لغتن جا مختلف قسم: هڪ جائزو
(Analyzation of kinds of dictionaries)

ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو
Abstract:

It is an established fact that language is a vital social tool of communication which enables people to share their ideas and thoughts with one another. Without language, a society cannot exist. A person’s strong and effective talking, speaking and writing power and skills depend on his or her practice of carefully chosen words. However; it is not possible for a person to know and understand all the words of a language with their variety of meanings and, use the entire range of vocabulary or make sense every word. In order to solve this problem, dictionaries were compiled and written. With the passage of time, a variety of different kinds of dictionaries appeared such as Monolingual, Unilingual, General Purpose Dictionaries, Bilingual and Multilingual or Polyglot Dictionaries, Scholarly Dictionaries, and Special Dictionaries. Special types of dictionaries contain various formats. These include Etymological Dictionaries, Dictionaries of Skills and Arts, Educational Dictionaries, Dialectal Dictionaries, Dictionaries of Classical and Modern Poets and Prose Writers, Dictionaries of Sacred Books, Dictionaries of Proverbs, Idioms and Phrases, Dictionaries of Ancient and Obsolete Words, Chronological Dictionaries, Biographical Dictionaries, Encyclopedic and Reference Dictionaries, Pronouncing Dictionaries, Conceptual Dictionaries, Dictionaries of Usage, Slang Dictionaries, Dictionaries of names, and Dictionaries of Quotations.
I have attempted to analyze aforesaid kinds of dictionaries in a detail coupled with examples from dictionaries in Sindhi language in an exclusive manner.

ٻوليءَ جون ڪي وصفون ساديون ٿين ٿيون، ته ڪي ڳُوڙهيون. سادين وصفن مان هڪ وصف، فتح محمد سيوهاڻيءَ پاران به آندل آهي؛ جنھن موجب:
”ٻولي چئبو آهي اهڙي ڳالهائڻ کي، جو ڳالهائيندڙ ڳالهائي ته سندس هم زبان ٻڌندڙ، اُن جو مطلب پوريءَ طرح سمجهي سگهي.“(1)
جيتوڻيڪ ان وصف کي تنقيد هيٺ آڻي چئي سگهجي ٿو ته صرف ’هم زبان‘ ٻڌندڙ ڇو؟ ڇا ٻيءَ زبان وارو جيڪڏهن ان جو مطلب پوريءَ طرح سمجهي سگهي ٿو، ته ان کي ٻولي نه چئبو؟ يا، جيڪڏهن ٻِي ٻولي ڳالهائيندڙ ڳالهايل ٻوليءَ جو مطلب پوريءَ طرح نه ٿو سمجهي سگهي يا اڻپورو سمجهي ٿو، ته ڳالهايل ٻوليءَ کي ٻولي نه چئبو؟ ٻوليءَ جي اِن وصف توڙي ٻين وصفن منجهان ڪي ٻيون ڳالهيون پڻ معلوم ٿينديون آهن. انهن بابت لکڻ کان اڳ، ٻوليءَ جي هڪڙي ٻِي وصف به هن ريت آهي:
”سچ پچ ٻولي اُها آهي، جا ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي، وڏو ڳالهائي ته ننڍو سمجهي؛ شھري ڳالهائي ته ڳوٺاڻو سمجهي، ڳوٺاڻو ڳالهائي ته شھري سمجهي؛ زال ڳالهائي ته مڙس سمجهي، مڙس ڳالهائي ته زال سمجهي؛ هندو ڳالهائي ته مسلمان سمجهي، مسلمان ڳالهائي ته هندو سمجهي (هيءُ فقرو خاص هندستان جي ٻولين سان لاڳو آهي، جن ۾ سنڌي به اچي وڃي ٿي). اِها آهي نج ۽ اصلي ٻولي ۽ انهيءَ جو ئي نالو آهي ’عام ٻولي‘.“(2)
ٻوليءَ جي اها وصف شروع ته ’ٻوليءَ‘ جي وصف کان ٿِي، پر ختم ”عام ٻوليءَ“ جي وصف تي ٿئي ٿي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ”ٻوليءَ“ ۽ ”عام ٻوليءَ“ ۾ ڪو فرق آهي يا ٻئي هڪ ئي ’شيءِ‘ جا ٻه نالا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيل، هڪ ٻِي وصف پڻ ڌيان ڇڪائي ٿي:
”ٻولي انسان ذات سان گڏ وجود ۾ آيل آوازن، آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ اهڙو سرشتو آهي، هڪ اهڙي تنظيم ۽ عمل آهي، جنھن جي مدد سان هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا، واسطو ۽ تعلق رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا.“(3)
مٿين وصفن منجهان، اسان کي ٻوليءَ بابت ڪي ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، جھڙوڪ:
(1) ڳالهايل لفظن ۾ ڪا نه ڪا معنى سمايل هوندي آهي، جيڪا ڳالهائيندڙ کي ته معلوم هوندي آهي، پر ڳالهائيندڙ اها اميد رکندو آهي ته ٻڌندڙ کي به انهن لفظن جي معنى اچي ٿي.
(2) ڳالهائيندڙ ۽ ٻڌندڙ ڪھڙيءَ به ڄمار جا هجن، ڪھڙيءَ به جنس جا هجن، ڪھڙي به مذهب جا هجن ۽ ڪھڙي به ماحول يا سماجي طبقي ۾ رهندڙ هجن، پر اهي ٻوليءَ ۾ ڪتب آيل لفظن ۽ انهن جي مراد کي چڱيءَ طرح سمجهندڙ آهن.
(3) ٻولي ماڻهن جي سماجي گروهه منجهه آوازن، آوازي نشانين ۽ علامتن جو هڪ سرشتو آهي، جنھن وسيلي اهي هڪ ٻئي سان وهنوار رکن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجهن ٿا.
چئي سگهجي ٿو ته، ٻولي ڪنھن هڪ ماڻهوءَ سان لاڳاپيل هئڻ جي بدران ٻن يا ٻن کان ڌيڪ ماڻهن سان لاڳاپيل آهي. جيترا گهڻا ماڻهو ٻوليءَ، ان جي آوازن، آوازي نشانين، علامتن ۽ آوازن مان جڙندڙ لفظن وسيلي هڪ ٻئي سان لھه وچڙ ۾ اچن ٿا اوترو ئي ٻوليءَ جو دائرو ڪشادو ٿئي ٿو ۽ اها رابطي سان گڏ سمجهه واري ڪارج کي وڌيڪ اثرائتو ۽ ڪارگر بڻائي ٿي. ان لحاظ کان ٻولي سماج کان الڳ نه آهي، نه ئي ٻوليءَ کي سماج کان الڳ ڪرڻ ممڪن آهي. ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو لکي ٿو:
”ماڻهو جڏهن هڪٻئي سان واسطي ۽ لھه وچڙ ۾ اچن ٿا، تڏهن اهي ڪجهه به ڪن، ڪھڙو به عمل ڪن... اهي ڳالهائن ٿا. اسين ڳالهائڻ واري ٻوليءَ جي انهيءَ ڪائنات ۾ رهون ٿا.“(4)
ڳالهائڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ جي مرحلن مان گذرندڙ ٻولي، ماڻهوءَ جي ذهنن ۾ سانڍيل لفظن، انهن جي متبادل لفظن ۽ انهن جي مفھوم کي سمجهائيندڙ ڪجهه ٻين لفظن جي صورت ۾ موجود هوندي آهي. وقت گذرڻ سان انهن لفظن ۾ واڌارو ايندو/ٿيندو رهندو آهي. ان ريت، مختلف ڌنڌن ۽ ڪِرتن سان لاڳاپيل ماڻهن جا لفظي ذخيرا، ڳالهه ٻول ۽ ڪم ڪار ذريعي جڏهن هڪ ٻئي سان سلهاڙجن ٿا، ته ٻولي ڳالهائيندڙن جو مجموعي لفظي ذخيرو وڌڻ لڳي ٿو، جنھن سان ٻولي شاهوڪار بڻجڻ جي عمل مان گذري ٿي. ان ڪري، ٻوليءَ وٽ جيترا گهڻا لفظَ ۽ انهن جا مفھومي لفظ هوندا آهن، اها اوتري ئي گهڻي رچيل ۽ شاهوڪار هوندي آهي ۽ ڪنھن به خيال، مقصد، وهنوار ۽ ڪِرت کي ڀرپور ۽ سھڻي طريقي سان اظھاري، ان جي تشريح ۽ توسيع ڪري سگهندي آهي ۽ سماج ۾ پنھنجو گهڻ رُخو ڪارج ادا ڪندي رهندي آهي، خاص ڪري اهو ڪارج ويتر وڌي ويندو آهي، جڏهن ڪا هڪ ٻولي، ٻيءَ ٻوليءَ سان بامقصد رابطي ۾ ايندي آهي.
جيڪڏهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڳالهايل ۽ لکيل لفظ، ۽ ان جي معنى سمايل ۽ سمجهيل آهي، ته نه صرف ماڻهو پاڻ ان لفظ جو مفھوم ڄاڻي سگهندو ته هُو ڇا چئي رهيو آهي، پر ٻڌندڙ يا پڙهندڙ ماڻهو به ان کي چڱيءَ پر سمجهي سگهندو؛ ٻيءَ حالت ۾ اهو لفظ ڪنھن به معنى ۽ مفھوم کانسواءِ هوندو، پوءِ ڀلي ته منجهس ڪو مفھوم سمايل به هجي. اهڙو لفظ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪو به تصور جوڙي نه سگهندو، جنھن سان لاڳاپيل تصور ذهن ۾ ويٺل نه آهي. اهو پڻ ممڪن نه آهي ته ڪنھن هڪ ماڻهوءَ وٽ ٻوليءَ جي هر لفظ بابت مڪمل ڄاڻ هجي ۽ اهو ان جي هر ڪارج کان پوريءَ ريت آگاهه هجي، پر جيڪڏهن ڪو هڪ يا ڪجهه ماڻهو اهڙي سڀ رُخي ڄاڻ رکندا به هجن، تڏهن به اهي سڄي سماج جو بدل نه ٿا ٿي سگهن، جتي ضرورت آهر مختلف لفظ واهپي ۾ ايندا رهن ٿا. ان صورت ۾ اهڙي ڪتاب جي لازمي ضرورت پوندي، جنھن ۾ اهو لفظ پنھنجي عام توڙي ٻئي مروج مخصوص اُچار، وياڪرڻي حالت، ڪنھن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ متبادلن، معنائن، سمجهاڻين، جملي ۾ استعمال، وغيره سان گڏ موجود هجي، ته جيئن ان لفظ کي سمجهي سگهجي. اهڙي قسم جي ڪتاب کي، عام طور ”لغت“ (Dictionary) سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته ’لغت‘ جوڙڻ، مرتب ڪرڻ، تاليف ڪرڻ يا لکڻ جي عمل کي ’لغت نويسي‘ سڏيو ويندو آهي.
”لغت سازي، ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ جي وسيلن مان هڪ وسيلو آهي. ڪنھن به ٻوليءَ جون لغاتون جيڪڏهن نه لکجن ها ته ان ٻوليءَ جي الفاظ جو ذخيرو ضايع ٿي وڃي ها ۽ ان جا ڳالهائيندڙ پوريءَ طرح سان اظھارِ خيال نه ڪري سگهن ها. لھاذا جھڙي طرح ٻولين جي عالمن پنھنجين ٻولين جو صرف و نحو ۽ ان جا قاعدا مرتب ڪيا، اهڙيءَ طرح انهن لغاتون به مرتب ڪيون، جيئن ٻوليءَ جا قديم الفاظ، محاورا ۽ اصطلاح محفوظ رهن ۽ ٻولين جي ترقيءَ جي رفتار قائم رهي.“ (5)
لغت جي ڪتاب کي حوالاجاتي ڪتاب (Reference Book) جي حيثيت حاصل آهي. حوالاجاتي ڪتاب ضرورت آهر ۽ وقت بوقت مطالعي هيٺ آندا ويندا آهن. انسائڪلوپيڊيائن جو شمار پڻ حوالاجاتي ڪتابن منجهه ٿيندو آهي.
ٻوليءَ، لفظن ۽ لغت جي مٿي ڪيل بحث منجهان اها ڳالهه چِٽي ٿي اچي ٿي، ته لغت اهو ڪتاب آهي، جنھن ۾ هڪ ٻوليءَ جي لفظن جون معنائون وغيره ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ ئي لکيون وڃن ٿيون. ان لحاظ کان، اهڙي لغت کي ’هڪ-ٻوليائي لغت‘ (Mono-lingual dictionary) چئي سگهجي ٿو. مثال طور سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جون معنائون وغيره سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي لکيل هجن يا انگريزي ٻوليءَ جي لفظن جون معنائون انگريزيءَ ۾ ئي درج ڪيل هجن. اهڙيءَ لغت کي ’عام لغت‘ (General Dictionary) پڻ چئي سگهجي ٿو.
سوال ٿو پيدا ٿئي ته ’عام لغت‘ کانسواءِ لغتن جا ٻيا قسم به ٿيندا آهن ڇا؟ ان سوال جي جواب لاءِ لغتن جي تاريخ تي هڪ نگاهه وجهڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت مختلف قسمن جون لغتون ڪو نه جُڙيون آهن، پر جيئن جيئن لغتون لکجنديون ويون تيئن تيئن انهن جا قسم به پڌرا ٿيندا ويا. مثال طور پھرين صدي ق.م ۾، مارڪس ٽـيـرينـٽس وَرو (Marcus Terentius Varro) هڪ مقالو ‘De Lingua Latina’ (دَ لنگئا ليٽينا) لکيو، جنھن ۾ هُن لاطيني شاعرن جي ڪلامن مان لفظن جا اشتقاق ڏنا. ان لحاظ کان نه صرف شاعرن جي ڪتب آندل لفظن جون لغتون جوڙڻ جي شروعات ٿي، پر اشتقاقي لغتن جي به گهرج محسوس ٿي. اهڙيءَ طرح، انگلينڊ ۾، 1440ع ۾، جيوفري دَ گرامريَن (Geoffrey the Grammaran) سان منسوب، سڀ کان اڳ ٻه-ٻوليائي (Bi-lingual) لغت لکي وئي، جيڪا انگريزي-لاطيني لغت هئي، جنھن جو نالو ’پرامپٽوريم پرويولورَم (اسٽور هائوس ]آف ورڊس[ فار چلڊرين آر ڪلارڪس‘ (“Promptorium parvulorum” (Store house [of words] for children or clerics هو.(6) ان لغت کي باضابطا طور، پھرين انگريزي-لاطيني لغت جي حيثيت حاصل آهي. ڇپائيءَ جي دريافت کان اڳ اها لغت ڪيترن ئي سالن تائين هٿ اکرن ۾ لکي وئي. اها لغت 1499ع ۾، پھريون ڀيرو، لنڊن پريس مان ڇپي. ان کان پوءِ 1476ع ۾ وليم ڪيڪسٽن جي جوڙيل ’فرينچ-انگلش وڪيبيلري‘ به پڌري ٿي. ان ريت ٻه-ٻوليائي (Bi-lingual) لغتن جي باضابطا شروعات ٿي. انهن ٻه-ٻوليائي لغتن کان پوءِ ئي، 1604ع ۾، رابرٽ ڪاڊري (Robert Cawdrey) جي لغت ‘A Table Alphabetical..’ ' (اَ ٽيبل الفابيٽيڪل...) ڇپي، جيڪا ٽن هزار لفظن تي مشتمل هئي. ان لغت کي پھرين نج انگريزي کان انگريزي لغت جي حيثيت حاصل آهي يعني اها پھرين انگريزي هڪ-ٻوليائي لغت آهي. جڏهن ته 1721ع ۾ انگريزي ٻوليءَ جي پھرين اشتقاقي لغت ’اين يُونيورسل اِٽامولاجيڪل انگلش ڊڪشنري‘ (An Universal Etymological English Dictionary) ڇپجي پڌري ٿي. ان اشتقاقي لغت جا 1802ع تائين 30 ڇاپا پڌرا ٿيا. انگريزي ٻوليءَ جي لغت نويسيءَ ۾، هڪ وڏو ڇال، سموئيل جانسن (Samuel Johnson) جي جوڙيل لغت ’اَ ڊڪشنري آف انگلش لئنگئيج‘ (A Dictionary of English Language) آهي جيڪا 1755ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي. ان لغت کي انگريزي ٻوليءَ جي پھرين جامع لغت جي حيثيت مليل آهي، جنھن جي پھرئين ڇاپي ۾ 42-هزار لفظن جون داخلائون شامل هيون.
سنڌي ٻوليءَ ۾ ٿيل لغت نويسيءَ تي نظر ڌربي، ته معلوم ٿيندو ته سنڌ جي مدرسن ۾، يارهين صدي عيسويءَ کان وٺي، سومرن ۽ سمن توڙي ارغونن، مغلن ۽ ترخانن جي حڪومتي دَورن ۾، مذهبي تعليم دوران، ’ٻه وايا‘ ۽ ’ٽه وايا‘ڪتب آندا ويندا هئا، جن مان ’ٻه وايا‘ فارسي ۽ سنڌي، يعني ٻه-ٻوليائي لغتن جو نمونو هئا ۽ ’ٽه وايا‘ فارسي، عربي ۽ سنڌي، يعني ٽه-ٻوليائي لغتن جو نمونو هئا. 1843ع ۾، انگريزن پاران سنڌ جي فتح کان پوءِ، انگريزي ۽ سنڌي ٻولين ۾ به ويجهڙائي ٿيڻ لڳي، جنھن جي نتيجي طور، 1849ع ۾ پھرين انگريزي-سنڌي ٻه-ٻوليائي لغت، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي،’A Dictionary: English and Sindhi’ (اي ڊڪشنري: انگلش اينڊ سنڌي)، ڪتابي صورت ۾ ڇپي. ان ڪري، چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسي ٻه-ٻوليائي ۽ ٽه-ٻوليائي لغتن جي قسمن سان ٿي آهي. جڏهن ته 1866ع ۾ جارج شرٽ جي ڇپيل لغت ”اکر ڌاتو“ سان، سنڌي ٻوليءَ ۾ اشتقاقي لغتن جي شروعات ٿي، جنھن ۾ سنسڪرت لفظن مان نڪتل سنڌي لفظن جا ڌاتو ۽ انهن جون معنائون ڏنل آهن.
