جديد سنڌي دوهي ۾ فني تجربا
(Artistic Experimentation in Modern Sindhi Doha)

مشتاق گبول
Abstract:

Every art is dynamic. When any art becomes static, it either becomes extinct or loses its freshness, beauty, vitality and relevance. There are some principles and values set for every kind of art. With the passage of time, changes occur in those values and principles. Forms of poetry, too, get refined through experiments in art. Art of any kind is directly related with or representative of a person's feelings and emotions. Doha is a two lined verse or a couplet. Modern poets, too, in order to create artistic variations in modern Doha, particularly in accordance with their own needs, feelings and emotions have carried out several new experiments in the usage of (Chhand) ڇند (Radif) رديف (Yati), etc pertaining to the structure and composition of Doha and through their experiments, they have broadened and greatly enhanced the artistic vastness of modern Sindhi Doha.

هر فن متحرڪ هوندو آهي. فن جيڪڏهن جامد هوندو ته ختم ٿي ويندو، يا اُن ۾ تازگي ۽ حُسناڪي قائم نه رهي سگهندي. فن جي خوبصورتي، اُن جي متحرڪ هُئڻ ۾ آهي. هر قسم جي فن لاءِ ڪي قدر ۽ اصول مقرر ٿيل آهن. وقت سان گڏ، اُنهن اصولن ۽ قدرن ۾ تبديليون اينديون رهنديون آهن. فني باريڪين ۽ پيچيدگين ۾ نون تجربن ذريعي نکار پيدا ڪيو ويندو آهي. فن جو ڪھڙو به قسم هجي، اُهو سِڌو سنئون انسان جي جذبن ۽ احساسن سان تعلق رکي ٿو. جديد سنڌي شاعرن به پنھنجي احساسن، جذبن ۽ اُمنگن جي لحاظ کان دوهي جي هيئت، ان جي ڇندن، اُن ۾ رديف جو استعمال، ۽ يَتي (وقفو) جي استعمال ۾ نوان نوان فني تجربا ڪيا آهن. جديد دوهي ۾ جيڪي فني تجربا ڪيا ويا آهن، اُنهن جو ترتيبوار جائزو پيش ڪجي ٿو:
(الف) جديد دوهي جي هيئت ۽ گهاڙيٽي ۾ تجربا:
1. بي قافيه دوهو: هر صنف جي پنھنجي هڪ الڳ ۽ مخصوص سُڃاڻپ هوندي آهي. دوهي جي سُڃاڻپ ’قافيو‘ آهي. قافيي سان نه رُڳو رڌم، رواني ۽ موسيقيت پيدا ٿيندي آهي، پر قافيو، دوهي ۾ نرالي تاثير پيدا ڪندو آهي. دوهي ۾ رُڳو قافيي سان نه، خيال سان به نڀائڻو پوندو آهي. دوهي ۾ شاعر کي قافيي ۽ خيال کي به گڏ کڻي هلڻو پوندو آهي، ٻنهي سان هڪجھڙو نڀاءُ نه ٿي سگهيو ته پوءِ دوهي جي صنف، ٻن مصرعن تي مشتمل هڪ هيئت ئي بڻجي رهجي ويندي. جڏهن دوهو، قافيي کان بغير لکيو ويندو آهي، تڏهن خيال جي اهميت وڌي ويندي آهي ۽ خيال سان ئي نڀائڻو پوندو آهي. قافيي نه هئڻ سان دوهي جي هيئت بدلجي ويندي آهي ۽ دوهي جو هڪ نئون روپ نکري نروار ٿي پوندو آهي. بي قافيه دوهي ۾، قافيي کانسواءِ ٻين سمورين گهرجن جو پورائو ڪرڻو پوندو آهي. سنڌي ۾ بي قافيه دوهي لکڻ جو تجربو نامياري شاعر امداد حسينيءَ ڪيو آهي.
”بس کان ٻاهر ڏيک هو، سائو سائو گاهه،
لھندڙ سج جا ترورا، ٽِلندي ٽِلندي شام.“
(1)
”کِلنديون کِلنديون مُکڙيون، رُئندي رُئندي ماڪ،
پرهه – پکيئڙا، لاتيون، گهلندي گهلندي هير.
