”تذڪره لطفي“جو تحقيقي اڀياس
(A Study of Tazkira Lutufi)

علي نواز آريسر
Abstract:

Tazkira is derived from an Arabic word Zikr. Tazkira was initiated in Sind in Soomra period and the literary history of Sind was written on the basis of Tazkiras. Hidayatullah Tarik Najfi authored the first Tazkira, in Sindhi, which was translated into Urdu by Muhammad Hufeez-ur- Rehman Hafeez and he got it published as Tazkira Shuara-e-Sind. After this, Moulana Deen Muhammad Wafai wrote Tazkira Mashaheer Sind.
Tazkiras are written in different patterns in Sindhi: some are ordered according to periods, some according to years, some are ordered alphabetically, and some are without any specific order. Tazkira is also basically history and one has to pass through various phases of research to write a Tazkira. Tazkira Lutufi occupies the prominent place among such Tazkiras. This research article presents a review of the book: Tazkira Lutufi. Its first edition containing 13 chapters appeared in 1943. It was published by R H Ahmed and Brothers in Hyderabad. This study critically analyzes merits and certain drawbacks of the book within the parameters of research.

لفظ ”تذڪره“ ذڪر مان ورتل آهي، جيڪو عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. سنڌ ۾ تذڪري جي شروعات سومرن جي دؤر کان ٿي جن جي بنياد تي ئي سنڌ جي ادبي تاريخ لکي وئي آهي. شروعات ۾ تذڪرا فارسيءَ ۾ لکيا ويا، فارسيءَ ۾ پھريون تذڪرو محمد عوفي لکيو، جيڪو 1945ع ۾ سعيد نفيسي مرتب ڪري تھران مان ڇپايو. سنڌيءَ ۾ پھريون تذڪرو هدايت الله تارڪ نجفي لکيو، جنھن کي محمد حفيظ الرحمان حفيظ 1946ع ۾ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري ’تذڪره شعراءِ سنڌ‘ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. مولانا دين محمد وفائي ’تذڪره مشاهير سنڌ‘ لکيو. مولانا صاحب هي تذڪرو ورهاڱي کان اڳ لکي تيار ڪيو هو، جنھن ۾ سنڌ جي عالمن، درويشن ۽ بزرگن تي تحقيق سان گڏ، سوانح عمريون ۽ واقعا شامل آهن. وفائي صاحب هن ڪتاب جي ترتيب ڏيڻ کان اڳ ۾ سال 1950ع ۾ گذاري ويو، جنھن ڪري مسودي تي نظر ثاني نه ٿي سگهي. هي مسودو سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ٿيو ۽ بورڊ پاران هي تذڪرو ٽن جلدن ۾ 1974ع-1985ع ۽ 1986ع ۾ شايع ڪيو ويو، جنھن ۾ واڌارا سڌارا ۽ حاشيا پير حسام الدين راشدي ڏنا.
ان کان اڳ ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ جي حوالي سان، فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل، تذڪره ’لباب الالباب‘ (محمد عوفي)، تذڪره ’روضـﺒ السلاطين‘ (فخري هروي)، تذڪره ’مقالات الشعرا‘ (مير علي شير قانع ٺٽوي)، تذڪره ’تڪمله مقالات الشعرا‘ (مخدوم محمد ابراهيم صديقي ٺٽوي) ۽ ’تذڪره شعراءِ ڪشمير‘ (پير حسام الدين راشدي) سنڌي ادب ۾ بنيادي ماخذ سمجهيا وڃن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان کان پوءِ ڪيترائي تذڪرا لکيا ويا آهن، جن ۾ ’تذڪره مخاديم کھڙا‘، (مخدوم ميان الله بخش عباسي)، ’تذڪره شعراء ٽکڙ‘ (سيد اسد الله شاهه بيخود حسيني ٽکڙائي)، ’تذڪره امير خاني‘ (پير حسام الدين راشدي)، ’تذڪره لطفي‘ (لطف الله بدوي)، ’تذڪره مخدومان هالا‘ (مخدوم جميل الزمان)، ’تذڪره الشعرا، حيدرآباد‘ (محمد بخش واصف)، ’تذڪره پوراني سادات سکر‘ (قريشي حامد علي خانائي)، ’تذڪره شھباز‘ (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي)، ۽ ’تذڪره شعرا سکر‘ (ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي) سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والارين ٿا.
هن تحقيقي مقالي ۾ ”تذڪره لطفيءَ“ جو جائزو پيش ڪيو ويندو ۽ هن ڪتاب جي هر باب کي پنھنجي تحقيق جي دائري ۾ آڻيندي، راءِ شامل ڪئي ويندي.
سنڌيءَ ۾ تذڪرا مختلف گهاڙيٽن ۾ لکيل آهن، ڪي دؤر وار آهن ته ڪي سال وار ترتيب ڏنا ويا آهن، ڪي الف ب وارا آهن، ته ڪي بنا ڪنھن ترتيب جي آهن. بنيادي طور: تذڪرو هڪ تاريخ آهي، جنھن جي لکڻ دوران تحقيق جي ڪيترن مرحلن مان گذرڻو پوي ٿو. تذڪرو، تحقيق جا سمورا مرحلا طئه ڪرڻ بعد بنيادي ماخذن ۾ شمار ٿئي ٿو، اهڙن تذڪرن ۾ ’تذڪره لطفي‘ به اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.
هيءُ ڪتاب ٽن جلدن تي مشتمل آهي، جيڪو پروفيسر لطف الله بدويءَ جو لکيل آهي، جنھن کي ترتيبوار 1943ع، 1946ع ۽ 1953ع ۾ آر، ايڇ احمد ائنڊ برادرس وارن اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد مان شايع ڪرائي پڌرو ڪيو ويو. هن ڪتاب ۾ بدوي صاحب سنڌ جي شاعرن سان گڏ، سنڌ جي تاريخ جو به پسمنظر ڏنو آهي. ڪتاب جو پھريون ڀاڱو تيرهن بابن تي ٻڌل آهي.