لغتن جي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ابتدائي لغتون هڪ ئي ٻوليءَ جون عام لغتون رهيون آهن، ته هڪڙي ٻوليءَ کان ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ٻه-ٻوليائي لغتون به تدوين ڪيون ويون. ان کان پوءِ جيئن جيئن لغت جي فن ارتقا جا مختلف مرحلا طيءِ ڪيا ۽ علمن جي اوسر ٿيندي وئي، انهن موجب، لغتن جا مختلف قسم به جُڙندا ۽ پڌرا ٿيندا ويا. ان کانسواءِ، دنيا جي مختلف ٻولين ۽ انهن جي سماجن جي مختلف طبقن جي ضررتن ڪارڻ پڻ لغتن جا نوان قسم مرتب ٿيندا رهيا، جنھن سان لغت (Dictionary) جي وصفن ۾ به سڌارا ۽ واڌارا ايندا ويا. اهو ئي سبب آهي، ته جڏهن ’لغت‘ جون وصفون بيان ڪيون ويون آهن، ته اڻ سڌيءَ طرح، منجهن لغت جي مختلف قسمن جو ذڪر به آيو آهي. مثال طور: ’ڊڪشنريءَ‘ جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيندي ”اوڪسفرڊ انگلش ريفرنس ڊڪشنريءَ“ جو مرتب لکي ٿي:
“1 a book that lists (usu. in alphabetical order) and explains the words of a language or gives equivalent words in another language. 2 a reference book on any subject, the items of which are arranged in alphabetical order (dictionary of architecture)”. (7)
1- ڪتابُ جنھن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جا لفظ (عام طور الف-بي وار ترتيب ۾) ڏنل ۽ سمجهايل يا انهن جا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ متبادل آندل هجن. 2- ڪنھن به موضوع تي هڪ حوالاجاتي ڪتاب، جنھن جا لفظ الف-بي وار ترتيب ۾ ڏبا آهن (تعميرات جي لغت).
مٿينءَ وصف مان لغت جي ٽن قسمن جي سُڌ پئي ٿي: (1) ساڳي ٻوليءَ جي لفظن جون معنائون يعني هڪ ٻوليائي لغت، (2) هڪ ٻوليءَ مان ٻي ٻوليءَ ۾ ڏنل معنائون يعني ٻه-ٻوليائي لغت، ۽ (3) موضوعي لغت.
’ڊڪشنريءَ‘ جي وصف ڏيندي، ”ڪيسِل ڪنسائز انگلش ڊڪشنري“ سمجهائي ٿي ته:
“A book containing the words of any language in alphabetical order, with their definitions, pronunciations, parts of speech, etymologies and uses, or with their equivalents in another language: a work of information on any subject under words arranged alphabetically.”(8)
(ڊڪشنري: اهو ڪتاب جنھن ۾ ڪنھن به ٻوليءَ جا لفظ الف-بي وار ترتيب ۾، وصفن، اچارن، وياڪرڻي حيثيت، ڌاتُو ۽ استعمال، يا ٻيءَ ٻوليءَ ۾ انهن جي مترادفن سان ڏنل هجن؛ ڪنھن به موضوع تي لفظن جي الف-بي وار ترتيب ۾ ڏنل معلوماتي تصنيف.)
ڪيسل ڊڪشنريءَ جي وصف منجهان پڻ ٽن لغتن جي ٽن قسمن جِي سڌ پئي ٿي: (1) هڪ ٻوليءَ جي لغت، جنھن ۾ اچار، گرامر ۽ اشتقاق جي سڌ ملي، (2) ٻه ٻوليائي لغت، ۽ (3) موضوعاتي لغت.
”دَ اميريڪن هيريٽيج ڊڪشنري آف دَ انگلش لينگئيج“ ۾، ’ڊڪشنريءَ‘ جي وصف هن ريت ڏنل آهي:
“1. A reference book containing an explanatory alphabetical list of words, as: a. A book listing a comprehensive or restricted selection of the words of a language, identifying usually the phonetic, grammatical, and semantic value of each word, often with etymology, citations, and usage guidance, and other information. b. Such a book listing the words of a particular category within a language. 2. A book listing the words of a language with translations into another language. 3. A book listing words or other linguistic items, with specialized information about them: a medical dictionary.”(9)
(1. هڪ حوالاجاتي ڪتاب، جنھن ۾ الف-بي وار ترتيب ۾ لفظن جي وضاحتي فھرست هجي، جھڙوڪ: ا. هڪ ڪتاب جنھن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جي لفظن جي جامع يا محدود چونڊ هجي، جيڪا عام طور هر هڪ لفظ جي صوتياتي، وياڪرڻي، ۽ معنوي حيثيت، گهڻي ڀاڱي اشتقاق، حوالي، ۽ ڪتب آڻڻ جي رهنمائي، ۽ ٻي معلومات ڏَسيندڙ هجي. ب. ڪنھن به ٻوليءَ ۾ ترتيب ڏنل خاص قسم جي لفظن جو ڪتاب. 2. هڪ ڪتابُ جنھن ۾ هڪ ٻوليءَ جي ترتيب ڏنل لفظن جو ترجمو ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڏنل هجي. 3. هڪ ڪتاب جنھن ۾ ترتيب ڏنل لفظن يا ٻِين ٻوليائي لفظن بابت خصوصي ڄاڻ ڏنل هجي، جهڙوڪ: ميڊيڪل ڊڪشنري.)
لغت جي مٿينءَ وصف منجهان، ان جي چئن قسمن جِي سڌ پئي ٿي: (1)هڪ ٻوليءَ جي جامع يا چونڊ لفظن جي لغت، (2) هڪ ئي ٻوليءَ ۾ ڪنھن مخصوص قسم جي لفظن جي لغت، (3) ٻه ٻوليائي لغت، ۽ (4) موضوعاتي لغت.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ترتيب ڏنل ”جامع سنڌي لغات“ ۾، لغت جي معنى ۽ سمجهاڻي هن ريت ڏني وئي آهي:
”لُغَت ج لُغتُون: ث. (ع. لغُوَ = ڳالهائڻُ) ڪنھن قوم جي زبان ـــ هڪ ڪتاب جنھن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جا لفظ سمجهاڻين، معنائن وغيره سميت درج ٿيل هجن ـــ فرهنگ ـــ ڪوشُ ـــ قاموس ـــ زُبان ـــ ٻولي ـــ ڀاشا ـــ ڊڪشنري ـــ اهي لفظ جن جي معنى مشھور نه هجي. لفظ ـــ شبد. وارتا ـــ وائِي ـــ چَؤوت ـــ چوپَچو ـــ چَؤٻولو.“(10)
لغت جي مٿينءَ تشريح منجهان، صرف هڪ ئي قسم جي لغت يعني هڪ ٻوليائي لغت جي خبر پئي ٿي. لغت جي جديد وصفن موجب ان وصف ۾ اصلاح جي گهرج محسوس ٿئي ٿي.
ڊاڪٽر غلام علي الانا ’لغات سنڌي مخففات‘ ۾ شامل ’مقدمي‘ ۾ لغت جي قسمن بابت، لکي ٿو: ”مطالعي جي مدد سان لغتن جا هيٺيان ڌار ڌار قسم مقرر ڪري سگهجن ٿا“:
(الف) لھجي-وار يا اُپڀاشا/اُپڀاشائن تي مشتمل لغات،
(ب) جاتيوار ٻولين جي لغات،
(ت) ڌنڌي وار لفظن جون لغتون،
(ث) ڌاتو ڪوش (Etymological dictionary)،
(ج) جامع لغات،
(ج) ثقافتي قسم جي لغات،
(خ) دو -لساني لغات،
(د) گهڻ-لساني لغات،
(ر) ڪنھن هڪ شاعر جي ڪلام مان چونڊيل لفظن جي لغات،
(ز) ڪنھن به ٻوليءَ جي علم ادب جي لغات،
(س) اينسائيڪلوپيڊيا،
(ش) خاص موضوعن ۽ مضمونن تي مشتمل لغتون،
(ص) انڊيڪس يا ڏسڻي،
(ض) گلاسري يا فرهنگ،
(ط) دفتري ٻوليءَ تي مشتمل لغتون،
(ظ) ڪرانالاجيڪل لغات، ۽
(ع) پنھنجي ماحول ۾ رائج روزمره وارن لفظن جي لغات.“(11)
ڊاڪٽر الانا صاحب، انهن قسمن بابت تفصيل سان لکيو آهي ۽ انهن لغتن لاءِ مواد جي سھيڙ واسطي مددي ڪتاب پڻ لکيا آهن. انهن قسمن منجهان ”انسائڪلوپيڊيا، انڊيڪس يا ڏسڻي، ۽ گلاسري يا فرهنگ“ الڳ اصطلاح آهن، جن هيٺ لغتن کان ڌار قسمن جي فھرستن ۽ مواد جي سھيڙ ڪئي ويندي آهي.(12) ان کانسواءِ جديد اڀياس موجب لغت جا ٻيا قسم پڻ پاڻ منجهه ضم ٿين ٿا، جيئن اڳتي ڪيل بحث مان سمجهي سگهبو.
