جديد دور۾سنڌي ٻوليءَجي ترقي ۽ان کي درپيش مسئلا
(Development of Sindhi language and Problems Confronting It in Modern Age)
ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو
Abstract:
The article discusses the computational linguistics, natural language processing development, and language problems of Sindhi in the modern age. The Sindhi language is an indigenous language and it is read, written, and spoken in several countries of the world by Sindhi people. There is a good number of newspapers, magazines, social websites, blogs, and libraries, etc., that are available online in the Sindhi language which provide a large amount of data for research، corpus development, and linguistics analysis. This research study presents the computational linguistics and natural language process development as well as language and linguistics problems of Sindhi language to know the masses the current status of the language.
Keywords: Globalization; Sindhi Language; Computational Linguistics; Development; Problems.
خلاصو: عالمگيريت ۽ ڊجيٽل دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت، لسانياتي ترقي، خاص طور ڪمپيوٽيشنل لسانيات، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي رابطن ۾ ٿيندڙ ترقي ۽ ان کي ڊجيٽل دور جي حوالي سان درپيش مسئلن تي ويچارڻ جي ضرورت آهي، ته جيئن سنڌي ٻوليَء جي موجوده حالت ۽ درپيش مسئلن کي عالمگيريت جي حوالي سان سمجهي سگهجي ۽ مسئلن جي حل لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ وٺي سگهجن.
تعارف: ٻولي نه صرف ڳالهائڻ ۽ رابطي جو هڪ وسيلو آهي، پر ٻولي هڪ مڪمل نظام آهي، جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي ملاوٽ، يا بگاڙ ان نظام کي متاثر يا ختم ڪري سگهي ٿي. ٻوليءَ جا داخلي ۽ خارجي ذريعا ٿين ٿا، جيڪي سماج سان سئون سڌو ڳنڍيل رهن ٿا. جڏهن ڪا ٻولي ختم ٿي ويندي آهي ته اها پاڻ سان گڏ لاڳاپيل سماج ۽ قوم جي سڃاڻپ کي به ختم ڪري ڇڏيندي آهي. اقوام متحده جي هڪ رپورٽ مطابق هن وقت دنيا ۾ تقريبن 6000 ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، جڏهن ته سوين ٻوليون مري چڪيون آهن يا ختم ٿي چڪيون آهن ۽ تقريبن 43 سيڪڙو ٻوليون ختم ٿيڻ تي آهن . ٻوليءَ جي ماهرن اڳڪٿي ڪئي آهي ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ ترقي ۽ عالمگيريت جي ڪري ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ٻولين جي اڪثريت مري ويندي يا ختم ٿي ويندي. ٻولي جي ختم ٿيڻ ۽ مري وڃڻ ۾ فرق اهو آهي ته :
(1) جن ٻولين جو هڪ به ڳالهائيندڙ نه آهي ۽ نه ئي انهن جي لکت جو ڪواستعمال آهي ته انهن ٻولين کي ختم ٿيل ٻولي چئجي ٿو.
(2) جن ٻولين جا ڳالهائيندڙ موجود نه آهن، پرانهن ٻولين جي لفظن جو ڀنڊار يا ڪارپس (Corpus ) موجود آهي ته اهي مئل ٻوليون سڏجن ٿيون.
دنيا ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي ختم ٿيڻ يا مري وڃڻ جي مرحلي ۾ آهن جيڪي ڪجهه ڏهاڪن ۾ ختم ٿي وينديون يا مري وينديون. ٻوليءَ کي ٺاهيندڙ به عام لوڪ هوندو آهي ۽ ختم ڪندڙ يا بگاريندڙ به عوام هوندو آهي. جن قومن جون ٻوليون ختم ٿي ويون آهن، اهي قومون يا ته ختم ٿي ويون آهن يا پنھنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺيون آهن ۽ صرف نالي ماتر زندھ آهن.
’ڪنھن به سماج ۾ ٻوليءَ جو اهم ڪردار هوندو آهي، تنھنڪري سماج کي مختلف رخن کان پرکڻ جو بھترين طريقو ان سماج ۾ ڳالهائينجندڙ ٻوليءَ کي پرکڻ ۽ ان جو مختلف رخن کان سائنسي طريقي موجب تجزيو ڪرڻ آهي. سماج ۽ ٻولي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن تنھنڪري سماجي تبديليون ٻوليءَ تي ۽ ٻوليءَ جون تبديليون سماج تي اثر ڪن ٿيون. سماجياتي لسانيات جا ماهر ان اثر کي پرکي ان تي مختلف رخن کان ڪم ڪن ٿا، جنھن جي عالمگيريت جي دور ۾ گهڻي اهميت آهي‘ (1).
