سنڌي ٻوليءَ جو نصاب: هڪ جائزو
(A Brief Review of Curriculum of Sindhi Language)

ادريس جتوئي
Abstract:

Sindhi is one of the ancient languages. In Sind, the practice of teaching Sindhi language is centuries old. It has been going on since Makhdoom Abul Hassan’s ‘Muqdamat-ul-Salwat’ to present day textbooks. After partition, Sind Education Department constituted a committee which prepared books on Sindhi language. Sind Textbook Board came into being in 1970. In the wake of 18th Amendment, Education department of Sind has formulated ‘Policy on Textbook and Learning Material’ for the preparation of textbooks. A textbook is generally perceived to be curriculum, which is not correct. Curriculum includes standard, phases of limitations, learning outcomes, subject and topics, teaching strategies, inquisition and evaluation, guidance for authors of textbooks, required teaching material and aids, and so on. So, it is completely incorrect to consider a textbook as curriculum. This article briefly reviews 2009 curriculum of Sindhi language.
پس منظر:
سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ اوائلي ٻولين منجهان هڪ آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ سيکارڻ جو سلسلو صديون پراڻو آهي.مخدوم ابوالحسن سنڌيءَ جي ’مقدمةالصلواة‘ کان وٺي هاڻوڪن درسي ڪتابن تائين، اهو سلسلو هلندو اچي ٿو. انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻولي وڏي ترقي ڪئي ۽ ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ثقافتي، ادبي ۽ تعليمي حيثيت وڌيڪ نمايان ٿيڻ لڳي. سڀ کان پھريائين جديد اسڪول / نارمل اسڪول 1854 ۾ ڪراچيءَ ۾ کوليو ويو. ان کان اڳ مدرسن ۾ عربي ۽ فارسي پڙهائي ويندي هُئي. پر انگريزن سنڌي ٻولي کي سرڪاري زبان قرار ڏنو ۽ جيڪا سڄي سنڌ ۾ سرڪاري، دفتري ۽ تدريسي زبان طور لاڳو ڪئي وئي.
انھيءَ دور ۾:
”انگريزن جي حڪومت درسي ڪتابن جي تياري ۽ نظرثاني لاءِ Department of Public Instruction Bombay بمبئي علائقي جي سرڪاري تعليم کاتي پاران ورنيڪيلولر ٽيڪسٽ بڪ رويزن ڪاميٽي ٺاهي، جيڪا ڪتاب تيار ڪندي هئي، انھن جا اجلاس پوني ۽ بمبئي ۾ ٿيندا هئا. اُهي ڪتاب ’مئڪملين اينڊ ڪمپني لميٽڊ‘، بمبئي، ڪلڪتو ۽ لنڊن شايع ڪندي هئي. انھن ڪاميٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي لکڻ ۽ ترجمو ڪرڻ جي سلسلي ۾ ديوان ڪوڙي مل (تعليم کاتي جو ٽرانسليٽر)، مرزا قليچ بيگ، منشي اُڌارام ٿانورداس (سنڌ جي تعليم کاتي جو ٽرانسليٽر) تارا چندشوقيرام، ديوان پرڀوداس آنندرام رامچنداڻي، مسٽر پريم چند آوتراءِ جهانگياڻي، مسٽر جي اين گوڪلي، مسٽر نورالدين احمد غلام علي نانا، محمد صديق مسافر ۽ ٻين تعليمدانن، ٻوليءَ جي ماهرن ۽ استادن ڀرپور حصو ورتو“. (1)
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي تعليم کاتي ’ٽيڪسٽ بُڪ رويزن ڪاميٽي‘ ٺاهي، جنھن سنڌي ٻوليءَ جا ڪتاب تيار ڪرڻ سان گڏ، ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊيوڪيشن حيدرآباد، ريجن (مغربي پاڪستان) جي نگرانيءَ هيٺ درسي ڪتاب لکيا ويا، جيڪي سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻيــن ادارن ڇاپيا. ان عرصي ۾ سائين محمد ابراهيم جويي، شيخ عبدالله ’عبد‘، غلام محمد گرامـي، رشيد احمد لاشاري سان گڏ ٻين سنڌي استادن ۽ اديبن سنڌي ٻوليءَ جا درسي ڪتاب لکڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو.
