لڇمڻ ڪومل جا غزل: هڪ اڀياس
(A Study of Lakshman Komal’s Ghazals)

ڊاڪٽر احسان دانش
Abstract:

Lakshman Komal was particularly known for his poetry. He was a poet first and last, and his poetry is the prime source of his identity in India. He was well-aware of all the subtleties of poetry because, from his early age, he was fortunate to have the company of the eminent poets like Narayan Shiyam and PurIsram Ziya. Moreover, he had Harumal Sada rangani Khadim, an expert in prosody, as his teacher who conditioned him to be a matchless poet of Ghazals. Along with Ghazals he successfully composed Nazm (poem) and new poetry, yet his Ghazal perfectly meets the criteria of prosody and it is artistically flawless and highly sublime.
The language of Lakshman Komal’s Ghazals is truly beautiful and polished. Though he started composing poetry in an age when Sindhi Ghazal was greatly under the influence of Persian patterns and comparisons, but his Ghazals indicate only a slight Persian influence. His Ghazals largely exude the fragrance of pure Sindhi tradition. There is profuse use of Hindi words in the Sindhi poetry of many Sindhi poets living in India, which is a natural sign of the influence of the land on their writings but Lakshman’s Ghazals seem to be completely free from such influence. In this article, the research has attempted to make a comprehensive study of Lakshman Komal’s Ghazals.
Key words: identity, subtleties, prosody, sublime, fragrance, influence.

