مضمون نويسيءَ جو فن: مختصر جائزو
(The Art of Essay Writing: Brief Review)

شبنم گل
Abstract:

Essay writing is an essential literary genre of prose which has immensely contributed to the development of language. Basically it is concise yet a comprehensive writing from generic perspective of subject. Various aspects of the topic are highlighted. Essay writing is a unique mode of expression popular through the ages. Sindhi Essay Writing bears remarkable influence of Francis Bacon, Charles Lamb, Montaigne, Addison and Steele. Before partition Sindhi Essay writing was distinguished for its expression and diction. Essay writing have various forms such as descriptive expository Essays, Reflective essays and Narrative Essays. This article also discusses articles “Inshayo”, Impressionistic essays, Biographical essays, research and critical essays, with ralative contrasts and differences.

مضمون نويسي، نثري ادب جي اُها صنف آهي، جنھن ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. بنيادي طور تي مضمون هڪ مختصر پر موضوع جي لحاظ کان جامع تحرير آهي، جنھن ۾ موضوع جي مختلف رخن تي روشني وڌي وڃي ٿي. جڏهن ته تنقيدي، تحقيقي ۽ تجزياتي مضمونن جي ڇپجڻ سبب، ادب نه فقط اصلاحي مرحلي مان گذري ٿو، بلڪه ان ۾ هر لحاظ کان نواڻ ۽ بھتري اچي ٿي. اهم ڳالهه اها آهي ته مضمون لکڻ لاءِ فني مھارت جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ اها مھارت فقط مسلسل مشق وسيلي حاصل ٿي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي ته ٻار کي مضمون، ابتدائي تعليم دوران سيکاريو وڃي ٿو. سٺو مضمون لکندڙ ، نه فقط علمي طور تي فعال ٿئي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ، سندس تخليقي صلاحيت ۽ قابليت ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو. مضمون نويسيءَ جي بنيادي عنصرن ۾ ٻوليءَ ۾ مھارت حاصل ڪرڻ، جملن جي درست جوڙجڪ ۽ انهن جو صحيح استعمال، بيھڪ جي نشانين جي ڄاڻ ۽ تخليقي پختگي وغيره شامل آهن. سٺي لکت ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ مطالعو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جنھن ذريعي ڄاڻ ۽ ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي ۽ فرد فڪري لحاظ کان سگهارو، عملي ۽ منطقي سوچ جو حامل ٿئي ٿو. ان کان سواءِ مضمون ڌيان، مشاهدي ۽ تجربي جو نچوڙ آهي.
ناميارو محقق پروفيسر محرم خان پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعريءَ‘ ۾ لکي ٿو ته:
”عام طور تي مضمون، مقالي ۽ تنقيدي مضمون ۾ فرق نه ڪيو ويندو آهي. مضمون دراصل مختصر نويسيءَ جي صنف آهي، پر مقالو ڪافي طويل هوندو آهي. مقالي لاءِ گهڻي قدر ڇنڊ ڇاڻ، تحقيق ۽ کوجنا جي ضرورت ٿيندي آهي ۽ ان ۾ ڪنھن خاص موضوع جي مختلف پھلوئن تي تفصيلي بحث ڪيو ويندو آهي. ان جو انداز به ڪافي خشڪ ۽ سنجيده هوندو آهي ۽ لفظ، ترڪيبون به دقيق ۽ ثقيل. ان جي ڀيٽ ۾ مضمون ۾ مصنف پنھنجا انفرادي جذبا، خيال ۽ تجربا، نرم ۽ لطيف انداز ۾، صاف ۽ سادن لفظن ذريعي ظاهر ڪندو آهي ۽ سندس مقصد زندگيءَ جي فقط ڪنھن هڪ پھلوءَ بابت چند نقشن کي اجاگر ڪرڻ هوندو آهي... مضمون ۽ تنقيدي مضمون ۾ وڏو فرق آهي. تنقيد هڪ فلسفانه ۽ منطقيانه صنف آهي. ان ۾ ڪنھن ادبپاري جي خوبين ۽ خامين تي تفصيلي بحث ڪيو وڃي ٿو، تنھنڪري ان لاءِ تخليقي قوت جي نه، بلڪه استدلال جي قوت جي ضرورت آهي. ان لاءِ شاعر وارو دماغ نه، بلڪه فيلسوف واري نظر گهربل آهي. ان ۾ عملي ۽ فني اصطلاح جابجا استعمال ٿين ٿا ۽ ان جو اسلوب پڻ ٺوس ۽ ڳنڀير هوندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ’مضمون‘ هڪ تخليقي صنف آهي“.(1)
ان جي برعڪس موجوده دؤر ۾ مضمون، مقالي ۽ تنقيدي مضمون ۾ گهٽ فرق محسوس ٿئي ٿو. اڪثر تحقيقي مقالن جو اسلوب مضمون وارو نظر ايندو آهي. مقالن ۾ به اڪثر موضوع جو تعارف انتھائي طويل ڏنو ويندو آهي. اجائي تمھيد ۾ موضوع جي اهميت متاثر ٿئي ٿي.
