ڪلا پرڪاش جي ناولن ۾ عورت ڪردار جي حيثيت ۽ اهميت جو جائزو
(Analysis of the position and importance of women characters in Kala Prakash's novels)
ڊاڪٽرپروين موسٰي ميمڻ
Abstract:
Kala Prakash is a well-known Sindhi prose writer with short stories, memoirs, essays, poetic prose and novels to her credit. Her contribution to modern novel is astounding with more than ten amazing novels, the titles there of are mentioned below in the article. This paper meticulously deliberates on her characteristic feminist, humanist literary work and evaluates dispassionately the position and importance of women characters in her novels.
سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪا، ڪلاپرڪاش جو پورو نالو ڪلاپارو مل چانڊواڻي هو. هن ڪراچي شھر ۾ 2 جنوري 1934ع تي جنم ورتو ۽ سپيٽمبر 2018ع ۾ وفات ڪئي. هن هرديوي گرلس هاءِ اسڪول ڪراچي ۽ پوءِ بمبئيءَ جي.ڪي.جي کلناڻي اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ ڊپلوما اِن هائير ايجوڪيشن (ڊي.ايڇ.اي) ڪيائين. ڪلا پرڪاش نثر جي اهم ليکڪا آهي. سندس پھرين ڪھاڻي ’ڏوھي بي ڏوھي‘ 1953ع ۾ ڇپي ۽ 1954ع ۾ سندس شادي مشھور اديب ۽ شاعر موتي پرڪاش سان ٿي، جنھن کان پوءِ نه فقط سندس لکڻ پڙهڻ وڌيو، پر هوءَ هڪ اهم ليکڪا طور اڀري سامهون آئي. هن نثر ۾ ڪھاڻيون، ناول، مضمون، يادگيريون، مقدما، مھاڳ ۽ خط لکيا آھن. نثري نظم ۾ ھڪ ڪتاب ’ممتا جون لھرون‘ لکيو اٿس. کيس شعر چوڻ ۽ لکڻ سان گڏ شعر ٻڌڻ به تمام پسند هو. پنھنجي انهيءَ پسند تي لکيو اٿس ته:
”شعر وڻيم ڏاڍو پر پاڻيھي پڙهان ۽ مزو وٺان، اها به قوت ڪانهيم، ٻيو ڪير، پڙهي ٻڌائي ته بس، رات جو دير سان شعر ٻڌڻ ڏاڍ وڻيم، جي شعر ٻڌڻ مھل هٿ ۾ چانھه جو ڪوپ ملي وڃي ته منھنجي خوشي ماپجي نه سگهندي، برساتي رات هجي يا سرد رات هجي ۽ هي ويھي شعر ٻڌائي ته جيڪر عمر وڌي وڃي ۽ مشاعرو مون لاءِ وڏي نعمت آهي. پورو ٿي ويندو ته ڏاڍي اداس ٿينديس“. (1)
ادبي سفر ۾ ڪلا کي پنھنجي وَر، موتي پرڪاش جو ساٿ مليو. شاديءَ کان اڳ هن تمام مختصر لکيو، سندس فن، موتي پرڪاش جي همراهيءَ ۾ ئي نکريو ۽ سنوريو، هن سکي ستابي حياتي گذاري. کيس ٻن ٻارن شريڪانت (پٽ) ۽ سنڌو (ڌيءَ) جو اولاد آهي، جيڪي اعليٰ تعليم يافته آهن. شريڪانت صدف پڻ سنڌي نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. مطلب ته سندس گهر جو سڄو ماحول علمي ۽ ادبي آهي جو سندس فن جي اُسرڻ ۾ مددگار رهيو.
ڪلا پرڪاش، گهر جا فرض نڀائڻ سان گڏ نوڪري ڪندڙ عورت رهي. سندس گهڻو وقت آفيس ۽ گهرو جوابدارين ۾ گذريو، پوءِ به هوءَ پنھنجي قلمي اظھار لاءِ ڪجهه نه ڪجهه وقت ڪڍي وٺندي هئي. 1954ع کان نوڪريءَ جي شروعات ڪيائين ۽ 1971ع تائين ڀارت جي مرڪزي سرڪار جي کاتي ۾ آڊيٽر رهي. ڪلا 1971ع کان 77ع تائين، الھاس نگر مھارشٽرا جي تلريجا ڪاليج ۾ سنڌي مضمون پڙهائيندي رهي، جنھن کان پوءِ دبئيءَ جي هڪ وڏي اسڪول ۾ ڪجهه سال هيڊ مسٽريس طور جوابداريون نڀايائين.
بحيثيت ناول نگار، ڪلا پرڪاش جو ڪم اهم شمار ٿئي ٿو. هن پنھنجي تخليقي صلاحيتن جي اظھار لاءِ، سڀ کان گهڻو ناول جي صنف کي اوليت ڏني آهي. انساني جذبن ۽ احساسن جي تفصيلي ۽ اثرائتي اظھار لاءِ، نثر ۾ ناول جي صنف ڪارائتو ذريعو آهي. ڪلا انساني جذبن ۽ احساسن جي قلمڪار هئڻ جي حيثيت ۾، پنھنجي ڪردارن جي جذبن جي اپٽار سھڻي نموني ڪرڻ لاءِ گھڻي ۾ گھڻا ناول لکيا آهن. هن جيترا ناول ڪنھن به سنڌي ليکڪا ڪونه لکيا آهن. ڪلا جي ناولن جو ڳاڻيٽو ڏهن کان مٿي آهي. کيس سنڌي ناول نگاريءَ جي سرواڻ ليکڪا چئجي ته بجا ٿيندو.
