جديد سنڌي گرامر جي ضرورت
(Need for Modern Sindhi Grammar)

ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
Abstract:

Sindhi language has been written in Birhami, Paali, Gurmukhi, Khojki, Gujrati and Devnagri scripts since ancient times, but such literature is no more extant. The experts of language know that Panini Sahib wrote first grammar in this region in Sanskrit, in which he formulated some rules and regulations about language by which Sanskrit developed. This grammar was developed in 400 BC. William Henry Wathen wrote first Sindhi grammar in 1836. It follows the pattern of Persian grammar. Later on, George Stack wrote his book on Sindhi grammar in 1849. Dr Ernest Trump also wrote Sindhi grammar by carrying out a good deal of research. After him, Grammarians resorted to imitation which is apparent in several cases. Dr. Trump has presented the examples under the title “Sindhi Isiman Joon Pichharriyon” (Suffixes of Sindhi Nouns). Mirza Qaleech Baig has put forth almost similar examples in the first topic of chapter five. Wahid Bakhsh Sheikh has taken the same example from Arabic, Persian and Sindhi and presented them accordingly. After this, many books of similar nature on Sindhi grammar have been published with mere change of words. After the study of various references of the books, examples and considering the opinions of the experts, this article proposes that a committee consisting of well-versed figures in Sindhi Grammar be constituted, which should closely examine the characteristics of Sindhi language, its peculiar qualities, patterns, word-settings, description and grammar in order to prepare modern grammar of Sindhi language on the basis of modern principles.

قديم دور کان سنڌي ٻولي؛ برهمي، پالي، گُرمکي، خوجڪي، گجراتي، ديوناگري وغيره لپين ۾ لکجندي رهي آهي. پر اهو ادب هاڻي اسان وٽ موجود نه آهي. البت ڪجهه آڳاٽين لِپين ۾ نڪرندڙ رسالا ۽ ڌرمي پستڪ، ڪن ماڻهن وٽ محفوظ آهن، جيڪي هٿ ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ترتيبوار محفوظ ڪري سگهجن ٿا، ته جيئن نوجوان محققن کي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کان واقفيت ٿئي.
ٻوليءَ جا ماهر اهو به ڄاڻائين ٿا ته هن خطي ۾ سڀ کان پھريون گرامر پاڻينيءَ نالي عالم سنڌوءَ ڪناري ويھي لکيو ۽ اها ٻولي جنھن کي هن صرف ڀاشا سڏيو، ان کي معياري ٻولي بنائڻ لاءِ ڪن اصولن ۽ قاعدن کي ترتيب ڏنو، ان ٻوليءَ جي ان سڌاريل سنواريل روپ کي بعد ۾ سنسڪرت نالو ڏنو ويو، ان ڪري چوندا آهن ته: سنسڪرت جو پھريون گرامر پاڻينيءَ لکيو، جنھن ۾ هن ٻوليءَ بابت ڪي قاعدا ۽ اصول جوڙيا، جنھن تحت سنسڪرت ترقي ڪئي. (اهو پاڻيني بعد ۾ گنگا جمنا واديءَ ڏانھن لڏي ويو هو) اهو گرامر 400 قبل مسيح ۾ لکيو ويو. اڳتي هلي جڏهن ان زبان ۾ ويد لکيا ويا ته پنڊتن پابندي مڙهي ته سنسڪرت پوتر ٻولي آهي، ان کي گهٽ ذات وارا ۽ پورهيت طبقو استعمال نه ٿو ڪري سگهي! نتيجو اهو نڪتو ته سنسڪرت جھڙي شاهڪار صرف پنڊتن ۽ پروهتن تائين محدود ٿي ويئي. هن وقت اها ٻولي رڳو ڪن ڌرمي رسمن ۾ استعمال ٿي ٿئي. باقي ڪنھن به ملڪ جي پرڳڻي ته ڇا ڪنھن ڳوٺ ۾ به ڳالهائي نه ٿي وڃي. پر موجوده هندستان ۾ ان کي ڌرمي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ٻيھر جيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
سنڌ ۾ راءِ گهراڻي (432- 612ع) جي ڌرمي ٻولي پالي هئي، جيڪا ٻڌ ڌرم جي مذهبي ٻولي هئي. ان جو جنم سنسڪرت جي سختين سبب ٿيو. مھاتما ٻڌ، پنھنجي پوڄارين کي هدايت ڪئي ته ٻوليءَ تي ڪا به پابندي نه مڙهيو. عوام کي آزاد ڇڏيو ته جيئن وڻين تيئن ٻولي استعمال ڪن. نتيجي ۾ اها ڏکڻ ايشيا جي ماڻهن جي عام ٻولي ٿي، جيڪا اڄ به ڳالهائي ۽ لکي وڃي ٿي. سنڌ جي نالي واري عالم ۽ مورخ ايم ايڇ پنھور جي راءِ آهي ته راءِ گهراڻي جي دور ۾ سنڌ ۾ پالي ٻوليءَ جو اوج هو، ڌرم کان علاوه اها عام وهنوار جي پڻ ٻولي هئي. ان بابت شاندار گرامر ۽ لغتون موجود آهن. خاص طور ٽرنر صاحب جي ترتيب ڏنل Etymological and Comparative Dictionary of Pali Language (1965) جو ته مٽ ئي نه آهي. چين جو ڏاکڻو صوبو، جپان، ميانمار، ٿائلينڊ، ڀوٽان، لائوس، منگولا وغيره ۾ اڄ به پالي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. سريلنڪا ۾ ته ان کي سرڪاري حيثيت مليل آهي.
راءِ گهراڻي کان پوءِ برهمڻ گهراڻي سنڌ حڪومت جون واڳون 612 کان 711ع تائين سنڀاليون. ان دور ۾، اسان کي سنڌ ۾ ديوناگري سان گڏ، خداوادي خط اُسرندي نظر اچي ٿو. جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پنھنجا نج آواز به موجود هئا. انگريزن جي دور تائين ان لپيءَ ۾ تعليم، واپار، خط ڪتابت جو عام رواج هو.
”انگريزن جڏهن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ته خداوادي لپي عام وهنوار جي لپي هئي. انگريزن پاران پنج پڌرناما (Notifications) جاري ڪيا ويا ته سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ خداوادي خط اختيار ڪيو وڃي. پھريون حڪمنامو مسٽر آر. ڪي پرنگل سنڌ جي ڪمشنر جي حيثيت ۾ جاري ڪيو. کيس بمبئي حڪومت پاران پڻ اهڙيون هدايتون جاري ڪيون ويون ته سنڌ ۾ سرڪاري ڪاروبار هلائڻ لاءِ ڪيپٽن اسٽئڪ جي تجويز ڪيل الفابيٽ، سنڌي ٻوليءَ جي دستاويزن لکڻ ۽ ڇپائيءَ لاءِ استعمال ڪئي وڃي، جڏهن ته ٻين لپين کي به نظرانداز نه ڪيو وڃي.“ (1)
جڏهن ته عربن جي دور (711ع) کان مغل دور (1600ع) تائين ويندي ڪلهوڙن کان ٽالپرن تائين سنڌ ۾ عربي ۽ خاص طور فارسي ٻوليءَ جو رواج هو. مدرسن ۾ باقاعده عربي صرف ناما ۽ فارسي ’صرف ۽ نحو‘ جا ڪتاب پڙهايا ويندا هئا. هيٺين درجن ۾ ’صَرف صغيره‘ ۽ مٿين ڪلاسن ۾ ’صرف ڪبيره‘ پڙهايا ويندا هئا. ڏهه صديون لڳاتار عربي ۽ فارسي تعليم، تدريس، مذهب، فلسفي، تاريخ وغيره جھڙن اهم موضوعن جون ٻوليون رهيون. ان کان علاوه ٻالجتي کان بلوغت تائين ٻارن کي عربي، فارسي گرامرن جي تعليم لازمي ڏني ويندي هئي ۽ جنھن کي علم صرف، نحو ۽ علم تجويد تي مھارت هوندي هئي اُهي هوشيار شاگرد ليکيا ويندا هئا. مختلف مدرسن ۾ اهڙن طالبن جي وچ ۾ مقابلا به ٿيندا هئا.