اها هڪ حقيقت آهي ته مضمون نويسي هڪ منفرد طرز تحرير آهي، جيڪا هر دؤر جي مقبول صنف رهي آهي. مضمون جا مختلف حصا پاڻ ۾ مھارت سان ڳنڍيل ٿين ٿا. هن صنف جو بنياد رکندڙ مشھور مضمون نويس، مائيڪل ڊي مانٽين هو، جيڪو پندرهين صديءَ ڌاري فرانس مان هڪ منفرد مضمون نگار طور اڀريو. هن ‘Essias’ جي نالي سان 1580ع ڌاري ڪارائتا مضمون لکي، دنيا جو ڌيان ان نثري صنف ڏانھن ڇڪرايو، هن جا اهي مضمون ٻولي، موضوع ۽ گهاڙيٽي جي اعتبار سان انتھائي منفرد ۽ معلوماتي آهن. انهن مضمونن مان سندس ڏاهپ ۽ فڪري اڏام، واضح طور تي نظر اچي ٿي. ساڳيءَ ريت مضمون نويسي ۽ تحرير جي فن لاءِ ڪي اصول مقرر ٿيل آهن. Freckle D. White پنھنجي ڪتاب ‘The Writers Art’ ۾ لکي ٿو:
“Good Writing is a product of careful thinking and incorporate the following four characteristics”:
هڪ سٺي تحرير محتاط سوچ جي پيداوار ۽ چئن خاصيتن تي مشتمل ٿئي ٿي.
(1) The appeal to a target audience
(تحرير پڙهندڙ کي متاثر ڪرڻ جي سگهه رکي).
(2) A coherent structure
(تحرير جي واضح جوڙجڪ ٿيل هجي).
(3) A smooth, dedicated development, and
(تحرير سليس ۽ روان هجي ۽ سرگرميءَ سان جنھن جي واڌ ويجهه ڪجي ۽ )
(4) An appropriate style (2)
(۽ موزون بيان هجي).
سورهين صديءَ جي وچ ڌاري، انگريزي مضمون نويس، لارڊ فرانسس بيڪن (Lord Francis Bacon) جو نالو قابل ذڪر آهي. بيڪن جا فڪري مضمون، فلسفي، تجزياتي سوچ ۽ مشاهداتي حوالن جو بھترين مثال آهن. بيڪن جي لکت ۾ فڪر جو تسلسل ملي ٿو. هو منطقي انداز ۾، هڪ نقطي کان ٻئي نقطي ڏانھن سفر ڪري ٿو. هو چوڻين، پھاڪن ۽ ڏاهپ ڀريل نڪتن وسيلي، پنھنجو نقطه نظر بيان ڪري ٿو. ارڙهين صدي ڌاري، انگريزي مضمون نويسن، ايڊيسن ۽ اسٽيل جا ڪتاب ‘Spectator & Tattler’ گهڻا مقبول ٿيا، جيڪي سوانحي مضمون آهن. اڻويھين صديءَ ۾ مضمون نويسيءَ جو فن وڌيڪ اُسريو. اُن دؤر جا مضمون نگار ذهين، ڄاڻو ۽ مزاح سان ڀرپور هئا. انگريزي مضمون نويسيءَ ۾ چارلس ليمب جو نالو پڻ وڏي اهميت جو حامل آهي. سندس لکت ۾ داخلي ۽ سوانحي انداز نظر اچي ٿو. مضمونن ۾ هن پنھنجي ٻالڪپڻي ۽ زندگيءَ جا واقعا بيان ڪيا آهن. انگريزي جا اُهي مضمون لکندڙ، جن جي مضمونن جي علمي ۽ ادبي اهميت رهي آهي، انهن ۾ ٿامس ڪارلائل، رالف والڊو ايمرسن، اوليور وينڊل، جان واشنگٽن ارونگ، وليم هيزليٽ، هينري ڊيوڊ ٿارو ۽ برٽرينڊ رسل نمايان طور تي شامل آهن.
