شاهه عبداللطيف جي ڪلام ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جون فڪري آراڌائيون
(A study of philosophical variations in the poetry of Shah Abdul Latif and Shaikh Ayaz)

هوش محمد ڀٽي/ ڊاڪٽر تهمينه مفتي
Abstract:

Shah Abdul Latif and Shaikh Ayaz both are outstanding poets of their age and represent socio-political radical metamorphosis in a philosophic syntax and idiom. Their poetic vision and wisdom invariably reflect multifarious hues and varied dimensions and focusing on these aspects enhances social consciousness. World’s renowned literary critics acknowledge Shah Abdul Latif as a Universal Poet. Shaikh Ayaz is also highly regarded as a Poet par excellence of the Twentieth century Sindh. He has been variously and vastly impacted by the contemporary literary movements, Marxism, Surrealism, Nationalism, Modernism, Classicism, Symbolism and Progressivism. Both of these poets of Sindh possess a unique individuality predicated on a superlative imaginative flight of fancy and a robust intellectualism. This article attempts to probe into their remarkable distinct poetic characteristics and variations.

شاهه لطيف ۽ شيخ اياز پنھنجي دؤر جا اهم شاعر آهن. جن پنھنجي دؤر ۾ سنڌي سماج ۾ سياسي ۽ سماجي اٿل کي فلسفياڻي انداز ۾ نه صرف پيش ڪيو پر مستقبل ۾ ايندڙ خطرن ۽ خدشن کان پڻ آگاهه ڪيو. سندن شاعريءَ ۾ موجود ڏاهپ ۾ سنڌي سماج جا ڪيترائي رخ ۽ رنگ نمايان آهن. جن کي اجاگر ۽ نروار ڪري سماجي شعور وڌائي سگهجي ٿو.
مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته: ”شاعر ۽ عالم لفظي يا لغوي معنيٰ موجب هڪ آهن. ٻنهي لفظن جي اصل معنيٰ ڄاڻندڙ آهي.“ (1)
شاعري ڪرڻ يا شعر لکڻ به پيغمبراڻي صفت آهي. شاعر به پنھنجي ڪلام ۾ انوکيون ڳالهيون ڪري وڏي ڄاڻ ڏيندا آهن.
شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ گوناگون رمزن، گهڻ پاسائون ڪلام، سرت ساڃاهه ۽ ان تي ٿيندڙ تحقيق، سنڌي سماج کي صدين کان اتساهيندي رهي آهي. سندس فڪري انفراديت ۽ نرالائپ ڪلام جي سڀني سرن جي شعرن ۾ چٽي ۽ پڌري آهي.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي دنيا جا مڃيل محقق، قديم ۽ جديد دور جو وڏو شاعر مڃي چڪا آهن. سندس شاعري ۾ عالم آشڪار فڪر کي، لطيفي پارکو ڏينھون ڏينھن وڌيڪ سمجهڻ ۽ پرجهڻ لاءِ تحقيق ڪري رهيا آهن. شاهه لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ اعليٰ انساني قدرن تي آڌاريل، امن، سلامتي، انساني ڀائپي، محبت، جدوجھد، انقلاب، حب الوطني ۽ صوفي ازم، ويدانيت ۽ انساني عظمت حاصل ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي. جيڪو هڪ اعليٰ مظھر ۽ سنڌ جو دائمي فڪري اثاثو آهي. شاهه لطيف کي پنھنجي سيھوڳي شاعرن ۾ هڪ الڳ قسم جي انفراديت عطا ڪندي، کيس انسان دوستي، امن ۽ سلامتي جي پيغامبر جي حيثيت ڏئي ٿو. شاهه عبداللطيف سنڌ واسين جي سڃاڻپ آهي. پر پنھنجي دؤر جي روايتي فڪر ۽ نظرين سان ٽڪر کائيندي پنھنجي د‍ؤر جي سماج جي نئين جنم جي عڪاسي ڪئي آهي. شاهه عبداللطيف نه فقط پنھنجي دور جو عظيم شاعر آهي بلڪه هو موجوده دور جو به مھان شاعر آهي، جنھن جو فھم ۽ ادراڪ اعليٰ ۽ آفاقي آهي. ڀٽائي پنھنجي اتم فڪر ۽ ڏاهپ سان سماج کي سمجهائڻ ۽ نئين دڳ لائڻ وارا بيت تخليق ڪيا آهن.