”باب پھريون: سنڌ جي قديم تاريخ، موهن جو دڙو، آرين جي دور ۾ سنڌ تي ايرانين جون ڪاهون، يونان جون ڪاهون.
باب ٻيو: سنڌي ٻولي، پراڪرت جا قسم.
باب ٽيون: شاعريءَ جي وصف.
باب چوٿون: سنڌ جي تاريخ جو عھد، قرون وسطيٰ، چچ ۽ سوهندي؟
باب پنجون: سنڌ ۾ عربن جي حڪومت، عربن جون سنڌ ۾ ادبي خدمتون، ابو عطا، ابوضلع، عربن جي دؤر جو هڪ سنڌي شعر.
باب ڇھون: عربن کان پوءِ حضرت شھباز شيخ عثمان مروندي، حضرت فريد الدين چشتي
باب ستون: سومرن جو دؤر، دودو چنيسر
باب اٺون: سنڌي شاعريءَ جو اوائلي دؤر سما، سنڌي شاعريءَ جا اُهڃاڻ، شيخ حماد، اسحاق آهنگر، درويش راڄو، ماموئيءَ جا بيت، سنڌو رسالو، تعليم اخبار، مخدوم احمد، قاضي قاضن، هڪ روايت
باب نائون: ارغون ۽ ترخان (تاريخ) مرزا شاهه حسن، ارغون، ترخاني دؤر، ماهه بيگم، محمد باقي، مرزا جاني بيگ، مرزا غازي بيگ
باب ڏهون: ارغوني ۽ ترخاني دؤر ۾ ملڪ جي ادبي حالت، مفسر، محدث، مورخ، مير طاهر محمد نسياني، مير محمد معصوم بکري، شاعر، سنڌي شاعري، پيرمحمد لکوي، مخدوم نوح عليه رحمت، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ وارو
باب يارهون: سنڌ مغل حڪومت هيٺ، لطف الله قادري، عثمان احساني، متفرقه
باب ٻارهون: ڪلھوڙن جو دؤر
باب تيرهون: ڪلھوڙن جي دؤر ۾ شاعري“ (1)
هن جُلد ۾ ڪُل 23 شاعرن جو تذڪرو ۽ شاعري شامل آهي. پھرئين جلد جي 320 صفحن ۾ تمام گهڻي معلومات ڏني وئي آهي. هن ڪتاب ۾ خاص طور شاعريءَ جي تاريخي سلسلي هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻي محنت ڪيل ڏسجي ٿي، پر ادبي تاريخ تي سياسي تاريخ حاوي نظر اچي ٿي، جيئن ته هي ڪتاب شاعرن جي تذڪري تي مشتمل آهي، تنھنڪري هن ۾ سنڌ جي مختلف سياسي دؤرن کي شامل نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته سياسي تاريخ هڪ الڳ موضوع آهي، ان تي ڌار تحقيق جي ضرورت آهي، هونئن به تحقيق ۾ موضوع کان هٽي يا ٻين گهڻن موضوعن کي شامل ڪرڻ سان، تحقيق پنھنجي اهميت وڃائي ويھي ٿي ۽ محقق سڀني موضوعن سان هڪ ئي وقت نڀاءُ نٿو ڪري سگهي. اهڙيءَ طرح بدوي صاحب جو هي ڪتاب جتي گهڻو معلوماتي ڪتاب آهي، اتي تحقيق جي حوالي سان ڪجهه کوٽ محسوس ٿئي ٿي. بدوي صاحب باب پنجين ۾ عربن جي دؤر تي تفصيل سان لکيو آهي ۽ ان جي ڀيٽ ۾ برهمڻ ۽ سومرن جي دؤر جو اختصار سان جائزو ورتو آهي، ۽ ليکڪ سنڌي شاعريءَ جي سما دؤر کان شروعات ڄاڻائي آهي، جڏهن ته سومرن جي دؤر ۾ ئي سنڌي شاعريءَ جو بنياد پئجي چڪو هو. پروفيسر محرم خان پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ‘ ۾ شاعريءَ جي شروعات راءِ دور کان ڄاڻائي آهي. جڏهن ته سومرن جي دؤر ۾ گنان، ڳاهه، ڳيچ، مدحيه شاعري، مذهبي شاعري، عشقيه شاعري، رزميه شاعري ۽ رومانوي شاعري لکي وئي، هن ئي دؤر ۾ لوڪ داستانن جنم ورتو هو ۽ ڳاهون عروج تي پھتل هيون. بدوي صاحب عرب دؤر جي عالمن ابو عطا ۽ ابو ضلع جو ذڪر ته ڪيو آهي پر سومرن جي دؤر جي سنڌي شاعرن پير نورالدين (وفات 1095ع)، پير صدرالدين (1290-1409ع)، پير شمس الدين (1165ع-1276ع) سمنگ چارڻ (1200-1300ع جي وچ ۾) ڀاڳو ڀان ( وفات 1300-1360ع جي وچ ۾) هان فقير، ڀرپور شاهه، شاهه حسن اپلاڻي (وفات 1248ع) مرکان شيخڻ (وفات 1300ع) بابا فريد گنج شڪر (1173-1275ع) ۽ سيد بدرالدين جو ذڪر موجود نه آهي. اهڙيءَ طرح هن عربن جي دؤر کي تمام گهڻو ساراهيو آهي، راجا ڏاهر جي لاءِ لکي ٿو ته: ’چچ جي پٽ ڏاهر جو دؤر ته عجيب خرابين جو مرڪز بڻجي چڪو هو، جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو سندس ان سلطنت سان اختلاف پيدا ٿيو، جنھن جي عظمت ۽ طاقت کان دنيا جون طاقتون ۽ حڪومتون خوفزده هيون. پنھنجي بيوقوفيءَ جي باعث هو اسلامي فاتحن جي تلوارن سان وڃي ٽڪريو ۽ پنھنجي ئي دارالسلطنت جي سامھون ماريو ويو.‘ ساڳئي صفحي تي محمد بن قاسم لاءِ لکي ٿو ته: ’خوش قسمت مجاهد محمد بن قاسم ثقفي، سنڌ کي عربي سلطنت سان ملائي ڇڏيو.‘
بدوي صاحب هتي راجا ڏاهر کي ’ڏاهر‘ ۽ محمد بن قاسم لاءِ ’خوش قسمت مجاهد‘ جھڙا لفظ استعمال ڪري، راجا ڏاهر جي حڪومتي دؤر کي ننديو آهي، اتي عرب دؤر حڪومت جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي آهي.
