضاد کي ظاهر ڪرڻ آهي، جنھن اسڪول کي انگريزي ميڊيم چيو وڃي ٿو ۽ ٻار جي مائٽن کان ڳريون فيون ورتيون وڃن ٿيون، اتي فقط هڪ ئي ٻوليءَ کي ئي فوقيت ڏني وڃي ٿو. جيڪو ڪنھن به طرح سنڌي ٻوليءَ سان مناسب رويو نه آهي. ٻار اسڪول ۾ اردو ۽ انگريزي پڙهي يا ڳالهائي ٿو؛ گهر يا گهٽيءَ ۾ سنڌي؛ ته وري مذهبي تعليم لاءِ عربي! هاڻ اهو چئن مختلف زبانن جو مرڪب بڻجندو ٿو وڃي پر هن معاملي ۾ فقط اهي فرد ذميوار نه آهن، جيڪي پنھنجي ڪاروبار لاء تعليم ۽ ٻولي کي استعمال ڪري رهيا آهن، اُن ۾ وڌيڪ ڏوهاري اسين پاڻ آهيون، جيڪي مائٽ جي حيثيت ۾ پنھنجي ٻارن کي اهڙن اسڪولن ۾ داخل ڪرايون ٿا ۽ انهيءَ جي مالڪن جي هر ڳالهه کي مڃون ٿا ۽ اُنهن سان پھرين ڪلاس کان ٻار کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو ضد نه ٿا ڪريون. سڀ کان وڌيڪ ٻي خرابي ڪھڙي ٿيندي جو اسان جي ڪيترن ئي سنڌي ٻوليءَ جي گهڻگهرن جي ٻارن کي سنڌي لکڻ، پڙهڻ نه ايندي آهي، ڪيترائي مثال اسان جي سامهون موجود آهن. اسان انهن لاء ڇا چئون ۽ حيرت جھڙي ڳالهه اِها آهي ته اُنهن مان ڪجهه سوشل ميڊيا تي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تباهي جون ڳالهيون ڪن ٿا.
ساڳئي وقت ان ئي تسلسل ۾ ڪن ٻين ڳالهين ڏانھن به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. ته جيڪي نوان اعليٰ تعليمي ادارا کلي رهيا آهن، انهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شعبو کولڻ لاءِ اختيار ڌڻين کي ڪابه دلچسپي نه آهي. سنڌ جي ڪن يونيورسٽن جي فيڪلٽين ۾ ته سنڌي ٻوليءَ جو وجود به ناهي! بلڪ هاڻ ڪجهه سالن کان نه ڄاڻ ڪھڙي حڪمت عمليءَ تحت سوشل سائنسز فيڪلٽيءَ جي مختلف شعبن مان لازمي يا مائينر مضمون طور پڙهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ جو ڪورس به خارج ڪيو ويو آهي. هيءَ صورتحال خطرناڪ آهي، جنھن ڏانھن اسان کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو. هڪ طرف غير سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ته وري ٻئي طرف سنڌ جي سرڪاري يونيورسٽين ۾ اهڙي صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي. هتي هڪ اهم نڪتي ڏانھن به ڌيان ڇڪائڻ ضروري آهي ته سنڌ جي جنرل يونيورسٽين ۾ قائم سنڌي شعبن کي محدود رکيو ويو آهي، يعني انهن شعبن کي انسٽيٽوٽ ۾ تبديل ڪري ان ۾ ادب ۽ ٻوليءَ جا الڳ لڳ شعبا قائم نه ڪيا ويا آهن، ان لاء جدا جدا ڪورس تيار ڪرڻ گهرجن، جيئن هن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ’انسٽيٽوٽ آف انگلش لئينگويج اينڊ لٽريچر‘ جھڙو ادارو موجود آهي، جنھن ۾ داخل ٿيندڙ شاگرد کي انگريزي ٻولي ۽ ادب ۾ الڳ الڳ چئن سالن جي B.S جي ڊگري ڏني وڃي ٿي. اسان وٽ هن قسم جون ڪوششون نه ئي انهن شعبن ۾ مقرر ذميوارن ورتيون آهن ۽ نه ئي هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪڏهن ان بابت ڪا نظر ثاني ڪئي آهي. ڄڻ اهي ڳالهيون انهن جي ايجنڊا تي ئي شامل نه آهن.
اعليٰ تعليمي ادارا بنيادي طور رياست کي هلائڻ لاء هڪ تربيت يافته فرد يا ماهر تيار ڪندا آهن. جيڪڏهن انهن ئي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان اهڙو رويو اختيار ڪيو ويو ته اها صورتحال تشويشناڪ آهي. هن وقت تائين هتي سنڌيءَ ۾، تعليمي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي. سنڌي ٻوليءَ کي ان کانسواءِ به ڪيترائي مسئلا درپيش آهن، جن ۾ سنڌيءَ ۾ سائن بورڊ ،آفيسن جون تختيون توڙي سرڪاري آفيسن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکتي واهپي کان وٺي قومي ٻوليءَ جي حيثيت تسليم ڪرڻ تائين، اڪيچار مسئلا موجود آهن، جن بابت اسان جا عالم اديب ڏاها گفتگو ته ڪندا آيا آهن، پر اڃان تائين ان جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو آهي.