شاهه عبداللطيف جو ڪلام پڙهڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته هن قديم ۽ سکي ستابي سنڌ، لٽيرن جي ور چڙهيل سنڌ ۽ ماروئي جي آجائپ جا خواب ڏسندڙ سنڌ جي ترجماني، پنھنجي شاعريءَ وسيلي ڀرپور انداز ۾ ڪئي آهي.
شاهه عبداللطيف کان پوءِ، سندس فڪري ورثي جو پوئلڳ ۽ اعليٰ شاعري تخليق ڪندڙ، جديد سنڌ جو شاعر شيخ اياز آهي. جيڪو انهيءَ سنڌ ۾ جنم وٺي ٿو، جنھن آڏو سوين للڪارون ۽ قومي بقا جو سوال ڪر کنيو بيٺو آهي. هو پنھنجي انوکي ڏات ۽ ڏانءُ سان، لطيف سائين جي پيروي ڪندي، سندس ڪردارن کي نئين جوش، ولولي ۽ نئين ڍنگ سان پيش ڪري ٿو. هو سجاڳيءَ جو سڏ ڄڻ ورنائيندي، شاعري کي نئون روپ ۽ رنگ عطا ڪري ٿو. اياز پنھنجي دؤر جي سنڌ ۾، فڪري نواڻ جو هڪ الڳ سج اڀاريو ۽ شاعريءَ جا نوان باب رقم ڪيا آهن.
شيخ اياز، ويـھين صديءَ جي سنڌ جو هڪ وڏو ۽ شاهه لطيف جو پيروڪار شاعر آهي. هن شاهه لطيف جيان، جديد سنڌ جي سونھن جي ساک ڏيندڙ شعر چيا ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ڏاڍاين، سان گڏ، جر جھنگ، گلن، ٻوٽن، ڳوٺن ڳلين، واهڻن کيتن ۽ گاهن جي فطري سونھن کي ڳائيندي پنھنجي ڪلام ۾ ماضي جي ڪلاسيڪل روايتن کي قائم رکندي نئون ويس اوڍايو . شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعريءَ تي ان وقت جي حالتن، اعليٰ انساني قدرن تي ٻڌل تصوف جي فڪر ۽ ان جي لاڙن جهڙوڪ: وحدت الوجود، ويدانيت ۽ ٻين تحريڪن جو اثر واضع طور تي محسوس ڪري سگهجي ٿو.
شيخ اياز تي پنھنجي دؤر جديد جي ادبي تحريڪن اشتراڪيت، سرئيلزم، قومپرستيءَ، جديديت، ڪلاسيڪيت، علامت نگاري، ترقي پسنديءَ، شعور جو وهڪرو، سوشل رئيلزم، وجوديت ۽ ورهاڱي کان اڳ ۽ پوءِ واري سنڌ جي ماحول جو اثر ٿيو آهي، ٻنھي جي شاعريءَ ۾ اعليٰ انساني قدرن تي ٻڌل اتم فڪر شامل آهن، ٻنھي تي پوندڙ، سندن دؤر جي تحريڪن جي اثرن ڪري، هنن اعليٰ ڏات ڌڻين پنھنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ جو اعليٰ آدرشي پيغام، وجودي و قومي بقا وارو اونو ۽ جمالياتي فڪر انگيز شعر سرجيندا رهيا آهن. فقط پنھنجي سماج، پنھنجي ديس جي نه پر دنيا جي ٻين سماجن جي ڏکن ڏولائن کي به پنھنجي شعر ۾ آندو آهي.
