اردو دوهي جو ارتقائي ۽ فڪري اڀياس
(An intellectual and evolutionary study of Urdu Doha)

ڊاڪٽر فياض لطيف
Abstract:

Word Doha is derived from a Sanskrit cognate Dogdha or Dodhaka which represents a generic Sanskrit/ Hindi form of poetry. Basically, Doha is a two lined verse or couplet, each having twenty four instants (Matras) composed in Matrik prosodical metre.
Actually this genre of poetry is very petite (miniscule) in form yet possesses rhythm and lyricism in its overall existence. Doha verse has great importance in Hindi poetry as it is not only used to sing and chant in the common gatherings but is also used for spiritual recitation in the religious places too. This self -contained rhyming couplet is commonly used in Hindi poetry. Many famous poets like classicist Kabeer, Tulsidas, Mira Bai, Bihari, Raskhan and Rahim have expressed their inner feelings in this form of poetry. Now it has been adapted in Urdu and is being used by many Urdu poets. This research paper focuses on the evolution and innovation of Doha in Urdu with reference to those Urdu poets who have taken great efforts to enrich it with their thought process and profound experience.

دوهو اصل ۾ هندي شاعريءَ جي صنف آهي، جيڪو ٻين ٻولين سان گڏوگڏ اردو شاعريءَ ۾ پڻ رواج هيٺ آيو. دوهي کي اردؤَ ۾ متعارف ڪرائڻ وارن ۾ حضرت امير خسرو ۽ مسعود سلمان جا نالا وڏي اهيمت جا حامل آهن. امير خسرو توڙي جو علم عروض جو شاعر هو ۽ سندس دوهن تي پڻ ان جا اثر نمايان نظر اچن ٿا، پر اردو دوهي کي بنياد هُن ئي فراهم ڪيو. بعد ۾ ان جي ترقي ۽ ترويج ۾ جميل الدين عالي قتيل شفائي، الطاف پرواز، جميل عظيم آبادي، قدرت نقوي، وحيد قريشي کان وٺي عرش صديقي، صھبا اختر، نگار صھبائي، شبي فاروقي، احمد شريف، جمال پاني پتي، عالم تاب تشنه، تاج سعيد، پرتو روهيله جو اهم حصو آهي، پرتو روهيله خوبصورت دوها لکيا آهن ۽ ٻين ڪيترن جديد شاعرن تائين، سرجڻھارن جي هڪ ڊگهي فھرست آهي، جن خوبصورت دوها لکيا آهن.
”پاڪستاني دوهو سرجيندڙن ۾ سڀ کان پھريون نالو خواجه دل محمد جو اچي ٿو. سندس ڪتاب، ’پريت کي ريت‘، جيڪو پنج سؤ دوهن تي مشتمل آهي، سان پاڪستان ۾ (اردو) دوهي جي روايت جو باقاعدي بنياد پيو، پر دوهي کي (موجوده دؤر ۾) عوامي سطح تائين جنھن شاعر پھچايو، اهو جميل الدين عالي آهي“ (1)
جديد دؤر ۾ عاليءَ جي دوهي سان محبت ئي، ان کي اردو جي شعري صنفن ۾ پنھنجي نمايان جاءِ جوڙڻ جي قابل بڻايو، پر ابتدا ۾ جن شاعرن اردو دوهي کي جنم ۽ جيئدان ڏنو، انھن ۾ خواجه دل محمد (1884ع ــ 1961ع) جو نالو سرفھرست آهي. خواجه دل جو وڏو ڪارنامو اهو به آهي ته:
”جنھن وقت هندي دوهو شاعري ۾، پنھنجي اصل وقعت وڃائي رهيو هو، ان وقت پنجاب جو هي ڪنھن مشق شاعران کي اردو جي هڪ صنفِ سخن جي حيثيت سان، دنيا اڳيان پيش ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف هو“(2).