بدوي صاحب دودي سومري واري داستان کي به من گهڙت ڪوٺيو آهي، ’تاريخ معصومي‘، ’تاريخ طاهري‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ جا حوالا ڏيئي، ان کي رد ڪيو آهي، جڏهن ته دودي سومري جي داستان بابت سنڌ جي هڪ وڏي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’دودو چنيسر‘ نالي ڪتاب جا ٻه جلد لکي، ان کي صحيح ثابت ڪيو آهي، ۽ شيخ اياز پڻ ’دودي سومري جو موت‘ ناٽڪ لکي، هميشه جي لاءِ سنڌ جي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ۽ پروفيسر محرم خان پڻ پنھنجي ڪتاب ’سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ‘ ۾ هڪ ڀرپور تحقيقي مضمون لکي، انھيءَ قصي کي سنڌ جي بھادريءَ جي تاريخ جي هڪ باب ۾ واڌارو ڪيو آهي.
بدوي صاحب شاهه ڪريم بلڙي واري خاڪي ۾ صفحي 173 تي لکي ٿو ته:
”سنڌي زبان ۾ ’شاهه ڪريم‘ تي هي ٽي ڪتاب سنگِ ميل جي حيثيت رکن ٿا، آئنده شاهه ڪريم تي لکڻ واري لاءِ باقي ڪجهه به نه ڇڏيو ويو آهي، جو ان تي مفصل يا مجمل لکيو وڃي.“(2)
هتي بدوي صاحب تحقيق جي اصولن کان هٽي ڳالهه ڪئي آهي، ڇو ته ڪا به تحقيق حرف آخر ناهي هوندي.
بدوي صاحب 230 صفحي تي ميان سرفراز ڪلھوڙي جو خاڪو چٽيو آهي، جنھن ۾ سندس احوال ته برابر ڏنو آهي، پر ڪٿي به کيس شاعر نه لکيو آهي، ۽ نه ئي سندس شاعراڻين خوبين تي بحث وغيره ڪيو آهي، واضح رهي ته ميان سرفراز ڪلھوڙو، ڪلھوڙا دؤر جي حڪمرانن ۾ اعليٰ پايي جو شاعر هو، تنھنڪري سندن شاعراڻين خوبين کي به بيان ڪرڻ گهربو هو. اهڙيءَ طرح بدوي صاحب، قاضي قادن تي تفصيلي لکيو آهي ۽ ان جا ست بيت پڻ شامل ڪيا آهن، پر قاضي قادن جي شاعريءَ تي نه بحث ڪيو آهي ۽ نه ئي ان جي شاعراڻين خوبين تي ڳالهايو آهي.
جيئن ته بدوي صاحب جو هي تذڪرو دؤر وار آهي ۽ سڀني شاعرن جو دؤر جي حساب سان ذڪر ڪيو آهي، پر هتي هر دؤر جي حساب سان ڪيترن ئي شاعرن کي شامل نه ڪيو ويو آهي، مثال طور: سومرن جي دؤر جي ڪنھن به شاعر جو ذڪر شامل نه آهي.تنھن کانسواءِ سمن جي دؤر جي شاعرن ۾ به شيخ پراڙ (وفات 1308ع)، نوح هوٿياڻي (وفات 1389ع) پير تاج الدين شيخ عبدالجليل چوهڙ (وفات 1504ع) ۽ سيد حيدر سنائي (وفات 1530ع) کي شامل نه ڪيو آهي. ارغونن جي دؤر جي شاعرن ۾ به سيد علي ثاني ٺٽوي ( 1486-1573ع) راجيو ستيو دل (وفات 1569ع ڌاري) درس علاوالدين، شيخ لاڏجيو (1523-1598ع) جرڪس فقير، شيخ حلو ۽ سيد ابوبڪر لڪياري وغيره کي شامل نه ڪيو آهي. ترخان دؤر جي شاعرن ۾ محمد عثمان اگهم ڪوٽي (وفات 1585ع ڌاري) مخدوم قاضي عثمان درٻيلي (وفات 1585ع ڌاري) ۽ مخدوم ونھيون چانھيون (وفات 1592ع) وغيره کي به شامل نه ڪيو آهي. مغل دؤر جي شاعرن ۾ فقط ٻن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، پر انھن جو مڪمل احوال بدران سندن مختصر خاڪو چٽيو آهي، جڏهن ته باقي شاعرن جو ذڪر ئي نه ڪيو ويو آهي، جن ۾ فاضل بکري، مھراج پراڻناٿ 1617-1688ع) مخدوم ابوالحسن ٺٽوي (1661-1711ع) ميون شاهه عنات رضوي (1644-1713ع) مخدوم سليمان، ميون عيسو هالائي، شاهه عنايت صوفي شھيد (1556-1718ع) ۽ احسان فقير لانگاهه وغيره شامل آهن.
بدوي صاحب جيئن ته شاعرن جو تذڪرو لکيو آهي، تنھنڪري سڀني شاعرن کي شامل ڪرڻ کپندو هو. ان کان سواءِ جن شاعرن جا خاڪا چٽيا ويا سي به اڻپورا آهن، خاص طور تي شاعرن جون جنم ۽ وفات جون تاريخون ئي نه ڏنيون ويون آهن، ڪيترن شاعرن جو احوال گهڻو ڏنو ويو آهي، ته ٻين جو صفا مختصر، ڪيترن شاعرن جي شاعريءَ تي تفصيلي بحث سان گڏ، سندن تنقيدي جائزو پيش ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي شاعرن تي هڪ سٽ به لکي نه وئي آهي.
