اسلوب جو فن: مختصر جائزو
(The Art of Style-A Brief Analysis)
ذڪيه ڏاهري
Abstract:
The writer represents multifarious aspects of life via Novel, Drama, Short Story, Essay and other literary genres. These compositions quintessentially help us to understand social, political, religious and ethical values. The style has significant importance in literature. The writer gets his/ her subject-matter from the society and adorning this material with appropriate diction returns the same in an artistic form to the society. Peculiarly individualistic pattern is the hallmark of the Style. The characteristic uniqueness of Style of a writer enriches his subject's impact. Semantically style means- a way of expression, a particular mode, and expeditionary paragraphs embellished with exquisite phrases. A good writer must know the art of impressive Style. This article deals with this topic in a concise way.
اسلوب، فڪر يا خيال جي اظھار جو منفرد ۽ دلنشين ڍنگ آهي، جنھن کي انگريزي ۾ “Style”، اردو ۾ طرز يا اسلوب چيو وڃي ٿو. اسٽائل لفظ، يوناني لفظ “Stitus” مان نڪتل آهي، جيڪو هاٿي جي ڏند، ڪاٺي يا ڪنھن ڌاتوءَ مان ٺھيل نوڪيلو اوزار ٿئي ٿو، جنھن وسيلي ميڻ جي تختين تي حرف، لفظ يا مختلف نقش اُڪريا ويندا آهن. اسلوب، لفظن جي چونڊ يا سنوارڻ، سڌارڻ جو ڏانءُ آهي، جنھن جي ڪري کيس اسٽائل جو نالو ڏنو ويو. فارسي يا عربي ۾ اسلوب کي ”سبنڪ“ چيو وڃي ٿو. جنھن جي لغوي معنيٰ ڌاتوءَ کي پگهرائڻ يا سانچي ذريعي شڪل ترتيب ڏيڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته خيال کي ذهن جي سانچي ۾ تصور جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش کي اسلوب چيو وڃي ٿو.
اسلوب جي لغوي معنيٰ: لغتن جي روشنيءَ ۾ لفظ اسلوب جي معنيٰ هن ريت آهي:
”فيروزاللغات موجب: اسلوب (اس_لوب) (ع، ا، ند) طريقو، طرز، روش، جمع : اساليب (1)
اعجازالغات ۾ اسلوب جي ھيءَ معني ملي ٿي:
”اسلوب (اس_لوب) (ع، مذ) طريقو، طرز، انداز، روش“. (2)
نورالغات ۾ اسلوب جي معني ھيءَ ملي ٿي:
”اسلوب (ع_ بالضم) مذڪر، راه، صورت، طور، طرز، روش، طريقو، اسلوب ٻڌجڻ ، لازم، صورت پيدا ھئڻ، راه نڪرڻ، (شوق)“ (3)
سنڌيڪا لغت ۾ ڄاڻايل آهي ته:
1- انداز، ڍنگُ، 2- (الف) اسلوب (ب) عبارت، Style (n) نمونو (ت) فني اظھار ۾ مھارت، 3- (الف) فيشن (ب) ڏيکدار، ٺاھوڪو، (متعدي)
1- خطاب ڏيڻ، نالو وٺي سڏ ڪرڻ
2- نمونو ٺاھڻ، انداز، وضع ڪر (4)
ڄاڻايل لغتن مطابق، لفظ اسلوب عربي ٻوليءَ جو آھي. اسلوب جي معنيٰ آھي، طور طريقو، نمونو، ڍنگ، ڏيکاءُ ٺاھوڪي عبارت، مطلب ته مصنف جيڪا تحرير لکي ٿو، ان جي فن کان بخوبي واقف ھجي.
اسلوب جي وصف: اسلوب مان مراد آھي ته لفظن، اصطلاحن، تشبيھن، استعارن، محاورن جو تُز ۽ ڀرپور واھپو، جنھن کي ليکڪ پنھنجي اظھار کي موثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. اسلوب جي ڪري ئي تحرير سھڻي بڻجي پوي ٿي. ائين به چئي سگھجي ٿو ته اسلوب جي ذريعي ٻوليءَ جو درست استعمال ڪري سگھجي ٿو. ڪنھن به تحرير ۾ ٻوليءَ جا نج لفظ ڪتب آندل ھوندا ته تحرير سھڻي ٿي پوندي. طاھره اقبال اسلوب جي وصف پنھنجي ڪتاب منٽو ڪا اسلوب ۾ هن طرح بيان ڪئي آھي:
”اسلوب ڪا غير متحرڪ يا ڄميل شيءِ نه آھي. معاشرتي، معاشي، سياسي، اخلاقي، تھذيبي، قدرن، روين، اصولن، قاعدن سان ھر دور جو اندازِ تحرير جڙيل ٿئي ٿو، ۽ ان جي تبديلي ان تي اثر انداز ٿئي ٿي. جڏھن ڪو مصنف پنھنجي ڪنھن خيال، تصور مضمون يا موضوع کي پنھنجي مخصوص طرزِ تحرير ۾ بيان ڪري ٿو، ته اھا ئي طرزِ تحرير ان جو اسلوب چورائي ٿو.“ (5)
ناول، ڊرامي، ڪھاڻيءَ ۽ ٻين صنفن ذريعي ادب، زندگيءَ جي مختلف رُخن ۽ پھلوئن جي ترجماني ڪري ٿو، جن ۾ اسان سماجي، سياسي، مذھبي، اخلاقي قدرن جو بخوبي اندازو لڳائي سگھون ٿا. ليکڪ پنھنجا موضوع معاشري مان حاصل ڪري ٿو. ان کي سھڻن لفظن جو ويس پھرائي سماج کي ارپي ٿو. پنھنجي منفرد ”اسلوب بيان“ وسيلي ليکڪ موضوع کي خاص بنايو ڇڏي. ڪيترائي اديب اھڙا آھن، جن جي تحرير کي بنا مصنف جي نالي جي به پڙھندڙ هڪدم پروڙي ويندو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس“ ۾ لکي ٿو ته:
”ادب ۾ انداز بيان جي ڪافي قدر و قيمت آھي. ادب اسان انھيءَ شيءِ کي چئون ٿا، جنھن ۾ ٻنھي ڳالھين جو خيال ڪيل ھجي. يعني ان جي مواد ۾ عام انسان جي دلچسپيءَ جو سامان ھجي؛ ۽ ان مواد جو انداز بيان ذاتي، داخلي ۽ دلڪش ھجي. ان ٻئي پھلوءَ کي ”اسلوب بيان“ به چيو ويندو آھي. انھن ٻن ڳالھين جي ھجڻ ڪري ادب ۾ تاثر ٿئي ٿو.“ (6)
سنڌي ادب ۾ ڪيترن ئي اديبن مختلف ادبي صنفن تي قلم کنيو آھي. جنھن ۾ ھر اديب جو انداز بيان يا اسلوب مختلف ھوندو آھي. جن جي باري ۾ ادبي حلقن پاران مختلف رايا پڻ جڙندا آھن، ته سندس انداز بيان منفرد آھي يا سندس اسلوب سھڻو، سادو ۽ وڻندڙ آھي.
پنھنجي موضوع کي پيش ڪرڻ لاءِ مصنف کي اھو طريقو اختيار ڪرڻ گھرجي، جيڪو سندس تحرير کي پر اثر بنائڻ لاءِ کيس مناسب لڳي. سندس تحرير ۾ لفظن، جملن ۽ محاورن جو استعمال نج ٻوليءَ ۾ ھجي، جيڪا ان ھلندڙ دور ۾ مروج ھجي. ٻين لفظن ۾ مصنف، ٻولي اھڙي تحرير ڪري، جيڪا آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي. ادب ۾ مصنف کي پنھنجي موضوع پيش ڪرڻ جي آزادي ھوندي آھي. هو پنھنجي دور جي اسلوب جو خيال رکندي، پنھنجي تحرير کي اثرائتو رنگ ڏيندو آهي، جنھن جي ڪري تحرير جي انفراديت قائم رهندي آهي. عام موضوع کي به ليکڪ پنھنجي اسلوب جي ذريعي ئي خوبصورت بنائيندو آھي. ڊاڪٽر گوپي چند نارنگ پنھنجي ڪتاب ”ادبي تنقيد اور اسلوبيات“ ۾لکي ٿو ته:
”اسلوب زيور آھي، ادبي اظھار جو جنھن سان ادبي اظھار جي جاذبيت، ڪشش ۽ تاثير ۾ اضافو ٿئي ٿو.“ (7)
ليکڪ، جيڪو ڪنھن مضمون جو مھارت سان اظھار ڪري ٿو، ان جو سرمايو لفظ ۽ زبان جا مختلف طريقا آھن. اھو سرمايو اسلوب جي ذريعي ليکڪ استعمال ۾ آڻي ٿو. اسلوب جو نقش شاعريءَ ۾ نمايان ڏسي سگھجي ٿو ڇو ته شاعري ۾ تشبيھون، استعارا، علامت وغيره شعر کي وڌيڪ خوبصورت ۽ بامعني بڻائين ٿا. افساني يا ناول ۾ وري منظرنامو، پلاٽ، واقعا، مڪالما، ڪردار، نڪته نظر، وغيره بيانيه انداز ۾ پيش ڪيا ويندا آهن، اثرائتو انداز بيان پڙهندڙ تي گھرو احساساتي اثر قائم ڪري ٿو. سيد عابد علي عابد، پنھنجي ڪتاب، اسلوب ۾ لکي ٿو ته:
”اسلوب مان مراد ڪنھن لکڻ واري جو اھو انفرادي ڍنگ جي تحرير آھي، جنھن جي آڌارتي اھو ٻين لکڻ وارن کان جدا ٿي وڃي ٿو.“ (8)
مصنف جڏھن پنھنجي دور ۾ ڪو مقام حاصل ڪري ٿو ته ضرور سندس تحرير ۾ ڪي اھڙا گڻ ھوندا آھن، جيڪي ھن کي ٻين مصنفن کان جدا ڪري بيھاريندا آھن. اديب سماج جو ترجمان ٿئي ٿو، هو چوڌاري ماحول کي بيان ڪرڻ لاءِ خاص اسلوب جي چونڊ ڪري ٿو ۽ پنھنجي مشاهدن ۽ تجربن کي، نثري توڙي شعري صنفن جو اهم حصو بڻائي ٿو.