ايمرسن جو قول آهي:
”مون کي جڏهن به جديد ادب کي سمجهڻو هوندو آهي ته مان اهو سمجهڻ لاءِ اول ڪلاسيڪي ادب پڙهندو آهيان.“(2)
شاهه لطيف ۽ شيخ اياز وٽ وسيع فڪري موضوع آهن. هنن ٻنھي جي شاعريءَ ۾ جديد فڪر، اتحاد انساني، امن عالم، ۽ ٻيا انساني قدر نھايت اوچي نموني موجود آهن. جڏهن ته شيخ اياز جي شاعري جديد نظرين ۽ سنڌ جي اساسي شاعري جو خوبصورت ميلاپ آهي، جنھن تي نه صرف سنڌ پر دنيا جا عالم به تحقيق ڪري رهيا آهن. هتي اها وضاحت ضروري آهي ته آراڌائين جو لفظ، سنڌ جي ٻين عالمن ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر محمد عمر چنڊ، ڊاڪٽر تھمينه مفتي به پنھنجي تحقيقي مقالن ۾ ڪتب آڻي چڪا آهن. پر هتي اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ڪلام ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موجود آراڌائين کي نروار ڪرڻ لاءِ هي تحقيقي موضوع چونديو آهي. جيئن سندن اعليٰ اتم ڪلام جو رخ پڌرو ٿي سگهي.
آراڌائين جي باري ۾ معروف عالم ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌي لغات ۾ هي معنائون ڄاڻايون آهن:
آرادو (ج) آرادا: صفت ]س. آراڌايه = اڪيلائي ۾ وهندڙ[ ع. علحده = الڳ[ اڪيلو- علحده- جدا- ڌار- الڳ- آراڌو- آراڌائي-ج- آراڌائيون: ث. علحدگي- وڇوڙو جدائي- ڦوڙائو فراق- (3)
آراڌو-(ج) آراڌا: ذ. صفت ]ع. علحده؛ سن. اراڌايه= اڪيلائي ۾ وهندڙ، الڳ جدا، آرادو عجيب، انوکو جنھن ۾ ڪنهن ٻئي جو حصو نه هجي. اڪيلو- خلاصو- نرالو ازغيبي- الک- محويت وارو- متفرق (ث) آراڌي. ج. آراڌايون(4)
هنن ٻنهي باڪمال شاعرن جو ڪلام هڪ جھڙو هوندي به ڌار ڌار آهي. جنھن منجهه آراڌو فڪر سمايل آهي.
شيخ اياز تي ڪافي تنقيد ڪئي وئي ته هو پاڻ کي شاهه لطيف سان ٿو ڀيٽي ته ڪن وري کيس”لطيف ثاني“ به چيو هو. پر اياز ڪڏهن اهڙي دعويٰ نه ڪئي بلڪه هو ڀٽائي جي ڳجهه کي ڳولڻ جي ڳالهه ڪري ٿو:
آڻ پڻيءَ تي پنھنجون پنبڻيون، که ۾ اکڙيون کول،
ڀٽ ڌڻي ڀرسان ويھي، پنھنجي ڳجهه کي ڳول. (اياز)
شاهه لطيف ۽ شيخ اياز سنڌ جي هر فڪري ڀاڱي، ٻوليِءَ جي حسناڪي، مختلف لھجي (Dialect) ۽ ثقافتي گڻن کي اجاگر ڪيو آهي.
شيخ اياز خود چيو آهي ته: ”جيڪڏهن ڪو به اهڙُو انسان آهي جنھن جي آدرش جي ڪسوٽي تي مان پورو سمجهان ٿو ته اهو ڀٽائي آهي. جڏهن به مون کي اهو احساس ٿيو ته منھنجي زندگيءَ هن جي پيغام سان نه ٿي ٺھڪي، تڏهن مان پنھنجي زندگيءَ کي اجايو سمجهندس. اهو ئي شاعر ۽ شخص آهي، جنھن جي زندگي ۽ شاعريءَ، منھنجي زندگيءَ ۽ منھنجي شاعريءَ تي بي انتھا اثر ڇڏيو آهي ۽ مان انھيءَ کان ئي سکيو هوس ته“:
طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا،
ڌڪي ڪندءِ ڌار، موتي ڏئي مٺ ۾. شاهه (2)
شيخ اياز وري چوي ٿو:
جو چاهين چونڊ تون، مڻيو تو ئي ماڳ،
ڀورا تنھنجو ڀاڳ، آهي تنھنجي وس ۾.