بدوي صاحب، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي تفصيلي لکيو آهي ۽ شاهه صاحب جي سڀني سُرن جو تفصيلي جائزو وٺندي، انھن جو پسمنظر پڻ سمجهايو آهي. شاهه سائينءَ جي ٻن بيتن تي، جن محققن اعتراض اٿاريا آهن، انھن کي پنھنجي مضبوط دليلن سان رَد ڪيو آهي. ان کان علاوه بدوي صاحب شاهه عنايت رضويءَ واري خاڪي ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عنات جي شاعريءَ ۾ هڪجهڙائي تي بحث ڪيو آهي. بدوي صاحب صفحي 598 تي لکي ٿو ته:
”شاهه عنايت الله رضوي جي شعر کي پڙهندي خبر پوي ٿي ته هو پنھنجي دؤر جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، ايتري قدر جو سندس شعر جو گهڻو حصو خود شاهه جي رسالي ۾ موجود آهي، ممڪن آهي ته اهڙي حالت ۾ سندس ڪلام، شاهه ڀٽائي جي ڪلام سان گڏجي ويو هجي، جيئن فارسي زبان ۾ حافظ خواجو جي لاءِ چيو وڃي ٿو. رضوي ۽ ڀٽائيءَ جي همعصر هئڻ سبب، رضوي جي شهرت کي گهڻو ڌڪ لڳو آهي، جيڪڏهن هو ڪنھن ٻئي دؤر ۾ هجي ها ته پنھنجي وقت جو وڏو شاعر ۽ امام سڏجڻ ۾ اچي ها.“(3)
بدوي صاحب هتي، هڪ ئي دؤر جي ٻن اهم شاعرن جي ڀيٽ ڪئي آهي، پر ان ڀيٽ لاءِ ڪي به مضبوط دليل نه ڏنا آهن ۽ نه وري ٻنھي جي شاعراڻي فڪر تي بحث ڪيو آهي. هڪ ته ڪنھن شاعر جي ڀيٽ ٻئي شاعر سان ڇو ڪجي؟ ڇو ته هر شاعر جو پنھنجو لھجو ۽ اسلوب هوندو آهي، پنھنجو مطالعو، مشاهدو هوندو آهي، هر ڪنھن جا مختلف خيال ۽ ڪيفيتون هونديون آهن، تنھنڪري اهڙي ڀيٽ ڪرڻ بيجا ٿيندي، ان کانسواءِ ڀٽائي ۽ رضوي جي عمر ۾ به پوري اڌ صديءَ جو فرق آهي، رضوي جي شاعريءَ ۾ اهڙو فڪر هجي ها ته ان جو ڌڪ شاهه سائينءَ کي لڳي ها، ڇو ته شاهه لطيف، رضوي کان گهڻو ننڍو آهي. اهڙيءَ طرح سچل ۽ سامي، شاهه سائينءَ کان پوءِ جا شاعر آهن، جيڪڏهن همعصر هجڻ يا دؤر وار هجڻ جي ڪري ڪنھن جي شاعري کي ڌڪ رسي ٿو ته سچل ۽ سامي ته اُڀري ئي نه سگهن ها. ان حوالي سان ڊاڪٽر فھميده حسين لکي ٿي ته:
”بدوي صاحب شاهه عنايت جي فطرت نگاري جي به گهڻي تعريف ڪئي آهي، ڀيٽ ڪرڻ لاءِ نقاد کي ٻنھي شاعرن جي ڪلام جي هڪجهڙائي ۽ فرقن کي بيان ڪرڻ گهرجي ۽ تقابلي تنقيد (Comparative Criticism) جي اصولن موجب انھن جو موازنو ڪرڻ گهرجي. بھرحال اها روايت آهستي آهستي ترقي ڪندي آهي، هن مرحلي تي سنڌيءَ ۾ اها ابتدائي ڏاڪي تي نظر اچي ٿي.“ (4)
انھيءَ دؤر جي ٻين ڪيترن شاعرن جو ذڪر ڪندي، بدوي صاحب ڪنھن به قسم جي تنقيد نه ڪئي آهي، ۽ نه وري شاعراڻين خوبين تي ڪا خاص راءِ ڏني آهي، سواءِ روحل فقير صوفي جي، جنھن جي زندگيءَ جي احوال ۽ اهم واقعن جي ذڪر کان پوءِ، سندس ادب ۾ مقام ۽ حيثيت بابت لکيو اٿس، سندس ڪلام جي نموني کي ڪبير داس ۽ ميران ٻائي جي دوهن جھڙو سڏيو اٿس. هندي شاعريءَ ۾ روحل فقير جي قادرالڪلاميءَ کي ڏسندي، هن جي ڀيٽ فريد ۽ ملڪ جائسيءَ جي ڪلام سان ڪئي اٿس، هُو صاحب روحل جي ڪلام جي اسلوب ۽ بناوت بابت لکي ٿو ته: ’روحل هندي رس جي سڀني قسمن دوهي، چوپائي، جهولڻي، انتره ۽ ٻين طرزن ۾ طبع آزمائي ڪئي.‘
ڀاڱو ٻيو: تذڪره لطفيءَ جو ٻيو جلد 1946ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ ميرن ٽالپرن جي دؤر جي مجموعي ۽ ادبي تاريخ بابت مواد ڏنو ويو آهي. پھريائين ميرن جي دؤر جي پارسي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، پوءِ سنڌي شاعريءَ جي ابتدا، سچل سرمست جي ڪلام کان ڪئي وئي آهي، ۽ هن دؤر کي سنڌي شاعريءَ جو سُونھري دؤر سڏيو آهي. بدوي صاحب هن جلد ۾ جن به فارسي شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي، انھن جي شاعراڻين خوبين تي ڪابه راءِ نه ڏني آهي ۽ نه وري سندن تنقيدي جائزو ورتو آهي، جھڙيءَ ريت ٻين سنڌي شاعرن جي شاعريءَ تي تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي. تحقيق جي اصول موجب، محقق جو اهو رويو به پڙهندڙ لاءِ مونجهارو پيدا ڪندڙ آهي. بدوي صاحب 74 صفحي تي مير شھداد خان واري خاڪي ۾ لکي ٿو ته: ”مير شھداد خان ڪڏهن ڪڏهن پارسي شعر چوندو هو،“ ۽ مير صاحب جو هڪ شعر نموني طور ڏنو آهي، پر ڪٿي به اهو واضح ناهي ڪيو ته اهو شعر ڪڏهن ۽ ڪٿان مليو. واضح رهي ته مير صاحب جو هڪ ديوان به لکيل هو، جيڪو صفدر حسين مرزا ”سيفي“ مڪمل احوال سان مرتب ڪري چڪو آهي. جڏهن ته اهو مڪمل ديوان، تھران مان پڻ هاڻ شايع ٿيو آهي. واضح رهي ته مير صاحب ڪلڪتي جي قيد خاني ۾ وفات ڪئي ۽ سندس لاش کي حيدرآباد آڻي ميرن جي قبن تي دفن ڪيو ويو. سندس مزار تي هي ڪتبو لکيل آهي. ’تاريخ وصال مرحوم صاحب مير شھداد خان ٽالپر عليه الرحمت، هفتم ماهه محرم 1284هه.‘ جيڪا ڳالهه فاضل مصنف پنھنجي ڪتاب ۾ نه ڄاڻائي آهي.