انگريزن جي دور ۾ جديد علم جي شروعات ٿي. سرڪاري سطح تي اسڪول کليا ۽ درس تدريس جو عمل شروع ٿيو. حقيقت اها آهي ته انگريزن کي هتي تعليمي نظام رائج ڪرڻو هو، جيئن هنن ننڍي کنڊ جي ٻين رياستن ۾ ڪيو. اها سندن مجبوري هئي. سوسائٽي کي ضابطي هيٺ رکڻ لاءِ هنن پورو نظام لاڳو ڪرڻ ٿي گهريو. ان لاءِ تعليم واحد ذريعو هئي، جنھن وسيلي هو پنھنجا قاعدا قانون عوام تائين پھچائي ٿي سگهيا. ان کانسواءِ، ميڪاولي جي نظريي مطابق نائب قاصد ۽ ڪلرڪ مقامي ماڻهن مان تيار ڪرڻا هئا. ان وسيلي ماڻهن کي نوڪرين جو آسرو به ڏنو ويو. ٻي صورت ۾ کين خوف هو ته اهي اڻپڙهيل ماڻهو ٿوري گهڻي تي پيا وڙهندا ۽ سرڪار لاءِ به مستقل ڏچو ثابت ٿيندا.
”سنڌ ۾ تعليم لاڳو ڪرڻ لاءِ انگريزن کي وڏا وس ڪرڻا پيا، خاص طور مسلمانن جي ٻارن لاءِ هنن کي ڪمپلسري ايجوڪيشن ايڪٽ (1923ع) قرآن ايڪٽ (1940ع) زميندار چلڊرين ايڪٽ (1940ع) مسلم چلڊرين ايڪٽ (1946ع) وغيره لاڳو ڪرڻا پيا.“ (2)
انگريزن سنڌي رسم الخط رائج ڪرڻ لاءِ ڪو فھميدو فيصلو ڪو نه ڪيو. قدامت ۽ تاريخ جي حوالي سان ڏسنداسين ته هنن اسان سان وڏيون ويساهه گهاتيون ڪيون، تاريخ جي تسلسل کي ٽوڙيو، جن بنيادن تي اسان جي ٻولي ترقي ڪندي پئي آئي، انهن اهي بنياد ئي ختم ڪري ڇڏيا. سنڌي ٻولي هن وقت اسڀاويڪ (Unnatural) طريقي سان ترقي ڪري رهي آهي، جنھن جو وڏو ڪارڻ اسان جو پنھنجي ٻوليءَ سان فطري لڳاءُ آهي. (ان موضوع تي ڊاڪٽر فھميده حسين جي نگرانيءَ ۾ راقم ’سنڌي رسم الخط جي اوسر‘ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي. جيڪا زير اشاعت آهي، وڌيڪ تفصيل ان ٿيسز ۾ آهن).
جديد سنڌي گرامر جي ضرورت ڇو؟
مٿي ذڪر ڪيل آهي ته عربن جي دور (711ع) کان وٺي انگريزن جي قبضي 1843ع تائين ساڍيون يارنھن صديون، سنڌي ٻولي سرڪاري سرپرستي کان وانجهيل رهي. حاڪمن خاص طور ارغون، ترخان، ازبڪ ۽ مغلن عام رعيت کي تائي کنيو هو. ٻيڻا ٽيڻا ڏنڊ مڙهي، هنن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي هئي. مھل ڪُمھل اچي ڪاردار مٿان ڪڙڪندا هئا. انهن سان مڪاني ڪمدار ڪاراوا به گڏ هوندا هئا. اهو احوال ابوالقاسم نمڪين جي لکيل ’تاريخ مظھر شاهه جھاني‘ ۾ پڙهي سگهجي ٿو.
اهڙين عقوبتن کان پوءِ، مقامي ماڻهن شھر ڇڏي وڃي واهڻ وسائيا. اتي پوکي راهي ۽ ٻين سماجي ڪرتن ۽ ڌنڌن سان لڳي ويا. تعليم سندن ڪنھن لحاظ کان ترجيح ۾ شامل نه هئي. تنھن هوندي به ماڻهو پنھنجي مرحوم بزرگن جي بخشش لاءِ قرآن شريف ۽ درود پڙهندا هئا. البت ڪي مولوي فارسيءَ جا ٻه چار بنيادي ڪتاب: تفصيل المبتدي (ابتدائي گرامر) ارشاد صرف، نحو مير، آمد ناما، ڪريما، گلستان، بوستان وغيره پڙهي، پوءِ علم رمل جي وسيلي تعويذ لکي پيٽ گذر ڪندا هئا. ٻئي پاسي وري ڪي ملان ٻُڌ سڌ تي حڪمت جا چار اکر پڙهي، ويٺا اٻوجهن کي ابتيون سُبتيون سُتيون ڏيئي روزگار ڪندا هئا، جنھن لاءِ شاهه سائين فرمايو:
ڪُٺيس ڪُويڄن، تن طبيب نه گڏيا،
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن، پاڻان ڏيل ڏکوئيو. (يمن ڪلياڻ)
ٺٽي، بکر، نصرپور، بوبڪ وغيره ۾ البت تعليم جو سٺو بندوبست هو، انهن شھرن ۾ عالمي سطح جا ديني مرڪز هئا، جتي عربي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ ڪتاب لکيا ويندا هئا. انهن ڪتابن جي موضوعن جو سنڌ جي سماج، معاشيات، زراعت وغيره سان ڪو تعلق نه هوندو هو. فارسيءَ کي علمي ڄاڻ جو استعارو سمجهيو ويندو هو، جنھن کي فارسي نه ايندي هئي، ان کي عالم تصور نه ڪيو ويندو هو. ان دور جو مشھور پھاڪو آهي، ’فارسي گهوڙي چاڙسي‘ يعني فارسي اعليٰ درجي تي رسائيندي. ٻئي طرف چيو ويندو هو ته ’سنڌي وائي ڪم نه آئي‘ يعني سنڌي ٻولي پڙهي، اوهان کي ڇا ملندو!
اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ٻولي ڪھڙي ترقي ڪري پئي سگهي! البته ايترو سو ٿيو، جو واهڻن ۾ قائم اوطاقن ۽ اوتارن ۾ لوڪ ادب بھتر انداز ۾ اُسريو، ڦھليو، جهرجهنگ ڳائڻ وڄائڻ ۾ آيو. هن وقت سنڌي ٻولي، ادب، شاعري، پھاڪا، چوڻيون، محاورا وغيره ان دور جو ورثو آهن، جن جو آڌار ۽ تسلسل گذريل هزارين سالن جي ٻوليءَ تي ڦھليل آهي.
سنڌ ۾ 1843ع ۾ انگريزن جي اچڻ سان، سنڌي سماج ۾ وڏي اٿل پٿل آئي. زراعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ جديد طرز جا ڪينال ۽ واهه کوٽيا ويا، ٻيلو کاتو کولي وڏي انگ ۾ وڻ پوکيا ويا ۽ انھن جي سنڀال جوڳو بندوبست پڻ ڪيو ويو. ننڍا وڏا عملدار رک لاءِ رکيا ويا. ملڪ ۾ قاعدا قانون لاڳو ڪيا ويا. تعليم کي لازمي قرار ڏيئي اسڪول کوليا ويا، جتي جديد طرز جي تعليم ڏني ٿي ويئي. تعليم جي ترقيءَ جو باب طويل آهي. ان مختصر پسمنظر کان پوءِ، هتي ڪن مکيه سنڌي گرامر جي ڪتابن بابت مختصر راءِ پيش ڪجي ٿي.
وليم هينري واٿين جو گرامر 1836: واٿين، انگريزن جي دور جو هاڪارو عالم هو، کيس فارسي ٻوليءَ تي عبور حاصل هو، ان ڪري کيس 1822ع ڌاري سرڪار پاران فارسيءَ جو ترجمان مقرر ڪيو ويو. اڳتي هلي 1835ع ۾ بمبئي گورنمينٽ کيس جنرل ڊپارٽمينٽ جو چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو. مسٽر واٿين کي احساس ٿيو ته هڪ ته بمبئيءَ ۾ کوڙ سارا شاهوڪار سنڌي عملدار ۽ واپاري رهن ٿا، انهن جي آسانيءَ لاءِ گرامر بابت ڪو بنيادي ڪتاب جوڙجي. ٻئي طرف بمبئي ۾ انگريز سرڪار حڪمت عملي سوچي رهي هئي ته ڪھڙيءَ ريت ۽ ڪڏهن ’سنڌ‘ کي پنھنجي تسلط هيٺ آڻجي! مسٽر واٿين کي ادراڪ هو ته جڏهن سنڌ انگريزن جي تسلط هيٺ آئي ته اڳتي هلي اهو ڪتاب وڏي اهميت حاصل ڪندو.