(2)
”چھري جي چانڊاڻ ۾، ساهن جي سُرهاڻ،
دوهي جهڙا چَپَ هئا، نيل ڪنول هئا نيڻ.“
(3)
امداد جي انهن بي قافيه دوهن ۾ قافيو نه هئڻ جي باوجود، دوهي جو رس چس، رڌم، رواني موجود آهي. امداد جا بي قافيه دوها، ”دوها ڇند“ تي لکيل آهن. امداد حسينيءَ کانسواءِ ٻئي ڪنهن به سنڌي شاعر بي قافيه دوها ناهن لکيا.
2. دوهي جي اڳياڙيءَ ۾ قافيو: دوهي جي سڃاڻپ، پڇاڙيءَ ۾ قافين جي استعمال سان آهي. جديد سنڌي شاعرن، ان ۾ مختلف وقتن تي هيئت ۽ گهاڙيٽي جا تجربا ڪيا آهن. جديد سنڌي دوهي ۾ پڇاڙيءَ ۾ قافين آڻڻ بجاءِ اڳياڙيءَ ۾ قافين آڻڻ جو تجربو ملي ٿو.
”ڪير به تنھنجو ڪونھي پيارا، ڪير به تنھنجو ڪونهي،
وير وٺن ٿا ويري ماڻهو، توکي اُلو بنائي.“
(4)
سومار شيخ ڪتاب ”دوها ۽ دونهان“ ۾ تجربي جي عنوان سان اهڙي قسم جا دوها لکيا آهن. ان تجربي ۾ دوهي جي پھرين دل ۽ ٻي دل جو اڳياڙي وارو پھريون لفظ قافيي طور استعمال ڪيو ويو آهي.
3. دوهي جي اڳياڙيءَ ۽ پڇاڙيءَ ۾ قافيا: دوهي جي هيئت ۽ گهاڙيٽي ۾ ڪيل هن قسم جي تجربي ۾، پھرئين مصرع جو پھريون لفظ قافيي طور آندو ويو آهي ۽ ٻي مصرع جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو آيل آهي.
”ڏاهپ ۽ ڏنگ ٿيا، حسن فھم جا،
ٻين جي متين تي، ڪر ڪيم واهپ.“
(5)
4. پڇاڙيءَ ۽ اڳياڙيءَ ۾ قافيا:محمد سومار شيخ جي ڪيل هن قسم جي تجربي ۾ دوهي جي پھرئين مصرع جي آخر ۾ ۽ ٻي مصرع جي اڳياڙي ۾ يعني ٻي مصرع جو پھريون لفظ قافيي طور آندو ويو آهي.
”ڀورن کي ڀڙڪائي، جذبا اُٿاري،
ماري ڇڏن ٿا، خود غرض ماڻهو.“
(6)
محمد سومار شيخ جا مٿيان ڪيل تجربا، محض تجربي خاطر ۽ هيئت بدلائڻ خاطر ڪيا ويا ۽ اهي تجربا ترنم، فني نزاڪت ۽ ميٺاڄ ۽ مڌرتا کان خالي آهن.
5. دوهي ۾ ٻن مختلف قافين جو استعمال:دوهي ۾ هن قسم جو تجربو محمد سومار ڪيو آهي. هن قسم جي تجربي ۾ ٻه مختلف قافيا ٻن مختلف هنڌن تي ڪتب آندا آهن. هر مصرع جي اڳياڙيءَ ۽ پڇاڙيءَ ۾ قافيا آندا ويا آهن.

”ڦيرو فڪرن مون تان لاٿو، خيالن لاءِ پيو ترسان،
گهيرو غضبي هيڏو آهي، تڏهن به حُب ۾ تڙپان.“
(7)
اڳياڙيءَ جا قافيا ”ڦيرو“ ۽ ”گهيرو“ ۽ پڇاڙيءَ جا قافيا ”ترسان“ ۽ ”تڙپان“ آهن.
جديد دوهي ۾ رديف جو استعمال: رديف، غزل جي سڃاڻپ آهي. دوهي ۾ رديف آڻڻ جو تجربو شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام ڪيو.رديف سان دوهي جو اصل مزاج تبديل ٿي ويندو آهي.بي قافيا دوهن وانگر، رديف وارن دوهن جي پنھنجي الڳ هيئت هوندي آهي.