دنيا ۾ ٻوليون هاڻ جدت سان ڪمپيوٽيشنل ميدان ۾ گهڻو اڳتي نڪري چڪيون آهن ۽ اسان کي پنھنجي ٻوليءَ کي پيش ايندڙ مسئلن ۽ مونجهارن بابت پڻ فڪر مند رهڻو پئي ٿو. جنھن تيزيءَ سان ٽيڪنالاجي ترقي ڪري رهي آهي، اسان کي پنھنجي ٻوليءَ کي به ان رفتار سان اڳتي آڻڻو پوندو.
ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلن ۾ سڀ کان اهو مسئلو ٻوليءَ جي درست استعمال جو آهي. پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي جيڪا ٻولي ڳالهائي يا لکي وڃي ٿي، ڇا اها پوريءَ طرح درست آهي؟ ڇا ان تي نظرثاني ڪئي وڃي ٿي؟، ريڊيو توڙي ٽي وي جي خبرن ۾ به سنڌي لفظن جي اُچارن جون غلطيون روز ٿين ٿيون. اڪثر سنڌي نيوز ڪاسٽر ۽ پروگرامن جا ميزبان به سنڌي درست تلفظ جو ڪو خيال نه ٿا رکن. ساڳيءَ ريت پرنٽ ميڊيا پڻ اهڙين غلطين کان پاڻ کي بچائي نه سگهي آهي. ادارا ڪاروباري بڻجڻ چاهين ٿا، جيڪا هڪ مثبت سوچ آهي پر ان ڪاروبار ۾ ٻوليءَ جو بگاڙ ڪھڙي ريت درست آهي؟ اسان جا اڪثر سنڌي چئنل اهڙن ميزبانن، پروڊيوسرن توڙي ڊائريڪٽرن کي پنھنجي چئنلن تي جاء ڏين ٿا جيڪي کانئن گهٽ معاوضو وصول ڪن ٿا. ڏک جي ڳالهه ته اها آهي ته ٻه ڏوڪڙ بچائڻ جي خيال کان معيار کي ڪيرايو وڃي ٿو. غير تربيت يافته فردن کي جڏهن سيٽلائيٽ چئنلن تي ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي ٿو ته ان حالت ۾ جتي سنڌي سماج جي فڪري آبياري کي ڌڪ لڳي ٿو ساڳئي وقت سنڌي ٻوليءَ جو به نقصان ٿئي ٿو. سستي شيءِ معيار کي ڪيرائي ڇڏيندي آهي، نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌي ٻوليءَ کي سنڌي ڳالهائيندڙن وٽان ئي ٿئي ٿو.
سماج جو مجموعي عڪس ان جو مجموعو هوندو آهي، سوشل ميڊيا تي سنڌي سماج جو اولڙو موجود آهي، جيڪو ڪيتري حد تائين مثبت آهي يا منفي ان بابت پاڻ سڀ واقف آهيون. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌي ٻوليءَ بابت اهڙي ڳنڀير صورتحال ڇو پيدا ٿي رهي آهي. ان جا بنيادي ڪارڻ ڇا آهن، ڇا سنڌي ماڻهو پنھنجي ٻوليءَ جي مالڪي ڪري رهيو آهي؟ ان جا ڪجهه سبب هي ٿي سگهن ٿا:
مادري زبان ۾ ٻار کي ابتدائي تعليم نه ڏيڻ ۽ هڪ وقت ئي، هڪ کان وڌيڪ ٻوليون پڙهائڻ سبب ان جي مادري زبان تان مھارت جو گهٽجڻ. ساڳئي وقت اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ لائبريرن ۽ سنڌي ڪتابن جو فقدان، شاگردن ۾ بحث مباحثو يا ان قسم جا ٻيا عمل يا مشق، جن جي ڪرڻ سان ٻار يا شاگرد جي ذهني صلاحيت وڌيڪ تيز ٿئي ٿي.
ادب توڙي ٻوليءَ جي مڪمل سکيا جو عمل رڪجڻ يا گهٽجڻ سبب ٻولي ڳالهائيندڙ جي تخليقي صلاحيتن جو درست استعمال نه ٿيڻ. مثال طور: اسان وٽ ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت ان حوالي سان اهم مورچو هو، جنھن جي هفتيوار گڏجاڻين ۾ نون لکندڙن جي ادبي آبياري توڙي ٻوليءَ جي حوالي سان تربيت ٿيندي هئي.