جيئن ته عالمگيريت هڪ وڏو ۽ عالمگير سماج جوڙي رهي آهي جنھن جو ڍانچو به عالمگير سطح جو آهي، تنھنڪري ان سماج جي ٻولي ۽ لسانيات جي ساخت به عالمگير آهي. اهي ٻوليون، جن جي لسانياتي ساخت مضبوط ۽ موجوده دور جي ضرورتن، ذريعن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي گهرجن مطابق جديد هوندي، سي ٻوليون هن نئين جڙندڙ سماج ۾ مڪمل ڪامياب هجڻ سان گڏ زنده به رهنديون، ڇاڪاڻ ته نئون عالمگير سماج، جنھن جو بنياد ٽيڪنالاجيءَ تي آهي، تمام گهڻو تيز ۽ جديد آهي، جنھن ۾ سماجي ساخت جا نوان يا جديد طريقا ۽ نظريا استعمال ڪيا وڃن پيا. اهو ئي سبب آهي جو سماجيات جا ماهر سماجي لسانيات ۽ لسانياتي ساخت تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي رهيا آهن .
موجوده دور ۾ ڪمپيوٽر سائنس، انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ترقيءَ سبب تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن. مختلف قسم جا وکر، شيون، رويا، لھجا، ثقافتون جلدي جلدي تبديل ٿي رهيون آهن. اهي تبديليون ٻوليءَ جي ساخت ۽ ان جي سماجي گهرجن تي به اثر ڪري رهيون آهن، تنھنڪري سماجي ماهر لسانياتي ساخت کي اهم سمجهندي ان جي ترقي ۽ واڌ ويجهه تي عالمگير گُهرجن مطابق ڪم ڪري رهيا آهن. هاڻي سماجي ساخت وارا نظريا، لسانياتي ساخت ۾ تبديل ٿيندا وڃن پيا، جنھنڪري هن دور کي لسانيات جو دور ڪوٺيو وڃي ٿو. موجوده دور ۾ عالمگير ڳوٺ يا عالمگير سماج جوڙڻ لاءِ تيزيءَ سان ڪم ٿي رهيو آهي، جنھن ۾ سڀ کان اهم ڪردار ڪمپيوٽر مشين، انٽرنيٽ، ويب 2.0، انفرميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻيون مختلف قسم جي رابطن جون ٽيڪنالاجيون ادا ڪري رهيون آهن. جنھنڪري سيڪنڊن اندر رابطو ۽ مختلف قسم جي متن وغيره جي ونڊ يا پھچ ٿي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح حڪومتي، واپاري، سماجي، سائنسي، سياسي، خانداني ۽ عالمي مسئلا وغيره ترت حل ٿي وڃن ٿا يا انهن جا اطلاع ۽ لاڳاپيل متن ۽ لفظن جا ڀنڊار (Text corpora) سيڪنڊن ۾ ٿوري يا گهڻي فاصلي وارين جڳھن تي پھچي وڃن ٿا. ان سلسلي ۾ اي ميل (e-mail)، سماجي رابطن جا ڄار (Social Media)، ڳالهه ٻولهه جا ذريعا، ويبسائيٽون وغيره تمام گهڻو اهم آهن. اهي سڀ ذريعا سماج کي نئين ساخت يا ڍانچو ڏئئي رهيا آهن. انهن سڀني عملن جو ذريعو ۽ بنياد لسانياتي ساخت ۽ سماجي لسانيات آهي.