ڪلا پرڪاش کي ماڻهوءَ جي مَن تي حاوي ٿيل وڏي کان وڏي مسئلي کان وٺي ننڍي کان ننڍيءَ چنتا جو ادراڪ آهي. هوءَ معمولي کان معمولي ڳالهه/واقعي کي نظر انداز نٿي ڪري. انساني زندگيءَ جي خوشين، غمين، لاهن چاڙهن، ويچارن ۽ قدرن کان هوءَ پوري طرح آشنا آهي. سندس فن انساني نفسيات جي پرک تي مشتمل آهي ۽ سندس نثر ۾ سھڻي ٻولي ۽ ڪردار نگاريءَ کي اولين حيثيت حاصل آهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڪلا جي ناول نگاريءَ تي هن ريت راءِ ڏني آهي:
”موتي پرڪاش جي جيون ساٿي، هن ليکڪا ناول ۽ ڪھاڻيءَ جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. سندس ناول ’هڪ دل هزار ارمان‘، ’هڪ سپنو سکن جو‘، ’شيشي جي دل‘، ’حياتي هوتن ري‘، ۽ ’سپنن جو سنسار‘ مشھور ٿيا. ڪلا جا ناول پيار ۽ سماج جي چؤگرد پيا ڦرن، هن جي تحرير ۾ جيڪو جوش ۽ جذبو سمايل آهي. تنھن ۾ خوبصورت لفظن ۽ جملن جو گهڻو دخل آهي“. (2)
ڪلا، مقدار توڻي معيار ۾ پنھنجي انفرادي حيثيت، ناول نگاريءَ جي صنف ۾ مڃائي آهي. سندس پھريون ناول ’هڪ دل هزار ارمان‘ 1957ع ۾ ڇپيو. ان کان پوءِ ’شيشي جي دل‘ 1960ع، ’هڪ سپنو سکن جو‘ 1977ع ۾ ڇپيو. ان کان سواءِ ’حياتي هوتن ريءَ‘ 1979ع، ’وقت وٿيون وڇوٽيون‘ 1988ع، ’آرسيءَ آڏو‘ (ساهتيه اڪيڊمي طرفان انعام يافته ) 1994ع، ’پيار‘ 1997ع، ’پکن جي پريت ۽ پيار‘ (ٻه ناول گڏ) 1999ع ۽ ’سمنڊ ۽ ڪنارو‘ شايع ٿيا آهن. ڪلا پرڪاش جا ناول هند ۽ سنڌ ٻنهي هنڌن ڇپجڻ جي ڪري سندس فن سنڌ ۾ پڻ ايترو ئي مقبول آهي، جيترو هند ۾. هوءَ دل جي اونهاين سان سنڌ ڌرتيءَ سان پيار جو جذبو رکي ٿي. کيس سنڌي هئڻ تي فخر آهي، وطن جي سڪ ۽ هتان جي ماحول جا نقشا هن پنھنجي قلم ذريعي پيش ڪيا آهن. سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوم سان پنھنجي محبت جو اظھار ڪھاڻين، ناولن، يادگيرين۽ خطن ۾ ڪيو اٿس. سندس انهيءَ پيار جي گھراين تي خادم حسين چانڊيو لکي ٿو ته:
”سنڌ ياترا مھل هوءَ بي انتھا پرسڪون آهي. کيس ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ جيجل ماءُ کيس ڇاتيءَ سان لاتو آهي ۽ ڄڻ کيس سڪون جي ننڊ نصيب ٿي آهي، بلڪه سندس لفظن ۾ ته، منھنجي واقفيت اھا ئي آهي ته مان سنڌي آهيان، سنڌي ٻولي هن سنڌ جي ڌرتيءَ جي ٿڃ آهي، جيڪا توهان ۽ مون گڏ پيتي آهي ۽ اهو ئي توهان جو ۽ منھنجو سڱ آهي، جيڪو ڪڏهن به نه ٽٽندو“. (3)
’شيشي جي دل‘ ناول ۾ هن سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي ماحول جو عڪس چٽيو آهي. ’پکن جي پريت‘ مڪمل طور سنڌ جي سڪ جو داستان آهي. هن ناول ۾ گڻونتي ورهاڱي بعد سنڌ جون يادون کڻي هندوستان وڃي ٿي، جتي هر وقت ’خانواهڻ‘ (سندس اباڻي شھر) کي ياد ڪندي لڙڪ لاڙيندي رهي ٿي ۽ ٽينا پڻ بمبئيءَ مان سنڌ ڏسڻ آئي ته کيس ڏاڍي راحت ملي. ڪلا جو ڪتاب ’هينئڙي منجهه هُرن‘ سنڌ جي سفر کان پوءِ جي يادگيرين ۽ تاثرات تي ٻڌل آهي، جنھن ۾ هتي ملاقات ٿيل شخصيتن جي ذڪر سان گڏ مليل مانَ ۽ محبتون فخر ۽ خوشيءَ سان بيان ڪيل آهن.