رديف جي استعمال سان، غزل وانگر دوهي ۾ هڪ قسم جو معنوي ربط پيدا ٿي پوندو آهي.رديف سان دوهي ۾ نئين رواني اچي ويندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته دوهي ۾ رديف آڻڻ سان اُن ۾ غزل جو مزاج پيدا ٿيڻ جو خطرو موجود هوندو آهي. غزل جي مزاج پيدا ٿيڻ سان دوهو، دوهي بدران غزل جو مطلع لڳندو.رديف وارن دوهن ۾ دوهي جو مزاج ۽ غزل جي مطلع وچ ۾ وار جيتري وٿي هوندي آهي ۽ ٻنھي جي وچ ۾ سنڌو ڪڍڻ لازمي آهي.
”موت ته آهي ننڊ جيان، ها، جاڳڻ آهي جند،
جيءُ سڄي سنسار سان پنھنجو، واڳڻ آهي جند.
(8)
”مان ڪاڻيارو، تون ڪرلاهو، ٻاجهارا ڪر ٻاجهه،
جئن چوندو هو بُلهو، باهو، ٻاجهارا ڪر ٻاجهه.“
(9)
شيام به دوهي ۾ رديف جو استعمال ڪاريگري سان ڪيو آهي. اياز وانگر شيام جي دوهي ۾ به رديف جي اُڻت ۽ جڙاوت موتين وانگر جڙيل آهي.
”آٿت جي آشا رکي، پڪڙيم جن جو پاند،
ڳوڙهن سان آلو ڏٺم، انهن سڀن جو پاند.“
(10)
ڪير ڏکيءَ کي ڏڍ ڏئي، پڪڙيان ڪنهن جو پاند
ڳوڙهن سان آلو ڏٺم، بس جنھن تنهن جو پاند.“
(11)
(ب) دوهي ۾ ساهي (يتي يا بسرام) جي استعمال ڪرڻ جا تجربا :دوهي ۾ ساهي ۽ وقفي جي وڏي اهميت هوندي آهي. دوهي جي هيئت ۾ ٻين عنصرن سان گڏ، مقرر جاءِ تي ساهي ۽ وقفي کي به شمار ڪيو ويندو آهي. ساهي سان دوهي ۾ ترنم ۽ موسيقي پيدا ٿيندي آهي. ساهي کي دوهي ۾ ڪنھن به ڇند ۾ ان جي قاعدي مطابق مقرر جاءِ تي رکيو ويندو آهي.وقفو، دوهي ۾ ترنم پيدا ڪندو آهي، تڏهن وقفي کي ترنم خيز تصور ڪيو ويندو آهي. دوهي ۾ وقفي کي مقرر جاءِ تي نه رکيو ويندو ته اُن کي هندي ۾ ”يتي ڀنگ دوش“ چئبو آهي.
”جيڪڏهن مصرع جي وچ ۾ مقرر جاءِ تي، جتي وقفو لازمي آهي، اُتي وقفو نه هُجي ته ان کي يتي ڀنگ دوش سان تعبير ڪندا آهن، جنھن جي ڪري ڇند يا مصرع جو سُريلو پن ختم ٿي ويندو آهي ۽ آهنگ ۾ فرق اچي ويندو آهي.“(12)
هندي ۾ اهو تصور آهي ته وقفي کي مقرر جاءِ تي استعمال نه ڪرڻ سان اُن ۾ سُريلائپ ختم ٿي ويندي آهي. ان جي برعڪس، جديد سنڌي دوهي کي ڏسجي ته ان ۾ وقفي جي جاءِ تبديل ڪري يا هڪ کان وڌيڪ ڀيرا وقفي جي استعمال سان اُن ۾ ترنم ۽ موسيقي جو لھرون پيدا ڪيون ويون آهن. جديد سنڌي شاعرن، وقفي جي جاءِ تبديل ڪري يا وڌيڪ ڀيرا وقفي جي استعمال سان دوهي ۾ نئون آهنگ پيدا ڪيو ويو آهي.