1970 ۾ ’سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ‘ وجود ۾ آيو. ان پنھنجو ڪم شروع ڪري ڏنو . 1972 جي تعليمي پاليسي جي نتيجي ۾؛ ڄامشورو، لاهور، ڪوئيٽا، ايبٽ آباد ۾ بيورو آف ڪريڪيولم وجود ۾ آيا. وفاقي سطح تي پڻ ادارا نصاب، وزارت تعليم حڪومت پاڪستان، اسلام آباد ۾ ٺاهيو ويو ۽ ”1976 ۾Federal Supervision of Curriculum Textbooks and maintenance of Standards of Education Act 1976 منظور ڪيو ويو. ان جي روشنيءَ ۾ نصاب، درسي ڪتاب، تعليمي معيار، سئليبس ۽ اسڪيم آف اسٽڊيز ٺاهڻ جا اختيار وفاقي حڪومت، وزارت تعليم جي حوالي ڪيا ويا.(2)
1976ع کان 2010ع تائين اهي اختيار وفاق جي حوالي رهيا، ڪنھن به مسودي، نصاب ۽ درسي ڪتاب جي منظوريءَ جو اختيار، وفاقي حڪومت جي حوالي هو. ان دوران ڪيتريون ئي تعليمي پاليسيون آيون، نصاب ۽ درسي ڪتابن ۾ تبديليون آيون. پر سنڌي ٻوليءَ کي وفاقي سطح تي اها قبوليت ۽ گُهربل مڃتا نه ملي ۽ نه ئي وري مختلف مضمونن جــــي نصاب ۾، سنڌ جي خاص ماحــول ۽ پس منظر کي جوڳي اهميت ملي.
تعليمي پاليسي ۽ نصاب:2010ع ۾ ارڙهين آئيني ترميم جي نتيجي ۾ گورنمينٽ آف پاڪستان، تعليم جي وزارت کي صوبن جي حوالي ڪيو ۽ ڪنڪرنٽ لسٽ کي ختم ڪيو ويو. تعليم جا معيار، نصاب، پاليسي ۽ رٿا کي صوبن ڏانھن منتقل ڪيو ويو. سنڌ ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ هيٺيان قدم کنيا ويا آهن.
1. سنڌ حڪومتThe Sindh School Education Standards and Curriculum Act 2014 سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرائي، قانوني طور اهو مينڊيٽ حاصل ڪري ورتو آهي. ان ايڪٽ جي روشني ۾ ’بزنيس رولز‘ به ٺھي رهيا آهن. جنھن جي نتيجي ۾ تعليم کاتي، ’ڪريڪيولم ونگ‘ ۽ ’سنڌ ڪريڪيولم ڪائونسل‘ به ٺاهي ورتي آهي.(3)
2. سنڌ جي تعليم کاتي درسي ڪتابن جي تياريءَ جي سلسلي ۾ Policy on’Textbook and Learning Material‘ تيار ڪئي آهي.
3. ارڙهين آئيني ترميم ۾ تعليم کي بنيادي حق قرار ڏنو ويو آهي. آرٽيڪل 25-A موجب، پنجن کان سورهن سالن جي هر ٻار جو تعليم بنيادي ۽ لازمي حق آهي. ان سلسلي ۾ ارڙهين ترميم کانپوءِ سنڌ پھريون صوبو آهي، جنھن‘Free and Compulsory Education Act’ پاس ڪيو.(4)
4. نصاب کي مڪمل طرح لاڳو ڪرڻ لاءِ `Sindh Curriculum Implementation Framework` (CIF) پڻ سنڌ جي تعليم کاتي پاران تيار ڪيو ويو آهي، جنھن کي پڌرو ڪري ڇاپيو ويو آهي.(5)
5. نصاب (پرائمري ۽ ايليمينٽري) ۽ درسي ڪتابن جي تياري ۽ نظرثاني لاءِ مختلف ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽيون جوڙيون ويون آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو نصاب (پھرئين کان ڏهين درجي تائين):اسان جو هن مضمون ۾ بنيادي مقصد، سنڌي ٻوليءَ جي نصاب 2009 جو جائزو وٺڻ آهي، نه ڪي درسي ڪتابن جو جائزو. عام طور تي درسي ڪتاب کي ئي نصاب سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا ڳالهه مڪمل طرح دُرست نه آهي.
نصاب ۾ معيار، مرحلي وار حدون، سکيا جي حاصلات، موضوع ۽ عنوان، سکيا جا طريقا، جاچ ۽ جائزو، درسي ڪتابن جي ليکڪن لاءِ رهنمائي، ۽ گُهربل تدريسي امدادي مواد ۽ شيون اچي وڃن ٿيون.
