ادبي تنقيد جو ديومالائي نظريو
(Archetypal Myth Criticism)

مبارڪ لاشاري/عزيزقاسماڻي
Abstract:

Archetype is widely recognized as an important critical approach in literary theory and analysis. It's genesis is in the academic theories of psycho-analysis propounded by Freud, but it has developed in the ultimate intellectual incubator of Jungian psychology and literary conundrums of Northrop Frye. They have blended the pristine lores, concepts and inscrutable ideas of ancient mythology in the crucible of our contemporary archetypical images. This paper is an analysis of the approach in the context of archetypal/Myth criticism with its components and description. This paper attempts to analyses Shaikh Ayaz's poem to highlight its significant features and elements. The researcher here appears to use a modern literary- psychological theory to help comprehend and unravel Ayaz’s poetic aesthetics, making a bold experiment syntactically.

اسان جي آسپاس ماحول جو اولڙو اسان کي مختلف زاوين کان شين ۽ لقائن مان متاثر ڪري ٿو. اهو متاثر ٿيڻ ڪڏهن شعوري هوندو ته ڪڏهن لاشعوري هوندو آهي. ڪن شين جو احساس فوري طور ٿئي ته ڪن شين جو احساس گهڻي وقت کان پوءِ ٿيندو آهي. اهڙن ئي لقائن مان سوچڻ جو عمل به شامل آهي. انسان جڏهن سوچي ٿو ۽ شعوري يا لاشعوري تصور ڪري ٿو ته سندس اهو عمل ماضيءَ کان الڳ بنھه ڪونه، بلڪه اهو عمل ماضي جي سمورن عملن جو تسلسل ۽ انهن جو ورجاءُ هوندو آهي، جنھن کي ڪارل جُنگ (Carl Jung) اجتماعي لاشعور جو نالو ڏئي ٿو، سندس چوڻ آهي ته:
”اجتماعي لاشعور اسان جي فڪر مطابق ديومالائي بنيادي صورت يا اولين شڪل primordial images جھڙو آهي“ جنھن سبب هر قوم جون ڏند ڪٿائون انهي قوم جي فردن جي تصورن جا اصلي روپ (زندگي جو تصوراتي ڪامل/ آفاقي نمونو) آهن. حقيقت ۾، سموريون ڏند ڪٿائون اجتماعي لاشعور جي معمار طور ڳڻي سگهجن ٿيون. تنھن ڪري اسين اجتماعي لاشعور کي ٻن طريقن سان پروڙي سگهون ٿا، هڪڙو خود ڏند ڪٿا کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۽ ٻيو انسان جي انفراديت جي تجزيي مان (1)
ان جو مطلب اهو آهي ته ڄڻ انسان جي انفرادي يا اڪيلي سر ڪا به سوچ نه آهي، جيڪا چئجي ته خالص ان ماڻهوءَ جي پيداوار آهي، ڇا ڪاڻ ته اهو هڪڙو ارتقائي عمل جو نفسياتي اظھار آھي، جنھن کي جيتوڻيڪ ڪو اظھار ان کي نئون ۽ نرالو انداز پارائي ۽ ان کي بنھه منفرد ڪري پيش ڪري. پر پوءِ به انساني تصور يعني ڪامل نمونو ڪنھن ڏند ڪٿا جو خاڪو ضرور هوندو آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ جو پتو ان انسان کي به نه هجي. ان انسان ته ڇا پر ٿي سگهي ٿو ان جي پيءُ، ڏاڏي، پڙ ڏاڏي ۽ ائين ان جي اڳين نسلن کي به نه هجي پر پوءِ به لاشعور ۾ هڪڙو ڪامل نمونو وجود رکي ٿو.