محمد ابراهيم جويي مطابق:
”اياز جي شاعري سنڌي ٻولي جو ڪرشمو آهي. ٻولين جا اهڙا ڪرشما جڳن کان پوءِ ٿيندا آهن.“(5)
اهڙي طرح هنن ٻنھي اهم ترين شاعرن جي فڪري آراڌائين کي سمجهڻ سان نه صرف اسان سنڌي سماج جي فڪري انفراديت پر ثقافت، تھذيب بلڪ نفسيات ۽ ادبي خوبين کان به واقف ٿي سگهنداسين. هنن عالم شاعرن جو فڪر جدا هوندي به مقصد ۽ پيغام هڪ ئي آهي.
هن موضوع تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اسان کي پنھنجي وقت جي نالي وارن سدا حيات شاعرن جي ڪلام مان فڪري، سماجي، تاريخي قدرن، روايتن ۽ ڏاهپ جو ڏس ملي ٿو.
شاهه لطيف ۽ شيخ اياز سنڌ جا ٻه وڏا ڪلاسيڪل شاعر آهن. شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اعليٰ انساني فڪر ۽ موضوع سندن هر شعر، بيتن ۽ واين جي ڪئنواس تي اعليٰ نموني چٽيل آهن. هنن ٻنھي وڏن شاعرن جي شاعريءَ جي هر ڏسا تي تحقيقي مطالعي مان اسان کي تاريخ، فلسفي، انسانيت، نفسيات، وطن پرستي، تصوف، عشق، محبت ۽ جدوجھد جو پيغام مليو آهي.هي هڪ نئون تحقيقي رخ آهي.
ڊاڪٽر عابد مظھر موجب:
”شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مڪمل شاعري صوفياڻي فڪر سان لاڳاپيل آهي. سنڌ جي هر پراڻي ۽ نڪور ادبي سرجڻھار شاهه جي شاعري کي نه ٿو پڙهي. تسيتائين هو تصوف کي سمجهي ئي نه سگهندو ۽ نه وري جديد ادب جي لاڙن کي ڇھي سگهندو. ڇاڪاڻ جو شاهه جي شاعري نه فقط ڪلاسيڪل صوفي مت جي شاعري آهي پر جديد فڪر جي پڻ نمائندگي ڪري ٿي. جنھن ۾ سماجي مسئلن جي مختلف پاسن کان جيڪا شاعري ڪيل آهي، سا هڪ جديد سوچ رکندڙ سياسي ۽ سماجي مفڪر جي ئي ٿي سگهي ٿي. شاهه جي شاعري جو اڄ به سنڌي سماج تي اثر جيئن جو تيئن قائم آهي.“ (6)
شاهه عبداللطيف ۽ شيخ اياز جي وقت ۾ سنڌي ٻوليءَ، قوميت، ۽ ڪلچر جو مسئلو ساڳيو ئي نظر اچي ٿو. ٻنھي جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي جيڪي خطرا درپيش هئا اهي ساڳيا لڳن ٿا. شاهه لطيف جي وقت ۾ مغلن جي دؤر ۾ فارسي جو تسلط هو ته شاهه ان جي مخالفت ڪندي سُر آسا ۾ چوي ٿو:
جي فارسي سکيو، گولو توءِ غلام،
اڃيو ته آب گهري، بکيو تان طعام،
جو ٻڌو ٻن ڳالهائين، سو ڪئين چوائي ڄام،
ايءُ عامن سندو عام، خاصو منجهان نه ٿيو. (شاهه)
اهڙي طريقي سان جڏهن شيخ اياز جي دؤر ۾ سياسي طرح اردو (هندي) ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي سنڌي جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو ته ان تي اياز چيو:
پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان! جڏهين چوندين ”ماءُ“،
توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻئي ٻولي ڪٿي؟ (اياز)
ڊاڪٽر شازيه پتافي مطابق:
”شيخ اياز ڪميٽيڊ شاعر هو. هو پنھنجي ذميدارين ۽ قلم جي طاقت ۽ عظمت کان چڱي طرح واقف هو. هو هڪ سپاهيءَ وانگر سڄي زندگي ماڻهن جي سماجي، سياسي، معاشي، معاشرتي ۽ سڀ کان وڌيڪ ذهني غلاميءَ خلاف وڙهندو رهيو.“(7)
شاهه عبداللطيف مڙس ٿي وڙهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ پٺتي ڀڄڻ واري کي نندي ٿو جيئن سر ڪيڏاري ۾ هئين چيو اٿس:
ڀڳو آءُ نه چوان، ماريو، سين وسهان،
ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا سيڪيندي سونهان،
ته پڻ لڄ مران، جي هونس پٺ ۾ . (شاهه)
شيخ اياز اها ئي وڙهڻ واري ڳالهه نئين انداز سان هئين ڪري ٿو، هو پٺتي وڃڻ ۽ ڀڄڻ وارن کي بھادري سان وڙهڻ جو درس ڏئي ٿو. سُر ڪيڏاري مان هي بيت:
سدا آيا سنڌ ۾، نوان نادر شاهه،
ڪانهي ڪا تاريخ ۾ ويڙهه سوا ڪا ٻي واهه،
متان سوچو ساهه، متان موٽو ماڳ کان. (اياز )
شاهه لطيف جون سورميون تصوف ۽ تمثيلي انداز ۾ پيش ٿيل آهن جن جي وسيلي تصوف جي نازڪ نقطن کي سمجهايو آهي ۽ انسان جي جدوجھد جي رخن کي به ظاهر ڪيو آهي. شيخ اياز انھن سورمين کي پنھنجي انداز ۾ ۾ پيش ڪيو آهي. جئين هو سهڻي کي پڪي گهڙي ٺاهڻ جو چئي جدت بخشي ٿو.
شاهه لطيف جي ڪلام ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جمالياتي آراڌائيون پڻ موجود آهن. جماليات فلسفي جي هڪ شاخ آهي. جنھن ۾ حسن ۽ ان سان لاڳاپيل موضوعن کي بيان ڪيو وڃي ٿو. ماهرن حسن لاءِ الڳ نظريا ڏنا آهن. اسان شاهه عبداللطيف ۽ شيخ اياز جي نظريه حسن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين. شاهه لطيف وٽ حسن ۽ خوبصورتي جو منفرد تصور ۽ معنائون آهن جڏهن ته شيخ اياز وٽ انھن جي ترجماني مختلف انداز ۾ ڪئي آهي. شاهه لطيف جسماني خوبصورتيءَ کي ايتري اهميت نٿو ڏئي پر شيخ اياز جسماني حسن کي نمايان طور بيان ڪيو آهي. اياز جي حسن جو تصور سگمنڊ فرائيڊ جي ڏنل جنس واري نظريي مطابق آهي. شاهه وٽ پنھنجي صوفياڻي معنيٰ ۽ تصور آهن. پر لطيف سائين ڪٿي ڪٿي جسماني حسن کي به تشبيھي انداز ۾ پيش ڪيو آهي جئين هن شعر ۾ شاهه مارئي جي ٽور کي وڄ جي واراڪن سان ڀيٽي ٿو.
اڀريو آس ڪري ساڻيهه مٿان سج،
پکي هيٺ پدمڻي، ڪرڏي وراڪا وڄ،
جھڙي صورت سج، تھڙي مورت مارئي.
(شاهه)
ستيءَ ڳالهه سئي، سرتين سنجڻ ڇڏيو،
ماروئڙن کي محلن ۾، اڳي ڪا نه هئي،
عمر آءُ مئي، ان اڀاليان اڳهين.
(شاهه)
شيخ اياز وري سر مارئي ۾ ان کي هن طرح لکي ٿو:
ٽڙي ڪاري اُس، سورج مکي جئين،
ڏک ڏسي مان تئين، سرسي ٿيان سونھن ۾.
(اياز)
اڄ نه کوهي نار، نه هو گهڙا چيلهه تي،
ائٽ اڃارا، وينگس ڇاتي ڇوڙن وار،
ڪؤڙي سج نھار، ورت سوڙ اس ۾.
(اياز)
شاهه عبداللطيف، حسن کي آزادي سڏي ٿو. قيد ڪيل ماروي پاڻ کي ميري منھن واري ۽ بي سوھين ٿي ڀاسي.