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي پنھنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ“ ۾ لکي ٿو ته:
”اسلوب ھڪ ’شخصي اظھار‘ آھي، جو لکندڙ جي تخليق ۾ ترتيب وٺي ٿو. ان جي تشڪيل زبان جي مخصوص استعمال جي طريقي مان ٿئي ٿي! اسلوب، تحرير جي ان خاصيت کي چئجي ٿو، جنھن جو واسطو اظھار سان آھي. پنھنجي خيالن، لطيف جذبن ۽ نازڪ احساسن کي لفظن ۽ زبان ۾ قيد ڪرڻ جي طريقي کي اسلوب چئجي ٿو.“ (9)
ھر ٻوليءَ کي اسلوب يا ادائيگيءَ جو طرز، ڍنگ پنھنجو آھي. جيئن ھر اديب وٽ پنھنجو اسلوب آھي. ائين ھر ٻوليءَ وٽ پنھنجو اسلوب آھي. ڪنھن جاگرافي علائقي ۾ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ جا مختلف لھجا ٿي سگھن ٿا. ڪنھن جاگرافيائي حدن ۾ رھندڙ ھڪ وسيع ۽ گھڻ ڪرت واري سماج ۾ اُن جي مکيه ٻوليءَ جا، جدا علائقن ۾ لھجا ڳالھايا ويندا آھن. اھي جيڪي ان علائقي جي خاص سڃاڻپ ھوندا آھن. انھن لھجن ۾ لکيل ۽ چيل ادب ۾ اھي گڻ بنھه نروار نظر ايندا آھن. جيئن شاھ لطيف جي ڪلام تي لاڙ جي ٻوليءَ ۽ لھجي جو اثر ڪجهه وڌيڪ نظر اچي ٿو ۽ سچل سرمست جي ڪلام ۾ سري واري لھجن جو اثر چٽو آھي. اهي سمورا لھجا فطري آهن. پر انھن جو هڪ ٻئي کان ڪنھن حد تائين متاثر ٿيڻ به فطري عمل آهي. ويھين صديءَ ۾ اسلوب، معنوي لحاظ کان پنھنجي ھڪ ڌار سڃاڻپ حاصل ڪئي. اسلوب ڪنھن اديب يا شاعر جو تخليقي جوھر آھي.
اسلوب مان مراد مصنف جي اھا انفرادي طرز تحرير آھي. جنھن جي ڪري ھو ٻين مصنفن کان منفرد ٿئي ٿو. ان انفراديت ۾ گھڻا عنصر شامل ھوندا آھن. مثال: ڪو مصور جيئن تصوير ۾ مختلف رنگ ڀري ان کي خوبصورت بنائي ٿو. بلڪل ائين، هڪ شاعر خوبصورت استعارن، تشبيھن ۽ سھڻن لفظن ذريعي پنھنجي شاعريءَ ۾ روح ڦوڪي ٿو. اديب پنھنجي تحرير ۾ لفظن ۽ اصطلاحن، محاورن جو رنگ ڀري ان کي خوبصورت بنائي ٿو. انسان جي باطن ۽ ھن جي تصورات جو اثر ٻوليءَ تي رھي ٿو. جيئن ته اديب جي ٻولي ڪڏھن علامتي، ڪڏھن رواني، ڪڏھن بياني، ڪڏھن خطاب جي طرز واري ته، ڪڏھن حوالن واري ٿئي ٿي. اسلوب ان علامتن ۽ اشارن کي به ڏسي ٿو. جيڪي تھذيبي پسمنظر، اخلاقي، معاشرتي، اقدار ۽ عصري رجحان جو نتيجو ٿين ٿا. اسلوب وٽ تخليق جو ھڪ اھڙو عمل يا طريقي ڪار آھي، جيڪو آوازن، لفظن ۽ ساخت کي نئين معنيٰ ۽ سڃاڻپ ڏئي سگھي ٿو. اسلوب جو ادب جي واڌ ويجهه ۾ اھو مقام آھي،
اسلوب جي اھميت: ڪنھن به تحرير ۾ اسلوب جي ذريعي ئي لاڳاپيل دور جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته ان دور ۾ ٻولي ڪھڙي ھئي. ان دور جي ثقافت، ريتون رسمون، رھڻي ڪرڻي، سياسي، سماجي، اخلاقي، مذھبي ماحول جو اندازو تحرير وسيلي بخوبي لڳائي سگھجي ٿو. ڪھاڻيءَ ۾ جيئن ته ڪردار ۽ واقعا فرضي ھوندا آھن. پر ڪھاڻي اها مقبوليت حاصل ڪري ٿي، جنھن جا سمورا جزا مڪمل هجن، جنھن ۾ پلاٽ، ڪردار، مڪالما ۽ ڪو تضاد شامل هجي- خاص طور تي ڪردار جي ٻولي، سندن ڪردارن جي گهرج مطابق هجي.
ھر ليکڪ شعوري طور تي اسلوب کي پنھنجي شخصيت ۾ جذب ڪري ٿو. ڪنھن به اديب جي اسلوب کي سمجهڻ لاءِ سندس انفرادي توڙي سماجي زندگيءَ جو جائزو وٺڻو پوي ٿو. ڪنھن به اديب جي ڊڪشن جي ڄاڻ تيسين نه سگھندي، جيستائين سندس اردگرد ماحول جي پسمنظر جو جائزو نه ٿو ورتو وڃي. ان ڪري ھر ليکڪ جو اسلوب سندس سڃاڻپ جو اھڃاڻ بڻجي سامھون اچي ٿو. ڪوبه اديب يا شاعر اسلوب کان بنا تخليقي قوت حاصل نه ٿو ڪري سگهي. ڊاڪٽر عبدالله سيد، پنھنجي ڪتاب ’طيف نثر‘ ۾ اسلوب جي وصف ھن طرح ڏني آھي:
”اسلوب مان مراد اھو بليغ انداز ۾ پيش ڪرڻ آھي، ۽ اھي تمام وسيلا استعمال ڪرڻ مراد آھي، جن مان ڪا ادبي تحرير موثر ثابت ٿي سگھي.“ (10)
مصنف جي تحرير، سندس ھمعصرن کان ڪيتري قدر مختلف آھي، ان جو اندازو لکت واري ٻولي جي ذريعي بخوبي لڳائي سگھجي ٿو. ڪنھن خاص دور ۾ ادب جي ڪنھن صنف لاءِ، مروج زبان و بيان ۽ طرزِ تحرير، خاص اهميت رکن ٿا، ڪنھن به دور جو لھجو انداز بيان، انداز تحرير، ان دور جو اجتماعي اسلوب چورائي ٿو.