انسان جي ارتقا لکين سالن تي مشتمل آهي، ان ڪري انساني تصور، سوچ، فڪر ۽ خيال به انهي تسلسل سان اڳتي وڌي هتي پھتو آهي. تنھن هوندي به انسان ڪٿي انساني جڙيل سماج ۾ ڪامل زندگي اختيار نه ڪري سگهيو آهي. هگسلي پنھنجي ناول Brave New World ۾ چوي ٿو ته، (2) What is the best time to be alive in? يعني ڪامل يا بھترين دور ڪھڙو آهي، جنھن ۾ زنده رهجي. يعني اهو ڪامل نمونو ڏند ڪٿائن کانسواءِ ڪٿي به نه آهي. اهو تصور لکن سالن جو نچوڙ آهي. يونگ چوي ٿو ته:
”اسان سڀني جي اندر ۾ ويھه لک سال جو پوڙهو رهي ٿو، جيڪو مھا ڏاهو ۽ مھا تجربو رکي ٿو“(3)
اهو ڊگهو تجربو انفرادي ۽ اجتماعي لاشعور ۾ رهي ٿو ۽ اهو بنا ڪجهه ظاهر ڪرڻ/ٿيڻ جي انساني سوچ تي غالب رهي ٿو، يعني اُتي هڪڙا ڪامل نمونا رهن ٿا. جيڪي وري وري اسان جي سامھون اچن ٿا ۽ اسان انهن نمونن مان متاثر ٿي انهن جي پوئيواري به ڪريون ٿا ۽ انهن کي اپنايون به ٿا. اهو سمورو نمونو هڪڙي وڏي تسلسل جو نالو آهي، جنھن کي ڪامل نمونو Archetypes يا ديومالائي ورثو Mythical Inheritance چئبو آهي.
ڪامل نموني يعني Archetype جي معنيٰ آهي ته هڪڙا مخصوص تصور/خاڪا جيڪي هڪ خيالي ڪامل نمونا ٿي انسان جي ذهن ۾ اڀري اچن يا ڪردار، بيانيه نمونا، موضوع/ عنوان، جيڪي اوائلي وقت کان ادب ۾ ڪم آيا هجن ۽ بار بار سامھون آيا هجن. اهي ڪنھن نه ڪنھن طرح انساني سوچ يا تصور جي ساخت جو حصو ٿي ويا آهن. انهيءَ تشريح ۾ هڪڙو بنيادي اختلاف نارٿراپ فراءِ ۽ ڪارل يونگ جو موجود آهي. فراءِ جو چوڻ آهي ته:
”اهي ڪامل نمونا ادب جو حصو آهن جڏهن ته يونگ جو چوڻ آهي ته اهي ڪامل نمونا انسان جا اولين، قديم تصور / خاڪا يا اهي تجربا آهن جيڪي اسان کي ورثي ۾ مليا آهن“(4)
سادي طرح سان ايئن چئي سگهون ٿا ته فراءِ جو مطلب آهي ته اهي ڪامل نمونا هاڻ شايد اسان جي نفسيات يا وجود جو حصو هجڻ بجاءِ ادب ۾ محفوظ ٿيل خاڪا آهن، جيڪي مذهبي ڪتابن کان ويندي ثقافتي، تاريخي يا خيالي ادب جي قصن/ ڪھاڻين ۾ موجود آهن، جنھن کي شايد اسان آئيڊيلائيز ڪريون ٿا. جڏهن ته يونگ جو چوڻ آهي ته اهي ڪامل نمونا صرف ادب يا مذهبي تصور هجڻ بجاءِ انساني وجود جو بنيادي حصو آهن، يعني ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ اسين ان تجربي جو حصو آهيون ۽ اهي تجربا اسان کي پيدائشي طور تي ورثي ۾ مليا آهن ۽ اسان انهن کان الڳ نه آهيون. جُنگ جو اهو ڪامل نموني جو تصور گهڻو ڪري فرائيڊ جي تصورِ جبلت سان ملندڙ جلندڙ آهن. ڪامل نمونو يعني آرڪيٽائيپ اصطلاح يوناني فيلو جوڊيس Philo Judaeus وٽ پھرين استعمال ٿيو، جنھن جو مطلب هو Imago Dei (God-image) انسان وٽ خدا جو خاڪو يا تصور. ايرانيس Irenaeus, جوچوڻ آهي ته:
“The creator of the world did not fashion these things directly from himself but copied them from archetypes outside himself." In the Corpus Hermeticum, God is called ¥ (archetypal light)” (5)
(دنيا جي خالق اهي سموريون شيون (جيڪي دنيا ۾ وجود رکن ٿيون) پنھنجي پاڻ کان سڌيءَ طرح ٺاهي نه رکيون آهن، پر پاڻ کان ٻاهر ڪامل نمونن کان نقل ڪري رکيون آهن. جنھن ڪري ڪارپس هرميئيڪن وٽ خدا ڪامل نموني جو ڏيئو يا روشني سڏيو ويندو آهي). ان جو مطلب آهي ته ڪامل نموني جو تصور به انتھائي قديم هجڻ سان گڏوگڏ دنيا ۽ دنيا ۾ موجود شين ۽ لقائن جو حصو آهي، جنھن سان انسان پنھنجو ارتقائي عڪس ڏسي سگهي ٿو.
