ڪرشن راهي جي شخصيت ۽ سندس تحريرون
(A Study of the Personality and Writings of Kirshen Rahee)

ڊاڪٽر سنڌيا چندر ڪندناڻي
Abstract:

A poet, story writer, essayist and critic: Krishen Rahee needs no introduction in literary circles of Sind as well as Hind. He was born on 25th January 1932 and passed away on 16th April 2007. His full name was Krishen Sundar Das Wichhani. His wife, Maya Rahee is also a great writer of Sindhi language. After partition, Krishen Rahee was compelled to migrate to India with the members of his family. After doing bachelor in Arts (B.A) from University of Bombay, he bound a job and began to write literary works. Krishen also remained associated with ‘Sindhi Sahat Mandal’. His poetry as well as prose contains various colors of beautiful description of patriotism, realization of human relations, and passionate love for the people of Sind. A glance at his literary labor reveals that he has produced small but standard literary writings. In all, his five books have been published. This article presents a study of the poetry and prose of Krishen Rahee.

ڪرشن راهي، هڪ بيباڪ، شعله بيان، اُتم ويچار رکندڙ شاعر، ڪھاڻيڪار، مضمون نگار ۽ نقاد آهي، هنڌ/سنڌ جي ادبي کيتر ۾ سندس نالو ڪنھن تعارف جو محتاج ناهي. سندس جنم 25 فيبروري 1932 ۾ ٿيو. سندس پورو نالو ڪرشن سندر داس وڇاڻي آهي. هن ابتدائي تعليم سنڌ ۾ ورتي، پر ورهاڱي کانپوءِ سندس ڪٽنب سنڌ ڇڏي ڀارت ۾ آباد ٿيو.
ورهاڱي بعد، ڪرشن راهي مٽن مائٽن سوڌو اچي ممبئي شھر وسايو. ڪرشن راهي، ممبئي يونيورسٽيءَ مان بي.اي جي ڊگري حاصل ڪئي، جلد ئي کيس ’بابا ائٽامڪ ريسرچ سينٽر‘ ۾ نوڪري ملي. نوڪريءَ دوران ئي هن ڪھاڻيون لکڻ شروع ڪيون. سندس شروعاتي ڪھاڻين اخبارن ۽ مئگزين جي سونھن ته وڌائي پر اڳتي هو ادبي دنيا جو ناميارو ساهتڪار ليکجڻ لڳو. ڪرشن راهي ’سنڌي ساهت منڊل‘ جو سرگرم ميمبر رهيو، جنھن جو بنياد ممبئيءَ ۾ منگهارام ملڪاڻيءَ وڌو هو. ”اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا“ جي بانيڪارن ۽ ٻين ڪيترن ئي ساهتڪارن طرفان، سنڌي ٻوليءَ کي قومي زبان طور تسليم ڪرائڻ لاءِ 1950 کان 1966 تائين هڪ زوردار هلچل هلي. انھيءَ سٿ ۾ ڪيترن ئي ساهتڪارن حصو ورتو، جن ۾ اي .جي. اُتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوڀند مالھي، پوپٽي هيراننداڻي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، سندر اگناڻي، لڇمڻ ڀمڀاڻي، ڪلا پرڪاش، لال پشپ، موهن ڪلپنا، لڇمڻ ڪومل، لکمي کلاڻي، ڪرشن راهي ۽ ٻيا پڻ ساڃاهه وند شامل هئا، جن جي جدوجھد سان، نيٺ ڪاميابي نصيب ٿي. ڪرشن راهي، پنھنجي اباڻي وطن ۽ ٻوليءَ جي اڪير ۾ شاعري پڻ ڪئي، اها شاعري وطن جي سڪ سان سرشار آهي. ڌرتيءَ لاءِ اتساهه جو عڪس هيٺ ڏنل شعر مان واضع پسي سگهجي ٿو:
وطن جي لاءِ جان گهوري، پوءِ به ٿوري،
سنڌين جان نه گهوري، وطن گهوري آيا،
وطن گهوري آيا، هاڻي رت رُئن،
پنھنجا وري پسڻ لاءِ تن جا نيڻ سڪن،
ماڻهو هت به ٿين، پر اسانجا ڪي ٻيا هئا. (1)
ڪرشن جي هن گيت ۾ حب الوطني، وڇوڙي جو درد پيڙا ۽ سنڌ جي رهواسين لاءِ انتھائي محبت جا خوبصورت رنگ ملن ٿا. ڪرشن وطن لاءِ جان گهورڻ جو اعلان ڪري ٿو. سچل سائين وانگي سچ جي پرچار ڪري ٿو. هي گيت جڏهن ساهتڪارن پڙهيو ۽ ٻڌو هو. تڏهن اُن وقت هن گيت تي تنقيد به ٿي ۽ چئو ٻول پڻ متو هو. حالانڪ شاعر، گيت ۾ سچائي، شفاف آرسي جيان صاف ۽ چٽو سچ چيو آهي. پاڻ واحد شخص هو، جنھن ايتري بي باڪيءَ سان سچائي پيش ڪئي. گنشيام واسواڻيءَ جي مڌر آواز ۾ هي گيت رڪارڊ پڻ ٿيو.