نصاب، مڪمل طور تي اهڙي دستاويز جو نالو آهي، جيڪو تعليمي سکيا لاءِ موقعا فراهم ڪندي، سڀني تعليمي مقصدن جي حاصلات لاءِ رھنمائي مھيا ڪري ٿو. جڏهن ته درس ۽ تدريس لاءِ استعمال ٿيندڙ سرگرمين جو مواد ۽ مشقون درسي ڪتاب ۾ شامل هونديون آهن.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ نصاب کي آڏو رکي سکيا ڏني وڃي ٿي ۽ جاچ، جائزو ۽ امتحان پڻ نصاب جي بنياد تي ورتا وڃن ٿا. سکيا لاءِ نصاب جي بنياد تي متبادل مواد هٿ ڪري ڪتب آندو وڃي ٿو. جڏهن ته اسان وٽ گهڻي قدر ’درسي ڪتاب‘ ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو ۽ شاگردن جو جائزو پڻ اُن جي بنياد تي ورتو وڃي ٿو. انھيءَ طريقي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي موجوده نصاب ۾ روايتي نصاب جي ابتڙ، ’مواد‘ (Content) بدران ’لساني مھارتن‘ جي سکيا تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي. اهو (شاگردن جي سکيا جي نتيجي تي دارومدار رکندڙ)Student Learning Outcome Based آهي، نصاب ۾ ’سکيا جي حاصلات‘ (SLOs) جو جائزو سولائي سان وٺي سگهجي ٿو. سنڌيءَ جي نصاب جو هدف، سنڌي زبان جي سکيا آهي. جنھن ۾ سمورين لساني مھارتن جي حاصلات لازمي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته نصابي ڪتاب ۾ اهي خاص ۽ ذيلي مھارتون سمايل هجن، جن جو مختلف مرحلن ۾ ذڪر شامل آهي. سنڌي ٻوليءَ جو نصاب ۽ درسي ڪتاب، ٻولي سيکارڻ جو اهم ذريعو ۽ اوزار آهن، حقيقت ۾ اسان جا درسي ڪتاب معياري ٻوليءَ جا دستاويز پڻ آهن.
سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ هيٺ ڏنل مھارتون (Skills) ۽ ذيلي مھارتون (Competencies) انھن جي درجيوار SLOs سان گڏ ڏنيون ويون آهن.
1. ٻڌڻ Listening
2. ڳالهائڻ Speaking
3. پڙهڻ Reading
4. لکڻ Writing
5. تقرير Speech
6. انشاپردازي (مضمون نويسي) Creative Writing
7. زبان شناسي Language Cognition
8. پسنديدگي ۽ تنقيد Appreciation and Criticism
9. زندگي جون مھارتون Life Skills
سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ ٻوليءَ جي بنيادي مھارتن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ ۽ لکڻ سان گڏ پھريون ڀيرو زبان شناسي، تخليقي تحرير، پسنديدگي ۽ تنقيد، تقرير ۽ زندگيءَ جي مھارتن کي مختلف سطحن تي شامل ڪيو ويو آهي. ان سان شاگردن جون ٻوليءَ جون مھارتون وڌيڪ اُجاگر ۽ پختيون ٿينديون؛ پر اڃا اُنھن مھارتن کي رھيل سطحن تي شامل ڪرڻ سان، شاگردن جي ذهني ترقي تسلسل سان ٿي سگهندي.
تقرير جي صلاحيت کي چوٿين درجي کان شامل ڪيو ويو آهي؛ جڏهن ته ٻارن ۾ اعتماد ۽ پُختگي پيدا ڪرڻ لاءِ ابتدائي سطح کان انھيءَ کي شامل ڪيو وڃي.
’تخليقي تحرير‘ جي مھارت کي به پنجين درجي کان شروع ڪيو ويو آهي؛ جڏهن ته ان مھارت جو به هيٺين درجن سان لاڳاپو ضروري آهي. ننڍا ٻار تخليقي صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا. اُهي رنگن ۽ لفظن ذريعي، پنھنجن تجربن ۽ مشاھدن جو شروعاتي سطح کان وٺي اظھار ڪندا رھندا آهن. انھن ۾ لفظي، منطقي ۽ مختلف فنونِ لطيفه سان لاڳاپيل آرٽ ۽ موسيقي جون ذھانتون موجود هونديون آهن. سندن تخليقي تحرير جي صلاحيت کي نکارڻ ۽ اُڀارڻ نصاب، ڪتاب ۽ استاد لاءِ ضروري صلاحيت آهي.