سونھن وڃايم سومرا، هتي اچي هاڻ،
ڪئين لهندم ڪاڻ، حسن هتي ويو.
(شاهه)
شيخ اياز جي مارئي وري قيد، ڏک ۽ مصيبت ۾ اچي وڌيڪ خوبصورت ٿي وڃي ٿي. مک موتيءَ جهڙو ٿي پويس ٿو. جڏهن مرد قيد ۾ رهي بھادر ٿي سگهي ٿو ته عورت ڇو نه عورت به قيد ۾ اچي سورمي بڻجي سگهي ٿي.
سونھن نه ويندي سومرا! ڏان ڏئي ٿو ڏک؛
موتي جھڙو مک، اڳ کان اڳرو ٻري.
(اياز)
سونھن وڃايم سومرا، سکر جھڙي سونهن،
دل ۾ دکي دونهن منھنجو منھن ميرو ٿيو.
(شاهه)
جئن جئن تنهنجي جاڙ، تئن مان سرسي سونھن ۾،
اڀري مٿ پھاڙ، چنڊ لڳي جئين چيٽ جو.
(اياز)
ڊاڪٽر شازيه پتافي موجب:
”شيخ اياز جو اجتماعي غلامي وارو دؤر هو. هن پاڪستان ٺھڻ کان اڳ واري غلامي ۽ پوءِ آزادي جي نالي ۾ غلامي کي ڏٺو هو. کيس فيض احمد فيض وانگر احساس هو ته هيءُ اها صبح ناهي، جنھن جو انتظار هو، جنھن جي لاءِ ماڻهن بي انتھا قربانيون ڏنيون هيون.“ (8)
جيئن لطيف صدين جي تاريخ کي پنھنجي ڪلام ۾ سمويو آهي اياز به هن جيان پنھنجي تاريخ ۽ فڪر کي پنھنجي ڪلام ۾ سموئڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ سندن ڪيل شاعريءَ دؤرجو داستان ٻڌائي ٿي. انهن ۾ هڪجھڙائپ هوندي به، تشبيھن، استعارن ۽ رمزن جو استعمال ڌار ٿيل آهي. شاهه لطيف پنھنجي دؤر جي Status-quo کي قائم رکندي پنھنجي ڪلام ذريعي جمود کي ڀرپور نموني ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هڪ نئين سنڌ جو خواب اڻي ان جي تشڪيل ڪئي. شيخ اياز، ان فڪر ۽ پيغام جو وڏو شارح ۽ مفسر ٿي جديد سنڌ جي تشڪيل ڪندي، نون روين جي روايت وجهي ٿو.
ڪجهه شاهه ڏني، ڪجهه شيخ ڏني،
هن سنڌڙي کي صورت، لوڪو!
(اياز)
ڪڪر برج پرين، جت سڄڻ سرهيون ڪن،
مندائتي مينهن جون جهلون ٿيون جهلن،
آءُ پڻ ان مٿان تن، شل انڊلٺ ٿي اڀان.
(شاهه)
سنڌ جي فڪري تشڪيل ڪندڙ، هنن مھان ڪوين جي ڪلام ۾، سنڌ جي صدين جي شعور جو پڙاڏو آهي. اهو فڪري پيغام جو ورثو شاهه لطيف کان ٿيندو، اياز تائين اچي ٿو. شيخ اياز شاهه جي نظريي جي هڪ عظيم سپهه سالار شاعر جيان پوئواري ڪندي حفاظت ڪري ٿو.
تاج جويي مطابق:
”سائين جي ايم سيد ۽ شيخ اياز، هڪ ئي مٽ مان مڌ پيتو هو. سنڌ جي هن پنج هزارن سالن جي شعور مان سرڪيون ڀريون هيون. شاهه لطيف ٻنھي جو رهبر هيو.“ (9)
سنڌ جي ان هزارن سالن جي ساڃاهه کي جتي شاهه لطيف سنواري نروار ڪيو ان جي پيروي ڪندي، شيخ اياز اها ئي راهه چونڊي ۽ سنڌ جو مھان ڪوي شاعر ٿيو. شاهه لطيف لاءِ اياز چئي ٿو:
ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنھنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون! (اياز)(4)
شيخ اياز، شاهه لطيف کان انتھائي متاثر هو. ان مان عشق جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان جي کوڙ ڪتابن جا نالا شاهه لطيف جي بيتن تان کنيل آهن. سنڌ ڌرتيءَ جي ٻاٻهي ٻوليءَ، ڪلچر، تھذيب سان ڀٽائي جي عشق جيان شيخ اياز به ان ئي ديوانگي ۾ سرشار هو.
