سنڌي ٻوليءَ ۾ تذڪير ۽ تانيث جي سرشتي جو تنقيدي جائزو
(Critical Analysis of Masculine and Feminine System of Sindhi Language)
زبير سومرو
Abstract:
Languages have grammatical systems that include respective structures of masculine-feminine representation. There may be some grammatical, structural and linguistic similarities among different languages and language-families. This is essentially the study of rules and principles that form the configuration of a sentence. Speakers of any language have a set of adopted and assumed directions and procedures for using that language, which take form of rules and eventually create grammar of the language. The Masculine-feminine system is one of the most common features of any language; the same is true of Sindhi language, too.
Keeping the syntactic grouping in view, the Masculine-feminine is essentially figured presentation of words in terms of gender. Therefore, masculine are used to denote the qualities, attributes and appearance that are traditionally associated with the men. Likewise, the feminine is a gender description that is used to signify the qualities, attributes and appearance that are traditionally associated with the women. Sindhi is Indo-Aryan language that has been closely affiliated with and has strong associations with various languages and language families. Arabic, Persian, Urdu and Hindi are the leading languages that have influenced the Sindhi in many respects. Sindhi language has its own grammar system but the influence of aforesaid languages has put many positive as well negative impacts on it.
This paper depicts the picture of the Masculine and Feminine system in Sindhi language in the context of animate and inanimate objects. Today’s languages have various sorts of pronouns including Gender-specific pronouns and Gender-neutral pronouns. Issues may arise in languages with gender-specific pronouns in case the gender of the referent is unknown or not specified; this is discussed under Gender-neutral language.
دنيا جي مڙني ٻولين وانگر، سنڌي ٻولي پڻ ٻين ٻولين جي اثر هيٺ رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ تي عربي، فارسي، هندي، اردو ۽ ننڍي کنڊ جي ٻين ٻولين جا اثر صدين کان پوندا رهيا آهن. هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ، سنڌي ادب توڙي ٻوليءَ تي اِهي اثر چٽا نظر اچن ٿا. ويھين صديءَ جي پوين ڏهاڪن ۾ سنڌي ادب ۾ نَون لاڙن جنم ورتو. شعر گوئي توڙي نثر نويسيءَ ۾ جديد اسلوب، انداز ۽ گرامر جا جديد تصور متعارف ٿيا،جيڪي عام ڳالهه ٻولهه توڙي لکڻين ۾ رائج پڻ ٿيا. انھن اثرن جي ڪري، ٻين ٻولين جا اثرگهٽجڻ شروع ٿيا. جديد سنڌي ٻوليءَ تي تيزيءَ سان وڌندڙ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا جي گهڻي واهپي سبب ڪيترائي مثبت توڙي منفي اثر پيا آهن. سنڌي ٻوليءَ جي تذڪير ۽ تانيث (مذڪر ۽ مؤنث) جي سرشتي جو ڄاڻايل اثرن جي باوجود، پنھنجو هڪ جداگانه مزاج ۽ ماحول آهي. ان سرشتي ۾ گهڻي قدر، تبديليون پڻ اينديون رهيون آهن، جيڪي اڻٽر آهن، انھن تبديلين تي، جيڪڏهن لسانياتي حوالي سان، گرامر جي ماهرن جي نظر نه هوندي ته ٻوليءَ جي بگاڙ کي روڪڻ ڏکيو ٿي پوندو.
مسئلي جا سوال Questions of Problem:
• سنڌي گرامر جا پنھنجا نج، لسانياتي عنصر ۽ وياڪرڻ جا اصول آهن. تذڪير ۽ تانيث يعني مذڪر ۽ مؤنث جي حوالي سان به ڪجهه قاعدا ۽ قانون طئي ٿيل آهن، ڇا انھن قاعدن موجب- نثر، شاعري توڙي ڳالهائجندڙ ٻوليءَ ۾ انھن جي خيال رکڻ جي ضرورت آهي؟
• ڇا انھن اصولن ۽ قاعدن ۾ تبديليءَ جي گنجائش موجود آهي؟
• ڇا سنڌي ٻوليءَ جي تذڪير ۽ تانيث (مذڪر ۽ مؤنث) جي اصولن کي، ٻين ٻولين خاص طور تي اردو ٻوليءَ جي اثرن مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي؟
نر ۽ ماديءَجو تصورConcept of Masculine and Feminine)): قدرت طرفان هر ساهه واري مخلوق جو بنيادي طور تي ’نر‘ ۽ ’مادي‘ جو جوڙو خلقيو ويو آهي، انھيءَ تفاوت تحت ئي نر ۽ ماد جوڙا ٿين ٿا، پوءِ اهو جوڙو انسانن، جانورن، پکين، جيت جڻن يا ڪنھن به نظر نه ايندڙ مخلوق جو ٿي سگهي ٿو. قديم دور جي جبل جيڏي ڊائنوسار جي خلقت کان ويندي معمولي جيتامڙي تائين، خدا هر ساهه واري کي نر ۽ ماديءَ جي صورت ۾ ٺاهيو آهي. اهڙي گواهي قرآن پاڪ ۾ پڻ ڏنل آهي:
وَمَا خَلَقَ الذَّكَـرَ وَالْاُنْثٰى-ترجمو : ۽ ان جو قسم، جنھن نر ۽ مادي ٺاهيو. (1)
’صنف‘ جي جديد اصطلاحي تشريح :Modern interpretation of genderهر نظريو، فلاسافي يا ٿيوري پنھنجي جنم کان پوءِ وقت بوقت تشريح تبديل ڪندي رهندي آهي، اهو عمل فطري به آهي ۽ اڻٽر به. توڙي جو اها تبديلي تمام وڏي پئماني تي ٿيندڙ مخالفت کي مُنھن ڏيندي، تڪراري پڻ بڻجي ويندي آهي، پر ان عمل کي روڪڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. نظريا سماجي هجن يا سياسي، ادبي هجن توڙي تحقيقي، هر دؤر پنھنجي تقاضائن موجب نظرين جي تشريح نئين سِر ڪندو آهي. ساڳيو معاملو ”صنف“ جي اصطلاح سان به لاڳو آهي. صنف جي تعريف ڪجهه هن ريت آهي:
Either of the two sexes (male and female), especially when considered with reference to social and cultural differences rather than biological ones. The term is also used more broadly to denote a range of identities that do not correspond to established ideas of male and female.(2)
”صنف“ هاڻي گهڻ رُخو اصطلاح آهي، جيڪو پنھنجي لغوي معنيٰ کان گهڻو مٿاهون ٿي چڪو آهي. هڪ دؤر ۾ صنف ”مرد يا عورت“ جي مفھوم ۾ استعمال ٿيندو هو، جيڪو اڄ به معياري طور تي مستعمل آهي. ان کان پوءِ هن اصطلاح ۾’ٽئين جنس‘ يا خواجه سِرا جو اضافو ٿيو ۽ صنف جي نئين تعريف کان پوءِ ”مرد، عورت يا ٽئين جنس يعني خواجه سِرا“ جو تعارف مُروج ٿيو. ان کان پوءِ هاڻي اولھه جي سماج ۾ انسان جي صنفي تشخيص مرد، عورت ۽ خواجه سِرا کان مٿي هلي وئي آهي، جنکيLGBTQ جو اصطلاحي نالو ڏنو ويو آهي، ان ۾ ساڳي جنس توڙي ٻنھي جنسن ۾ دلچسپي رکندڙ يا ڪنھن به جنس ۾ دلچسپي نه رکندڙ فرد شامل آهن.