ڪلا پرڪاش، ذاتي طور نرم ۽ نازڪ دل رکندڙ ۽ انسانيت سان پيار ڪندڙ عورت هئي. پيارن ۽ ڪومل جذبن جي هن قلمڪار وٽ، ممتا جو جذبو بلنديءَ تي آهي. نثر توڙي شاعريءَ ۾ هوءَ نفسيات جي نازڪ تر حقيقت تائين پھچڻ جي صلاحيت رکي ٿي. درياهه جي نرم ۽ ٿڌي پاڻيءَ جي وهڪري جيان سبڪ روانيءَ سان پنھنجي شخصيت جي آگھي ڏيندي رهي. وٽس پيار جي جذبي جي حيثيت سڀني جذبن کان مٿي آهي. هوءَ نفرت جھڙي ڪريل احساس کي به پياري انداز سان پيش ڪري ٿي. سندس نظر انسان دوستي ۽ انساني محبت جي اصولن تي آهي. ناول ”پيار“ ۾ اهو اظھار هن ريت ڪيو اٿس:
”پيار هوندو آهي دل جي ڌڙڪڻ ۾،
ساهه ۾ سبيل هوندو آهي پيار
اکين مان ڇلڪندو آهي پيار
وهنوار ۾ بکندو آهي پيار،
پيار آهي چانڊوڪيءَ جي ٿڌاڻ ۾،
پکي پکڻ آلاپين ٿا پيار جو راڳ،
سکي، پيار ٻاهر نه ڳول،
پيار ٿيندو آهي اندر ۾“. (4)
ڪردارنگاريءَ جي لحاظ کان ڪلا، پنھنجي فن ۾ مھارت رکندڙ هئي. هن پنھنجي ڪردارن جي اندرين جذبن ۽ احساسن جي طوفان کي طريقي سان سھيڙيندي، مختلف واقعن، روزمره جي سوچن ۽ عملن ذريعي اظھاري ٿي. ۽ انهن ڪردارن جي خارجي روين ۾ انهن جي داخلي ڪيفيت کي بيان ڪيو اٿس، جنھن ۾ هن وچئين طبقي جي هر عورت جي نمائندگي ڪئي آهي. ڪلا پرڪاش جو تخليقي رويو سنجيده انداز جو آهي. سندس اسلوب شانائتو، سلجهيل، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ اثرائتو آهي. هُن ٽٽل ۽ وکريل ڪردارن کي بي وسيءَ، بي همتيءَ ۽ مظلوميت جي بجاءِ جرائت ۽ اعتماد ڏيئي، حياتيءَ جي تلخ حقيقتن کي منھن ڏيڻ سيکاريندي، کين زندگيءَ ڏي راغب ڪيو آهي.
ڪلا کي پنھنجي لکڻين لاءِ ڪردار جي چونڊ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيو، جو هوءَ خود وڏو عرصو هڪ نوڪري ڪندڙ عورت رهي. گهڻن ماڻهن سان ميل ميلاپ، سفر وسيلي سندس مشاهدو مضبوط ٿيو آهي. هوءَ آسپاس کان پوريءَ ريت باخبر رهي. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر واپسيءَ تائين جي ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ هُن گهڻن ماڻهن جا رويا نظر هيٺ آندا، سندس لکڻين ۾ عورت جي نوڪريءَ جو ذڪر پڻ گهڻو ملي ٿو، جنھن ۾ ڪلا سڌي نموني عورت جي گهر گرهستي سنڀالڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جي ٻٽين جوابدارين کي مڃتا ڏني آهي. سندس موجب ته عورت ۽ مرد ٻئي نوڪري ڪن ٿا، پر عورت جو رتبو سماج ۾ وري به هيٺانھين تي آهي. هوءَ پنھنجو رت ست ولوڙي به وڌيڪ لوڙي ٿي. هوءَ گهر ۽ ٻار سنڀالڻ ۽ نوڪريءَ ڪرڻ ۾ جيترين تڪليفن مان گذري ٿي انهيءَ کي سماج ۾ رهندڙ ٻيا فرد ته ڇا، پر خود سندس گهر ڀاتي ۽ لاڳاپيل ماڻهو پڻ ايترو محسوس نٿا ڪن، جيترو ڪرڻ گهرجي، سندس ناول ’وقت وٿيون وڇوٽيون‘ هن ڏِس ۾ اعليٰ مثال آهي. ڪلا پرڪاش نوڪري ڪندڙ عورت کي جوابدارين ۽ فرضن جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ محسوس ڪيو آهي ۽ انهيءَ عورت جا احساس، خواهشون، جذبا ۽ عملي رويا ڪلا جي اکين آڏو ڦرن ٿا، سندس قلم، پڙهيل ڳڙهيل ۽ قرباني ڏيندڙ عورت جي جذبن جو ترجمان ٿي وڃي ٿو. مجموعي طور پنھنجي فن ۾ هوءَ عورت جي ڪردار جي مختلف روپن کي اهميت ڏيندڙ آهي.