جڏهن ته يونگ مطابق ارڪيٽائيپ قديم يونان ۾ گهڻو استعمال ٿيندو هو، جنھن جو بنيادي مطلب arche’ معني پاڙون ‘roots and origin’جڏهن ته ‘typos’ معنيٰ نمونا يا ماڊل ‘Pattern’ or ‘model’ آهي. ان کان سواءِ ارڪيٽائيپ تنقيد جو جديد استعمال اوڻيھين صديءَ جي پوئين حصي ۾ آيو آهي. انهن پوين خيالن ۾ به ڪافي اختلاف آهي ته اهي خالصتن يونگ، فراءِ يا ڪنھن ٻئي مڪتبه فڪر جي پوئيواري ڪن ٿا يا الڳ رستو اختيار ڪن ٿا. تنھن هوندي به بنيادي ڳالهين ۾ اهي هڪٻئي کان الڳ نه آهن.
ڪامل نموني يا ڏند ڪٿائي نظريي ۽ تنقيد نگاريءَ جا بنيادي پرچارڪ ٻه وڏا نالا آهن، جن ۾ ڪارل گسٽاو جُنگ C. G. Jung ۽ جوزف ڪيمبل Joseph Campbell آهن، پر انهن کانسواءِ ٻيا به اهم نالا آهن: جهڙوڪ رابرٽ گريوز Robert Graves، فرانسس فرگوسن Francis Fergusson، فلپ ويلرائيٽPhilip Wheelwright، ليزلي فيلڊر Leslie Fielder، نارٿراپ فراءِ Northrop Frye، ماڊ بوڊڪن Maud Bodkin۽ ولسن نائيٽ Wilson Knight آهن. (6)
انهن سمورن مفڪرن پنھنجي پنھنجي نقطه نظر سان ڪامل نموني/ ديومالائي تنقيد ۽ فڪر ۾ اضافو ڪيو آهي، پر انهن سڀني ۾ جُنگ کانپوءِ نارٿراپ فراءِ منفرد حيثيت ماڻي ۽ ان کي ئي مثال بڻائي تجزيي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. انهن بنيادي ليکڪن کانسواءِ دنيا ۾ اڻ ڳڻيا محقق انهيءَ مڪتبه فڪر ۽ فلسفي کي پنھنجي تحقيق جو حصو بڻائي لکي رهيا آهن ۽ انهيءَ ميدان ۾ اضافو ڪري رهيا آهن.
هاڻي سوال اهو پيدا ٿو ٿئي ته اهي ڪھڙا ڪامل نمونا يا عنصر آهن، جيڪي انساني سوچ، تصور يا خاڪي ۾ موجود آهن، جيڪي بار بار انساني فڪر جو حصو ٿي ارتقا ۾ گڏ هلي رهيا آهن. ڪنھن به ماهر ڪامل نموني تنقيد جي مڪتبه فڪر جي ڪا حتمي فھرست نه ڏني آهي، جڏهن ته جُنگ جو اهو چوڻ به آهي ته ڪامل نمونا اصل ۾ Archetypes جا نمائندا هوندا آهن. انهن ۾ مکيه طور پاڻي، سج، چنڊ، رنگ، دائرا، عظيم ماتا يا عظيم ماءُ، سياڻو پوڙهو ماڻهو، هيرو، پيءُ يعني والد جو فڪر وغيره اچي وڃن ٿا، جن کي زندگيءَ جي تصورن ۾ آدرشي بڻايو ويندو آهي. مٿين علامتن کي ٻين خوبين سان همنوا يا انهن جو اولڙو سمجهي انهن کي اپنايو ويندو آهي. جھڙوڪ پاڻي: زندگيءَ جي علامت، اُڃ اجهائيندڙ، صفائي سٿرائي، پاڪائيءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ. سج: روشني ڏيندڙ، گرمي يعني توانائي ۽ طاقت مھيا ڪندڙ، رات کي ڏينھن ٺاهيندڙ، طاقتور، سڀ کان مٿاهون وغيره. ايئن سمورن ڪامل نمونن کي سوچ ۾ سمائي انهن کي پنھنجي شخصي سڃاڻپ جو نشان بڻائڻ جي ڪوشش يا خيالي تصور ڪيو ويندو آهي. اهو تصور انفرادي نه پر گڏيل لاشعور جو حصو هوندو آهي، يعني ڪي مخصوص فرد نه پر سموري انسانيت جو گڏيل ورثو آهن.