’انسائڪلوپيڊيا برٽينيڪا‘ پنھنجي علمي معيار ۽ مواد جي ضخامت جي لحاظ کان سڄيءَ دنيا جي علمي حلقن ۾ وڏي سڃاڻپ، مڃتا ۽ قبوليت حاصل ڪئي آهي. ان منجهه لغتن جا هيٺيان ٽي قسم ڄاڻايا ويا آهن:
1. عام-مقصدي لغتون (General-Purpose Dictionaries، جنرل پَرپَز ڊڪشنريز)،
2. عالماڻيون لغتون (Scholarly Dictionaries، اسڪالرلي ڊڪشنريز)، ۽
3. خاص لغتون (Specialized Dictionaries، اسپيشلائيزڊ ڊڪشنريز).(13)
مٿي، لغت جي ڏنل مختلف وصفن ۾، لغت جي جن قسمن جو ذڪر آيو آهي، انهن سڀني جي مطالعي ڪرڻ کان پوءِ، لغت جا هيٺيان چار بنيادي قسم معلوم ٿين ٿا:
1. هڪ-ٻوليائي عام مقصدي لغتون (Monolingual/Unilingual General Purpose Dictionaries)
2. ٻه-ٻوليائي ۽ گهڻ ٻوليائي لغتون (Bi-lingual and Multilingual Dictionaries)
3. عالماڻيون لغتون (Scholarly Dictionaries) ۽
4. خاص لغتون (Special Dictionaries).
لغت جي مٿين چئني قسمن بابت هيٺ ڏنل مفصل مطالعي مان معلوم ٿيندو، ته انهن چئني قسمن جي لغتن ۾، لغت جو ڪو نه ڪو قسم شامل ٿئي ٿو.
1. هڪ-ٻوليائي عام مقصدي لغتون
(Monolingual/Unilingual General Purpose Dictionaries):
لغت جو هيءُ قسم هڪ ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي واسطي آهي، ڇاڪاڻ ته انهن لغتن ۾ لفظن جون معنائون ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ ئي ڏنل هونديون آهن، ان ڪري اهي ’هڪ-ٻوليائي لغتون‘ به چئبيون آهن. هي لغتون سماج جي سڀني طبقن ۽ ماڻهن لاءِ فائديمند هونديون آهن. ڪنھن به ٻوليءَ جي لفظن جو ذخيرو وسيع هوندو آهي، ان ڪري ڪنھن عام ماڻهوءَ، استاد، عالم، اديب وغيره لاءِ اهو ممڪن نه هوندو آهي، ته کيس ٻوليءَ جي سڀني لفظن جون معنائون اينديون هجن ۽ هو انهن جا گهڻ رُخا استعمال ڄاڻيندو هجي، ان ڪري انهن کي عام لغتن جي گهرج پوندي آهي. هن قسم جون لغتون ڪنھن قدر مجموعيت جو تاثر ڏيندڙ هونديون آهن.
عام مقصدي لغتون لفظن بابت ممڪن طور تي گهڻ رُخي معلومات ڏينديون آهن. ڪن حالتن ۾ اهڙي معلومات معياري ٻوليءَ موجب سھيڙيل هوندي آهي. عام مقصدي لغتون هڪ جلد تي به مشتمل ٿي سگهن ٿيون، ته هڪ کان وڌيڪ جلدن (several volumes) تي به مشتمل ٿي سگهن ٿيون. ان جي سائز به ننڍي يا وڏي ٿي سگهي ٿي. هن قسم جي لغتن ۾، ضرورت موجب، سادن، مرتب ۽ مرڪب لفظن، اصطلاحن، ورجيسن، فقرن، پھاڪن، چوڻين وغيره کي شامل ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جون معنائون ڏيڻ سميت ٻِي معومات شامل ڪئي ويندي آهي. هن قسم جي لغتن ۾، جيڪڏهن هم معنى لفظن، سمجهاڻين، اشتقاقن، اُچارن، مختلف لکيتن، واحدن ۽ جمعن، مذڪرن ۽ مؤنثن، نحوي حيثيتن، مثالي جملن، لھجوي (dialectal) ڦيرين گهيرين (variations) سان گڏ، هڪ ئي ملڪ جي مختلف پرڳڻن توڙي مختلف ملڪن ۾ مروج هِجيئِيُن جي ڄاڻ ڪٺي ڪجي، ته اهڙيءَ لغت کي ’جامع لغت‘(Comprehensive Dictionary) چئجي ٿو. جامع لغتن بابت، ڊاڪٽر الانا لکي ٿو: ”هن قسم واريون اهي لغتون هر لحاظ کان جامع هونديون آهن، جن ۾ لھجي وار لفظن جا مجموعا، جاتيوار اُپڀاشائن جا شبد، ڀنڊار، ڌنڌي وار لفظن جون لڙهيون، لفظن جا ڌاتو، اُچار، ماده ۽ اشتقاق ڏنل هوندا آهن.“(14) سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي جوڙيل ’جامع سنڌي لغات‘ (پنج جلد)، ’نئين جامع سنڌي لغات‘ (ٽي جلد)، ’مفصل سنڌي لغات‘ ۽ سترامداس ’سائل‘ جي جوڙيل ’سائل ڪوش‘ ان جو مثال آهن.
2. ٻه-ٻوليائي ۽ گهڻ-ٻوليائي لغتون
(Bilingual and Multilingual/Polyglot Dictionaries):
’ٻه-ٻوليائي لغت‘ ۾ هڪ ٻوليءَ جي لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون، سمجهاڻيون ۽ ٻِي معلومات ٻيءَ ٻوليءَ ۾ ڏني ويندي آهي. ’ٻه-ٻوليائي لغت‘ ۾، ڪن به ٻن ٻولين منجهان، ڪنھن هڪ ٻوليءَ کي بنيادي ٻوليءَ طور مقرر ڪري، ٻيءَ ٻوليءَ ۾، ضرورت موجب، عام توڙي اَهنجن لفظن جون اُچارن سميت معنائون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون وينديون آهن. دنيا جي تمام گهڻين ٻولين ۾ هن قسم جون لغتون جوڙيون ويون آهن، جن مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪن حالتن ۾، ٻن مختلف ٻولين ۾ جڙيل ٻن لغتن کي، هڪ ئي جُلد ۾ گَڏي، يعني ٻنهي ٻولين جون هڪ ٻئي ۾ مَٽ سَٽ ڪيل لغتون، ’گڏيل لغتن‘ (Compact Dictionaries) طور ڇپيون وينديون آهن، ته جيئن هڪ ئي جلد ۾ ٻنهي ٻولين مان مستفيض ٿي سگهجي.
’ٻه-ٻوليائي لغتن‘ ۾، هڪَ يا هڪ کان وڌيڪ ٻولين جو واڌارو ڪري، انهن کي ’ٽه-ٻوليائي‘، ’چار-ٻوليائي‘، ’پنج-ٻوليائي‘، ’ڇهه-ٻوليائي‘، ’ست-ٻوليائي‘ لغتون، يا ’گهڻ-ٻوليائي لغت‘ (PolygLot) پڻ بڻايو ويو آهي، جنھن سان هڪ ئي لغت ۾، ٻن کان وڌيڪ ٻولين جي متبادل لفظن جون معنائون ۽ ٻِي شامل ڪيل ڄاڻ ملي پئي ٿي. اهڙين ’گهڻ-ٻوليائي لغتن‘ ۾، ڪنھن هڪ ٻوليءَ کي بنيادي ٻوليءَ طور مقرر ڪري، باقي ٻين ٻولين ۾ انهن جا مترادف لفظ ڏنا ويندا آهن. ڪن حالتن ۾ انهن لفظن جي نحوي حالت، اُچار، مثالي جملا، ضد، واحد-جمع وغيره پڻ ڏنا وڃن ٿا. هي لغتون ٻيءَ ٻوليءَ ۽ ان ۾ لکيل علم ادب کي پڙهڻ، سمجھڻ ۽ ترجمي ڪرڻ ۾ گھڻيون ئي مددگار ثابت ٿينديون آهن. هي لغتون شاگردن لاءِ تعليمي مقصدن جي حاصلات ۾ پڻ لاڀائتيون آهن. ان کانسواءِ هي لغتون سياحن ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪمائڻ يا مستقل رهڻ وارن ماڻهن جي پڻ ڪم اينديون آهن.
