انگريزن جي دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي عام استعمال تي اختلاف
(Some Contradictions over the use of Sindhi language during British Period)
مختيار احمد ملاح
Abstract:
(By the Author himself)
Sindh is the land of the Sufis who fostered the spirit of love, amity and brotherhood and saints and mystics who lived and preached peace and fraternity among all sects and religions of the land. The essence of Sufism clearly can be seen in the Sindhi poetry such as that of Shah Abdul Latif Bhitai, Sachal Sarmast and Saami. Hindus, Muslims, Parsees and many other people of different religions have made this land as their abode and made contribution towards Sindhi language and literature. As soon as Sindh was occupied by British in 1843, they tried to divide people on the basis of religion and creeds to rule over them. But they failed to divide people of Sindh. However, a few opportunists and some politicians from both sides came under the influence of so called policy of British rulers “Divide and Rule”. Substantially little integration was seen between Muslims and Hindus impacted Sindhi Literature, language, journalism, education, politics and social activities. During the last decade of movement for independence, political activities were at its zenith and Sindhi literature and use of Sindhi language was also under influence of political biases by some writers. But majority of people were in harmony and united. This attempt has been made to document some historical facts of the history without hurting feelings of any one.
قديم دور کان سنڌ ۾ هندو ۽ مسلمان، بغير ڪنھن مذهبي، سماجي ۽ سياسي فرق سان رهندا آيا آهن. مذهبي عقيدي جي الڳ هئڻ جي باوجود، سنڌ جي صوفي مزاج، هندن ۽ مسلمانن کي ڪڏهن احساس ئي نه ڏياريو ته اهي هڪ ٻئي کان الڳ آهن. انهن گڏجي، بغير ڪنھن بغض ۽ فرق جي سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي. شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي ٽمورتي، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي آبياري ڪئي آهي. مسلمان حڪمرانن وسيع هندستان تي ڪيترن سالن تائين حڪومت ڪئي. ٻنهي مذهبي برادرين کي متحد ڪرڻ لاءِ صوفي تحريڪون ۽ اڪبر بادشاهه جون حڪمت عمليون جاري رهنديون آيون ۽ ڪنھن ٿوري فرق سان پوري برصغير ۾ اهي ٻيئي برادريون امن ۽ رواداريءَ سان رهنديون آيون، جيڪو اثر سنڌ تي به برابر موجود رهيو.
اڻويھين صديءَ ۾، 1843ع تائين ٽالپرن جو (1782-1843ع) حڪومتي دؤر رهيو. هن صديءَ جي ٻئي اڌ ۾، يعني 1843ع کان سنڌ تي انگريزن قبضو ڪري، حڪومت قائم ڪئي. ٽالپرن، ڪلھوڙن کان حڪومت کسي ھئي. رياستي زبان فارسي ۽ عوامي زبان سنڌي ھئي. فارسيءَ جو اثر اڳي کان اڳرو ھو، ڇو جو سنڌ جا ايران سان تمام ويجھا لاڳاپا ھئا. فارسيءَ جي ڪري سنڌ، پوري خطي سان ادبي ۽ ثقافتي طور گڏيل رهي. فارسيءَ جي ان ترقي ۽ واڌ ۾ هندو ۽ مسلمان گڏ هئا.
1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ، سنڌ جو معاشرو گھڻو تڻو ڳوٺاڻو ۽ زرعي ھو. سنڌي مسلمانن جو وڏو حصو زراعت جي ميدان ۾ اڳتي هو ۽ هندو سنڌي واپار ۾ سرگرم هئا. سنڌ جي آدمشماريءَ ۾ ٽي حصا مسلمان ۽ هڪ حصو هندو هئا. سرڪاري نوڪرين ۾ اڪثر هندو منشي ۽ عامل هوندا هئا. مسلمانن مان خاص طبقو تعليم حاصل ڪندو هو، پر سرڪاري نوڪرين ۾ منجهانئن ڪي ٿورائي هئا.