نصاب ۾ ’پسنديدگي ۽ تنقيد‘ کي اٺين درجي کان شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پرائمري سطح تي به ان جو هجڻ ضروري آهي. ٻارُ، شروع کان وٺي پسند، ناپسند ۽ تنقيدي سوچ رکندو آهي ۽ پنھنجي راءِ ڏيندو آهي. اُنھيءَ کي پختو بنائڻ لاءِ اھا مھارت تسلسل سان ڏني وڃي، جيئن شاگرد اڳتي هلي تخليقن ۽ تحريرن جي مرتبي جو تعين ڪري سگهي ۽ تنقيدي بصيرت سان جائزو وٺي سگهـي. ’زبان شناسي‘ جي مھارت ۾ مرحليوار ۽ ترتيب سان گرامر ڏنو ويو آهي. پڙهڻ جي مھارت ۾ به اھڙا معيار ۽ سکيا جي حاصلات، شامل ڪجن، جن ۾ سولائيءَ سان انھن جو جائزو به وٺي سگهجي، ڇاڪاڻ ته جن شاگردن جي پڙهڻ جي مھارت پُختي ٿئي ٿي ته اهي ٻوليءَ کانسواءِ ٻين مضمونن ۾ به سُٺي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري سگهندا آهن، ان ڪري بھتر آهي ته پڙهڻ جي سڀني جُزن کي نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي. اسان وٽ پڙهڻ ۽ لکڻ جي مھارتن جون ته ڪجهه سرگرميون ڪرايون وينديون آهن. پر ٻُڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي مھارتن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. انھن کي به جوڳي اھميت ڏيڻ گهرجي.
نصاب ۾ موجود زندگيءَ جي مھارتن جو لاڳاپو، ٻين سڀني ٻوليءَ جي مھارتن سان آهي. هن مھارت ذريعي شاگردن جي ابلاغ ، مسئلن کي حل ڪرڻ، فيصله سازي، تخليقي ۽ تنقيدي صلاحيتن کي وڌيڪ سگهارو بڻايو ويندو آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ ڏنل مھارتـن جي روشنيءَ ۾، درسي ڪتابن کي پڻ لساني مھارتن جي بنياد تي تيار ڪرڻ گهرجي. درسي ڪتابن کانسواءِ پڙهائڻ جي طريقن، سبقي منصوبن، جاچ ۽ جائزي ۾ پڻ انھن مھارتن کي ضرور مربوط ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن جون سنڌي ٻوليءَ جون مھارتون وڌيڪ پختيون ۽ سگهاريون بڻجن.
نصاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تدريس جا ’خاص‘ ۽ ’عام‘ هدف۽ ’تدريسي مقصد‘ واضح ڪري ڏنا ويا آهن ان کانسواءِ ’مرحليوار گرامر‘ پڻ ڏنو ويو آهي.
سبقن جا عنوان ۽ نظم جا موضوع: سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ مختلف سبقن، آکاڻين، مڪالمن لکڻ لاءِ عنوان به تجويز ڪيل آهن:
”جن ۾ الله سائينءَ جي واکاڻ، سيرت، وطن، ماحوليات، اخلاقيات، راندين، سماجي مسئلن، موسمن، سائنسي ايجادن، ذاتي صحت ۽ صفائي، قومي ڏڻ ۽ ثقافت، تاريخي ماڳن، سير ۽ سياحت، بنيادي ڌنڌن، مشاهيرن، هيرن ۽ شھيدن، جانورن، پکين، يادگار عمارتن، ڪمپيوٽر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، خلق جي خدمت، سُٺو شھري، سنڌ ۽ پاڪستان جي منظرن، زراعت ۽ صنعت، لوڪ آکاڻين، مزاح، قومي ٻڌي، قومي ادارن، انسانيت، امن ۽ ٻين موضوعن تي عنوان شامل آهن. نظمن ۾ حمد، نعت، وطن، فطرت جا منظر، قومي ٻڌي، اخلاقيات، ماحوليات، مزاح، موسمن ۽ راندين بابت موضوع شامل آهن“(6).
