ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو تحقيقي مقالو: اڻويهين صديءَ جي ابتدائي دور ۾ انگلينڊ جي شاعريءَ ۾ تصوف - هڪ اڀياس
(Dr. Gurbuxani's Dissertation: Mysticism in the early Nineteenth Century English Poetry-A critical study)

ڊاڪٽر تھمينھ مفتي
Abstract:

The renowned scholar and the Bhittian expert and connoisseur Dr. Hotchand Molchand Gurbuxani edited and annotated the poetic compendium of Latif through a modern research -based framework. His painstaking studies into the world literature led him to the pinnacle of erudition. He was born in 1883 in Hyderabad and died on February 11,in 1947.In his highly scholarly Prologue to Shah jo Risalo ,popularly known as "Muqadama Latifi", he delved deep into the mysteries of Philosophy, aesthetics ,linguistics ,lexicography and various shades of pristine religion, interpreting these in the light of various disciplines :Tasawuf, Vedanta, Unity in Diversity and Diversity in Unity as seen through the prism of Sanskrit. Dr. Gurbuxani's Dissertation "Mysticism in the early nineteenth Century Poetry of England" is based on three leitmotifs (1) Sufism (2) The internal orders of Sufism and how to remove their inherent contradictions. (3) To arrive at a comprehensive definition of Tasawuf. This article undertakes a comparative study of important Nineteenth Century English poets with Oriental, Indian and Persian poets, with reference to their individual thought, mystical elements and actions. Its conclusion discovers a remarkable concurrence in their mystical perceptions and intellectual integrated processes. This homogeneity is achieved via contextual-syntactical findings by this study.

سنڌ جي نامور عالم، ڀٽائيءَ جي پارکو، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو جنم 8 مارچ 1883ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو ۽ سندس لاڏاڻو 11 فيبروري 1947ع تي ٿيو، گربخشاڻي صاحب، شاهه لطيف جي ڪلام (رسالي) کي جديد تحقيقي انداز سان ترتيب ڏنو. تصوف جي موضوع تي سندس تحقيق ۽ عالمي ادب جي مطالعي کيس علم جي عروج تي پھچايو. هو سنڌيءَ سان گڏ انگريزي ۽ فارسي زبانن تي پڻ وڏو عبور رکندو هو. گربخشاڻيءَ جي قلمي پورهئي ۾ 1915ع ۾ تاريخي ناول ’نورجھان‘، ’شاهه جو رسالو‘ (ٽي ڀاڱا) 1923ع کان 1931ع تائين‘ لکي ڇپرايائين، رسالي جو چوٿون ڀاڱو به تيار هو پر اهو اڻڄاتل سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهيو ۽ اڄ اهو اڻلڀ آهي. 1934ع ۾ لنواريءَ واري بزرگن جو تذڪرو ’لنواريءَ جا لعل‘ جي نالي سان لکيائين. هن جو وڏو تحقيقي ڪم ’يورپي شاعريءَ ۾ تصوف‘ جي عنوان تي ڊاڪٽريٽ جو مقالو “Mysticism in the early nineteenth century, poetry of England” آهي، ان کان سواءِ سندس انيڪ مضمون ۽ مقالا ٽڙ پکڙ ڇپيل آهن. اُنهيءَ دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي يونيورسٽيءَ جي درجي پھچائڻ بابت سندس جاکوڙ بابت پروفيسر ڊي.ڪي منشاراماڻي پنھنجي مقالي ’گربخشاڻيءَ جو جيون چرتر ۽ رچنائون‘ ۾ لکي ٿو ته:
”پرنسيپال سنگهه چندا سنگهه شھاڻيءَ جي چوڻ تي سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڇپيل ساهت تي 1921ع ۾ انگريزيءَ ۾ رپورٽ تيار ڪيائين، جنھن جي آڌار تي بمبئي يونيورسٽيءَ جي اختياري وارن بي.اي جي سطح تي سنڌو وشيه (مضمون) کڻڻ جي اجازت ڏني ۽ سنڌي پاس ڪورس ۾ پاڙهڻ ۾ آئـي. اها رپورٽ ڊي.جي سنڌ ڪــاليج مسيــلني ۾ ‘A brief survey of published Sindhi Literature’ جي عنوان سان به شامل آهي، اُن رپورٽ/ ليک مان ڊاڪٽر صاحب جي سنڌي ادب بابت معلومات ۽ زوردار پُر دليل لکڻيءَ جو پتو پوي ٿو“
هو ان بابت وڌيڪ لکي ٿو ته:
”انگريزيءَ ۾ سنڌي ساهتيه تي سندس هڪ ننڍو ليک 1946ع ۾ فلاسفيڪل لئبريري نيويارڪ جي اشاعت “Encyclopedia of literature” جي پھرئين جلد جي صفحي 554-557 تي ڏنل آهي“ (1)
هو گربخشاڻيءَ جي علمي قابليت بابت هن ريت لکي ٿو ته:
”جيڪڏهن اسين مقدمه لطيفي، روح رهاڻ، رسالي جي شرح ۽ اڻ ڇپيل تحقيقي مقالي تي سرسري نظر ڊوڙائينداسين ته ڀليءَ ڀت معلوم ٿيندو ته هن جو فارسي، انگريزي، سنڌيءَ ۽ سنسڪرت ساهت جو مطالعو ڪافي وسيع هو، فلسفي، تاريخ، علم لغات، علم صرف و نحو (وياڪرڻ)، ويدانت ۽ تصوف بابت پنھنجي سھيوڳين ۽ سنڌ جي عالمن کان هو ڪافي مٿي هو، پير علي محمد راشديءَ جي لفظن ۾ ”تصوف جي تاريخ ۽ اصولن جو اهڙو ڄاڻو هو، جھڙس ٻيو ڪو ان زماني ۾ گهٽ ۾ گھٽ مون کي ته نظر ڪونه ٿي آيو“.(2)
جي.ايم سيد ڪتاب ’جنب گذاريم جن سين‘ ۾ سندس تصوف ڏانھن لاڙي ۽ اُن جو علم پرائڻ بابت ڄاڻائي ٿو ته:
”سندس ڏاڏو ۽ والد صوفي خيالن جا هئا ۽ شاهه عنايت صوفي جهوڪ جي درگاهه جا معتقد هئا. ڊاڪٽر صاحب کي ان ڪري ننڍي هوندي کان صوفيانه تعليم ۽ تربيت مليل هئي“ (3)
پاڻ 1926ع ۾ لنڊن وڃڻ کان پھرين هندستان جي صوفي خيال ۽ فڪر، اسلام ۾ تصوف ۽ عيسائيت ۾ صوفي ازم جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ۽ ان خيال جو قائل ٿيو ته صوفيانه خيال هڪ عالمي فڪر آهي. ان مطالعي جي نتيجي ۾ 1928ع ۾ “Mysticism in the early nineteenth century, poetry of England” جي عنوان سان مقالو لکي. پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. شاهه جي رسالي ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ انگريزي، فارسي ۽ ننڍي کنڊ جي تصوف ۽ صوفي فڪر جي گھري مطالعي ۽ اثر هيٺ شاهه لطيف جي فڪر ۽ خيال کي پرکيو. رسالي ۾ سندس فڪر ۽ خيال جو اظھار پوريءَ وضاحت سان موجود آهي.
تحقيق جي انهيءَ سفر ۽جاکوڙ ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻي جديد علمي تحقيقي اصولن موجب ’شاهه جي رسالي‘ کي ترتيب ڏئي، جديد علمي تحقيق جو بنياد رکيو ۽ هي رسالو مثال ٿي سامهون آيو. رسالي ۾ سندس لکيل مقدمو، ’مقدمه لطيفي‘ جي عنوان سان مشھور ٿيو ۽ ڌار ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو. ’مقدمه لطيفي‘ ۾ هن خاص عنوان جن ۾ تصوف، ويدانت، ڪثرت ۾ وحدت ۽ وحدت ۾ ڪثرت، سنسڪرت جي ڪاوين ۾ آيل اسرارن، فلسفي، جماليات، ٻولي، لغت ۽ مذهبي اثر هيٺ تفصيل سان لکيو. داستانن جي تشريح ۽ معنيٰ تي به لکيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي انگريزي، فارسي ۽ ننڍي کنڊ جي تصوف ۽ صوفي فڪر جي علمي اثر هيٺ، ۽ ان کي مڃيندي ۽ پڪو پختو عقيدو رکندي، ’شاهه جي رسالي‘ جي وسيع تر لڪل علمي خزاني، تصورن ۽ خيالن کي کولي بيان ڪيو. هن شاهه لطيف جي سوانح حيات تي پڻ باريڪ بينيءَ سان لکيو. سماج ۾ رائج مشھور روايتن، ٻين ليکڪن جي ڪتابن ۾ آيل ضعيف مواد کي ڇنڊي ڇاڻي، شاهه لطيف جي نئين سر سوانح حيات لکي، اساسي ادب واري تحقيق کي هڪ نئون موڙ ڏنو. هن انساني ۽ علمي مونجهارن، وهمن ۽ وسوسن کان ڌار ٿي هڪ منفرد نموني واري اَنوکي تحقيق ڪئي. انسان جي مذهبي آزاديءَ تي چٽو ۽ واضح موقف رکيائين. جيڪو هر ساهه واريءَ جِيوَ جو حق آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيقي مقالي جو جائزو ۽ خاڪو:
Mysticism in the early nineteenth century Poetry of England:
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنھنجي ٿيسز ”مقالي“ ۾ ٽن عنوانن کي بنياد قرار ڏنو آهي.