خواجه جي دوهن جي خاص خوبي اسلوب جي سادگي، ٻوليءَ جي نفاست، اظھار جي لطافت ۽ خيال جي گهرائي آهي. سندس لھجو عوامي، تخليقي احساس شاعراڻو آهي، اهو ئي سبب آهي جو کيس اردو دوهي جي ’تلسي داس‘ جي لقب سان نوازيو ويو آهي. هُن جي دوهن ۾ اصلاحي ۽ احساساتي نقطن سان گڏوگڏ، فڪر ۽ فلسفي جي جيڪا گهري اُپٽار ملي ٿي، اها پڙهندڙ جو نه رڳو ڌيان ڇڪائي ٿي، پر کيس سوچن جو سير ڪرائي، خودشناسيءَ جو انوکو احساس پڻ آڇي ٿي.
پيٹ بھرے کب لوبھ کا، اگني اس کو جان،
جوں جوں ايندھن ڈاليے، نکلے اور زبان.
**
کام، کرودھ اور لوبھ سے، سمرن جس کے صاف،
اُس زاهد بي لاگ کا، کعبه کرے طواف.
سندس دوهن ۾ شاعراڻي حُسناڪي ۽ تخليقي بي ساختگي به آهي ته، اظھار ۽ پيشڪش جو نرمل ۽ نرالو ڏانءُ به. هو خيال کي پوپٽ جا پَرَ ڏيئي، احساس جي آڪاش ۾ اُڏارڻ جا سمورا گُر بخوبي ڄاڻي ٿو، انھيءَ ڪري سندس دوهن ۾ گلاب جي پنکڙين جھڙي نفاست ۽ نرملتا به آهي، ته بھار جي سُڳنڌ جھڙو وڻندڙ احساس به ملي ٿو. هن جي تخيل ۽ مشاهدي ۾، پرن بنا پرواز جھڙي حسناڪي به آهي ته ٻار جھڙي معصوميت به. سچ ته هن جي دوهن جي سِٽ سِٽ ۾ مور جي رقص جھڙي رنگيني ۽ دلفريبي موجود ملي ٿي.
مستي کي رُت آ گئي، ناچيں پھول اور پات،
شاخيں مجھے بُلا رهيں، لمبے کر کر هات.
**
سجني! کيسے نبھ سکے؟ تيرا ميرا سنگ،
تو پھولوں کي باسنا، ميں پھولوں کا رنگ.
**
ناچے بن ميں موروا، من ميں اُٹھے ترنگ،
سو سو آنکھيں کھول کر، ديکھ خدا کے رنگ.
خواجه دل محمد جي ڪيترن دوهن مان شاهه لطيف جي شعري آهنگ، فڪري گھرائي ۽ جمالياتي جذب و مستيءَ جو حُسن ۽ هڳاءُ پڻ محسوس ٿئي ٿو. مثال طور هي دوها:
سيوه جن کا کام هے، راس نه رکھيں پاس،
سوئي ننگي خود رهے، سب کا سيئے لباس.
**
پاتشاهي نه پاڙيان، سرتيون سُئي ساڻ،
ڍڪي ساري جڳ کي، رهي اُگهاڙي پاڻ،
ٻيھر ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.
(شاهه)
مرے وهي جو مر مٹے، مرن مٹن کا نام،
زنده جن کے کام هيں، زنده رهيں مدام.
**
مَرڻا اڳي جي مُئا، مَري ٿيا نه مات،
هوندا سي حيات، جيئڻان اڳي جي جيئا.
(شاهه)
نيکي ان کي ريت هے، جن کے نيک اصول،
کانٹے پر بھي دھوپ ميں، چھتري کھولے پھول.
---
کَمُ! کَمندن کَٽيو، هارايو هوڙنِ،
چَکيو نه چوَندنِ، هو جو ساءُ صبر جو.
(شاهه)
فاني فاني کيوں کهيں، ناداني سے لوگ،
لافاني سے روح کا، لافاني سنجوگ.