هو سنڌي ٻوليءَ جو سچو عاشق هو- هندوستان ۾ 10 اپريل 1967ع ڌاري سنڌي ٻوليءَ کي اٺين شيڊول تي قومي زبان طور تسليم ڪيو ويو ۽ سنڌي اديبن جي دلي مراد پوري ٿي، ڪرش راهي شعر توڙي نثر وسيلي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت دل ۽ جان سان ڪئي آهي.
سنڌي ادب جي نامياري ليکڪا مايا سان ڪرشن راهيءَ جي ملاقات ادبي ڪلاس ۾ ٿي، جيڪا پريم ۾ تبديل ٿي. جلد ئي سندن شادي ٿي وئي، هڪ پٽ ۽ ٻن ڌيئن جي پيدائش بعد، سندن ڪٽنب مڪمل ٿيو.
مايا راهي پنھنجي ور جي وڇوڙي بعد هن وقت پٽ سان گڏ رهندي آهي. 6اپريل 2007ع ڌاري ڪرشن راهيءَ هي جھان ڇڏيو، ڀارت جي کيتر ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيو جيڪو اڃا تائين ڀرجي نه سگهيو آهي.
سندس ساهتڪ پونجي (ادبي سرمايي) تي نظر وجهبي ته ڪرشن راهيءَ ٿورو گهڻو جيڪو به لکيو آهي اهو معياري ادب لکيو. سندس فقط پنج ئي ڪتاب شايع ٿيل آهن. سي پنج ئي’گنج‘ سمان آهن:
1. ’لڙڪ ۽ مرڪ‘ 1956 جيڪو سندس پھريون ڪھاڻين جو مجموعو آهي.
2. ’ڪماچ‘ 1969- شاعريءَ جو مجموعو
3. ’وسڻ سندا ويس‘1987 - شاعريءَ جو مجموعو
4. ’ورق سڀ وسار‘ 2003- ادبي مقالا تنقيدي ليک
5. ’پيھي ويو پڙلاءُ‘ (شاعري)
پر بد قسمتيءَ سان سندس لکيل آخري ڪتاب هو پاڻ ڪونه ڏسي سگهيو، سندس ڪتاب ”پيھي ويو پڙلاءُ“ بيسٽ سنڌي سڀا پاران، 2009ع ۾ سندس دنيا ڇڏي وڃڻ بعد شايع ڪيو. ڪتاب جو عنوان خود ڪرشن راهيءَ جو ئي چونڊيل آهي، جنھن ڪتاب جي شروعات ۾ سندس مشھور گيت ”وطن جي لئه جان، گهوري پوءِ به ٿوري“ کان علاوه ’نالي سنڌ جي‘ عنوان هيٺ تمام بھترين شعر اٿس. ان ۾ سنڌ ڀوميءَ جي قديمي عاليشان سڀيتا جي ساراهه جون سرڪيون ڀريندي سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ مالڪ کان دعا ٿو گهري:
جيئن جيئن شال سدائين!
جيئن جيئن شال سدائين!
منھنجي سھڻي سنڌ سٻاجهي جيئن شال سدائين!