جنس ۽ صنفSex and Gender :صنف ڇا آهي؟ ان سوال جي جواب ۾ ڪيترا ڪتاب لکيا ويا آهن، پر معياري طور تي صنف مان مراد مردن ۽ عورتن سان لاڳاپيل سماجي، معاشي، ثقافتي ۽ روايتي اهڙيون خصوصيتون آهن، جيڪي مردن ۽ عورتن سان لاڳو ڪيون ويون هجن.
صنف ۽ جنس ۾ فرق
جنس (Sex) صنف (Gender)
جنس جو تعلق جسماني بناوٽ سان آهي، جيڪو قدرتي / خدا جي طرفان آهي. صنف سماجي ۽ ثقافتي آهي، جنھن جو تعلق مردن ۽ عورتن لاءِ سماج پاران طئي ڪيل ڪردار سان آهي.
جنسي / جسماني طور تي عورت مرد کان قدرتي طور تي مختلف ۽ مستقل آهي. صنفي لحاظ کان عورت مرد کان سماجي طور مختلف آهي، پر مستقل نه آهي.
ظاهري جنسي خصوصيتن کي ڪن حالتن ۾ آپريشن ذريعي تبديل ڪرڻ جا مثال ملن ٿا. مردن ۽ عورتن جي صنفي خصوصيتن کي تبديل ڪري سگهجي ٿو.
لسانياتي حوالي سان ٻوليءَ ۾ لفظن جا مذڪر مؤنث پڻ ٿين ٿا. هيٺ ڏنل چارٽ ان بابت وڌيڪ تفصيل ڏئي ٿو :
ٻوليءَ جا خاندان ۽ تذڪير تانيث: جنس جي معاملي ۾ دنيا جي ٻولين وٽ پنھنجا پنھنجا تصور ۽ طور طريقا آهن. گهڻو ڪري ٻوليون ٻِه-جنسي(Bi-Gendered) يعني مذڪر ۽ مؤنث جو سرشتو رکن ٿيون. ڪجهه ٻوليون وري ٽِه-جنسي (Tri-Gendered) يعني مذڪر، مؤنث. ڪجهه ٻوليون وري بي جنس (Genderless)آهن يعني تذڪير تانيث جي نظام کان بنھه آجيون آهن. ان سلسلي ۾ هيٺ ڏنل چارٽ وڌيڪ وضاحت پيش ڪري ٿو:
ٽه – جنسي ٻه - جنسي بي جنس ٻوليون ٻوليءَ جو خاندان
Three –Gender Two -Gender Gender
Less
جاوانيز، ملائيشين، فلپينو، انڊونيشين انڊو - يورپين
هندي، پنجابي، سنڌي، اُڙيا، بنگالي انڊو - آرين
گجراتي، مراٺي
فارسي، هنگريئن، آرمينيئن، ڪُردش، سوراني، جاپاني، چيني، ترڪي، فنش آسٽرو - ايشين
سنسڪرت، پراڪرت، تيلگو، تامل، مليالم، ڪنڙ، ڊچ، سويڊش، نارويئن، جرمن دراوڙي
براهوي
جان بيمس پنھنجي ڪتاب ”هندستان جي جديد آريائي ٻولين جي گرامر جو تقابلي جائزو“ ۾ لکي ٿو :
The older languages of the Indo-European family have all three genders; those of the Semitic family got on very well from the beginning with only two, have never thought of developing the neuter. In the middle and modern Indo-Germanic languages, the German stills remain all three genders; while most of others have only two and none at all. (3)
حياتياتي- غير حياتياتي (Animate and Inanimate):
سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر- مؤنث ٻن قسمن جو آهي:حياتياتي((Animate: جنسي مان مراد آهي ته ساهه وارا يا جاندار، جنھن ۾ انسان، جانور، پکي، جيت جڻا، آبي جيوت ۽ ٻيا زندگي رکندڙ وجود اچي وڃن ٿا. جنسي جي وصف آڪسفورڊ ڊڪشنري موجب هيٺ ڏجي ٿي:
Animateجي وصف آڪسفورڊ ڊڪشنري موجب هيٺ ڏجي ٿي:
Animate: verb, adj
To make something more lively or full of energy. (4)
انسانن جا رشتا، جانورن جا نالا، ٻين ساهه وارن جا نر مادي نالا، شاهوڪار ٻولين ۾ مذڪر مؤنث جي حوالي سان الڳ الڳ ٿين ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ اسم جون ٻه جنسون ٿينديون آهن: جنس مؤنث ۽ جنس مذڪر. اُهي اسم جيڪي ’نر‘ جي معنيٰ ۽ مفھوم ڏيکاريندا آهن، انھن کي اسم مذڪر چئبو آهي ۽ اُهي اسم جيڪي ’مادي‘ جي معنيٰ ۽ مفھوم ظاهرڪن ٿا، تن کي اسم مؤنث چئبو آهي. مثال طور: ڇوڪرو- ڇوڪري، گهوٽ - ڪنوار، مور-ڊيل ۽ فقير - فقيرياڻي.
انساني رشتا
مؤنث مذڪر مؤنث مذڪر
ماساتِ ماساتُ چاچي چاچو
پُڦاٽِ پُڦاٽُ مامي مامو
ماروٽِ ماروٽُ ڏاڏي ڏاڏو
سؤٽِ سؤٽُ ناني نانو
پُڦي پُڦڙُ ادي ادو
ماسي ماسڙُ سالي سالو
ڏيرياڻي ڏيرُ سَسُ سُھرو
ڀاڄائي ڀيڻويو نُنھَن ناٺي / ڄاٽو
ڀيڻَ ڀاءُ ڌيءَ پُٽُ
مٿئين چارٽ۾ ’ڌيءَ‘، ’ڀيڻَ‘ ۽ ’نُنھنَ‘ کي ڪجهه علائقن ۾ ’ڌيءُ‘، ’ڀيڻُ‘ ۽ ’نُنھنُ‘ يعني آخري اکر تي پيش ڏئي اُچاريندا آهن، جيڪو اُپ لھجي جي ڪري آهي.