---
مري جِي ماڻئين، جانب جو جمال،
ٿئين هوند حلال، جي پَندِ اِها ئي پارئين.
(شاهه)
خواجه صاحب جي دوهن ۾، صوفياڻي رمزيت کان علاوه، رومانوي رنگيني ۽ ٻوليءَ جي سلاست ۽ سُندرتا جا ڪيئي موهيندڙ رنگ ملن ٿا، جيڪي سندس دوهي جي انفرادي سڃاڻپ آهن.
جميل الدين عالي (جنم 20 جنوري 1925ع) (وفات: 23 نومبر 2015ع) جي جديد اردو دوهي جي حوالي سان وڏي حيثيت ۽ مقبوليت آهي. هو اردؤَ ۾ جديد دوهي جو نه رڳو باني مباني آهي، پر هن ٻن سِٽن جي مختصر صنف ۾ خيالن جو عميق ساگر سمائي، ان کي پنھنجي ديسي روايتن جي روح ۽ ٻولي جي نج نبار حُسناڪي سان اردو ۾ هڪ روايت طور هن ئي متعارف ڪرايو ۽ مقبول بڻايو آهي.
عالي، هندي دوهي جي تتبع ڪرڻ بدران صرف ان جو سانچو کڻي، ان ۾ پنھنجي ٻولي، ثقافت، تھذيب، تمدن، ڪلچر ۽ پنھنجن داخلي تجربن ۽ احساسن جو روح سمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هن جي توسط سان اردو ۾ عالي جي دوهي سبب، هڪ انوکي ۽ منفرد روايت جو بنياد پئجي سگهيو آهي. هُن دوهي ۾ هيئت، اسلوب، ٻولي، فڪر ۽ فن جا ڪيئي تجربا ڪري، ان کي منفرد، مختلف ۽ تخليقي بنائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي آهي، جنھن ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب پڻ ٿيو آهي.
جميل الدين عاليءَ پنھنجن دوهن ۾ فڪر جي وسعت پيدا ڪرڻ کان علاوه، ڪٿي ڪٿي نظم جو تسلسل پڻ پيدا ڪيو آهي. خاص ڪري سندس شعري مجموعي ’لاحاصل‘ ۾، مسلسل دوهن جا ڪيترائي مثال ملن ٿا، جن ۾ ترنم جي تازگي ۽ تاثر جي ڪمال حُسناڪي نظر اچي ٿي. شيخ اياز پڻ پنھنجن دوهن ۾ ساڳي نوع جا تجربا ڪندي، انھن ۾ ڪيئي تخليقي ۽ فني حُسناڪيون پيدا ڪيون آهن.
جميل الدين عاليءَ جي دوهي ۽ هندي دوهي ۾ هڪ بنيادي ۽ اهم فرق اهو آهي ته، ”هُن هندي دوهي جي ماترائي بحر بدران،پنھنجي دوهي لاءِ ’رُڪن‘ کي بنياد بڻائي (جيڪو علم عروض سان نسبت ۽ ويجهڙائي رکي ٿو) هڪ نئين ۽ منفرد بحر (جنھن جو وزن ’فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فعلن فاع‘ آهي) کي جنم ڏنو آهي، جنھن کي هو هندي دوها ڇند ۽ ان جي مختلف قسمن کان بلڪل الڳ ڪندي، ’عالي چال‘ جو نالو ڏيئي، پنھنجي هڪ شعر ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي.
کيا بھرمر کيا شربھ پيودھر کيا کھچپ کيا بيال،
اپنا چھند الگ هے جس کا نام هے عالي چال”(3).
عالي پنھنجن دوهن بابت اهو پڻ چيو آهي ته:
تم کهدوها تم کهو بيت اور تم کهو سرسُي چھند،
نهيں مري من ندي کا طوفاں ناموں کا پابند.
**
نا مجهے سورٹھا کهنا آيا نا دوها نه سويا،
اپني هي موج ميں بهتي جائے ميري کويتا نيا.