شاعري هڪ اهڙي دنيا آهي، جنھن کي مڪمل طور ڪوبه تسخير نه ڪري سگھيو آهي. اهوئي سبب آهي جو هن وقت تائين شاعريءَ جون اڻ ڪٿيون وصفون ته بيان ڪيون ويون آهن پر حتمي وصف بيان نه ٿي سگھي آهي، تنھن ڪري اهو چئي سگھجي ٿو ته ’شاعري‘ وصفن کان اڳتي هڪ اهڙو احساساتي ڪرشمو آهي، جنھن کي رڳو محسوس ڪري سگھجي ٿو پر بيان نه ٿو ڪري سگھجي. نامياري شاعر ۽ نقاد لڇمڻ ڪومل به سنڌي ٻوليءَ جي برجستي شاعر نند جويري جي شعري مجموعي ”اکر ڪٿا“ جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته:
”دنيا جو ڪو به دانشور، ويندي اُستاد اَرسطوءَ جھڙو ڏاهو شخص به شاعريءَ جو صحيح ۽ چٽو مفھوم پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڪن پارکن شاعريءَ کي اندر جي اڌمن جو آواز ڪري ڪوٺيو آهي. ڪن شاعريءَ کي پيغمبريءَ جو درجو ڏيئي پير پرستيءَ ڏانھن مائل ڪيو آهي ۽ ڪن روايتي انداز ۾ جذبن جي پلٽ پلٽان کي سٽن ۾ سرجڻ جو سلسلو ڪري ڄاڻايو آهي. پر خالص شاعري انهن معنائن، مفهومن ۽ مطلبن کان گهڻو مٿي ۽ مختلف آهي...... منھنجي نظر ۾ پڻ مختلف گهڙين ۾شاعريءَ جا الڳ الڳ رخ ۽ وهنوار پئي رهيا آهن. جيڪي مبھم ۽ اڻ چٽيا رهيا آهن جو مختلف دورن ۾ شاعريءَ جا رنگ روپ ۽ نّظريا به وقت جي وهڪرن سان وهندا رهيا آهن. انڪري جدا جدا دورن جي شاعري رڳو پنھنجي دورن ۽ وقت جي تقاضا پوري ڪندي رهي آهي.“ (1)
شاعري، مختلف صنفن تي آڌاريل آهي، اصل ۾ اهي صنفون اظھار جي الڳ الڳ قالبن وانگر ئي آهن. ننڍي کنڊ ۾ مقبول عروضي صنفن منجھان، غزل اهم ترين شعري صنف آهي، جنھن تي اڄ سوڌو مختلف ٻولين ۾ طبع آزمائي ٿي رهي آهي ۽ ان صنف ۾ نوان نوان تجربا پڻ ٿيندا رهن ٿا. خود سنڌي غزل به گذريل ڪجھه ڏهاڪن کان، سنڌي شاعريءَ جي مقبول صنف بڻجي پيو آهي. جيتوڻيڪ عروضي شاعريءَ ۾ غزل هڪ مشڪل صنف آهي، جنھن سان نڀاءُ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي، پر اڄوڪي سمي ۾ هر شاعر، غزل جي صنف ۾ پنھنجن جذبن ۽ احساسن جي پالوٽ ڪرڻ چاهي ٿو. اهو ئي سبب آهي ته هند سنڌ جا اڪثر شاعر، اسان کي غزل گو نظر ايندا. غزل، شاعريءَ جي هڪ اهڙي نرمل ۽ نفيس صنف آهي، جنھن کي وڏي احتياط جي آڱر سان ڇھڻ جي ضرورت آهي. غير تجربيڪار فنڪار جي ڇھاءَ سان ان جي حسن کي هيڪاري ڇيھو به رسي سگھي ٿو. تنھن ڪري منهنجي خيال ۾ غزل جي نزاڪت ان جو اولين ڳڻ آهي.
لڇمڻ ڪومل جي سڃاڻپ هڪ صحافي، تجزيا نگار، مضمون نويس ۽ نقاد واري هئي ۽ ويجھڙ ۾ هن پنھنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ به شايع ٿيل آهي، مون کي پنھنجي ڪم علمي جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن محترمه وينا شرنگي، ڪومل صاحب جا ڪيترائي غزل ۽ نظم مون ڏانهن اماڻيا. خبر پئي ته 1975ع ۾ لڇمڻ ڪومل هڪ سٺو شاعر به هو ۽ سندس هڪ شعري مجموعو ”جيءَ جھروڪا“ پڻ شايع ٿيل آهي، جنھن ۾ هن جا آزاد نظم/ نثري نظم هيا، ان ڪتاب تي کيس ساهتيه اڪيڊمي دهلي پاران 1976ع ۾ هند جو وڏي ۾ وڏو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب:
”هو ورهاڱي کان پوءِ وارن شاعرن ۾ سٺو مقام رکي ٿو ۽ غزل ۽ نظم جو سٺو شاعر آهي. ڀارت ۽ ان کان ٻاهر ”آل انڊيا پوئٽري سمپوزيم“ ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ سنڌ ۾ پڻ ڪيترا ڀيرا ادبي ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي اٿس. سندس شاعري اردو، انگريزي ۽ روسي زبانن ۾ ترجمو ٿي چڪي آهي.“ (2)
لڇمڻ ڪومل پنجاهه واري ڏهاڪي جي، پڇاڙڪن سالن کان شاعري شروع ڪندي، ستر واري ڏهاڪي تائين شعر چيو ۽ پوءِ شاعريءَ کي الوداع چيو. اهڙي پختي شاعر ڀلا شاعريءَ کان پنھنجا رستا ڌار ڇو ڪيا؟! ان جا ڪيئي جواب ٿي سگھن ٿا.
شاعر ۽ نثر نگار رکيل مورائي پنھنجي هڪ مضمون ”لڇمڻ ڪومل ۽ سنڌ“ ۾ لکيو آهي ته:
”لڇمڻ اول ۽ آخر شاعر آهي ۽ هند ۾ هُن جي اهائي اهم سڃاڻپ آهي، هُو شاعريءَ جي سمورين باريڪين کان واقف هُئو، ڇاڪاڻ ته هُن کي شروعاتي ڄمار ۾ نارائڻ شيام ۽ پراسرام ضيا جھڙا شاعر مليا، جن سان هن گڏجي شاعري ڪئي ۽ هند ۾ هُن کي هرو مل سدارنگاڻي خادم جھڙو عروض جو ڄاڻو استاد مليو. جنھن کيس ٺپي ٺاهي هڪ لاجواب غزل گو شاعر بڻايو.“ (3)
جيتوڻيڪ هن غزل سان گڏ نظم ۽ نئين ڪويتا ڪاميابيءَ سان لکي پر سندس غزلُ پنھنجي عروضي تقاضائن سان هم آهنگ، فني طور پختو ۽ فڪري طور سگھارو نظر اچي ٿو. منھنجي دعوى جي دليل طور سندس هي غزل ئي پڙهي ڏسو:
مشڪين تون پاڻ ويٺي نظارن جي گود ۾
چمڪي ٿو يا ڪو چنڊ ستارن جي گود ۾؟
ڪنھن جو ڪرشمو آهه، هي ڪنھن جو ڪمال آهه،
طوفان جذب ٿي ويا ڪنارن جي گود ۾!
ان ريت مسڪرائي غمن ۾ به زندگي
جيئن ڦول مسڪرائي ڪو خارن جي گود ۾!
ڪومل پڇج انھن کان محبت جي درد جو
آئي نه جن کي ننڊ بهارن جي گود ۾!