برصغير ۾ جنھن وقت مضمون نويسيءَ جي شروعات ٿي، ته هندستان ۾ ان وقت انگريزن جي حڪومت هئي. هندستان ۾ تنھن وقت پرڏيھي ڪھاڻيون ترجمو ٿيڻ لڳيون هيون. ان کان پوءِ سنڌي اصلوڪي ڪھاڻي جي اوسر ٿي. ساڳيءَ ريت برصغير جي مضمون نويسن، انگريزي مضمون نويسيءَ مان اُتساهه حاصل ڪيو. ان دؤر جي سنڌي مضمون نويسيءَ تي فرانسس بيڪن، چارلس ليمب، مانٽين، ايڊيسن ۽ اسٽيل جو اثر نمايان طور تي نظر اچي ٿو. 1862ع ۾ پھريون مضمون ’پڪو پھه‘ جي نالي سان لکيو ويو. مرزا قليچ بيگ، فرانسس بيڪن جا مضمون ‘Bacons Essay’، ’مقالات الحڪمت‘ جي نالي سان ترجمو ڪري، ڪتابي صورت ۾ ڇپايا. ان ترجمي ۾ ’محنت‘ جي عنوان تحت مضمون جي هڪ پيراگراف جو مثال ڏجي ٿو.
”جيڪي ڏينھن گذاريا آهن سي هميشه لاءِ ويا ۽ جيڪي اچڻا آهن، سي شايد تُنھنجي لاءِ نه به اچن، تنھنڪري اي انسان! تو کي گهرجي ته هلندڙ وقت ۾ پاڻ کي مشغول رکين ۽ محنت ڪرين. نڪي گذريل وقت لاءِ ارمان ڪرين ۽ نڪي ايندڙ وقت تي گهڻو ڀاڙي ويھين. هي پل تنھنجو آهي، ٻيو جيڪو اچڻو آهي سو لڪل ۽ نامعلوم آهي. توکي خبر ناهي ته اهو تنھنجي لاءِ ڇا آڻي؟“ (3)
واضح رهي ته ان دؤر ۾ ٻوليءَ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ لکڻيءَ تي انگريزي مضمون جو اثر ڇانيل هو. مثال طور جيئن سيد عطا حسين موسويءَ جا مضمون ٻولي ۽ موضوع جي لحاظ کان بھترين هئا. سندس لکڻين ۾ بيڪن جو اثر نظر اچي ٿو. جيئن هو پنھنجي مضمون ’ڪوڙ‘ ۾ لکي ٿو:
”ڪوڙ کي هنر کڻي چئجي ته بجا آهي. هو علم و ادب ۾ هڪ ڪاريگر آهي ۽ سياسي ڪمن ۽ ملڪي معاملات ۾ معزز لفظ ’تدبير‘ جي نالي سان سڏيو آهي. اصل ۾ نه ڪو ڦير ڪو نه ٿو پويس. وري عشق و محبت سان ته اصل ڪم خاص تعلق اٿس“.(4)
ورهاڱي کان اڳ سنڌي مضمون نويسيءَ جو انداز ۽ ٻولي متاثر ڪندڙ هئا. خاص طور تي مضمون نويسي ۽ انشائيي جي صنف تي خاص ڌيان ڏنو ويو. مضمون نويسيءَ ۾ مشاهدي، تجربي ۽ تخليقي صلاحيت جو وڏو هٿ هوندو آهي. مشاهدي ۾ داخلي ۽ خارجي پھلو اچي وڃن ٿا ۽ ليکڪ ٻاهرئين ماحول جو مشاهدو ڪري، ان کي اندر جي اک سان پرکي پوءِ تحرير جو جامو پھرائي ٿو. سٺي مشاهدي لاءِ غير جانبدار ۽ تجزياتي سوچ جو هئڻ لازمي آهي. اهو مشاهدو، تجربي جي زمري ۾ اچي ٿو. تخليقي صلاحيت لاءِ مشاهدي ۽ تجربي جو هئڻ نھايت ضروري هوندو آهي.