ڪارل جُنگ پنھنجي نفسياتي خاڪي ۾ ٽن اهم شين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي شيون انساني ڪردار ٺھڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. اهي آهن شعورConsciousness ، انفرادي لاشعور Personal Unconsciousness ۽ گڏيل لاشعور Collective Unconsciousness جيڪي انساني وجود جو حصو آهن. عقل يعني انسان جو شعور آهي، جيڪو انسان پاڻ سان گڏ دنيا ۾ کڻي هلي ٿو، اهو اهم آهي، جنھن کي فرائيڊ جي اصطلاح ۾ (Ego) چئي سگهجي ٿو، سو هر وقت حاضر ناظر لقاءُ آهي جنھن سان انسان پنھنجي شعوري زندگي بسر ڪندو آهي.
جڏهن ته ڪارل جُنگ وٽ ان حوالي سان جيڪي اهم تصور آهن سي هي آهن، جيڪي بنيادي ڪسوٽي طور ڳڻيا ويندا آهن جھڙوڪ(7)Persona, Anima/Animus, Shadow and Self جن کي مختصر طور تي هيٺ بيان ڪري سگهجي ٿو.
1. انسان جو خارجي/سماجي تصور تصور Persona: انسان جو سماجي تصور اصل ۾ اهو روپ آهي جيڪو انسان پاڻ پھري ٿو، جنھن جو مقصد ٻاهرين دنيا کي پنھنجي سڃاڻپ ٻڌائڻ آهي. هي تصور اهو هوندو آهي، جيڪو هو ڪردار ادا ڪندو آهي. جھڙوڪ: ڪٿي پيءُ جو روپ، ڪٿي پٽ جو روپ، ڪٿي استاد، ڪٿي ڪو ٻيو روپ. اهو تصور انسان پنھنجي جبلت سان به اختيار ڪندو آهي ته خارجيت وٽان به مثال طور: ٽي.ويءَ جي پروگرامن جا ميزبان بنھه مصنوعي روپ ۾ هوندا آهن، انهن جو ڳالهائڻ، انداز، اٿڻ ويھڻ شامل ڪري سگهجن ٿا. ساڳئي انهي روپ جو گهڻو استعمال سياستدانن وٽ به هوندو آهي. Persona جي اصل معنيٰ آهي ماسڪ يا ٻيو چھرو پائڻ. اها وضاحت سياستدانن تي بنھه ٺھڪي بيھي ٿي. جُنگ مطابق:
” Personaاهڙو نظام آهي، جيڪو ڪو ماڻهو پاڻ اختيار ڪري ٿو يا دنيا سان وهنوار ۾ اچڻ دوران پنھنجو نمونو متعارف ڪرائي ٿو. مختلف پيشه ور ماڻهن جو الڳ Persona هوندو آهي (8) “
سندن چوڻ آهي ته هن قسم جي پرسونا کي سڃاڻڻ هاڻ آسان ٿي پيو آهي، ڇوته اخبار ۾ ايندڙ تصويرون يا تعريفي تحريرون ان ڏس ۾ مدد ڪن ٿيون. جڏهن ته اسان پنھنجي پسمنظر ۾ فيسبوڪ تي رکجندڙ تصويرن يا راين مان ڪنھن به ماڻهو جي Persona کي سمجهي سگهون ٿا.