شيخ اياز، پنھنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته: ”مان ڀٽائي جي پيرن جي خاڪ، جي ڀٽائي نه هجي ها ته منھنجي شاعريءَ وجود ۾ ڪئين اچي ها.“ (10)

ٻئي هنڌ پنھنجي ڪتاب ”ڪونجون ڪرڪن روهه تي“ جو انتساب ڪندي لکيو اٿس؛
”تون پارس آءُ لوهه، سڃين ته سون ٿيان. تنھنجي جتي جي مٽي-شيخ اياز“
شاهه لطيف پنھنجي دؤر ۽ ان کان صدين پراڻن شاعرن جو اثر ورتو ۽ کيس صدين جي تاريخ جي واقفيت هئي.شاهه لطيف تي ڀڳت ڪبير ۽ ٻين شاعرن جو اثر ظاهر ظھور آهي. شيخ اياز به دنيا جي تقريبن سڄي ادب کي اٿلائي پٿلائي، پنھنجي تخيل ۾ ولوڙيو ۽ ان جون جهلڪيون سندس ڪلام ۾ نمايان آهن. هن دنيا جي هر مظلوم جي ڳالهه ڪئي جئين :
جنھن وقت به ڪنهن جو طوق ٽٽو،
مون ائين سمجهيو ڄڻ منھجي گردن آجي ٿي.
(اياز)
سُر نارائڻ شيام ۾ ڀڳت ڪبير سان گفتگو ڪندي چوي ٿو:
ساري رات ڪبير سان، تون مون ڳالهايو،
ڌرتي امبر ٿي وئي اهڙي پر ڳايو.
ور ور ورجايو، نياپو هن جي ننيهن جو.
(اياز)
يونان جي فلسفي هراڪليٽس ڪائنات جي باري ۾ نظريو ڏنو ته ڪائنات ۾ ڪجهه به دائمي (permanent) نه آهي شيون تبديلي جي عمل ۾ آهن، ڪجهه به دائمي نه آهي، سواءِ تبديلي جي عمل جي. اياز ان جي پوري فلاسافي کي پنھنجي هڪ شعر ۾ بيان ڪيو آهي.
لھر اها ئي لھر ڪٿي آ،
گذري ويو جو پھر ڪٿي آ.
شاهه لطيف به وقت ۽ تبديلي جي حوالي سان پنھنجو خيال پيش ڪيو آهي:
غافل! غفلت ڇوڙ، تون ڪيئن اڻاسي اوجهرين،
چپاتا چڙهي ويا، وڃي پهتا توڙ،
نيڻن ننڊ اکوڙ، جم ورن ۾ واڪا ڪرين.
شيخ اياز، ماضي جي تسلسل کي اڄ جي دؤر سان ٺھڪائيندي، سنڌي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي جئين هو چوي ٿو:
ساڳي ڳالهه چئي بُلي، ڀٽائي!
تو جا لنوائي، ٻوڙي ٻوجهه سين. (اياز)
شاهه عبداللطيف جو روميءَ سان لڳاءُ هو. ڀٽائي پنھنجي شعرن ۾ روميءَ جي واکاڻ ڪئي آهي، سر يمن ڪلياڻ ۾ چوي ٿو:
طالب ڪثر، سونھن اي روميءَ جي رهاڻ،
پهرين وڃڻ پاڻ، پسڻ پوءِ پرين کي.