مٿيون غزل، غزل جي بنيادي وصف ۽ گھرجن مطابق ’مُنڊيءَ تي ٽِڪَ‘ وانگر ئي ته آهي. محبوب جو مست نظارن ۾ مرڪڻ، ستارن جي گود ۾ چنڊ جي چمڪڻ جھڙو آهي. طوفانن جو ڪنارن جي هنج ۾ جذب ٿيڻ آخر ڪنھن جو ڪرشمو آهي! غمن ۾ مرڪندڙ زندگي خارن جي وچ ۾ کلندڙ گلن جهڙي آهي ۽ محبت جو درد بھارن جي هنج ۾ بي آرام ماڻهن کان پڇڻ کپي. غزل ڪنھن گلزار وانگر ئي لڳي ٿو. جنھن ۾ طرحين طرحين گل آهن ۽ هر گل ۾ پنھنجو رنگ ۽ خوشبو آهي. حسين تشبيهن جي حسن سان سينگاريل ڪومل جي هن غزل ۾ نه رڳو رومانوي فضا ٿي پسجي پر غم ۽ خوشي جي ڳالهين مان زندگيءَ جي جھلڪ به ڏسجي پئي.
غزل جي ٻين انيڪ خوبين سان گڏ، ان جي هڪ وڏي خوبي اها به آهي ته ان جو هر شعر/بيت پنھنجي هڪ الڳ دنيا رکي ٿو. جيڪڏهن غزل جي شعرن کي ستارن سان تعبير ڪجي ته هڪ غزل ڪنھن ڪھڪشان جيان ئي لڳندو. غزل جي انهيءَ خوبيءَ بابت شيخ عبد الرزاق راز لکيو آهي ته ”غزل جو هر هڪ بيت ڪنھن جداگانه تخيل ۽ تجربي جي پيداوار ٿئي ٿو، تنھن ڪري غزل جي هر بيت جو مضمون منفرد ۽ مڪمل نظريي جو حامل رهي ٿو. جنھن مان هڪ مڪمل تجربي جو مواد حاصل ٿئي ٿو. غزل جي مختلف بيتن ۾ مختلف خيال ۽ تجربن پيش ڪرڻ سان غزل جي سونھن برقرار رهي ٿي. غزل ۾ گھڻو ڪري مضمون جو سلسلو نه رهندو آهي. جيڪڏهن سڀني بيتن ۾ هڪ ئي مضمون آندو وڃي ۽ غزل ۾ تسلسل قائم رکجي ته اهو غزل جي روايت جي خلاف قانوني طور هڪ عيب سمجهيو وڃي ٿو.“ (6)
لڇمڻ ڪومل جي غزلن ۾ الڳ الڳ بيتن / شعرن ۾ خيالن جي رنگين دنيا نظر اچي ٿي. مثال طور سندس هي غزل پڙهجي:
اندر! اندر لاچاري بيزاري آ
ٻاهر! ٻاهر مان ۽ دنياداري آ.