”ڪلا پرڪاش مردن جي هن سماج ۾ عورتن جي مظلوميت ۽ انهن جي احساسن ۽ جذبن جي ٽٽڻ جو آواز ٻڌايو آهي. هن وٽ خاندان جي ٽٽڻ ۾ سڀ کان متاثر ڪردار عورت جو ئي آهي ۽ هوءَ عورت جي ڪردار جي ڪيترن ڏکن تان پردو کڻي ٿي ۽ انهيءَ لاءِ هُن کي گهڻو پري نٿو وڃڻو پوي، جو هن ڪھاڻين ۽ ناولن جا ڪردار ۽ موضوع پنھنجي آسپاس جي روزمره جي زندگيءَ مان چونڊيا آهن، هن جا ناول ’سپنو سکن جو‘ ۽ ’پيار‘ گهريلو شادي شده حياتيءَ جي وهنوار ۾ عورت ۽ مرد جي ڏينھن رات جي سچاين ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ اڻ چيل ڪمپرومائيز جون ڪھاڻيون آهن ته سندس ناول ’هڪ دل هزار ارمان‘ حقيقت نگاري ۽ زندگيءَ جي رومانوي تصورن جو دلڪش امتزاج آهي“. (5)
ڪلا جو پھريون ناول ’هڪ دل هزار ارمان‘ 1957ع ۾ ڇپيو. هيءُ رومانوي ناول گهرو ۽ سماجي مسئلن کي بيان ڪري ٿو. گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا ڪلا جي ناولن ۾ گهڻي ڀاڱي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
شيشي جي دل: ناول سنڌي سماج جي ڏيتي ليتيءَ جي بڇڙي رسم جي نشاندهيءَ سان گڏ موضوع طور همدردي ۽ پيار جي جذبي تي مشتمل آهي. ورهاڱي جي يادگيرين جي اوٽ ۾ سنڌ ۽ ڀارت ۾ رهيل هندو سنڌين جي زندگين جو عڪس چٽيل آهي. ٻن شادي شده ڀائرن جي گڏيل ڪٽنب جي هن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا، ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جي محبت ڏيکاري آهي. ڀاءُ وٽان نظرانداز ٿيل ڀاڄائيءَ ڪاڻ ڏير پنھنجي ٻچن ۽ زال کي ڇڏي وڃي، ڀاڄائيءَ سان شادي ڪري ٿو. هيءُ هڪ مختلف موضوع آهي، جيڪو هندو سنڌي سماج جي حوالي سان انوکو پيو لڳي، پر اها به حقيقت آهي ته اسان جي آس پاس جي دنيا ۾ اهڙا اعتبار ۾ نه ايندڙ واقعا ٿين پيا. يقيناً ليکڪا جي مشاهدي ۾ اهڙو ڪو مثال آيو هوندو، جنهن کي موضوع بنائي ڪلا پرڪاش هيءُ ناول لکيو آهي. هن ناول جي پلاٽ ۾ ڪا خاص مضبوطي ڪانهي، ناول جي هيرو جو رويو به ڪٿي ڪٿي متاثر ڪندڙ نٿو لڳي، باقي ٻولي، سا تمام وڻندڙ ۽ اثرائتي آهي، پوپٽي هيراننداڻي هن ناول جي باري ۾ لکيو آهي ته:
“In her Novel, Shishe Ji Dil (Heart made of Glass) every Character narrates his or her own Story, Though written as a novel of Social realism the hero of this novel with his strange behaviour towards his wife and sister- in law, is not convincing. Kala’s language is simple and idiomatic and there is a Poetic Flow in her words.”(6)
’شيشي جي دل‘ ناول ۾ ڪلا پرڪاش نه فقط عبارت آرائيءَ جا ڪمال پيش ڪيا آهن، پر هُن ماحول ۽ منظر نگاريءَ کي گهريلو ماحول جي مناسبت سان وڻندڙ نموني آندو آهي. هيءُ ناول 1960ع ۾ هند ۾ ۽ 1970ع ۾ سنڌ ۾ ڇپيو، سپنو سکن جو، ناول 1974ع ۾ ڇپيو، جيڪو سادي ۽ سولي عبارت آرائي ۽ ٻوليءَ جي ٻين خوبين جي حوالي کان اهميت رکندڙ آهي. موضوع طور هيءُ ناول هيٺين- وچولي طبقي جي مالي حالتن، پئسي جي تنگيءَ جي مسئلن ۽ روزمره جي ننڍن ننڍن، جهيڙن جهٽن، ڏکن پريشانين ۽ اڻ پورين خواهشن جو ترجمان آهي.
’حياتي هوتن ريءَ‘ ناول 1972ع ۾ هند ۽ 1979ع ۾ سنڌ ۾ شايع ٿيو. هيءُ ناول پڻ وچولي شھري طبقي جي گڏيل ڪٽنبن جي مسئلن ۽ مالي مشڪلاتن جي باري ۾ آهي. گهرو ماحول جي ننڍين ننڍين پريشانين ۽ ڇڪتاڻ کي موضوع بنايو ويو آهي. ڪلا پرڪاش هڪ حساس فنڪار جيان هر ڪردار جي ظاهر ۽ باطن جي خوبين ۽ خامين تان پردو کڻي ٿي. سندس فن جي اونهي جائزي کان پوءِ اهو اندازو ٿئي ٿو ته هن ليکڪا وٽ موضوعن جي گهڻائي موجود نه آهي، پر ڪردارن جي شخصيتن جا تھه در تھه انيڪ روپ سندس قلم مان نروار ٿين ٿا. اسلوب جي دلپذيريءَ جي ڪري پڙهندڙ سندس تحرير جي تاثر ۾ موهجي وڃي ٿو. ڪلا پرڪاش موضوع مطابق مواد ترتيب ڏنو آهي، لکڻ جي مرحلي ۾ سندس دلي ڪيفيتن جي ترجماني مختلف حالتن ۽ ڪيفيتن پٽاندڙ ڪردار نگاريءَ وسيلي ٿيل آهي. هوءَ ماڻهوءَ جي عمل ۽ ردِ عمل کي سندس ڳالهائڻ ٻولهائڻ، هلت چلت، وسوسن، وهمن، خوفن، انومانن، سوچن، مطلب ته نفسياتي پرک ذريعي حقيقت نگاريءَ سان پيش ڪري ٿي، جنھن ۾ وٽس عورت جي مختلف روپن جي اهميت اتم آهي. هن عورت جي ڪردار کي مضبوط ڏيکاريو آهي، انهيءَ ڪري باوجود ڏکين حالتن جي ڪلا عورت کي باهمت ۽ گهر هستيءَ کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ اهم ڪردار طور پيش ڪيو آهي.