”چنڊ، ستارا، ماڪ، گُل، ڏين اها اها ئي ساک،
سھڻي آهي راتـڙي، سھڻي آهي باک.“
(13)
شيام جي دوهي جي پھرين چرڻ ۾ وقفو ”گُل“ کانپوءِ اچڻ گُهرجي ها، پر شيام ان کان اڳ ۾ ٽي ڀيرا وقفي جو استعمال ڪري تجربو ڪيو. جديد سنڌي شاعرن وقفي کي پنھنجي ٻولي جي لساني مزاج، ترنم ۽ موسيقي کي آڏو رکي استعمال ڪيو آهي. جنھن سان دوهو رسيلو بڻجي پيو آهي.
”ڏٺا ڏٺا ڪنھن، ڏٺا ڏٺا ڪنھن، مٺا مٺا هُو چپ،
ڪُڇي هڻي ويا ڪپ اسان کي، ڪُڇي هڻي ويا ڪپ.
(14)
دوهي ۾ رس چس پيدا ڪرڻ لاءِ بيھڪ يا وقفو پنھنجي مرضي مطابق بيھاري سگهجي ٿو. اياز جو مٿيون دوهو ”هري پد دوهو“ آهي، جنھن جي پھرئين چرڻ ۾ سورهن (16) ماترائن کانپوءِ وقفي يا بيھڪ جي نشاني ايندي آهي ۽ وقفي جي ٻي نشاني ٻي چرڻ ۾ يارهن (11) ماترائن کانپوءِ ايندي آهي. اياز، مٿئين دوهي ۾ وقفو ۽ بيهڪ جي نشاني، اٺ اٺ (8، 8) ۽ يارهن (11) ماترائن کانپوءِ استعمال ڪيو آهي. دوهي کي مختلف ڀاڱن ۾ ونڊي ترنم خيز ۽ رسيلو بڻايو ويو آهي. اياز، دوهي ۾ اهڙي قسم جا ڪيترائي تجربا ڪيا آهن.
”دوها ڇند“ تي امداد حسيني جي لکيل هيٺين دوهي ۾ وقفو ۽ بيھڪ جون نشانيون، دوهي جي قاعدي مطابق بيھارڻ بجاءِ، ٻولي جي مزاج ۽ ان جي وياڪرڻي اصولن تي بيھاريون ويون آهن.
”کامُ، نه پچ، نه رڙ، نه رو، ڪنجهه، نه ڪسڪ، نه ڪُرڪ،
ڀاءُ سڏي، وڄ سان ڦٽي، ڦٽ تي لوڻ نه ٻُرڪ.“
(15)
”دوها ڇند“ ۾ دوهي جي پھرين چرڻ ۾ تيرهن (13) ماترائن کانپوءِ وقفو ۽ بيھڪ جي نشاني ايندي آهي ۽ چرڻ ۾ يارهن (11) کانپوءِ وقفو ۽ بيھڪ جي نشاني ايندي آهي. مطلب ته دوهي جي هر دل(مصرع) ۾ ٻه ڀيرا ۽ دوهي جي ٻنھي مصرعن ۾ ڪُل چار ڀيرا وقفو ۽ بيھڪ جي نشاني ايندي آهي. هندي ۾ ايترا ڀيرا دوهي ۾ وقفي يا بيھڪ جي نشاني جو تصور ئي ناهي، جيترا ڀيرا امداد حسيني بيھڪ جي نشاني ڪتب آندي آهي. امداد،دوهي جي پھرين دل ۾ ست (7) ڀيرا ۽ ٻي دل ۾ ٽي ڀيرا بيھڪ جي نشاني ڏني آهي، جيڪا سڀاويڪ لڳي ٿي. جنھن سان دوهي جي ادائگي ۾ آساني ۽ ترنم ۾ اضافو ٿي پيو آهي.وقفي يا بيھڪ جي نشاني ڪتب آڻڻ ۾ سنڌي شاعرن، دوهي کي هندي رنگ مان ڪڍي ”سنڌي رنگ“ دوهو بڻائي ڇڏيو آهي.شيخ اياز وٽ وقفي ۽ بيھڪ جي نشاني مرضي مطابق بيھارڻ جا ڪيترائي تجربا ملن ٿا.