سنڌي ٻوليءَ جي ترقي: موجوده دور ۾ هر شيءِ ڊجيٽل ٿيندي وڃي پئي، ايتري تائين جو جيڪو اسان لکون ٿا، پڙهون ٿا يا ڳالهايون ٿا اهو به ڊجيٽل ٿي رهيو آهي. هن وقت ٻولي ۽ لسانيات تي گهڻو ڪم ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ٿي رهيو آهي، جنھنڪري ڪيترائي ڪمپيوٽرائزڊ اوزار ٺاهيا وڃن پيا، جيڪي دنيا جي ٻولين کي ڊجيٽل ڪن ٿا. انگريزي زبان ته مڪمل ڊجيٽل ٿي چڪي آهي، جڏهن ته دنيا جون ٻيون ٻوليون به گهڻو اڳتي نڪري چڪيون آهن، جيڪي ڪمپيوٽر تي آسانيءَ سان پراسيس ٿي وڃن ٿيون. اها اسان جي خوشنصيبي آهي جو سنڌي ٻولي به ڊجيٽائيزيشن جي مرحلي ۾ آهي ۽ تيزيءَ سان ڊجيٽائيز ٿي رهي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪمپيوٽر جون ايپليڪيشنز، هٿراڌو ڏاهپ جي اوزارن ۽ الگوريٿم جي بنياد تي ٺاهيون ويون آهن ۽ اڃا ڪيتريون ئي ٺھن پيون. سنڌيءَ ۾ آنلائين لائيبرريون به موجود آهن، جيڪي گهر ويٺي سنڌيءَ ۾ لکيل مشھور توڙي نوان ايندڙ ڪتاب مفت ۾ مھيا ڪن ٿيون. آنلائين ۽ آف لائين او سي آر، (اکر شناس) اسپيچ ٽو ٽيڪسٽ ( آواز تي لکت جُڙڻ) تي به ڪم هلي رهيو آهي. جڏهن ته گوگل ڪارپوريشن دنيا جي ٻين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ به ترجميڪاري واري نظام ۽ آن لائين ’او سي آر‘ تي ڪم ڪري رهي آهي. وڪي ٽنگز هڪ عالمي غير سرڪاري تنظيم آهي، جنھن دنيا جي 400 کان مٿي ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي به پنھنجي عالمي ڊيٽابيس ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن سنڌي سميت دنيا جي مڙني محفوظ ٿيل ٻولين کي مرڻ يا ختم ٿيڻ کان بچائي سگهجي . يونيورسل ڊپينڊنسي ۽ يونيورسل گرائمر لاءِ پڻ سنڌي ٻولي چونڊي وئي آهي جنھن تي ڪم جاري آهي .
’ان سان سنڌي ٻولي، عالمگير انساني ٻولين جي سٿ ۾ شامل ٿي ويندي، جيڪا خودڪار نظام جي ذريعي دنيا جي سموري ٽيڪنالاجيءَ جو پاڻمرادو حصو ٿي ويندي ۽ سوين ’ٽري بينڪس‘ (Treebanks) جي ذريعي ’ٽيگ‘ (Tag) ٿيندي ۽ ان جي پارسنگ (Parsing) ٿيندي. سوشل ميڊيا جي سمورن اوزارن ۽ مختلف ويبسائيٽن تي سنڌي ٻوليءَ جو ڀرپور استعمال ڪيو وڃي پيو، جنھن سان هر قسم جو سنڌي ڪارپس يا لفظن جو ذخيرو محفوظ ٿي رهيو آهي، جيڪو عالمي توڙي قومي تحقيقي ادارن ۽ لسانيات جي ماهرن کي گهڻو فائدو ڏئي رهيو آهي. هن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سنڌي ڪارپس تي تحقيق ٿي رهي آهي ‘(2) .
سنڌي ٻوليءَ تي ماضي ۾ ڪمپيوٽيشنل لسانيات (Computational Linguistics) ۽ نيچرل لينگوئيج پروسسنگ (Natural Language Processing) جي حوالي سان تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي، جنھنڪري ھي ٻولي ڪمپيوٽر ايپليڪيشنس جي ٻولين جي فھرست ۾ گھٽ نظر اچي رھي آھي. ان کان سواءِ ڳولا جي نظام (Search Engines)، ڄاڻ جي حصول (Information Retrieval) ۽ ترجمي واري نظام ۾ به پٺتي رهي آهي. پر هن وقت سنڌي ٻوليءَ تي ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئج پروسيسنگ جي حوالي سان بھتر طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترائي هٿراڌو ڏاهپ جا نظام (Artificial Intelligent Systems) جوڙيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لينگوئج پروسيسنگ جا اوزار آنلائين ڪيا ويا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