”ورهاڱي کان اڳ سنڌي مضمون نويسيءَ ۾ ڪيترائي اهم نالا ملن ٿا، جن ۾ منشي اُڌارام ٿانورداس پرمير چنداڻي، منشي ننديرام ميراڻي، ديوان ڪوڙو مل چندنمل کلناڻي، ميرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي، ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، لعل چند امرڏنومل، پرمانند ميوارام، پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي، پروفيسر چيتن ماڙيوالا، پروفيسر شيوارام ڦيسرواڻي، مولانا عبدالڪريم چشتي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، مولانا دين محمد وفائي ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي وغيره شامل آهن. ڊاڪٽر گربخشاڻي سنڌ جو وڏو عالم هو، خاص طور تي تنقيدي مضمون نويسيءَ ۾ مھارت رکندو هو، عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ هندي ٻولين کان واقفيت حاصل هيس. شاهه جي رسالي ۾ لکيل سندس ’مقدمو‘ تنقيدي مضمون نويسيءَ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.“ (5)
ورهاڱي کانپوءِ هندوستان ۾ تيرٿ بسنت، لال سنگهه اجواڻي، ٻلديو گاجرا، هرومل سدارنگاڻي، رام پنجواڻي، گنگارام سمراٽ، منو گدواڻي، جوهر بٺيجا، اي.جي اتم، ڪيرت ٻاٻاڻي، پوپٽي هيراننداڻي ۽ لوڪرام ڏوڏيجا جا اهم نالا آهن، جن مضمون نويسيءَ جي واڌ ويجهه ۾ پنھنجو اهم ڪردار ادا ڪيو. ان کانپوءِ ريٽا شھاڻي، مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، ڊاڪٽر موتي پرڪاش ۽ ٻين مضمون جي صنف ۾ پنھنجو پاڻ ملهايو آهي.سنڌ ۾ جيئن ته اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمون نويسيءَ جي فن کي شھرت حاصل ٿي، انهن اخبارن ۾ ’اخبار تعليم‘، هند واسي ’الامين‘، سنڌ زميندار رائيٽر ’الوحيد‘، ’ستاره سنڌ‘، رسالو ’الجامع‘، اخبار تعليم، مخزن ’نئين زندگي‘، ’مھراڻ‘ وغيره شامل آهن، جن مضمون نويسيءَ لاءِ راهه هموار ڪئي.(6)
سنڌي ٻوليءَ ۾ مضمون نويسيءَ جي صنف کي هميشه وڏي اهميت رهي آهي. ماضي ۾ پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا جا مضمون ۽ اسلوب خوبصورت ۽ قابل تعريف هئا. عثمان علي انصاري، پير علي محمد شاهه راشدي، علامه عمر بن محمد دائود پوٽو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پير حسام الدين راشدي، رحيم داد مولائي شيدائي ۽ علامه آءِ. آءِ قاضي مضمون نويسيءَ جي صنف ۾ هڪ نئون روح ڦوڪيو. ان دؤر ۾ مضمون جي صنف خالص فني گهاڙيٽي جي مطابق هئي. مضمون جا مختلف قسم ٿين ٿا جن جي ترتيب، ٻولي ۽ مراد به ان حساب سان هئڻ گهرجي.
مضمون جا مختلف قسم:
1. بيانيه مضمون (Narrative Essays): موضوعاتي واقعن جي ترتيب سان سھيڙيل بيان کي ’بيانيه مضمون‘ چئبو آهي. هي مضمون ذاتي مشاهدي تي آڌاريل، تخليقي اظھار جا حامل ٿين ٿا. ان قسم جي مضمونن ۾ واقعاتي تسلسل ۽ ان جو اثر بيان ڪيو وڃي ٿو. اڪثر مضمونن ۾ ضمير متڪلم پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ليکڪ جي انفرادي سوچ ۽ نقطه نظر جي وضاحت پڻ ٿئي ٿي. انگريزي مضمون نگار چارلس ليمب، ايڊيسن ۽ اسٽيل، سنڌيءَ ۾ ميران محمد شاهه، پرمانند ميوارام ۽ ٻين ڪيترن بيانيه ۽ تعارفي مضمون لکيا آهن. بيانيه مضمونن ۾ تاريخي ڪردارن ۽ انهن سان تعلق رکندڙ واقعن کي تحريري انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. مثال طور بادشاهن جا دور، رام- شيام جي ڪھاڻي، اهم تاريخي شخصيتن جي آتم ڪٿا، ڪنھن حادثي، قدرتي آفت، ڏڻ يا شادي يا سامونڊي سفر وغيره شامل آهي. هن قسم جا مضمون ڪھاڻيءَ سان ملڻ جي باوجود مختلف آهن.
2. وضاحتي مضمون (Expository Essays): هن قسم جي مضمونن ۾ مخصوص عنوان سان لاڳاپيل وضاحت، تفسير توڙي تشريح ڪئي وڃي ٿي. مثال طور ادارن، صفتن، هنرن، سياسي، سائنسي، ادبي توڙي سماجي موضوعن کي قلمبند ڪيو وڃي ٿو.
3. تعريفي/ تعارفي مضمون (Descriptive Essays): ڪنھن به شيءِ يا جاءِ بابت سراسري معلومات بيان ڪرڻ کي تعريفي/ تعارفي مضمون چيو وڃي ٿو، جن ۾ ماحول، ڪردار ۽ واقعن جي ڀرپور طريقي سان تصوير ڪشي ڪئي وڃي ٿي.