1. صوفي ازم.
2. صوفي ازم جا طبعي طريقا ۽ انهن جي تضادن کي دور ڪرڻ.
3. صوفي ازم ۾ تصوف جي مڪمل ۽ مفصل وصف.
مٿي ڄاڻايل نُڪتن ۽ وصفن جي تناظر ۾ هن پنھنجي تحقيقي مقالي ۾ اُڻويھين صدي جي شروعاتي دور جي يورپ جي اهم انگريز شاعرن، اوڀر، هند ۽ فارسي شاعرن جي نمايان خيالن ۽ صوفياڻي جز ۽ عمل جو تقابلي تجزيو ۽ تنقيد ڪندي صوفياڻي ادراڪ، فڪري هڪ جھڙائي، برابريءَ جي هڪ ئي سطح جي ويجهو قرار ڏنو آهي. صوفي ازم جو مطلب ان کان سواءِ ڪجهه نه آهي ته هي هڪ ڳجهو عقيدو، جيڪو مخصوص ماڻهن ۽ مخصوص طبقي جي اثر هيٺ ۽ هٿ ۾ رهيو ۽ اهي سبب جن جي ڪري ترقي ۽ زوال جو اچڻ معلوم ٿيو. صوفي ازم جي هڪ وصف اها به ڏئي سگهجي ٿي ته هي هڪ ڳجهي سائنس آهي.
تصوف ۾ الله تعاليٰ بابت سڌي ڄاڻ ۽ روحاني دنيا جون حقيقتون، جيڪي نه ته حواسن سان ۽ نه ئي وري ذهانت مان ڦٽي اُڀرن ٿيون، پر انهن جي پاڻ ۾ لھه وچڙ آهي. اهو عالمي عمل جيڪو مختلف نالن سان، مختلف هنڌن تي هڪ ئي معنيٰ ۽ مطلب رکي ٿو، جنھن جو طريقو ۽ مقصد هڪ آهي. ساڳين خيالن، تجربن، جذبن ۽ ذهني ڪيفيتن جو نچوڙ آهن. تصوف ۾ ٽي خاص رستا آهن، جن سان روحانيت ماڻي سگهجي ٿي، ذهني پچار، از خود عمل ۽ پاڻ سان پيار کان سواءِ صوفي ازم ۾ بنيادي فلسفو اهو به آهي ته خدا هر شيءِ ۾ موجود آهي ۽ ان جو ظھور انھن شين ۾ آهي. هي ڪائنات، سڄو سنسار ماڻهو ۽ سڄي جنسار هن جو مظھر آهن.
”سڀني صوفين جي خيالن جي جامع ۽ نمائنده وصف ڏکيو ڪم ضرور آهي، پر ناممڪن نه آهي، جنھن ۾ سڀني صوفين جي خيالن جي سڳنڌ هجي. Dean Inge، صوفي ازم جي حوالي سان ڇويھه وصفون ڏنيون آهن، جنھن ۾ هن جي پنھنجي وصف به آهي جيڪا پڻ جامع نه آهي ۽ تضادن سان پُــر آهي. هن جي ڏنل وصف موجب صوفي ازم به هڪ سائنسي مذهب آهي جيڪو هڪ جز کي متعارف ڪرائي ٿو، جنھن ۾ مذهبي صوفيانيت جيڪا، حقيقي يا خيالي انساني روح ۽ دنيا جي مادي وجود جي وچ ۾ هڪ تاثر ڏئي ٿي.“(2)
گربخشاڻي پنھنجي ٿيسز ۾ هيگل جي حوالي سان روميءَ جي مثنويءَ جو مثال ڏيندي اها ڪھاڻي بيان ڪئي آهي، جيڪا ’جين مذهب‘ سوڌو روميءَ جي مثنوي ۾ هن طرح آهي ته:
”هڪ هاٿي هڪ اونداهي ڪمري ۾ نمائش لاءِ رکيو ۽ ڪافي ماڻهو ان جي ڏسڻ لاءِ جمع ٿيا، جيئن ته اها جاءِ ايتري انڌيري هئي جو ماڻهو اها ڏسي نه پيا سگهيا، انڪري هر ڪنھن هاٿيءَ کي پنھنجي هٿن سان محسوس ڪري اندازو لڳائي رهيا هئا ته اُهو ڪيئن آهي. سڀني هن جي سونڍ کي محسوس ڪري چيائون ته جانور پاڻيءَ جي پائيپ وانگر آهي، ٻئي هن جي ڪن کي محسوس ڪيو ۽ چيائون ته اهو يڪسان وڏو پکو آهي. ٻئي ڄنگهه محسوس ڪئي ۽ چيائين اهو ٿوڻي وانگر آهي، ٻئي هن جي پٺي محسوس ڪئي جيڪو هڪ شاهي تخت آهي. اهڙي طرح تصوف جي وصف ائين ئي بيان ڪري جيئن هو اهو پاڻ ان کي محسوس ڪري ٿو ۽ پنھنجن جذبن مطابق بيان ڪري ٿو.“(3)
روميءَ جي هن دعويٰ کان پوءِ هر هڪ پنھنجي وصف ڏيندو، جيئن هو ان کي محسوس ڪندو. ان مان لڳي ٿو ته صوفي ازم جي وصف ترڪڻي، ڦير گهير ۽ مختلف رُخن واري آهي، ڊاڪٽر گربخشآڻي ان وصف کي Philological Connotes جي زمري ۾ آندو:
”صوفيءَ جي لغويٰ معنيٰ يوناني ٻولي جي فعل Mavic مان نڪتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي اکين کي بند رکڻ يا چپ بند ڪرڻ يا چُپ رهڻ. يونان ۾ هڪ ڳجهي مذهبي رسم (Demeter at Eleusis) جنھن کي هڪ مخصوص چونڊيل ماڻهن جي جٿي کي ڏسڻ جي اجازت هوندي هئي، ان جٿي جا فرد هڪ پاڪائي، عبادت ۽ روزي رکڻ جي مشق ڪري ڏسڻ ايندا هئا. انهن کي سختيءَ سان منع ٿيل هوندو هيو ته جيڪو ڪجهه ڏسن اهو ٻاهر ٻڙڪ به نه ڪڍن.“(4)
تصوف جي عالمگيريت: تصوف رڳو مخصوص مذهبي خدائن جي پوڄا جي محتاج نه آهي، پر ان جا خاص جزا هر مذهب ۽ هر ملڪ ۾ ڄاتا ۽ سڃاتا وڃن ٿا. اهي مختلف ملڪن ۽ حدن ۾ مختلف نالن سان سڏيا وڃن ٿا، پر مطلب ساڳيو آهي يعني هڪ ئي طريقو ۽ هڪ ئي مقصد آهي. مشرقي توڙي مغربي ملڪن ۽ سڄي دنيا ۾ ساڳيا خيال، جذبا، تجربا ۽ ذهني لاڙا موجود آهن. آڳاٽا مصري، مُردن کي صوفياڻي طريقي سان دفنائيندا هئا. اهل ڪتاب عراقي، تصوف کي مذهب جو حصو سمجهندا هئا ۽ اهي اسلام کان اڳ به ان طريقي تي هوندا هئا ۽ سڄي يھودي مذهب جي تاريخ ۾ اِهو واضح بيان ٿيل آهي. هن جديد ۽ نئين دور ۾ اتر آمريڪن، انڊين، ڪيريبين، ميڪسيڪين ۽ پيرو، وينس جي مذهبن ۾ تصوف جا اهڙا چٽا اهڃاڻ ملن ٿا.
هندستان ۾ تصوف: تصوف جا اثر هندستان ۽ ايران جي مذهبن ۾ پڻ ڳوليا ويا آهن. هندستان جي عام زندگيءَ ۾ مذهب، قرباني ۽ ڏيکاءَ، ڏڻ ملهائڻ (Ceremony) رهيو آهي. ويد (Vedant) لغويٰ معني ۾ حقيقي علم ۽ وڏي سائنس، تمام گِھريون، راز واريون ۽ متبرڪ ڳالهيون جيڪي نه دليل ۽ نه ئي حواسن سان محسوس ڪري سگهجن ٿيون.