**
سور ،کبير، بهاري، ميرا، رحيمن، تلسي داس،
سب کي سيوا کي پر عالي گئي نه من کي پياس.

۽ انھيءَ اندر جي اُڃ ئي عاليءَ کان اهو سڀ ڪجهه ڪرايو، هن شاعريءَ جي روايتي، جديد ۽ مقبول فارمن کي ڇڏي، غير روايتي ۽ ڪلاسيڪي دوهي جي صنف کي پنھنجو ڪيو ۽ ان ۾ غير معمولي فني ۽ تخليقي تجربا ڪري، ان کي مقبول بڻايو.
عاليءَ جي دوهن جي جتي گهڻي تعريف ٿي آهي، اتي ڪجهه نقادن مٿس تنقيد ڪري، انھن تي ڪجهه اعتراض پڻ واريا آهن. سندس دوهن تي هڪ وڏو اعتراض اهو به ڪيو ويو آهي ته، اهي دوهي جون فني گهرجون پوريون نه ٿا ڪن، ۽ محض غير مردف غزل جي مطلع جھڙا آهن. اردو جي معروف شاعر قتيل شفائي چواڻي:
”عالي جي دوهن کي فن ۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ڪنهن به طور تي دوها چئي نه ٿو سگهجي، ڇوته اهي دوها نه، پر متفرق شعر يا غزل جا مطلع آهن“ (4).
عاليءَ جي دوهن تي ڪجهه نقادن ۽ پنھنجن همعصر شاعرن جي تنقيدن باوجود، اردو ادب ۾ انھن جي پنھنجي هڪ وقعت ۽ مڃتا آهي، ڇو ته دوهي ۾ عالي جي ڪيل تخليقي تجربن جي نه رڳو سندس همعصرن پيروي ڪئي آهي، پر پوءِ واري ٽھيءَ ۾ تاج سعيد کان وٺي عالمتاب تشنه ۽ پرتو روهيله تائين مِڙني دوهانگارن عالي جي آهنگ ۽ اسلوب کي هڪ روايت طور اپنايو ۽ اڳتي وڌايو آهي.
جمال پاني پتي پنھنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو:
”مان جميل الدين عاليءَ کي اردو جو پھريون دوها نگار تسليم ڪريان ٿو. پھريون دوهانگار، انھيءَ معنى ۾ نه، ته هن کان پھريان اردوءَ ۾ ٻي ڪنھن دوها لکيا ئي نه آهن. يقينن عالي کان پھريان اردو ۾ دوها لکيا ويا آهن، پر اهي گهڻو ڪري پنھنجي موضوع، مضمون، بحر، ٽيڪنڪ، لب و لھجي، ٻولي، مزاج ۽ طرزِ احساس جي لحاظ کان هندي دوهي جي روايت سان مطابقت ۽ قرابت رکندڙ محسوس ٿين ٿا....اردو ۾ دوهي جي صنف توڙي جو عاليءَ کان اڳي به موجود هئي، پر اها اردو ۾ نه صرف رائج، پر مقبول به عاليءَ جي بدولت ٿي آهي، پر هُن جي ڪوششن سان ئي اها پھريون ڀيرو هندي دوهي کان الڳ ٿي ۽ اردو ۾ پنھنجي هڪ ڌار شناخت ۽ حيثيت حاصل ڪئي“ (5).
جميل الدين عالي پنھنجي اندر ۾ هڪ من موجي ۽ سيلاني ماڻهو به هو. هُن ڪنھن وقت ۾ نظير اڪبر آباديءَ وانگر بنجارو بڻجي، ڪيترن ماڳن ۽ مڪانن جا سير ۽ سفر به ڪيا ۽ اهڙي سير سياحت دوران ئي هن ۾ دوها سِرجڻ جو شوق جاڳيو. هو پنھنجي هڪ مضمون ۾ ان حوالي سان لکي ٿو:
”مغربي يو پي جي سير سياحت دوران خانه بدوش نارين جي ناچ گاني کان متاثر ٿي، مون دوها لکڻ شروع ڪيا“ (6).