سنڌي ٻولي هڪ شاهوڪاري ٻولي آهي، جنھن ۾ نر توڙي مادي جانورن جي عمر جي لحاظ سان نالا مختلف آهن. هيٺ ڏنل چارٽ گهريلو ياپالتو جانورن جي نر مادي ۽ انھن جي بالغ ۽ نابالغ عمرين جي لحاظ کان ڏنل آهن:
گهريلو/ پالتو جانور
بالغ نابالغ
مادي نر مادي نر
ڪُتي ڪُتو گُلري گُلر
گڏههِ گڏههُ کودڙي کودو
ڏاچي اُٺُ توڏي توڏو
مينھن سانُ وَڇِ پاڏو
ڳئون ڏاند گابي گابو
ٻڪري ٻڪرُ ڇيلي ڇيلو
ٻلي ٻلو ٻلونگڙي ٻلونگڙُو
گهوڙي گهوڙو ٻِھاڻِ ٻِھاڻُ
رِڍ گهيٽو
جهنگلي جانور
مادي نر
گداڙي گدڙ
هرڻي هرڻ
شينھڻ شينھن
لومڙي لومڙ
هاٿڻ هاٿي
ڀولي ڀولو
ڪُئي ڪوئو
هي جانور نر آهن. ظاهر آهي ته هنن جون ماديون هونديون، پر عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته انھن جي مادين جا لفظ شايد ٻوليءَ ۾موجود نه آهن. پر هتي هن چارٽ ۾ انھن نر جانورن جا لفظ ڄاڻائڻ لازمي آهن. بگهڙُ
رڇُ
ڦاڙهو
سيھڙ
چراخ
سانڊو
ڄاهو
نور
نوريئڙو
زراف
سوئر/ مِرون
آبي جانور
مادي نر
ڄؤر هي جانور مادي آهن. ظاهر آهي ته هنن جا نر به هوندا، پر عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته انھن جي نرن جا لفظ شايد ٻوليءَ ۾موجود نه آهن. پر هتي هن چارٽ ۾ اهي لفظ ڄاڻائڻ لازمي آهن.
مڇي
هي جانور نر آهن. ظاهر آهي ته هنن جون ماديون هونديون، پر عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته انھن جي مادين جا لفظ شايد ٻوليءَ ۾موجود نه آهن. پر هتي هن چارٽ ۾ انھن نر جانورن جا لفظ ڄاڻائڻ لازمي آهن. لُڌڙو
واڳون
مانگرمڇ
ڪڇون
ڏيڏري ڏيڏر
ڪيڪڙي ڪيڪڙو
باغ / جهنگ جا پکي
مادي نر
ڪونجَ سامھون ڏنل پکي مادي آهن ظاهر آهي ته هر ساهه واري جو نر ماد هوندو آهي. هنن ۾ نر جو وجود به ضرور هوندو پر انھن ۾ ڪن جا نالا ٻوليءَ ۾ آهن ته ڪن جا نه آهن.
ڪوئلِ
سِرڻ
چانھِن
ڪڻڇي
ڪٻرِ
هِلِ
پيئڻِ
چِٻَ چٻرو
گُنھن خور
پالتو / گهرو پکي
مادي نر
ڪبوتري ڪبوتر
ڪُڪِڙِ ڪُڪُڙُ
ڊيلَ مورُ
تِتري تِــتِــرُ
طوطي طوطو
جهرڪي جهرڪُ
ڪانويلي ڪانءُ
بُلبل
مينا
باز
آبي پکي
مادي نر
بدڪ سامھون ڏنل پکي مادي آهن ۽ ظاهر آهي ته هر ساهه واري جو نر ماد هوندو آهي. هنن مادي پکين جي نرن جو وجود به ضرور هوندو پر انھن ۾ ڪن جا نالا ٻوليءَ ۾ آهن ڪن جا نه آهن.
آڙي
نيرڳي
سامھون ڏنل پکي نر آهن ۽ ظاهر آهي ته هر ساهه واري جو نر ماد هوندو آهي. هنن نر پکين جي مادين جو وجود به ضرور هوندو پر انھن ۾ ڪن جا نالا ٻوليءَ ۾ آهن ڪن جا نه آهن.
ڪازُ
ٽيٽيھر
ٻگهُه
ڪانئر
تلور
ڪنگ
هنج
غير حياتياتي(Inanimate): غير حياتياتي مان مراد آهي بي جان يا غير جاندار شيون. اهڙيون جن کي ساهه ناهي يا زندگي ناهي. جنھن ۾ سامان سڙو، ڪم ڪار جا اوزار، گاڏيون، جايون، مختلف چيزون وغيره اچي وڃن ٿيون. آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ موجب:
Inanimate: Not alive in the way that people, animal and plants are. OPP: Animate: Dear or appearing to be dead. (5)
فرنيچر
مؤنث مذڪر
ڪرسي
الماري
ٽيبل / ميز
صوفو
پلنگُ
ڪٻٽُ
ڌاتو
مؤنث مذڪر
لوهه
سون
پتل
ٽامو
چاندي
ٽرانسپورٽ/ آمد رفت
مؤنث مذڪر
گاڏي گاڏو
چنگچي سامھون ڏنل لفظ انسانن
پاران ايجاد ڪيل مشينون
آهن، جن جو سنڌي ٻوليءَ
۾ واهپو مؤنث طور آهي.
انھن جا مذڪر ڳولڻ جي
ضرورت نه آهي.
بگي
وين / ويگن
ڪارِ
بسِ
ٽرڪِ
سائيڪلِ
موٽرسائيڪلِ
ريلَ
رڪشا
سامھون ڏنل لفظ انسانن
پاران ايجاد ڪيل مشينون
آهن، جن جو سنڌي ٻوليءَ
۾ واهپو مذڪر طور آهي.