حياتي هوتن ريءَ جي ’شانتي‘، ’رينو‘ ۽ ’ڪملا‘ پنھنجي پنھنجي جڳهه تي پڙهيل/ اڻ پڙهيل هوندي به وڏيءَ سوچ ۽ دل گردي واريون عورتون آهن، جيڪي ڪيترين شخصيتن کي ڀُرڻ ۽ ڀڄڻ کان بچائين ٿيون. شانتيءَ جي قربانيءَ تي لکي ٿي ته:
”شانتيءَ جون اکيون موت ٻوٽيون هجن ها، تڏهن به منشاراماڻيءَ کي ڏسڻ لاءِ کلي پون ها، پر اڃان ته ساهه ذري آهي، هوءَ اکيون کولي ٿي، هن جي پيار کان الڳ ڪيترا سال هوءَ گذاري چڪي آهي، پنھنجو گهر گرهستي سنڀاليو اٿائين. سڄي ساهري ڪٽنب سان اهڙا سٺا پير ڀريا اٿائين، جو سڀ سندس عزت ڪندا آهن. حياتي فرضن جي راهه تي هلي آهي، منشاراماڻيءَ کان دور رهي....؟“ (7)
ڪلاپرڪاش جي ئي دور جي اهم قلمڪار سندري اتم چنداڻيءَ جي فن ۾ عورت ڪردار جي حوالي سان جي ڀيٽ ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته، سندري ۽ ڪلا وٽ عورت جو ڪردار فرمانبردار ڌيءَ، ماءُ، زال، ننھن ۽ سس جو آهي، پر اهڙا ڪردار گهڻي ڀاڱي سندن شروع دور جي لکڻين ۾ وڌيڪ آهن، وقت گذرڻ کان پوءِ هنن ليکڪائن عورت کي تعليم يافته، مضبوط ۽ پاڻ وهيڻي (Self-confident) عورت جي روپ ۾ پڻ پيش ڪيو آهي.
سپنن جو سنسار: حياتي هوتن ريءَ، کان پوءِ ڪلا، هڪ ٻيو اهم ناول ’سپنن جو سنسار‘1981ع ۾ سنڌي ادب کي ڏنو. هيءُ ناول پڻ گڏيل ڪٽنبن جي مسئلن متعلق آهي. خاص طور سنڌ مان لڏي ويل ڪٽنبن کي هندستان ۾ وڃڻ بعد، جيڪي مسئلا پيش آيا، انهن ۾ هڪ وڏو مسئلو مالي مشڪلاتن جو هو. هند وڃي، انهن جيڪي جيئڻ لاءِ جتن ڪيا، انهن کي تقريباً سڀني اديبن ڏاڍي دلي جذبي سان لکيو ۽ گهڻي ڀاڱي هو انهن حالتن جا عيني شاهد پڻ هئا. ڪلا پرڪاش پنھنجي ڪردار رامچند جي واتان اهي حالتون هن ريت بيان ڪيون آهن:
”اڄ به عجب لڳندو اٿم ته ڪيئن سَٺي هئم ايڏي بي عزتي ۽ پوءِ قبول ڪئي هئم سندس اسي روپين واري نوڪري. امير ته مان ڪين آهيان، پر سنڌ جي ننڍڙي ڳوٺ ٺريءَ ۾ عزت سان رهيا پيا هئاسين. ڳوٺ ۾ گهڻيئي ڪٽنب اسان کان چڙهيل هئا، تڏهن به سڀ کلي کيڪار ڪندا هئا. باقي جو بابو پنچائت جو مکي هو، پنھجون گايون، مينهون، ٻنيون ٻارا ۽ نون ڪمرن جي شاهي جاءِ هئي، جنھن جي شاهي اڱڻ ۾ جيڪر شادي ٿي وڃي. پئسو گهڻو ڪونه هو ته به ڇاتي ڦنڊيل ۽ اوچو ڳاٽ هو. پر هاڻ سنڌ ڇڏڻ کانپوءِ جيئن ٻيو سڀ ڪجهه ويو تيئن اهو ناز به ويو.“
اڳيان رامچند جي زباني چوائي ٿي ته:
”پاڪستان ٺھڻ بعد جيڪي يارهن سال بمبئيءَ ۾ هوس، غريبيءَ اهڙا ڇلر لاٿا، جيئن پينسل جا، سانچي ۾ گهڙجڻ وقت لهنداآهن. پينسل پوءِ به لکڻ جي ڪم ايندي آهي. مان به جيڪر پنھنجي من جي گهڙيل پينسل سان حياتيءَ بابت هيئن لکان: ”حياتي هڪ اهڙو پيالو هئي جو نڪي پي سگهياسين نه هاري سگهياسين“ ٻيو ڀلا ڇا لکان؟ سکن ڀريو سنسار اڏڻ لاءِ ڇا نه ڪيوسين پر سڀ اڌورو...“(8)
سنڌ جي وسندي ٺريءَ مان لڏي آيل رامچند ۽ سندس زال چندري، پٽن شيام، موهن ۽ نھرن، نرملا، مينوءَ سان گڏ ڌيءَ ڪملا جي هن ڪھاڻيءَ ۾ ليکڪا موضوع طور معاشي بدحاليءَ ۾ گهيريل ڪٽنب جي ننڍن ننڍن مسئلن کي بيان ڪيو آهي. جتي کائڻ پيئڻ، ورتائڻ ۽ پڙهڻ سان گڏ ٻين ڪيترن موقعن تي پئسي جي گهرج سبب گهر ڀاتين ۾ غلط فھميون ٿين ٿيون. ننڍيون ننڍيون خواهشون، ارمان ۽ وڏا وڏا آدرش سڀ انهيءَ ڇڪ ڇڪان ۾ لڙهن ٿا. لکي ٿي ته:
”بس منھنجي اکين مان ڳوڙها وَهي هليا، ڇھن مھينن ۾ پھريون ئي ڀيرو سس کان ڪجهه گهريو هوم، تنھن جي موٽ ۾ ڪيڏي نه رکائي پلئه پيئي؟ کير نه مون کنيو ۽ نه اميءَ ئي ڏيڻ جي تڪليف ڪئي. ان ڏينھن مَن ڀرجي آيو. ماءُ وٽ ته کير پيئڻ لاءِ سئو نخرا ڪبا هئا“....