اهڙيءَ طرح ڪجهه شاعرن جو احوال اڻپورو ڏنو ويو آهي. ساڳئي دؤر جي صاحب ديوان شاعر مير صوبدار خان مير کي به ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. مير صاحب علم پرور ۽ سٺو شاعر هو، سندس تخلص مير هو، سندس تصنيفون هي آهن: 1. مثنوي سيف الملوڪ (تاليف سن (1247هه/1831ع)، 2. مثنوي فتح نامه (تاليف سن 1244هه/1828ع) هي مثنوي ڪلھوڙن ۽ ٽالپرن جي عھد جي تاريخ آهي، جيڪا مرزا عباس علي بيگ مرتب ڪري چڪو آهي، 3. مثنوي خسرو شيرين (تاليف سن 1255هه/1839ع)، 4. مثنوي جدائي نامه (1260هه/1844ع) هي مثنوي، مير صاحب ڪلڪتي ۾ لکي، 5. ديوان مير، هي ديوان (سن 1240هه/1824ع) ۾ مرتب ڪيائين. ان کان پھرين مير صاحب جا ٽي ديوان گم ٿي چڪا هئا. مير صاحب ڪلڪتي ۾ (14رجب 1262هه/1845ع) تي وفات ڪئي. سندس لاش کي حيدرآباد سنڌ آڻي، سندس والد جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو.
تنقيد جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته مجموعي تجزيي ۾ بدوي صاحب سنڌي شاعريءَ ۾، شاهه کان سچل تائين ٿيندڙ تبديلين تي فني لحاظ کان به غور ڪيو آهي، ۽ لکي ٿو ته: هن دؤر جي قديم شاعريءَ ۾ گهڻو ڦيرو آيو، دو تڪي وائي، جا شاهه لطيف جي وقت ۾ مروج هئي، جنھن کان پوءِ مثلث ۽ مربع تڪن ۾ ڪافيون لکيون ويون، هن دؤر ۾ موزون شاعري جو رواج پيو، موزون شاعريءَ جي حوالي سان هو سچل سرمست سان گڏ سيد ثابت علي شاهه کي به آڻي ٿو. هن دؤر ۾ ايراني شاعريءَ جون به ڪيتريون نيون خاصيتون، سنڌي شاعريءَ ۾ اچڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، شاهه تي روميءَ جي تصوف ۽ سچل تي منصوري اعتقاد جي اثر ڏانھن توجهه ڇڪائي ٿو. هن سچل جي سوانحي ڳالهين کانسواءِ سندس شعرو شاعريءَ جي باري ۾ پڻ تفصيل سان لکيو آهي، پر ان ۾ موضوعاتي ڇنڊ ڇاڻ ۾ تصوف کي وڌيڪ بيان ڪيو اٿس.
بدوي صاحب تصوف جو بيان ڪندي، هر شيءِ کي مذهب ڏانھن کڻي وڃي ٿو ۽ تصوف کي شريعت مطابق پيش ڪري ٿو، جئين ته شريعت ۽ طريقت الڳ ڳالهيون آهن. هتي بدوي صاحب صوفي ازم کي اسلامي عقيدي موجب مڃرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بدوي صاحب منصور بن حلاج لاءِ لکي ٿو ته: ”جڏهن هن ’اناالحق‘ (مان خدا) جو نعرو هنيو ته عالمن کيس انھيءَ آواز کان پرهيز ڪرڻ جي صلاح ڏني، مگر رهندو منصور هڪ شعر انھن جي جواب ۾ پيش ڪيو، جنھن جو مطلب هو: ’مان هوئي آهيان، جنھن کي مان چاهيان ۽ جنھن کي چاهيان ٿو اهو مان ئي آهيان، اسان ٻئي ٻه روح آهيون، جن هن قالب ۾ حلول (واسو) ڪيو آهي، ان ڪري جڏهن هو مون کي ڏسي ٿو، مان ان کي ڏسان ٿو، تڏهن هو مون کي ڏسي ٿو.‘ نيٺ لاچار ٿي، عالمن، ان وقت جي صوفي بزرگن جي راءِ سان سندس قتل جي فتوا ڏني.“
هتي بدوي صاحب جو هي جملو ”نيٺ لاچار ٿي“ جانبدار رويي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ ساڳئي سلسلي ۾ اڳتي لکي ٿو ته: ”اسان کي منصور جي شخصيت سان ڪوبه بحث ڪرڻو نه آهي، سواءِ ان جي ته منصور جي تعليم کي سندس مريدن پکيڙي بي ديني کي وڌايو.“ بنيادي طور اظھار راءِ جو ته هر ڪنھن کي حق آهي، پر نقاد ۽ محقق کي غيرجانبدار هئڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح سان بدوي صاحب، سنڌ ۾ اسلامي تصوف واري مضمون ۾ شھيد شاهه عنايت واري شھادت جي واقعي جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي ۽ تفصيلي بحث ڪرڻ کان پوءِ اها راءِ قائم ڪئي اٿس ته: ”هن سڄي بيان مان نظر ايندو ته هن شھادت جي واقعي ۾ ڪنھن به عالم جو هٿ نه هو، نه وري شرعي فتوى جي حڪم سان خون وهايو ويو هو.“
بدوي صاحب هتي شھيد شاهه عنايت جي واقعي کي شامل ڪري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته شاهه عنايت جي شھادت ۾ ڪابه مذهبي ڌر ملوث نه هئي ۽ نه وري ڪنھن شرعي فتويٰ جي بنياد تي شاهه عنايت کي شھيد ڪيو ويو. جڏهن ته سنڌ جي ٻن نامور عالمن پير حسام الدين راشدي ۽ ڊاڪٽر محمد علي مانجهيءَ پنھنجي تصنيفن ۾ انھن عالمن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي شاهه عنايت جي شھادت واري واقعي ۾ ملوث هُئا.