جيئن جيئن شال سدائين!..... (2)
سنڌي ساهت جي ٻين جوڙن جيان ڪرشن راهي ۽ مايا راهيءَ جو به خوبصورت جوڙ رهيو. 2004ع ڌاري، سنڌ جو سفر ڪري موٽيا. ڪرشن راهيءَ ڪجهه سفر جا ننڍڙا ننڍڙا حسين ورق ته شامل ڪيا آهن. پر گڏوگڏ ڏکوئيندڙ ۽ اکين ۾ آب آڻيندڙ منظر به لکيا. موجوده سنڌ جي حالتن کان واقف ڪرائيندي، هن هر شھر ۾ مُوئن جو دڙو ڏيکاريو آهي. شاعر سنڌ جو منظر هن ريت ٿو اظھاري:
مون کان نه پڇ ته سنڌ ۾ مون ڇا وڃي ڏٺو،
هڪ خواب هو شيشي جيان پٿر تي ڄڻ ڪريو.!
هر کنڊر ۾ دفن پُراڻو ڪو شھر هو،
هر شھر ۾ نئون هو ڪوئي کنڊر کڙو !
اڳ۾ ته صرف هڪڙو مُئن جو دڙو ئي هو،
هاڻي ته شھر شھر ۾ مئن جو هو دڙو،
ماڻهو سڀئي پنھنجي پنھنجي گهر ۾ قيد ها.
هڪ خوف هو آزاد جو هر طرف پئي گهميو ! .(3)
سندس هن ڪتاب ۾ 60 غزل، رباعيون، گيت، قطعا ڇيڄ، جهمر، لاڏا، لولي، وائي، ڪافي، بيت ۽ سورٺا شامل آهن. ڪرشن راهيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڪماچ“ جنھن جو عنوان پڙهندي ئي شيخ اياز جو بيت ياد ٿو اچي، جيڪو شاهه صاحب جي سر سورٺ تي آڌارت آهي.
”مان ئي ٻيجل آهيان، مان ئي راءِ ڏياچ،
منھنجو ڪنڌ ڪماچ طلبي پيو تند ۾“ (4)
شاهه صاحب ٻيجل جي ساز جا ڪيترائي نالا ڏسيا آهن، ڪرشن راهي پڻ ٻيجبل جي سرتان متاثر ٿو ڏسجي، جو هُن پنھنجي ٻئي مجموعي جو عنوان، ”ڪماچ“ رکيو آهي. جيڪو ڪتاب 1969ع ۾ شايع ڪرايو. 1971ع ۾ مرڪز ساهتيه اڪادمي کيس وڏي انعام سان نوازيو. جڏهن ته سندس گهر واري مايا راهي کي پڻ گذريل سال ساهت اڪادميءَ جو ساڳيو ايوارڊ عطا ٿيو، ڪرشن راهي جا پنجن ڪتابن جيان فقط پنج ئي سورٺا لکيل آهن. پر اُنھن سورٺن ۾ شاعر ڳوڙهي مڻيا سمائي آهي ۽ ماترائن جي ڳڻپ ۾ به ڪونه ٿو گسي، سورٺي جي روايت جي حساب سان پھرين ۽ ٽئين چرڻ ۾، 11 ٻئين ۽ چوٿين ۾ 13 جڏهن ته رديف ۽ ڪافيا به وڏي ڍنگ سان استعمال ٿو ڪري مثال لاءِ هت اُهي پنج ئي سورٺا ڏيڻ ضروري ٿو سمجهجي، جيئن پاٺڪن (پڙهندڙن) کي به احساس ٿئي ته هو ڇند شاشتر جي اصولن جو ڄاڻو هو.
عاشق جو اُهڃاڻ، اُلڪو، اوسيئڙو،
ٿو وڃيس وسري پاڻ، ٻين سندي سار ۾،
عشق آه رات ڪاري، تارا ٿين عاشق،
عاشق لئه انڌاري، عشق جي لاءِ سوجهرو،
عشق ته آهي اڙاهُه عاشق اُڀا اُن ۾،
ڪي سڙي وڃن جئن گاهه ڪي ته پچن جيئن گهڙا،
عشق آهي ازلي اُڃ، پيئندي پڌري ٿئي.