علمي ۽ ادبي لحاظ کان، خاص طرح اردو دوهي جي حوالي سان، عالي، ادبي حلقن ۾ وڏي محبت ۽ مڃتا ماڻي آهي. عرش صديقيءَ پنھنجي دوهن جي مجموعي، ’کملي ميں بارات‘ ۾، عاليءَ جي حوالي سان لکي ٿو:
”جميل الدين عاليءَ پاڪستان ۾ ئي نه، پر پوري برصغير ۾ دوهي کي هڪ نئين زندگي عطا ڪئي.... ۽ ان کي نئين سِر اُڀاري اهڙي رفعت بخشي، جو اهو سڄي ملڪ ۾ هڪ مقبول شعري صنف طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو“(7).
توڙي جو عالي اردو شاعريءَ جي ٻين صنفن خاص ڪري غزل ۾ پڻ سٺي ۽ ذڪر جوڳي طبع آزمائي ڪئي آهي، پر دوهو هن جي شاعراڻي شناخت سان گڏوگڏ، سندس ذات ۽ زندگيءَ جي اهم حوالي جي حيثيت رکي ٿو، ڇو ته هو پنھنجو پاڻ کي صحيح ۽ سرل نموني سان فقط دوهي ۾ ئي اظھاري سگهيو آهي، انھيءَ ڪري هڪ لحاظ سان هن جا دوها هُن جي آپ بيتي (آتم ڪٿا) به آهن.
کس کو خبر يه هنس مکھ عالي، کيا کيا چھپ کر روئے،
جيسا ساتھي من ڈھونڈے تھا، ويسا ملا نه کوئے.
جميل الدين عاليءَ جي دوهي جي حوالي سان نقادن جي هڪ راءِ اها به آهي ته، هُن اردو دوهي کي نج نبار پنھنجو اسلوب ۽ احساس عطا ڪيو آهي. اردو دوهي ۾، هُن نه ڪنھن هندي دوها نگار جي اهل ڪئي آهي، نه ئي هندي ٻوليءَ جو روايتي لھجو اختيار ڪيو آهي، پر دوهي ۾ هو پنھنجو خالص فن، تخليقي انداز، اسلوب، ٻولي ۽ منفرد احساساتي جھان ساڻ کڻي آيو آهي، جيڪو موهيندڙ ۽ اثرائتو به آهي ته، عصري تقاضائن جو پورائو ڪندڙ ۽ فطري به محسوس ٿئي ٿو. سندس دوهن ۾ هن جي ذات ۽ زندگيءَ جي رنگن سان گڏ سندس دور ۽ حالتن جو عڪس ۽ احساس به چٽو نظر اچي ٿو.
بن کنگن، بن چوڑي بانہيں، کُندن جيسا رنگ،
من ميں کيا کيا آتي هے، جب هم هوں تيرے سنگ.
**
چاند اُڑا کر سب هيں مگن، پر سوچ ميں هيں کچھ لوگ،
يه دھرتي کا مان برھائے يا دھرتي کے روگ.
**
مورکھ! اب بھي آنکھيں کھول، اور ديکھ سمے کے کھيل،
ٹوٹ رهي هے، سوکھ رهي هے، ظلم کي اک اک بيل.
عاليءَ جي مٿين دوهن ۾ نه رڳو سندس دلي ڪيفيتن جا جيئرا جاڳندا رنگ ۽ ترنگ ملن ٿا، پر انھن ۾ سندس دور جي معروضي حالتن جو عڪس ۽ احساس پڻ چِٽو نظر اچي ٿو.