2. داخلي نفس Animus/Anima: هي ٻئي اصطلاح انسان جي اندروني نفس سان سلھاڙيل آهن، جنھن ۾ انيمس عورت ۾ مرد جي نفسيات جو عڪس آهي، جڏهن ته انيما ۾ مرد ۾ عورت جي نفسيات يا مونث تصورون جو اولڙو آهي. انيمس جيڪو هن حصي تي غالب آهي، ان جو اظھار عورت جي مذڪر خاصيتن ۾ ڏسجي ٿو، جنھن ۾ ڪا عورت تمام گهڻو مرداڻن خاصيتن جو اظھار ڪري جھڙوڪ وڙهڻ، ضد ڪرڻ، دانشوري ۾ اڳتي وڌڻ وغيره شامل ڪري سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ جُنگ جي گهر واريءَ ايما جو انيمس جي حوالي سان مطالعو رهنما ڪوٺبو آهي. هو چوي ٿي ته:
"What we women have to overcome in our relation to the animus is not pride but lack of self-confidence and the resistance of inertia. For us, it is not as though we had to demean ourselves, but as if we had to lift ourselves" (9)
(انيمس ۾ اسان عورتن کي جنھن شيءَ تي قابو ڪرڻو آهي، اهو فخر (غرور) نه آهي پر خود اعتمادي ۽ مزاحمت جي ڪمي آهي. اسان جي لاءِ اهو ضروري نه آهي ته اسين پاڻ کي گهٽ ڪريون يا ڪيرائي (احساس ڪمتري/برتري؟) ڇڏيون پر پاڻ کي بلند ڪريون). يعني اهو چوڻ ته عورت کي پنھنجي اندروني ڪمزوري جيڪا عورتپڻي کي محدود ڪري ٿي ان کي قبضي ۾ رکڻو آهي.
1. پاڇو Shadow: هي انسان جو اونداهو يا منفي پھلو آهي، جيڪو انسان پنھنجن ٻين ويجهن دوستن، عزيزن يا ڪن افسانوي ڪردارن ۾ ڏسي ٿو. هن جي ذريعي انسان پنھنجي انا يا Ego سان منھن مقابل ٿئي ٿو، جتي کيس خبر پوي ٿي سندس منفي يا اونداهو پاڇو ڪٿي ۽ ڪھڙو آهي؟ شعوري طور تي انسان کي ان پاسي جي شايد خبر نه هجي، پر جڏهن ٻين انسانن ۾ اهي شيون نظر اچن ٿيون ته هو به ڄاڻي وٺي ٿو. هي علامت سگمنڊ فرائيڊ جي لاشعور جو اولڙو آهي، جنھن کان انسان شعوري طور گهڻي ڀاڱي اڻ ڄاڻ هوندو آهي. يونگ جي چوڻ موجب ته هي انسان جو اخلاقي مسئلو آهي، جيڪو ان جي عزت نفس يا انا لاءِ وڏو چيلينج ٿي نظر ايندو آهي. هن ۾ انساني پنھنجي اندر جي شيطاني قوت کي پروڙيندو آهي. آرڪيٽائيپ ۾ هي شيطان جي تصور يا منفي علامتن کي پاڻ ۾ محسوس ڪندو آهي.
2. خوديSelf: هن ۾ انسان جا سمورا پھلو اچي وڃن ٿا، جھڙوڪ: منفي ۽ مثبت پاسا سمورا گڏ ڪري پوءِ جيڪا سڃاڻپ جڙي ٿي، ان کي self يا خودي چئجي ٿو. تاريخي طور تي تائوازم جي تائو جو تصور جنھن ۾ منفي ۽ مثبت ٻيئي گڏائي پيش ڪجن ۽ پوءِ سڃاڻپ جڙي يا گوئٽي جي ”فائوسٽ“ ۾ فائوسٽ ۽ ميفسٽوفل جو ڪردار متفي ۽ مثبت ڪردارن جو. هي سطح انسان جي لاشعور ۽ شعور جي وچ واري سطح آهي. جُنگ مطابق هي تصور انسان جي خوابن جي عمل جو نتيجو آهي، جھڙيءَ طرح ايگو شعور Consciousness ۽ سپر ايگو Super Ego جو مرڪز آهي اهڙيءَ طرح سيلف به اڊ ۽ سپر ايگو مان مرڪزي سطح وارو تصور آهي.