مون ان ڪتاب بابت تفصيلي ذڪر صلاح الدين قريشي (مرحوم) کان ٻڌو هو، جنھن پنھنجو هڪ اهم ڪتاب ’پٽاليني راوڙ ۽ پالي‘ پڻ ڇپرايو . وٽس ان ڪتاب جي ڪاپي به هئي. ان کان علاوه مون کي پالي سمجهڻ ۽ ان جو سنڌي ٻوليءَ سان تعلق معلوم ڪرڻ جو وڏو شوق هو، پر قريشي صاحب کان سھڪار نه ملي سگهيو. وليم هينري واٿين جي گرامر جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو سنڌي ٻولي جو پھريون گرامر آهي، جيڪو 1836ع ۾ (A Grammert of Sindhi language) نالي سان شايع ٿيو. ان جي طرز فارسي گرامر واري آهي، جو مرتب هرلفظ جاگردان ڏنا آهن. هي مثال انٽرنيٽ تان ورتا ويا آهن. اصل ڪتاب اڻلڀ آهي:
”واحد: ماڻهو کهي- جمع ماڻهن کهي
ماڻهو جو ---- ماڻهن جا
ماڻهو کهون---- ماڻهن کهون
صفت (Adjective) :
واحد: بهلي---- جمع بهلن
بهلي جو--- بهلن جو
بهلي کهي----- بهلن کهي
بهلي کهون---- بهلن کهون
جنس مذڪر.................
واحد: چنگو مرس------- جمع: چنگا مرس
چنگي مرس جو ----- چنگي مرسن جا
چنگي مرس کهي------ چنگي مرسن کهي
چنگو مرس------- چنگا مرس
چنگي مرس کهون------ چنگي مرسن کهون“
آخر ۾، هن ٽي هزار سنڌي لفظن جي لڙهي (Vocabulary) ڏني آهي. جن جي انگريزي معنيٰ ڏني اٿس. پنھنجي ڪتاب کي رسم الخط فارسيءَ وارو ڏئي، هن انگريز عملدارن ۽ علمي حلقن ۾ پذيرائي ته حاصل ڪئي، پر سنڌي لفظن جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. James Cowles جو هڪ مضمون ’ايشياٽڪ سوسائٽي جرنل‘۾ 1844ع ڌاري ڇپيو هو. جنھن ۾ مسٽر واٿين جي گرامر بابت راءِ ڏيندي لکيو هو ته واٿين سنڌي لفظن جو ٻيڙو ٻوڙيو آهي. کيس سنڌي ٻوليءَ جي پسمنظر جي ڪا خبر نه هئي. هن جو خيال هو ته سنڌي ٻوليءَ برج باکا (Brig bakha) (اصل لفظ آهي ’برج ڀاشا‘) جو لھجو آهي يا خالص هندستان جو ڪو لھجو!
مسٽر واٿين جي گرامر بابت منھنجي راءِ آهي ته. ان ڪتاب جي اشاعت سان سنڌي ٻوليءَ جا آڳاٽا ڪي لفظ محفوظ ٿي ويا، باقي سنڌي گرامر جو بنياد غلط رخ تي رکيو ويو.
جارج اسٽئڪ جو گرامر 1849 :علم ادب ۽ ٻوليءَ جي حوالي سان جارج اسٽئڪ جو مان مٿاهون آهي. هو سنڌي ٻوليءَ جو خيرخواه ۽ دورانديش محقق هو. دلچسپي سبب ڪجهه مھينن ۾ سنڌي، سنسڪرت، فارسي ۽ ٻيون پراڪرتون سکي ويو. اندازو لڳايو ته انگريزن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ هن 1845ع ۾ پنھنجو سنڌي گرامر تيار ڪري ورتو. ان سان گڏ انگريزي- سنڌي لغت به تيار ڪري ورتائين، جنھن کي پوءِ 1849ع ڌاري سرڪاري انتظام هيٺ شايع ڪيو ويو. گرامر جي پيش لفظ ۾ هن ٽي ڳالهيون اهم لکيون آهن: هڪ ته هن جڏهن گرامر لکڻ شروع ڪيو ته ڪن مقامي پڙهيل ماڻهن سان صلاح مشورو ڪيو ته کيس هاڪاري موٽ ڪا نه ملي، جنھن لاءِ لکي ٿو ته: کيس سنڌ ۾ هڪ به اهڙو سنڌي ماڻهو نه مليو، جنھن کي پنھنجي مادري ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي ڄاڻ هجي ۽ هو سنڌي ٻوليءَ جي لساني خوبين کان واقف هجي. ٻيو ته هو گرامر ڪھڙي لپيءَ ۾ لکي! ان جي وضاحت هيٺين ريت ڪري ٿو:
”هن ڪم جي شروع ڪرڻ وقت اول سوچڻو پيم ته ديسي لفظ ڪھڙي لپيءَ ۾ لکان. منھنجي سامهون، رواجي سنڌي خط، رومن خط، پارسي خط، گرمکي خط ۽ ديوناگري خط هئا. پارسي خط انهيءَ ڪري ترڪ ڪيم جو منھنجي اڳيان واٿين جو گرامر (Wathen’s Grammar) ۽ ٻيا سنڌي ڪتاب موجود هئا. پارسي خط مقرر ڪرڻ کان اڳ، ڪيترن ئي نج آوازن لاءِ نيون صورتون مقرر ڪرڻيون پون ها، جن جا آواز پارسي خط لاءِ انوکي حيثيت رکندڙ هئا. مون محسوس ڪيو ته اهو خط سنڌين لاءِ بلڪل ائين ٿيندو، جيئن رومن خط، جنھن ۾ صورتن جا اضافا ڪجن ها يا تبديليون ڪجن ها، جيڪي پارسيدانن کي عجيب لڳن ها.“(3).
سندس خيال هو ته زبان سکڻ ڪو اوکو ڪم نه آهي، شوق هجي ته اهو ڪلاڪن (هفتن) جو ڪم آهي، پر جيڪي نٿا سکڻ گهرن، انهن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي!
جارج اسٽئڪ سنڌ جي اصل لپي. ’خداوادي خط‘ جو حامي هو، جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سڀ صوتيا شامل هئا. جنھن لاءِ هن پنھنجي آفيس ٻاهران نوٽيس هڻائي ڇڏيو هو ته ڪو ماڻهو خداوادي خط ۾ درخواست داخل ڪندو ته اها ٻڌڻ ۾ ايندي. سنڌ ۾ لپيءَ تي ڪو اٺ سال کن لڳاتار بحث هلندو رهيو. اسٽئڪ صاحب پنھنجا ٽيئي ڪتاب: گرامر ۽ ٻه لغتون ديوناگريءَ ۾ شايع ڪرايون.
موجوده عربي- سنڌي الف بي جيتوڻيڪ 1853ع ۾ جڙي راس ٿي (جنھن جو پورو خاڪو ابوالحسن جي سنڌي الف ب جي پٽيءَ تي آڌار رکندڙ هو جنھن ۾ ڪي ٿوريون تبديليون ڪيون ويون هيون) اها سرڪاري طور اسڪولن، ڪورٽن ۽ سرڪاري لکپڙهه لاءِ رائج ٿي، پر مانواري اسٽئڪ ان کي سنڌي مزاج جي خلاف ڀانئيو ۽ پنھنجي سنڌي- انگريزي لغت لاءِ پنھنجي اسسٽنٽ مسٽر ايلس برو کي تاڪيد ڪري ويو ته اها ديوناگريءَ ۾ شايع ڪئي وڃي. ائين ئي ٿيو جو سندس لاڏاڻو 9 جون 1853ع تي ٿيو ۽ سندس اها لغت 1855ع ۾ ديوناگريءَ ۾ شايع ٿي. انهن ٽنهي اهم ڪتابن کي ڊاڪٽر فھميده حسين موجوده خط ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ مان شايع ڪرايو آهي.
اسٽئڪ جي گرامر جي خاص خوبي اها آهي ته هن ان وقت رائج گرامرن کي سامهون رکي، جديد انداز ۾ سنڌي ٻوليءَ لاءِ گرامر لکيو. البت گرامر جي قاعدن ۽ اصولن لاءِ سندس وڏو آڌار انگريزي گرامر ئي هئا. جيڪي قاعدا انگريزي گرامرن ۾ ملن ٿا. انهن جي اصولن کي سامهون رکي، هن سنڌي ٻولي جا مثال لکيا آهن، البته ڪن هنڌن تي هن سنڌي نج لفظن ۽ اصولن جو به خيال رکيو آهي. وٽس مسٽر واٿين جو فارسي زده گرامر به موجود هو، پر ان مان هن ڪي مثال به ڪين ڏنا.
