ايڊيٽوريل
سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران، تحقيقي جرنل جو نئون شمارو پڌرو ڪندي، خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون..خوشي ان ڳالهه جي به آهي ته سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ پنھنجو ڪردار سھڻي نموني سان نڀائيندو پيو اچي. هن جرنل ذريعي ڪيترن اديبن، محققن، لسانيات جي ماهرن، تاريخ نويسن ۽ افسانوي توڙي غير افسانوي ادب سرجيندڙن کي هڪ پليٽ فارم مھيا ڪيو ويو آهي، جنھن سان تحقيقي لاڙن کي اتساهه مليو آهي. تحقيق جو عمل ادب يا مختلف شعبن لاءِ وڏي اهميت جو حامل آهي. اڄ سنڌي ٻولي ۽ ادب جنھن سٺي مقام تي نظر اچي پيو، ان جو بنيادي سبب تحقيق جي شعبي کي هٿي وٺرائڻ آهي.
تحقيق عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي لغوي معنيٰ، روايتي علمن جي سائنسي انداز سان، ڇنڊ ڇاڻ ڪري نوان نتيجا اخذ ڪرڻ آهي. ٻولي، ادب يا مختلف شعبا، تحقيق جي رجحان کان بغير ترقي نٿا ڪري سگهن. ڪنھن به شئي جي اهميت جو اندازو، ان جي ضرورت مان لڳايو ويندو آهي ۽ موجوده دور کوجنا وارن لاڙن ۽ تجزياتي سوچ تي دارومدار رکي ٿو. نظريه ضرورت تحت، تحقيق جي اهميت پڻ وڌي آهي، جيئن ته تحقيق جي شعبي ۾ تڪڙيون تبديليون اچي رهيون آهن، ان ڪري جديد تحقيق جي لاڙن کي سمجهڻ ۽ اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اداري جي سدائين اها ڪوشش رهي آهي ته نوجوان وڌ کان وڌ تحقيق ڏانھن مائل ٿين. تحقيق جي موضوع جو مطالعو يا تجزيو، تحقيق کي سامھون رکندي، ان انداز ۾ ڪرڻ گهرجي، جيئن ان مان ڪو نتيجو ملي سگهي. نوجوان محققن کي تحقيق پاسي مڪمل ڌيان ڌيڻ گهرجي. تحقيق جي موضوع سان مڪمل طور تي انصاف ڪرڻ لاءِ، ان موضوع جو مطالعو گھرائيءَ سان ڪرڻو پوي ٿو. گهربل مواد گڏ ڪرڻ کان پوءِ ان جي ڇنڊڇاڻ، حقائق کي آڏو رکندي ڪئي وڃي ٿي.
نون محققن کي تحقيق جي هنن پاسن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. مقالو جيئن ته موضوعاتي طويل مضمون آهي، ان ڪري کوجنا يا حتمي دليل جو گهرجائو ٿئي ٿو. مقالي لاءِ استعمال ٿيندڙ ٻولي ۽ مقالي جو انداز پڻ موضوع جي مناسبت سان چونڊڻ گهرجي. لکت واري ٻوليءَ تي وڌيڪ ڌيان جي ضرورت آهي. جيئن ته بيھڪ واريون نشانيون ۽ جملن جي جوڙجڪ، لکت واري ٻوليءَ لاءِ انتھائي اهم آهن، ان ڪري ان پاسي توجهه جي ضرورت آهي. وقت جي گهرجن آهر معياري سنڌي لکت جو طريقي ڪار طئي ڪرڻ گهرجي.
تحقيقي مقالن لاءِ تشريحي انداز (Expository style) اختيار ڪيو وڃي ٿو، جنھن وسيلي موضوعاتي تجزيو، حقيقتون ۽ انگ اکر وغيره سامھون رکندي، غير جانبدار راءِ ڏني وڃي ٿي. ڪن محققن جو مقالي لاءِ قائل ڪندڙ انداز (Persuasive style) ٿئي ٿو. لکت جي ان طريقي ۾ حقائق، منطق، ماهراڻي راءِ ۽ عقلي دليلن کي سامھون رکندي، موضوع جي ڪٿ ڪئي وڃي ٿي، ان ڪري محقق جو اسلوب پڻ فني طور تي پختو ۽ غير رسمي هئڻ گهرجي. تحقيقي مقالي جو تعارف ڀرپور ۽ پڄاڻي پڻ تعارف سان لاڳاپيل هئڻ گهرجي.
عام طور تي تخليقي ادب سان وابسته نوجوان محقق، ڪنھن سنجيده موضوع تي قلم کڻن ٿا ته سندن ٻولي، تخليقي، آرائشي ۽ تمھيدي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جڏهن ته ٻولي تجزياتي، مختصر جملن پر جامع پيغام تي منحصر هئڻ گهرجي. ٿيسز يا تحقيقي مقالي جا ڪيترا لفظ يا جملا، جيڪي روزمره جي گفتگو يا غير رسمي تحرير ۾ استعمال ڪيا وڃن ٿا، اهي اڪيڊمڪ تحرير ۾ موضوع جي افاديت تي منفي اثر وجهندا آهن. ان کان سواءِ جملي کي ڳنڍيندڙ لفظن (linking words) جھڙوڪ: ڇاڪاڻ ته، تنھنڪري، جنھن جي ڪري، ان کان علاوه، وغيره جھڙن لفظن جي اجائي استعمال کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي جملي جي جوڙ جڪ ۽ افاديت کي متاثر ڪن ٿا. تحقيقي مضمون ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي مختصر، فعال، عملي ۽ واضح هجي. محقق پنھنجي مشاهدي ۽ ذاتي تجربي کي وڌيڪ استعمال ڪندي، ڪنھن نتيجي تي پھچڻ جي ڪوشش ڪري.
ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ان وقت ممڪن آهي، جڏهن تحقيق ۾ نوان ۽ جديد موضوع شامل ڪيا وڃن. موضوعاتي وسعت جي ڪري، ٻوليءَ جو واهپو وڌندو ۽ ان ۾ لفظن جو واڌارو پڻ ايندو. سنڌي ٻولي جرنل فقط ادب ۽ لسانيات سان تعلق رکندڙ موضوعن تائين محدود نه آهي بلڪه ان جو ڪجهه حصو ثقافت، آثار قديمه ۽ تاريخ تي مشتمل موضوعن لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. تحقيق جي شعبي سان دلچسپي رکندڙ محققن ۽ ليکڪن کي گذارش ڪجي ٿي ته هو نون ۽ منفرد موضوعن تي تحقيق ڪن، جيئن تحقيق جو شعبو وقت جي نون تقاضائن سان هم آهنگ ٿي سگهي.
اميد ڪجي ٿي ته هميشه جيان؛ سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل هن ڀيري به اوهان جي معيار تي پورو لھندو.
شبنم گل
ايڊيٽر