’ٻه-ٻوليائي ۽ گهڻ-ٻوليائي لغتن‘ ۾، هڪ واڌارو اهو پڻ ڪيو ويو آهي، ته بنيادي ٻوليءَ جون معنائون ۽ سمجهاڻيون، ساڳيءَ ٻوليءَ ۾ لکڻ بعد، ٻين ٻولين ۾ ڏنيون وڃن ٿيون، جنھن سان اها لغت؛ هڪ ئي وقت ’هڪ-ٻوليائي لغت‘ بڻجڻ سان گڏ، ’ٻه-ٻوليائي/گهڻ-ٻوليائي لغت‘ به ٺھي پئي ٿي، جنھن سان لفظن جي معنائن کي سمجهڻ ۾ گهڻي سھولت ٿئي ٿي ۽ لغت جي افاديت به وڌي ٿي.
ٻارن ۽ ابتدائي تعليم پِرائيندڙ شاگردن لاءِ جوڙيل ٻه-ٻوليائي لغتن ۾ تصويرون پڻ ڇپيون وڃن ٿيون، جنھن سان ’ٻه-ٻوليائي تصويري لغتون‘ جُڙي پون ٿيون. انهن لغتن ۾ ٻارن جي ڪورس جي مکيه لفظن جي وضاحت ڪئي ويندي آهي، ڪن صورتن ۾ درجيوار ٻارن لاءِ لغتون مرتب ڪيون وينديون آهن. اهي لغتون تعليمي ۽ ثقافتي مقصدن لاءِ ڪارائتيون آهن.
’ٻه-ٻوليائي لغتون‘ لغتن جو اهو قسم آهي جيڪو ماڻهوءَ جي گهڻي ۾ گهڻو ڪم آيو آهي ۽ کيس فائدو رَسايو آهي. دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني ٻولين ۾، هيءُ قسم وڌ ۾ وڌ ڇپجندو رهيو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پڻ انگريزي، اردو، هندي، عربي، فارسي، بروهڪي، سرائڪي ٻولين سان لغتون ڇپيل آهن. جڏهن ته ”هفت زباني لغت“ ۾ ست ٻوليون ـــ اردو، بلوچي، بنگالي، پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ـــ شامل آهن. ’چومُکي لغات‘ ۾ اردو، سرائڪي، سنڌي ۽ انگريزي ٻوليون شامل آهن.
3. عالماڻيون لغتون (Scholarly Dictionaries):
’عالماڻي لغت‘ ڪنھن به منتخب حد اندر سائنسي لحاظ کان مڪملتا ۽ اعلى معيار سان جوڙيل لغت جو قسم آهي. هن لغت جي قسم ۾ عام طور تاريخي اصول اختيار ڪيو وڃي ٿو، جنھن ۾ لفظَ، ان جي بُڻ بڻياد، معنائن، مفھومن، استعمال وغيره جي تاريخ لکي وڃي ٿي، جنھنڪري ان کي ’تاريخي لغت‘ (Historical Dictionary)(15) پڻ سڏجي ٿو. ڊاڪٽر شوڪت سبزواري لکي ٿو:
"يه لغات جامع بھي هوتے هيں اور تاريخي بھي۔ ان ميں زبان کے تمام متداول، غريب، نادر يا متروک الفاظ درج کر کے ان کے قديم و جديد معروف و غير معروف لغوي و اصطلاحي تمام معاني بيان کيے جاتي اور لفظوں کي عهد بعهد صوتي و معنوي تبديلياں دکھائي جاتي هيں اور بتايا جاتا هے که لفظ کس زبان کا هے، کب اس زبان ميں داخل هوا اور اس کي اصل شکل کيا تھي۔ شواهد کے طور پر ادبي ذخيرے خاص طور پر بيشتر شعراء کے شعروں کي مثاليں دي جاتي هيں، اور علماء کي تحريروں سے مختلف عهد کي مثاليں درج کي جاتي هيں۔"(16)
هن وقت تائين، جنھن لغت کي، وڌ ۾ وڌ ’عالماڻي لغت‘ سمجهيو وڃي ٿو، اها دنيا جي وڏي ۾ وڏي ۽ لاطيني ٻوليءَ جي لغت ’Thesaurus Linguae Latinae‘ (ٿسارس لنگئا لاطيني) آهي، جنھن ۾ لاطيني ٻوليءَ جي ابتدا کان 600ع تائين عرصي کي آندو ويو آهي(17). ان کانسواءِ، لغت نويسيءَ ۾اعلى ترين مڪمل حاصلات ۾، ’عالماڻي لغت‘ طور، ’اوڪسفرڊ انگلش ڊڪشنريءَ‘(18) جو نالو نمايان آهي. ’عالماڻين لغتن‘ جون رٿائون مختلف ملڪن ۾ پڻ ”قومي لغتن“ جي نالي سان جوڙيون ۽ مڪمل ڪيون ويون آهن، جن تي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڪم جاري رهيو. هن قسم جي لغت ۾، ٻوليءَ جي تھذيب ۽ ثقافت جو مطالعو به شامل ڪري سگهبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين هن قسم جي ڪا به لغت مرتب ٿي نه سگهي آهي. البته اردو ٻولي جي فرهنگ آصفيه کي ان سان شامل ڪري سگهجي ٿو.
4. خاص لغتون (Special Dictionaries):
’خاص لغتون‘ مختلف علمن ۽ موضوعن سان تعلق رکن ٿيون، ان ڪري انهن کي ’موضوعاتي لغتون‘ (Subject Dictionaries) به سڏي سگهجي ٿو. لغتن جو هيءُ قسم تمام گهڻو وسيع آهي، جنھنڪري ان جا تمام گهڻا قسم پڻ آهن. مٿي ڄاڻايل ٽن قسمن کانسواءِ، ٻِي هر قسم جي لغت کي هِن چوٿين قسم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. لفظن جي چونڊ ۽ انهن بابت ڏنل ڄاڻ ۾ ڪنھن به قسم جي انفراديت ”خاص لغت“ جي هڪ نئين قسم کي ظاهر ڪندي آهي. هي لغتون تشريحي ۽ غير تشريحي، ٻنهي قسمن جون هونديون آهن، جڏهن ته ڪن ۾ ٻئي طريقا مليل هوندا آهن. هن قسم جي لغت ۾ ضرورت موجب اشتقاق، اچار، استعمال وغيره درج ڪري سگهجن ٿا. ’خاص لغتن‘ ۾ هيٺيان ڪجهه قسم شامل آهن:
اشتقاقي لغتون (Etymological Dictionaries): هن قسم جي لغتن ۾ لفظن جي بڻ بڻياد، ڌاتوءَ، پَدن (Syllables) ۽ تبديليءَ کي ظاهر ڪيو ويندو آهي. ڪنھن به ٻوليءَ ۾ جيئن ته مختلف ٻولين جا لفظ به شامل ٿيندا رهندا آهن، ان ڪري اشتقاقي لغتن ۾ انهن ٻولين جي نشاندهي پڻ ڪئي ويندي آهي. جارج شرٽ جي ’اکر ڌاتو‘، جهمٽمل نارومل وسڻاڻيءَ جي لغت ’وئتپتي ڪوش‘، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون لغتون ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۽ ’سامي ڌاتو ڪوش‘ ان قسم جون لغتون آهن.
هُنرن، ڌَنڌن ۽ فَنن جون لغتون (Dictionaries of Skills and Arts): هر هڪ هنر، ڌنڌي، فن وغيره ۾ لفظن جو انوکو ذخيرو موجود هوندو آهي، جيڪو هن قسم جي لغتن ۾ سھيڙيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ’هارپ جي لغت‘، ’تعميرات جي لغت‘، ’زراعت جي لغت‘، ’پرنٽ ٽيڪنالاجيءَ جي لغت‘، ’فرهنگ همايوني‘ علم طب تي ڪتاب وغيره ان جو نمونو آهن.
تعليمي مضمونن جون لغتون (Educational Dictionaries): هي لغتون اسڪولن، ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ پڙهايَن ويندڙ مختلف مضمونن جي شاگردن ۽ استادن واسطي لکيون وينديون آهن. جهڙوڪ: فزڪس جي لغت، ڪيمسٽريءَ جي لغت، بائلاجيءَ جي لغت، مئٿميٽڪس جي لغت، جاگرافيءَ جي لغت، علم الانسان جي لغت، سوشيالاجيءَ جي لغت وغيره. اهڙيون ڪيئي لغتون سنڌي ٻوليءَ ۾، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري حيدرآباد پاران ڇپيون آهن. اسڪولي شاگردن لاءِ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي مرتب ڪيل لغت ’پيڪاڪ سنڌي اسڪول ڊڪشنري‘ درسي لغت آهي. ڊاڪٽر علي مرتضى ڌاريجي جي سھيڙيل ’موسمي تبديلي ۽ ماحوليات جي لغت‘ به ان جو هڪ مثال آهي.