4. خيالي يا تصوراتي مضمون (Reflective Essays): هن قسم جي مضمونن ۾، ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ خيال/ تصور کي مضمون جي پيرائي ۾ بيان ڪيو ويندو آهي. هن قسم جي مضمونن ۾ ڪي موضوع اهڙا آهن جيڪي فقط محسوس ڪري سگهجن ٿا، هي موضوع احساس سان تعلق رکن ٿا، جھڙوڪ: حب الوطني، بھادري، بزدلي، عادتون وغيره. ان کان سواءِ سياسي سماجي، گهريلو، نفسياتي، روحاني ۽ فلاسافي جا موضوع وغيره شامل آهن.
اها حقيقت آهي ته مضمون، مقالي، تنقيدي مضمون، ڪالم، تاثر، سفري مضمون ۽ اداريي ۾ واضح فرق آهي. مضمونن جا مختلف قسم ۽ فني گهاڙيٽا آهن، جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
مضمون ۽ مقالو: مضمون جو موضوع ڪو به ٿي سگهي ٿو، جيئن ادب، ٻولي، شاعري، ماحوليات، سياست وغيره. مضمون جو طئي ٿيل گهاڙيٽو آهي، جنھن تحت وصف، وچ ۽ پڄاڻي ٿئي ٿي. مضمونن جي وچ واري حصي ۾ معلومات ڏيڻي هوندي آهي. مضمون لاءِ گهڻا حوالا يا دليل ضروري نه آهن، پر ان جي ابتڙ مقالي ۾ موضوع جو مڪمل احاطو ڪيو وڃي ٿو، جنھن ۾ بنيادي موضوع، خيال، نظريا، مواد ۽ وضاحت وغيره ضروري سمجهيون وينديون آهن. سڄي مواد کي هڪ تسلسل سان بيان ڪرڻ، ان ۾ پنھنجي راءِ ڏيڻ يا ڪو نئون رخ متعارف ڪرائڻ مقالي جو اهميت وڌائي ٿو. مقالي ۾ اجائي تمھيد، لفاظي يا تخليقي عنصر نه هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته مقالو منطقي، تنقيدي ۽ تجزياتي انداز جو گُهرجائو ٿئي ٿو. تحقيقي مضمون ۾ حوالا وغيره ڏنا وڃن ٿا، جيڪي ان لکڻيءَ کي وڌيڪ مُستند بڻائين ٿا. جڏهن ته عام مضمون ۾ هڪ اڌ حوالو ۽ چوڻيءَ کان وڌيڪ حوالا نٿا ڏيئي سگهجن. مضمون ۾ تخليقي عنصر ۽ ذاتي راءِ جو هئڻ ضروري آهي. سٺو مضمون اهو آهي، جنھن ۾ مضمون نويس موضوع جي سٺي منصوبابنديءَ سان گڏوگڏ تعارف، ڄاڻ ۽ پڄاڻيءَ ۾ مھارت سان رابطو پيدا ڪري ٿو. ان کان سواءِ تعارف ۽ پڄاڻيءَ ۾ پڻ رابطو برقرار هجي. ڪٿان به ڳالهه شروع ڪجي ته اُتي وڃي توڙ پڄائجي. مضمون ۾ جھڙيءَ ريت وصف جي اهميت آهي، ساڳي اهميت پڄاڻيءَ جي ٿئي ٿي.
مضمون ۽ ڪھاڻي: دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مضمون ۽ ڪھاڻي ڪنھن حد تائين پاڻ ۾ ملن ٿا. خاص طور تي بيانيه مضمون (Narrative Essays) يا بيانيه صحافت (Narrative Journalism) جو هڪ داخلي ۽ تخليقي عنصر ٿئي ٿو. جنھن ۾ سچ تي ٻڌل ڪنھن به ڪھاڻيءَ کي تفصيل سان بيان ڪيو وڃي ٿو ۽ تخليقڪار جي جهلڪ واضع طور تي محسوس ٿيندي آهي. مضمون غير افسانوي ادب جو اهم حصو سمجهو وڃي ٿو، جنھن ۾ تخليقي عنصر موجود آهي. ساڳيءَ ريت مضمون، غيرافسانوي ادب ۾ شمار ٿيندي به تخليقي سگهه جا حامل آهن. مضمون جو تعارف تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جيڪو پڙهندڙ کي موضوع جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿو. جڏهن ته وچ واري حصي ۾ مڪمل ڄاڻ ڏنل هوندي آهي. مضمون جو بنيادي موضوع يعني مکيه موضوع (Main Topic) چورائي ٿو، جڏهن ته باقي پيراگراف به ننڍن موضوعن (Sub Topics) تي مشتمل ٿين ٿا. مثال طور جيڪڏهن ماحولياتي گدلاڻ جي موضوع تي مضمون لکڻو آهي ته ان مضمون ۾ ست يا ڏهه پيراگراف هوندا. هرپيراگراف جو هڪ الڳ سرو هوندو، جنھن کي ان پيراگراف ۾ وضاحت سان بيان ڪرڻو پوندو. ان کان پوءِ موضوع کي سھيڙي پڄاڻي تي پھچائڻو آهي. نتيجو ڪارآمد ۽ دڳ ڏيندڙ هجي يا پڄاڻيءَ کان ڪي ٻيا سوال پيدا ٿين. سوانحي ۽ تخليقي مضمون ڪھاڻيءَ وانگر لڳن ٿا، پر انهن ۾ ڪھاڻي وارن جزن جي کوٽ ٿئي ٿي، جيستائين ڪھاڻيءَ جو تعلق آهي ته ڪھاڻيءَ جو فارميٽ مضمون سان ڪي قدر ملي ٿو، جنھن جي شروعات ۾ موضوعاتي تعارف، وچ ۾ واقعن ۽ تضاد جو ذڪر ۽ آخر ۾ پڄاڻي ٿئي ٿي. ڪي ڪھاڻيون اڻپوري انجام (Anticlimax) تي وڃي توڙ ڪن ٿيون. جڏهن ته مضمون ۾ ائين ممڪن نه آهي. ڪھاڻيءَ کي مضمون وانگر نه لکڻ گهرجي.