آهي انڪري ئي رڃ، رکيل انھيءَ راهه ۾.
عشق آهه واريءَ پنڌ، تکيءَ وک ته نه وڌندين،
هڪ ته اکئين ايندءِ انڌ، ٻيو ريت ۾ ن راهه. (5)
پنھنجي اباڻي وطن جي ڇڪ ۽ سڪ سدائين ساهتڪارن کي وڌيڪ ستائي ٿي، جيڪا سندن شعر يا نثر مان ظاهر ٿئي ٿي، شاعر يا ليکڪ، عوامي امنگن جي ترجماني ڪري ٿو، سڀ ماڻهو قلم وسيلي پنھنجا احساس اظھاري نه ٿا سگهن، پر هڪ ساهتڪار جي قلم ۾ وڏي طاقت آهي، جيڪو قلم وسيلي تاريخ جا ڪيترائي ورق جوڙي سگهي ٿو.
سنڌ جي مارئي جا ڳڻ ڳائيندي، وري وطن ورڻ لاءِ هڙ ئي ساهتڪار آتا رهيا آهن، جنھن جو اظھار شاعر ڪرشن راهي به هڪ نظم ۾ لکيو:
مون کي اهڙو ڏي ڪو ڏس ڙي ميان
ڪيئن موٽي پنھنجي ملڪ وڃان
ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ٿا گذرن
راتيون روئندي روئندي ڪٽجن
اُٿندي ويھندي ياد ڪريان
ڪيئن موٽي پنھنجي ملڪ وڃان
وطن وڃائي ڪھڙو جيئڻ آ
پل پل دم دم زهر پيئڻ آ
روز جيئان روز مران
ڪيئن موٽي پنھنجي ملڪ وڃان.
مارن مون کي ڇڏيو سھسائي
موٽڻ هاڻي مشڪل آهي
پوءِ به اها آس رکان
ڪيئن موٽي پنھنجي ملڪ وڃان (6)
ڪرشن راهي، گهڻو ڪري شاعريء جي هرهڪ قسم تي طبع آزمائي ڪئي آهي سندس ڪيترائي بيت، غزل، وائي، نظم، نثري نظم، لاڏا، لولي گيت، قطعا، رباعي ٻيا پڻ. ڏسو سندس غزل جو هڪ مثال:
رهيا جنھن نه درياهه کي ها ڪنارا،
ٻڏي ويا اُنھيءَ ۾ اسان جا سھارا،
نظر لئه ته منظر گهڻي ئي ها ليڪن،
اکين ۾ به پوشيده ها ڪي نظارا. ( 7)
شاعر، ڪرشن راهي جي ڪتابن ۾ اسان کي ڪيترا بھترين غزل ملن ٿا جڏهن ته سندس غزل بلڪل نيمن انوسار ۽ انھي گهرائيءَ سان رچيل آهن. سندس غزل تي سرسري نظر ورائڻ مان خبر پوندي ته غزل سان پڻ هن بھتر طور نباهيو آهي. غزل ۽ موضوعن جي ڏس ۾ شاعر ڪرشن راهيءَ جو چوڻ آهي ته:
”مان غزل گو شاعر ته ناهيان، البت غزل مون به چيا آهن. غزل جي روايتي موضوعن مئخاني، شمع پرواني يا وصل فراق وغيره جو مان شروع کان ئي قائل نه رهيو آهيان. ان ڪري منھنجي غزل ۾ انھن چيزن جو ذڪر ڇڊو پاڊو يا نه هئڻ جھڙو آهي. جتي آهي، اُتي به اُن روايتي مفھوم ۾ ناهي. زندگي وسيع آهي روايتي موضوعن جيان غير حقيقي ۽ هٿرادو ناهن ڏسڻ لاءِ نظر هئڻ گهرجي ۽ سمجهڻ لاءِ نڪته نظر. منھنجي غزل ۾ ان ڪري اوهان کي نظر سان گڏ نڪته نظر ۽ جذبي سان گڏ منطق جو به احساس ٿيندو“.(8)
شاعر ورهاڱي جو ڪارڻ ۽ ورهاڱي جي درد ۽ پيڙا جو احساس هن ريت اظھاري ٿو:
پرانت پرانت جي سياسي سرحد
مذهبه، جاتيءَ ۽ ٻوليءَ جا پنھنجا پراوا !