ادب ۾ عام طور تي ڪنھن به مصنف کي ٻوليءَ تي مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪجهه خوبين جو مالڪ ھئڻ لازمي ھوندو آھي. مصنف پنھنجي زماني جي اديبن ۽ نثر جي ماهرن کان منفرد انداز رکي. سندس تحرير ۾ ان زماني جي پختي ادبي روايتن جي پرورش ۽ وڌڻ ويجھڻ جي قوت حاصل ڪرڻ جي باوجود کانئن ڪجهه مٿانھون ھجي. ان ۾ تازگي، نواڻ ۽ جدت جو عنصر شامل هجي، سندس تحرير ۾ مڪمل اظھار سمويل ھجي، يعني ڪنھن شخص جي ڪا خاص سڃاڻپ يا ڪو تڪيه ڪلام ھجي جيڪو شخصيت سان وابسته ھجي ۽ سندس تحرير ۾ ظاھر ھجي اھڙي تحرير ۾ نواڻ، جدت، ۽ تازگي ھوندي آھي.
اسلوب جا ٻه وڏا عنصر داخلي ۽ خارجي آهن. ڪنھن به شاعر يا اديب جي تخليق تي، ان جي داخلي ۽ خارجي زندگيءَ جي به مھر لڳل ھوندي آھي. داخلي عنصر مان مراد، اديب جيڪو سوچي يا محسوس ڪري ٿو ان کي قلمبند ڪري. داخلي عنصر جو اندازو ان وقت لڳائي سگھبو، جڏھن هو ذاتي مسئلن جي اپٽار ڪري. خارجي عنصر ۾ ان مصنف جا احساس، خيال، سندس انفرادي طريقي تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿيندو. اديب جي داخلي عنصر مان ئي خارجي عنصر پڻ ٺھي ٿو. هر دور جا سياسي، سماجي، تھذيبي، ثقافتي، مذهبي، علمي و ادبي لاڙا مختلف هوندا آهن، جيڪي دور جي اسلوب جوڙڻ ۾ اهم عنصر طور متحرڪ هوندا آهن، جيڪي وقت سان تبديل ٿيندا رهندا آهن.
معياري ۽ وزندار تحرير لاءِ مصنف وٽ خيال جي بلندي ۽ پختگي ھئڻ گھرجي. ادب جي ڪھڙي به صنف ھجي، مصنف ان کي صحيح نباهڻ جي ڪوشش ڪري ته جيئن ان ۾ پنھنجي الڳ اندازِ بيان جي ڪري سونھن پيدا ڪري سگھي. ڪا به تحرير تڏھن نمايان نظر ايندي جڏھن ان ۾ خيالن جي گھرائي ھوندي، خيال کي به ڪو عام ماڻھو بيان نه ڪري سگھندو آهي. اھو مصنف جنھن وٽ پنھنجو جدا اسلوب ھجي خيال کي سھڻن لفظن جو لباس پھرائي اهڙو پيش ڪندو جو عام ڳالهه به خاص بڻجي پوندي.
ادب ھميشه پنھنجي دور جي نمائندگي ڪري ٿو، اھا خاصيت سندس روح آھي. مصنف ۾ اھا صلاحيت ھئڻ گھرجي ته پنھنجي دور کي ماضيءَ کان جدا ڪري بيھاري ھڪ نئين شڪل ڏئي. مصنف عوام کي ويجهو ھجي ته ان دور ۾ ماڻھن جي سوچ ڪھڙي آھي، سندن خواب ڪھڙا آھن، سماج جا مسئلا ڪھڙا آھن. پڙھندڙ طبقي جي مزاج مطابق ليکڪ کي لکڻ گھرجي. سماج جو مشاھدو مصنف لاءِ لازمي آھي ڇو ته هو پنھنجي تصنيف لاءِ موضوع سماج مان ئي کڻي ٿو. مصنف جو موضوع ڪھڙو به ھجي سندس تحرير جو محور معاشرو ئي ھوندو آھي. ادب سماج جي ترجماني ڪري ٿو. ان لاءِ فاخر حسين پنھنجي ڪتاب، ادب اور اديب، ۾ لکي ٿو ته:
”اديب جي فطري ضرورت اھا آھي، ته ھو مشاھدو ڪرڻ وقت اھم معاملي ۽ اھم پھلو جو انتخاب ڪري ان جي ترجماني اھڙي انداز بيان ۾ ڪري جو پڙھڻ واري لاءِ قابل يقين بنجي وڃي.“ (11)
مصنف جڏھن به ڪنھن موضوع تي پنھنجو قلم کڻي ٿو ته ان جي لاءِ به ڪي قاعده قانون مقرر آھن. مقرر ڪيل قائدن کي نظر ۾ رکي مصنف لکندو ته سندس تحرير جو اسلوب تمام گھڻو سھڻو ٿيندو. بي معنيٰ ۽ غير ضروري لفظن کان ليکڪ کي پاسو ڪرڻ گھرجي. پنھنجي خيالن کي ايمانداريءَ سان پڙھندڙن تائين پھچائي. مصنف کي ٻولي آسان استعمال ڪرڻ گھرجي جيئن پڙھندڙن کي ڪٿي به مونجھارو پيدا نه ٿئي، سٺي تحرير ۾ تشبيھون، استعارا، لفظ، محاورا ۽ اصطلاح اھڙا ھوندا آھن. جيڪي ليکڪ جي تحرير کي نمايان ڪري بيھاريندا آھن.