مجموعي طرح ”تعليمي پاليسيءَ جي روشنيءَ ۾ مختلف مضمونن ۾ هيٺان لاڙا ۽ رُجحان پڻ موجود آهن. ماحوليات، آباديات، سماجي ۽ مذهبي هم آهنگي، شھري شعور، انساني حق ۽ ٻارن جا حق، صحت ۽ صفائي، قدرتي آفتن کي منھن ڏيڻ، روڊ سئفٽي، اينٽي نارڪوٽيڪس، زندگيءَ جون مھارتون، هنگامي تعليم جا تصور پڻ شامل آهن“.(7)
سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ درسي ڪتابن لاءِ ايليمينٽري سطح کان (مختلف سطحن تائين) مضمون، ڪھاڻيون، نظم، تصويري آکاڻيون، لوڪ آکاڻيون، مڪالمن ۽ ڊرامن وارا سبق، آتم ڪھاڻيون، سير سفر وغيره تجويز ڪيل آهن. جڏهن ته ثانوي سطح تي نصاب ۾ انھيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ادب وسيلي ٻوليءَ جي سکيا ڏني وڃي ۽ نــثر ۽ نظم جي مختلف صنفن کي شامل ڪيو وڃي. اهڙيءَ ريت نثر ۾ مضمون، ڪھاڻيون، ڊراما، ناول، سوانح، آتم ڪھاڻي، خاڪو، طنزومزاح، سفر نامو ۽ ادبي خط وغيره شامل آهن.
جڏهن ته شاعريءَ جي ڀاڱي ۾ لوڪ، ڪلاسيڪل/ اساسي روايتي /عروضي ۽ جديد شاعريءَ جون مختلف صنفون ۽ شاعر ڏنا ويا آهن. انھيءَ ڀاڱي ۾ نثر ۽ نظم جي صنفن لاءِ نمايان اديبن ۽ شاعرن جا نالا به تجويز ڪيا ويا آهن. درسي ڪتابن لکڻ ۽ سھيڙڻ وقت، درسي ڪتابن جي مصنفن، ليکڪن ۽ مُرتِبن کي مختلف صنفن جي مزاج ۽ گهاڙيٽي موجب معياري مواد جي چونڊ تي ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي. درسي ڪتابن جي ليکڪن ۽ سھيڙيندڙن پاران، سبقن کي ٻوليءَ جي گُهرجن، شاگردن جي ذھني سطح ۽ صلاحيتن موجب، اثرائتي انداز ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. ان لاءِ نصاب ۾ موجود درسي ڪتابن جي ليکڪن لاءِ پڻ بھتر رهنما اصول ڄاڻايا ويا آهن. استادن کي ٻوليءَ جي سبقن کي، سرگرمين واري طريقي سان، لساني مھارتن جي بنياد تي پڙهائڻ گُهرجي. اهڙا سبقي منصوبا اڳواٽ تيار ڪري ڪلاس ۾ ترتيب سان ۽ مرحلي وار پڙهائڻ گهرجن ۽ جائزي ۾ پڻ انھن سرگرمين ۽ مھارتن کي شامل ڪيو وڃي.
سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾، وقت جي ٻين گُهرجن موجب به مواد شامل ڪري سگهجي ٿو. نصاب جي آخر ۾ درسي ڪتابن جي ليکڪن لاءِ واضح هدايتون ڏنل آهن. ان کانسواءِ استادن جي تربيت، استادن جي رهنما تيار ڪرڻ بابت ۽ شاگردن جي جائزي وٺڻ لاءِ رهنما هدايتون ۽ طريقا پڻ ڏنل آهن.
استادن جي سکيا:سنڌي ٻوليءَ جي نئين نصاب ۽ درسي ڪتاب تيار ٿيڻ کان پوءِ، استادن جي سکيا انتھائي ضروري آهي. ان سلسلـي ۾ استادن جي تربيتي ادارن ۾ بي-ايڊ ۽ اَي-ڊي-اِي جي ڪورسن جي سکيا وقت, سنڌي ٻوليءَ جي تدريس لاءِ جديد طريقا سيکاريا وڃن. ان کانسواءِ استادن کي ملازمت دوران پڻ وقت بوقت تربيت ڏني وڃي ته جيئن اُهي سنڌي نصاب جي مھارتي پھلوئن کي آڏو رکي سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ڏين.
نصاب ۾ استادن جي تربيت واري ڀاڱي ۾ موجوده دؤر ۾ ٻوليءَ جي سکيا جا جيڪي جديد طريقا ۽ تدريسي حڪمت عمليون آزمايون وڃن ٿيون، انھن کي شامل ڪيو وڃي ته جيئن استاد انھن طريقن ۽ سکيا جي حڪمت عملين کي روزمرھه جي تدريسي سرگرمين جو حصو بڻائي سگهن، اهڙيءَ ريت شاگردن کي ٻوليءَ جي سکيا جي عمل ۾ وڌ ۾ وڌ شريڪ ٿيڻ جو موقعو ملي سگهندو. انھن تدريسي طريقن ۽ حڪمت عملين ۾ سرگرمين وارو طريقو، بحث مباحثو، سھڪاري سکيا، سوال پُڇڻ جو فن، انفرادي جوڙن ۽ ٽولين ۾ ڪم ڪرڻ وغيره اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ ايڪيھين صديءَ جي مھارتن ۾، ٽيڪنالاجي جو استعمال به اچي وڃي ٿو. ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي سکيا ۾ ٽئڪنالاجيءَ جي مدد سان پڻ سرگرميون ڪيون وڃن.