”ڪٿي ته ٻُجهندي، ڪٿي ته ٻُجهندي، لُڇي لُڇي، هيءَ لاٽ،
ڪٿي ته کُٽندي، ڪٿي ته کُٽندي، وڃي وڃي، هيءَ واٽ.“
(16)
”ڀيڄ ڀني آ، ماڪ وسي ٿي، ڪوٺي کول ڪلال،
آڻ ته پيئان، آڻ ته جيئان، جئين سدائين شال.“
(17)
(ج) جديد سنڌي دوهي ۾ مختلف ڇند استعمال ڪرڻ جا تجربا: جديد شاعرن، دوهي کي سنڌي ماحول، پنھنجو ترنم ۽ پنھنجو الڳ مزاج ڏنو آهي. جديد شاعرن دوهي ۾ ٻين تجربن ڪرڻ سان گڏ دوهي ۾ نوان نوان ڇند استعمال ڪرڻ جا تجربا ڪيا آهن.
ڇند جي حوالي سان، رڳو نارائڻ شيام ئي اُهو واحد شاعر آهي، جنھن دوهي جي روايت جي مڪمل طور تي پاسداري ڪئي آهي.شيام صاحب، دوها ڇند کان علاوه هڪ دوهو هري پد ڇند تي لکيو هو، پر بعد ۾ هُن ان دوهي کي درست ڪري دوها ڇند تي لکيو. هن ٻي ڪنھن به ڇند تي دوها ناهن لکيا.شيخ اياز اُهو شاعر آهي، جنھن جديد دوهي ۾ مختلف ڇند استعمال ڪرڻ جا تجربا ڪيا ۽ ماترائن جي ميلاپ سان نوان نوان وزن ٺاهي، سنڌي دوهي کي فني خوبصورتي ۽ نئون ترنم بخشيو. شيخ اياز جي همعصر شاعرن ۽ اياز کان بعد وارن شاعرن، فني لحاظ کان گهڻي ڀاڱي اياز جي پوئواري ڪئي، پر ڪجهه شاعرن مختلف ڇندن تي لکي پنهنجا الڳ فني رستا به ٺاهيا آهن.
(1) 11-10 (42) ماترائن وارو دوهو: هن ماترڪ سٽاءَ واري دوهي جي پهرين ۽ ٽين چرڻ ۾ يارهن يارهن (11، 11) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ڏهه ڏهه (10، 10) ماترائون آهن. دوهي جي هڪ دل ۾ ايڪيهه ماترائون هونديون آهن.ان وزن تي رڳو اياز لکيو آهي.
”ٻيھر ڪنهن سان پيار، ڪري سگهندين تون؟
پنھنجو مايا ڄار، ڪري سگهندين تون؟“
(18)
(2) 12-10(44) ماترائن وارو دوهو: هن ماترڪ سٽاءَ هيٺ لکيل دوهي جي پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ڏهه ڏهه (10، 10) ماترائون آهن. دوهي ۾ ٽوٽل 44 ماترائون آهن. هن ماترڪ سٽاءَ ۾ سُروپچندر شاد جا دوها ملن ٿا.
”مرشد چاهي مان ٿو، شان ۽ شوڪت،
وئي هن کان وسري، دعا ۽ نصيحت.“
(19)
(3) 13-9 (44) ماترائن وارو دوهو: هن ماترڪ سٽاءَ واري دوهي جي پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ تيرهن تيرهن (13، 13) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ نو نو (9، 9) ماترائون آهن. هن سٽاءَ ۾ سروپچندر شاد دوها لکيا آهن.
”هلڻ، وڌڻ، اڳتي ٿيڻ، اسان جي فطرت
سوڀ اسان لئه سوکڙي، لکي آ قدرت.“
(20)
(4) 12-12 (48) ماترائن وارو دوهو: هن ماترڪ سٽاءَ واري دوهي جي هر دل ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون آهن. هن سٽاءَ ۾ سروپچندر شاد جا دوها ملن ٿا.
”وقت چاهي ته ڊاهي، هر شئي ڪري تاراج،
جيون سو سو سپنا، ڊاهي تخت ۽ تاج.“
(21)
(5) مڪتا فن (پنجاهه حرفي) دوهو: پنجاهه حرفي دوهي جي پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ تيرهن تيرهن (13، 13) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون آهن.