ان جي لاءِ غلام محمد شاھواڻي لکي ٿو ته:
”نثر نويس کي گھرجي ته ٻوليءَ جي تازگيءَ خاطر نوان نوان لفظ، اصطلاح، استعارا، محاورا ۽ خاص طرح صفتون (Adjectives) وجھي جنھن ڪري سندس شعر ۾ ندرت ۽ تازگي پيدا ٿئي. اکر، اصطلاح ۽ استعارا گھڻي وقت استعمال ڪرڻ سان پاروٿا ٿي وڃن ٿا.“(12)
ڪنھن به تحرير جو جائزو وٺڻ کان اول ان جي مصنف ۽ ان دور جي رجحانات جو تجزيو ڪرڻ به ضروري آھي. ڪنھن به ادبي تنقيد جو جائزو وٺڻ لاءِ لازمي آھي، ته فڪري خوبي يا خامي سان لازمي بحث ڪيو وڃي، ڇو ته اسان کي ته ان جي ادبي اهميت کي مدنظر رکڻو ھوندو آھي. سڀ کان پھرين اسان کي اھو ڏسڻ گھرجي ته مصنف جيڪو ڪجهه پيش ڪرڻ چاھي ٿو، ان لاءِ ھن ڪھڙو اسلوب انداز پيش ڪيو آھي. اسلوب جي لاءِ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻيءَ لکي ٿو ته:
حقيقت ۾، اسلوب يا طرز کي چند جزن جي باھمي اشتراڪ سان وجود ملي ٿو:
(1) زبان جو مخصوص مزاج يا لھجو،
(2) انسان جي شخصي گفتگو جو انداز،
(3) شخصيت،
(4) مجاز، (13)
زبان جو مخصوص مزاج يا لھجو: هر علائقي جو لھجو لکيڪ جي تحرير تي اثرانداز ٿئي ٿو. ليکڪ جي عظمت جو دارومدار ان ڳالهه تي آھي، ته پنھنجي تحرير کي سھڻي نموني بيان ڪري ۽ سندس پيشڪش جو انداز الڳ ھجي، سندس زبان جو لھجو مخصوص ھجي. سندس خيال ڪيترا به کڻي بلند ھجن سندس جذبن ۾ ڪيترو به جوش ھجي، فڪر ۾ تيزي ھجي، پر تحرير کي خوبصورت بنائڻ لاءِ کيس زبان جو مخصوص لھجو اختيار ڪرڻوپوندو، جيڪو لھجو ان طبقي جي عوام ۾ مقبول ھجي. جنھن جي لاءِ اھا تحرير لکي پئي وڃي. ٻوليءَ ۾ ڪي لفظ اھڙا ھوندا آھن، جيڪي ان وقت رائج نه ھوندا آھن. انھن کي تحرير ۾ آڻڻ کان پاسو ڪري.
انسان جي شخصي گفتگو جو انداز: ھر فرد جي ڳالھائڻ جو انداز ٻئي فرد کان جدا ھوندو آھي. ھر فرد، قبيلي جي ڳالھائڻ ۾ فرق ٿئي ٿو. ھڪ ڳوٺ يا شھر ۾ رھندڙ ماڻھن ۾ ڪي ماڻھون تيز طبعيت، ڪي صبر وارا، ڪن جي ڳالھائن ۾ وري نھٺائي عاجزي ھوندي مطلب ھر فرد جو انداز ٻئي کان جدا ھوندو، انھن مان ڪي پڙھيل ھوندا، ڪي اڻپڙھيل. سندس ڳالھاائڻ جي انداز مان سندن شخصيت جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو. شخصي گفتگو جو انداز ئي اسلوب کي بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
شخصيت: ھر ماڻھو جي شخصيت جدا ٿئي ٿي. ان ڪري ڪنھن ماڻھوءَ ۾ خوداعتمادي جو جذبو ھوندو، ڪنھن مصنف جي گفتگو جو انداز صاف ۽ رواني وارو ھوندو آھي ته ڪنھن ۾ فڪري پختگي نه ھئڻ سبب سندس خيال ۽ جذبا به وکريل ھوندا. ان تحرير ۾ اسلوب بگڙيل ھوندو ترتيب به بگڙيل ھوندي، ۽ ان ۾ اھا رواني نه رھندي، جيڪا ڪنھن تحرير کي سگھارو ۽ ڪارفرما بنائڻ ۾ مدد ڪري ٿي. مطلب ته اديب جي تنھا طبع ۽ شخصي لاڙو، اسلوب کي جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
شمس الدين عرساڻي لکي ٿو ته:
”تنھن ھوندي به، اسلوب جي انفراديت ۽ انحصار سمورو اديب جي پنھنجي شخصيت تي آھي. گفتگو جو دارو مدار به شخصت تي ئي آھي. ھڪڙي عالم کان ڪھڙي گفتگو جي توقع رکي سگھجي ٿي، يا فاضل شخص جي ڳالھائن جو نوع ڪھڙو ٿي سگھي ٿي؟ مطلب ته اديب جي شخصيت اسلوب تي گھڻي کان گھڻواثر انداز ٿئي ٿي، جنھنڪري اسلوب کي ڏسي، شخصيت جي مختلف ۽ متضاد پھلوئن کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي آھي“. (14)
اسلوب تي مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ اديب کي مشق ڪرڻي پوي ٿي، هو ماحول کان اُتساهه وٺڻ سان گڏوگڏ مطالعي مان به راهنمائي حاصل ڪري ٿو. ان حوالي سان ٻڌل گفتگو وسيلي به، لاشعوري طور تي اسلوب جڙي ٿو. اڳتي هلي اها ٻولي نثر نويس توڙي شاعر جي سڃاڻپ بڻجي ٿي.