جائزو ۽ امتحان:سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ جائزي ۽ امتحان لاءِ رھنمائي ڏني وئي آهي، جيڪا اڻپوري آهي. توڙي جو ان ۾ معروضي ۽ موضوعي آزمائش تي زور ڏنو ويو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ جي مختلف مھارتن ۽ مواد جي جائزي لاءِ تخليقي، تنقيدي ۽ اعلى سطح جي سوچ اُڀارڻ وارا سوال تيار ڪرڻ لاءِ رهنمائي شامل نه آهي. ان کانسواءِ تجزياتي طرز وارن سوالن جيئن، مضمون، ڪھاڻي، خط ۽ نظم وغيره کي ڪيئن جاچجي، ان بابت رھنمائي ۽ اشارا ضرور ڏنا وڃن.
مجموعي سکيا جي جاچ (Summative Assessment) کانسواءِ سکيا جي دوارن جاچ (Formative Assessment) جي اھميت ۽ طريقن کيبه اُجاگر ڪجي ته جيئن ڪلاس جي سکيا جو عمل بھتر ٿي سگهي. ٻوليءَ جي مھارتن خاص طرح تي ٻُڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي مھارتن جو جائزو نٿو ورتو وڃي. انھن جي جائزي وٺڻ جون حڪمت عمليون پڻ ڏجن ته بھتر آهي.
ٻوليءَ جي سکيا لاءِ تدريسي امدادي شيون:سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ تدريسي امدادي شين جي اھميت اجاگر ڪئي وئي آهي. سنڌي زبان جي سکيا لاءِ چونڊ بيتن ۽ نظمن جا چارٽ، نظمن ۽ آکاڻين جا ڪتاب، ٻاراڻا رسالا ۽ مخزنون، ادبي ۽ تاريخي شخصيتن جون تصويرون، گرامر جا چارٽ، ماڊل وغيره ڄاڻايا ويا آهن.
انھن تدريسي امدادي شين ۾ ڊجيٽل ٽئڪنالاجي جو استعمال ۽ ذريعا نه ڏنا ويا آهن، جيڪي پڻ ڄاڻايا وڃن. انھن ۾ سنڌي نظمن ۽ آکاڻين جون سي-ڊيز، آڊيو ۽ وڊيو مواد، ويب سائيٽس، اِي- ڪتاب پڻ استعمال ڪري سگهجن ٿا. جن ادارن ۾ موبائيل ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ جي سھولت موجود هجي ته انھن کي ٻوليءَ جي سکيا لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
تصويرون:سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ تصويرن بابت واضح هدايتون ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته تصويرون مقامي ماحول، تھذيبي ۽ ثقافتي پس منظر ۾ ڏنيون وڃن ۽ متن سان ٺھڪندڙ مناسب هنڌن تي واضح تصويرون ڏنيون وڃن، جيڪي ٻارن لاءِ وڻندڙ ۽ دلچسپ به هُجن ۽ تصورن کي وڌيڪ واضح ۽ چٽو ڪن.
نصاب ۽ درسي ڪتابن ۾ سُڌارا ۽ واڌارا ڪرڻ، هڪ لڳاتار عمل آهي، جيڪو هر دور ۾ جاري رهڻ گُهرجي. دنيا ۾ هر وقت تبديليون اينديون رهن ٿيون ۽ نيون گُهرجون جنم وٺنديون رهن ٿيون، انھن جو نئين سر جائزو وٺڻ ضروري هوندو آهي. ٻي صورت ۾ اهو نصاب وقت جي گُهرجن جو پورائو نه ڪري سگهندو، پنھنجي افاديت به وڃائي ويھندو ۽ شاگردن ۽ استادن لاءِ ڪارائتو به نه رهندو. سنڌ جي تعليم کاتي، ارڙهين ترميم کانپوءِ تُرت مختلف مضمونن جي نصاب جو جائزو ورتو آهي ۽ سنڌ جي جمھوري، ثقافتي ۽ مقامي ضرورتن کي آڏو رکي ان ۾ تبديليون آنديون ويون آهن. نصاب تي تُرت نظرثاني ‘Quick Review’ ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ مختصر واڌارا ۽ ضروري سڌارا ڪيا ويا آهن. اڃا، اهو سلسلو جاري آهي.