برفن جا گھر ٺاهي ويٺو هرڪوئي
تيزي اُسَ جي، تيزيءَ سان ئي جاري آ.

هن پَلَ جو پس منظر ڪوئي ڏسي اچي،
هر ڪا صورت ڪيڏي پياري پياري آ.

ڪھڙا ڪھڙا ٿوهر اُڀريا ڌرتيءَ تي،
مٽيءَ جي پڻ پنھنجي ڪا لاچاري آ.

ڪھڙيون ڪومل تن کي ڏيون ميارون ڪي،
جن جي فطرت ۾ ئي دل آزاري آ.

مٿيون غزل، جديد غزل جون سموريون گھرجون پوريون ڪندڙ آهي. جنھن ۾ شاعر پنھنجي داخلي احساسن کي ئي لفظن جي لڪيرن ۾ پورٽريٽ نه ڪيو آهي پر خارجي آزمودن ۽ تجربن کي به شعري قالب ۾ ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي. هڪ طرف اندر جي بيزاري هڪ داخلي احساس آهي، ته ٻي پاسي دنياداري سماجي ٻنڌڻن ۽ خارجي معاملن سان مُنھن ڏيڻ جو احساس ڏياري ٿي. غزل جي مطلع وارن ٻنھي مصرعن جي منڍ ۾ ڏنل لفظ ’اندر‘ ۽ ’ٻاهر‘ اصل ۾ شاعر جا پاڻ کان ئي پڇيل سوال آهن، جن جا خود ئي جواب ڏئي ٿو. ائين سمورو غزل انسان جي اندر ۽ ٻاهر جي ڪيفيتن ۽ معاملن سان رچيل آهي.
غزل جي فني حسناڪين ۾ جماليات ۽ موضوعاتي سونھن ۾ رومانيت جي وڏي اهميت آهي. رومانس کان سواءِ غزل جي فضا ڏاڍي ٻُسي محسوس ٿيندي آهي. لڇمڻ ڪومل جا غزل، جماليات توڙي رومانويت جي حسن سان مالا مال آهن.
ڪڏهن هن سان اهڙي ملاقات ٿيندي،
زبان بند هوندي مگر بات ٿيندي!

اگر گفتگو جي اجازت نه ملندي،
ته ظاهر نگاهن مان جذبات ٿيندي!

هن غزل ۾ به هڪ روايتي غزل وارا سمورا لوازمات موجود آهن. فن جي سطح تي، ٻوليءَ جي نزاڪت، اسلوب ۽ وزن بحر جي پابندي، ۽ فڪر جي سطح تي موضوع سان نباهه ٿيل آهي. عشق ۾ اکيون زبان بڻجي وينديون آهن ۽ لب خاموش هوندا آهن. نگاهون ئي جذبن جو بيان ڪنديون آهن. اهي ڳالهيون ڪيترن ئي عاشقن ۽ شاعرن پنھنجي پنھنجي انداز سان ڪيون آهن پر انهيءَ غزل ۾ لڇمڻ ڪومل جو هڪ شعر آهي، جنھن کي هن ڏاڍي حسين انداز ۾ بيان ڪيو آهي:
ڪيم ضبط آهون ته پيا لڙڪ ڇُلڪي
هوا بند هوندي ته برسات ٿيندي!

هي اهو ڊڪشن آهي، جيڪو ڪنھن به شاعر کي پنھنجي ڌار سڃاڻپ ڏيندو آهي. ڪومل ان شعر ۾ پنھنجي ڪيفيتن کي بيان ڪندي ’آهُن‘ کي هوا ۽ ’لڙڪن‘ کي برسات سان تشبيهه ڏيندي، شعر کي جيڪو حسن بخشيو آهي ان جو جواب ناهي. اهڙي طرح ڪومل جي شاعريءَ ۾ جڳهه جڳهه تي فني ۽ فڪري جمال جھلڪي ٿو. مثال طور سندس هي غزل پيش آهي:
ڪندي توبهه به محفل ۾ جي مئي آئي ته ڇا ٿيندو؟
تصور ۾ اگر ڪاري گھٽا ڇائي ته ڇا ٿيندو؟