انگريز، سڄي يورپ ۾ ترقي يافته قوم ھئي، پر ھتي اچي ھنن سنڌ جي جاگيرداراڻي نظام کي ختم ڪرڻ جي بجاءِ، ان کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. اھو ھٿ ٺوڪيو نوازيل طبقو، نون حاڪمن سان گڏ عوام جي استحصال ۽ سندن اقتداري سگهه جي مضبوطيءَ ۾ شامل رھيو. انگريزن جي اچڻ سان سنڌي سماج ۾ جيڪا اھم تبديلي آئي، اھا هن ريت ھئي ته ان کان اڳ سنڌي معاشري ۾ ترقي ۽ واڌاري جي رفتار سست ھئي، پر نون علمن، اسڪولن ۽ ڪاليجن جي قيام سياسي شعور جي واڌ ٿي ۽ مزاحمتي تحريڪن جي متحرڪ ٿيڻ جي ڪري، معاشرتي تبديلي ۽ ترقيءَ ڪري ان ۾ گھڻي تيزي آئي. ھڪ ته مشيني دؤر جي ابتدا ٿي ۽ ٻيو سنڌي ماڻھو ڳوٺن کان شھرن ڏانھن لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا.
آگسٽ 1848ع ۾، سر چارلس نيپئر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ لنڊن روانو ٿي ويو، انهيءَ دوران ئي سنڌ کي بمبئيءَ سان ملايو ويو. سنڌ، جيڪا آزاد ملڪ جي حيثيت رکندڙ هئي، سا پنھنجي صوبائي حيثيت وڃائي انتظامي طور بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بڻجي وئي، جنھن جو انتظام ’ڪمشنر اِن سنڌ‘ بارٽل فريئر ھلائڻ لڳو. ان دور ۾ بمبئي سرڪار سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ۽ ڪاروباري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. مارچ 1853ع ۾ سنڌ سرڪار، ڏيھي ۽ پرڏيھي عالمن جي هڪ ڪاميٽي جوڙي ’عربي-سنڌي‘ الف-بي جي نئين ترتيب ۽ تشڪيل ڏني، جنھن کي بارٽل فريئر منظور ڪيو ۽ نئين جوڙيل الفابيٽ کي سرڪاري طور تي جولاءِ 1853ع ۾ اسڪولن، آفيسن، ڪورٽن، پوليس کاتي، جاگير کاتي سميت سموري سرڪاري ڪاروبار ۾ نافذ العمل ڪيو ويو.
اڻويھين صدي، سنڌ جي تاريخ ۾ تعليم جي حصول سبب تبديليءَ جي صدي آهي، اها تبديلي، حڪومت، سياست، ٻولي، علم، ادب، سماج، معاشي ميدان، قديم قدرن کان ويندي جديديت، زراعت، ڳوٺن کان شھرن طرف لڏپلاڻ تائين هر شعبي تي غالب رهي.
پوري هندستان ۾ انگريز سرڪار جي اها ئي حڪمت عملي هئي ته مقامي آبادي، هندن ۽ مسلمانن کي مذهبن، عقيدن، ٻولين جي لھجن ۽ رسم الخطن جي بنياد تي ورهايو وڃي، مٿن حڪومت ڪئي وڃي. ’ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو‘ واري ان حڪمت عمليءَ تحت، هنن پوري هندستان تي هڪ سؤ ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين حڪومت ڪئي. سنڌ، جيڪا صوفين جي ڌرتي سڏبي هئي، هتان جي ماڻهن کي ٻولي، عقيدي ۽ مذهبي فرقن ۾ ورهائي فساد ڪرايا ويا ۽ اهڙو ٻج پوکيو ويو، جنھن سان هندو ۽ مسلمان سنڌي ٻن مختلف سياسي نظرين ۾ ورهائجي، هڪ ٻئي جي مخالفت ڪرڻ لڳا. سنڌ جا هندو ۽ مسلمان تيزيءَ سان هڪ ٻئي کان ڌار ٿيڻ لڳا ۽ ان جا اثر سنڌي ٻوليءَ جي عام واهپي ۾ به ظاهر ٿيڻ لڳا. هتي اسان اهڙن اختلافن جو حوالن سان مختصر ذڪر ڪجي ٿو:
سنڌي الفابيٽ تي اختلاف: جولاءِ 1853ع ۾ جڏهن ’عربي-سنڌي الفابيٽ‘ کي سرڪاري طور تي اسڪولن، آفيسن، ڪورٽن ۽ ٻين کاتن ۾ نافذ ڪيو ويو، تڏهن مسلمان استادن، عالمن ڪيترن انگريز اهلڪارن ۽ خود هندو ودوانن اهو سمجهيو ته سنڌ ۾ ’لکت پڙهت‘ جي نظام اچڻ بعد، شايد ٻوليءَ جو مسئلو هاڻي هميشه لاءِ حل ٿي ويو. ان دور ۾ مسلمان تعليم جي ميدان ۾ پوئتي هئا، نوڪرين ۾ هندو وڌيڪ هوندا هئا، اديبن ۽ استادن ۾ به هندو سنڌين جي اڪثريت هئي. پر هندو واپاري، دڪاندارن ۽ سياسي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن ’عربي-سنڌي‘ لپيءَ جي فيصلي کي دل سان قبول نه ڪيو هو. ان سلسلي ۾ سرڪاري رپورٽون رڪارڊ تي موجود آهن. هڪ مثال، ان دور جي سنڌ جي تعليم کاتي جي انسپيڪٽر ’جي. جي. مور‘ جي رپورٽ مان به ملي ٿو. هن لکيو آهي ته:
”اهو هر هڪ کي معلوم آهي ته سنڌ جو وڏو حصو هندو آدمشماريءَ تي ٻڌل آهي، جيڪي گهڻو ڪري واپاري ۽ دڪاندار آهن، اهي سرڪاري آفيسن ۾ هلندڙ ۽ اسڪولن ۾ هلندڙ عربي سنڌي لکت جي خلاف آهن“.(1)
ساڳئي سلسلي ۾ ڊاڪٽر چندر ڏاسواڻي هڪ مقالي ۾ ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته:
”جڏهن انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ کي انتظامي طور رائج ڪيو ويو ته، برطانوي ٽياڪڙي، قابل عالمن ۽ گرامر جي ماهرن جي راءِ جي ابتڙ ، سنڌيءَ لاءِ عربي لپيءَ کي سرڪاري لپيءَ طور لاڳو ڪيو، ان وقت سنڌي هندن پاران، انهيءَ خلاف هلچل هلي، جنھن جي نتيجي ۾ انگريز سرڪار اصلوڪي سنڌي لپيءَ (خدا وادي لپيءَ) کي ٻي لپيءَ طور منظور ڪيو، جيڪا سنڌ اندر ميونسپل اسڪولن ۾ پڙهائڻي هئي“.(2)
موتيرام. ايس رامواڻي (1910- 1997ع) نامور محقق ۽ مورخ هو. هن ڪيترائي اهم ڪتاب لکيا آهن، جن مان ’سنڌ ۽ اسان جو ورثو‘ سندس بھترين ڪتاب آهي. هن مذڪوره ’سنڌي-عربي‘ لپيءَ جي رواج تي سخت برهميءَ جو اظھار ڪندي لکيو آهي ته:
”وچ ۾ هندن گهڻو ئي پڪاريو ۽ ٻي آئيويٽا جوڙڻ جون تياريون ڪيائون، پر سندن سڀ ڪوششون اجايون ٿيون ۽ پوءِ ٿڌا ٺاڪر ٿي ويهي رهيا. هن وقت تائين، سنڌيءَ ۾ نظم ۽ نثر جا هزارها ڪتاب، هاڻوڪي آئيويٽا ۾ ڇپجي ظاهر ٿيا آهن، ته به آءٌ جيڪر چوان، ته انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه خيال نه ڪري، هاڻوڪي عربي-سنڌي آئيويٽا کي عربي سمنڊ ۾ لوڙهي، وڏيءَ دل سان ديوناگري اکر ڪم آڻڻ گهرجن“.(3)
اسڪولن جو پڙهائيءَ تي اختلاف: 1853ع ۾ ’عربي- سنڌي‘ لپيءَ جي سرڪاري طور لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، سنڌ ۾ اسڪول قائم ٿيڻ لڳا. بمبئي حڪومت جو عملدار سي. جي.ارسڪن پنھنجي هڪ رپورٽ ۾ لکي ٿو ته:
”سنڌي زبان کي سرڪاري ڪاروبار هلائڻ لاءِ ملڪ ۾ لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ ورنيڪيولر (مقامي) اسڪولن ۾ پڻ سنڌيءَ ۾ پڙهائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، پر هندو-مسلم جي تفاوت جي ڪري ضروري آهي ته مسلمانن لاءِ ’عربي سنڌي اسڪول‘ ۽ هندن لاءِ ’هندو سنڌي اسڪول‘ کولجن، انهن ۾ پڙهائڻ واسطي ’عربي سنڌي خط‘ ۽ هندن لاءِ ’هندو سنڌي خط‘ (خدا وادي ) ۾ هوندو“. (4)
تعليم جو عملدار سي.جي. ارسڪن، ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن، بمبئي سرڪار جي نمائندگي ڪندو هو ۽ سنڌ جي ڪمشنر سان لکپڙهه ڪندو هو. ان سلسلي ۾ هن سنڌ حڪومت کي 12 فيبروري 1856ع ۾ خط لکيو، جنھن ۾ سنڌ ۾ الف-بي جي نفاذ بابت پاليسيءَ کي واضح ڪندي لکيو ته:
”موجوده حالتن کي منھن ڏيڻ ۽ هندو ۽ مسلمانن جي تفاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مسلمانن لاءِ ’عربي-سنڌي اسڪول‘ ۽ هندن لاءِ ’هندو-سنڌي اسڪول‘ هجن ۽ اتي سندن ڌرمي لپين ۾ پڙهايو وڃي، جيڪي عربي ۽ خداوادي هونديون“. هن وڌيڪ لکيو ته ”مسٽر فريئر جيڪو سنڌي زبان جي لکت لاءِ مسلمانن جو عربيءَ ۾ ۽ هندن جو ديوناگريءَ ۾ ٺھراءُ جمع ڪرايو آهي، اهو بلڪل انصاف تي ٻڌل آهي“. (5)
1868ع ۾ هندو سنڌي يعني خداوادي لپيءَ کي سرڪاري حيثيت ملي. حڪمرانن پنھنجي اقتدار جي مضبوطيءَ لاءِ ۽ مذهبي ويڇي کي وڌيڪ وسعت ڏيڻ لاءِ سنڌي لکتن کي مذهبي رنگ ڏنو. مسلمانن جي لکت کي ’عربي- سنڌي‘ ۽ هندن جي لکت کي ’هندو-سنڌي‘ يا ’بنيا سنڌي‘ (واڻين جي سنڌي) چوندا هئا. هن لپيءَ کي اسڪولن ۾ عام ڪرڻ لاءِ الفابيٽ شيٽ جون 3000 ڪاپيون شايع ڪري، سڄيءَ سنڌ جي اسڪولن ۾ مفت ورهايون ويون. هندو شاگرن کي تاڪيد ڪئي وئي ته عربي سنڌي ڇڏي، هندو سنڌي اکرن ۾ تعليم حاصل ڪن. هندو سيٺين، زميندارن، آفيسرن، منشين ۽ مشھور ماڻهن کي گذارش ڪئي وئي ته سڀ هن نئين الفابيٽ کي هر حال ۾ ڪامياب ڪن. نوان استاد ڀرتي ڪري کين، ’هندو - سنڌيءَ‘ ۾ سکيا ڏياري وئي. استادن کي خاص وظيفا، رعايتون ۽ آفرين ناما ڏنا ويا. هندو - سنڌيءَ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ، ڪتابن جي اشاعت ۽ سرڪاري خط لکڻ لاءِ خصوصي طور تي ٽائيپ رائيٽر جوڙايو ويو. ليٿوگرافڪ پرنٽنگ پريسون قائم ٿيون، جن جي ذريعي سنڌي ڪتابن جي ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. سنڌ جي تعليم کاتي جي عملدارن کي خاص هدايتون ڏنيون ويون ته ’هندو-سنڌيءَ‘ ۾ تعليمي نظام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ خاص اپاءَ ورتا وڃن. پر اهو تجربو سنڌ جي صوفي ۽ روادار روح سبب ڪجهه سالن اندر ناڪام ٿي ويو.