مٿئين سموري بحث کي سھيڙي ايئن چئي سگهجي ٿو ته ڪامل نمونو/ديومالائي نقاد ادب پاري مان هي سوال پڇي ٿو:
ڪھڙا ديومالائي عنصر يا ڪامل نمونا جھڙوڪ موضوع، ڪردار، علامتون، تصور، پلاٽ يا هيرو جي تلاش جا زاويا هن ادبي لکڻي ۾ ڏنل آهن؟
1. ڇا انهن شين/عنصرن جي ڄاڻ انهي ادبي ڪم کي سمجهڻ ۾ اضافو ڪري ٿي؟
2. ڇا اهو ڪم ڪامل نمونن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو؟
3. ڇا اها لکڻي پراڻين ڪامل نمونن کي نئين سر اڀاري ٿي؟
4. ڇا اهو ڪم ڪامل نمونن کي نئين سر جوڙي ٿو؟(10)
ان ڏس ۾ آرڪيٽائيپ يا اصلوڪي تنقيد ڪنھن ادب پاري ۾ ٽي اهم شيون جانچي ٿي، جھڙوڪ:
1. اصلوڪا/آرڪيٽائيپ ڪردار
2. اصلوڪا/آرڪيٽائيپ تصور
3. اصلوڪي/ Archetype صورتحال
آرڪيٽائيپ ڪردارن ۾ وري ڏسجي ته هيرو، دشمن، ورغلائيندڙ، قربان ٿيندڙ، ڌڪاريل يا نيڪالي ڏنل، گهٽ درجي وارو، مصيبت زده ڇوڪري وغيره جا ڪردار ڪھڙا آهن. اهڙي نموني تصورن ۾ رنگ، انگ اکر، پاڻي؛ درياهه، سمنڊ، باهه، باغ، آسماني جسم، دنيا جي پڄاڻي، تخليق ۽ لافانيت وغيره ڪيئن ڏنل آهن. اهڙي طرح آرڪيٽائيپ صورتحال ۾ جھڙوڪ تلاش، زندگي جي نئين سري سان اوسر، ابتدا، پستي، بلندي وغيره اچي ٿا وڃن. اهڙي طرح ڪيترائي اصلوڪي يا ڏند ڪٿائي ڪردار، صورتحال يا علامتون جڙي وڃن ٿيون جن کي ادبي تجزيو ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو جھڙوڪ شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عاجزيءَ جي حوالي سان نوريءَ جو ڪردار، وطن دوستيءَ ۾ مارئي يا عشق ۾ قرباني جي حوالي سان سھڻي جو ڪردار ۽ همت، حوصلو ۽ بھادري جي ڪردار جي حوالي سان سسئي جھڙا ڪافي ڪردار اچي وڃن ٿا. تاريخي طور تي هوشو، هيمو يا دودي جا ڏندڪٿائي ڪردار يا بزدليءَ يا غداري ۾ چنيسر، مير جعفر ۽ مير صادق جا ڪردار اسان جي ثقافتي دائري ۾ پيش ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته مذهبي طور شيطان جھڙا تصور، ثقافتي نفسيات جي اظھار لاءِ پيش ڪيا وڃن ٿا. اڄڪلهه جيئن ته ميڊيا جو دور آهي ۽ گلوبلائيزيشن عروج تي آهي ته ان ڏس ۾ نئين نسل جا هيرو اسپائيڊر مئن، سپر مئن، بئٽ مئن وغيره ٿي پيا آهن جن جي ڪمن، ويس وڳن، صورتحال ۽ علامتن جو نفسيات تي غلبو آهي جڏهن ته ٿري-ڊي منظر ذهنن تي حاوي آهن ممڪن آهي ته هيرو، وليئن، صورتحال، ماڳ مڪانن جا تصور انساني روايتي قصن ڪھاڻين کان ڳالهه اڳتي وڌي سمورو آرڪيٽائپل تصور به بدلجي وڃن ۽ ڪلاسيڪل Archetype عنصرن لاءِ جڳھه نه بچي. شيخ اياز جو هڪڙو نظم آهي:
هر قدم تي زندگيءَ جو جام زهر،
ڪنھن نئين سقراط جو آ منتظر!
هر گهڙي سوري سڏي
ڪنھن نئين منصور کي؛
ٿي ٻري شمعِ حيات،
آ جلڻ جنھن تي پتنگن جي نجات!