’ھي اوزار سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ لفظن، جملن ۽ نشانين کي سمجهن ٿا، انهن کي جدا ۽ آزاد لفظن ۽ نشانين سان ظاھر ڪن ٿا، لفظن کي ڪائناتي گرائمر (Universal Grammar)، پين ٽري بينڪ (Penn treebank) ۽ سنڌي گرائمر مطابق نشان لڳائين ٿا، لفظن کي ٽوڙي، انهن جون اڳياڙيون ۽ پڇاڙيون هٽائي انهن جا بنيادي لفظ ڪڍن ٿا، جيڪي ڳولها جي نظام ۽ ڄاڻ جي حصول لاءِ اهم آهن، لفظن ۽ جملن مان ليما (Lemma) ڪڍن ٿا. ليما لفظ کي مڪمل ڪري پيش ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح سنڌي متن يا جملن مان احساس ڳولڻ ۾ به مدد ڪري ٿو ته جيئن انهن جو بھتر تجزيو ڪري معلوم ڪري سگهجي ته اھي جملا مثبت آھن ؛ منفي آهن يا نيوٽرل.‘ (3)
ان کان سواِءِ ليما ترجمي ڪرڻ واري اوزار يا نظام ٺاهڻ لاءِ پڻ اهم ۽ ضروري آهن. سنڌي ٻوليءَ لاءِ لفظن جو ڄار (WordNet) پڻ ٺاهيو ويو آهي، جيڪا حقيقت ۾ ھڪ وڏي ڪاميابي آھي، ان سان سنڌي ٻولي دنيا جي مختلف ٻولين جي لفظن (اسم، صفت، ظرف ۽ فعل) سان پنهنجو پاڻ ڳنڍجي وڃڻ سان گڏ ترجمو به ٿي ويندي.
’اهي سمورا خودڪار ڪمپيوٽرائزڊ اوزار سنڌي متن جي ڀاڃ (Tokenization or segmentation) ڪري ان کي جدا جدا لفظن ۾ پيش ڪرڻ سان گڏ انهن لفظن کي ڳالهائڻ جي ڪائناتي قاعدن مطابق نشان لڳائين ٿا، ان سان گڏ و گڏ سنڌي متن يا ٽيڪسٽ کي فقرن (Phrases) ۾ پڻ ورهائين ٿا‘ (4).
سنڌي ٻوليءَ جا ڪارپس (لفظي ذخيرا) ۽ لسانيات مطابق ڊيٽا سيٽ (Dataset) ٺاهيا ويا آهن، جن ۾ سنڌي لفظن جا گرائمر مطابق نشان، صرفيه صورتن مطابق حيثيت، فعل مطابق حيثيت، لفظن مان نڪرندڙ احساس وغيره شامل آهن. انهن ڪارپس ۽ ڊيٽا سيٽس (2)، (3) جي ڪري سنڌي ڪارپس تي قومي ۽ عالمي سطح تي تحقيق ڪرڻ جا دروازا کلي رهيا آهن.
ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي دنيا کي بدلائي رھي آھي. ھن وقت دنيا جي ظاھري يا جسماني بناوٽ ورچولائيزيشن طرف وڃي رھي آھي، جنھن ذريعي اڳتي ھلي شايد دنيا جي موجوده بناوٽ به بدلجي وڃي. ان ترقيءَ ۾ دنيا جي ٻولين کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ وارو قدم به ھڪ اھم اڳڀرائي آھي.
’ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مختلف قسمن جون ٻوليون ۽ پروگرام استعمال ڪري انساني يا قدرتي ٻولين جا مسئلا حل ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٽيڪسٽ کي مختلف قسمن جي ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لئنگئيج پروسيسنگ جي مخلتلف عملن لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ته جيئن لفظن جي ڳولا، ترجمي ڪرڻ جي نظام، ڄاڻ جي حصول وغيره لاءِ انهن لفظن کي يعني ليما کي استعمال ڪري سگهجي‘ (5).
موجوده دور ۾ نيچرل لئنگئيج پراسيسنگ جي شعبي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪم جملن يا ڪارپس ۾ موجود احساسن کي ڳولڻ، انهن کي ماپڻ ۽ انهن جي تجزيي تي ٿي رھيو آھي. ان سلسلي ۾ مشين يعني ڪمپيوٽر کي سکيا ڏئي ماھر ڪيو وڃي ٿو ته جيئن اھو ماڻهن جا احساس، رايا ۽ سوچون سمجهي انهن جو تجزيو ڪري سگهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ان موضوع تي ڪڏھن به ڪم نه ٿيو هو. پر مون ان ڪم کي اھم سمجهندي پھريون دفعو سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود جذبن، احساسن ۽ راين تي ڪم ڪيو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪمپيوٽيشنل لسانيات جي اصولن مطابق انٽيليجنٽ سسٽم (Intelligent system) ٺاهيا آهن (6) ته جيئن ڪمپيوٽر آسانيءَ سان سنڌي جملن يا ڪارپس کي ڪمپيوٽيشنل لسانيات مطابق تجزيو ڪري سگهي ۽ ان ۾ موجود احساسن ۽ راين کي سمجهي سگهي ۽ انھن جو تجزيو ڪري سگهي، اهڙيءَ طرح ڊجيٽل سماج سان گڏ هلي سگهجي. هن نظام (Sentiment Analysis System) جي ڪري مختلف وکرن ، سياستدانن ۽ ادارن وغيره جي باري ماڻهن جي راين ۽ احساسن کي آساني سان ماپي سگهجي ٿو .