ٻئي طرف 1847ع کان، انگريزن سنڌ ۾ جديد تعليمي نظام کي متعارف ڪرايو. سنڌ ۾ انگريزن جيئن ئي اسڪول قائم ڪيا ته مسلمانن جي مٿاهين طبقي، خاص ڪري عالمن جي اڪثريت انهن کي ملڪ تي قابض عيسائي حڪمرانن (انگريزن) يعني ’ڪافرن جو علم‘ سڏي، سخت مخالفت ڪئي. اهڙي پروپئگنڊا سبب، سنڌ جي وڏن خاندانن پنھنجن ٻارن کي جديد تعليم ڏيارڻ طرف تمام گهٽ ڌيان ڏنو. جنھن فائدو هندن، شھري يا هيٺئين طبقي جي مسلمانن کي ٿيو، جن پنھنجن ٻارن کي انگريزي پڙهائي، سرڪاري ملازمتن ۾ داخل ڪيو. ڪجهه امير مسلمان خاندانن پنھنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ، ’خانگي مڪتب‘، پنھنجن ڳوٺن جي مسجدن اندر قائم ڪرايا. انگريزن، سنڌ ۾ مروج اسلامي تعليم نظام کي جاري رکڻ ۽ سرڪاري سرپرستي ڏيڻ واسطي 1886ع ۾ ’ملان مڪتب‘ کولرايا. سنه 1875ع ۾ سنڌ جي مسلمانن ۾ جديد انگريزي تعليم ۽ سياسي بيداري پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪراچيءَ ۾ حسن علي افنديءَ ’سنڌ مدرسته الاسلام‘ جو بنياد وڌو. شمس الدين بُلبل، سنڌ جو نالي وارو ليکڪ ، سياسي، سماجي، صحافتي شعبي سان لاڳاپيل هو. ھن مسلمانن جي تعليم جي سلسلي ۾ ميھڙ شھر ۾ 1906ع ڌاري ’سنڌ مدرسة السلام‘ نالي تعليمي اداري جو بنياد وڌو. جيڪو اڄ هاءِ اسڪول ون جي صورت ۾ هزارين نوجوانن کي، تعليم جي زيور سان آراسته ڪري رهيو آهي. حسن علي آفنديءَ جيان سيد الھندي شاهه، مدرسه هاءِ اسڪول نوشھروفيروز جوڙايو، انهيءَ مڪتب مان ڪيترائي عالم اديب پڙهي نڪتا. ٽنڊي باگي ۾، مير غلام محمد ٽالپر غريب مسلم ٻارن لاءِ مدرسو قائم ڪيو. لاڙڪاڻي ۽ عمرڪوٽ ۾ به مدرسه اسڪول قائم ٿيا.