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽُرمپ جو گرامر 1872ع:
ڪاڪي ڀيرومل ۽ مرزا قليچ بيگ سميت ٻين سڀني سنڌي گرامر نويسن جي ڀيٽ ۾، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ وڌيڪ کوجنا ۽ محنت ڪئي آهي. هو بنيادي طرح علم لسان (Philology) جو اسڪالر هو، اهڙن عالمن کي لفظن جي ڌاتن، ٻين ٻولين جي لفظن جي داخلا ۽ صرفي، نحوي بناوتن تي مھارت حاصل هوندي آهي. هن سنڌي ٻوليءَ بابت اهڙي اشتقاقي (Etymological) لغت لکڻ جي ڪوشش ورتي هئي، جيڪا ’چ‘ حرف تائين مڪمل ٿي سگهي. هن وقت اها چرچ مشن سوسائٽي جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آهي.
ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر جي اها اهميت هئي، جو سندس همعصر بنگالي اسڪالر سنيتي ڪمار چيٽرجي، جنھن بنگالي ٻوليءَ جي اصليت ۽ ترقيءَ بابت ٽن جلدن ۾ The Origin and Development of Bengali Language لکيو. انهيءَ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته ”ڪاش آءُ به ڊاڪٽر ٽرمپ جھڙو معياري ڪتاب جيڪو هن سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکيو آهي، لکي سگهان، بيشڪ هن A Grammar of Sindhi Language لکي، سنڌي ٻوليءَ جي وڏي خدمت ڪئي آهي“. (پھرين جلد جو پيش لفظ)
سنڌي ٻوليءَ جي بنياد بابت ڊاڪٽر ٽرمپ الائي ڇو حقيقت کي پرکي نه سگهيو، جيتوڻيڪ هن ڪيترن ئي هنڌن تي لکيو آهي ته هي ديسي لفظن آهن، پوءِ به هو سنسڪرت جي سڳي مان نه ڪري سگهيو. حالانڪ سندس ئي دور ۾ برهميءَ جي قدامت نروار ٿي چڪي هئي. چيٽرجي پاڻ لکي ٿو ته:
”بنگالي جي اسڪرپٽ سنڌي جي قديم لکت برهمي مان ورتي وئي آهي“. (4)
ڊاڪٽر فھميده حسين صاحبه پنھنجي نگرانيءَ ۾ ڪيترن ٻين اهم ڪتابن سان گڏ، هي ناياب نسخو ترجمو ڪرائي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ مان شايع ڪرايو. هاڻي ان کي سمجهڻ سولو ٿي پيو آهي.
گرامر جي نفسيات، ان جي جزن، وينجن، سُرن ۽ علامتن جو هڪ وڏو جھان آهي. جنھن کي سمجهڻ لاءِ اڌ عمر ڏيڻي پوي ٿي. عام طور اسان انگريزي توڙي عربي، فارسيءَ جي مقرر ڪيل اٺن حصن (Parts of Speech) کي ئي گرامر سمجهون ٿا. انهن جون وصفون ياد ڪري، مثال رٽي گرامر جا ماهر ٿي وڃون ٿا. پر حقيقت اڃا مٿاهين آهي. اسان اُهي لڪ لنگهيا ئي ڪونهن. جت ٽانڊا ٽمڪن ٿا، جنھن لاءِ ڀٽائي چيو آهي ته: ’ڏورتئائين ڏس، اکر جئائين جُڙيا‘.
بھرحال ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنھنجي عالماڻي صلاحيت جو ڀرپور استعمال ڪيو آهي. هن وينجن جي سرشتي، سُرن جي سرشتي، آوازن جي سرشتي، لفظن جي جوڙجڪ، سوس، واڌ مطلب ته گرامر جي هرهڪ جزي تي تفصيل سان لکيو آهي.
جيئن ته ڊاڪٽر ٽرمپ صاحب عبراني، توراني، عربيءَ سميت ڏيھي ٻولين سنسڪرت، پالي ۽ ٻين پراڪرتن کان چڱي طرح واقف هو، ان ڪري هن مڪاني پراڪرتن جي لفظن ۽ انهن جي گهاڙيٽن سان سنڌي ٻوليءَ جي ڀيٽ پڻ پيش ڪئي آهي، اهڙي خوبي ٻين گرامرن ۾ گهٽ نظر ايندي.
ان کانپوءِ جن عالمن کي، ان دور ۾ انگريزي ايندي هئي، انهن هن گرامر مان استفادو حاصل ڪيو آهي. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي گرامر کان پوءِ، محمد احمد حيدرآباديءَ درسي ڪتاب طورُ ’صرف نحو‘ لکيو، جيڪو هوبھو فارسي گرامر تي لکيو ويو. ان جي ڀيٽ ۾ وري منشي اڌارام ٿانور داس (جيڪو ايلس جي ٺاهيل ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ هو،) ان ’سنڌي وياڪرڻ‘ 1892ع ڌاري شايع ڪرايو. هي هڪ رواجي ڪتاب هو، ان جي ڪا خاص خوبي ڪانهي جنھن تي ويھي لکجي، سواءِ ان جي ته اهو انگريزن پاران مقرر ڪيل صورتخطيءَ ۾ لکيل آهي.
ان کان پوءِ ڪشنچند گلاب سنگهه گدواڻي 1914 ڌاري ”سنڌي وياڪرڻ“ لکي شايع ڪرايو. ساڻس گڏ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻي به هو. هنن گرامر جا ٻه ڀاڱا جوڙيا: هڪ ننڍن ٻارن لاءِ، ٻيو وڏن ڪلاسن جي شاگردن لاءِ. هو ڪتاب جي مُنڍ ۾ لکن ٿا ته:
”سنڌي ٻوليءَ ۾، ننڍن ٻارن لاءِ ڪنھن سولي ۽ سليس وياڪرڻ جي گهڻي گهرج ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن وقت جيڪي وياڪرڻ جا ڪتاب موجود آهن، تن ۾ فقط ’ويا ڪرڻ‘ جون حقيقتون ڏنل آهن، پر ٻارن کي اهي ڪيئن سمجهائجن، تنھن بابت ڪا ترتيب ڏنل نه آهي. انهيءَ ڪري وصفون ياد ڪرائي ڇڏيندا آهن، جنھنڪري انهن کي نڪو مزو اچي، نڪو کين وياڪرڻ جا چٽا خيال ويھن. جڏهن ته اسان انهن جون وصفون ۽ مثال ڏنا آهن ته جيئن ٻار پاڻ ڳولي ڪڍن ۽ وصفون پاڻ چئي سگهن. خاص انهي مراد سان هي ڪتاب لکيل آهي“ (ص 1)
ان عرصي دوران، اسان کي سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ هڪ خطرناڪ رجحان ڪر موڙيندي ۽ اڀرندي نظر اچي ٿو، اهو آهي ڌرم جو اثر، جيڪو انگريزن جي دور ۾ اُسريو، منھنجي خيال مطابق انگريزن ان کي وڌيڪ شھه ڏني ۽ سنڌي ادب، ٻولي، گرامر توڙي ٻين صنفن ۾ ٻه واضح ڌارائون اڀري آيون. اسان جي ان دور جي عالمن پنھنجون سڀ ڪسرون گرامر جي آڙ ۾ پوريون ڪيون. پوءِ اسان کي ان ڏس ۾ هڪ ڊوڙ نظر اچي ٿي. ديوان ليکڪ’سنڌي وياڪرڻ‘ سنسڪرت ۽ ٻين پراڪرتن جي آڌار رچيندا هئا ته ٻئي طرف مسلمان عالم ’سنڌي صرف نحو‘ عربي ۽ فارسي گرامر جي اصولن تي جوڙيندا هئا. ٻنهي ٻولين جا سائنچا ٺھيا پيا هوندا هئا. پوءِ انهن ۾ سنڌي لفظ ٽنبيندا ويندا هئا. ڪنھن به عالم اها ڪوشش نه ڪئي ته سنڌي هڪ قديم تھذيبي زبان آهي. ان جا پنھنجا به ڪي اصول، قاعدا هوندا!.