مڃوسين توکان منھنجي اک ڀنل ڏسجي نه ٿي سگھجي
اگر رخصت جي ويلي ڀرجي اک آئي ته ڇا ٿيندو؟

محبت ۾ گوارا آهه خاموشي به تو خاطر،
پسي توکي نظر محفل ۾ شرمائي ته ڇا ٿيندو؟

تنھنجي هن بي نيازيءَ کان نه دل ۾ درد پيدا ٿئي،
ڪريان مان ضبط آهون، ڀرجي اک آئي ته ڇا ٿيندو؟

ستم ٿيندو اڪيلائيءَ ۾ تنھنجي ياد جو ايندي،
طبيعت هجر جي راتين ۾ گھٻرائي ته ڇا ٿيندو؟

مٿئين غزل ۾ بيشڪ مجازي موهه جون ڳالهيون آهن، پر انداز ڪيڏو نه حسين آهي. توبهه جي باوجود محفل ۾ آيل مئي کي ٺڪرائڻ ۽ تصور ۾ ڪاري گھٽا ڇائجڻ غزل کي هڪ رومانوي رنگ ته ڏئي ٿو پر ’ڀنل اک‘، ’شرميلي نگاهه‘ ۽ ’اڪيلائيءَ ۾ ياد‘ جھڙيون علامتون هن غزل ۾ غزل جي خالص رنگِ تغزل کي گھرو ڪندي لفظي ۽ احساساتي جمال جون خوبيون به پيدا ڪن ٿيون. لڇمڻ جو اهڙين ئي خوبين وارو هڪ ٻيو غزل به ڏسو:
تنھنجي نظرن جو ٿي شڪار آيو،
عشق ۾ جو به دل فگار آيو.
دل ۾ تنھنجو خيال آيو ائين،
ڄڻڪ ويراني ۾ بهار آيو.
ساٿ دل کي جتي نه ڪنھن به ڏنو،
تنھنجو ويچار بار بار آيو.
ڪيئن نه بيتاب ڏس شباب بڻيو،
جيئن ذرا حسن تي نکار آيو.