نصاب ۾ شاگردن جي تخليقي ۽ تنقيدي صلاحيتن کي اُڀارڻ لاءِ درجيوار SLOs پڻ ڏنل آهن. نئين نصاب جي روشنيءَ ۾ پھرئين درجي کان ڇھين درجي تائين درسي ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن ۽ هن سال ستين درجي جا ڪتاب نئين نصاب موجب اچن پيا. اهي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ پاران مختلف ليکڪن کان لکرايا ويا آهن.(8)
انھن ڪتابن تي شروعاتي نظرثاني، سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي ماهرن، ليکڪن ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ پاران ڪئي وئي آهي. ان کانپوءِ بيورو آف ڪريڪيولم جي انتظام هيٺ تعليم کاتي پاران مقرر ڪيل مختلف ٻوليءَ جي ماهرن ۽ استادن جي ڪاميٽي پڻ ڏنل ToRs جي روشني ۾ نظرثاني ڪري چڪي آهي ۽ آخر ۾ تعليم کاتي پاران ان جي منظوري به ملي چڪي آهي. ان نئين نصاب جي روشنيءَ ۾PITE(Provincial Education of Teacher Education) پاران 24،000 استادن جي تربيت به ڪئي وئي آهي.
حقيقت ۾ دنيا جي هر عالمي لھر ’قومي نصاب‘ کي به متاثر ڪندي آهي. پاڪستان ۾ اڳ رائج ٿيل نصاب ۽ هاڻوڪن مختلف مضمونن جي نصابن ۾ (جنھن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نصاب به شامل آهي) هڪ وڏي تبديلي/Paradigm Shift آهي. سنڌي ٻوليءَ جي نصاب ۾ به ٻين نصابن جيان Benchmark, Standards ۽ SLOs ڏنا ويا آهن.
هن کان اڳ واري نصاب ۾ ’مقصدن‘ تي، جڏهن ته هاڻوڪي نصاب ۾ ’سکيا جي حاصلات‘ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو آهي،جيڪو معيارن تي ٻڌل نصاب آهي.(9) جنھن جو مرڪز ’استاد‘ نه پر ’ٻار‘ آهي. نئون نصاب، شاگردن کي رَٽي هڻن بدران سوچڻ ۽ تخليقي ۽ تنقيدي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ لاءِ اُڀاري ٿو. پڙهڻ کان وڌيڪ ’سکيا‘ کي مرڪز بنائي ٿو. شاگردن کي ڪلاس ۾ ’سست سکيا‘ بدران ’چُست سکيا‘ ڏيڻ لاءِ آماده ڪري ٿو ۽ سکيا جو جائزو لڳاتار وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي نصاب کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ لاءِ ان جا هيٺ ڏنل سڀCycle/مرحلا پورا ڪيا وڃن، ان عمل مان جيڪي نتيجا اچن انھن جي روشنيءَ ۾ نصاب جو هڪ ڀيرو ٻيھرجائزو ورتو وڃي ۽ سُڌارا آندا وڃن ۽ اهو عمل لڳاتار جاري رهڻ گُهرجي.
1. Dissemination
2. Material Development/ Textbook
3. Teacher Education
4. Assessment and Examination
5. Feedback and Evaluation
نتيجا/ سفارشون:سنڌي ٻوليءَ جي نصاب کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۽ اُن کي اثرائتي ۽ سگهاري نموني، هر سطح تي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪجهه سفارشون هيٺ ڏجن ٿيون:
o سنڌي ٻوليءَ جو نصاب بھتر ۽ نھايت لچڪدار آهي. نصاب تي صحيح نموني عمل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته درسي ڪتاب، استادن ۽ شاگردن لاءِ ٻيو سکيا جو مواد جديد نصاب جي گهرجن موجب تيار ڪرايو وڃي. انھن جي گهري Alignment نصاب سان هُئڻ گهرجي.
o درسي ڪتابن جي تياريءَ کان پھريائين نصاب ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ ليکڪن جو گڏيل اجلاس منعقد ڪيو وڃي، جنھن ۾ لکندڙن کي نئين نصاب جي گهرجن کان واقف ڪيو وڃي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي تدريسي مقصدن ۽ لساني مھارتن جو مڪمل پورائو ٿي سگهي.