انھن جا مؤنث ڳولڻ جي
ضرورت نه آهي. اسڪوٽر
جهاز
هيلي ڪاپٽر
مشينون / آلات / پرزا
مؤنث مذڪر
مشين
ٽي وي
اي سي
فون / ٽيليفون
فرجِ
ريڊيو
تذڪير ڇا آهي ؟ مذڪر جا اصول ۽ ضابطا
What is Masculine? Its principles and rules
مرزا قليچ بيگ مذڪر- مؤنث جي اصولن بابت چوي ٿو: ”اسمن جي پڇاڙين مان جنس جي پروڙ پوي ٿي، اهي پڇاڙيون جملي ست آهن، جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي. ’اَ، آ، اِ ۽ اِي‘ (مؤنث)، ’اُ، اُو ۽ او‘ (مذڪر) انھن مان ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مذڪر آهن. باقي ’آ، اِي ۽ اِ‘ پڇاڙين وارا گهڻو ڪري مؤنث ۽ ’اُ ۽ اُو‘ پڇاڙين وارا گهڻو ڪري مذڪر آهن.“ (6)
تانيث ڇا آهي ؟ مؤنث جا اصول ۽ ضابطا
What is feminine? Its principles and rules
جيڪو مادِي جنس (نر جي ضد) لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. هر اها شيءِ، جيڪا مادِي جنس جي هجي، مؤنث چوائي ٿي.قاعدن ۾ مؤنث ان لفظ (فاعل، مفعول يا فعل) کي چيو وڃي ٿو جنھن جو استعمال جنس يا ماديِ جنس جي صيغي ۾ استعمال ٿئي. مثال طور لفظ ”محبت“.مرزا قليچ بيگ جو سنڌي ٻوليءَ ۾ مؤنث جي جوڙجڪ بابت خيال آهي ته: ”زالَ، نٿَ ۽ کَٽَ لفظن جي پڇاڙيءَ ۾ ’اَ‘ جو اچار آهي. ’اَ‘ پڇاڙيءَ وارا سڀ اسم سدائين مؤنث آهن.“ (7)
سنڌي ٻوليءَ ۾ جو مذڪر ۽ مؤنث جو سرشتو
Masculine Feminine System of Sindhi Language
سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪاڪو ڀيرومل آڏواڻي مذڪر- مؤنث لاءِ لکي ٿو :
”ويا ڪرڻ ۾ جنھن کي ’جنس‘ چئجي ٿو سا نر ۽ ماديءَ جو تفاوت ڏيکاري ٿي. جيڪي لفظ نر جي معنى ڏيکارين ٿا سي مذڪر (نر) آهن ۽ جيڪي ماديءَ جي معنى ڏيکارين ٿا سي مؤنث (مادي) سڏجن ٿا. مثلاً: گهوٽ- ڪنئار، مڙس- جوءِ، گهوڙو- گهوڙي، دلو-دلي ۽ ڪات- ڪاتي.“ (8)
دنيا جي هرٻولي، پنھنجي مزاج ۽ جوهر ۾ ڪي باضابطه يا غير رسمي قاعدا ۽ قانون رکي ٿي. اهڙن قاعدن ۽ قانونن جا مختلف لساني، صوتياتي، ويا ڪرڻي گُڻ ۽اَوَگڻ پڻ ٿين ٿا. واحد جمع ڪنھن به ٻوليءَ جي اهم خصوصيتن ۾ شمارجي ٿو. واحد جمع، لسانيات توڙي گرامر جي ٻين مخصوص اصطلاحن وانگر غير معروف ۽ ڳوڙهو اصطلاح نه آهي، بلڪه هي هڪ عام فھم ۽ عوامي طور عام جام ڳالهايو، لکيو، پڙهيو ۽ سمجهيو ويندڙ اصطلاح آهي. دنيا جي مڙني ٻولين وانگر، سنڌي ٻوليءَ جو گرامر به پنھنجي مخصوص فطرت ۽ هيئت رکي ٿو. سنڌي ٻوليءَ ۾ تذڪير ۽ تانيث (مذڪر ۽ مؤنث) جا پنھنجا اصول آهن، اهڙي طرح واحد جمع جا پڻ پنھنجا اصول ۽ ضابطا آهن. سنڌيءَ تي عربي ۽ فارسي جي اثر جي ڪري گرامر جي مختلف رخن تي اثر پڻ پيا آهن. گذريل ٻن ڏهاڪن کان اردو جي عام واهپي جي ڪري پڻ سنڌيءَ جي مذڪر مؤنث، واحد جمع سميت ڪيترن ئي وياڪرڻي رخن ۾ مثبت توڙي منفي تبديليون آيون آهن. مثال: سنڌيءَ ۾ دل مؤنث آهي ۽ اردوءَ ۾ مذڪر. سنڌيءَ ۾ مذڪر آهي ۽ اردوءَ ۾ مؤنث،پر اردوءَ جي منفي اثر جي ڪري ڪيترا شھري سنڌي ماڻهو ”منھنجو دل“، ”سٺي آواز“ چون ٿا.
سنڌيءَ ۾ تانيث جا اصول ڪي آوازن پٽاندر آهن، ان کان اڳ سنڌيءَ جي آوازن يا سُرن ۽ پدن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي.
سنڌيءَ جي آوازن يا سُرن جي جدول
ڪَڪِ پٽي (سُرَ / آواز) سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب سان
10 9 8 7 6 5 4 3 2 1 سُرُ
/ اَي / /اِي /او/ / اَو / /اُ/ / اُ / /اي/ / اِ / / آ / /اَ/ آواز
Æ ɪː əʊ ʊː ʊ E ɪ ɑː əː IPA
مذڪر مؤنث مذڪر مؤنث مذڪر مذڪر مؤنث مؤنث مذڪر مؤنث مذڪر جمع مؤنث مذڪر مؤنث مؤنث مذڪر
مؤنث
حَوض تُوت طوطو عَينڪ سِيٽي ڊيل بابا ڀِتِ
ٻُڪُ مذڪر)
کنڊُ (مؤنث) کَٽَ مثال
مٿي ڏنل جدول موجب 10سُرن مان 3سُر/ اَ / يعني زبر، / اِ / يعني زير ۽/ اُ/ يعني پيش ننڍاسُر چيا ويندا آهن. مٿئين جدول مان پھريون، ٽيون ۽ پنجون نمبر ڪالم رنگيا ويا آهن.
باقي ٻيا ڊگها سُرَ (Long Vowels) آهن. سنڌي ۾ مذڪر مؤنث جو سرشتو انھن سُرن يا آوازن موجب آهي. سنڌيءَ ۾هڪ عام تصور آهي ته لفظ جو آخري اکر يا آواز متحرڪ ٿيندو آهي، پر اهو اصول ننڍن سُرن (Short Vowels) سان مشروط آهي. يعني ڪجهه لفظن جي آخر ۾ زير، زبر يا پيش اچي ته اهو لفظ متحرڪ ٿيندو. مثال: بدڪَ، انبُ ۽ سُنڍِ. اهڙي طرح ڊگهن سُرَن(Long Vowels) جي لفظن جو آخري اکر يا آواز متحرڪ نه ٿيندو آهي. سنڌيءَ ۾ مذڪر مؤنث جي آوازن موجب جوڙجڪ بابت ٻٽن / دهرن آوازن جي پڻ اهميت آهي. ٻٽا / دهرا آواز (Diphthong) خاص طور تي / اَي / ۽ / اَو / جا اُچار مخصوص آهن.
1. آواز / اَ /əː ( زبر) لفظ جو آخري آواز / اَ / سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ پھريون آواز آهي، جيڪو زبــــر / َ/جي اعراب Diacritic))طور استعمال ٿيندو آهي. ’زبر‘ جي آءِ پي اي جي نشاني əːآهي ۽ هي’ننڍو سُر‘(Short Vowel) آهي.