”اهو صرف اندر جي تجربي کان حاصل ٿئي ان کي “Gupta-Vidya” چيو ويو. ڳجهي سائنس. (ڳجهو تجربو) جيڪا ڪنھن به شاگرد يا استاد کي حاصل ٿي ۽ پڌرو ڪري ان کي نامزد ڪري اها شڪتي آهي. هندو مت جا ڪتاب جن ۾ لاتعداد سياڻپ جا اهڃاڻ ملن ٿا، جن جو ڳجهه سان تعلق آهي. اهو عام ماڻهو لاءِ موزون نه آهي ۽ ان کي غلط استعمال ڪري سگهي ٿو، جڏهن اهو ظاهر ٿئي ٿو انهن ناپاڪ ۽ غير اخلاقي ماڻهن کي ظاهر ڪري ٿو.“(5)
ايراني نار جو تصوف: جيڪڏهن ايران ڏانھن ڌيان ڏجي، جتي گهڻو اسلامي مذهبي لاڙو آهي، پر ان سان گڏ اتي صوفياڻي عقيدي به جنم ورتو. غزاليءَ مطابق هڪ صوفي عام مذهبي ماڻهو کان مختلف آهي، جنھن پاڻ کي ظاهري علم کان ڪٽي ڇڏيو. اهو انسان دل کي، کوهه ۽ جسماني حس کي، آبشار سان تشبيھه ٿو ڏئي جيڪي مسلسل دل کي ريج ڏيئي آبياري ڪندا رهن ٿا. دل جي حقيقي جزن کي ڳولڻ لاءِ آبشارن کي عارضي طرح بند ڪرڻ سان کوهه مان بيڪار شيون صاف ٿيڻ تائين اهي بند رکڻ گهرجن، جيستائين صوفي روحاني طرح صاف ۽ روحاني حقيقت تائين پھچي ۽ ٻاهرين حاصل ڪيل علم کي پري ڪري. غزالي رڳو پنھنجي تجربي مان نه پر قرآن شريف جو حوالو ڏئي ٿو:
”الله تعاليٰ پنھنجي نبي ڪريم ﷺ کي حڪم ڏئي ٿو ته پنھنجي پوئلڳن کي ٻڌايو ته ظاهري اکيون بند ڪريو ته توهان جون اندر جون روحاني اکيون کلن ۽ ڳجهه کي ڳجهه رکڻ لاءِ هدايت ٿيل آهي.“ (6)
مطلب ته صوفيءَ جي هڪ خاص سڃاڻپ اها آهي ته هُو ٻاهريان سڀ ادراڪ جا ذريعا بند ڪري ان مقصد لاءِ ته بھتر ادراڪ حاصل ڪري، جيڪو هن جي سڃاڻپ جو هڪ جز آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي، تصوف جي وصف ۽ ان جو مختلف مذهبن سان تعلق بيان ڪندي وڌيڪ موضوعن جون وضاحتون ڪيون آهن، جيڪي هن ريت آهن.
صوفين جا مسئلا: هو ٻڌائي ٿو ته ڄاڻ جو سڄو مسئلو هن ڪائنات جي محدود ۽ لامحدود جي وچ ۾ تعلق جو آهي ان جو بنيادي ماخذ Source جتان وجود شروع ٿئي ٿو، اِها ڳالهه حقيقت ۾ انساني دماغ لاءِ مذهب جي فطرت ڄاڻڻ کان مٿي نه آهي.
سائنس جو جواب: اهو ظاهر آهي ۽ عام طرح سان قبوليو ويندو آهي ته دنيا جي وضاحت هڪ فطرت پسندي (Naturalism) ئي آهي ۽ اها ماڻهو هنڊائيندا آهن ۽ سڀني سائنسي علمن ۽ عمل لاءِ قبول آهي ۽ اها دنيا آهي جيڪا اسان جي اکين جي آڏو آهي ۽ سڀ طبعي سائنس جا علم ڳولا ۾ رڌل آهن. ان جي ذري ذري کي باريڪ بينيءَ سان پنھنجي حواسن وسيلي اهو ڳوليندا آهيون ته ’سچائي ۽ حقيقت ڇا آهي‘؟
Miss Evelyn هڪ ڀيري اهو سوال ڪيو ته ڇا اسان جا مشاهده صحيح نتيجا ڏيندا آهن؟
ان بابت Heraic Leitos چوي ٿي ته:
”اکيون ۽ ڪن خراب شاهد آهن؟ انهن روحن لاءِ جيڪي روحاني طرح جاهل ۽ جهنگلي هوندا آهن پر، طبعي سائنس دنيا کي سمجهائيندي هڪ مادو جيڪو پنھنجي هيئت، بابت خاصيتون ۽ حالتن جي تبديلي ٻڌائي ٿو.“(7)
فلسفي جو جواب: جيتوڻيڪ سائنس خالصتًا ڪائنات کي مادي حوالي سان ڏسي ٿي. پر فلسفو (Philosophy) سڀني علمن کي جوڙي هڪ مرڪزي ۽ مکيه رايو جوڙي ان وسيلي عالَم کي بيان ڪري ٿي. پر هڪ فارسي شاعر صائب (Saib) جي چوڻ مطابق هن ڪائنات جي هن ڳجهه جي ڳنڍ ڪنھن به نه کولي آهي.“ (8)
”جديد فلسفي جي نمائندن Kant, Berkly جي مڪمل خيال مطابق دنيا کي Idealism عينيت وسيلي هڪ دماغي لقاء (Phenomenan) جو عمل آهي جيڪو اثر انداز ٿئي ٿو. مختلف عملي حالتن جو مظاهرو يا ڏيک هن عمل هيٺ رهندڙ حقيقت کي پرکي ۽ ڄاڻي نٿو سگهي.“.(9)
مذهب جو جواب: اڃان تائين هي اڻ کُٽ ڪوشش جيڪا بنا رنڊڪ جي حقيقت کان پوءِ ان لھر جيان آهي جيڪا انسانيت جو رتبو ۽ اوچو پاسو جوڙي ٿي ۽ بنا ڪنھن شڪ جي اها روحانيت جي ثابتي آهي. اهو چئي سگهجي ٿو ته نه ئي ڪنھن ملڪ ۾ نه ڪنھن قوم جي حوالي سان اها نه اجهائيندڙ اڃ ۽ تاس ڄاڻ لاءِ غير ضروري ۽ غير واضح آهي. جيڪا سڀني قومن کي ڪافي وقت کان ڌيان ڏياري ۽ ڇڪرائي ٿي ۽ ان جي زندگي جي چرپر ۽ روان دوان هجڻ تي اثر انداز ٿئي ٿي.
انهن پنھنجا تجربا پنھنجي هيئت ۾ وقت، قومن ۽ ماڻهن جي قسمن جي مناسبت سان ڏنا ۽ هڪ رستو وڇايائون يا راهه ڏنائون ته جيئن ڪو پاڻ کي مطمئن ڪري ته آءٌ ان سچ يا حقيقت لاءِ آهيان. اسان پراڻي تاريخ مان اهو اخذ ڪري سگهون ٿا ته سمورا مذهب بنيادي طرح اِنهيءَ پيڙهه جو اهڃاڻ ۽ جواب آهي جيڪو انسان ذات لاءِ هڪ اعليٰ درجي جي سوکڙي آهي.
تصوف جو جواب: پڇتاءَ جي ڪابه گنجائش نه آهي. اهو هڪ صوفي چوي ٿو، اِهو هڪ رستو آهي جنھن ذريعي انساني دل مطمئن ٿئي ته هو حقيقت ڏانھن هلي ٿو. خدا کي نه ته جذبات سان، نه ئي پنھنجن حواسن سان ۽ نه ئي دماغ سان سڃاڻي سگهجي ٿو. ان کي ان جذبي سان جيڪو پاڻ آهي ۽ اسان منجهه آهي اُن ئي سان سڃاڻي سگهجي ٿو جيڪو اسان منجهه آهي. اهو اسان تي چمڪندو ۽ جهلڪ ڏيندو رهي ٿو ۽ هُو اسان جي چوڌاري آهي.
تصوف جا طريقا ۽ تقابلي جائزو: تصوف اهو واضح نٿو ڪري ته تصوف جو تاڃي پيٽو سڌيءَ طرح سان خدا تعاليٰ جي ڄاڻ يا حقيقت تائين پھچڻ ممڪن آهي. هر انسان پنھنجي ظاهري زندگيءَ ۾ ان تائين پھچڻ لاءِ طريقي ڪار حاصل ڪري سگهي ٿو، اهو واضح آهي ته دنيا ۾ روحاني زندگي ۽ ان جي ترتيب جو تصوف جي (جوڙجڪ) ۾ هڪ جھڙائي آهي. صوفي جيڪو خدا تائين حاصلات لاءِ جيڪا ترغيب ڏئي ٿو، ان کي زيارت يا مسافري چوندا آهن. هڪ صوفي چاڙهيءَ وانگر اوچا ڏسيل رستا طئي ڪري، پنھنجي ڄاڻ حاصل ڪري منزل مقصود تائين پھچي خدا سان ملي ٿو.