مجاز: مجاز لفظ مان مراد مصنف جو منفرد انداز، جيڪو سندس شخصيت جي داخلي خوبين کي نروار ڪري سامھون آڻي. يعني مصنف جو داخلي پھلو جيڪو پوءِ خارجي پھلو، جي شڪل وٺي سھڻن لفظن جي صورت وٺي سامھون اچي ٿو. شمس الدين عرساڻي جي لکي ٿو ته:
”اسلوب سراسر مجاز مان ٺھندو آھي. زبان ۽ لفظن جي ذريعي ھڪ قطعي شڪل وٺي ظاھر ٿئي ٿو. مجاز اھو طريقو آھي، جنھن ۾ اديب مضمون جي رعايت سان لفظن ۽زبان جو موزون استعمال ڪندو آھي. ھن کي پنھنجي قدر ڪيفيتن، امنگن ۽ تاثرات کي چٽيءَ طرح ظاھر ڪرڻ لاءِ تشبيھن، استعارن، ڪناين ۽ رمزن جو به سھارو وٺڻو پوي ٿو. اھڙي طرح شخصيت ۽ مجاز جي ربط و ضبط مان اسلوب جي تشڪيل ٿئي ٿي، ۽ اھو لفظن ۽ زبان جي ويس ۾ ھڪ صورت اختيار ڪري بيھي ٿو.“ (15)
بيان ڪرڻ جي سگهه ۽ انفراديت، جيڪا ليکڪ جي ٻوليءَ جو اهم جزو آهي، سگهاري اسلوب جو سبب اهڃاڻ بڻجي ٿي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسلوب جي انفراديت يا گڏيل محرڪ جو جائزو ورتو وڃي. مثال طور: ڪوبه دور ۽ سماج ٻولي جي هنر کي ڪيتري اهميت ڏيئي ٿو. دورن جي تقابلي جائزي وسيلي الڳ دورن جي اسلوب بيان ۾ امتياز ڪري سگھبو. ڇو ته شخصيت ۾ صرف خاصيت جو ئي دخل نه ھوندو آھي.
ٻولي کڻي ڪھڙي به سادي ھجي، پر اھا خاص انداز ۾ نه لکي ويندي ته ان ۾ زور نه رھندو. دور جو مروج انداز اختيار ڪرڻ گهرجي. ٻولي ھڪ جيئري وٿ آھي، جيڪا ھميشه ڦرندي گھرندي رھي ٿي. اڳئين دور جي ليکڪن وانگر لکڻ جي ڪوشش ڪبي ته ان تحرير ۾ مزو نه رھندو. ھر دور جي ٻوليءَ جي لھجي ۾ ڪجهه فرق ھوندو آھي، فڪري ۽ سماجي لاڙا تبديل ٿيندا رهن ٿا.
افساني يا ناول جي لاءِ مصنف جن لفظن کي گڏي ترڪيب سان استعمال ڪري، پنھنجي پيغام کي جنھن انداز ۾ پيش ڪندو آھي. ان کي خطابيه چيو وڃي ٿو. ڪٿي سندس انداز فنڪارانه ٿئي ٿو ته ڪٿي وري رسمي، ڪٿي عام رواجي ۽ سادو محسوس ٿئي. ڪٿي سندس انداز طنزيه ھجي. موضوع مطابق سندس اسلوب بدلبو رھندو آھي. افسانوي ادب ۾ خطابيه پوري تحرير کي کڻي ھلي ٿو. مصنف جو ھر تحرير ۾ انداز بيان مختلف ھوندو آھي سندس ڪردار، ھڪٻئي کان مختلف ھوندا آھن، سندن ٻولي، ريتون رسمون، ماحول، سڀ ھڪٻئي کان مختلف ھونديون آھن. مصنف جيڪي مختلف طريقا استعمال ڪري ٿو انھن مان خطابيه به اھم طريقو آھي.
خطاب واري انداز سان به ليکڪ تحرير کي خوبصورت بنائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي. عام طور تي ان انداز ۾ ڪنھن به ماڻھون جي عقل ڏاهپ کي پيش ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. خطابي تحرير ھڪ جدا حيثيت ٺاھي ٿي. ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪ جيڪي ڪردار جوڙي ٿو، انھن جي ڳالھائڻ جي انداز مان خطاب واري جو اندازو بخوبي لڳائي سگھجي ٿو. ھر ڪردار پنھنجي سمجھاڻي خطاب جي ذريعي سرانجام ڏيندو آھي. ڪھاڻيءَ ۾ مختلف ڪردار پنھنجي پنھنجي سڃاڻپ مطابق خطاب واري انداز ۾ پيش ڪندا آھن.