زبر يا آواز / اَ / ، سنڌي آوازن ۾ پھريون پڙهايو ويندڙ آواز آهي. واحد لفظ جي آخري اکر تي زبر اچي يعني آواز / اَ / هجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙي ريت اهو ساڳيو لفظ جمع جي صورت ۾مٽجي آواز / اُون/ ۾ تبديل ٿي ويندو. مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو :
مؤنث لفظ مؤنث لفظ
لفظ (واحد) صيغو لفظ (جمع) صيغي جو استعمال
بدڪَ اڇي بدڪَ بدڪون اڇيون بدڪون
کٽَ نئين کٽَ کٽون نيون کٽون
پڳَ وڏي پڳَ پڳون وڏيون پڳون
اخبارَ ڪالهوڪي اخبارَ اخبارون ڪالهوڪيون اخبارون
ڊيلَ سھڻي ڊيلَ ڊيلون سھڻيون ڊيلون
سوچَ سُٺي سوچَ سوچون سُٺيون سوچون
اوطاقَ اسان جي اوطاقَ اوطاقون اسان جون اوطاقون
حُجتَ وڏي حُجتَ حُجتون وڏيون حُجتون
مُحبتَ ڏاڍي محبت محبتون ڏاڍيون محبتون
سِڪَ گهڻي سڪَ سِڪون گهڻيون سِڪُون
پوشاڪَ ڳاڙهي پوشاڪَ پوشاڪون ڳاڙهيون پوشاڪون
آٿتَ وڏي آٿتَ آٿتون وڏيون آٿتون
دعوتَ مھمانن جي دعوتَ دعوتون مھمانن جون دعوتون
مٿي اهو واضح طور چيو ويو آهي ته زبر وارو هر لفظ مؤنث هوندو پر ان لاءِ شرط آهي ته اهو واحد لفظ هجي، ڇو ته ڪيترا مذڪر لفظ واحد مان زبر لڳائڻ سان جمع بڻجي ويندا آهن ۽ اُهي جمع کان پوءِ به مذڪر ئي رهندا آهن. مثال :
لفظ جي آخري اکر تي زبر لڳائڻ (جمع) لفظ جي آخري اکر تي پيش لڳائڻ (واحد)
هوٽلَ هوٽلُ
اُٺَ اُٺُ
هٿَ هٿُ
انگَ انگُ
رنگَ رنگُ
ٿَڪَ ٿَڪُ
ڪکَ ڪکُ
پنَ پنُ
2. آواز / آ /ɑːلفظ جو آخري آواز / آ/ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ ٻيو آواز آهي، جيڪو ٻِٽي / دهري آواز Diphthong)) طور استعمال ٿيندو آهي. هن آواز جي آءِ پي اي جي نشاني ɑːآهي ۽ هي’ڊگهو سُر‘(Long Vowel) آهي. .سنڌي ٻوليءَ جي مؤنث جي اصولن موجب لفظ جو آخري آواز /آ / يعني الف هجي ته اهو لفظ تانيثي يعني مؤنث جي صيغي ۾ استعمال ٿيندو. اهڙي ريت اهو ساڳيو لفظ جمع جي صورت ۾مٽجي آواز / اُون/ ۾ تبديل ٿي ويندو. مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو :
آواز / آ / تي ختم ٿيندڙمؤنث لفظ
صيغي جو استعمال لفظ (واحد)
هُن مون سان دغا ڪئي آهي. دغا
هوا هلي رهي آهي. هوا
ڪنھن جي گلا نه ڪرڻ گهرجي. گلا
اها رٿا ڪنھن جي آهي. رٿا
منھنجي دعا قبول ٿي. دعا
اها منھنجي دعويٰ آهي. دعويٰ
هُن جوئا کيڏي آهي. جوئا
مون پُوڄا ڪئي. پوڄا
مالھا سھڻي آهي. مالھا
ڊاڪٽر جي دوا لڳي. دوا
وفا ڪٿي نه رهي آ. وفا
هر ٻوليءَ جي گرامر جي اصولن ۾ ڪجهه ڳالهيون اِستثنيٰ (Exceptional( جي ذمري ۾ اينديون آهن، يعني ڪي معاملا طئي ٿيل اصولن جي برعڪس مختلف هوندا آهن. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مذڪر مؤنث جي اصولن موجب آواز /آ/ تي ختم ٿيندڙ لفظ مذڪر هوندا آهن، پر ساڳئي آواز وارن ڪجهه لفظن کي اِستثنى (Exceptional( واري ڇُوٽ مليل آهي. مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو :
آواز / آ / تي ختم ٿيندڙمذڪر لفظ
صيغي جو استعمال لفظ (واحد)
منھنجو بابا بابا
هڪڙو خدا خدا
وڏو داتا داتا
منھنجو آقا آقا
سٺو راجا راجا
وڏو ادا ادا
پنھنجو پيشوا پيشوا
وڏو ديوتا ديوتا
3. آواز / اِ /ɪ (زير):/ اِ /سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ ٽيون آواز آهي، جيڪو زيــر جي اعراب Diacritic)) طور استعمال ٿيندو آهي. ’زيــر‘ جي آءِ پي اي جي نشاني ɪ آهي ۽ هي ’ننڍو سُر‘(Short Vowel) آهي. سنڌي ٻوليءَ جي مؤنث جي اصولن موجب لفظ جو آخري آواز / اِ / يعني زير هجي ته اهو لفظ تانيثي يعني مؤنث جي صيغي ۾ استعمال ٿيندو. اهڙي ريت اهو ساڳيو لفظ جمع جي صورت ۾ مٽجي آواز / يُون/ يا / اُون/ ۾ تبديل ٿي ويندو. مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو:
جمع (/ يُون /سان تبديلي) مؤنث لفظ (واحد)
اکيون اکِ
مکيون مکِ
متيون متِ
جُٺيون جُٺِ
لٺيون لٺِ
راتيون راتِ
باتيون باتِ
ماساتيون ماساتِ
هن قسم جي واحد جمع ۾ آواز / اِ / ۽ آواز / اَ / تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغي ۾ آواز / اُون /سان پڻ تبديل ٿين ٿا. مثال :
جمع (/ اُون /سان تبديلي) واحد
بسُون بسِ
ٽرڪُون ٽرڪِ
ٿُڪون ٿُڪ
ڄورون ڄورَ
4. آواز / اي /e:لفظ جو آخري آواز / اي/ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ پنجون آواز آهي، جيڪو ٻِٽي / دهري آواز Diphthong))طور استعمال ٿيندو آهي. هن آواز جي آءِ پي اي جي نشاني eآهي ۽ هي’ڊگهو سُر‘(Long Vowel) آهي. هن آواز سان سنڌي ۾ ڪوبه لفظ مذڪر يا مؤنث جي ذمري ۾ نه ايندو آهي. هي گهڻو ڪري لفظ جي حالت (Case) جي ڦيري سبب وجود ۾ ايندو آهي. مثال:
لاڙڪاڻو مھمان نوازيءَ ۾ مشھور آهي. لاڙڪاڻي جي مھمان نوازي مشھور آهي.