تصوف جا طريقا: تصوف رڳو اها دعويٰ نه ٿوڪري ته خدا جي ڄاڻ يا حقيقت جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني انسانن جو ڄاڻڻ ممڪن آهي. هُو اها تلقين ڪري ٿو ته اهو طريقو اختيار ڪجي جنھن سان روحاني رمز حاصل ڪري سگهجي ٿي. روحاني تنظيم جي ترقي ۽ زندگيءَ لاءِ جيئن چئجي ته صوفياڻو رستو سڀني دنيا جي صوفي طريقن جھڙو ئي آهي. هُو خدا جي ڳولا واري پنڌ کي سفر يا حج چوي ٿو ۽ اوچي چڙهائي تي هڪ مخصوص رستي تي پيش قدمي ڪري منزل مقصود ماڻي يا خدا تعاليٰ سان ملڻ چوي ٿو.
”ڪرستان صوفي ان کي اسڪالا (Scala Perfection) ۽ هندو صوفي يوگه مارگه چون ۽ ايران، وارا اُن کي طريقت (Tariqa) چون ٿا، انهن مان هر هڪ مختلف طريقن ۽ مرحلن ۾ ورهايل آهي.“ (10)
هر هڪ رستو مختلف طبقن ۾ ورهايل آهي. انهن منجهان ڪجهه صوفياڻا، زاهداڻا يا ڪٺن تپسيا ۽ اخلاقي طريقي ۽ نفسياتي ترقي ڪندڙ هيئتون آهن.
هن سڄي ورهاست ۾ Scala کي ٽن حصن ۾ ورهائبو آهي. پٺيان ٻه سڀني ۾ هڪ جھڙا آهن. اهو پھريون حصو هر هڪ ۾ وري ورهاست ٿيل آهي. اها پھرئين اندر جي صفائيءَ واري حصي جي ورهاست هيٺ بيان ڪري سگهجي ٿي.
اخلاقيات جو ٺاهڻ: هن ڏاڪي ۾ اخلاقيات تي زور ڏنل آهي. جنھن ۾ روحاني سفر لاءِ اخلاقي قدرن جي بلندي ۽ جوڙجڪ ضروري آهي. هندو تصوف ۾ عدم تشدد اُتم آهي جنھن ۾مخلوق سان محبت سڀني جاندارن لاءِ نفرت کي پري رکڻو آهي. عدم تشدد پنھنجي بچاءُ ۾ ضروري آهي پر ان کان پاسو به ڪرڻو آهي.
اخلاقياتي جوڙجڪ (Purgative Start) تي ٻڌل هي ڏاڪو جنھن ۾ روحاني سفر ضروري آهي جنھن کي عالمي حيثيت مليل آهي، جنھن ۾ ڪنھن به قسم جي ذات پات، نسل، عمر ۽ ملڪ جو فرق نه آهي. هن جي مشاهدي جو تعلق پاڪائي سان آهي، جيڪا ٻنھي اندرئين ۽ ٻاهرئين. جنھن ۾ اخلاق جو سِرَجڻ هڪ اهم ۽ پھريون قدم آهي.
هندو صوفي ازم جو تعلق عدم تشدد، نفرت ۽ تفريق کان پاڪ هر قسم جي، تشدد کان پاسو ڪرڻ سان آهي، جيڪو سڀني گڻن جو بنياد آهي.
جسم کي ترتيب ڏيڻ: اندرئين اک کولڻ لاءِ صوفياڻا رويا پنھنجي جسم کي اذيت ڏيڻ جي حق ۾ آهن جيڪو هڪ عالمي عمل آهي، جيئن سوسو (Sosu) ڪندو هو.
روح جي ٻاهرن توڙي اندرين اک کولڻ لاءِ تصوف جسم جي ماس کي ’سدا حيات‘ (Mortifying) کي گهٽ ڪرڻ ۽ جسم کي اذيت ڏيڻ جي تلقين ڪري ٿو جيڪا هڪ صوفيءَ لاءِ عالمي حيثيت رکي ٿي.
عيسائيت جي تصوف ۾ انيڪ صوفين پنھنجي حياتيءَ جي مختلف وقتن ۾ پنھنجي جسمن کي اذيتون ڏنيون.
”سوسو (Suso) پنھنجي آتم ڪھاڻي ۾ اهو ٻڌايو آهي ته هن هميشه وارن واري قميص ۽ لوهيون زنجيرون ٻڌيون، جيستائين سندس جسم مان رت نه وهي. هن پنھنجي جسم جي اندرين پوشاڪ واري چمڙي جي پٽن ۾ ڏيڍ سو پتل جا ڪوڪا جڙايا جيڪي تکا ۽ چڀندڙ هوندا هئا جيڪي هن جي گوشت ڏانھن لڙيل هوندا هئا.“ (11)
سينٽ برنارڊ ايستائين جسم کي تڪليف ۾ رکيو جيستائين هن کي موت نه مليو. سينٽ Theresa ۽ St. John به پاڻ کي اذيت ۾ رکيو ان جا مثال موجود آهن.
ايراني تصوف جي صوفين جو اهو عقيدو هو ۽ هو متفق هئا ته جيستائين صوفي پنھنجي جسم کي تڪليف نه ڏيندو اوستائين هو روحاني زندگي نه ٿو گذاري سگهي. ان ڪٺن تپسيا لاءِ هنن مختلف طريقا استعمال ڪيا. جن ۾ روزو رکڻ، کُھري پشمي پوشاڪ پائڻ ۽ لوهي زنجيرون پائي ماس زخمي ڪرڻ. هندو صوفي ازم ۾ اهڙي لامحدود اذيت جي حق ۾ نه هوندا هئا. انسان جي جسم جو پنھنجو شان آهي. ٽائلر (Tauler) وڏو صوفي هو، هُو حضرت علي u جي هن قول سان متفق هو ته هن جسم توهان جو ڇا بگاڙيو آهي. پنھنجي گناهن کي ختم ڪيو، نڪي پنھنجي گوشت ۽ رت کي. پنھنجي کاڌي پيتي ۾ اهڙو کاڌو نه کائڻ گهرجي جيڪو توهان جي حيواني خواهشن کي اُڀاري.
ساهه منجهائڻ: مختلف صوفي عمل ۾ ساهه کي روان رکڻ جو عمل ئي منفرد عمل آهي جيڪو يورپ جي صوفين ۾ نٿو لڀي پر هندو ۽ ايراني تصوف ۾ ان تي گهڻو توجھه ڏنو ويو آهي.
باطن جي مشاهدي ۾ مشغول: سقراط جي چوڻ موجب:
”اهو بھترين خيال آهي جنھن ۾ دماغ يا ذهن ان ۾ ئي رڌل هجي ۽ ان ۾ ڪابه شيءِ جھڙوڪ آواز، نظارا، ڏک سور ۽ خوشيون اثر انداز نه ٿين ۽ جڏهن ان کي ٿورو ۽ ممڪن طرح جسم تي اثر انداز ٿئي ۽ جسم بي ستو، بي حس هجي ۽ اهو آخرت جو سوچي ۽ فڪر ڪري.“ (12)
ڊاڪٽر گربخشاڻي تقابلي جائزو ورتو آهي، جنھن ۾ ترتيب جي حد جي ڀيٽ ڪئي آهي. ان ۾ صوفي سينٽ جان آف ڪراس جي “Dark night of the soul” ، “Spiritual Canticle living Flame of Love” ۾ Saint Dionysius جا حوالا ڏنا آهن.
روحاني رستو: جڏهن اندر جي صفائي مڪمل ٿئي ته تنظيم ٺھي ٿي جيڪا اندر کي روشن ڪري ٿي. جيڪو عام اصول آهي ته روحاني رهنما کڻي اهو رستو پاڻ مرادو کڻي هلي ٿو ۽ هو رنڊڪ ۽ ننڍيون وڏيون رڪاوٽون عبور ڪري ٿو.
روشنيءَ ۽ سچائيءَ واري راهه: هي تصوف جو آخري ڏاڪو آهي. انسان ذات کي عام زندگيءَ ۾ خيال ايندا ۽ ويندا آهن ۽ گهڻو وقت نه رهندا آهن ۽ ڌيان يا توجھه به ٿوري وقت لاءِ ئي هوندو آهي. پر حقيقت اها آهي جيڪا ڄاتي ويندي آهي جيڪا لڳاتار ۽ گهڻو وقت هلندي آهي ۽ ٻنهي خارجي شين ۽ ذهني ڪيفيتن منجهان عام شعور نڪري ويندو آهي.