اسان جي جان مال ۽ عزت آبروءَ جي حقيقي حفاظت
چورن لٽيرن ۽ غنڊن بدمعاشن جي حوالي آهي (9)
سندس شاعريءَ جو هڪ ٻيو مثال ڏسو! جنھن جو عنوان ”دهشت ڪار“ آهي جنھن ۾ شاعر دهشت ڪارن تي طنزي وار ڪندي لکي ٿو:
ملڪ محبت سان ٺھندا آهن
نفرت سان ڊهندا آهن
تون نفرت سان
پنھنجو ٺھيل ديش ڊاهي
پنھنجو اڏيل گهر اُجاڙي
ڪھڙو نئون گهرآباد ڪندين ؟
ڪھڙو نئون ملڪ اڏيندين ؟ ( 10)
ڪرشن ساڳي وقت سياست تي بھترين ڍنگ سان طنزي واري انداز ۾ چوي ٿو:
ووٽ ڏيڻ
عقلمند جي بيوقوفي آهي!
۽ ووٽ نه ڏيڻ
بيوقوف جي عقلمندي آهي!
ڄاڻان ٿو
ته انسان هڪ ئي وقت
عقلمند ۽ بيوقوف
ٿي نه ٿو سگهي
پر ڏسان ٿو
ته چونڊن وقت
انسان هڪ ئي وقت
عقلمند ۽ بيوقوف بڻجي ٿو (11)
هن نظم ۾ شاعر عوام کي ووٽ ڏيڻ/ چونڊن وقت، وڏي سوچ ويچار لاءِ پيغام ڏنو آهي ۽ آخري ٽن سٽن ۾ سياست جو سڄو فلسفو سمايو آهي.
ڪرشن راهي انگريزيءَ ۾ پڻ نظم لکيا، کيس انگريزي تي به سٺو عبور حاصل هو:
To cast the vote
Is folly of the wise
And not to cost the vote
Is wisdom of the fool.
I Know
One cannot be wise and fool
At the same time
But I see that
One becomes wise & fool
At the time of elections.
)Krishan Rahi) (12(
تنھن کان پوءِ سندس ٻيو شاعريءَ جو مجموعو ’وسڻ سندا ويس‘ 1987ع ۾ ڇپيو، جنھن ۾ پڻ عوام کي روشن مستقبل جا خواب ڏيکاري چوي ٿو ته:
سياست جي جاءِ شرافت وٺندي!
نه ڪا پارٽي نه ڪا ٽڪيٽ هوندي!
اُميدوار جي چونڊ
گڻ ۽ لياقت تي ٿيندي ! (13)
شاعر جو آشاوادي نظريو هن شعر ۾ پڙهڻ لاءِ ملي ٿو. شاعر سياست، راڄنيتي مان به شرافت جي اُميد رکي ويٺو آهي.
ايشور هو، الله هو
تيستائين هو،
جيستائين
ڌرم، مذهب پيدا نه ٿيو هو !..(14)
ڪرشن راهي ايڪتا جو سنديش به سھڻي نموني اظھاري ٿو ”ورق سڀ ويچار 2003“ هن مجموعي ۾ ڪرشن راهي 30،35 سالن دوران جيڪي به مقالا ادبي ادارن، مختلف ڪانفرسن ۽ پروگرامن ۾ پڙهيا تن سڀني مقالن جو گڏيل مجموعو آهي، جنھن ۾ جملي 11 مقالا سنڌي آهن، جڏهن ته ٽي مقالا انگريزيءَ ۾ شايع ٿيل آهن. انھن مقالن ۾ همعصر ادب ۽ شاعريءَ جو جائزو ورتو ويو آهي. جڏهن ته انگريزي جي انھن ٽنھي مقالن مان ڄاڻ پوي ٿي ته ڪرشن راهي جي نه فقط سنڌي ٻوليءَ تي دسترس هئي پر کيس انگريزيءَ تي پڻ عبور حاصل هو. سندس انھن مقالن جا سڀ عنوان پڙهڻ جوڳا آهن:
1. سنت ڪوي سامي