مٿئين پھرئين جملي ۾ لفظ لاڙڪاڻو، ٻئي جملي ۾ پنھنجي حالت جي ڪري مٽجي لاڙڪاڻي بڻجي ويو آهي. اها سندس حالت جري آهي. لفظ ’لاڙڪاڻو‘ کي ته مذڪر چئي سگهجي ٿو پر لفظ ’لاڙڪاڻي‘ کي ته مذڪر يامؤنث نه ٿو سڏي سگهجي. جنس تي ڪو فرق نٿو پوي. ماهرِ لسانيات واحد بخش شيخ، ان قسم جي آواز کي واو مجهول‘ ڪوٺي ٿو. )9)
5. آواز / اُ/ʊ (پيشُ):لفظ جو آخري آواز / اُ / سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجبسنڌي آوازن ۾ پنجون آواز آهي، جيڪو پيش/ ُ / جي اعراب Diacritic)) طور استعمال ٿيندو آهي. ’پيش‘ جي آءِ پي اي جي نشاني ʊآهي ۽ هي’ننڍو سُر‘(Short Vowel) آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي مذڪر جي اصولن موجب، لفظ جو آخري آواز / اُ / هجي ته اهو لفظ تذڪيري يعني مذڪر جي صيغي ۾ استعمال ٿيندو. اهڙي ريت اهو ساڳيو لفظ جمع جي صورت ۾مٽجي آواز / اَ/ (زبر) ۾ تبديل ٿي ويندو. مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو :

اجرڪَ اجرڪُ
ڪتابَ ڪتابُ
آوازَ آوازُ
درَ درُ
هٿَ هٿُ
قلمَ قلمُ
هر ٻوليءَ جي گرامر جي اصولن ۾ ڪجهه ڳالهيون اِستثنيٰ (Exceptional( جي ذمري ۾ اينديون آهن، يعني ڪي معاملا طئي ٿيل اصولن جي برعڪس مختلف هوندا آهن. جيئن مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي مذڪر مؤنث جي اصولن موجب، آواز /اُ/ (پيش) تي ختم ٿيندڙ لفظ مذڪر هوندا آهن، پر آواز /اُ/ (پيش) تي ختم ٿيندڙ ڪجهه لفظن کي اِستثنات Exceptional واري ڇُوٽ مليل آهي. مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو :
آواز / اُ / (پيش) تي ختم ٿيندڙ مؤنث لفظ
صيغي جو استعمال لفظ (واحد)
مسُ نيري آهي. مَسُ
کنڊُ مٺي آهي. کنڊُ
ننھن ۾ ڪِني مرُ آهي. مَرُ
توکي ڪھڙي ڪسُ ٿي لڳي. ڪسُ
منھنجي سسُ ڏنگي آهي. سَسُ
کڙُ گهاٽي آهي. کڙُ
لوهه کي ڪَٽُ لڳي آهي. ڪَٽُ
ٻوڙ ۾ رَسُ ٿوري آهي. رسُ
ڌاڳي جي تندُ سنھي آهي. تندُ
امڙ جي ٿَڃُ ملھاءِ ! ٿڃُ
قلم جي قطُ سنھي آهي. قطُ
خدا کي جندُ ڏيڻي آهي. جندُ
گوڏن ۾ مِکُ هوندي آهي. مِکُ
زندگي وِههُ جھڙي آهي. وِهُه
پساريءَ وٽ هِڱُ پئي آهي. هِڱُ
مينھن جي پِسُ گهاٽي آهي. پِسُ
گرميءَ ۾ پِتُ نڪتي آهي. پِتُ
ڇِنگُ تکي آهي. ڇِنگُ
رتُ ڳاڙهي آهي. رتُ
هي منھنجي اولاد آهي. اولادُ
پگهار ٿوري آهي. پگهارُ
مٿي ڏنل جدول جا آخري ٽي لفظ رتُ، اولادُ ۽ پگهارُ معياري لھجي موجب مذڪر آهن پر اِهي سموري سنڌ ۾ هڪجھڙا مُروج نه آهن، اتر سنڌ، خاص طور تي شڪارپور ۾ اِهي ٽيئي لفظ مؤنث آهن. انھن ٽنھي مختلف لفظن جي مؤنث هجڻ جو ذڪر ڀيرو مل آڏواڻي به ڪيو آهي. (10)
6.آواز / اُو/صوتياتي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جو آواز/ اُو/ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ ڇھون آواز آهي، ڊگهو آواز. هن آواز جي آءِ پي اي جي نشاني ʊː آهي ۽ هي’ڊگهو سُر‘(Long Vowel) آهي. آواز / اُو/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو / ئون/ آواز سان تبديل ٿي جمع بڻجي ٿو. لفظ جو آخري آواز / اُو / هجي ته اهو لفظ تانيث يعني مؤنث جي صيغي ۾ ايندو. اهڙا لفظ اگر واحد مذڪر هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اڪثر ڪري ساڳيا ئي رهن ٿا. ڪن صورتن ۾ اهي واحد / اُو/ جي ڊگهي سُرَ / اُو/ ۽ آواز ’اُون‘ ۾ تبديل ٿي ويندا.