اُهي شعاع انهن پنجن حواسن منجهان ڪنھن به حواس جي صحيح استعمال سان حاصل ڪري سگهي ٿو. گربخشاڻيءَ هتي Kant جو مثال ڏنو آهي، جيڪو هڪ ٽڪ سان لڳاتار ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڙي واري چرچ جي مينار کي پيو گهوري ڏسندو هو ۽ اوچتو جڏهن هن کان هيٺ لھندو هو ته هو اچانڪ گم ٿي ويندو هو.
زباني مدد: هندو صوفين ڌيان مرڪوز ڪرڻ لاءِ مسلسل زور زور سان يا ذهن ۾ ڌرمي لفظ ”اوم“ (OM) جو ورد ۽ ورجاءُ ڪندا آهن.
اپنشد ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته اها هڪ نوڙت آهي، انساني روح هڪ تير آهي ۽ حقيقت هڪ نشانو ۽ اسان پنھنجي نشاني کي اڻ ورهايل ڌيان سان ان جي وچ ۾ چڀي وڃي، حاصل ڪري سگهون ٿا.
ڪنن وسيلي مدد: عملي طرح وجد يا نيم بيھوشي يا خواب ۾ اچڻ واري ڪيفيت فارسي تصوف ۾ ئي آهي. اهي صوفي غير معمولي طور تي اثر انداز ٿين ٿا انهيءَ مٺي آواز سان جيڪو صوفي کي وجد ۾ آڻڻ جي دوا طور استعمال ٿئي ٿو اهو يا ته شاعري، ساز ۽ آواز آهي. ڪي ايترو جذباتي ٿيندي مري به ويندا هئا، ترڪي ۾ سماع ڪيو ويندو آهي. جن ۾ انساني آواز کان علاوه راڳ جا اوزار استعمال ڪيا ويندا آهن. ان تي نڪلسن جو رايو آهي ته مسلم صوفي جو ايمان آهي ته الله تعاليٰ نئين ايجاد تي متاثر ٿيندو آهي. صوفي اِنهيءَ راڳ جو اثر پنھنجن دلين تي وٺن ٿا ۽ انهن تي وجد طاري ٿي ويندو آهي.
ڏسڻ وسيلي مدد: اهو هڪ اعليٰ درجي جو طبعي حواس آهي جنھن سان توجهه مرڪوز ڪري سگهجي ٿي، هندو تصوف ڀڳود گيتا مطابق هڪ مخصوص انداز ۾ بنا چرپر جي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي آخر ۾ پنھنجي نڪ جي چوٽي ڏانھن مستقل ڏسڻ ۽ خدا تعاليٰ جو تصور ڪرڻ جو طريقو آهي. عام طرح اهو طريقو ايراني صوفين ۾ نالي ماتر آهي، پر ان جا ڪجهه جزا ڪجهه مقبول صوفين جي زندگيءَ ۾ نظر اچن ٿا، ابو سيد ابن الخير ان جو بهترين مثال آهي، جيڪو پنھنجون نظرون سندس دُن تي مذڪور رکندو هو، ڪرستان صوفي به اهڙو ئي عمل ڪندا هئا.
حُسن ۽ پيار: دنيا جا سڀ صوفي فطرت جي حسن کي انسان ذات کي روشني ڏيکارڻ لاءِ هڪ قيمتي ۽ اثرائتو ذريعو سمجهن ٿا. اولھه توڙي اوڀر ۾ ڪنھن حد تائين صوفياڻي شاعريءَ ۾ پيار جو رواج ملي ٿو. گربخشاڻي روميءَ جي پيار بابت واري خيال کي اهميت ڏيندي تقابلي جائزي کي قلمبند ڪيو آهي. روميءَ جو پيار قدرتي رازن جي ماپڻ جو اوزار آهي، جيڪو خدا جي حقيقت بابت آهي. ماڻهو جڏهن گهڻو پيار ڪندو ته اهو قدرت جي ضرورت يا گهرج جو پورائو ڪندو ۽ ان جي ئي ڪري سندس سمجهه ۽ روحاني اک چِٽي ٿيندي. انسان هڪ ٻئي جي غلطين کي بخش ڪري ٿو، اها الله تعاليٰ جي صفت آهي. پيار نفس جي نفي آهي. پيار ۾ الله تعاليٰ جي جهلڪ آهي. ان ڪري ئي انسان جو لاڙو پيار ۽ محبت ڏانھن آهي جيڪو صوفي ازم جو تَت ۽ سَت آهي.
اڻويھين صديءَ جي انگريزي شاعريءَ ۾ تصوف:
(1) وليم بليڪ: گربخشاڻيءَ چئن انگريز شاعرن جي شاعريءَ کي تصوف تي ٻڌل قرار ڏئي ٿو جن مان هڪ “William Blake” کي صوفي شاعر جي حيثيت ۾ هــڪ منفرد شخصيت ۽ ڪردار آهي هي، هـــڪ جـــدا راءِ رکـــندڙ هـــو، هـي Un Compromising سمجهوتو نه ڪرڻ واري شخصيت جو مالڪ هو. هن جي رهڻي ڪھڻي جا طور طريقا ۽ طبعي تجربا، سندس شخصيت کي تصوف ۾ جداگانه مقام ڏين ٿا. جنھن ۾ هن جو شعر، انسان ذات ڏانھن هڪ اعليٰ نياپي وانگر هڪ پيغمبر واري حيثيت رکي ها، لاپرواهه ۽ مغرور دنيا جي توجھه هن جي پاسي نه ٿي. اُهو دؤر نثر ۽ مصوري جو دؤر هو. هن جون تصويرون ۽ شعر هڪ پاسي پري ڪري رکيا ويا ۽ هُو هڪ اوپري ماڻهو وانگر ظاهر ٿيو. اهو دور بادشاهن ۽ نوابن (Lords) جو دور هو. جن کي زندگيءَ جا سمورا شعبا آسائشون ۽ سھولتون ملندا هئا. وليم بليڪ انهن مراعتن وارن مامرن کان پاسيرو رهيو.
(2) وليم ورڊس ورٿ (1850-1770): سر والٽر ريلهي (Sir Walter Raleigh) جي مشاهدي موجب وليم ورڊس ورٿ جو ٻاراڻي وهيءَ ۾ صوفي ازم ڏانھن ڪو خاص لاڙو ڪونه هو، اِها ڳالهه هڪ غلط بياني ٿي لڳي. بيشڪ هو راند روند ۾ گهڻو وقت گذاريندو هو، پر ان سان گڏوگڏ هو شين کي دير تائين غور ۽ فڪر سان ڏسندو هو، جيڪو هڪ صوفياڻي تجربي جي ابتدا هئي. پاڻ ٻڌايائين ته، جڏهن هو ڏهن سالن جو هو ته فطرت جو مشاهدو ڪري روح ۾ سمائيندو هو ۽ هڪ چمڪندڙ شيءِ جي جهلڪ وانگر چمڪاٽ محسوس ڪندو هو،جيڪا فارسي صوفي شاعر جاميءَ وانگر هڪ جھڙي هئي ۽ اهو لقاءَ مٿس آخر تائين سڄي زندگيءَ ۾ برقرار رهيو. ورڊس ورٿ پنھنجي زندگيءَ جي آخري حصي ۾ تمام سنجيده ڏٺو ويو، هن جي روين مان پاڻ هڪ الاهي ترجمان ۽ هڪ ٻاجهارو استاد لڳندو هو.
هن جو نه رڳو ٻاراڻي وهيءَ ۾ تصوف ڏانهن رجحان هيو، پر هُن اِن رجحان کي تِھائين وڌايو، ويجهايو پنھنجي زندگيءَ ۾ تصوف کي هُن هڪ متبادل چونڊيو. هن پنھنجي خواهشن، پيار ۽ صبر جي جذبي کي جاري رکيو ۽ ڪڏهن به هو غير ضروري احساس ۽ جذبن جي ڌٻڻ ۾ نه ڦاٿو. هن جڏهن ناڪاره رويي جي عمل خلاف ۽ اخلاقي تربيت ۾ روح ۽ جسم کي يڪجا ڪيو. اُها اندرجي حد تائين واري پاڪائي جيڪا اندر اُجاري ٿي ۽ روح کي روشن ڪري ٿي.
ورڊس ورٿ، صبح جو پنڌ اسڪول ڏانھن ويندي، گهڻو ڪري جهنگ ۾ بند تي ويھي پرسڪون فضا ۾ سھڻا ۽ پرسڪون فضا جا نظارا ڏسندو هو ۽ هڪ پاڪ خاموشي هن جي روح تي طاري ٿيندي هئي. جنھن ۾ هن جا حواس ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا هئا ۽ پوري فطرت جو نظارو چؤطرف کان کيس گهيري وٺندو هو. هُو وجد جي حالت ۾ اچي ويندو هو. ان ۾ تجربي ۽ سوچ پنھنجو پاڻ ڦيرو کائيندي آهي جنھن ۾ ٻاهرين دنيا متعلق منفي رايا گهٽ ٿي ويندا آهن ۽ مثبت رايا ساڳئي حد تائين وڌندا آهن ۽ حواس وڌيڪ وصولي ڏانھن مائل هوندو آهي. اهو تڏهن ٿيندو هو، جڏهن هن جون عام ڳڻتيون گهٽ ٿينديون آهيون.