o درسي ڪتابن لکڻ لاءِ معياري، موزون ۽ مناسب سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪن جي چونڊ ڪئي وڃي. ڪتاب لکڻ کان اڳ انھن کان نئين نصاب موجب نموني طور سبق لکرايا وڃن ۽ انھن جي منظوريءَ کانپوءِ انھن کي ڪتاب جي سبقن لکڻ جي آڇ ڪئي وڃي.
o درسي ڪتابن جي لکڻ ۾ دلچسپي وٺندڙ ليکڪن ۽ ورڪنگ ٽيچرس کي تربيت ڏيڻ لاءِ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، بيورو آف ڪريڪيولم ۽ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي گڏيل سھڪار سان سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جي ليکڪن ۽ نظرثاني ڪندڙن جو تربيتي ورڪشاپ لئنگويج اٿارٽيءَ ۾ منعقد ڪيو وڃي. ان ورڪشاپ لاءِ قابل ۽ ماهر رسورس پرسن جي چونڊ ڪئي وڃي. ان ۾ نصاب ڪاميٽي جي رُڪنن کي به شامل ڪيو وِڃي.
o استادن کي نئين نصاب موجب تربيت ڏني وڃي.
o ’اسڪول جي سنڌيءَ جو نصاب‘ ۽ ’استادن جي تعليم جي سکيا‘ جي ٻوليءَ جي نصاب ۾ گھرو لاڳاپو پيدا ڪيو وڃي.
o سنڌي ٻوليءَ جي استادن کي، نصاب ٺاهڻ ۽ درسي ڪتابن لکڻ ۾ ضرور شامل ڪيو وڃي.
o سنڌي ٻوليءَ جو نصاب سڀني اسڪولن تائين رسايو وڃي.
o سنڌي ٻوليءَ جي نصاب جي گهرج موجب شاگردن جو جائزو ورتو وڃي ۽ ان جو بنياد نصاب هُجي نه ڪي درسي ڪتاب!
o جائزي ۽ امتحاني نتيجن کي اسڪول جي ڪارڪردگيءَ کي بھتر بنائڻ ۽ نصاب تي نظرثانيءَ لاءِ استعمال ڪيو وڃي.
o نئين نصاب جي جائزي جي طريقن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻولي جي استادن جي تربيت ڪئي وڃي. انھن کي جائزو وٺڻ، سوالي پيپر ٺاهڻ ۽ مختلف نمونن جا سوال ڪرڻ سيکاريو وڃي. امتحاني نظام کي پڻ نئين نصاب جي روشني ۾ تبديل ڪيو وڃي.
o سنڌي ٻوليءَ جي نصاب تي تحقيق ڪئي وڃي، ان لاءِ مختلف Tools ٺاهي ريسرچ ڪئي وڃي ۽ ان جا نتيجا سڀني Stakeholders کي ٻڌايا وڃن، ان Feedback جي روشنيءَ ۾ تعليمي نظام ۾ تبديليون آنديون وڃن ۽ اُن کي بھتر بنايو وڃي.
o دنيا Digital Textbooks ڏانھن وڃي رهي آهي ۽ اسان کي شاگردن جي سنڌي ٻوليءَ جي اثرائتي سکيا لاءِ Alternate Material استعمال ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي.

حوالا
1. گوپانگ، محمد صالح، ڊاڪٽر (2012) پرائمري درسي ڪتابن جو تحقيقي جائزو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
2. Federal Supervision of Curriculum, Textbooks and maintenance of Standard of Education Act-1976
3. The Sindh School Education Standards and Curriculum Act-2014, the Sindh Government Gazette, Karachi.
4. The Sindh Right of Children to Free and Compulsory Education Act-2013, Provincial Assembly of Sindh.
5. Sindh Curriculum Implementation Framework (CIF) 2014, Education and Literacy Department, Government of Sindh.
6. قومي نصاب: ’سنڌي ٻولي‘ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان ، اسلام آباد. 2009ع، ص 6
7. National Education Policy (2009) Ministry of Education, Government of Pakistan Islamabad.
8. سنڌي پھرين کان ستين درجي تائين جا درسي ڪتاب سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ڄامشورو.2015ع
9. سنڌي ٻوليءَ جو نصاب ،اداره نصاب ۽ توسيع تعليم سنڌ، ڄامشورو. 1985ع
10. مربوط نصاب وزارت تعليم، شعبه نصابيات، حڪومت پاڪستان، اسلام آباد.2002ع

1437 ڀيرا پڙهيو ويو