عالي گهڻ مطالعاتي ۽ گهڻ مشاهداتي شاعر هو. سندس شاعريءَ ۾ ذاتي تجربن ۽ مشاهدن جي گهري اُپٽار ۽ عڪسيت سان گڏوگڏ، سندس شاعريءَ ۾ وسيع مطالعي جي جهلڪ پڻ چڱيءَ طور پَسي سگهجي ٿي. هو ڪيترن ئي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعرن کان متاثر هجڻ کان علاوه، شاهه لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کان پڻ گهڻو مرغوب ۽ متاثر محسوس ٿئي ٿو، تڏهن ئي وڏي عقيدت، پيار ۽ پاٻوهه سان چوي ٿو:
شاه لطيف تمهارے در پر کيا کيا سُر لهرائيں،
عالي جيسے من ميلے بھي، کُندن هو کر جائيں.
جميل الدين عاليءَ جي دوهن ۾ فڪري ۽ موضوعاتي وسعت کان علاوه موسيقيءَ جو پڻ پنھنجو رنگ ۽ رچاءُ آهي.
چھم چھم چھم چھم کرنيں برسيں، پون پکھاوج تھاپ،
تم هي کهو اب ايسے سمے ميں، کيا پُن هے کيا پاپ.
**
چھنن چھنن چھنن چھنن چھنن چھن گھنگھرو جيسي باج،
چال دکھائے کويتا راني دھن سوچے کويراج.
مجموعي طور عالي جو دوهو، زندگي جي رعنائين ۽ رنگينين کي پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ، سندس حيات جي تلخ ۽ تُرش حقيقتن جي ڀرپور عڪاسي به ڪري ٿو، انھيءَ ڪري هن جي دوهن مان هن جي آپ بيتيءَ سان گڏ جڳ بيتيءَ جي چِٽي جهلڪ پڻ ملي ٿي.
عاليءَ کان پوءِ اردو دوهي ۾ الياس عشقي (25 ڊسمبر 1922ع) جو پنھنجو هڪ الڳ حوالو ۽ انفرادي مقام آهي. هن جي هڪ هزار دوهن تي مشتمل ڳٽڪي، ’دوها هزاري‘ ادبي حلقن ۾ سٺي مڃتا ماڻي آهي. دوهي جي حوالي سان،سندس شمار استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو، ڇو ته هڪ طرف هو دوهي جي مِڙني فني نزاڪتن ۽ نفاستن جو وڏو ڄاڻو آهي ته، ٻي طرف هن فڪري حوالي سان پڻ دوهي ۾ خيالن ۽ احساسن جي هڪ وڏي دنيا سمائي آهي. هن جي دوهي ۾ ٻئي خوبيون آهن جن ۾ هندي دوهي جي ٻوليءَ جي نرملتا ۽ صوفياڻو سڀاءُ به ملي ٿو ته، اردو دوهي جي نغمگي، موضوعاتي وسعت ۽ احساس جي فطري حُسناڪي ۽ حقيقت نگاري به نظر اچي ٿي. هن خيال ۽ تخيل کي، جنھن تخليقي انداز ۽ فنڪاراڻي نموني سان پنھنجن دوهن ۾ اظھاريو آهي، اهو قابلِ داد آهي.
کھلي هوئي آنکھيں ترے سپنے تجھے دکھائيں،
کيا کيا بيتے رت جگے آنکھوں ميں پھر جائيں.
**
پاؤں نهيں رکاب ميں هاتھوں نهيں لغام،
جانے گھوڑا عمر کا کس جا کرے قيام!
**
بيچ کھڑي ديوار سے سوچ نهيں رک پائے،
پھولوں کو چاهے روک لو خوشبو آئے جائے.
**
قدم قدم په کامني، ناگن سي بل کھائے،
اس کي زلفوں کا ڈسا جيتے جي مر جائے.
