لغت، ڪوش، لغت نامه، فرهنگ ۽ قاموس اصطلاحن جو تقابلي جائزو
(A comparative study of the terms: Lughat, Kosh, Farhang and Qamoos )

ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو
Abstract:

This study focuses on divergent synonyms and alternative words for the quintessential Book–Dictionary in different languages of the world, e.g. Lughat in Arabic, Kosh in Sanskrit, Shabdkosh in Hindi, Farhang and Lughatnama in Persian, Lughat and Qamoos in Urdu, Du Logota Ketab in Pashto, Lexicon in Latin, Dictionaries in French, and Lughat, Kosh and Akhar Patti in Sindhi. Sindhi Linguistics has a vast scope for an tapped substantial and comprehensive comparative studies in philology and semantics and this paper addresses this area in quest for wider horizons.

ڪنھن به ٻوليءَ ۾ ڳالهائجندڙ لفظن جو ٺھڻ، هڪ ڪرشمي وانگر آهي، جنھن سان ماڻهوءَ کي ٻين جاندارن تي هڪ مٿڀرائپ حاصل آهي. ٻوليءَ وسيلي ئي سماج ۾ هڪ ماڻهوءَ جو ڪنھن ٻئي ماڻهوءَ سان، هڪ ٽولي جو ڪنھن ٻئي ٽولي سان، هڪ برادريءَ جو ڪنھن ٻِي برادريءَ سان، هڪ نسل جو ڪنھن ٻئي نسل سان، هڪ قوم جو ڪنھن ٻي قوم سان ۽ ڪنھن ٻوليءَ جو، ٻيءَ ٻوليءَ سان رابطو ٿئي ٿو. ان ريت، رابطن جي پکڙجندڙ سرشتي ذريعي، ٻوليءَ جي پکيڙ به وسيع کان وسيع تر ٿيندي رهي آهي.
ٻوليءَ ۾ معنائن، مفھومن ۽ سمجهاڻين جو اظھار پڻ، ضرورت موجب، هڪ ۽ هڪ کان وڌيڪ لفظن وسيلي ڪجي ٿو. وقت گذرڻ سان، سماجي وهنوار موجب، هر لفظ جي هڪ الڳ تاريخ جڙي پوندي آهي. لفظ جي اها معنوي تاريخ پڻ تبديلين منجهان اهڙيءَ طرح ئي گذري ٿي، جھڙيءَ طرح سماج تبديلين منجهان گذري ٿو، يعني لفظن جون معنائون پڻ بدلجڻ جي عمل منجهان گذرنديون رهن ٿيون. ان ڪري لفظَ پاڻ به هڪ تاريخ آهن ۽ انهن جي معنى ۾ به تاريخ سمايل آهي. ان ڪري، جڏهن به ڪنھن لفظ جو اڀياس ڪجي ٿو ته نه رڳو ان لفظ ۽ ان ۾ آيل تبديليءَ جي تاريخ جو اڀياس ٿئي ٿو، پر لفظ سان ڳنڍيل معنائن ۽ معنائن ۾ آيل تبديلين جي تاريخ جو مطالعو به ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪو به لفظ، پنھنجي ليکي ئي ٺھيل نه آهي، پر ان جو به هڪ پس منظر آهي. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي، لفظ ۽ ان ۾ سمايل خيال جي حوالي سان لکي ٿو:
”ٻوليءَ ۾ جيڪي لفظ ڪم اچن ٿا، سي ڌڪيبازيءَ تي ٺھيل ڪنھن، پر هر هڪ لفظ ۾ ڪو نه ڪو خيال سمايل آهي ئي آهي ۽ جيستائين اهو نه جهٽبو، تيستائين لفظ جي پوري معنى ڪرڻ به وقتي مشڪل ٿي پوندي.“(1)
لفظن ۾ ڪو خيال ڪھڙيءَ ريت سمايل آهي، ان ۾ ڪھڙي ڪھڙي تبديلي آئي آهي، اهو خيال ڪھڙن مسئلن، مامرن ۽ مونجهارن منجهان گذريو آهي، اهو هڪ انتھائي دلچسپي جوڳو اڀياس آهي، ڇاڪاڻ ته ان منجهان ٻوليءَ جي تاريخ جو جڙڻ به مطالعي هيٺ اچي ٿو.