نويد سنديلي موجب: شاهه سائين جيان شيخ اياز پڻ زندگي جي اعليٰ مقصدن ۽ قدرن جي ڳالهه ورجائي ورجائي ڪري ٿو. محبت جا قدر پئسي ڏوڪڙ ۽ شين جي حاصلات کان گهڻو مٿانهان آهن.“ (11)
نتيجا: هن تحقيقي مقالي جو تعلق سنڌ جي اساسي ۽ جديد سنڌ سان آهي سنڌ جو اساسي ادب ۽ جديد سنڌي سماج جو عڪس ۽ اولڙو آهي. ادب، ٻوليءَ، يا ثقافتي تاريخ پڙهڻ يا تحقيق ڪرڻ سان توهان ان جي سماج جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. شاهه عبداللطيف، جاگيرداري سماج ۾ رهندي تمثيلي ڪردار کڻي، کين پنھنجي ڪلام ۾ سرجيو. ان جي ڀيٽ ۾ شيخ اياز وٽ ترقي پسند قدر آهن ۽ ڪردار به ان دؤر جديد جا آهن.
1. هن موضوع تي تحقيق ڪرڻ سان شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي فڪري آراڌائين تي روشني وڌي وئي.
2. هن موضوع وسيلي آيل فڪري نواڻ کي سمجهڻ ۾ مدد ملي آهي.
3. هن تحقيق جي وسيلي فڪري آراڌائين جي اپٽار سان، ان وقت جي تاريخي، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي تحريڪن ۽ لاڙن جي پڻ ڄاڻ حاصل ٿيندي.
4. شاهه ۽ شيخ اياز جي فڪري آراڌائين وسيلي لطيف ۽ اياز جي فڪري ۽ فني رخن تي روشني پوندي ۽ ان انداز جي تحقيق جو لاڙو وڌندو.
5. شاهه عبداللطيف ۽ شيخ اياز جي بيتن تي ڪيل اهڙي فڪري آراڌائين واري تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ وسيلي گهربل تحقيق جو ڪنھن حد تائين پورائو ٿيو آهي.
6. هن موضوع تي اهڙيءَ تحقيق ٿيڻ کان پوءِ ٻين سنڌي اساسي شاعرن تي ٿيندڙ تحقيقي ميدان ۾ وڌيڪ دلچسپي وڌندي.
7. شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي بيتن جو تحقيقي اڀياس نھايت ئي ڳوڙهو ڪم آهي، جنھن سان ٻنھي شاعرن جي شاعريءَ جي فڪري نرالائپ جي وڌيڪ ساڃاهه ۽ پرجهه حاصل ٿي آهي.
8. هن تحقيق سان شاعريءَ جي حوالي سان هڪ نئين موضوع جو اضافو پڻ ٿيو آهي.

حوالا
1. قليچ مرزا بيگ، شعر جو شرف ۽ شان، مھراڻ، شاعري نمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1991ع.
2. لڇمڻ ڪومل، وهي کاتي جا پنا، پيج_571-روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو،2015ع.
3. جامع سنڌي لغات جلد اول- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، 1960ع، ص- 38- ڪالم- ٻيون.
4. جامع سنڌي لغات جلد اول- سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، سنڌ، 1960ع، ص- 39- ڪالم- پهريون.
5. جويو تاج، مان ورڻو هان مان ورڻو ها، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد سنڌ، 2000ع، ص 23.
6. عابد مظهر ڊاڪٽر، امرتا-شاهه ڀٽائيءَ جي صوفياڻي شاعريءَ جو جديد شاعري تي اثر، شاهه لطيف نمبر، حيدرآباد، مارچ 2011ع، ص-283.
7. شازيه پتافي ڊاڪٽر، هي متوارو جيءُ جيارو_شيخ اياز، ڪينجهر تحقيقي جرنل، شمارو 13، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سال 2010ع، ص_162
8. ساڳيو، ص_157
9. جويو تاج، مان ورڻو هان مان ورڻو ها، مارئي اڪيڊمي سڪرنڊ/حيدرآباد سنڌ، 2000ع، ص 14.
10. شيخ اياز، ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2008ع.
11. ساڳيو.
12. نويد سنديلو، شيخ اياز جي غزلن جا تخليقي رخ، ڪينجهر تحقيقي جرنل، شمارو
13. سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سال 2016ع، ص_96
1681 ڀيرا پڙهيو ويو