لڇمڻ ڪومل جي غزلن جي ٻولي ڏاڍي پياري ۽ نج نبار آهي. جيتوڻيڪ جنھن دور ۾ هن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هيو، ان وقت، سنڌي ٻوليءَ ۾ لکجندڙ غزل اڃا فارسي ترڪيبن ۽ استعارن کان مڪمل طور آجو نه ٿيو هيو، ۽ اهڙي ڪجهه جهلڪ لڇمڻ جي غزلن ۾ به نظر اچي ٿي، ۽ ڪومل وٽ ’چشمِ پُرنم‘، ’دل فگار‘ ۽ ’نگاهِ يار‘ جھڙا شعري استعارا ۽ ترڪيبون به ملن ٿيون، جيڪي اصل ۾ فارسي غزل جو ئي ورثو آهن، پر تنھن هوندي به هن جا غزل گھڻو تڻو سنڌي ٻوليءَ جي نج لھجي جي خوشبو ڏيندڙ آهن. مان هند ۾ رهندڙ اڪثر سنڌي شاعرن جي شاعريءَ ۾ سنڌيءَ سان گڏ هندي لفظن جو گهڻائيءَ ۾ استعمال محسوس ڪيو آهي، جيڪو زميني اثر جي ڪري هڪ فطري عمل به آهي پر لڇمڻ ڪومل جا غزل اهڙي اثر کان بنهه آجا محسوس ٿين ٿا.
هڪ اجنبي وانگر ئي گذاريان ٿو وطن ۾،
سمجھن ڪي زبان منھنجي ته پنھنجا به چوان ڪي.
جيئن جذبا تخيل جي پرن تي ٿي اڏاڻا،
ڪومل نظر آيا ٿي تصور ۾ جهان ڪي.
.............
ڊنا سين بحر غم جي کان ۽ طوفانن جي جھٽڪن کان
ڪنارن تي ڀروسو هو ڪنارن ئي ڏنو دوکو
...............
راهه ۾ ڪيئي پيچ ۽ خم
پوءِ به پنھنجا تيز قدم.
راههِ محبت ۽ آسان؟
هلي ته ڏس ڪي چــــار قدم.
مٿين شعرن ۾ ڪو اوپرو لھجو محسوس نه ٿو ٿئي. هر شعر ۾ لفظن جي جڙاوت ۽ ترتيب، خيالن جو وهڪرو، احساسن جي اڇل، تز وزن ۽ واضح مفھوم موجود ملي ٿو.
ڪنور مھيندر سنگھه بدي سحر جو هڪ شعر آهي ته:
زندگي موت بن گئي هوتي، جان سے هم گذر گئے هوتے
اتنے عشرت زده هيں هم که اگر، غم نه هوتا تو مر گئے هوتے
حقيقت اها آهي ته غم هڪ طاقت آهي، جنھن وسيلي زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھي سگھجي ٿو. ڇوته دُک جي ڪُک مان ئي سُک جي باک ڦٽندي آهي. ”درد شاعريءَ جو بنيادي موضوع آهي، درد جون کوڙ صورتون آهن. دنيا جي سڄي شاعري انسان جي خارجي ۽ داخلي درد جي ڪٿا آهي. شيلي چيو هو ته “Our sweetest songs are those that tell of saddest thought” ...... تخليق خود هڪ درد جو عمل آهي، جيڪو ماڻهو پاڻ ڀوڳي ٿو سوٻي جي پيڙا کي به محسوس ڪري ٿو. ائين، جيسيتائين ڪو شاعر درد جي ڪيفيت کي گھرائي سان محسوس نه ٿو ڪري ۽ غم جي ماهيت جي پروڙ نه ٿو رکي تيسيتائين ان کي پنھنجي باطن ۾ جذب نه ٿو ڪري سگھي.“ (5)
لڇمڻ ڪومل به دک جي حقيقت کان آشنا آهي. هن جو خيال آهي ته درد هڪ حد تائين درد ڏئي ٿو ۽ جڏهن اها حد پار ڪري وڃي ٿو ته دک دک نه ٿو رهي. ڀٽائي جي لفظن ۾ پوءِ ”ڏک سکن جي سونھن بڻجي پوي ٿو.“ ان ڪري ڪومل جڏهن ان ڏک جي سک کي پسي ورتو ته چئي ڏنو ته هاڻي حياتي غم جي اثر کان بچي وئي آهي.
حد کان وڌي ويو ته ڪوئي غم نه غم رهيو،
آخر حيات غم جي اثر کان بچي وئي.

شبلي نعماني پنھنجي مشھور ڪتاب ”شعر العجم“ ۾ اعلى درجي جي شاعريءَ جي اهم عنصرن بابت لکيو آهي ته:
”هڪ عمده شعر ۾ گھڻيون ئي ڳالهيون هونديون آهن. ان ۾ وزن هوندو آهي، محاڪات هوندي آهي، يعني ڪنھن چيز يا ڪنھن حالت جي تصوير ڇڪي ويندي آهي، خيال بندي هوندي آهي. لفظ سادا ۽ مٺڙا هوندا آهن، بندش صاف هوندي آهي ۽ طرز ادا ۾ جدت هوندي آهي.“ (6)
انھن بنيادي اصولن کي سامهون رکندي لڇمڻ ڪومل جي غزلن جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي غزل ۾ اهي مڙوئي خوبيون موجود آهن. مثال طور سندس غزلن مان هي چند شعر ئي پڙهي ڏسجن:
آئي دل ڀرجي، ٻه ٽي لڙڪ اکين مان ڇلڪيا،
توهين آيوء جو ڪٿي ياد، توهين ڇا ڄاڻو؟
..........
دل جي حالت مون کان پڇو ڇو ٿا،
خود ڏسو منھنجي ئي نگاهن ۾.
..........
ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا،
رات ڏٺا سين خوب ڪرشما خوابن جا.
..........
اي وقت جا انڌا رکوالا، هي راز اسان ڀي ڄاڻون ٿا،
بي وجھه اوهان جي اکڙين کان ڇو بينائي مُنهن موڙي ٿي.