وليم ورڊس ورٿ جي صوفياڻي طاقت هُن کي ڇڏي وئي، جڏهن هن کي سياسي ۽ سماجي مسئلن گهيري ورتو، اهو فرانس جي انقلاب جي ڪري ٿيو هو. جڏهن هن خدا جي مرضيءَ واري فلسفي تي عمل ڪيو. سعدي، فارسي شاعر، صوفي جو چوڻ هو ته روح جي مضبوط ٿيڻ لاءِ اهو هڪ ضروري ڏاڪو آهي الله تعاليٰ جي سان ملڻ لاءِ صوفي جو ڌيان ۽ ورجاءُ ضروري آهي، جيڪو هو پاڻ ڏيکاري ٿو ۽ واپس وٺي ٿو.
صوفي لاڙي طرف ورڻ: بورٿي (Borthe) وليم ورڊس کي هن ڌٻڻ مان ڪڍيو ۽ ان کي همٿ ڏياري پنھنجن ماڻهن سان ۽ فطرت سان لھه وچڙ ڪرائي. ان کي هو اخلاقي بيماري چوي ٿو. هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ شاعريءَ کي مختلف، درجن ۾ سندس ڪيفيتن يا صوفي ازم جي منزلن کي بيان ڪيو آهي. هُن وليم ورڊس ورٿ تي پنھنجو خيال ظاهر ڪري لکيو آهي ته، هو پنھنجي ذات جي نفي ڪرڻ، وجد ۾ اچي پنھنجو پاڻ وسارڻ ۽ نيم سُرت (Reverie) ۾ هن حالت تي رسي ڪري، هن دنيا جي حقيقت کي وساري ٿو ويھي ۽ دنيا جي سمجهڻ وارو شعور گهٽجي وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ، دنيا کي قبول ڪرڻ جي صلاحيت به پيدا ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ان کي (Docile) يا (Subdued) ماتحت چئي سگهجي ٿو. انسان جا احساسات وڌيڪ، لچڪ دار ٿين ٿا، جنھن جي ڪري، هُو عام روايتي مسئلن ۽ دنيا کي وساري ويھي ٿو.
ڪالرج(Coleridge) اسان کي تصوف بابت هڪ نظام ۽ تنظيم ڏسي ٿو. جيڪو صوفياڻي احساسن تي ٻڌل آهي. جيڪو نه ئي دانشمندي ۽ نه ئي ڪو آسماني صحيفو آهي. مٿي بيان ڪيل نڪتا هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. جيڪو هڪ سھڻو امتزاج آهي. هن جي حاصلات جي عظمت ان تي ٻڌل آهي، وجداني سببن (Intuitive Reason) جي شدت تي ٻڌل آهي جيڪا هو سچائي جي ڳولا لاءِ استعمال ٿو ڪري.
وليم ورڊس ورٿ جي ننڍپڻ کي گربخشاڻي (Studies in Poetry & Philosophy by J.C. Shairp) جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته، اهڙين ڪيفيتن کي جڏهن وليم ڏهن سالن جي عمر تائين، ٽي ٽي دفعا اهڙن ڪيفيتن مان گذريو. جنھن ۾ هو (Subjective and Objective) جي هڪ ٿيڻ سبب پنھنجو پاڻ کي، اردگرد جي ماحول کان جدا نه پئي ڪري سگهيو.
اعليٰ وجد واري ڪيفيت دماغ کي شعور کان پري ڪري ٿي، سولي سمجهاڻي ۾ گھري ننڊ چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي خيال موجب اهو سمجهائڻ انتھائي مشڪل آهي ته اُهي تجربا جيڪي وليم ورڊس ورٿ جي مشاهدي هيٺ آيا، مثال: روشني يا نور / تجلي کي محسوس ڪيو. سترنھن سالن جي عمر ۾ هن کي غير مرئي آواز ۽ اُهي شيون محسوس ٿيون، جيڪي عام انسان محسوس نٿو ڪري سگهي. هن جي شخصيت ۾ ڪو ٻيو اَڻ ڏٺل وجود سمائجي وڃي. ڏسڻ وارن سندس ظاهري حالت مان اهو شڪ ظاهر ڪيو ته هي ڊيمينشا جو شڪار ٿي ويو آهي. اها ڪيفيت دانائي کان پري، روحانيت جي قريب. شعور ۽ اخلاق تي ٻڌل زندگيءَ جو گھرو لاڳاپو رکندڙ آهي. ان جو وجود جيڪو اتحاد (Unity) فطرت سان به ڳنڍيل آهي. جيئن گل ٻوٽا وغيره هيٺ گربخشاڻيءَ وليم ورڊس ورٿ جي سٽن کي ڀڳوت گيتا سان ڀيٽيو آهي.
The great mass
Lay bedded in a quickening soul and all,
That I beheld respired with inward meaning.
Someone who is grateful for both good or bad
Blessed are those who mix both emotions with reason in just the right proportion.(13)
هي سٽون The Prelude, Book III, 130-132 مان ورتل آهن جيڪا ورڊس ورٿ جو آتم ڪٿائي يا سوانحي نظم آهي.
پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪالرج جا به ٻه نظم اهڙا ڳولي سامهون آندا آهن، جنھن ۾ ان جو صوفياڻو شعور نظر اچي ٿو. پھرين تجربي ٻاهرين دنيا جو عارضي شعور نظر اچي ٿو ۽ ڪائنات جو اڻپورو ڏسي سگهجي ٿو.
“I have stood,
Silent with swimming secure, yea, gazing round
One the wide landscape, gaz’d till all doth seem
Less gross than bodily; and of such hues
As veil the almighty spirit, when yet he makes
Spirits perceive this presence”. (14)
ٻئي تجربي ۾ Ecstasy جيڪا هڪ جھڙن احساسات جو مجموعو آهي. پر هڪ سلسلو آهي جيڪو پنھنجي انت تي لاشعور جي مقام تي پھچائي ٿو.
“O dread and silent Mount! I gazed lip on thee,
Till then, still present to the bodily sense,
Didst vanish from my thought; entranced in prayer
I worshiped the invisible alone.
Yes, I like some sweet beguiling melody,
So sweet, we know not we are listening to it,
Thou, the meanwhile, was blending with my thought,
Yea, with my life and life’s own secret joy;
Till the dilating soul, enrapt, transfused,
Into the mighty vision passing there-
As in her natural form, swelled vast to heaven”.(15)
(3) سيميوئل ٽيلر ڪالرج (Samuel Taylor Coleridge): ڪالرج لازمي طرح هڪ اهڙو صوفي آهي، جنھن کي ڪنھن سان ڀيٽ يا تشبيھه نٿي ڏئي سگهجي. هن پنھنجي سموري زندگيءَ کي حقيقت يا سچ کي ڳولهڻ واريءَ جدوجھد ۾ صرف ڪئي. ڪالرج، وليم ورڊس ورٿ جي شاگردي، رهنمائي ۽ صحبت ۾ رهيو. جيئن رومي ۽ شمس تبريز هئا. ڪالرج وليم ورڊس ورٿ کي مڃتا ڏيندي هن ريت چيو آهي:
“Power streamed from thee, and they soul received
The light reflected, as a light bestowed”. (16)
محقق جو چوڻ آهي ته، اوڀر ۾ اهو عقيدو مڃيو ويو آهي ته هڪ صوفي ٻيا صوفي يا پوئلڳ پيدا ڪري سگهي ٿو، اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪالرج پنھنجن لفظن ۾ وليم بابت وضاحت ڪندي چئي ٿو ڄڻ هو نئين دنيا ۽ نئين جنت وانگر ڏاج جي صورت ۾ مليو.
“A new earth and a new heaven were given to him in dower”. (17)
اسان کي ڪالرج شروعاتي ڏينھن ۾ مابعد الطبعيات (Metaphysics) جو گھرو مطالعو ڪندو ڏسجي ٿو. هُن ارڙهين صديءَ جي مابعد الطبعيات (Metaphysics) جي ماهرن جو اڀياس ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻي، پنھنجي هڪ راءِ ڏيندي هن خيال کي ظاهر ڪيو آهي ته ڪالرج مابعد الطبعيات جو مطالعو، تصوف کي سمجهڻ لاءِ ڪيو هو. ڪالرج ورڊس ورٿ وانگر هڪ شاعر جي سوچ جي ارتقا جو سلسلو بيان نه ڪيو آهي ۽ نه ئي ائين هن صوفياڻو فڪر رکندڙ شاعري ڪئي آهي. سندس شعر جو تعداد وسيع آهي جنھن مان سندس صوفياڻو شعور (Mystical Consciousness) جو اڀياس ئي ڪري سگهجي ٿو.