”بابا موهن جو خط پڙهيو يڪدم ناراض ٿي گهر جي خرچ جا پئسا کڻي ڦٽا ڪيائين. چيائين ته ”کڻ، رک وڃي اهي به جوءِ وٽ“.
مون مُنجهندي پڇيو، ”ڇو، ڇا ٿيو بابا؟“
چيائين ”ڇا ٿيندو؟؟ هزار روپيا هر مھيني موهن توکي موڪليندو، ڪنوار جو به پگهار اڳئين مھيني ۾ نه ڏنئه، باقي پنھنجا ڇھه سئو ڏيئي منھنجي منھن ۾ ڪھڙي ڌوڙ ٿو وجهين؟ هُو کليو کلايو منھنجو ڪارو منھن ڪري ويو ۽ تون ڳجهيءَ طرح ڪري رهيو آهين. ڪھڙي پيو منھنجي عزت ڪرين؟“
الائي ڪيئن همت ڪري چيم، ”بابا توهان کان هڪ ڳالهه وسري ويئي آهي ته ڪالهه جيڪو توهان جو پٽ هو، اهو اڄ پيءُ به بڻجي چڪو آهي. اڌ مٿو اڇو ٿي ويو اٿم. اهو ڇا ضروري ڪونهي ته توهين به منھنجي ان اڌ اَڇي مٿي جي ٿوري عزت ڪريو؟“
”بابا منھنجي اڇن وارن ڏانھن ايئن نھاريو، ڄڻ اهي اڳي ڪڏهن ڪين ڏٺا هئائين.“ (9)
مٿيـَن حوالن مان پڙهندڙ چڱيءَ ريت پروڙي سگهن ٿا ته ڪلا پرڪاش جذبات نگاريءَ جي ماهر آهي، هتي هڪ ٻيو به توجھه طلب نڪتو ڄاڻائينديس ته سندس سڄي فن جي اڀياس مان آئون ان نتيجي تي پھتي آهيان ته هن جذبات جي وهڪري ۾ اچي ڪٿي ڪٿي پنھنجي پيارن ڪردارن سان ناانصافي به ڪئي آهي. مٿين ناول ۾ سندس موقف غربت سبب حالتن جي جنڊ ۾ پيهجندڙ ڪٽنب جي سڀني ڀاتين جون اڻپوريون خواهشون ۽ ارمان آهن، جن جو ڪوبه پورائو نٿو ٿئي. پر جڏهن هوءَ کين اُتساهي علم جي حاصلات ڏي راغب ڪري ٿي ۽ رامچند جا ٻه پٽ اعليٰ تعليم ٻاهران حاصل ڪن ٿا. نھرون به ڪمائين ٿيون. پوءِ به هن شيام ۽ موهن کي پاڻ ڀرو ۽ مضبوط نه ڏيکاريو آهي. رامچند اتي ئي آهي، جتي اڳ هو، يعني جڏهن سندس ٻار ننڍا هئا ۽ هُو ٽڪي ٽڪي لاءِ محتاج هو، پر اڄ جڏهن سندس اولاد اعلى تعليم يافته ۽ ڪمائو آهي، ته به وٽن ”هڙ ۾ هريڙون ۽ گوڏ ۾ پتاشا“ وارو معاملو آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته ناول جي اهڙي پڇاڙيءَ سان ڪلا پرڪاش جو مقصد ڇا آهي؟ سندس پيغام جي مقصديت هن ناول ۾ مثبت نموني جي ڏسڻ ۾ نٿي اچي. ڇا هن پنھنجي ڪردارن کي فقط روئڻ، پيڙجڻ ۽ ڪمزورين کي منھن ڏيڻ لاءِ ڏيکارڻ چاهيو آهي؟ وٽس محنت جي حاصلات جو ڪوبه ڦل نه آهي؟ سندس نظريي ۾ وسعت ڪٿي سمايل آهي؟ اهو غور طلب آهي ته موهن جھڙي ذهين ۽ محنتي ڪردار کي ستن سالن جي وديش جي پڙهائي ۽ نئين ڪنوار کان ستن سالن جي وڇوڙي بعد به هُن هندوستان واپسيءَ تي غربت ۽ پئسي جي ڇڪتاڻ ۾ گهيريل ڏيکاريو آهي، کيس هيتري علمي حاصلات ۽ محنت کان پوءِ هٿ جي تنگي ڏيئي ڄڻ ڪلا پرڪاش زوريءَ غربت جي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ گڏيل ڪٽنب جي انهيءَ مالي مشڪلات جي نقشي چٽڻ ۾ هن پڙهيل ڳڙهيل محنت سان نوڪري ڪندڙن کي نراسائي ۽ نااميدي ڏني آهي، جيڪو رويو سماج لاءِ هاڃيڪار آهي. ليکڪا کي هن ناول جي انجام تي ڌيان ڌرڻ کپندو هو. باقي هن ناول مان اهو ضرور ظاهر ٿئي ٿو ته ڪلاپرڪاش بنيادي طور فرض شناسيءَ ۽ ذميداريءَ کي پسند ڪندڙ آهي.