مثال طور : آرزو - آرزوئون (اکيون آرزوئون، اکيون التجائون - شيخ اياز)
استعمال جمع صيغو واحد
منھنجي آرزُو آرزوئون مؤنث آرزو
سٺي گفتگُو گفتگو مؤنث گفتگو
ننڍو لاٽُون لاٽون مذڪر لاٽون
ڪچڙو آنڀُون آنڀو مذڪر آنڀو
مٺو آڙُو مٺو آڙُو مذڪر آڙُو
ڳاڙهو ڏاڙهُون ڏاڙهون مذڪر ڏاڙهون
ڊگهو موضُوع موضوع مذڪر موضوع
ماهرِ لسانيات واحد بخش شيخ، ان قسم جي آواز کي ’واو معروف‘ ڪوٺي ٿو. )11)
7.آواز / اَو/صوتياتي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جو آواز / اَو/ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ ستون آواز آهي، جيڪو ٻِٽي / دهري آواز Diphthong)) طور استعمال ٿيندو آهي. هن آواز جي آءِ پي اي جي نشاني əʊآهي ۽ هي’ڊگهو سُر‘(Long Vowel) آهي. سنڌيءَ ۾ ڪو به لفظ آواز /اَو/ تي ختم نه ٿيندو آهي. هي آواز تعداد ۾ تمام گهڻو قليل آهي. هي آواز ڪجهه لفظن جي منڍ ۾ اچي ٿو. مثال :
استعمال صيغو لفظ جمع لفظ واحد
سٺو دَور مذڪر دَورَ دَور
ٿورو غَور مذڪر غَور غَور
چاچا ڪَوڙو مذڪر ڪَوڙا ڪَوڙو
پاڻيءَ جوحَوض مذڪر حَوضَ حَوض
اڇو ڌَونرو مذڪر ڌَونرا ڌَونرو
سھڻو چَونرو مذڪر چَونرا چَونرو
اوچتو مَوت مذڪر مَوت مَوت
وڏو اَوجُ مذڪر اَوجَ اَوجُ
وڏي فَوجَ مؤنث فَوجون فَوجَ
پنھنجي مَوجَ مؤنث مَوجون مَوجَ
ٿوري/ٿورو کؤنر مؤنث کَونر کَونرِ
8. آواز / او/لفظ جو آخري آواز / او/ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ اٺون آواز آهي، جيڪو ٻِٽي / دهري آواز Diphthong)) طور استعمال ٿيندو آهي. هن آواز جي آءِ پي اي (IPA) جي نشاني:I آهي ۽ هي’ڊگهو سُر‘(Long Vowel) آهي. لفظ جو آخري آواز / او / هجي ته اهو لفظ تذڪير يعني مذڪر جي صيغي ۾ ايندو./ او/ تي ختم ٿيندڙ واحد جو صيغو، / آ / سان تبديل ٿي جمع بڻجي ويندو آهي. اهڙا لفظ اگر واحد هوندا ته اهي جمع جي صورت ۾ اچي / آ / جي ڊگهي سُرَ ۽ آواز ۾ تبديل ٿي ويندا. مثال طور :
جمع آواز / آ / واحد آواز /او /
طوطا طوطو
ڪوڪا ڪوڪو
جوتا جوتو
ٿنڀا ٿنڀو
کارا کارو
جوڙا جوڙو
ڀولا ڀولو
دلا دلو
گهوڙا گهوڙو
نيرا نيرو
نيرا نيرو
انڌا انڌو
ٻوڙا ٻوڙو
دوکا دوکو
ماهرِ لسانيات واحد بخش شيخ، ان قسم جي آواز کي ’واو مجهول‘ ڪوٺي ٿو. (12)
10. آواز / اِي/ɪ: لفظ جو آخري آواز / اِي/ سنڌي ٻاراڻي ڪتاب جي ترتيب موجب سنڌي آوازن ۾ ڏهون آواز آهي، جيڪو ٻِٽي/دوهري آواز Diphthong)) طور استعمال ٿيندو آهي. هن آواز جي آءِ پي اي (IPA) جي نشاني ɪːآهي ۽ هي’ڊگهو سُر‘(Long Vowel) آهي.
آواز /اِي / تي ختم ٿيندڙمؤنث لفظ
جمع واحد
تيليون تيلي
دريون دري
ڳاڙهيون ڳاڙهي
اڇيون اڇي
نيريون نيري
ڪاريون ڪاري
جهڳيون جُهڳي
پريون پري
گوليون گولي
روشنيون روشني
جهوپڙيون جهوپڙي
بتيون بتي
ڇوڪريون ڇوڪري
ٻنيون ٻني
ياديون ياد
ساڳئي آواز وارن ڪجهه لفظن کي اِستثنيٰ (Exceptional( واري ڇُوٽ مليل آهي.مثالن جي لاءِ هيٺ ڏنل جدول ڏسو :
آواز / اِي / تي ختم ٿيندڙمذڪر لفظ
صيغي جو استعمال لفظ (واحد)
منھنجو ساٿي ساٿي
پنجون حاجي حاجي
منھنجو ناٺي ناٺي
ننڍو هاٿي هاٿي
وڏو پوڄاري پوڄاري
ڪارو شڪاري شڪاري
سچو قيدي قيدي
وڏو منشي منشي
ٻوڙو ڪاسائي ڪاسائي
سٺو پکي پکي
سٺو فوجي فوجي
پھريون سپاهي سپاهي
ڊگهو مالھي مالھي
کارو پاڻي پاڻي
ميرو ڀنگي ڀنگي
چڱـو ڪڙمي ڪُڙمي
هڪڙو سوالي سوالي
ماهرِ لسانيات واحد بخش شيخ، ان قسم جي آواز کي ’ياي معروف‘ ڪوٺي ٿو. (13)
سنڌي ٻوليءَ ۾ جو مذڪر کي مؤنث ۾ تبديل ڪرڻ جا اصول
Rules of conversion of masculine into feminine in Sindhi language
هر ٻوليءَ وٽ مذڪر کي مؤنث ۾ تبديل ڪرڻ جا پنھنجا اصول آهن. اهي اصول ۽ قاعدا هر ٻوليءَ ۾ پنھنجي پنھنجي گرامر ۽ لسانياتي جوڙجڪ موجب مختلف ٿين ٿا. ڪجهه ٻولين ۾ ته مذڪر مؤنث جو تصور ئي ناهي، مثال براهوي ٻوليءَ ۾ لفظن جي جنسي تعارف جو تصور ناهي. اهو ئي سبب آهي جو اڪثر بروهي قبيلي جا ماڻهو سنڌي ڳالهائڻ دوران مذڪر مؤنث جو خيال نه رکي سگهندا آهن ۽ هڪ عورت اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پاڻ کي مذڪر جي صيغي ۾ چوندي آهي، ”مان وڃان ٿو“. ساڳي طرح فارسي ٻولي به مذڪر مؤنث جي جنسي تفاوت کان آجي آهي. حالانڪه فارسي زبان دنيا جي ترقي يافته ٻولين شمار ڪئي ويندي آهي. پر مذڪر مؤنث جھڙي عاليشان خوبيءَ کان خالي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ مذڪر کي مؤنث ۾ تبديل ڪرڻ جا اصول آوازن تي انحصار ڪن ٿا. مٿي ڄاڻايل ڪَڪِ پٽيءَ جي آوازن ۾ رود و بدل جي ذريعي مذڪر کي مؤ نث ۽ مؤنث کي مذڪر بنايو ويندو آهي.
پھريون طريقو:آواز / او / کي آواز / اِي / ۾ تبديل ڪرڻ ذريعي/ او/ آواز، مذڪر صيغي جو سنڌي ٻوليءَ جو عام اُچاريو ويندڙ آواز آهي. جنھن جا لفظ لغت ۾ بي شمار آهن، جيئن: ڪوڪو، ڳانو، گهوڙو، ڪوڙو، دڙو وغيره. هن آواز کي/ اِي / آواز ۾ مٽائڻ سان لفظ مؤنث بڻجي پوندو آهي.