(4) ڇا شيلي صوفي هيو؟ Percy Bysshe Shelly (1792-1822) پرسي بائشي شيلي: اهو هڪ عام رواج (Fashion) آهي ته ڪجهه ليکڪ عام طرح انهيءَ ادب ۽ هنر کي تصوف ۾ شامل ڪندا آهن جيڪو عام ۽ پراڻي ترتيب جي للڪار کان ٻاهر هوندو آهي. انهن خيالن جي مونجهاري سبب ڪجهه صوفي شاعرن ڀيٽ ڪندي شيلي جي اهميت کي تسليم ڪيو. هڪ آمريڪي ليکڪ ظاهري طرح شيلي کي رڳو صوفيءَ جو درجو ڏيڻ تي خوش نه هو پر ان حد تائين ته هن کي حقيقي مذهبي عقيدا رکندڙ شخص جو درجو ڏنو. Oliver Elton هن کي هڪ سنت (Saint) ۽ پھتل شخص جيڪو ڪامل نموني مذهب تي هلندڙ جو درجو ڏنو.
اها هڪ تعجب جي ڳالهه آهي ته انهن ليکڪن نه ته انهن اصطلاحن جي وصف ڏني ۽ نه ئي انهن بيانن کي هٿي ڏني، جيڪي شاعريءَ جي لَـکَڻَ ۽ زندگي مان ورتا ويا آهن، ويجهڙائيءَ ۾ Barnefield، شيلي جي صوفياڻي مشاهدي جي متعلق پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ شيلي جي پنھنجي ڪيل ڪم مان هڪ مسلسل مشاهدو ورتو آهي. گربخشاڻي جي چوڻ مطابق جڏهن ته هو پنھنجي نقطي کي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ هُو اها راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ته، شيلي هڪ دماغي عمل سان، جنھن جي ڪابه خاطرخواهه سائنسي وضاحت جو وجود نه هوندو هو. هو اهڙي کوجنا جي موضوع ۾ ٻڏي وڃڻ، مٿي جي ڦيري اچڻ، بيھوشي طاري ٿيڻ جي عمل مان گذرندو هو.
ڊاڪٽر گربخشاڻي مڃي ٿو ته هن ۾ صوفيانه خصلتون هيون، جيڪڏهن بي وقتو موت نه اچي ها ته، هن کي تصوف جي روشني يا چمڪ جي جهلڪ ضرور ملي ها. هن کي اهو فطري تحفو مليل هو، جيڪو هڪ صوفيءَ جيان روحاني دنيا جي حقيقتن جو ردعمل ڏيکاري سگهي ها. هن پنھنجي زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ اهو محسوس ڪيو ته شين جو تسلسل ناڪافي آهي، جيڪو اندر جي انسان کي مطمئن ڪري سگهي. ان جي ردعمل ۾ هن جي روح تي اداسي ڇائنجي وئي. نااميدي واري احساس ۾ ورتل شيلي متعلق Peacock لکي ٿو ته هن پنھنجي زندگي جي آخري وقت ۾ پاڻ لاءِ Sophocles کان ورتل هيٺيون سٽون ورجائيندو هو.
“Man’s happiest lot is not to be
And when we tread life’s thorny steep
Most blest are they who earliest free
Descends to death entered sleep. (18)
هڪ صوفيءَ جي حيثيت ۾ پيار جي طاقت کي گھرائي سان محسوس ڪندو هو. هن پنھنجي شاعري ۾ الله تعاليٰ، پيار، ڪائنات، زندگي، لافانيت ۽ مذهب کي، بيان ڪيو آهي. ظاهر ٿيو ته هو صوفي نه هو پر سندس لاڙو، صوفي ازم ڏي هو.
پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻي پنھنجي مقالي ۾ پورو ڪندي ان خيال ۽ صوفي ازم جي معنيٰ کي سمجهائيندي وليم ورڊس ورٿ کي روميءَ، غزالي ۽ جامي سان ڀيٽيو آهي. سندس ڪردار کي شيڪسپيئر جي ڊرامي جي هڪ ڪردار هئملٽ جي هڪ ڪردار هوريٽيو (Horatio) سان ڀيٽيو آهي. جيڪو عقل ۽ احساس جو ميلاپ هو.
(5)وليم بليڪ: وليم بليڪ جي تصوف بابت نقاد (Alleged) تنقيد ڪندي راءِ ڏني ته هن جي صوفي ازم جي تنظيم جي (Mystical System) نظام ۾ ڪا نواڻ ناهي. هن هِتان هُتان مواد کنيو ۽ ان کان علاوه ٻين مذهبي نظرين کي بوهيم (Bolhme) ۽ سوئيڊن برگ (Swedenbarg) جي تحريرن، بائبل ۽ هندو لکڻين جو مواد سندس لکت جو ذريعو هو. وليم بليڪ جيتوڻيڪ ان کان علاوه عيسائيت جو مطالعو ڪيو ۽ هن عيسائيت جو اهڙو روپ بيان ڪيو جيڪو تاريخي نه هو، ٻئي پاسي هن جو عيسائيت بابت مذهبي لاڙي وارو ڪو مطالعو نه هو. قدامت پسندن جي ڀيٽ ۾ هو عيسائيت جو قائل نه هو.
He did not even believe in the historical Christ apart from the Christ within, much less the other orthodox doctrines. Like all mystics he interpreted the Bible, and brought it in line with the truth as he sat it.
He ascribed three meanings to the Bible:
1. The Historical for the ignorant,
2. The allegorical for the educated,
3. and the Spiritual for the enlightened. (19)
وليم بليڪ جي تصوف جو معيار اهڙو آهي، جيڪو اولھه بابت اوڀر ۾ رهندڙ جو ڌيان ڇڪائي. جيتوڻيڪ سندس مطالعو عيسائيت بابت گھرو هو، پر عيسائين (Christian) جي نظريي کان علاوه حضرت عيسى s جي تاريخي حيثيت جو به کيس يقين نه هو. ٻين بنياد پرست نظرين ۽ سندس نقادن جو اهو چوڻ آهي ته جيئن ٻين صوفين بائبل جي تشريح روايتي طرح ڪئي پر وليم بليڪ پنھنجي طور پنھنجيءَ سمجهه ۽ عقل مطابق اهڙي تشريح پيش ڪئي. وليم بائبل جون ٽي تشريحون ۽ معنيٰ ٻڌايون. (1) تاريخي پھلو: جي اَڻ ڄاڻن لاءِ. (2) علامتي، غير طبعي، مخفي پھلو: علم ۽ ڄاڻ رکڻ وارن لاءِ (3) روحاني پھلو: دانشوارانه شعور ۽ حڪمت رکندڙن وارن لاءِ.
اصل ۾ وليم بليڪ جي سچائي اها آهي ته هو عيسيٰ s ۽ عيسائيت تي عيسائيت جي ظاهريت ۾ عملي طرح عمل نه ڪندڙ شخصيت هو. هو مذهبن ۽ عقيدن کي (Theological) مڃيندڙ نه هو.
اڻويھين صديءَ جي انگريزي شاعريءَ جو خلاصو: هوتچند مولچند گربخشاڻي، چئن انگريز شاعرن جي شاعريءَ ۾ صوفي ازم کي بيان ڪيو آهي.
”وليم بليڪ انگلينڊ جو اُهو صوفي شاعر آهي، جنھن جي شخصيت ۽ ڪردار پنھنجي (Uncompromising) راءِ رکندڙ هو ۽ سندس زندگي گذارڻ جا ئي، اصول ۽ طبعي تجربه هن جي سڃاڻپ کي صوفي ازم ۾ منفرد حيثيت ڏين ٿا. هن جي شعر جو مثال ڏيندي سندس مجموعي “with the verses” کي جي ”فارس خوشبودار ٻوٽي Manes جي تشبيھه ڏني وئي. ائين سرڪا، (Circa 216 to 277 A.D) جي شاندار نموني جي شعر جي مثال وانگر چئي سگهجي ٿو. جنھن جي ڪري مشرق ۾ هن کي نبي ڪري مڃيو وڃي ها. جنھن جو پيغام انسان ذات لاءِ الھامي هجي ها.“(20)
سندس ڪلام سڄي انسانيت لاءِ پيغام ليکيو وڃي ها. پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻي Ph.D جي مقالي کي پورو ڪرڻ کان پھرئين، تحقيق جا اهم نمايان نڪتا جيڪي شايد، مرڪزي نڪتن کي سمجهڻ ۾ ڪارائتا ثابت ٿين، بيان ڪري ٿو ته هن مقالي جي شروعات صوفي ازم تي بحث ڪندي معنيٰ ۽ وصف کي بيان ڪيو آهي.