سنڌي ٻوليءَ کي در پيش مسئلا: جيتوڻيڪ ٽيڪنالاجي سطح تي سنڌي ٻوليءَ تمام گهڻي ترقي ڪري رهي آهي پر اندروني طور ٽُٽي به رهي آهي، جنھنڪري سنڌي ٻوليءَ جي وجود تي ڪجهه منفي اثر پئجي رهيا آهن. سنڌي ٻولي تي جيڪي منفي اثر پئجي رهيا آهن اهي وري سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ يا ماري ڇڏڻ جي عمل ۾ مدد ڪري رهيا آهن. اهي اثر ٻين ٻولين، ثقافتن، عالمگيريت ۽ ٽيڪنالاجيءَ سبب ۽ انهن کان متاثر ٿيڻ جي ڪري ٿين ٿا. اهي اثر سنڌي ٻوليءَ ۾ تبديلي جو سبب بڻجي رهيا آهن جيڪي اڳتي هلي ٻوليءَ کي وڏو نقصان به ڏئي سگهن ٿا. انهن اثرن مان ڪجهه اثر هيٺ بيان ڪجن ٿا.
(1) عالمي سطح تي ڳالهائجندڙ ٻولين يا’ لنگئا فرئنڪا‘ (Lingua franca) کي روز مره جي رابطن ۾ سنڌي ٻوليءَ کان وڌيڪ اهميت ڏيڻ ۽ استعمال ڪرڻ، جنھنڪري سنڌي ٻولي وڏن شھرن خاص ڪري اسڪولن ۽ آفيسن مان ختم ٿيندي پئي وڃي.
(2) خانگي اسڪولن خاص ڪري ڪئمبرج سسٽم واري تعليم ڏيندڙ اسڪولن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو مضمون نٿو پڙهايو وڃي، جنھنڪري انهن اسڪولن جي گهرجن جي ڪري والدين پنھنجي ٻارن سان ڌارين ٻولين ۾ ڳالهائن ٿا، ۽ اهو ئي سبب آهي جو ٻار پنھنجي ٻولي جو استعمال گهٽ ڪري رهيا آهن.
(3) سماجي رابطن وارن اوزارن ۽ ويب سائيٽس تي پنھنجي دوستن ۽ خاندان وارن کي نياپا موڪلڻ لاءَ سنڌي ٻوليءَ جو استعمال نه ڪرڻ بلڪ ٻين ٻولين ۾ لکڻ، جنھنڪري سنڌي ڪارپس ٺاهڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن پيون. ان کانسواءِ لکت ۾ پڻ سنڌي ٻولي گهٽجي رهي آهي.
(4) بازارن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جاءِ تي ڌارين ٻولين ۾ ڳالهائڻ ۽ سامان وغيره جو ڪمپيوٽرائزڊ بل ٻين ٻولين ۾ هجڻ، جنھنڪري سنڌي ٻولي وڏن شھرن ۾ بازار جي ٻولي نه ٿي سگهي آهي. جنهنڪري بازارن ۾ ڳالهائينجندڙ ٻولين جو اثر اسان جي گهرن ۾ ڳالهائيندڙ ٻوليءَ تي به پئجي رهيو آهي
(5) مختلف قسم جي سامانن ۽ وکرن تي ڏنل هدايتون سنڌي ٻوليءَ ۾ نه هجڻ، ايتري تائين جو دوائن جي استعمال جي باري ۾ هدايتون به سنڌيءَ ۾ نه ٿيون هجن، جنھنڪري سنڌي ماڻهو ڌارين ٻولين طرف وڌيڪ ڌيان ڏئي رهيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت جي علمي ادارن، خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري کي سمورين ڪمپنين کي خط لکڻ گهرجن يا وري قانون سازي ڪئي وڃي ته جيئن انگريزي ۽ اردو سان گڏ سنڌي ٻوليءَ ۾ به هدايتون لکيون وڃن
(6) موبائيل فون يا ٻئي ڪنھن رابطي جي اوزارن ذريعي دوستن ۽ مائٽن سان رابطي ڪرڻ لاءِ ڌارين ٻولين کي استعمال ڪرڻ. جيتوڻيڪ موبائيل ۾ سنڌي ڪيبورڊ عام ٿيڻ باوجود رابطي جي لپي به اڪثر رومن استعمال ڪئي وڃي ٿي، پر رومن ۾ به سنڌي نه ٿي لکي وڃي.