ان ڏس ۾، سنڌي ٻوليءَ جو هاڪارو عالم ۽ گرامر جو ڄاڻُو ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌيءَ ۾ لکيل گرامرن جو جڏهن جائزو وٺجي ٿو، تڏهن ڪيترائي سوال پيدا ٿين ٿا ۽ انهن سوالن جي جوابن لاءِ جڏهن انهن ئي گرامرن جا صفحا اٿلائجن ٿا، تڏهن ائين پيو معلوم ٿيندو آهي ته ڄڻ ڪنھن به صاحب انهن لکيل وياڪرڻن ۾ بيان ڪيل نڪتن کان اڳتي وک نه وڌائي آهي. سنڌيءَ جا اهي گرامر جا ڪتاب ثابت ٿا ڪن ته انهن لکندڙن اردو ۽ پارسيءَ جي پراڻن گرامرن کي سامهون رکي، سنڌي ٻوليءَ جا گرامر جوڙيا آهن. اڄ جڏهن انهن گرامرن جي ڪتابن کي تحقيقي نظر سان ڏسجي ٿو، تڏهن ڪي وصفون گرامر موجب ۽ ڪي علمي نالا (اصطلاح) سنڌي ٻوليءَ جي صرفي ۽ نحوي اصولن موجب عجيب لڳن ٿا. اُهي يا ته عربي صرف نحو سان واسطو رکن ٿا يا وري انگريزي گرامر جا چرٻا آهن، جيڪي سنڌي صرف- نحو جي اصولن موجب قبول ڪري نه ٿا سگهجن“. (5)
ڪاڪي ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جي پيش لفظ (منڍ) پڙهڻ سان، اسان جي موقف کي هٿي ملي ٿي، هو لکي ٿو:
”هن ڪتاب جوڙڻ مھل مون ڪيترا سنڌي، سنسڪرت، فارسي ۽ هندستاني ٻولين جا گرامر توڙي وولنر وارو پراڪرت گرامر، سرگريئرسن وارو لنگوسٽڪ سروي آف انڊيا ۽ پروفيسر گربخشاڻيءَ وارو شاهه جو رسالو اڳيان رکيا هئا، پر سڀني کان گهڻي مدد ڊاڪٽر ٽرمپ واري گرامر مان ملي اٿم. پڇاڙي ۾، آءٌ شمس العماءُ مرزا قليچ بيگ جي شڪرگذاري ڪرڻ فرض ٿو سمجهان، جنھن صاحب پنھنجو دستخط سنڌي گرامر مون ڏي ڏياري موڪليو، جنھن مان توڙي سندس ڪتاب ’علم نحو‘ مان به ڪجهه مدد ورتي اٿم. وري جڏهن هي ڪتاب تيار ڪري رهيس تڏهن به هن صاحب تڪليف وٺي سڄو گرامر پنھنجي نظر مان ڪڍيو. پروفيسر گربخشاڻيءَ پڻ پويان ڀاڱا نظر مان ڪڍيا. جنھن لاءِ آءٌ هن صاحب جو پڻ ٿورائتو آهيان“. (6)
مٿيون بيان واضح ثبوت آهي ته ڪاڪي ڀيرو مل اڳ لکيل گرامرن جي اصولن کي سامهون رکي، پنھنجو گرامر جوڙيو. جيئن ته ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ پنھنجي جوڙيل ’شاهه جو رسالو‘ مان مثال کنيا ساڳي ريت هن صاحب وري ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تربيت ڏنل شاهه جي رسالي مان مثال ورتا آهن. ڪيترن هنڌن تي هن ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جا ڏنل مثال هوبھو اتاريا آهن. هن شعبي جا ماهر چڱي طرح ڄاڻن ٿا ته گرامر ۾ مثال نثر مان ڏنا ويندا آهن، ڇاڪاڻ ته گرامر لفظن ۽ جملن جي بيھڪ ۽ ترتيب بابت بحث ڪري ٿو. واحد بخش شيخ صاحب پنھنجي گرامر’سنڌي ٻولي جو صرف ۽ نحو‘ ۾ ته شعري مثالن جي حد ڪري ڇڏي آهي. اهو هڪ الڳ بحث آهي.
ڪاڪي ڀيرومل پنھنجو گرامر 1925ع ڌاري ڇپايو. ان جو نالو رکيائين: ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘ جنھن جو سبب هن اهو ٻڌايو ته اڳ جوڙيل اڌارام ٿانور داس ۽ ڪشن چند گلاب سنگهه گدواڻي جا جوڙيل گرامر هيٺين درجن جي شاگردن لاءِ آهن ۽ سندس گرامر مٿين ڪلاسن (سنڌي فائنل) جي شاگردن لاءِ آهي.
ان ڪتاب کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو طرفان 1985ع ڌاري شايع ڪرڻ جي رٿ عمل ۾ آئي ته ان جي ڇپائيءَ کان اڳ ماهراڻي راءِ جي لاءِ ڊاڪٽر غلام علي الانا ڏانھن موڪليو ويو. ڊاڪٽر صاحب چڱيءَ ريت اڀياس ڪرڻ کانپوءِ ان جي ٻيھر اشاعت لاءِ راءِ ڏني ته:
”ديوان صاحب جي وياڪرڻ جو دارومدار ڊاڪٽر ٽرومپ جي ڪتاب A Grammar of Sindhi Language تي آهي. ديوان صاحب اسمن جي سمجهاڻيءَ لاءِ ٽرومپ جي گرامر تان نه فقط مدد ورتي آهي، پر شاهه صاحب جا اُهي بيت جيڪي ڊاڪٽر ٽرومپ مثال طور ۽ حوالي لاءِ ڏنا آهن. اهي ئي بيت هوبھو ديوان صاحب به مثال طور ۽ حوالي لاءِ ڏنا آهن. حالانڪ وياڪرڻي صورتن جي سمجهاڻي لاءِ نثر جا مثال زياده آسان لڳن ها، ڇو ته ڪنھن به ٻوليءَ جي وياڪرڻ جي صحيح ۽ اصلي خبر نثرمان ملي سگهندي. نظم جا مثال ويا ڪرڻ جي مطالعي ۾ مناسب طرح مددگار ٿي نه سگهندا. هونئن به ته شاهه لطيف جي وياڪرڻ تي هڪ ڌار ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. منھنجي ذاتي مطالعي جي آڌار تي آءٌ هن راءِ جو آهيان ته ’وڏو سنڌي ويا ڪرڻ‘ جا هيٺيان باب ۽ هر باب هيٺ آندل عنوان نئين سر ۽ نئين نظر سان سنڌي لسانيات جي هاڻوڪن اصولن موجب رکڻ گهرجن. اهو ڪم ماهرن جو هڪ گروپ گڏجي لکي ته وڌيڪ بھتر آهي“. (7)
جيئن اڳ، ڄاڻائي آيا آهيون ته مرزا قليچ بيگ ’سنڌي صرف ۽ نحو‘ تي قلم اڳ ۾ کنيو ۽ سندس فراخدلي هئي جو هن ساڳي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ پنھنجي همعصر ليکڪ ڪاڪي ڀيرومل آڏواڻي کي پنھنجو هٿ اکر لکيل مسودو ڏنو. اها روايت اسان وٽ تمام گهٽ آهي. ايتريقدر جو اڄ به ڪو اديب، محقق، شاعر پنھنجي هٿ اکر شين کي ٻين آڏو ظاهر نه ٿو ڪري.
مرزا صاحب پنھنجي صرف ۽ نحو (گرامر) کي چئن ننڍن ڀاڱن ۾ ڪرائون سائيز ۾ ڇپرايو. جنھن کي ٻه دفعا ترتيبوار 1961ع ۽ 1992ع ۾ ساڳي صورت ۽ نالي ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪرايو. جڏهن ته ان جي ٽئين ڇاپي(2006ع) ۾ ان جو نالو بدلائي ’سنڌي وياڪرڻ‘ لکيو ويو. مرزا صاحب جي طرز تحرير توڙي صرفي ۽ نحوي ترڪيبن جو آڌار عربي ۽ فارسي ڪتابن تي آڌاريل آهي، ان ڪري اهو نالو وڌيڪ موزون هو. حيرت ان ڳالهه جي ٿي ٿئي ته سنڌي ادبي بورڊ جي تڏهوڪي انتظاميا ان جي جوڙجڪ ئي ڦيرائي ڇڏي آهي. اڳيان عالم ڪتاب جي اهميت ۽ ماهيت بابت ’منڍ‘ ابتدا ۾ لکندا هئا. ڀيرومل توڙي ٻين گرامر نويسن ائين ڪيو آهي. اهو ’منڍ‘ جيڪو ڪتاب جي اڳيان اچڻ گهربو هو، سو بدلائي ڪتاب جي وچ ۾ صفحي نمبر 139 تي ڏنو اٿن. مرزا صاحب هر هڪ ڀاڱي لاءِ ’ديباچو‘ الڳ لکيو آهي. ’علم صرف‘ جي ديباچي ۾ مرزا صاحب لکي ٿو ته:
”... انهن مان ’علم صرف‘ ته عام آهي ۽ مڪتبن، مدرسن ۽ اسڪولن ۾ شاگردن کي سيکاربو آهي، جنھن کي انگريزيءَ ۾ گرامر ۽ هندي ۾ ’ويا ڪرڻ‘ سڏيندا آهن. علم نحو به مختصر طرح صرف سان گڏ، سيکاريو ويندو آهي. مگر ’نحو‘ لاءِ ڌار مفصل ڪتاب اڳ ۾ نه هو، جو مون لکيو آهي. انهيءَ جي پوئين باب ۾، انهن ٻين سڀني علمن جو مختصر بيان ڏنو اٿم، جو ’نحو‘ جو انهن سان واسطو هو. ’منطق‘ جو ڪتاب به سنڌيءَ ۾ منھنجي ڀاءُ جو لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ علم بديع جو مفصل بيان آهي..... مون ڪوشش ڪري، فارسي ڪتابن مان ضروري مضمون ڪڍي، هتي گڏ ڪيا آهن“.(8)
عربي ۽ سنڌي، ٻوليءَ ۾ هڪ واضح فرق اهو به آهي ته عربي جملن جو آڌار صرف (Morphemes) تي هوندو آهي ۽ نحو ان ۾ معمولي ۽ چس خاطر استعمال ڪندا آهن. جنھن لاءِ عربيءَ ۾ چوڻي آهي ته ’النحو في الڪلام ڪالملح في الطعام‘يعني نحو ڪلام (بيان) ۾ ائين آهي. جيئن کاڌي ۾ لوڻ جيڪو بنھه ٿورو هوندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ سنڌي جملن جو آڌار هوندو ئي نحو (Syntax) تي آهي.