”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي شروعات کان ئي، شاهه شھيد جي نظرئي جو مخالف رهيو. صوفي شاهه عنايت شھيد جڏهن تمام گهڻي مطالعي، مشاهدي ۽ سير سفر کان پوءِ هندستان کان موٽي اچي پنھنجي طريقي سان رهڻ لڳو، تڏهن کان هن وقت جي عالمن کي گڏ ڪري، شاهه شھيد جي مخالفت ڪئي. ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ”تاريخ تذڪره بزرگان سنڌ“ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ’آخر مولانا محمد هاشم ٺٽوي ۽ ٻين عالمن جي فتويٰ تي ئي ميان ڪلھوڙي شاهه عنايت الله کي قتل ڪرائي ڇڏيو.‘“ (5)
”مولوي محمد هاشم جي خاندان جڏهن مخدوم معين جي مخالفت شروع ڪئي ته مٿس ٻين الزامن سان گڏ اهو به الزام مڙهيائون ته هُو شاهه عنايت جو معتقد هو. شاهه عنايت الله جڏهن شھيد ٿيو، تڏهن شڪارپور وارو شاهه فقير الله علوي ڏاڍو خوش ٿيو، جنھن جو اظھار هن پنھنجي خطن ۾ به ڪيو آهي.“ (6)
ساڳئي طريقي سان بدوي صاحب، سچل سرمست سان انصاف نه ڪيو آهي. جيتوڻيڪ سچل سڀني مذهبن کان آجو هو ۽ طريقت جي درجي تي پھتل هو. فاضل مصنف ڪٿي ڪٿي ته سچل جي ڪردار تي سخت لفظن ۾ تنقيد ڪئي آهي ۽ سچل کي مخدوم کھڙن جو ٻڌو ٻانھو ڪري ڪوٺيو آهي، نه صرف ايترو، پر سچل جي هن بيت ”شيخي ۽ مخدومي ڏونھين، ايءَ تان ساري ٺڳي“ کھڙن جي مخدومن کان الڳ ڪري بيھاريو آهي، جيڪو سچل، کھڙن جي مخدومن جي هجو ۾ لکيو آهي. پروفيسر احسان بدوي به پنھنجي ڪتاب تنقيد ۽ تنقيد نگاريءَ ۾ سچل سان ڪيل نا انصافيءَ جي مذمت ڪئي آهي.
تصوف، بنيادي طرح سان ڪائنات جي ايڪي جو فلسفو آهي، انھيءَ فلسفي موجب، هن ڪائنات ۾ جيڪا ڪثرت آهي، سا وحدت جا مختلف رُوپ آهن، جيئن لطيف سائين چيو آهي ته: ”وحدت ڪثرت ٿي، وحدت ڪثرت ڪُل“ ان ڪري انسان ذات جو وجود، انھيءَ وحدت واري مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ آهي، اهي مقصد آهن، تمام مذهبن جو ايڪو (وحدت اديان) انسان ذات جو اتحاد (اتحاد انساني) عالمي امن (امن عالم) آدم ذات جي ترقي (ترقي بني آدم) ۽ هڪ ٻئي جو جياپو (بقاءِ باهمي) تصوف انسان کي مٿين مقصدن کي حاصل ڪرڻ جو سبق ڏئي ٿو.