لھجن جون لغتون (Dialectal Dictionaries): ڪنھن به ٻوليءَ جي حدن اندر، ڳالهائڻ توڙي لکڻ پڙهڻ جي لحاظ کان اها ٻولي ڪي گهٽ وڌ فرق رکندڙ هوندي آهي. انهن حالتن ۾، اهڙن حدن اندر ٻولي جي هِجي ۽ اُچار ۾ ڪجهه قدر فرق هوندو آهي. ان کانسواءِ انهن ٻوليائي حدن (Linguistic limits) اندر ڪي خاص لفظ پڻ مروج هوندا آهن، جيڪي ٻين حدن جي رهواسين لاءِ اوپرا هوندا آهن. انهن فرقن سبب، انهن حدن جي ٻولين کي، علمي طور، لھجا سڏيو ويندو آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ انهن لھجن جون لغتون جوڙيون ويون آهن. هنن لغتن ۾ ٻولين جي مختلف ڦيرين گهيرين کي سھيڙيو ويندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ”لاڙ جي لغت“، منصور ٿَلهي جي ’لاڙي لفظن جي موتين مالها‘ ۽ پُونم پاسڪل ۽ رِچٽ هوئيل جي ’پارڪري (ٻولي رئي) ڊڪشنرئِي‘ اهڙيون لغتون آهن. منصور ٿَلهي جي لغت ’اکر پَٽي‘، ڪنھن لھجي بدران، سنڌ جي سامونڊي پَٽيءَ جي لفظن تي مشتمل آهي.
ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن ۽ نثر نويسن جون لغتون (Dictionaries of Classical & Modern Poets and Prose Writers): ڪلاسيڪل شاعرن جي شاعري آڳاٽي وقت ۾ مستعمل لفظن ۽ اصطلاحن تي پڻ مشتمل هوندي آهي، جن کي سمجهڻ لاءِ انهن جي شاعريءَ ۾ ڪتب آيل اهنجن لفظن ۽ اصطلاحن جون لغتون جوڙيون وينديون آهن. ساڳيءَ ريت جديد شاعرن ۽ نثر نويسن وٽ به لفظن ۽ اصطلاحن جو انوکو ذخيرو موجود هوندو آهي، جن جي معنائن ۽ سمجهاڻين جي پڻ پڙهندڙن کي گهرج رهندي آهي، جن لاءِ پڻ اهڙيون لغتون جوڙيون وينديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ آيل اهنجن لفظن جون ڪيئي لغتون ڇپيون آهن جن ۾، ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي ’غريب اللغات‘(19)، مرزا قليچ بيگ جي ’لغات لطيفي‘، سيد نجف علي شاهه ”ڪمتر“ نقويءَ جي ’ٻاروچي ٻولي‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’روشني‘، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جي ’جامع لغات لطيف‘(20) وغيره شامل آهن. ٻين اهڙين لغتن ۾ مرزا قليچ بيگ جي ’سنڌي لغات قديمي‘، ڊاڪٽر فھميده حسين جي تدوين ڪيل ’ڪلاسيڪل شاعرن جي لغت‘، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جون ’سچل لغات‘ ۽ ’سامي ڌاتو ڪوش‘، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي ’لغات سچل سرمست‘، عنايت انڙ جي ’اکر اکر ۾ اسرار‘، اسد جمال پَليءَ جي ’منٺار اللغات‘، عزيز ڪنگراڻيءَ جي ’اکر اکر آرسي‘، مير محمد پيرزادي جي ’نياز همايونيءَ جي شاعريءَ جي لغت‘ وغيره شامل آهن. البت ڪنھن به نثر نويس جي لغت اڃا سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ڇپي آهي.
مقدس ڪتابن، صحيفن ۽ خاص ڪتابن جون لغتون (Dictionaries of Sacred Books): هن قسم جون لغتون الاهي ڪتابن، صحيفن وغيره ۾ آيل اهنجن لفظن، اصطلاحن ۽ فقرن جي معنائن ۽ تشريحن تي مشتمل جوڙيون وينديون آهن. سنڌيءَ ۾ ڇپيل اهڙين لغتن ۾، حسنين محمد مخلوف جي لکيل ۽ عبدالحق ربانيءَ جي ترجمو ڪيل ’ڪلمات القرآن‘ ۽ غلام اصغر ونڊير ۽ مولوي صبغت الله ڀُٽي جي جوڙيل ’لغات القرآن‘ شامل آهن.
پھاڪن، چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن جون لغتون (Dictionaries of Proverbs, Idioms & Phrases): هر هڪ ٻوليءَ ۾ آيل پھاڪا ۽ چوڻيون ان ٻوليءَ ۽ سماج جي لوڪ ڏاهپ جو وڻندڙ ۽ عوامي اظھار هوندا آهن، جن جون لغتون جوڙي، ڪن لفظن جون معنائون ۽ سمجهاڻيون ڏنيون وينديون آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾، ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ جي جوڙيل ’اوسر پھاڪاتي لغت‘، شھيد سومري جي ’ٻوليءَ سندا ٻول‘، گهنشام داس رامنداس جو ’سنڌي ٻوليءَ جي سونھن‘، غلام اصغر ونڊير جو ’سنڌي کٽمٺڙا عرف اصطلاحاتِ اصغر‘، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جو ’اصطلاحن جي اصليت‘ ان جا مثال آهن. مختلف مؤلفن جا جوڙيل پھاڪن جا ڇپيل مجموعا پڻ ان ۾ شامل ڪري سگهجن ٿا جيتوڻيڪ منجهن الف-بي جي ترتيبن جو کوٽ آهي، پر انجنيئر عبدالوهاب سھتي جي جوڙيل پھاڪن جي ڪتابن ۾ اها ترتيب نظر اچي ٿي ۽ انهن ۾ اهنجن لفظن جون معنائون پڻ مختلف جڳھين تي آندل آهن.
آڳاٽن ۽ متروڪ لفظن جون لغتون (Dictionaries of Ancient & Obsolete Words): آڳاٽا لفظ ٻوليءَ جي قدامت، ثقافت ۽ تھذيب جو اهڃاڻ هوندا آهن. ڪن حالتن ۾، اهي لفظ متروڪ ٿي، ماضيءَ جو حصو بڻجي ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته ٻولي مسلسل تبديليءَ جي عمل مان گذرندي رهندي آهي، جنھن سان ٻوليءَ جي لفظن سميت انهن جون معنائون پڻ بدلجن ٿيون. اهڙي مسلسل عمل هيٺ ڪي لفظَ مستقل طور متروڪ ٿي ويندا آهن، ڪي لفظ ٿورو يا گهڻو بدلجي پوندا آهن، ته ڪيترن ئي لفظن جي معنائن ۾ غير محسوس طور ڦيرو به اچي ويندو آهي، جنھنڪري انهن کي سمجهڻ اوکو ٿي پوندو آهي. ان ڪري ٻولين جي متروڪ ٿي ويل ۽ متروڪ ٿيندڙ لفظن جون لغتون جوڙيون وينديون آهن، ته جيئن ٻوليءَ جي لفظن سان تعلق برقرار رهي ۽ ماضيءَ ۾ سرجيل ادب به حال سان ڳنڍيل رهي. سنڌيءَ ۾، گنگا رام سمراٽ جي جوڙيل ’اسان کي متان وساريو‘ اهڙي قسم جي لغت آهي.
ڪرانالاجيڪل لغتون (Chronological Dictionaries): لغتن جي هن قسم ۾ لفظ ۽ انهن جون معنائون درج نه هونديون آهن، پر اهڙين لغتن ۾ تاريخوار واقعن، قصن، حالتن وغيره جي وچور پيش ڪئي ويندي آهي. ايم. ايڇ. پنھور پاران انگريزي ٻوليءَ ۾ مرتب ڪيل لغت `Chronological Dictionary of Sindh` ان جو هڪ مثال آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا ان قسم جي لغت نه جُڙي آهي.
سوانحي لغتون (Biographical Dictionaries): هي لغتون مختلف شعبن جي معروف شخصيتن جي حياتين جي واقعن تي مشتمل هونديون آهن. ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي انگريزيءَ ۾ جوڙيل لغت `A Dictionary of Sindhi Literature` ان جو هڪ مثال آهي، جنھن ۾ اديبن جا مختصراً الف-بي وار تعارف ڏنل آهن. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا اهڙي لغت مرتب نه ٿي آهي.