علم نحو بابت پڻ مرزا صاحب الڳ ڪتاب لکيو. ديباچي ۾ لکي ٿو ته:
”هيستائين جيڪو سنڌي گرامر اسڪولن ۾ سيکارڻ ۾ پئي آيو آهي، سو گهڻو ڪري فقط ’علم صرف‘ آهي. جو اوائل کان عربي صرف جي نموني تي لکيو ويو آهي ۽ علم نحو جو منجهس فقط اشارو هوندو هو. هاڻ ٿورن ڏينھن کان انهيءَ ۾ جملن جو ڇيد شامل ڪيو ويو آهي، جو نحو جو ڀاڱو آهي. مگر اهو تمام مختصر آهي ۽ نحو جا ڪي به قانون ڏسڻ ۾ نه آيا آهن. علم نحو ۾ ٻيا ڪافي مضمون شامل آهن....تنھنڪري ڪن دوستن جي صلاح سان مون عربي، فارسي ۽ انگريزي نحو جي گڏيل نموني تي هيءَ سنڌي نحو جو ڪتاب لکيو آهي“.(9)
ته پوءِ سنڌي نحو ڪيڏانھن وئي؟ مطلب ته هر عالم پنھنجي علم ۽ مطالعي مطابق ٻين ٻولين جو نقل ڪيو آهي، جنھن جو واضح طور هنن اعتراف به ڪيو آهي.
ذڪر ڪيل گرامرن کان علاوه ٻيا کوڙ سارا نقل ڪيل گرامر شاگرد جي گهرج مطابق ايندا رهيا. انهن ۾ وصفون ساڳيون باقي مثالن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار هئي. ڪن اڳ ۾ مثال ڏئي پوءِ وصفون سمجهايون آهن ته ڪن وري اڳ ۾ وصف ڏئي پوءِ ان جي جزن جي تعريف ڪئي آهي، ٻيو ٿيو ڪل خير!.
واحد بخش شيخ جو ’سنڌي ٻولي جو صرف ۽ نحو‘ 1986ع:گرامر جو هي ڪتاب واحد بخش شيخ صاحب جو لکيل آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي ٻن حصن ۾ 1986ع ڌاري شايع ڪيو. بظاهر مناسب ڪتاب ٿو لڳي، جنھن ۾ هر باب کي چڱي طرح مثالن سان سمجهايو ويو آهي. غيرضروري طور ڪلاسيڪي شاعرن، شاهه لطيف، سچل، بيدل، بيڪس وغيره جي شاعريءَ مان مثال کنيا ويا آهن. منھنجي راءِ مطابق ڪتاب جو 80/90 سيڪڙو مواد نقل ٿيل آهي. (ان بابت الڳ هڪ مقالو لکڻ جي ضرورت آهي).
عالمن جي گڏيل راءِ آهي ته ڪتاب جي متن (Text) بابت ليکڪ پاران لکيل تمھيد/مھاڳ/پنھنجي پاران/مقدمو وغيره مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته ليکڪ جي مضمون مٿان ڪيتري گرفت آهي! مناسب ٿو ڀانيان ته شيخ صاحب پاران ڪتاب بابت جيڪو ’عالماڻو‘ ليک (تمھيد) ليکيو ويو آهي. ان مان ڪجهه ٽڪرا پيش ڪريان.
ان تمھيد مان سوال ته سوين جڙن ٿا، پر اختصار کان ڪم وٺندي، ڪي اهميت جوڳا ٻه چار سوال پيش ڪجن ٿا، جنھن مان (1950) کان پوءِ گرامر نويسن جي علمي ڄاڻ، لسانياتي مھارت، لفظن جي جوڙجڪ، جملن جي بيھڪ وغيره جو اندازو لڳائڻ آسان ٿيندو!.
(الف) ”سنڌيءَ جي 52 حرفن ۾ سورنھن حرف عربي ۽ فارسيءَ جا آهن!“. (ص-1)
شيخ صاحب کي (Orthography) جي بلڪل ڄاڻ نه آهي. شيخ صاحب جيڪڏهن سمجهي ٿو ته ا- ب- ت، ج، ک، م، و، ن، ي وغيره عربيءَ جا آهن، سنڌي جا نه آهن ته پوءِ ان تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو! وڌيڪ لکي ٿو ته:
(ب) ”سنڌي زبان جا پنھنجا اکر ڪل چار اکر آهن، باقي سنسڪرت جا آهن“. (ص-1)
جنھن عالم جي سوچ اها هجي ته هزارين سالن جي اوسر ۽ دنيا سان ڪاروهنوار رکندڙ سنڌي ٻوليءَ وٽ ڪل چئن اکرن جي ’ميراث‘ هئي. ته پوءِ ان تي ڪھڙي ميار؟.
(ٻ) ”سنڌي ٻولي اگرچه سنسڪرت مان پيدا ٿي آهي. تاهم ٻنهي ۾ حرفي مشابھت کانسواءِ ٻي ڪا ظاهر هڪجھڙائي خير ڪا نظر ايندي. پر انهيءَ جي برعڪس عربي، فارسي ۽ اردو ٻولين سان، سندس تعلق ۽ تشبھه گهڻو نظر ايندو.“ (ص-3)
ستر جي ڏهاڪي تائين، اهو تسليم ٿي چڪو هو ته سنڌي ٻولي، سنسڪرت جي پيداوار نه آهي، البته انهن ٻولين جو ماضيءَ ۾ تعلق رهيو آهي. ٻئي الڳ الڳ زبانون آهن. پر شيخ صاحب کي شايد اها ڪل نه پئي.
(ت) ”دنيا ۾ وڏيون ۽ ممتاز ٻوليون عام طور اهي ليکجن ٿيون، جي دنيا جي ڳچ ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون. مثال انگريزي، فرينچ، عربي ۽ اردو وغيره. نسبتا سنڌي ٻولي هڪ ننڍي صوبي جي زبان آهي، پر جا وسعت هن ٻوليءَ ۾ آهي، سا ٻين ٻولين ۾ ورلي هوندي! ڇا ادب ۾، ڇا سائنس ۽ تاريخ ۾ ۽ ڇا سياست ۾، مطلب ته هر پھلو تي روشني وجهڻ لاءِ سنڌي زبان ۾ ڪافي مواد ملي سگهي ٿو.!“ (ص-4)
ان تي ڪھڙو تبصرو ڪجي! هڪ طرف فرمائين ٿا ته نسبتن سنڌي ٻولي هڪ ننڍي صوبي جي زبان آهي، وري لکن ٿا، پر جا وسعت هن ٻوليءَ ۾ آهي... ڪھڙي بيان کي سچ سمجهون! اڳين حوالن سان ڀيٽ ڪجي ته سائين واحد بخش شيخ صاحب جي علمي قلعي کلي پئي ٿي ته چار اکر رکندڙ ٻوليءَ ۾ سائنس ۽ سياست بلڪه هر موضوع تي مواد موجود آهي؟.