اِهو ڪو راز ۽ ڳجهه آهي، جنھن جي سچائيءَ کي سمجهڻ لاءِ، حقيقت جو وجود سائنسي بنيادن تي ٻڌل پھچ ۽ ڪوشش آهي. صوفين جي اها دعويٰ آهي ته الله تعاليٰ کي الھامي حواسن کان مٿاهين ۽ ذهانت کان وڌيڪ، شين سان ڏسي سگهجي ٿو. سندن دعويٰ مطابق روحانيت حاصل ڪرڻ جا ٽي رستا آهن، هڪ ذهانت ۽ دانائي جي تحقيق، ٻيو بنا لالچ جي بنا مفاد جي عمل ۽ ٽيون پيار. هڪ سچو صوفي، اخلاقي حدن، بندشن جو پابند نه هوندو آهي. مڪمل دورانديشي کان پري ئي هوندو آهي. پر هو ڪائنات جي هڪڙائيءَ جو حصو هوندو آهي. تصوف هڪ جداگانه عمل آهي، نه ئي ڪنھن مخصوص دور ڪنھن قوم يا مذهب يا ملڪ سان جڙيل آهي. هي هڪ عالمي نظريو آهي، جيڪو سمورن حقيقي مذهبن جي مرڪزي اصولن کي مڃيندي، جوڙي ٿو. بنيادي طرح تصوف هڪ الله جي وحدانيت ۽ پرچار تي ٻڌل آهي. انسان ۽ ڪائنات الله تعاليٰ جو عڪس آهي. مذهبن جي تنظيم کي ثانوي حيثيت حاصل آهي. صوفي زندگي کي خواب سمجهي ٿو. انساني روح جو وجود لافاني ۽ انسان جي پيدائش کان به پھريون خلقيل آهي. روح مري نٿو، مرڻ جي عمل کان پاڻ کي بچائيندي موت کان بھادريءَ سان بچائي ٿو. جڏهن ڪامل روحاني درجا طي ڪندي پاڻ کي هڪ الله سان ’هڪ‘ ٿيڻ (Oneness) محسوس ڪندو آهي.
”اوڀر هجي يا اولھه. تصوف کي، نالي وارن شاعرن مڃتا ۽ محبت سان، نھايت ئي واضح طرح بيان ڪيو آهي. ارڙهين صدي جي پڄاڻي ۽ اڻويھين صدي جي ابتداء وارو دور جنھن ۾ صوفي ازم جي (انگلينڊ ۾) آبياري ٿي. مون وليم بليڪ (William Blake)، ورڊس ورٿ (William Wordsworth) ۽ ڪالرج (Coleridge) Samuel Taylor Coleridge کي منتخب ڪيو. جن جي شاعري، جو مزاج ۽ طريقو ڌار ڌار هو. ٽنهي جي شاعريءَ جا پھلو مختلف آهن.“ (21)
وليم بليڪ (William Blake) پنھنجن تعجب خيز تصورن جي واڳ کي کولي سچائيءَ جي جهلڪ (Glimpse) ڏني.
وليم بليڪ (William Blake) کي حقيقت جي جهلڪ ملي جڏهن هن پنھنجي خوبصورت تعجب خيز تصور جي لغام کي ڇڪي رکيو. وليم ورڊس ورٿ (William Wordsworth) جي شاعري فطرت سان تعلق جي باري ۾ هئي. هن لاءِ فطرت هڪ مقدس وجود جھڙي حيثيت رکي ٿي. اها اهڙي شيءِ هئي جنھن کي هميشه هن پنھنجي هنج ۾ رکيو. جيڪڏهن شاعريءَ کي روحاني طرح سان محسوس ڪجي ته هن جي روحاني ڪيفيت جو تفصيل يا تسلسل نظر نٿو اچي. آخري سالن ۾ هو روحانيت کان پري ٿي ويو هو.
وليم بليڪ (William Blake) جي روحاني ڪيفيت يا جذبو پيار جو احساس جاڳائي ٿو. جيڪو هن کي سڄي ڪائنات سان جوڙي پيو. هن جي هر شعر ۾ اهو (Vision) نظر اچي ٿو ۽ ڪنھن به مرحلي تي هي هن جذبي ۽ احساس کان جدا نظر نٿو اچي. انھيءَ ڪري گربخشاڻي، وليم بليڪ کي قديم عبراني (Hebrew)، نبين جي پيغام سان ڀيٽ ڪندي نظر اچي ٿو.
سيموئيل ٽيلر ڪالرج (Samuel Taylor Coleridge) سچائيءَ جي سفر ۽ (William words Worth) جي فطرت کي ظاهري طور پرکي ڏٺو. پر اَسان اهو ڄاتو ته مڪمل سموري سچائي انسان جي اندر کي پرکڻ سان حاصل ٿئي ٿي. ڪالرج (Coleridge) منطقي ۽ فلسفي آهي. هن پنھنجي روحاني خيال کي منطق سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي باوجود Coleridge جي رومانيت ۾ منطق ڪنھن به طرح سان رڪاوٽ نٿي بنجي.
گربخشاڻي، شيلي کي صوفيءَ جو درجو نٿو ڏئي. هن جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو واقعو نٿو ملي جنھن سان اسان اندازو لڳائي سگهجي ته هو صوفي هو. پر پيار هن جي زندگيءَ جو اهم نقطو ۽ حصو هو. آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو ته وليم بليڪ انھن ٽنهي مان پيدائشي صوفي هو ۽ پاڻ کي ان سطح تي رکيو. سمورن صوفياڻي قسم جي تجربن سان لاڳاپيل ۽ جڙيل هو.
تصوف هڪ وسيع ۽ عالمگير فڪر جي حيثيت ۾ ظاهر ٿيو. وليم بليڪ جي خيال ۾ حقيقت کي سمجهڻ لاءِ حواس (Senses) ۽ سبب (Reason) اهميت نٿا رکن، پر تخيل کي، لڪل وجود جي حقيقتن کي سڃاڻڻ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. ان وسيلي سان دائمي حقيقت کي جهٽي سگهي ٿو. وليم بليڪ الله تعاليٰ جو تصور تخيل جي وسيلي هن ريت بيان ڪيو آهي.
“Again he (God) speaks in thunder and fire”.
اهڙيءَ ريت جيڪڏهن شاهه لطيف جي رسالي تي غور ڪجي ته ان ۾ به اعلى ۽ اتم تخيل نظر ايندو. شاهه لطيف، عالمگير انساني فڪر جون دشائون ۽ رخ روشن ڪندي عرفاني فڪر کي سمجهايو آهي. شاهه لطيف جو ڪلام به تخيل جي ذريعي، هڪڙائيءَ (الله جي)، دائمي سچائين، انسانيت، اندر جي اونهائي مان پاڻ سڃاڻڻ کي تخليق ڪيو آهي. ڪائنات (Universe) سان جوڙي رکيو.
پروفيسر ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جو مٿي بيان ڪيل تحقيقي، علمي ڪم ۽ خدمت، تصوف ۽ ادب جي تاريخ ۾ خاص ۽ نھايت اهميت رکن ٿا. سندس تحقيق ۽ ادبي خدمتن ڪري کيس وڏو مان ۽ مرتبو حاصل ٿيو. کيس ماهر لسانيات (Philologist) ڪري پڻ مڃيو ويو. سندس مرتب ڪيل شاهه لطيف جو رسالو ۽ ’مقدمه لطيفي‘ به سندس انگريزي مقالي جي بنياد ۽ تناظر ۾ لکيل آهي. جيڪو ڪنھن به محقق لاءِ تصوف کي سمجهڻ لاءِ وڏو ماخذ (Source) جي حيثيت رکندڙ آهي.
حوالا
1. منشاراماڻي، ڊي.ڪي (پروفيسر)، گربخشاڻي جو جيون چرتر ۽ رچنائون، ايڊيٽر، سناي، ناز ’ڪينجهر! هوتچند مولچند گربخشاڻي، سنڌ جو بي مثل عالم، حيدرآباد: سنڌي ساهت گهر سنڌ، (2005ع)، ص59
2. ايضاً 48
3. سيد، جي.ايم ’جنب گذاريم جن سين‘ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ (2005ع)، ص 269.
4. Ghurbaxani, Hotchand, Moolchand, Prof. Dr. “Mysticism in the early nineteenth century, poetry of England”. Printed By: Sindhi Language Authority Hyderabad, Sindh. 2018
5. Ibid page. No 13
6. Ibid page. No 13, 14
7. Ibid page. No 15
8. Ibid page. No 17
9. Ibid page. No 18
10. Ibid page. No 19
11. Ibid page. No 20
12. Ibid page. No 20
13. Ibid page. No 10
14. Ibid page. No 25
15. Ibid page. No 27
16. Ibid page. No 130-132
17. Ibid page. No 163
18. Ibid page. No 163
19. Ibid page. No 161
20. Ibid page. No 182
21. Ibid page. No 111
22. Ibid page. No 93
23. Ibid page. No 92
821 ڀيرا پڙهيو ويو