حضرت سچل سرمست تي جيڪڏهن مذهب جو غلبو هجي ها ته هو ائين هرگز نه چوي ها ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا“ سچل جيئن ته ’امن عالم‘، ’ترقي بني آدم‘، ’اتحاد انساني‘، ’بقاءِ باهمي‘ جي فلسفي تي عمل پيرا هو، تنھنڪري سچل سان اهڙو رويو رکڻ، سچل جي فڪر ۽ ڪردار سان ناانصافي آهي، ان کان پوءِ سنڌ ۾ سيد ثابت علي شاهه مرثيه گوئيءَ جو بنياد وڌو، ان جي ڪلام جي فني پھلوءَ جي باري ۾ بدوي صاحب لکي ٿو ته: ”سيد ثابت علي شاهه جو سمورو ڪلام علم عروض جي حدن اندر آهي، ۽ ايراني شاعريءَ جا سڀئي قسم غزل جي طرز تي سلام، قصائد، مربع، مخمس، مسدس، مثنوي وغيره ملن ٿا، جن کي ڏسي اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته هو سنڌي شاعريءَ ۾ انقلاب پيدا ڪندڙ ۽ موزون شاعريءَ جو موجد آهي، مرثيه نگاريءَ ۾ سندس واقعات نگاري ۽ منظر نگاريءَ جو قائل نظر اچي ٿو ۽ سندس مٽ ڪنھن کي نٿو ڀانئي.“ ڀائي چين راءِ لنڊ عرف ’سامي‘ جو ذڪر ڪندي بدوي صاحب کيس روشن دل شاعر ۽ سنڌ جو بلند پايئه شاعر ٿو سڏي، هن جي ڪلام جنھن کي ’سلوڪ‘ سڏيو ٿو وڃي، جي موضوع بابت بدوي صاحب لکي ٿو ته: ”سامي پنھنجي دؤر جو وڏو ويدانتي ٿي گذريو آهي، هن پنھنجي سلوڪن ۾ جا روحاني تعليم ڏني آهي، ان ۾ غالب عنصر ’پاڻ سڃاڻڻ‘ جو آهي. ديوان ڪوڙي مل چندن مل کلناڻي سندس ’سلوڪن‘ کي چئن جلدن ۾ ڇپرايو هو، جنھن جي بنياد تي بدوي صاحب پنھنجي راءِ جوڙي آهي، هو سندس ڪلام کي سليس سڏي ٿو، پر اڪثر جاين تي هندي لفظن جي استعمال تي اعتراض ڪندي لکي ٿو ته: ”شاهه ڀٽائيءَ جي شعر ۾ جا سلاست آهي، سا ساميءَ جي شعر ۾ ڪانهي.“
انھيءَ راءِ تي غير جانبداريءَ سان نظر وجهڻ جي ضرورت آهي، ٻين شاعرن ۾ صوفي دلپت تي به تنقيدي راءِ ڏني اٿس ۽ سندس ڪلام کي ساميءَ کان وڌيڪ سليس ڪوٺي ٿو، جنھن کي ميران جو پوئلڳ ڄاڻايو اٿس. ميرن جي دؤر جي ٻين ڪيترن شاعرن سان گڏ، ليکڪ سنڌ جي مشھور قصه گو شاعر حفيظ جي باري ۾ معلومات ڏني آهي ۽ سندس خيال قوت جو به معترف ڏسجي ٿو، پر حفيظ بابت ذاتي معلومات اڻپوري ڏني اٿس. اهڙيءَ طرح بدوي صاحب ساڳئي دؤر جي ٻين ڪيترن شاعرن تي لکيو آهي ۽ انھن جي شاعراڻين خوبين تي به پنھنجي راءِ ڏني آهي ۽ سندن فن جو تنقيدي جائزو پيش ڪيو آهي، پر سندن ذاتي معلومات اڻپوري ڏني اٿس، مثال طور صديق فقير ’صادق‘ جي احوال ۾ اهو ڪٿي به نه ڄاڻايو ويو آهي ته هو شاعر ڪيئن بڻيو، ڇاڪاڻ جو صديق فقير پھريان هڪ ڌاڙيل جي زندگي گذاريندو هو، اصل صوفي فقير لڳ عمرڪوٽ جو رهاڪو هو، سندس ڀاءُ کي ڪنھن قتل ڪيو هو، جنھن کان پوءِ وڃي چورن سان گڏيو. هڪ ڀيري ڪنھن چوريءَ تان پنھنجي ساٿين سان گڏ واپس وڃي رهيو هو، رستي ۾ شاهه عنايت جي جهوڪ واري راڳ ۽ سماع جي محفل وٽان گذر ٿيو، سندس ڪنن تي انھيءَ راڳ جو پڙ لاءُ پيو ۽ هي سڌو ان سماع جي محفل ۾ پھتو ۽ هميشه جي لاءِ پنھنجي ماضيءَ کي ترڪ ڪري اُتان جو ٿي ويو ۽ شعر چوڻ شروع ڪيائين، کيس شاهه عنايت جي سلسلي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ بدوي صاحب، ان دؤر جي سنڌي ٻوليءَ جي جائزي ۾ سنڌيءَ ۾ ڇپيل پھرئين ڪتاب ’مقدمـﺒ الصلواة‘ جي باري ۾ پنھنجي راءِ قائم ڪندي، ان کي سليس سنڌيءَ ۾ لکيل ڄاڻائي ٿو ۽ ڪجهه قدر فارسيءَ جو اثر پڻ ڄاڻائي ٿو، مجموعي طرح ميرن جي دؤر جي ٻوليءَ تي به تنقيد ڪئي اٿس ته ان تي فارسيءَ جو گهڻو اثر هو.
ڀاڱو ٽيون:تذڪره لُطفي جو ٽيون ڀاڱو 1955ع ۾ ڇپيو، هن تذڪري ۾ ڪل 81 شاعرن بابت لکيو ويو آهي، جن مان ڪن گهڻن جي ڪلام تي تنقيد ڪيل آهي، هن جو طريقو به اڳين ٻن تذڪرن جھڙو آهي، هن ۾ به مصنف جو لاڙو تاريخ ڏانھن گهڻو آهي، بدوي صاحب جو هي ٽيون جلد ڪُل نون بابن ۾ ورهايل آهي، جن ۾ مختلف موضوعن تي بحث ڪيو ويو آهي. هن ڀاڱي ۾ به ادبي تاريخ تي سياسي تاريخ گهڻي حاوي نظر اچي ٿي، جيڪڏهن هن ڪتاب کي ٻن حصن، ’تذڪري‘ ۽ ’تاريخ‘ کي الڳ ڪجي ته هڪ الڳ سان ڪتاب ٿي سگهي ٿو. بھرحال هن ڪتاب تي گهڻي محنت ٿيل ڏسجي ٿي، هن ڀاڱي ۾ تحقيق جي لحاظ کان کوٽ ضرور آهي، ان جي باوجود هيءُ تاريخ، بنيادي ماخذ آهي.
آخر ۾ ٽنھي جلدن جي ڪجهه لفظي، اصطلاحي۽ مذڪر مـؤنث جي غلطين جي هتي نشاندهي ڪجي ٿي:
لفظي غلطيون
غلط صحيح
لائڪ - لائق
ڏکه - ڏک
تاريخه - تاريخ
اڳه - اڳ
کڻڪ - کڙڪ
جوڙ- ٽوڙ= ’توڙ معنيٰ پڄاڻي‘ تنھنڪري ’جوڙ ٽوڙ‘ ٿيندو.