خالد محمود، پنھنجي ڪتاب، ”فڪشن ڪا اسلوب“ لکي ٿو:
”شاھي فرمان، بادشاھن جو ڪلام به خطابيه جي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو آھي. بھادري، ھيروازم، جنگ، انقلاب، موت شھادت، يا ٻين ڪيفيتن جو اظھار خطابيه ۾ آسانيءَ سان ڪري سگھجي ٿو. ان کان علاوه مذھبي فرمان ۽ تبليغ پھچائڻ لاءِ به خطابيه کي ڪارگر سمجھيو ويندو آھي.“ (16)
خطاب واري انداز ۾ مصنف جيڪا ڪھاڻي تحرير ڪري ٿو. ان ۾ ڪنھن سان مخاطب ھئڻ جو شرط لازم نه ھوندو آھي. ڪھاڻي يا ناول ۾ خطاب جي پنھنجي سڃاڻپ آھي. جنھن ۾ مصنف اھڙا جملا استعمال ڪندو آھي، جيڪي بامعنيٰ ھجن. خطاب مان مراد لفظن جواھڙو با معنيٰ مجموعو، جنھن جي ذريعي مصنف پڙھڻ واري تائين پيغام پھچائيندو آھي. افساني ۾ خطاب جي ذريعي مصنف پڙھندڙن سان ھڪ خاص قسم جي ذھني ھم آھنگي پيدا ڪري وٺي ٿو.
بياني اسلوب: ناول يا ڪھاڻي يا ادب جي ڪنھن به صنف ۾ بيانيه انداز گھڻو مقبول آھي. مصنف جي ذھن ۾ موضوع ۽ ان جي بياني جو تصور تمام واضح ذھن ۾ ھوندو آھي. ڪنھن به وڏي موضوع کي مختلف لفظن ۾ بيان ڪرڻ بياني جي ذريعي ئي ممڪن آھي. بيانيه انداز ذريعي ليکڪ تفصيلي واقعي، شخصي نفسيات ۽ فلسفي تي ھڪ نظر وجھندو آھي. سندس نظر ھر واقعي تي ھوندي آھي. ليکڪ افساني يا ناول ۾ موضوع ۽ ڪردار جي حوالي سان پنھنجي تحرير جو بيانيو تبديل ڪندو آھي. جيڪڏھن ڪنھن ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار ڳالھائي ٿو ۽ سندس ڳالهه ڏک يا خوشي واري آھي ته ان جو بيانيو ان حساب سان ھوندو. ان جي لاءِ ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، ۾ لکي ٿو ته:
”بيان (Narrative) اھو طريقو آھي، جنھن جي مدد سان ٻولي پنھنجو سڄو ڪردار ادا ڪري ٿي. بيان ٻوليءَ جو بنيادي ۽ پھريون وسيلو آھي، بيان جي ٻي خصوصيت اھا آھي ته ان ۾ طرز يا ادائگيءَ جو ڪردار شامل رھي ٿو. ھر ڪو بيان طرز جو ھڪ منفرد نمونو ٿئي ٿو. البت فن ۽ ٽيڪنيڪ جي خيال کان بيان جو تعلق نظم کان وڌيڪ نثر سان آھي.“ (17)
بياني نثر ذريعي سادا لفظ استعمال ڪري نثر نويس تحرير کي خوبصورت بنائي ٿو. نثر نويس جي شخصيت جي ڇاپ ئي اسلوب آھي. نثر نويس پنھنجي شخصيت ۽ ان دور جي ماڻھن جي مزاج مطابق لکندو آھي. ٻوھئي صاحب جي چوڻ موجب بيان تصوراتي ادب جي بنيادي شيءِ آھي. جڏھن ته اديب جيڪو ادب تخليق ڪري ٿو اھو سندس خيال، سوچ، کي سھڻي نموني پيش ڪرڻ، ڪھاڻي يا ناول جي ڳالهه کي مصنف بيان ئي ڪري ٿو. بيان جي ذريعي ئي مصنف پنھنجي تحرير کي جاندار بنائي ٿو. بيان جي ذريعي ئي اسان جي ٻولي مضبوط ٿئي ٿي.
بيانيه انداز ۾ ليکڪ ڪڏھن پاڻ ڪردار ادا ڪندو آھي، جيڪو ڪھاڻيءَ يا ناول جي ذريعي ڪنھن خاص ڪردار کي پنھنجي مطابق پيش ڪرڻ چاھيندو آھي. ڪھاڻي يا ناول ۾ جتي علامتي، خطابيه انداز اچن ٿا اتي بيانيه جي اھميت کان به انڪار نٿو ڪري سگھجي. جيڪڏھن ڪنھن تحرير مان بيانيه کي ڪڍي ڇڏبو ته اھا تحريران گونگي شخص وانگر ٿي ويندي جنھن وٽ ماس ته ھجي پر منجھس روح نه ھجي. ڪھاڻي، ناول ۾ بياني انداز گھڻو نظر اچي ٿو.