انسائڪلوپيڊيائي ۽ حوالاجاتي لغتون (Encyclopedic & Reference Dictionaries): هي لغتون انسائڪلوپيڊيا ۽ لغت جو ميل آهن، جن ۾ معلومات جو دائرو نسبتاً ڪشادو هوندو آهي ۽ لفظن جي معلومات پڻ ڏنل هوندي آهي. سنڌيءَ ۾ اڃا ’انسائڪلوپيڊيائي لغت‘ مرتب نه ٿي آهي، البت انسائڪلوپيڊيا جي لفظ سان سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران ’انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جا 12-جُلد، شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪراچي پاران ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا‘ (جلد پھريون)، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي لکيل ’لطيفي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۽ بدر ابڙي جي لکيل ’سنڌ جي جهنگلي جيوت‘ (موضوع وار انسائيڪلوپيڊيا-1) ڇپجي چڪا آهن، جيڪي حوالاجاتي ڪتاب آهي.
اُچارِي لغتون (Pronouncing Dictionaries): هي لغتون هڪ ئي ٻوليءَ جي لفظن جي مروج مختلف اچارن تي مشتمل هونديون آهن. سنڌيءَ ۾ اڃا هن قسم جي لغت مرتب نه ٿي آهي.
تصورن تي مشتمل لغتون (Conceptual Dictionaries): هن قسمن جي لغتن ۾ لفظن کي، الف-بي وار ترتيب ۾ پيش ڪرڻ جي بدران، تصورن يا معنوي ڳانڍاپن آڌار مرتب ڪيو ويندو آهي. اهڙين لغتن کي ’آئڊيوگرافڪ يا آئڊيالاجيڪل ڊڪشنري‘ پڻ چئجي ٿو. ان جي نمونن ۾ ’تصويري لغتون‘ (Picture or Pictorial Dictionaries، جن ۾ لفظ جي معنى ۾ تصوير ڇپي ويندي آهي)، ’ٿسارس‘ (Thesaurus) ۽ ’وزيوئل ڊڪشنري‘ (Visual Dictionary، جنھن ۾ لفظن سان گڏ تصويرن کي ڪتب آندو ويندو آهي) شامل آهن. ان جي آنلائين مثال ۾ ”Onelook.com“ ۽ ڇاپي مثال ۾ ’ Diccionario Ideológico de la Lengua Española‘ شامل آهن. تصورن تي مبني ڊڪشنرين کي ’رِوَرس ڊڪشنري‘ (reverse dictionary) پڻ ڪوٺيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته منجهن مکيه لفظن (headwords) بدران تصورَن، فقرن (phrases) يا وصفن موجب مرتب ڪيو ويندو آهي. رورس ڊڪشنريءَ جي مثال ۾، ’ريڊرس ڊائجيسٽ رورس ڊڪشنري‘ ۽ ’برن اِسٽينس رورس ڊڪشنري‘ شامل آهن.(21) اِي.سِي پارنويل جي ’اوڪسفرڊ باتصوير ڊڪشنري‘ ۽ پروفيسر بشير احمد منگيءَ جي ’ٻارن لاءِ تصويري سنڌي-انگريزي لغت‘ کي ان قسم جي لغتن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ اهي ٻه-ٻوليائي لغتون به آهن.
واهپي جون لغتون (Dictionaries of Usage): ان قسم جون لغتون، مختلف موضوعن جي لحاظ کان، لفظن جي درست واهپي ۾ مددگار ٿينديون آهن. اهڙيون لغتون گهڻي ڀاڱي ليکڪن، ايڊيٽرن ۽ مؤلفن جي تحريرن کي بھتر، مناسب ۽ ٺھڪندڙ لفظ جي سھولت ميسر ڪري، سندن تحريرن کي سگهارو ۽ اثرائتو بڻائينديون آهن. لفظن جو اهڙو واهپو صحيح اچار، صحيح هِجي ۽ صحيح لکيت جي آگاهي ڏيندڙ پڻ هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ اڃا ان قسم جي ڪا لغت مرتب نه ٿي آهي. انگريزي ٻوليءَ ۾، جان او.اِي. ڪلارڪ جي مؤلف ڪيل `Dictionary of English Usage` (2012ع) ۽ ”Dictionary of Current English Usage“ ان جا مثال آهن.
بازاري لفظن (ٻوليءَ) جون لغتون (Slang Dictionaries): هن قسم جي لغتن ۾ بازاري، غير رسمي يا بي تڪلف لفظن جي سھيڙ ڪئي ويندي آهي، جنھن سان مختلف طبقن، ڌنڌن، ماڻهن وغيره جي ڳالهه ٻول ۾ ايندڙ اهڙن لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون ڄاڻي ۽ ريڪارڊ تي آڻي سگهبيون آهن. پاڪستاني ٻولين مان اردوءَ ۾ هن قسم جو ڪجهه ڪم ٿيو آهي، پر سنڌيءَ ۾ اڃا نه ٿيو آهي.
نالن جون لغتون (Dictionaries of names): هر نئين ڄاول ٻار تي نالو رکڻ دوران ان جي معنى، تھذيبي ۽ ثقافتي پس منظر کي خاص طور تي ڌيان ۾ رکيو ويندو آهي، ته جيئن ٻار جي شخصيت تي سٺي نالي جو اثر به ٿئي ۽ سڏڻ ۾ به ڀلو لڳي، ان ڪري ’نالن جون لغتون‘ پڻ جوڙيون وڃن ٿيون. سنڌي ٻوليءَ ۾ هن قسم جي لغت اڃا مرتب نه ٿي آهي، البت انگريزي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ اهڙيون لغتون مرتب ٿيل آهن.
قولن ۽ گُفتن جون لغتون (Dictionaries of Quotations and Sayings): هن قسم جي لغتن ۾، مختلف نامور سياسي ۽ سماجي شخصيتن جي چوڻين ۽ تقريرن، ۽ اديبن جي لکڻين مان چونڊ قول ۽ جُملا سھيڙيا ويندا آهن، جن جي ترتيب موضوعن ۽ الف-بي آڌار ڪئي ويندي آهي. ان لحاظ کان اهڙي لغت کي ’خيالن جي لغت‘ پڻ سڏي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا هن قسم جي ڪا لغت ڇپي نه آهي، البت مختلف شخصيتن جي قولن ۽ چوڻين جي مجموعن سميت گڏيل قولن، چوڻين ۽ گفتن جا ڪتاب ڇپيا آهن، جن مان ڪن ڪتابن ۾ موضوعن کي عنوانن سان نروار ڪيو وآهي، ته ڪن ۾ هڪ ٻئي پٺيان، بنا عنوان جي، مختلف قول درج ڪيا ويا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپيل اهڙن ڪتابن ۾، ”صدر ڀُٽي چيو“ (1972-73ع ڌاري ڇپيل، مرتب نامعلوم)، ڊاڪٽر آفتاب ابڙي پاران ترجمو ڪيل ’ڀُٽي جا قول‘، حبيب الله صديقيءَ پاران سھيڙيل ’ڀُٽي چيو‘ (1995ع)، نور احمد ميمڻ جو مرتب ڪيل ’ايئن چيو محمدﷺ‘ (1998ع)، وحيد ڪلوڙ، رياض شيخ ۽ سھيل ميمڻ جو سھيڙيل ’جيئَم جا قول‘ (2000ع، سائين جِي ايم سيد جا قول)، سرمد لطيف جو مرتب ڪيل ’سيد جا قول‘ (2001ع)، مولا بخش چانڊئي جو مرتب ڪيل ’قائد عوام جا قول‘ (2007ع)، محمد ڪامل ميمڻ جو سھيڙيل ’سدا بھار قول‘ (2008ع، مختلف شخصيتن جا قول)، استاد نبي بخش منگيءَ جو سھيڙيل ’ڏاتر ڏني ڏات‘ (2011ع)، نثار احمد پٺاڻ جو مرتب ڪيل ’اقوالِ زرين‘، فقير محمد سنڌيءَ جو مرتب ڪيل ’عظيم هستين جا عظيم قول‘ (2012ع)، خالد سراج جو سھيڙيل ۽ آفتاب حسين جي ترجمو ڪيل ’حضرت محمد ﷺ جا قول‘ وغيره شامل آهن. حقيقت ۾، اهڙن ڪتابن ۾ آندل متن کي موضوعوار ورهائي، الف-بي جي لغت واري ترتيب ۾ پيش ڪجي، ته جيئن گهربل موضوع کي سھنجائيءَ سان ڳولي سگهجي ۽ اهڙي ڪتاب جي پيشڪش کي لغت نويسيءَ ۾ جوڳي جڳهه به ڏئي سگهجي.
لغتن جي انهن قسمن کانسواءِ، خاص (special) لغتن ۾، ٻيون به انيڪ قسمن جون لغتون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ مخففن (abbreviations) جون لغتون، ٻِٽن لفظن جون لغتون (جھڙوڪ ڊاڪٽر غلام قادر سومري جي ’سنڌي ٻٽن لفظن جي لغت‘)، مشترڪ لفظن جون لغتون، اشاراتي ٻوليءَ (sign language) جون لغتون وغيره شامل آهن.