2. بيوس جي شاعري
3. ورهاڱي کانپوءِ سنڌي شاعري
4. سنڌي شاعريءَ ۾ نوان آواز
5. سنڌي شاعريءَ جا بدلجندڙ روپ
6. اڄ جي سنڌي شاعري
7. نارائڻ شيام جي ڪوتا جو ڀاو سنسار
8. سنڌي شاعريءَ ۾ نظم جو گهاڙيٽو
9. سنڌي غزل اڳي ۽ هاڻي
10. سنڌي ساهت سرحد جي هن پار ۽ هُن پار
11. ڀارت جي قومي ٻولين جي نسبت سنڌي ساهت جو درجو
12. Trends in Sindhi Poetry
13. Saint Literature in Sindhi
14. contemporary Sindhi Poetry
انھن مقالن جي مطالعي سان، ڪرشن راهي جي اونھي اڀياس جي ڄاڻ پوي ٿي، هرهڪ مقالي مان سندس گنڀيرتا ۽ سنجيدگي نمايان آهي. انسان زندگيءَ ۾ ڪشمڪش ڪندي، جڏهن جيون جي آخرين ڏاڪڻ تي پھچي ٿو ته هن فاني دنيا کان مڪتيءَ تائين پھچڻ لاءِ پاڻ کي ٿڪل مسافر وانگي، آرام لاءِ دنيا کان پري ڪٿي ايڪانت ڳولھڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اهڙو ئي ڪجهه احساس پڻ شاعر ڪرشن راهي جي ٿڪل قلم مان ڪجهه هن ريت ظاهر ٿئي ٿو:
ائين ٿڪجي پيو آهيان
ڄڻ پنڌ ئي پنڌ ڪيو اٿم
جسم ته ڇا، روح به ٿڪجي پيو آهي
ڪٿي وڃي ڪو آرام ڪجي
ڪجهه وقت ئي سھي
جتي هن سڀ ڪجهه واري دنيا جو
ڪجهه بھه نه هجي ! .... (15)
ڪرشن راهي هڪ حساس شاعر ۽ نثر نويس هو، سندس شاعري قومي شعور سان سرشار، جاڳرتا جو ڏس ڏئي ٿي، هو هڪ اهڙي سماج جو خواب ڏسي ٿو جيڪو اڻ برابري ۽ انياءُ کان پاڪ آهي. اڄ ڪرشن راهي اسان سنڌي ساهتڪارن کان جسماني طور تي تمام پري وڃي چڪو آهي پر هو پنھنجي تحريرن وسيلي، احساساتي طور تي اسان جي ويجهو موجود آهي.

حوالا
1. راهي ڪرشن، ”پيھي ويو پڙلاء ۾“ بيسٽ سنڌي سڀا، ڀارت، 2009ع، ص: 09
2. ساڳيو، ص: 11
3. ساڳيو، ص: 12
4. شيخ اياز ”ڪپر ٿو ڪُن ڪري“، روشني پبليڪيشن، 2007ع، ص 123.
5. راهي ڪرشن، ”پيھي ويو پڙلاء ۾“ بيسٽ سنڌي سڀا، ڀارت: 2009ع، ص: 120
6. راهي ڪرشن ”ڪماچ“ پبلشر ڪرشن راهي، 1969ع، ص: 17
7. راهي ڪرشن، ”وسڻ سندا ويس“ سيتر پرڪاش، ڀارت 1987ع، ص: 16
8. راهي ڪرشن، ”پيھي ويو پڙلاء ۾“ بيشٽ سنڌي سڀا، ڀارت، 2009ع، ص: 8
9. راهي ڪرشن، ”وسڻ سندا ويس“ سيتر پرڪاش ڀارت، 1987ع، ص: 73
10. ساڳيو، ص: 71
11. ساڳيو، ص: 46
12. راهي ڪرشن، ”ورق سڀ ويچار“ ڪرشن راهي پبلشر، ڀارت 2003ع، ص: 22
13. راهي ڪرشن، ”وسڻ سندا ويس“ ستيه پرڪاش 1969ع، ص: 37
14. ساڳيو، ص: 77
15. ساڳيو، ص: 75.

902 ڀيرا پڙهيو ويو