ماٺيڻون - ماٺيڻو= (ڻ) گُهڻو حرف آهي، جيڪو (ن) جو آواز ڪڍي ٿو.
پيدايش - پيدائش
مشايخ - مشائخ
گنجايش- گنجائش
پايدار - پائدار
رايگان - رائگان
پوءِ لڳ - پوئلڳ
کيص - کيس
جيسرمير- جيسلمير= شاهه لطيف به جيسلمير استعمال ڪيو آهي.
اصلاحي غلطيون
مسجد بيٺل آهي- مسجد ٺھيل آهي.
وفات لڌي- وفائي ڪئي.
مقابلو کاڌو- مقابلو ڪيو يا ٿيو.
”خدا ڪري سندن سعيو مون مٿان تا دير رهي.“ بدوي صاحب هتي جيڪو ’سعيو‘ لفظ استعمال ڪيو آهي، (بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش هڪ جلدي سنڌي لغت) سو عربيءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڪوشش، جتن، جلدائي، جڏهن ته هي لفظ ’سايو‘ ٿيندو، جنھن جي معنيٰ آهي هٿ، ڇانءُ. اهڙيءَ طرح سان بدوي صاحب ڪيترائي نالا بار بار غلط لکيا آهن، مثال طور ’ڄام جوڻي‘ کي ’ڄام جوناهه‘ لکي ٿو ۽’راڄو ليکي‘ کي ’راڄو ليکو‘ لکيو اٿس وغيره. ان کانسواءِ مذڪر ۽ مؤنث جو خيال گهٽ رکيو آهي، ان جا ڪجهه مثال آئون هتي پيش ڪريان ٿو.
سنڌ ۾ تصوف ’جو‘ ارتقا.
جيئن ته ’ارتقا‘ مؤنث آهي، تنھنڪري تصوف ’جي‘ ارتقا ٿيندو.
ڇوڪرا مفت ۾ جنت ملي رهيو هو.
جيئن ته ’جنت‘ مؤنث آهي، تنھنڪري ’جنت‘ ملي رهي هئي، ٿيندو.
سنڌ ۾ مغربي قومن جو داخله
جئين ته هتي قومن ۽ داخلا ٻئي مؤنث آهن، تنھنڪري ’قومن جي داخلا‘ ٿيندو.
ان کان علاوه بدوي صاحب ڪيترين ئي جاين تي ڌارين ٻولين جا لفظ استعمال ڪيا آهن. ڊاڪٽر جميل احمد جالبي پنھنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته: ”پنھنجي ڳالهه کي جيترو ٿي سگهي، عام ڳالهائي ويندڙ زبان ۾ لکو، انگريزي، فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ ڪتب نه آڻيو“.
’تذڪره لطفي‘ ۾ استعمال ڪيل ڪجهه ڌارين ٻولين جا لفظ: ’تائيد غيبي، اختلاط، التزام، تطبيق، نوشت، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ اڃا تائين مروج ٿي نه سگهيا آهن.
نتيجو: لطف الله بدويءَ جو لکيل اهم ڪتاب ’تذڪره لطفي‘ مجموعي طور تي ٽن جلدن تي ٻڌل آهي، جنھن جي پھرئين جُلد ۾ ڪُل 13 باب آهن، جن ۾ ابتدا کان ويندي ڪلھوڙن جي دَور تائين جي تاريخ ڏني وئي آهي، اها تاريخ ادبي توڙي سياسي ۽ سماجي حوالي سان اهم آهي. ٻئي جُلد ۾ ٽالپرن جي دؤر تي قلم کنيو ويو آهي ۽ مختلف شاعرن سان گڏ سچل سرمست جي شاعريءَ تي سير حاصل بحث ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ٽئين ڀاڱي ۾ ڪُل 81 شاعرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مجموعي طور تي هي ڪتاب انتھائي عرق ريزيءَ سان لکيو ويو آهي، پر ان ۾ ڪي ڳالهيون فاضل مصنف کان رهجي ويون آهن ۽ ڪي وري اضافي طور ڏنيون ويون آهن ۽ متروڪ لفظ به ڪتب آندا ويا آهن. جيئن ته هيءُ ابتدائي دور ۾ لکيل تذڪرو آهي، جنھن دور ۾ هي هيڏو وڏو ڪم ڪيو ويو هو. ان وقت معلومات جا ڪي وڌيڪ ذريعا مُيسر ڪونه هئا، ايتريون سھوليتون ڪونه هيون، جيڪي اڄ جي دور ۾ اسان وٽ آهن. ان ڪري ڪجهه ڳالهيون بدوي صاحب کان رهجي ويون آهن. بھرحال هن ادبي تاريخ کي بنيادي ماخذ طور شمار ڪرڻ گهرجي.

حوالا
1. بدوي، لطف الله، ”تذڪره لطفي“ آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد، 1943ع، ص: 3
2. بدوي، لطف الله، ”تذڪره لطفي“ آر ايڇ احمد ائنڊ برادرس اسٽئنڊرڊ پريس، حيدرآباد، 1943ع، ص:173
3. ساڳيو: ص: 598
4. ميمڻ، فھميده حسين، ڊاڪٽر، ”ادبي تنقيد فن ۽ تاريخ“ سنڌ ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، ڇاپو پھريون 1997ع، ص: 125-126.
5. مانجهي، محمد علي، ڊاڪٽر ”صوفي شاهه عنايت شھيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“، ثقافت کاتو حڪومت سنڌ، ٻيو ڇاپو 2014ع، ص: 286
6. راشدي، سيد حسام الدين، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ سردار پرنٽنگ پريس، گاڏي کاتو حيدرآباد، نومبر 1981ع، ص: 342-43
مددي ڪتاب
o انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، جلد ٻيو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ
o بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، ”هڪ جلدي سنڌي لغت“ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، سنڌ
o شيخ، محمد ابراهيم، ڊاڪٽر، ادب ۽ تنقيد، گلشن پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ- 1996ع.
o محرم خان، پروفيسر، ”سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ“ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو



1145 ڀيرا پڙهيو ويو