(7) آنلائين اخبارن ۽ رسالن جا صفحا اميج يا فوٽو جي شڪل ۾ رکڻ، جڏهن ته اهي ٽيڪسٽ فارم ۾ رکڻ سان سنڌي ٻولي جو ڪارپس به وڌندو ۽ ڳولها جي نظامن (Search engines) ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ به آساني ٿيندي.
(8) سنڌي گرائمر جا مونجهارا جيڪي هٿراڌو ڏاهپ واري نظام يا انٽيليجنٽ سسٽم لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سمجهڻ ۽ ان جي ڪارپس جو مختلف رخن سان لسانياتي تجزيو ڪرڻ ۾ مونجهارا پيدا ڪن ٿا، خاص ڪري ضميري پڇاڙيون جيڪي حرف جر ۽ فعل سان ڳنڍيل آهن.
(9) سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي گرائمر تي بين الاقوامي معيار مطابق تحقيقي ڪانفرنسون گهٽ ڪرائڻ يا نه ڪرائڻ جنھنڪري سنڌي ٻوليءَ جي گرائمر تي صحي طريقي سان ڪم نه ٿي رهيو آهي.
(10) سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندڙ ادارن جو هڪٻئي سان يا سنڌ حڪومت جو انهن ادارن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ رابطو نه ڪرڻ.
(11) سنڌي ٻوليءَ لاءِ معياري رومن لپي جو نه هجڻ، جڏهن ته رومن لپيءَ جي هجڻ جي ڪري سنڌي ٻولي مستقبل ۾ ڪنھن به خطري کان بچيل رهندي. تنھنڪري سنڌي ٻولي لاءِ رومن لپي کي هڪ معيار مطابق تيار ڪري ان کي ٻي سطح (Secondary) جي لپيءَ طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. ان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل اهم ڪتابن کي رومن لپيءَ ۾ هينئر ئي لکڻ شروع ڪجي ته جيئن اهو اهم خزانو هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي ۽ اسان جو ايندڙ نسل اهڙن ڪتابن کي آساني سان پڙهي سگهي. ان لپي ٺهڻ جي ڪري انگريزي ٻوليءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ تحقيق جا اوزار به سنڌي رومن ڪارپس جو آسانيءَ سان تجزيو ڪري سگهندا جيڪي موجوده سنڌي مواد جو تجزيو نه ڪري رهيا آهن.