”پير لڪائن چور ڇو، ڍور ڍڳو ڪو ڪاهي،
رستو منھنجي ڳوٺ جو، پڪو ٿي ويو آهي.“
(22)
(6) 14-12(52) ٻاونجاهه حرفي دوهو: هن سٽاءَ واري دوهي جي پهرين ۽ ٽين چرڻ ۾ چوڏهن چوڏهن (14، 14) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون آهن.
”تون جو رستو ڳولين ٿو، آهه رهنما توسان،
ٻيو ساٿ ضروري ناهي، جي آهه خُدا توسان.“
(23)
(7) وشنو ڇند (ٻاونجاهه حرفي دوهو): هن ڇند جي هر مصرع ۾ ڇويهه (26) هونديون آهن. مصرع جي پھرين چرڻ ۾ سورهن (16) ماترائون ۽ ٻي چرڻ ۾ ڏهه (10) ماترائون هونديون آهن.
”سج لٿو زيتون وڻن ۾، پيلي تي پيلو،
نيري چانهه اُڏاڻي ڀرسان، اُڀ هيو نيلو.“
24))
ڪيسين ڪوٽ اڏيندو رهندو، ڌرتيءَ جو دشمن،
انگ انگ ۾ آڳ لڳي آ، تڙپي ٿو تن من.“
(25)
(8) هري پد دوهو: هن ڇند جي پھرين ۽ ٽين چرڻ ۾ سورهن سورهن (16، 16) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ يارهن يارهن (11، 11) ماترائون هونديون آهن. سنڌي ۾ هن ڇند تي سڀ کان گهڻو شيخ اياز لکيو آهي. هري پد دوهو سنڌي تمام گهڻو لکيو ويو آهي ۽ لکجي پيو.
”سج لھي ٿو، آهه اُفق تي، ڪوئي زرد گُلاب،
آهي پوئين پاڇائين سان، لھرائيندڙ آب.“
26) (
لھر ڪناري ساڻ لڳي جيئن، تون ڀي ايئن مون ساڻ،
گڏ گهاريندي گهڙي گهڙي ۾، پرين ڇڏائي پاڻ.“
(27)
(9) سار ڇند (لَلِت ڇند) : هن ڇند تي لکيل دوهي جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ سورهن سورهن (16، 16) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون هونديون آهن.
”ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي، هُو ٿو ايئن نهاري،
هُن جي قيمتي ڪپڙن تي ڄڻ، مس ڇڏي مون هاري.“
(28)
(10) (ٻاونجاهه حرفي دوهو): هن سٽاءَ واري دوهي جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ ٻارهن ٻارهن (12، 12) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ چوڏهن چوڏهن (14، 14) ماترائون آهن.
هن ماترڪ ترتيب هيٺ شيخ اياز جا دوها ملن ٿا.
ڀُرڙ منجهان ٿي نڪري، ڏس هن گهايل آڙيءَ کي!
ڄڻ ته تماشو آهي، ڪائي ڪھل نه لاڙيءَ کي!“ (29)
(11) لاوڻي ڇند (سٺ حرفي دوهو): هن سٽاءَ واري دوهي جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ سورهن سورهن (16، 16) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ چوڏهن چوڏهن (14، 14) ماترائون آهن.
”ڪيڏا پن ڇڻي ويا آهن، ڇا طوفان لڳو آهي؟
قدرت ننگي ڀاسي ٿي ڪٿ، اُن جو سبز وڳو آهي.“
(30)
”ريت ته ريتيءَ جي ڀت آهي، ڄاڻ ڀُري، ها ڄاڻ ڀُري،
پريت ته آهي وڄ-وراڪو، پل کن ۾ اُڀ تي اُڀري.“
(31)
(12) وير ڇند: هن ڇند جي دوهي جي پھرئين ۽ ٽين چرڻ ۾ سورهن سورهن (16، 16) ماترائون، ٻي ۽ چوٿين چرڻ ۾ پندرهن پندرهن (15، 15) ماترائون آهن.