واحد بخش شيخ صاحب جي گرامر بابت ڊاڪٽر غلام علي الانا پنھنجي راءِ جو اظھار هن ريت ڪيو آهي:
”سنڌ جي هڪ وڏي تعليمي ماهر محترم واحد بخش شيخ جو ٻن جلدن ۾ ڇپيل ’سنڌي صرف ۽ نحو‘ پڙهيم، ته آءٌ انهي سوچ ۾ پئجي ويس ته جھڙي طرح سرگريئرسن، ڊاڪٽر ٽرمپ، پروفيسر ڀيرومل آڏواڻي ۽ ديوان نارائڻداس جڳت ناٿ جا لکيل سنڌي ويا ڪرڻ، سنسڪرت جي وياڪرڻ کي بنياد بنائي لکيا ويا آهن، تھڙي طرح محترم واحد بخش شيخ وري عربي صرف- نحو جي بنياد تي ’سنڌي صرف ۽ نحو‘ جي عنوان تي مسودو بورڊ مان ڇپرايو آهي“. (10)
آخر ۾ مان اهو عرض ڪندو هلان ته آساني سان چئي سگهجي ٿو ته شيخ صاحب سواءِ نقاليءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي.
ٻولين جا تضاد:هن وقت تائين گرامر جي حوالي سان، جن ٻولين جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن ۾، عربي، فارسي، سنسڪرت، پراڪرت، انگريزي وغيره اچي وڃن ٿيون، جن تان اسان جا گرامر نقل ڪيا ويا آهن. انهن ۾ سنسڪرت ۽ عربي جي قاعدن کي ترجيح ڏني وئي آهي. هيٺ عربي ٻولي، جي بيھڪ ۽ جوڙجڪ جي ڀيٽ سنڌي سان ڪجي ٿي. ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنھنجي ’سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر‘ ۾ لکي ٿو ته: پڙهندڙن کي اهو معلوم آهي ته سنڌي ۽ عربي ٻولين جو تاريخي لسانيات جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان پري جو به تعلق ڪونهي، البت اٺ سئو سالن جي حڪمراني واري زماني ۾، پھرين عربي ٻولي ۽ ان کانپوءِ فارسي ٻوليءَ معرفت هزارن جي تعداد ۾ عربي ۽ فارسي لفظ سنڌي ٻوليءَ جي لغات ۾ شامل ٿيا. (11)
(1) عربي، سنسڪرت، انگريزي جي جملن ۾، اڳ ۾ فاعل، پوءِ فعل ۽ آخر ۾ مفعول ايندو آهي. ڪن صورتن ۾ عربي جملي جي ابتدا فعل سان ٿيندي آهي.
- جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جي جملي ۾ اڳ ۾ فاعل، مفعول ۽ آخر ۾ فعل ايندو آهي.
(2) ذڪر ڪيل ٻولين ۾ حرف جر (Pre Position) اڳ ۾ ايندو آهي ۽ سنڌي ۾ اسم، ضمير، صفت کانپوءِ ايندو آهي.
(3) ذڪر ڪيل ٻولين ۾ جنس جا ٽي قسم ٿين ٿا: مذڪر، مونث ۽ بي جان (Neutral)
- جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ ۾ فقط مذڪر ۽ مونث ٿين.
(4) عربي ۽ سنسڪرت ۾ عدد ٽي ٿين: واحد، تثنيه، جمع
- جڏهن ته سنڌيءَ ۾ صرف واحد ۽ جمع ٿين.
(5) عربيءَ ۾ ٻه زمان ٿين. ماضي- مضارع
- پر سنڌيءَ ۾ ٽي زمان ٿين، حال، ماضي ۽ مستقبل
(6) عربيءَ ۾ ڳالهائڻ جا ڪل ٽي جزا ٿين:
اسم- فعل- حرف
- جڏهن ته سنڌي ۾ هي اَٺَ آهن:
اسم- ضمير- صفت- ظرف- حرف جر، حرف جملو، حرف ندا، فعل.
(7) عربي لفظن جو مادو فعل (ماضي مجھول) مان ڪڍيو وڃي ٿو.
= جڏهن ته سنڌي لفظ ’مصدر‘مان نڪرن ٿا. فارسيءَ جي به اهڙي صورتحال آهي. سنڌي ۾ اچڻ- وڃڻ- ڳالهائڻ، فارسيءَ ۾ آمدن، رفتن، گفتن وغيره.
(8) عربي، فارسي، سنسڪرت، انگريزيءَ ۾ صفتن جا ٽي درجا ٿين ٿا: خالص، تفضيل، مبالغو.
حقيقت ۾ سنڌيءَ ۾ صرف هڪ سادي صفت ٿيندي آهي. گل سھڻو آهي، انب مٺو آهي. اٺ وڏو آهي، وغيره. باقي اسان جي گرامر نويسن ديسي طريقي سان ٻيون صفتون جوڙي ورتيون آهن. گلاب جو گل سڀني کان سھڻو آهي. انب، صوف کان وڌيڪ مٺو آهي. اٺ، گهوڙي کان وڏو آهي. انهن ۾ نه صفت تفضيل آهي نه وري مبالغو. اسان جي هڪ محقق دوست صفت تفضيل ۽ ڀُل ۾ لکيل ’صفت تفصيل‘ جي بحث تي ووٽنگ به ڪرائي. چئي فلاڻن، فلاڻن ڪتابن، رسالن، مقالن ۾ تفضيل ۽ فلاڻن ۾ ”تفصيل“ لکيل آهي. تفصيل نڪتل آهي فصل مان وغيره. جڏهن ته ٻولي ۽ گرامر جي عالم مرزا قليچ بيگ ’تفضيل‘ (ڏسو: سنڌي ويا ڪرڻ 2006 ص 190) وڏي وضاحت سان لکيو آهي. اهڙي طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پڻ ’صفت تفصيل‘ لکيو آهي.
صفت تفضيل بابت مانواري ڊاڪٽر ارنسيٽ ٽرمپ پنھنجي راءِ جو اظھار هن ريت ڪيو آهي: صفتن جي ڀيٽ Comparison of Adjectives
”سنڌي ۽ ٻين ڄاتل ٻولين سنسڪرت (۽ فارسي) جي پوئواري ڪندي صفتي جوڙن ذريعي صفت تفضيل Comparative ۽ صفت مبالغو (Superlative) ٺاهڻ جي خاصيت وڃائي ڇڏي آهي“. (12)
اسم تصغير: اسم تصغير ۽ اسم تڪبير ٻئي عربي ٻوليءَ جا اصطلاح آهن. جڏهن اسان جي ٻوليءَ ۾ اسم تڪبير جو ڪو نالو نشان نه آهي ته پوءِ اسم تصغير ڪٿان آيو؟ اسان جي عالمن زوريءَ اهو اصطلاح سنڌي ٻوليءَ ۾ ٽنبيو آهي. جيئن ڪاڪي ڀيرومل پنھنجي ڪتاب ’وڏو ويا ڪرڻ‘ ۾ لکيو آهي:
ايرو پڇاڙي؛ سنسڪرت ۾ اسم تصغير جي پڇاڙيءَ ۾ ’ايرو‘ ايندو آهي. مثلن ڊگهو- ڊگهيرو، ٿورو- ٿوريرو، چڱو- چڱيرو. ان سان گڏ (ر) به ايندي آهي جيئن ڪُٽير معنيٰ ننڍي ڪٽي يا ڪُٽيا يعني جهوپڙي. هي مثال جارج اسٽئڪ پنھنجي گرامر ۾ سڀ کان پھريائين صفحي 103 تي ڏئي آيو آهي. پوءِ سڀني گرامر نويسن ساڳيا مثال کنيا آهن.
ڙ- ڙو: هيءَ به ساڳئي ’ر‘ پڇاڙي آهي، پر اچار ڦري ’ ڙ ‘ ٿيو اٿس جيئن هٽ- هٽڙو، پنڌ- پنڌڙو.