دنيا ۾ جيڪي ٻوليون ختم ٿي ويون آهن يا مري ويون آهن، انهن جي ختم ٿيڻ جا ڪجهه اهڙا ئي سبب رهيا آهن جيڪي اسان کي ضرور سمجهڻ گهرجن. تنھنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي بچائڻ لاءِ حڪومت سان گڏ ٻوليءَ تي ڪم ڪندڙ ادارا، تحقيق ڪندڙ فرد، تعليمي ادارا، سياسي، سماجي اڳواڻ، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا نمائندا۽ شاگردن جي والدين وغيره کي گڏيل ڪوشش ڪرڻي پوندي ۽ ڪي عملي قدم کڻڻا پوندا. ان سان گڏوگڏ پاڻ کي مطمئن ڪرڻو پوندو ته سنڌي ٻولي به ايتري ئي اهم ۽ شاندار ٻولي آهي، جيتريون دنيا جون ٻيون ٻوليون اهم ۽ شاندار آهن. جيتوڻيڪ اقوام متحده ان ڳالهه تي زور ڏيئي رهي آهي ته ٻارن کي انهن جي مادري ٻولين ۾ پڙهايو وڃي ته جيئن دنيا جون انيڪ ٻوليون گهڻي عرصي تائين زنده رهي سگهن، پر دنيا جي ڪيترن ئي ٻولين جيان سنڌي ٻوليءَ تي به اقوام متحده جي خواهش ۽ صلاحن مطابق ڪم نه ٿي رهيو آهي. سنڌ ۾ موجود خانگي اسڪولن ۾ اقوام متحده جي صلاح جي باوجود به ٻارن کي تعليم انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ڏني پئي وڃي، جنھن سبب سنڌي ٻار سنڌي نه پڙهي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح انهن اسڪولن ۾ پڙهندڙ سنڌي ٻارن کي سنڌي لکڻ يا پڙهڻ ڪونه اچي پيو. جڏهن اهي وڏا ٿيندا ته اهي سنڌي نه لکي سگهندا ۽ نه ئي وري پڙهي سگهندا ، اهڙي طرح انهن جي اولاد سنڌي لکي ۽ پڙهي نه سگهندي. تنھنڪري اهو عمل وڏن شھرن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ جي گهنٽي وڄائي رهيو آهي. اهي سنڌي خاندان جيڪي پاڪستان کان ٻاهر ٻين ملڪن ۾ رهن پيا، انهن سان به ساڳيا ئي مسئلا آهن. انهن مان اڪثريت جي اولاد به سنڌي ڪونه پڙهي رهي آهي، تنھنڪري هو به ڪا سنڌي لکت نٿا پڙهي سگهن. اسان ان خوشفھميءَ ۾ آهيون ته سنڌي ٻوليءَ جو تمام گهڻو لکت ۾ مواد آهي ۽ اسان سڀ سنڌي ڳالهائي رهيا آهيون. ساڳي ريت ٽيڪنالاجيءَ جا اوزار به سنڌي ٻولي کي استعمال ڪري رهيا آهن پر جڏهن ڪوئي سنڌي پڙهي يا لکي ئي ڪونه سگهندو ته پوءِ اهو مواد ڪھڙي ڪم جو رهندو؟
عالمگيريت جي ڪري دنيا سُسندي وڃي پئي ۽ سرحدي رڪاوٽون ختم ٿينديون وڃن پيون. ماڻهو انٽرنيٽ ذريعي سرحدن جي پابندين کان آزاد ٿي پوري دنيا جي ماڻهن ۽ ادارن سان ڳنڍيل رهن ٿا. تنھنڪري دنيا جي مختلف ثقافتن ۽ ٻولين جو هڪٻئي تي اثر پئجي رهيو آهي. غير ترقي يافته ٻوليون ۽ ثقافتون ختم ٿينديون يا مرنديون وڃن پيون. اهي ٻوليون جن جي قومن تي ڪي وڏيون طاقتور قومون يا گروه يا ڌاريا حڪمران حڪومت ڪن ٿا سي عالمگيريت جي دور ۾ نه بچي سگهنديون. اهي ٻوليون جن جي لسانيات جا ماهر گهٽ آهن يا نه آهن ، اهي به خطري ۾ ئي رهن ٿيون. ان ڪري قومن کي سڄاڳ ٿيڻ سان گڏ پنھنجي ٻولين کي بچائڻ جي عالمگير پاليسين تي عمل ڪرڻو پوندو. عالمگيريت جي دور ۾ ڪنھن به ٻولي کي بچائڻ لاءِ ان ٻوليءَ جو مختلف شعبن ۾ استعمال ڪرڻ سان گڏ تعليم ۽ واپار جي شعبن ۾ استعمال تمام گهڻو اهم آهي. اسان وٽ شھرن ۾ رهندڙ والدين پنھنجي ٻارن کي پنھنجي ٻوليءَ ۾ شاعري يا موسيقي طرف راغب نه پيا ڪن ۽ پنهنجي ٻارن کي بيت، گيت ۽ راڳ وغيره پنهنجي ٻولي ۾ نه ٻڌائي رهيا آهن. جنھن سبب نئين نسل مان نه صرف سنڌي ٻوليءَ جو استعمال گهٽبو يا ختم ٿيندو وڃي ٿو، پر انهن جي دلين مان پنهنجي مادري ٻولي سان محبت به متاثر ٿئي پيئي. اهڙي عمل جي ڪري ايندڙ چئن نسلن ۾ ديسي ٻوليءَ جو استعمال تمام گهڻو گهٽجي سگهجي ٿو، جيڪو هڪ وڏي