وقت وٿيون وڇوٽيون: سندس هي ناول پڻ عورتن جي ڊگهين جوابدارين ۽ فرضن جو بيان آهي، هن ناول جي ٻڌائيندڙ سريتا/ مسز سريتا ڪشن گيھاڻي آهي، جيڪا آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ۽ گهر ۾ پنھنجي مڙس، ٻار سس ۽ سھري جي خدمت ڪندڙ آهي، بمبئيءَ جھڙي رش واري شھر ۾ ٽريفڪ جي ٿڪائيندڙ معمول ۽ آفيس روٽين کي منھن ڏيندي سندس اعصاب بريءَ طرح ٿڪجي وڃن ٿا. هوءَ موڪل وٺڻ لاءِ واجهائيندي. جڏهن به آرام لاءِ سوچي ٿي، تڏهن، جوابدارين جو وزن کيس اهو سڪون مھيا ڪرڻ نٿو ڏئي. شاعراڻو مزاج رکندڙ سريتا، حساس ۽ ذميدار آهي. ڪم ڪار جي اون کيس آرام ڪرڻ به نٿي ڏئي. آرام جي هڪ پل لاءِ سڪندي، هن پنھنجي وارتا پڙهندڙن کي پنھنجي زباني ٻڌائي آهي، جنھن مان ڪنھن مھل ايئن بکي رهيو آهي، ڄڻ ڪلاپرڪاش پنھنجي آفيس جي نوڪريءَ جو دور ورجايو آهي. هوءَ سريتا جي ڪردار ۾ پنھنجو پاڻ کي پيش ڪري رهي آهي. سريتا جي گهرو ذميدارين تي اڪيلي سر نڀائڻ ۽ نوڪريءَ جي، جوابدارين هوندي به گهر جي هر ڀاتيءَ جي آرام ۽ ضرورت جو خيال رکڻ ۾ سندس ذهني ۽ جسماني محنت ۽ ڪشمڪش واکاڻ جوڳي آهي. سريتا جي واتان لکيڪا چورائي ٿي ته:
”اڄ اڪارڻ موڪل ورتي اٿم، ڪم آهن به پر مون ڄاڻي ٻجهي وساري ڇڏيا آهن. هونئن به ڪنھن نه ڪنھن جي بي چاقائيءَ سبب موڪل وٺڻي پوندي آهي. اڳئين هفتي امي ناچاق هئي. تنھن کان اڳئين هفتي پپوءَ کي پيٽ جي تڪليف هئي. اڃان به ان کان اڳ ۾ هڪ ڏينھن نران جي پٽ جو منڻ هو. ان لاءِ موڪل ورتي هئم. درحقيقت اڄ به ڪارڻ ساڻ ورتي هئم، منھنجو سھرو (جنھن کي اسين بابا ڪري سڏيندا آهيون) ٺيڪ ڪونهي....
امي چوندي آهي ته ”نھرن جي نوڪري ڇا ٿي ڄڻ اسان سَسن لاءِ قيد آهي، جنسي قيد، اميءَ کي ڪھڙي خبر ته اسان جي نوڪري اسان لاءِ به قيد آهي!“ (10)
ڀڄ ڀڄان واري حياتيءَ ۾ سڪونُ جي هڪ پل لاءِ واجهائيندڙ سريتا سک سان ريڊيو ٻڌڻ، مطالعو ڪرڻ ۽ مينھن جي ڦڙي ڦڙي مان راحت وٺڻ ۽ فطرت جي نظارن مان واس وٺڻ چاهي ٿي. آرام سان چانھه مان لطف اندوز ٿيڻ چاهي ٿي، پر گهڙي گهڙي دروازي جي گهنٽي (ڊور بيل)، ٽيليفون جي گهنٽي، ڪم واري مائي، باسڻن وارو، کير وارو، اخبار وارو، پاڙيسري، اوچتا ملاقاتي ۽ ٻيا ڪيترا مسئلا کيس آرام سان ويھڻ نٿا ڏين. پنھنجي پاڻ کي پرسڪون ڪرڻ لاءِ هوءَ ڊگهي موڪل وٺڻ جو پروگرام رٿي ٿي. پر ٿئي ائين ٿو ته اها موڪل پڻ کيس پنھنجي پياري اڪيلي پٽ ڪشن جي بيماريءَ ۾ وٺڻي پوي ٿي. تڏهن سندس دل مان اهو آواز ٿو نڪري ته روزمره جو ٿڪائيندڙ معمول وري به غنيمت آهي، شل ڪو گهر ڀاتي بيمار نه ٿئي ۽ هوءَ موڪل لاءِ سوچي. هيءُ ناول هڪ بلڪل نئين موضوع تي لکيل آهي، جنھن تي اڳ ۾ ڪنھن به قلم ناهي کنيو. سنڌي سماج ۾ اڄ نيڪ عورتون، تعليم يافته ۽ نوڪري ڪندڙ آهن، جيڪي ٻٽيون جوابداريون نڀائي رهيون آهن. سندن ٻوجهه کي ورهائڻ ۾ گهر ڀاتي ڪا خاص مدد نٿا ڪن. سنڌي مرد جو رويو اڄ به گهڻي ڀاڱي حاڪماڻو آهي. جيڪڏهن ڪٿي دوستاڻو رويو آهي ته ان جي باوجود به گهريلو جوابدارين ۾ هوءَ اڪيلي ذميدار آهي. هن ناول ۾ پڙهيل ڳڙهيل وفدار ۽ ذميدار سنڌي عورت جي محنت، قرباني ۽ خلوص کي ڪلا پرڪاش دل سان ڀيٽا ڏني آهي.