’ٽ پڇاڙي‘، چريو- چريٽ، معنيٰ ٿورو چريو. ڄام- ڄاموٽ، ڳوٺ جو وڏيرو (اهو ٿيو اسم تصغير) ڏئو- ڏئاٽي- ’ڏياٽي‘ ۾ پنج ڇھه ڏيئا پاسن سان هوندا آهن) اصل سنسڪرت پڇاڙي ’تر‘ مثلن ’گوڻيتر‘ معنيٰ ننڍي ڳوڻ. اسان وٽ ته ڳوڻ کان ننڍو ’ٻاچڪو‘ ٿيندو آهي. اهڙي ريت سنسڪرت ۾ جيڪي تصغيري پڇاڙيون آهن، سي سڀ ڀيرومل ترتيب سان ڏنيون آهن، پوءِ انهن جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪو نالو نشان هجي يا نه، پر هن زوريءَ ڇڪي سنسڪرت جي مٿڀرائي پيش ڪئي آهي. ايتري قدر جو پڇاڙي ۾ لکي ٿو ته، ڏٺو- ڏٺل، ڪٺو- ڪٺل، هي ساڳي ’ر‘ پڇاڙي آهي. جنھن جو اچار ’ل‘ ٿئي ٿو. اها اسم مفعول پٺيان گڏبي آهي ته اهو صفت ٿي ڪم ايندو آهي. هتي به صغيرائي جي معنيٰ ڪانهي“ (13)
ساڳيءَ طرح ڪن عالمن وري عربي ۽ فارسيءَ جا مثال ڏنا آهن. واحد بخش شيخ صاحب ته ڀيرومل جا مثال کڻي اڳ ۾ آندا آهن پوءِ فارسي مان: باغ- باغيچه، ڪوءِ- ڪوچه، مرد- مرڪ وغيره عربي مان مثال ڏيندي لکي ٿو ته:
”بحر- بُحيره- بُحيره، (ننڍو بحر: ڍنڍ) عام سنڌي، محاوري مطابق ”بحيره عرب“ يعني عربي سمنڊ -زبده- زبيده (ٿوري مکڻ ذري) عام محاوري ۾ ننڍي مانڌاڻي- عبد- عبيد‘ (ننڍو ٻانهو)“ (14)
اسان جي روايتي گرامر نويسن ’ڙي، ڙوڙا‘ آخر ۾ ايندڙ لفظن کي ’اسم تصغير‘ قرار ڏنو آهي. جيئن- ادڙو، مٺڙو، کٽڙي، مڇڙي، اٺڙا، ڪاٺڙي، هاٺڙي وغيره.
اسان وٽ جيڪي اهڙا لفظ استعمال ٿين ٿا، اهي صرف اسم نه هوندا آهن، بلڪل صفت، ظرف، فعل وغيره ٿين ٿا. ان بابت مون ڪيئي مضمون ۽ مقالا لکيا آهن. منھنجو موقف اهو آهي ته اهي اسم تصغير نه آهن، بلڪه اها سنڌي ٻولي جي هڪ نرالي خاصيت آهي، جيڪا شايد ئي دنيا جي ڪنھن ٻوليءَ ۾ هجي! لفظن ۾ موزون جاءِ تي’ڙي- ڙو- ڙا‘ ملائڻ سان لفظ ۾ جاذبيت، پنھنجائپ، سڪ ۽ اڪير جا جذبا پيدا ٿين ٿا، جيڪي نه صرف ٻولي ۾ سونھن ۽ ميٺاج پيدا ڪن ٿا، پر ماحول ئي دلپزير ڪري ڇڏين ٿا. مثال طور هڪ سنڌي ڪافيءَ جو ٿلهه آهي:
’فقيرن جو سڳڙو، مون کي ڪين لڳڙو،
حياتيءَ تان هٿڙو، عزيزن کنيو آ
سر يمن ڪلياڻ جي وائي جو هڪ بند آهي:
اصل اسارين جا، ستي ويڙا سيڻ،
جيڏيون جي مان وِ سھو ننڊ مَ هيريو نيڻ،
راتڙيون جاڳن جي، سي آئون ڪندڙي سيڻ.‘
ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ کي به ڪا اهڙي خوبي نظر آئي هئي، جو هن چيو ته
”سنڌيءَ ۾، مختلف قسمن جا اسم تصغير ٺاهڻ جي وڏي سھولت آهي ۽ ان ڏس ۾ اها، ٻين ڀينر ٻولين کان گهڻو اڳتي آهي. اسم تصغير جي خيال کي ظاهر ڪرڻ لاءِ پڇاڙيءَ طور ڙو- ڙي وغيره ملائيندا آهن جيئن:
ڌي- ڌئڙي، اک- اکڙي، دل- دلڙي، هنئو- هنئڙو وغيره
ان سببان مفھوم ڪنھن شيءِ جي ننڍي، نازڪ ۽ چڱي هئڻ جو نڪرندو آهي“. (15)
نقاليءَ جا ڪجهه مثال: ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ سنڌي ٻولي جو گرامر وڏي تحقيق ۽ ڌيرج سان لکيو. جنھن مان پوءِ لکندڙ گرامر نويسن نقالي ڪئي آهي، جيڪا ڪيترن ئي هنڌن تي واضح آهي. ڊاڪٽر ٽرمپ ’سنڌي اسمن جون پڇاڙيون‘ جي عنوان هيٺ ڪجهه مثال ڏنا آهن، جيئن I پڇاڙي اُ، VI پڇاڙي اِ (مذڪر ۽ مونث) ڪاڪي ڀيرومل اهي مثال جملن جي مٽ سٽ سان علم آواز ۾ ڏنا آهن. پاڻ ئي لکي ٿو (ڊاڪٽر ٽرمپ جي گرامر مان انتخاب) مرزا قليچ بيگ لڳ ڀڳ ساڳيا مثال باب پنجين- فصل پھرئين ۾ ڏنا آهن، (ص171-170).
واحد بخش شيخ ساڳيو اَ، اِ، او، اي کڻي مثال عربي، فارسي ۽ سنڌي مان ڏنا آهن. ڏسو: اسم جي جنس- ص 146)- اسم تصغير ۾ جيڪي مثال ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ ڏنا آهن. مثلاً ڪات، ڪاتي، باهه- باهوٽي، ڄام- ڄاموٽر (ڄاموٽي) ڏئو- ڏئاٽي، ڊگهو، ڊرگهيرو، ٿورو- ٿوريرو وغيره، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي ’اسم تصغير‘ جي باب ۾ ساڳيا مثال ڏنا آهن. ڏسو صفحو 132- 233.
مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن جي حوالن، مثالن ۽ وياڪرڻي اڀياس کانپوءِ ماهرن جي راءِ کي سامهون رکندي، آءٌ ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب ۽ علم لسان ۽ گرامر تي مھارت رکندڙ ڊاڪٽر فھميده حسين جي انهيءَ راءِ جي تائيد ڪريان ٿو ته سنڌي گرامر جي ڄاڻن تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي وڃي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جي گڻن، خاصيتن، انداز، بيھڪ، بيان ۽ گرامر جي عام جزن جو گھرائي سان جائزو وٺي گرامر جي جديد اصولن کي سامهون رکي، نئين سر سنڌي ٻولي جو جديد گرامر تيار ڪرائي.
منھنجي اها به تجويز آهي، ته اهو اهم ڪم سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي سربراهي ۾ ٿئي، ڇاڪاڻ ته ٻولي بابت اهڙا ڪم اٿارٽيءَ جي بنيادي مقصدن ۾ شامل آهن. ان کان علاوه ٻوليءَ جي هڪ مڃيل اداري طرفان ورتل ڪوششن کي خاطريءَ سان مثبت موٽ ملندي.

حوالا
1. ملاح مختيار احمد، ’خدا وادي رسم الخط،‘ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2018- ص 140
2. Siddiqi Habibullah, `Education in Sindh- past & present`, Institute of Sindhology- 1987, P. 194
3. Stack Captain, `A Grammar of Sindhi Language`- Reprint in 2011, P. 11
4. Chattergi Suneti Kumar, `The Origin & Development of Bengali Language`- 1926 P- 15
5. الانا غلام علي ڊاڪٽر، ’سنڌي گرامر جا مسئلا‘- نئين زندگي مئي 1966 ص. 25
6. آڏواڻي ڀيرومل مھر چند- ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘- انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو، ڇاپو ٻيو 1985 ص ص. 7-6
7. الانا غلام علي ڊاڪٽر- ايڊيٽر طرفان- ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو ڇاپو ٻيون 1985 ص- 2
8. بيگ ميرزا قليچ شمس العلماءَ- ’سنڌي وياڪرڻ‘- ڇاپو ٽيون، 2006- ص. 138
9. ساڳيو- ص. 66
10. الانا غلام علي، ڊاڪٽر – ’سنڌي ٻولي جو تشريحي گرامر‘- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2010
11. ساڳيو- ص. 3
12. ٽرمپ ارنيسٽ ڊاڪٽر- ’سنڌي ٻولي جو گرامر‘- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2011- ص. 122
13. آڏواڻي ڀيرومل مھرچند- ’وڏو سنڌي وياڪرڻ‘- سنڌي ادبي بورڊ 1985 ص. 234
14. شيخ واحد بخش- ’سنڌي ٻولي جو صرف ۽ نحو‘- سنڌي ادبي بورڊ 1986 ص. 69
15. ٽرمپ ارنيسٽ ڊاڪٽر- ’سنڌي ٻولي جو گرامر‘- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي 2011- ص. 81
1069 ڀيرا پڙهيو ويو