الياس عشقي هڪ ئي وقت نه رڳو گهڻن ٻولين جھڙوڪ: سنڌي، هندي، اردو، پنجابي، سرائڪي، هندڪو، پشتو، عربي، انگريزي وغيره تي عبور رکندڙ شاعر آهي، پر سندس مطالعي، مشاهدي ۽ تجربن جو ڪئنواس پڻ ايترو ئي ڪشادو آهي، انھيءَ ڪري عشقي صاحب دوهن ۾، خاص ڪري ڪبير ۽ ڪجهه ٻين سنت ۽ صوفي شاعرن جا اثر نمايان نظر اچن ٿا. نموني طور سندس چند دوها هيٺ ڏجن ٿا.
ماٹي اور کمهار کي، بات نه سمجھے کوئے،
پاؤں نه روندے جب تلک، هاتھ سے کچھ نه هوئے.
**
آنکھ سے ديکھے جوهري، ناپ کرے نا تول،
هيرا اپني چمک سے، آپ بتائے مول.
**
رهے نهيں وه دهوم تھي جن کي چاروں دانگ،
عشقي بيچ بجار ميں خير سبھي کي مانگ.
**
اوروں کو کيا لوٹنا، هاتھ کچھ نه آئے،
اپنا آپ لٹائے جو، وهي سخي کهلائے.
پاڪستاني دوها نگارن ۾ خواجه دل، جميل الدين عالي ۽ الياس عشقيءَ (وفات: 13 جنوري 2007ع) کان پوءِ، جنھن شاعر جو نالو بنا ڪنھن هٻڪ جي کڻي سگهجي ٿو، اهو طاهر سعيد هارون آهي. هو پيشي جي لحاظ کان هڪ ڊاڪٽر آهي، پر طبع ۽ مزاج جي لحاظ کان هڪ حساس، سيبتو ۽ سگهارو شاعر آهي. هو ڊاڪٽر جي حيثيت سان، ماڻھن جي جسماني دردن جو علاج ڪندو آهي ۽ شاعر جي حيثيت سان، روحاني روڳن ۽ فڪري بي چينين کي پنھنجي شاعريءَ ذريعي آنند ۽ چين آڇيندو آهي.
هن وقت تائين، ڊاڪٽر طاهر جا ڇهه شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن، جن مان سندس ٽي ڳٽڪا، ’من موج‘، ’نيلا چندرما‘ ۽ ’پريت ساگر‘ دوها شاعري تي مشتمل آهن، جنھن مان دوهي سان سندس اُنس ۽ عشق جو اندازو چڱيءَ پر لڳائي سگهجي ٿو. هن جي دوهن ۾ نه صرف لھجي جي شائستگي ۽ اظھار جي نرملتا ۽ رومانوي انداز پڻ موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.

جنم جنم کا ساتھ هے اپنا منزل اپني سانجھي،
تو هے ميري نيا گوري ميں هوں تيرا مانجھي.
**
ميں هوں ايک البيلا راهي الھڑ تو هے نار،
آؤ دونوں ساتھ چليں هم نيل گگن کے پار.
**
موسم آيا پيار کا، نگري نگري شور،
من بگيا ميں نرتکي، بَن ماں ناچے مور.
طاهر سعيد جي دوهن جي هڪ خوبي اها آهي ته اهي عام فھم ۽ تاثراتي آهن. انھن ۾ فن جي حُسناڪي به آهي ته، فڪر جي تازگي به. مٿان وري اردو ــ هندي ٻوليءَ جي آميزش سان، طاهر انھن ۾ جيڪا دلڪشي پيدا ڪيا آهي، منفرد ۽ موهيندڙ لڳي ٿي. هُن جي دوهن ۾ صوفياڻو ۽ اصلاحي رنگ پڻ ملي ٿو، جيڪو ڪنھن روايتي ناصح ۽ مبلغ جي پرچار وانگر نه آهي، پر مفڪراڻو، مدبراڻو ۽ لوڪ ڏاهپ ۽ سماجي صداقتن جي احساس سان معمور آهي.

بن چندا نا چاندني، بن سورج نا دھوپ،
بن وديا نا روشني، بن جوبن نا روپ.