مٿيان سمورا شعر با وزن آهن، لڙڪن جو اکين مان ڇلڪڻ ڏک جي حالت جي تصوير ڪشي آهي. اهڙي طرح ٿوهر جي ٽاري تي گلابن جي ڦٽڻ کي جيتوڻيڪ هن خوابن جو ڪرشمو سڏيو آهي پر ان شعر ۾ محاڪات سان گڏ سريئلسٽ خيال به موجود آهي. ڪومل جا اهي ۽ اهڙا سمورا شعر لفظي سادگي ۽ چاشنيءَ سان ٽٻُ، حسين لفظي بندش، طرزِ ادا ۽ جدت سان ڀرپور نظر اچن ٿا. سندس غزل جي هر شعر ۾ انوکو فڪر ۽ تخيل موجود آهي. حقيقت اها آهي ته فڪر ۽ تخيل جي دنيا تمام وسيع آهي، جنھن جو ڪو ڇيهه ناهي. لڇمڻ ڪومل جي غزلن ۾ جيڪا تخيل جي پرواز آهي ۽ جيڪو گھرو فڪر ۽ شعور موجود آهي ان جو ڪاٿو ڪرڻ لاءِ هن جي غزلن کي وري وري پڙهڻو پوندو، ڇوته هن جي غزلن ۾ اهڙا فلسفياڻا شعر به موجود آهن، جن تي گھڻي دير تائين ڳالهائي سگھجي ٿو.
موت وس ۾ نه زندگي وس ۾،
ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين.

ڪيڏو نه سچ آهي ته ماڻهو بي وسيءَ جي اهڙي عالم ۾ ئي زندگي گذاري ٿو. جڏهن ماڻهوءَ کي نه زندگيءَ تي اختيار آهي نه موت تي ته پوءِ ڄڻ هو زندگي هوائن جي دوش تي گذاري ٿو ۽ جڏهن هوائون بند ٿي وڃن ٿيون ته هڪ گھٽ ۽ ٻوسٽ جو احساس ٿئي ٿو. هڪ اهڙي گھُٽ جيڪا ماڻهوءَ کي موت جي هنج ۾ سمھاري ٿي. لڇمڻ ڪومل ڀاٽيا به موت جي انهيءَ هنج ۾ وڃي سُتو آهي پر هن جي فڪر ۽ تخيل کي ڪڏهن به موت نه ٿو اچي سگھي.

حوالا
1. جويري نند، ”اکر ڪٿا“، ( مھاڳ: ”اکر ڪٿا“ اوندهه ۾ روشنيءَ جو اڪيلو اهڃاڻ ـــ لڇمڻ ڪومل) ساهت سنڌو پبليڪيشن ممبئي، 2012ع ص 08
2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٻيو) سنڌي لئنگويج اٿارٽي حيدرآباد، 2010ع
3. مورائي رکيل، ”لڇمڻ ڪومل ۽ سنڌ“ سنڌ سلامت. ڪام (لنڪ: http://sindhsalamat.com/threads/11566
4. شيخ عبد الرزاق راز، ”سنڌي غزل جو تجزيو“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ٻيو ايڊيشن 2004ع، ص 20
5. دانش احسان ڊاڪٽر، مقالو: ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ درد جون ڪيفيتون“، ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل (ايڊيٽر: پروفيسر محمد سليم ميمڻ)، جلد 20، شمارو 2، ڊسمبر 2017ع ص 11
6. نعماني شبلي مولانا، ”شعر العجم“ (جلد چھارم)، معارف پريس اعظم ڳڙ، 1951ع، ص 6

612 ڀيرا پڙهيو ويو