نتيجا: ٻولي لفظن ۽ انهن جي معنائن سان سلهاڙيل آهي. ٻوليءَ جي لفظن ۽ انهن جي معنائن ۽ مطلبن جي ڄاڻ لغتن منجهان هر هڪ حاصل ڪري سگهي ٿو ۽ پنھنجي گفتگو، تقرير ۽ تحرير کي ڀرپور ۽ پُر اثر بڻائي سگهي ٿو. گهڻن قسمن جي لفظن، انهن جي بيھڪن، مطلبن، معنائن، اشتقاقن، موضوعن ۽ مرادن جي لحاظ کان، نه صرف لغتن جي وصفن کي جامع بڻايو ويو آهي، پر لغتن جا قسم پڻ وضع ڪيا ويا آهن، جن بابت لغتن جي ارتقائي تاريخ مان پڻ پروڙ پئي ٿي. لغتن جي انهن بنيادي قسمن ۾ ’هڪ-ٻوليائي عام مقصدي لغتون‘، ’ٻه-ٻوليائي ۽ گهڻ-ٻوليائي لغتون‘، ’عالماڻيون لغتون‘ ۽ ’خاص لغتون‘ شامل آهن. جڏهن ته ’خاص لغتن‘ جي ذيلي قسمن ۾ اشتقاقي لغتون؛ هنرن، ڌنڌن ۽ فنن جون لغتون؛ لھجن جون لغتون؛ ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن ۽ نثرنويسن جون لغتون؛ مقدس ڪتابن، صحيفن ۽ خاص ڪتابن جون لغتون؛ پھاڪن، چوڻين، ورجيسن ۽ اصطلاحن جون لغتون؛ آڳاٽن ۽ متروڪ لفظن جون لغتون؛ ڪرانالاجيڪل لغتون، سوانحي لغتون؛ انسائڪلوپيڊيائي ۽ حوالاجاتي لغتون، اُچاري لغتون، ذهن نشينيءَ واريون لغتون، واهپي جون لغتون، بازاري لفظن (ٻوليءَ) جون لغتون؛ نالن جون لغتون، قولن ۽ گُفتن جون لغتون وغيره شامل آهن.

حوالا
1. سيوهاڻي، فتح محمد، حڪيم: ’آفتابِ ادب عرف ساهت جو سج‘؛سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد؛ ڇاپو ٽيون 1974ع، ص: 3
2. ساڳيو، ص: 4
3. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: ’ٻولي، ان جي ابتدا ۽ اوسر‘، مقالو؛ ڪتاب: ڊاڪٽر غلام علي الانا جا چونڊ مضمون ۽ مقالا، مرتب: گل شير بلوچ، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد، ڇاپو پھريون 1993ع، ص: 9
4. ٻگهيو، قاسم، ڊاڪٽر: ’سنڌي ٻولي: لسانيات کان سماجي لسانيات تائين‘؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي؛ ڇاپو پھريون 1998ع، ص: 26
5. قادري، مدد علي، ڊاڪٽر: ’لغت سازيءَ جا اصول‘، مقالو؛ ڪتاب: ’لغت نويسيءَ بابت مضمون ۽ مقالا‘، مرتب: رياضت ٻرڙو؛ سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد؛ ڇاپو پھريون مارچ 2018ع، ص 81
6. https://en.wikipedia.org/wiki/Promptorium_parvulorum . [Accessed: 18/08/2016]
7. The Oxford English Reference Dictionary, Edited by Judy Pearsall and Bill Trumble, Oxford University Press New York, 1995, P. 395
8. Cassell Concise English Dictionary, Cassell Wellington House, London, England; Updated Edition 1995, P. 361
9. Morris, William. Editor: The American Heritage Dictionary of the English Language, American Heritage Publishing Co., Inc. & Houghton Mifflin Company, New York, Ed. 1971, P. 366
10. بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: ’جامع سنڌي لغات‘ (جلد پنجون)؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو؛ ڇاپو پھريون 1988ع، ص 2502
11. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: مقدمو؛ ڪتاب: ’لغات سنڌي مخففات‘، مؤلف: مخدوم محمد زمان طالب المولى؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/حيدرآباد سنڌ؛ ڇاپو پھريون 1991ع، ص:ص ص: ڦ-خ
12. لغت، فرهنگ، ڪوش، گلاسري، انسائڪلوپيڊيا اصطلاحن بابت راقم جا ٻه مقالا ’سنڌي ٻولي‘ (جُون 2019ع) ۽ ’ڪارونجهر‘ (جُون 2019ع) ۾ ڇپيل آهن، جن ۾ انهن اصطلاحن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وئي آهي.
13. The New Encyclopaedia Britannica (Volume 18), Macropaedia, Encyclopaedia Britannica, Inc., 15th edition 2007, Pp. 281-282
14. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: مقدمو؛ ڪتاب: ’لغات سنڌي مخففات‘، مؤلف: مخدوم محمد زمان طالب المولى؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو/حيدرآباد سنڌ؛ ڇاپو پھريون 1991ع، ص: ڃ)
15. ’تاريخي لغت‘ (Historical Dictionary) ۽ ’تاريخ جي لغت‘ (Dictionary of History) ٻه الڳ اصطلاح ۽ ترڪيبون آهن.
16. سبزواري، شوکت، ڈاکٹر: تعارف؛ 'لغت کبير' اردو، جلد دوم (حصه اول)، مولفه ڈڊاکٹر مولوي عبدالحق؛ کراچي: انجمن ترقي اردو پاکستان، اشاعت اول 1977ء، ص: 12
17. ’ٿسارس لنگئا لاطيني‘ رٿا جي شروعات 1894ع ۾ ٿي هئي جنھن بابت طئي ڪيو ويو هو ته اها 2050ع ۾ مڪمل ٿيندي. ’تاريخي اصول‘ تي جوڙيل ان عالماڻي لغت جي ڇپائي 1900ع ۾ شروع ٿي، پر 2009ع تائين ان عالماڻي لغت جو ڇپيل ڪم ’P‘ اکر تائين اُڪلائجي، پڌرو ٿي سگهيو، جيڪو ڏهن جُلدن (volumes) جي 158 ڀاڱن (fascicles) تي مشتمل آهي. موجوده وقت ۾، ان جي N ۽ R اکرن تي ڪم هلندڙ آهي ۽ R جا چار جُلد ڇپجي چڪا آهن. اِن عالماڻي لغت تي، جرمنيءَ جي شھر ميونخ ۾، ”بَويريَن اڪيڊمي آف سائنسز اينڊ هيومنٽيز“ ۾ قائم اداري ۾ ڪم جاري آهي، جنھن سان دنيا جي 23 ملڪن ۾، 31 اڪيڊميون ۽ علمي ادارا سھڪاري آهن. اردو ٻوليءَ جِي ”اردو لغت (تاريخي اصول پر)“ (22-جلدن ۾ مڪمل ڇپيل: 1977-2009ع) ”عالماڻي لغت“ جو هڪ مثال آهي. سنڌي ٻوليءَ جِي ’مفصل سنڌي لغت‘ جي رٿا کي به ان ئي ارادي سان شروع ڪيو ويو آهي.
18. ’اوڪسفرڊ انگلش ڊڪشنريءَ‘ تي 1857ع ۾ ڪم جي شروعات ٿي، پر ان جو پھريون ڀاڱو 1884ع ۾ 'A New English Dictionary on Historical Principles' جي نالي سان ڇپيو. 1895ع ۾ مٿس 'The Oxford English Dictionary (OED)' ڇپيو ويو. اها لغت 1928ع تائين، مڪمل طور، 10-جلدن ۾ ڇپجي پڌري ٿي، جن ۾ نائون ۽ ڏهون جلد ٻن ٻن ڀاڱن تي مشتمل هئا. 1928ع ۾ ئي، ان جا 10-جلد گَڏ ڇپرايا ويا. ان جو ٻيو ڇاپو، 20-جُلدن ۾، 21728 صفحن تي مشتمل، 1989ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
19. 'غريب اللغات' ۾ ٽن سُرن: ڪلياڻ، يمن ڪلياڻ ۽ کنڀات جون معنائون، بيتن جي ترتيب موجب، شامل آهن.
20. 'جامع لغات لطيف' ۾ پنج سُر: ڪلياڻ، يمن، کنڀات، بروو ۽ گهاتو شامل آهن، پھرين شاهه جو بيت ڏئي، پوءِ ان ۾ شامل اهنجن لفظن جي معنى ڏني وئي آهي. ان ”لغت“ جو تفصيلي مطالعو الڳ پيش ڪيو ويندو.
21. https://en.wikipwdia.org/wiki/Conceptual_dictionary
1048 ڀيرا پڙهيو ويو