ڪلا انهيءَ کان سواءِ ٻيا ناول پڻ لکيا آهن. ’پيار‘ 1997ع ۾ پرشانت، شالو، سريتا ۽ سندر، آرتي، رام ۽ ارميلا جي پيار جي ڪھاڻي آهي. ’آرسيءَ آڏو‘ سندس ناول 1992ع ۾ ڇپيو ۽ 1994ع ۾ کيس سنڌي ساهت اڪيڊمي هن ناول تي ڏهن هزارن جو انعام ڏنو. هيءُ ناول به پڙهيل ڳڙهيل مرد ۽ عورت ڊاڪٽر انپو اگر وال ۽ ڊاڪٽر سيتا جي پيشي جي جوابدارين ۽ فرض ادائگين جو بيان آهي. چند غلط فھمين سبب هو هڪٻئي کان پري ٿي ٿا وڃن، پر پنھنجي پٽ جي سڪ باعث ٻيھر هِڪِ ٿا ٿين. هن ناول ۾ موجوده دور جي اهم مسئلي يعني وقت جي ڪميءَ سبب ٿيندڙ ٻين مسئلن کي بيان ڪيو ويو آهي. ناول جي ٻولي پڻ اثرائتي آهي.
ڪلا پرڪاش جي لکڻين جون خوبيون ۽ خاميون: ڪلا جي فن ۾ ٻوليءَ جو استعمال تمام احسن طريقي سان ٿيل آهي. اوپرا ۽ اڻ سھائيندڙ لفظ ڪتب نه آندا آهن، سھڻي سنڌي نثر ۾ تشبيھن اصطلاحن، پھاڪن ۽ چوڻين سان گڏ فطري انداز ۾ هن جاندار نموني سان لکيو آهي. ڪيترائي نج لفظ، چوڻيون ۽ مثال سندس لکڻين ۾ استعمال ٿيل آهن، جيئن ’روسامو‘، ’کورو‘، ’ڏمريو‘، ’اکُٽ‘، ’جيھڻ‘، ’اک اپٽڻ‘، ’هينئڙا گهر ته گهرنيئي‘، ’ڏکن ڏڌل‘، ’جوءِ جو مَڄو‘ ۽ ٻيا آهن.
سندس تحريرن ۾ اصلاحي، اخلاقي، سماجي، نصيحتي ۽ گهڻي ڀاڱي گهريلو موضوع آهن، جن ۾ پيار، محبت، فرض ادائگيون، همدرديون، سنڌ جي تھذيب، ثقافت، ريتون ۽ رسمون وغيره شامل آهن. هن خاص طور گهرو حياتيءَ جي حوالي سان، عورتن کي پيش ايندڙ مسئلا بيان ڪيا آهن. اهي سماج جي وچولي طبقي سان تعلق رکن ٿا. ممتا جي جذبي کي مانُ ڏيندڙ هن ليکڪا جي تحريرن ۾ ماءُ پيءُ جي عزت ۽ قدر، مان ۽ مريادا جو احساس پڻ اُتم آهي. ٻارن کي هوءَ آئيندي جو ابو سڏي ٿي ۽ کين ڪوبه اهنج پھچائڻ کان سڀن کي پَلي ٿي.
ڪلا پرڪاش جي فن جي اڀياس کان پوءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سنڌي نثر جي هڪ حساس ڪلاڪار هئي، سندس فن ڪردار نگاريءَ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿو. هوءَ انساني جذبن جي ترجمان آهي جنھن نثر نگاري خاص طور تي عورت ذات جي مسئلن کي ترجيح ڏني آهي ۽ عورت جي هر روپ کي احسن نموني پيش ڪرڻ ۾ هن کي ڪمال حاصل هو انساني اندر جو مطالعو ڪرائيندي ڪلا پرڪاش، هندو سنڌي سماج جي وچولي طبقي جا گهرو مسئلا کولي بيان ڪيا آهن، گهڻا موضوع نه هوندي به سندس فن ۾ مواد ۽ موضوعن ۾ وڏي هڪجھڙائي آهي، سندس موضوعاتي پيشڪش جو ڏانءُ وڻندڙ ۽ دل کي موهيندڙ آهي. سادي ۽ سلوڻي نثر ۾ ڪلاپرڪاش پنھنجي ناولن توڙي ڪھاڻين ۾ عورت کي مانائتو ۽ شانائتو پيش ڪيو آهي.
حوالا
1. ڪلاپرڪاش:فروز ميمڻ، ”آئيني جي اڳيان“، نيوفليڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1985ع، ص، 65
2. جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ (جلد ٽيون) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد 2006ع، ص، 42
3. چانڊيو، خادم حسين، ’مارو جي ملير جا‘، گنج بخش ڪتاب گهر 2001ع، ص 549
4. ڪلاپرڪاش، ”پيار“ ڀارت پرنٽنگ پريس، احمد آباد، 1997ع، ص، 36
5. مظھر جميل، ”جديد سنڌي ادب“، اڪيڊمي باز يافت، ڪراچي 2007ع، ص، 1455
6. Hirannadani Popati, “History of Sindhi Literature” Anuradha Publication, Bombay, P.100
7. ڪلاپرڪاش، ”حياتي هوتن ريءَ“، سنڌ فورم بجاج گهٽي، شڪارپور، 1979ع، ص، 56
8. ڪلاپرڪاش، ”سپنن جو سنسار“ ، مرتضى پرنٽنگ پريس، لاڙڪاڻو، 1981ع، ص، 12
9. ساڳيو، حوالو، ص 123
10. ڪلاپرڪاش، ”وقت وٿيون وڇوٽيون“، وشرام سوسائٽي ڀارت پرنٽنگ پريس، 1988ع، ص، 27