**
پاپي تن کي ميل تو، گنگا ميں دھل جائے،
پاپي من کي اوکلي، جيون بھر تڑپائے.

مجموعــي طـرح ڊاڪٽـر طاهــر سـعيد جو دوهــو، فني تجــربن ۽ تخليقـي حُسناڪين سان ٽمٽار آهي. ان ۾ موضوعاتي رنگارنگي ۽ احساس جي تازگي سان گڏوگڏ جماليات جو وڏو جھان موجود ملي ٿو. حقيقت ۾ هُن جو دوهو ڪلاسيڪ ۽ جدت جو حسين سنگم آهي، جنھن جي پوئواري نه رڳو سندس ڪيترن همعصر شاعرن ڪئي آهي، پر انيڪ جديد اردو دوها نگارن سندس دڳ کي سرهائيءَ سان پنھنجو ڪندي، دوهي جي سفر کي جاري رکيو آهي.
نتيجو: دوهو بنيادي طور تي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي صنف آهي، جنھن جي اصل سرزمين هندي شاعري چئي وڃي ٿي، پر دوهو ٻين ٻولين خاص ڪري پُوربي، مراٺي، گجراتي، پنجابي، سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ ٻين ڪيترين ئي ٻولين ۾ نه رڳو لکيو وڃي ٿو، پر ان کي عام محفلن ۾ ڳايو وڃي ٿو، ان کانسواءِ ڌرمي جاين تي وڏي عقيدت ۽ احترام سان ڀڄن واري انداز ۾ جهونگاريووڃي ٿو.
دوهي کي ڪلاسيڪي شاعرن کان علاوه جديد شاعرن نه صرف اختيار ڪيو آهي، پر ان ۾ پنھنجن خيالن، خوابن ۽ احساسن جي هڪ نرمل دنيا سمائي، ان کي منفرد ۽ مقبول بڻايو آهي. اردو شاعرن پڻ دوهي کي پنھنجو ڪندي، ان ۾ چڱي طبع آزمائي ڪئي آهي. دوهي کي اردو ۾ متعارف ڪرائڻ وارن ۾ حضرت امير خسرو، مسعود سلمان ۽ خواجه دل محمد جا نالا سرفھرست آهن، پر ان جي ترقي ۽ ترويج ۾ قتيل شفائي، الطاف پرواز، جميل عظيم آبادي، قدرت نقوي، وحيد قريشي کان وٺي عرش صديقي، صھبا اختر، نگار صھبائي، شبي فاروقي، احمد شريف، جمال پاني پتي، عالم تاب تشنه، تاج سعيد، پرتو روهيله، ڪشور ناهيد تائين هڪ وڏي ڪھڪشان شامل آهي. خاص ڪري اردو دوهي کي جميل الدين عالي نه فقط نئون فني رنگ ۽ فڪري روح عطا ڪيو آهي، پر ان کي اردو جي روايتي صنفن جھڙي وقعت ۽ حيثيت بخشي، عام ۽ خاص ۾ مقبول پڻ بڻايو آهي.

حوالا
1. ظهير، کنول، ’پاکستان ميں اردو دوهي کي روايت‘، انجمن ترقي اردو، کراچي،2005ع، ص125.
2. حسرت، چراغ حسن، (پيش لفظ): ’پيت کي ريت‘، خواجه دل محمد، ص14,
3. صديقي، عرش، ’پاکستان ميں اردو دوهے کا ارتقا اور کملي ميں بارات‘، ص17، 18.
4. پاني پتي، جمال،’ادب اور روايت‘،المدثر اکيدمي، کراچي،1994ع،ص74.
5. ايضا،ص113.
6. ايضا، ص71.
7. جميل الدين عالي کا مضمون، ’ميں اور ميرا فن‘، مطبوعه ’شعور‘، حيدرآباد، سندھ، شماره ــ 43

572 ڀيرا پڙهيو ويو