مضمون ۽ ڪالم: ٻئي مختلف صنفون آهن. مثال طور تي ڪالم ڪنھن واقعي جو تڪڙو ردعمل ٿئي ٿو. ڪالمن ۾ تازي صورتحال، معاملن ۽ مسئلن جي اپٽار ٿيل هوندي آهي، جڏهن ته مضمون جا موضوع دائمي آهن. جيتوڻيڪ مضمون پڻ تازن واقعن تي لکيا ويندا آهن. ڪالم انهن موضوعن تي لکيا وڃن ٿا، جن ۾ خبرن جي ذڪر سان گڏ انهن ۾ سياسي، معاشي ۽ معاشرتي مسئلا بيان ڪيا ويندا آهن. مضمون وانگر، ڪالم ۾ به شروعات، وچ ۽ پڄاڻي ٿئي ٿي. شروعات ۾ ڪنھن متضاد يا ڇرڪائيندڙ ڳالهه سان ٿئي ٿي ته جيئن پڙهندڙ جو ڌيان جلد ڇڪجي ٿو. شروعات هڪ بنياد آهي، جنھن تي بحث جو دارومدار ٿئي ٿو. ڪالم ۽ مضمون جي ٻوليءَ ۾ پڻ فرق ٿئي ٿو. ڪالم جي ٻولي سڌي سولي ۽ عام فھم هئڻ گهرجي. اها گفتگوءَ جي طرز تي هجي. ائين محسوس ٿئي ته ڪالم نگار پڙهندڙ سان مخاطب آهي. ڪالم گهڻو ڪري ست سو کان هزار لفظن تي مشتمل ٿين ٿا. ڪالم مختصر، واضع ۽ موضوع جي مرڪز جي چوڌاري ڦرڻ گهرجن. ڪالمن ۾ ملڪي توڙي بين الاقوامي ڪو واقعو، وارتا يا حادثي جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو. جيڪي موضوع صحافت جو اهم حصو آهن. ڪالمن ۾ به مضمونن وانگر ذاتي راءِ، مشاهدو، تجربو ۽ تجزيو شامل ٿئي ٿو. ٻنهي ۾ فرق موضوع، ورتاءُ، گهاڙيٽي جو آهي. ڪالم مستقل لکيا وڃن ٿا جن ۾ گهڻا حوالا ۽ مثال لکڻي ۾ تاثر پيدا نٿا ڪن. ڪالم ۾ چار شيون ضروري آهن: مقصد جيڪو سبب سان لاڳاپيل هجي، ٻولي ۽ موضوع پڙهندڙ جي سمجهه مطابق هجن، موضوع حقيقت مطابق ۽ سچائيءَ تي مبني هجي ۽ ذاتي تجزيي جو هنر شامل هجي.
مضمون ۽ انشائيو: انشائيو به مضمون جو هڪ قسم آهي، انشائيو داخلي طرز تي لکيل احساساتي قسم جو مضمون آهي، جيڪو مضمون نويس جي اندر جي دنيا جو ڀرپور تعارف ڪرائي ٿو.
ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي ان حوالي سان لکي ٿوته:
”مضمون سراسري طور تي داخلي شيءِ آهي، جنھن ۾ ليکڪ جا پنھنجي شخصيت، سيرت بخش مشاهدا، تجربا، خيال، تصورات جهلڪندا نظر ايندا آهن“.(7)
اها حقيقت آهي ته فلسفي، سياست، معاشيات يا اهڙن ٻيا موضوع خارجي ۽ منطقي ٿين ٿا، پر ذات ۽ انفرادي سوچ سان لاڳاپيل مضمون داخلي نوعيت جا ٿين ٿا. انشائيي جي صنف اردو ۽ سنڌيءَ ۾ انگريزي ادب مان آئي آهي. انشائيو به مضمون جو قسم آهي، پر ان جو فارميٽ احساساتي ۽ شاعراڻو آهي. انشائيو تحرير ڪندڙ پنھنجي لکڻ ۾ بي ساختگي ۽ بي تڪلفيءَ سان ذاتي مشاهدي جو اظھار ڪري ٿو. هو ڪنھن مقصد تحت نه ٿو لکي. دل جي ان اپٽار ۾ تازگي، نواڻ ۽ زندهه دليءَ جو عنصر ملي ٿو. اُن ۾ شامل منظرڪشي، انشائيي جو لازمي جزو آهي. هن قسم جي تحرير ۾ طنز ۽ مزاح جو عڪس پڻ ملي ٿو.
اردوءَ ۾ مولانا محمد حسين آزاد، خواجه حسن نظامي، پطرس بخاري، مرزا فرحت الله بيگ، رشيد صديقي ۽ ٻين انشائيه لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ سيد عطا حسين شاهه موسويءَ جا انشائيا، ’ڪچ ڪوڏيون‘ ڪتاب ۾ سھيڙيل آهن. پرمانند ميوار رام پڻ ڪيترا انشائيا لکيا جن ۾ ’تارن ڀري راتڙي‘، ’ڪوئل‘، ’الاهي محبت جو عجيب تاثر‘ شامل آهن. ساڳيءَ ريت جهامنداس ڀاٽيه ’ادب لطيف‘ علي احمد بروهي، حليم بروهي، نياز همايوني ۽ ٻين پڻ انشائيي جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي.
جهامنداس ڀاٽيه پنھنجي انشائيي ’وقت‘ ۾ لکي ٿو:
”وقت امير، وقت فقير؛ وقت اڪسير، وقت تقاضا، وقت تار، وقت قرار، وقت تڪرار؛ وقت طلب، وقت قلب، وقت تانگهه، وقت مانگ، وقت سانگ، وقت رنگ، وقت ڍنگ، وقت ونگ، وقت ساز، وقت راز، وقت آغاز؛ وقت ناز، وقت نياز........ وسيع آهي، وستار، ڳوري آهي دستار وقت جي“.(8)
سفري مضمون: مضمون وانگر سفرنامو مشاهدي ۽ تجربي جي آڌار تي لکيو وڃي ٿو، جنھن ۾ ليکڪ ٻاهرين ماحول جو تحرڪ وٺي، ان ۾ من اندر جي دنيا جا خوبصورت رنگ شامل ڪري ٿو. سفري مضمون سنڌي ۾ به لکيا ويا آهن. شروعاتي سفري مضمونن ۾ لالچند امر ڏني مل جو ’ڀنڀور جو سير‘ سيد ميران محمد شاهه جو ‘گنجي ٽڪر جو سير‘ پرمانند ميوارام جو مضمون ’ڪوهستان جو سير‘، ’سيلون (لنڪا) جو سير‘، ’لاڙ جو سير‘، ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جو ’سنڌ جو سيلاني‘، منوهرداس ڪوڙومل جو ’ڪشمير جو سير‘، ڄيٺي خوبچند جڳتياڻيءَ جو ’پٽ جو پيءُ ڏانھن خط‘، ڪشنچند جيٽلي جو ’پٽي ۽ بلوچستان‘، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون ’بلوچستان جا نظارا‘، ’لسٻيلي جو سفر‘ آغا بدرالدين دراني جو سفرنامو ’مسافر حجاز‘ وغيره شامل آهن. موجوده دور ۾ الطاف شيخ، بدر ابڙو، عبدالحئي پليجو ۽ اشتياق انصاري سفري مضمون ۾ مھارت رکن ٿا. اهو سلسلو اڄ تائين جاري آهي. پرمانند ميوارام ’ٿر جو سير‘ ۾ لکي ٿو :
”ٿر ۾ ٽي شيون جام آهن: واري، لوڻ ۽ نانگ. ملڪ وُٺو، ڇنڊون پيون ته واه نه ته سُڃ پيئي واڪا ڪندي، ماڻهو دربدر، ڏٿ رڌي پيا گذر ڪندا، مال بک مري ويندو. جنھن سال آءٌ هوس تڏهن خوب وَسَ ٿي هئي. زمين نرم، هفتي کن ۾ جهر جهنگ سر سبز ٿي ويو، تل ترايون ڀرجي ويئون، ماڻهن کيتن کي هر ڏيئي ٻاجهريون کڻي پوکيون. جهنگ ۾ ڪو ڍير، پپؤن، ڦوڳيون،چڀڙ ۽ ڳاڱيون ٿيون، تن مان ماڻهن وارا ڪيا.“(9)
سوانحي مضمون: هي مضمون دلچسپ ۽ معلوماتي ٿين ٿا. سفرناما پڻ سوانحي ادب جو حصو آهن، جيڪي فقط سفر جو تفصيل نه آهن پر ليکڪ زندگيءَ جا مختلف رخ دريافت ڪري ٿو. انگريزي ادب ۽ ڪافي نالا ملن ٿا. جن ۾ جيمزبالڊون، جيمز ٿربر، جوزف ايڊيسن ۽ اسٽيل، چارلس ليمب، ڪارل يونگ وغيره جا نالا شامل آهن.