درسي ڪتابن ۾ استعمال ٿيندڙ لفظن تي اختلاف: افسوس ان ڳالهه جو آهي ته انگريز سرڪار، هندو ۽ مسلمان سنڌين کي مختلف مسئلن ۾ اهڙو ته الجهائي ڇڏيو ھو، جو اهي سياسي طور تي پنھنجيءَ جاءِ تي، پر ڪنھن به علمي ۽ ادبي معاملي تي به هڪ نه هئا. ايتري قدر جو درسي ڪتابن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ تي به اختلاف رکندا هئا. ان سلسلي ۾ هڪ رپورٽ ’اخبار تعليم‘ ۾ سال 1904ع ڌاري شايع ٿي ھئي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو ھو ته درسي ڪتابن ٺاهڻ واري ڪاميٽي هاڻي گهڻو ڪم ڪڍي آئي آهي. سنڌي ست ئي ڪتاب تيار ٿي رهيا آهن، پر ڇپجڻ کان اڳي منجهن درستيون ٿيڻون آهن. انهن ڪتابن جي چڱائي ۽ مدائيءَ بابت سنڌ جي پڙهيل ماڻهن ۾ راين جو گهڻو اختلاف آهي . ان سلسلي ۾، رپورٽ ۾ لکيو ويو آهي ته:
”ٻي وڏي ڳالهه جنھن ۾ رايا مختلف آهن، سا هيءَ آهي ته ڪتابن ۾ هندو نالا، لفظ ۽ خيال ۽ مسلماني نالا، لفظ ۽ خيال ڪيتري قدر هئڻ گهرجن. انهن بابت سنڌ جي مسلمانن جو تحرڪ گهڻو آهي . انهن جي گهڻن ڏينھن کان پڪار هلي اچي ته هندو لفظ ۽ نالا سنڌي درسي ڪتابن ۾ بلڪل گهڻا آهن. اها پڪار زائل ڪرڻ لاءِ سرڪار هاڻي هڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي آهي، جنھن جا 3 ميمبر مسلمان ۽ فقط هڪ ميمبر هندو آهي. سردار محمد يعقوب ، مسٽر صادق علي مرزا، مسٽر قليچ بيگ مرزا ۽ ديوان ڪوڙومل انهيءَ ڪاميٽيءَ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. انهن سان صلاح واسطي مسٽر پريمچند آوتراءِ پڻ شامل ڪيو ويو آهي“.
”انهيءَ ڪاميٽي تي هيءُ ڪم رکيو ويو آهي ته اھا ڏسي، هندو ۽ مسلمانڪا لفظ يعني هندي، شاستري، عربي ۽ فارسي لفظ ڪتابن ۾ اهڙيءَ طرح ۽ ايتري قدر وجهن، جنھن ڪري ٻنھي قومن کي اعتراض ڪو نه ٿئي، خصوصاً مسلمانن کي جن جو تعداد سنڌ ۾ هندن کان بلڪل وڌيڪ آهي ۽ ٻيون واجبي لفظي ۽ اکري وغيره درستيون ڪن“. (6)
عام استعمال ۾ ايندڙ لفظن تي اختلاف: انگريزن جي دور ۾، هندو مسلم اختلاف جو شڪار سنڌي ٻولي به رهي، جيڪا هو صدين کان ڳالهائيندا پئي آيا. ماضيءَ ۾ ڪڏهن به ڪو تاريخي طور اختلاف جو مثال نه ٿئي مليو. پر انگريزن جي دور ۾ اخبارون ۽ رسالا نڪري پيا ۽ ڪجهه ڪٽر هندو ۽ مُتعصب مسلمانن هڪٻئي تي اجايا الزام هڻي، اختلاف پيدا ڪيا. هفتيوار ”ڀارت واسي“ اخبار، 16 آگسٽ، 1925ع ۾ ڄيٺمل پرسرام ’سنڌي ٻوليءَ تي مارو‘ عنوان سان هڪ مضمون شايع ڪرايو، جنھن ۾ هن هندن ۽ مسلمانن جي مضمونن مان حوالا کڻي آگاهه ڪيو ته اسان پاڻ ٻوليءَ جي معاملي تي اختلاف پيدا ڪري رهيا آهيون، جيڪي غلط آهن. ڄيٺمل پرسرام لکيو ته:
”هينئر ته سنڌيءَ ٻوليءَ پٺيان، هڪ قسم جا هندو توڙي مسلمان، ڪاٺ ڪھڙا کڻي اچي پيا آهن. راجا ڀرت جون ’چاکڙيون‘ ڪڍي، ڪن مسلمانن چيو آهي ته ’جُتي‘ وجهو! ’وچن جي پالنا‘ ڪڍي، هروڀرو ’قول جي پيروي‘ وجهو! چاکڙي معنيٰ ’جُتي‘ ته آهي ئي ڪانه! وچن ۽ قول ڀلي ٻئي ڪم آڻجن، پر ’وچن‘ کي ڪڍي ڇو ڦٽو ڪجي؟..... ڏسو ته ڪي مسلمان اخبارون وغيره ٻولي ڪھڙي ٿيون ڪم آڻين! هڪڙي يار خط لکيو ؛’ڪيترا يوم ماضي ٿي ويا آهن، پر اوهان جو خط نارسيده‘!، اڙي ڀائي، ائين ڇو نٿا لکو، ’ڪيترا ڏينهن گذري ويا آهن، اوهان جو خط نٿو اچي‘؟ هيڏانهن هندو ڀائر ’روزاني اخبار‘ کي هروڀرو ڇڏي، ٽُنبِين ’دئتڪ پترا! ’حق‘ کي نيڪالي ڏيئي وجهندا ’ادڪار‘. جڳتر ۾ استنتشٺا پيدا ٿي وئي آهي، پر تنترتا کي ڇڏي، ستنترتا پراپت ڪرڻ گهرجي“.(7)
لعلچند امرڏني مل جو مضمون ’سنڌي ٻوليءَ سان انڌير‘، ٻن قسطن ۾ (30 آگسٽ ۽ 6 سيپٽمبر 1925) ۾ شايع ٿيو، ان ۾ هن لکيو ته:
”هندن کي آترويلا اهائي آهي ته سنڌيءَ کي شُڌ ڪريون! مسلمان چاهين ٿا ته ان کي دين جي گهوڙي تي چاڙهيون!! شل نه ڄاڻي اها شڌي ۽ تبليغ، جن رنڌڻي ۾ هي رولو وڌو. هاڻي انهيءَ ڪري سچ پچ ٿئي ڇا پيو؟ نيٺ سنڌي اکر سنڌيءَ مان وڃن ٿا هَڪالبا ۽ اُنهن جي جاءِ وڃن ٿا الوڻا ۽ بيسوادي اکر ڀريندا... ڏسو ته ٻنهي پاران اعتراض ڪھڙا پيا اٿارڻ ۾ اچن. مسلمان چون، اسان جا ٻار ’هندڪا‘ اکر ’ڪٽوري‘ ۽ ’چاکڙي‘ وغيره جهڙا سمجهي ڪين سگهندا، ان ڪري اُنهن جي جاءِ تي ’وٽو‘ ۽ ’جتي‘ آڻيون. هندو چون دين سان اسان جو وڃي ڇا، جو اسان جن ڪچڙن ٻارڙن کي انهن نسبت ڳالهيون ٻڌايون ٿيون وڃن؟... آءٌ پڇان ٿو ته نيٺ اسان جا هي يار چاهين ڇا ٿا؟ ايتري به ساڃھه نٿي پوين ته اُنهن افعالين ٻوليءَ جو رس چس سمورو ڪڍي ٿا ڇڏيون. هڪڙو يار ٿو انهيءَ ڏهاڙي، هڪڙي هنڌ ڪثرت جي باري ۾ ٻه اکر ڳالهائي. ڇا ٿو چوي؟ ’هي پنھنجن ڇاترن جا پراچين ۽ اوراچين پرڪار جا ويايام ڏسي، اسانجن اکين اڳيان پراچين سميه جو درشيه اچيو بھي! اسان پاٺشالائن جي سنچالڪن کي ونيه ٿا ڪريون ته اهي ويايام پنھنجن وديائين ۾ به چالو ڪن.‘ پڙهندڙ پاڻ نبيرو ڪري. هيءَ سنڌي آهي، سڳداسي آهي؟ ويٺو ڳن ڏينس، سمجهندين اٿيئي حال!“(8)
گرامر نويسيءَ تي اختلاف: ڊاڪٽر آفتاب ابڙي چواڻي، سنڌي ٻوليءَ جو درست گرامر اڄ تائين لکيو ئي نه ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ جا شروعاتي گرامر، انگريز عملدارن انگريزيءَ ۾ لکيا. پھريون گرامر 1836ع ۾، وليم هينري واٿين (1802-1866ع) لکيو، جيڪو بمبئي حڪومت جي جنرل ڊپارٽمينٽ جو چيف سيڪريٽري هو. هينري واٿين سنڌي ٻوليءَ جو گرامر (A Grammar of Sindhi Language) انگريزي زبان ۾ لکيو، پر سنڌي اکرن لاءِ فارسي اکر استعمال ڪيائين. 