علامتي اسلوب: علامت نگاريءَ ڪھاڻي، ناول يا شاعريءَ ۾ وسعت ۽ گهرائي آڻي ٿي، حالتن پٽاندڙ، شاعر يا نثر نويس علامتي اسلوب جي چونڊ ڪندا آهن. علامت جي ذريعي ئي مصنف يا شاعر شين جي تهه تائين پھچندو آھي. علامت وسيلي لڪل حقيقت کي ظاھر ڪري سگھجي ٿو. علامت لفظن جي اندروني معني کي اجاگر ڪندي آھي. علامت جو دائرو وسيع آھي. مصنف يا شاعر ھميشه علامتن کان ئي ڪم وٺندا آھن. سماج ۾ جيڪي تبديليون اچن ٿيون. مصنف انھن کان واقف ھوندو آھي. جيڪي ماڻھن کان وڌيڪ مصنف تي اثر انداز ٿين ٿيون. پنھنجي احساس، خيال، سوچ جو اظھار ڪرڻ لاءِ مصنف کي علامتي ٻولي جو استعمال ڪرڻو پوندو آھي. علامت وسيلي ليکڪ ڪنھن مخفي ڳالهه يا ڳجهه تي انتھائي مھارت سان تحرير جو حصو بڻائي ٿو. علامت لاءِ ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو لکي ٿو ته:
”علامت اظھار جو اسلوب آھي، جنھن ۾ لڪل خيالن ۽ تصورن جو ھڪ نه کٽندڙ سلسلو ھوندو آھي ۽ ان جي حيثيت ھڪ مستقل ۽ مجرد ورتاءُ واري ھوندي آھي. ڪنھن به مخفي خيال سواءِ علامت کي پيش ڪري ڪو نه سگھبو. تنھن ڪري ادب ۾ علامت جي حيثيت مڃيل ۽ ھڪ ٺوس حقيقت بڻجي چڪي آھي“. (18)
علامت جو ڪردار تحرير ۾ ائين آھي، جيئن گل ۽ خوشبو جو رشتو ھوندو آھي. جيئن ھرمصنف وٽ پنھنجو اسلوب ھوندو آھي بلڪل ائين علامت به ان جو ھڪ جز آھي. علامت جي ڪري ئي ٻوليءَ ۾ وسعت اچي ٿي ڇو ته ان جي ڪري ھڪ ئي شيءِ کي ڪيترا نالا ڏئي سگھجن ٿا، علامت نگاريءَ جي ڪري ٻوليءَ ۾ نوان خيال ۽ احساس متعارف ٿين ٿا ۽ ٻوليءَ ۾ وسعت اچي ٿي، وقت، حالات ۽ تبديليون ٻوليءَ تي اثر انداز ٿين ٿيون. ليکڪ جا زندگيءَ ڏانھن، سوچ جا نوان رخ، مشاهدا، تجربا ۽ کوجنا وارا رويا هڪ پختي ۽ منفرد اسلوب جوڙڻ ۾ مددگار ٿين ٿا، خيال متحرڪ آهي ته ٻولي ۾ نواڻ اچي ٿي. منفرد سوچ ۽ احساساتي اُتساهه وسيلي، ليکڪ لفظن جي نئين دنيا تخليق ڪري ٿو.
حوالا
1. فيرزالدين، مولوي، فيرزاللغات اردو جامع، نئون ايڊيشن، لاھور، فيرزسنز لميٽڊ، 2005ع، ص97
2. تابش، ذوالفقار احمد، اعجازالغات اردو، باره اول، سنگ ميل پبليڪيشنز،1982ع، ص70
3. نورالحسن، مولوي، نورالغات اردو جديد ايڊيشن، جلد اول، جنرل پبليشنگ ھاوس ڪراچي،1957ع، ص335
4. بلوچ، عبدالستار، ، ھڪ جلدي سنڌيڪا لغت، سنڍيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2006ع، ص 52
5. طاھره اقبال، منٽو ڪا اسلوب، اشاعت اول، فڪشن ھائوس، حيدرآباد، 2012ع، ص14،
6. عبدالمجيد ميمڻ سنڌي، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2006ع، ص19
7. گوپي چند نارنگ، ڊاڪٽر، ادبي تنقيد اور اسلوبيات، اشاعت اول، ايجوڪيشنل پبلشنگ ھاوس، دھلي، 1989ع، ص 14
8. سيد، عابد علي عابد، سعادت آرٽ پريس 19_A ايبٽ روڊ، لاھور، مجلسِ ترقي ادب لاھور، 1996ع، اسلوب، ص41،
9. عرساڻي شمس الدين، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي ارتقائي تاريخ، ڇاپو پھريون، اوسر اشاعتاڻو، حيدرآباد ، 2009ع، ص350
10. عبدالله، سيد، ڊاڪٽر، طيف نثر، مرتب ممتاز بنگلوري، اشاعت اول، لاھور اڪيڊمي، 1965ع، ص30
11. فاخر حسين، تاليف و ترجمه، ادب اور اديب، ميان چيمبرز-3-ٽھمپل روڊ لاھور، 1988ع، ص20
12. شاھواڻي، غلام محمد، ادبي اصول ڀاڱو1، آر. ايڇ. برادرس شاھي بازار حيدرآباد، 1962ع، ص16
13. عرساڻي، شمس الدين، ڊاڪٽر، اسلوب، نئين زندگي، ماھوار، علمي ادبي رسالو، 1967ع، ص41
14. ايضا 42.
15. ايضا 43.
16. خالد محمود خان، فڪشن ڪا اسلوب، بيڪن بڪس، غزني اسٽريٽ، اردو بازار لاھور، 2014ع، ص132
17. ٻوھيو الھداد، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو، 2011ع، ص 203، 204
18. سڌايو، غلام نبي، ڊاڪٽر، شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري، شاھ عبداللطيف ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاھ، حيدرآباد، ، 1992ع، ص30،29