سنڌيءَ ۾ سائين جي ايم سيد، سيد حسام الدين راشدي، پير علي محمد راشدي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي، پروفيسر منگهارام ملڪاڻي پڻ سوانحي مضمون لکيا آهن. سفرناما پڻ سوانحي ادب جو حصو ليکيا وڃن ٿا.
اُن کان سواءِ تحقيقي مضمون آهن، جن وسيلي ٻولي، ادب، لسانيات، تاريخ، آثارقديمه، ثقافت ۽ ٻين شعبن جا ڪيترائي نوان رُخ سامھون اچن ٿا. هن وقت سنڌيءَ ۾ ٻولي، لسانيات، تاريخ، قديم آثارن ۽ علم بشريات تي مفيد ڪم ٿي رهيو آهي.
گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ سنڌ ۾ مضمون نويسيءَ ۾ جن ليکڪن ۽ عالمن پاڻ مڃايو. تن ۾ محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، پروفيسر علي نواز جتوئي، پروفيسر محرم وگهامل، ذوالفقار راشدي، ڊاڪٽر فھميده حسين، ڊاڪٽر قاضي خادم، ولي رام ولڀ، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر نواز علي شوق، سراج ميمڻ، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر نور افروز خواجه، ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر، ڊاڪٽر بشير احمد شاد، شوڪت حسين شورو، مدد علي سنڌي، تاج جويو، مير محمد پيرزادو، نفيس احمد شيخ، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر ادل سومرو، نصير مرزا، انعام شيخ ۽ ٻيا شامل آهن.
مضمون نويسي جيئن ته هڪ قديم صنف آهي، جنھن ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ درستگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڪجهه محقق مضمون نويسيءَ کي ٻوليءَ جي دائري کان الڳ ٿا سمجهن، جڏهن ته ڪجهه مضمون نويسيءَ کي ٻوليءَ جي پيڙهه سمجهن ٿا. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضمون نويسيءَ جو اهم فن زوال پذير ٿيو آهي، ڇو ته مضمون لکندي وقت اُن جي بنيادي گهرجن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. مضمون محنت طلب نثري صنف آهي، جنھن لاءِ مضمون نويس کي مستقل سکيا جي عمل مان گذرڻو پوي ٿو.

حوالا

1. محرم خان ، پروفيسر ،’ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي شاعري: آڳاٽو دور‘ ڇاپو پھريون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2007ع، ص 275
2. Fred, D. white, “ The Writers Art” 1986, Words worth Pulishing company, P. 7
3. مرزا، قليچ بيگ، ” مقالات الحڪمت“ڇاپو ٻيون 2005ع سنڌي ادبي بورڊ.
4. موسوي، سيد عطا حسين، ”ڪچ ڪوڏيون“ ڇاپو پنجون، تاج محل پريس، شاهي بازار، حيدرآباد، 1959ع
5. فھميده حسين، ڊاڪٽر (چيف ايڊيٽر) ”انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا“ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، ص......62-357
6. ساڳيو، ص.......364
7. لالواڻي، ڄيٺو، ڊاڪٽر. ’گجرات ۾ سنڌي مضمون نويسيءَ جا پنجاهه سال‘ مقالو: ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، ڊسمبر 2016ع، ص.19
8. ڀاٽيا، جهامن داس، ”وقت“ انشائيو، ڇپيل ٽماهي ’مھراڻ‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1960ع، ص. 75
9. پرمانند، ميوارام، ”گل ڦل“ ڇاپو ٽيون، 1961ع، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، ص .137
10. ٽماهي ’مھراڻ‘شمارو: آڪٽوبر-ڊسمبر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1947 ع، ص. 75
3793 ڀيرا پڙهيو ويو