ڪوئي عيسيٰ، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات!
زندگي جي سينڌ جو جهومر ٿيو،
جنھن سان جرڪيو حسنِ ذات!(11)
هن نظم ۾ شاعر هڪڙا تصور کڻي ٿو، جن کي لافاني خاصيتون بخشي ٿو، جنھن مان پڙهندڙن لاءِ اهو پيغام آهي ته اهڙيون شخصيتون خواب وانگر آهن يعني آدرشي آهن جڏهن ته انهن جو ضد زندگي آهي جيڪا خود زندگي نه آهي پر زندگي جي سھيوڳي صورتحال آهي. جيتوڻيڪ سھيوڳي صورتحال جو سڌو سنئون ذڪر نه آهي پر سندن تجربو زندگيءَ جي آرڪيٽائيپ علامت اونداهو پاڇولو يعني Shadow آهي جيڪو شاعر کي زندگيءَ جي هر قدم تي نظر اچي ٿو ۽ وٽس ان جو مخالف سمت به اهو آهي سقراط جو زهر پيئڻ يعني زندگي جو تجربو هڪڙو ڏندڪٿائي ڀيانڪ پاسو آهي جيڪو ڏاهن کي نٿو آئڙي تنھنڪري ان جو آئيڊيل پاسو يعني خودي Self آهي سقراط وارو رستو. قدم يعني تجربي سان گڏ شاعر وقت جو تصور جيڪو آرڪيٽائيپ ۾ صورتحال جي زمري ۾ اچي ٿو اهو به پاڇي جھڙو ئي آهي، هاڻي ان صورتحال جو خيال خواب منصور جو ڪردار آهي. جيڪو وقت کي سوريءَ تي چڙهي مات ڏئي ٿو. اهي ٻيئي هيرو قرباني ڏيندڙ هيرو آهي. انهن ٻن ڪردارن کانسواءِ ٻيا ڪردار به اهڙي قوت رکن ٿا جن ۾ عيسيٰ، گوتم، گانڌي آهن جيڪي زندگي جي سينڌ جا جهومر آهن. جن سان حسن ذات جو جرڪڻ جو تمثيل انيما ۽ انيمس جي نفسياتي تصور جھڙا آهن. حسن جو ڏند ڪٿائي تصور عورت جي ذات آهي پر عملي ڪردار جي پسمنظر ۾، حسنِ ذات جي خوبي ڏيک ويک کان هٽائي عمل ۾ ڏيکاري وئي آهي جيڪا پڻ خوديءَ جي دائري ۾ ڳڻي سگهجي ٿي. اسين ڏسون ٿا ته نظم ۾ مئونث ۽ مذڪر تصور جو تبادلو پڻ موجود آهي جنھن کي شاعر پنھنجي آدرشي روپ ۾ سمايو آهي جنھن سان اسان وٽ زندگي جو تجربو، وقت جو احساس، هيرو، وليئن ۽ ٻيا ڪردار / روپ سامھون اچن ٿا.

حوالا
1. Jung, Carl. On the Nature of the Psyche. Princeton, USA: Princeton University Press, 1960 (1970).
2. Huxley, Adolf: The Brave New World. Novel.
3. لغاري، اڪبر، ادبي تنقيد جي تاريخ. ماءِ پبليڪيشن سکر، 2016
4. ساڳيو، ص 123
5. “Concept of Archetypes at Carl Jung”, Copyright Carl Jung Resources, retrieved http://www.carl-jung.net/archetypes.html (2014),
6. Abrams, M. H. "Archetypal Criticism." A Glossary of Literary Terms. Fort Worth: HBJ, 1993
7. C. G. Jung (No dated). The collected works: the archetypes and the collective unconscious: London: Routledge
8. Carl Jung: The Archetypes and the Collective Unconscious, Volume 9, part I of The Collected Works, Princeton University Press, 1990, p. 123.
9. Emma Jung, Animus and Anima. Dallas, Tex, Spring Publications, (1985-2018).
10. Gillepsie, Tim: Doing Literary Criticism, Helping Students Engage with Challenging Texts. Sten House Publishers, 2010
11. شيخ اياز، ’ڀنئور ڀري آڪاس‘، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو 2008
720 ڀيرا پڙهيو ويو