نقصان جي نشاندهي ڪري رهيو آهي. ٻارن جا والدين عالمي ٻوليون سکڻ لاءِ پنھنجي اولاد کي غيرملڪي يا ڌاريون ٻوليون سيکاري رهيا آهن ۽ انهن ٻولين ۾ ئي تعليم ڏياري رهيا آهن ته جيئن انهن جي اولاد کي عالمي ٻوليون لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچن ۽ انهن جي سڃاڻپ عالمگير ٿئي. عالمگيريت جي ڪري بازار جي ترقي به تيزيءَ سان ٿي رهي آهي، جنھنڪري ان جي ٻولي به تبديل ٿي رهي آهي. بازار جي ٻولي تبديل ٿيڻ جي ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ڪاپاري ڌڪ لڳي رهيو آهي. سماج تي بازار جي ٻوليءَ جو گهڻو اثر پئي ٿو تنھنڪري ماڻهو گهر ۾ به اها ٻولي ڳالهائي رهيا آهن جيڪي بازار ۾ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي. بازار ۾ ديسي يا اصلي ٻولي ڳالهائڻ سان ٻولي ترقي ڪري ٿي، ان ۾ نوان نوان لفظ شامل ٿين ٿا، جنھن سان واپار کي آسانيءَ سان سمجهي سگهڻ سان گڏ پنھنجي ٻولي کي به بچائي سگهجي ٿو. تعليم ۽ بازار ٻه اهڙا ذريعا آهن جن تي عالمگيريت جو تمام گهڻو اثر پوي ٿو ۽ اهي ٻيئي ذريعا ئي ڪنھن به قوم جي ٻولي کي بچائي يا ختم ڪري سگهن ٿا.
نتيجو: مٿي بيان ڪيل ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته موجوده جديد دور ۾ قومن ۽ انهن جي ٻولين جا مسئلا مقامي نه پر اهي عالمي مسئلا آهن، تنھنڪري انهن جي بچاءَ ۽ حل لاءِ ڪوششون ۽ حڪمت عملي به عالمي سطح جي تيار ڪرڻي پوندي. سنڌي ٻوليءَ کي درپيش مسئلن کي جيڪڏهن عالمي حوالي سان پرکيو ويندو ته ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي ممڪن ٿيندي. اهڙيءَ طرح ٽيڪنالاجي، خاص ڪري ڪمپيوٽيشنل لسانيات ۽ نيچرل لئنگئيج پراسيسنگ جي اوزارن ۽ جديد تحقيقي طريقيڪارن جي ڪري سنڌي ٻولي ترقي ڪري رهي آهي، پر تنھن هوندي به انهن ڪمن تي وڌيڪ ڪم ڪري سنڌي ٻوليءَ کي وڌيڪ ترقي ڏيارجي ته جيئن سنڌي ٻولي خودڪار طريقي سان ترجمو ٿيڻ سان گڏ ٽيڪنالاجيءَ جي سمورن اوزارن ۾ استعمال ٿئي.
حوالا
1. Nguyen, D., Doğruöz, A. S., Rosé, C. P., & de Jong, F. (2016). Computational sociolinguistics: A survey. Computational linguistics, 42(3), 537-593.
2. Dootio, Mazhar Ali, and Asim Imdad Wagan. "Development of Sindhi text corpus." Journal of King Saud University-Computer and Information Sciences (2019).
3. Dootio, Mazhar Ali, and Asim Imdad Wagan. "Unicode-8 based linguistics data set of annotated Sindhi text." Journal: Data in brief, Vol. 19 (2018): Page: 1504-1514.
4. Dootio, M.A., Wagan, A.I. “Syntactic parsing and supervised analysis of Sindhi text.” Journal of King Saud University – Computer and Information Sciences, Vol. 31, Issue 1, (2019), Page 105-112, Doi: https://doi.org/10.1016/j.jksuci.2017.10.004
5. Dootio, M. A., & Wagan, A. I. “Automatic Stemming and Lemmatization Process for Sindhi Text.” Journal of Social Sciences and Interdisciplinary Research (JSSIR), NED University Engineering and Technology Karachi Sindh Pakistan, Vol.6, Issue. 2, (2017), pages: 19-28.
6. Mazhar Ali and Asim Imdad Wagan, “Sentiment Summerization and Analysis of Sindhi Text”, International Journal of Advanced Computer Science and Applications (IJACSA), Vol.8, Issue 10, (2017), Page: 296-300. http://dx.doi.org/10.14569/IJACSA.2017.081038