”پنھنجي مستي ڪجهه به نه آهي، آهي سڀ ڪجهه توئي ساڻ،
واس به تنھنجو، ون به تنھنجو، تنھنجو آهي مون ۾ پاڻ.“
(32)
(13) سمان ڇند (64) چوهٺ ماترائن وارو دوهو: هن قسم جي ماترڪ ترتيب ۾ دوهي جي هر مصرع جي هر چرڻ ۾ سورهن سورهن (16، 16) ماترائون هونديون آهن.
”ٿو ٻار چٻاڙي جيئن ڳڀو، ڪئن ڪانءُ ڏسي ٿو ٽاريءَ تي،
پر هُن کي ڪيڏو چئن نه آ، ڪنھن لاٿي بُک بکاريءَ تي.“
(33)
(14) بي جوڙ دوهو: هن قسم جي دوهي جي پھرين دل ۽ ٻي دل ۾ ماترائون گهٽ وڌ هونديون آهن. هن ۾ پھرين دل ۽ ٻي دل ۾ ماترائون برابر يا هڪ جيتريون ناهن هونديون. سنڌي ۾ سڀ کان اول هري دلگير بي جوڙ دوها لکيا.
”تون جي بادل ساوڻي، ٿيان مان برساتي بُوند،
ٺاريان تنھنجي ٺار سان، هي جڳ کُورو هُوند.“
(34)
”هي تارا آهن گويا، سونيءَ رات رتيون،
رب وسائي سگهندو آهين، تون سي اُڀ_بتيون.“
(35)
(15) (ٻاونجاهه حرفي دوهو) : دوهي ۾ هن قسم جي ماترڪ ترتيب جو تجربو سڀ کان اول هري دلگير ڪيو آهي.
دلگير جا سنڌو جي مئي 1940ع ۾ اٺ (8) عدد دوها ڇپيا هئا، جن مان ٽي کن دوها هن سٽاءَ ۽ ماترڪ ترتيب وارا هئا. هن ماترڪ سٽاءَ ۾ دوهي جي هر دل جي پھرئين ۽ ٻئي دل ۾ تيرهن تيرهن (13، 13) ماترائون هونديون آهن.
”تون سج، چمڪين ڏينهن جو، مان چنڊ ڌرايان نانءُ،
رات جو تنھنجي جوت سان، جڳ جهڳمڳايان آنءُ.“
(36)
هري دلگير پاران تخليق ڪيل هيءَ هڪ ترنم خيز ۽ موسيقيت سان ڀرپور ماترڪ سٽاءَ آهي. هن سٽاءَ ۾ شيخ اياز به پنهنجا تخليقي رنگ ڀريا آهن.
”ايوب خان سان ٽڪر، قيدي ڀُٽو ساهيوال،
ايئن اچي ٿو ياد، ٿيو هو سڀ ڪجهه ڄڻ پَرُ سال.“
(37)
(16) (ٻٽيهه حرفي دوهو): هن قسم جي ماترڪ سٽاءَ ۾ دوهي جي هر دل جي ٻنهي چرڻن ۾ اٺ اٺ (8، 8) ماترائون هونديون آهن. هن قسم جي ماترڪ ترتيب هيٺ سنڌي شاعريءَ ۾ دوهي جو پهريون ڪتاب لکندڙ شاعر محمد سومار شيخ جا دوها ملن ٿا.
”نکٽ ڪڏهن ڪو، بيٺو ناهي،
وقت ڪٿي پو، ساڪن آهي؟“
38))
(17) دوهي ۾ علم عُروض جو استعمال: شيخ اياز، عروض تي دوهو لکڻ جو تجربو ڪيو.
”ڪٿي ته ٻُجهندي، ڪٿي ته ٻُجهندي، لُڇي لُڇي هيءَ لاٽ،
ڪٿي ته کُٽندي، ڪٿي ته کُٽندي، وڃي وڃي هيءَ واٽ.“
39))
اياز جي انهيءَ دوهي جو وزن فعول فعلن فعول فعلن فعول فعلن فاع آهي.