1853ع ۾ اُن وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جو، سنڌي گرامر 1849ع ۾ بمبئيءَ مان شايع ٿيو. ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ اهو پھريون پرڏيھي عالم ھو، جنھن 1872ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر تي جامع ڪتاب لکيو. هن ڪتاب ۾ سنڌي زبان تي ويچار پڻ پيش ڪيا. هاڻي، هندو ۽ مسلمان عالمن ، انگريزن جي گرامر جي برعڪس متبادل لفظ پنھنجي مذهبي عقيدن مطابق جوڙيا. مسلمان ان جو عربي ۽ فارسيءَ تان سنڌي صرف و نحو جو نالو ڏيندا هئا ۽ هندو سنڌي عالم وياڪرڻ رکندا هئا.1860ع ۾، سنڌي ٻوليءَ ۾ پھريون ڪتاب، ان دور جي تعليم جي سربراهه ميجر گولڊ سمڊ، اسسٽنٽ ڪمشنر جي ڪوشش سان ميان محمد حيدرآباديءَ، ’سنڌي صرف و نحو‘ جي نالي سان جوڙيو. هن ڪتاب جو مھاڳ، ميجر گولڊ سمڊ پاڻ لکيو. ماستر جھٽمل ولد نارومل وسناڻيءَ جو ’نئون سنڌي وياڪرڻ‘ سنه 1892ع ۾ شايع ٿيو. ان کان پوءِ مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مھرچند ۽ ٻين ڪيترن ئي انهن نالن سان گرامر جا ڪتاب لکيا، جن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت نظرين، عام استعمال ۾ ايندڙ لفظن ۽ گرامر جي اصولن تي مذهبي بنيادن تي اختلاف ڪيل آهن.
اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترائي اهڙا مثال آهن، جيڪي پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ پنھنجي ڪتاب ’سنڌي نثر جي تاريخ‘ ۾ ڏنا آهن. اڳتي هلي، شاهه لطيف جي رسالي جي تشريح تي اختلاف ٿيا، لغت نويسيءَ جي اشاعت تي اختلاف ٿيا، پر اها ڳالهه ڌيان جوڳي آهي ته اختلاف پيدا ڪندڙ گهٽ ۽ اتحاد رکڻ وارا گهڻا هئا، جن اهڙن مسئلن کي نظر انداز ڪري محبت، پيار ۽ اتحاد واري رويي سان سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪئي.
حوالا
1. J. G. Moore, Esq., C.S., Report : Educational Inspector In Sind, For 1868-69
2. ڏاسواڻي، چندر جي، ڊاڪٽر ”بقا جي ضامن لپي“، مقالو: سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد، اپريل جون، 2009ع، ص 64
3. رامواڻي، موتيرام-ايس: ”سنڌ ۽ اسان جو ورثو“، شاردا پرڪاش، بمبئي، 1994، ص 41.
4. Report of the Director of Public Instruction, Bombay, for the Year 1857-58. Bombay: Printed At The Education Society's Press, Byculla. 1859, P-389
5. ساڳيو .ص 389
6. ماهوار اخبار تعليم (رپورٽ) ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج، فار مين، حيدرآباد، نومبر 1904ع، ص 2
7. ڄيٺمل پرسرام: ”سنڌي ٻوليءَ تي مارو“ ، هفيتوار ” ڀارت واسي“ اخبار، 16 آگسٽ 1925ع
8. لعل چند امرڏنو مل: ”سنڌي ٻوليءَ سان انڌير“، ٻن قسطن ۾ ”ڀارت واسي“ اخبار (30 آگسٽ ۽ 6 سيپٽمبر 1925)