آواز / او / کي آواز / اِي / ۾ تبديل ڪرڻ
مؤنث
آواز / اِي / مذڪر
(آواز /او/) مؤنث
آواز / اِي / مذڪر
(آواز /او/)
وڏي وڏو ڇوڪري ڇوڪرو
ننڍي ننڍو ٻڪري ٻڪرو
کٽي کٽو گهوڙي گهوڙو
مٺي مٺو ٻلي ٻلو
ڪوڙي ڪوڙو ڪُتي ڪُتو
ڳاڙهي ڳاڙهو انڌي انڌو
ميري ميرو ٻوڙي ٻوڙو
ڪاڪي ڪاڪو گونگي گونگو
چاچي چاچو ڪاري ڪارو
نيري نيرو چولي چولو
دِلي دِلو طوطي طوطو
راڻي راڻو جوڙي جوڙو
چولي چولو ڀولي ڀولو
ٻيون طريقو: آواز / اُ / (پيش) کي آواز / اِي / ۾ تبديل ڪرڻ ذريعي / اُ/ آواز پيش جو آواز آهي ۽ مذڪر صيغي جو آواز آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش جي پڇاڙيءَ وارن آوازن جي گهڻائي آهي. جيئن: انبُ، ڏنگُ، پنُ، ڪُڪڙُ، درُ، وغيره. لفظ جي آخر ۾ پيش وارن لفظن کي / اِي / آواز ۾ مٽائڻ سان لفظ مؤنث بڻجي پوندو آهي.
آواز / اُ / (پيش)کي آواز / اِي / ۾ تبديل ڪرڻ
مؤنث
آواز / اِي / مذڪر
آواز / اُ / مؤنث
آواز / اِي / مذڪر
آواز / اُ /
واهي واهُه ڪاتي ڪاتُ
انبڙي انبُ جهرڪي جِهرڪُ
ٻارڙي ٻارُ ڪبوتري ڪبوترُ
مَٽي مٽُ ڪاٺي ڪاٺُ
ڄٽي ڄَٽُ انبڙي انبُ
دري درُ ڪانويلي ڪانءُ
ٽيون طريقو: پيش (آواز / اُ /) کي زير (آواز / اِ /) ۾ تبديل ڪرڻ ذريعي سنڌيءَ ۾ پيش / اُ/ جو اُچار آهي ۽ مذڪر صيغي جو آواز آهي. جيئن: سالُ، گڏهُه، هرُ، ماساتُ، فصلُ وغيره. لفظ جي آخر ۾ پيش وارن لفظن کي آخر ۾ زير ۾ مٽائڻ سان لفظ مؤنث بڻجي پوندو آهي.
آواز / اُ / (پيش) کي آواز / اِ / زير ۾ تبديل ڪرڻ
مؤنث مذڪر مؤنث مذڪر
چورِ چورُ ماساتِ ماساتُ
ڪڪڙِ ڪڪڙُ سؤٽِ سؤٽُ
گڏهِه گڏهُه پُڦاٽِ پُڦاٽُ
ماروٽِ ماروٽُ
چوٿون طريقو:’ئڻ‘ ملائڻ ذريعي
’ئڻ‘ ملائي مؤنث ٺاهڻ
مؤنث مذڪر مؤنث مذڪر
جوڳڻ جوڳي شينھِڻ شينھُن
جتڻ جَتُ هاٿڻ هاٿي
سانئڻ سائين ڪاسائِڻ ڪاسائي
ڪولھڻ ڪولھي سپاهِڻ سپاهي
پنجابڻ پنجابي مالهِڻ مالهي
نانگڻ نانگ پوڄارڻ پوڄاري
پنجون طريقو:’ڻي‘ ملائي مؤنث ٺاهڻ
’ڻي‘ ملائي مونث ٺاهڻ
مؤنث مذڪر مؤنث مذڪر
سنگتياڻي سنگتي نوڪرياڻي نوڪر
سنڌياڻي سنڌي ڌوٻياڻي ڌوٻي
موچياڻي موچي کٽياڻي کٽي
فقيرياڻي فقير ساٿياڻي ساٿي
ڊاڪٽرياڻي ڊاڪٽر هارياڻي هاري
پرديسياڻي پرديسي واياڻي واڻيو
ڀيلياڻي ڀيلُ حاجياڻي حاجي
فعل سان استعمال ٿيندڙ اسمن جو مذڪر مونث: جيتوڻيڪ فعل جو مذڪر يا مؤنث نه ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ فعل پنجون بنيادي مصدر، اسم ۽ صفت جي استعمال صيغو مٽائيندو آهي. هيٺ ڏنل چارٽ ۾ ضميري پڇاڙين وسيلي فعل جاصيغا پيش ڪيا ويا آهن:
مذڪر جي صيغي ۾ مونث جي صيغي ۾ مصدر
استعمال پيش فعل استعمال زبر فعل
انبُ کاڌُم ’ڌ‘ تي پيش کاڌُم ماني کاڌَم ’ڌ‘ تي زبر کاڌَم کائڻ
مورُ ڏٺُم ’ٺ‘ تي پيش ڏٺُم ڊيلَ ڏٺَم ’ٺ‘ تي زبر ڏٺَم ڏسڻ
شربتُ پيتُم ’ت‘ تي پيش پيتُم چانھه پيتَم ’ت‘ تي زبر پيتَم پيئڻ
غزلُ لکيُم ’ي‘ تي پيش لکيُم ڪھاڻي لکيَم ’ي‘ تي زبر لکيَم لکڻ
بالُ ورتُم ’ت‘ تي پيش ورتُم گُڏي ورتَم ’ت‘ تي زبر ورتَم وٺڻ
آءُ ويندُس ’د‘ تي پيش وِيندُس آءُ وِيندَيس ’د‘ تي زبر وِينديَس وڃڻ
مان ويندُم ’د‘ تي پيش ويندُم مان ويندَم ’د‘ تي زبر ويندَم
حوالا
1. قرآن ڪريم، سورة الليل، آيت نمبر 3
2. www.oed.com/(oxford English Dictionary)
3. Beams John, Comparative Grammar of Modern Aryan languages of India, Vo-II, Page 46 (
4. Oxford Advanced Learner’s Dictionary, 7th Edition, Oxford University Press, 2005, Page 52
5. Oxford Advanced Learner’s Dictionary, 7th Edition, Oxford University Press, 2005, Page 783
6. https://www.google.com/search?q=animate+definition&rlz=1C1SQJL_enPK799PK799&oq=Animate&aqs=chrome.2.69i57j0j69i59j0l3.7802j1j8&sourceid=chrome&ie=UTF-8
7. (ڀيرومل، 1985: 27)
8. الانا غلام علي، ڊاڪٽر، سنڌي ٻوليءَ جو تشريحي گرامر، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، 2010، ص 30.
9. شيخ واحد بخش، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌيادبي بورڊ، 2006، ڇاپو ٻيو، ص 21
10. آڏواڻي ڀيرومل، سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، سنڌي ادبي بورڊ، 2004، ڇهون ڇاپو، ص 103،
11. شيخ واحد بخش، سنڌي ٻوليءَ جو صرف ۽ نحو، سنڌي ادبي بورڊ، 2006، ڇاپو ٻيو، ص 20
12. ساڳيو
13. ساڳيو