ڪيڏانهن وڃي ٿي وڻجارا! هيءَ واٽ ڪٿي تون ڄاڻين ٿو؟
ڇالاءِ کلي ٿو گُل ۽ روئي ماٽ، ڪٿي تون ڄاڻين ٿو؟“
(40)
اياز جي ان دوهي جو وزن مفعول مفاعيلن فعلن، مفعول مفاعيلن فعلن آهي. جديد دوهو، مختلف ڇندن، ماترائن ۽ عُروض تي لکيو ويو آهي.هُو هڪ ڇند تائين محدود ناهي رهيو.

حوالا
1. حسيني، امداد، ڪرڻي جهڙو پل، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.2012، ص:63
2. ساڳيو،ص:231
3. ساڳيو.ص:231
4. شيخ، محمد سومار، دوها ۽ دونهان ، لاڙ ادبي سوسائٽي. بدين،1971،ص:92
5. ساڳيو،ص:93
6. ساڳيو،ص:93
7. ساڳيو، ص:92
8. شيخ، اياز،شاعري_9، ڪراچي، ثقافت کاتو، ڪراچي،2010،ص:367
9. ساڳيو، ص:367
10. شيام، نارائڻ، نکريو آهي نينھن (مرتب: مصطفي نانگراج) روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو،1999، ص:40
11. ساڳيو.ص:40
12. اشرفي،سميع الله، اردو شاعريءَ ۾ دوهي ڪي روايت ،اردو بڪ سينٽر.علي ڳڙهه،1990،ص:23
13. شيام، نارائڻ، نکريو آهي نينهن (مرتب:مصطفي نانگراج) روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو،1999، ص:48
14. شيخ، اياز،شيخ اياز جا دوها (مرتب: فياض لطيف) ، سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد،2018،ص:81
15. حسيني، امداد، ڪرڻي جهڙو پل، سنڌي ادبي بورڊ،ڄامشورو،2012،ص:188
16. شيخ، اياز، شيخ اياز جا دوها (مرتب:فياض لطيف)سمبارا پبليڪيشن،حيدرآباد،2018،ص:186
17. ساڳيو، ص:91
18. شيخ، اياز، شاعري_9، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010،ص:221
19. شاد، سروپچندر، دوها سون ساريکا ، ساحل پبليڪيشن، حيدرآباد،2017،ص:114
20. ساڳيو،ص:114
21. ساڳيو،ص:106
22. حسيني، امداد، ڪرڻي جھڙو پل، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو،2012،ص:49
23. شيخ ،اياز، شيخ اياز جا دوها (مرتب:فياض لطيف) سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد،2018،ص:119
24. شيخ، اياز، شاعري_9، ثقافت کاتو، ڪراچي،2010،ص:249
25. شهباز، قمر، چنڊ رهين ٿو دور، سنگم پبليڪيشن، ڪراچي،1988،ص:55
26. شيخ، اياز، شاعري_9، ثقافت کاتو،ڪراچي،2010، ص:365
27. شيام، نارائڻ، مهراڻ، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1964،2،3، ص:11
28. گل، اياز، ميلي جي تنھائي ، پوپٽ پبليڪيشن،خيرپور،2012،ص:262
29. شيخ، اياز، شاعري-9،ثقافت کاتو، ڪراچي،2010،ص:249
30. ساڳيو، ص:248
31. شهباز، قمر، چنڊ رهين ٿو دور، سنگم پبليڪيشن، ڪراچي،1988،ص:54
32. پيرزادو، مير محمد، 2018: ڪنول ٻُڪ ۾ چنڊ ، سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد،2018،ص:44
33. شيخ، اياز، شاعري_9، ثقافت کاتو، ڪراچي،2010،ص:248
34. دلگير، هري درياني، سنڌو، شڪارپور،1940، ص:49
35. شيخ، اياز،شاعري-9، ثقافت کاتو، ڪراچي،2010، ص:248
36. دلگير، هري درياني، سنڌو ، شڪارپور، 1940، ص:49
37. شيخ، اياز، شاعري-9، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010، ص:193
38. شيخ، محمد سومار، دوها ۽ دونهان، لاڙ ادبي سوسائٽي، بدين،1971، ص:90
39. شيخ، اياز، شيخ اياز جا دوها (مرتب:فياض لطيف) سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2018، ص:86
40. شيخ، اياز، شاعري-9، ثقافت کاتو، ڪراچي، 2010، ص:220
676 ڀيرا پڙهيو ويو