سنڌي ٻارن لاء ڇپجندڙ رسالن توڙي اخبارن جي صفحن جو گهٽجڻ يا ان جي معيار ۽ موضوعن بابت توجه نه ڏيڻ سبب نون پڙهندڙن يا لکندڙن جو معيار قائم نه ٿيڻ به اهم آهي. هي مورچو به سڀ کان اهم آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻوليءَ جا نوان پڙهندڙ توڙي لکندڙ اسان جو اڄ جو ٻار آهي، جيڪو اسان جو آئيندو آهي
سنڌي سماج جا اڪثر سرمائيدار ڪاروباري بڻجي وڌيڪ پئسو ڪمائڻ چاهي ٿو، جيڪو بھتر ته آهي پر هو ان ڊوڙ ۾ اهو وساري ويٺو آهي ته سندس سڃاڻپ سڀ کان اهم آهي ۽ اها سڃاڻپ سندس ماءُ ٻولي آهي، جنھن ڏانھن هن جو رويو غيرذميوارڻو آهي.
پنھنجي ٻولي، ثقافت ۽ تھذيب کان اسان جيترا پري ٿينداسين، اوترائي پنھنجي اصليت يا سڃاڻپ کي وڃائينداسين، ڇاڪاڻ ته هي دور تھذيبي ، ثقافتي، لساني ۽ سائنسي طور تي تبديل ٿيندڙ دؤر آهي. جنھن ۾ اسان جون ذميواريون هڪ استاد، تعليمدان، اديب، شاعر، راڳي، آفيسر، سياستدان توڙي ڪاروباري حيثيت رکندڙن تي سڀ کان گهڻي آهي. اسان کان پوء ايندڙ نسلن تائين پنھنجي ٻولي محفوظ بڻائي پھچائڻ جو ذمو اسان سمورن تي آهي تنھنڪري اسان کي ٻوليءَ جي موجوده سماجي هيئت توڙي سائنسي انداز کي سامهون رکي اهم ۽ وقتائتا قدم کڻڻا پوندا جن ۾:
تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مڪمل طرح رائج ڪرائڻ کان ويندي ان جي درست استعمال تائين عملي قدم کڻڻ.
پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذميوار فردن کي پنھنجي ذميواري کان سختي سان آگاھ ڪرڻ ۽ سندن غلطين جي نشاندهي ڪرڻ.
ڪمپيوٽيشنل دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلن جھڙوڪ; الف بي جي پٽيءَ جو ساڳي حالت ۾ قائم رهڻ يا ان جي اکرن ۽ آوازن جي گهٽ وڌائي، وڌ کان وڌ سنڌي ڪتابن کي ويبسائيٽن تي اپ لوڊ ڪرڻ، ڊيٽابيس کي مڪمل ڪرڻ، يونيڪوڊ ۾ پٽيءَ جي اکرن جي مڪمل سڃاڻپ ڪرائڻ کان ويندي يونيڪوڊ جي ميمبرشپ حاصل ڪرڻ جھڙن بنيادي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ، سنڌي ٻوليءَ کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻو پوندو، ڇاڪاڻ جو ٻوليءَ جي زنده رهڻ جو هڪ هنڌ، وکر جي وڪامجڻ جو هنڌ پڻ آهي. اوهان ڪو وکر خريدڻ چاهيو ٿا ان وقت توهان کي اها ٻولي اچڻ گهرجي، جتان اها شيءِ خريدي رهيا آهيو. يعني اوهان هڪ وکر نه خريدي رهيا آهيو پر ان سان ٻولي به خريدي رهيا آهيو. نصير اعجاز ان حوالي سان پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اهميت‘ ۾ تفصيل سان گفتگو ڪئي آهي. ان حوالي سان هڪ هنڌ لکي ٿو:
”سنڌي ٻوليءَ جي مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور ترقي صرف حڪومت، ڪنھن اداري يا فرد جي ذميواري ناهي، اهو انفراديءَ سان گڏ اجتماعي فرض آهي، جنھن ۾ هر ماڻهوءَ کي پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. (4)
سنڌي ٻولي کي مسئلن ۽ مونجهارن مان پار اڪلائڻ کان پوء جديد ٽيڪنالاجيءَ سان همڪنار ڪرڻ جھڙا سمورا معاملا ۽ مسئلا اسان جي ادارن کان ويندي هر باشعور فرد جي پھرين ذميواري هجڻ گهرجن.
حوالا
1. جويو، محمد، ابراهيم، مرتب’اسان جي مادري زبان ۽ ان جي تعليم ۾ اهميت‘ (’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘: ص 44، سنڌ فرينڊس سرڪل، حيدرآباد، سنڌ، 1985ع.
2. انصاري، عثمان، علي،’قومي زبان ۽ تعليمي زبان‘ (شامل مضمون): اسان جي ٻولي اسان جي تعليم، مرتب: محمد ابراهيم جويو، ص 19، 1985ع.
3. سراج، ’سنڌي ٻولي‘ ڇاپو ٽيون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2017ع حيدرآباد ص 91
4. ٻگهيو، قاسم، ڊاڪٽر، ’سنڌي ٻولي - لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‘، ص 73، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1998ع.
5. اعجاز، نصير، ’سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اهميت‘، ص 192، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ، حيدرآباد، سنڌ، 2018ع.