جيڪڏهن ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڳالهايل ۽ لکيل لفظ، ۽ ان جي معنى سمايل ۽ سمجهيل آهي، ته ماڻهو ان لفظ جو مفھوم ڄاڻي سگهندو؛ ٻي حالت ۾ اهو لفظ ڪنھن به معنى ۽ مفھوم کان سواءِ هوندو، پوءِ ڀلي ته ان ۾ ڪو مفھوم ئي سمايل هجي. ان حالت ۾، اهڙو لفظ ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ڪو به تصور جوڙي نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته لفظ سان لاڳاپيل اهو تصور ماڻهوءَ جي ذهن ۾ ويٺل نه آهي. ان صورت ۾ ماڻهوءَ کي ڪنھن اهڙي ڪتاب جي ضرورت لازمي پوندي، جنھن ۾ اهو لفظ پنھنجي اُچار، نحوي حالت، ڪنھن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ متبادلن، معنائن، سمجهاڻين ۽ جملي ۾ استعمال وغيره سان گڏ موجود هجي، ته جيئن ان لفظ کي سمجهي سگهجي. اهڙي ڪتاب کي، جنھن ۾ لفظن بابت ڄاڻ گڏ ڪيل هجي، ’لغت جو ڪتاب‘ سڏيو ويندو آهي. ان ۾ موجوده وقت ۾، ٻوليءَ جا لفظ الف-بي جي ترتيب ۾ درج ڪيا وڃن ٿا، ته جيئن ڪنھن به لفظ کي سولائيءَ سان ڳولي، ان جي داخلا کي پڙهِي ۽ مفھوم کي پوريءَ طرح سمجهي سگهجي.
لغت جي ڪتاب کي، ’حوالاجاتي ڪتاب‘ (Reference Book) جي حيثيت حاصل آهي. هي ان قسم جا ڪتاب هوندا آهن، جن کي ضرورت آهر ۽ وقت بوقت مطالعي هيٺ آندو ويندو آهي ۽ گهڻي عرصي تائين ڪارآمد هوندو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا لکي ٿو:
’لغات اهو بنيادي حوالن لاءِ تيار ڪيل ڪتاب يا مواد آهي، جنھن ۾ ڪنھن به ٻوليءَ ۾ مروج/رائج لفظن کي الف-بي وار گڏ ڪري انهن لفظن جي اچارن، تلفظ، لفظن جي لکڻ لاءِ هِجي (Spelling)، انهن لفظن جي معنائن، مفھوم، سمجهاڻي، ڌاتن، بنيادي صورتن، صيفن [صيغن] ۽ اشتقاقن کان سواءِ، جملن، فقرن، اصطلاحن، پھاڪن، چوڻين، شعر و شاعريءَ کان سواءِ، اُنهن جو خطي وار استعمال، مفھوم ۽ ڪارج سمجهايل هجي.‘(2)
’لغت‘ جا متبادل لفظ ۽ وصفون: ’لغت‘، اصل ۾، عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جيڪو عربيءَ ۾ ٻن معنائن ۾ ڪتب ايندو آهي يعني ”لفظ“ ۽ ’ٻوليءَ‘ جي معنى ۾ به، ته ڊڪشنريءَ جي معنى ۾ به. ان لفظ جي عربي صورتخطيءَ ۾ لکت هن ريت آهي:
’لُغَتۡه‘ (ل تي پيش، غ تي زبر ۽ ت ساڪن). لغت جي متبادلن ۾، مختلف ٻولين ۾ ڪي ساڳيا، ڪي ٿورو گهڻو فرق سان اچار رکندڙ، ته ڪي ٻيا به لفظ موجود آهن. ’لغت‘ جي متبادل مروج لفظن ۾، سنسڪرت ۾ ’ڪوش‘ (कोश)؛ هنديءَ ۾ ’شبدۡڪوش‘ (शब्दकोश) ۽ ’شبد ساگر‘، مراٺيءَ ۾ ’شبدَڪوش‘ (शब्दकोश)، نيپاليءَ ۾ ’سبدڪوش‘(3)، فارسيءَ ۾ ’فرهنگ‘ ۽ ’لغت نامه“، سرائيڪيءَ ۾ ’اکري تُڪ‘(4)؛ پشتو ۾ ’دلغاتو ڪتاب‘ (du logato ketab)(5)، پنجابيءَ ۾ ’لغت‘ ۽ ’لغات‘(6)؛ انگريزيءَ ۾ ’Dictionary‘ (ڊڪشنري)؛ لاطينيءَ ۾ ليڪسِڪن (lexicon)، ٿيسارس (thesaurus)، ٿيسارم (thesaurum)، ٿينسارم (thensaurum)، ۽ ٿينسارَس (thensaurus)، فرانسيسيءَ ۾ ’ڊڪشنيَه‘ (dictionnaire)، يونانيءَ ۾ ’ڊيڪسيڪو‘ (Λεξικό)، اٽئليَن ۾ ’ڊڪشنَرِيو‘ (Dizionario)، ’ووڪيبولريو‘ (vocabolario) ۽ ’ليسيڪو‘ (lessico)، اسپينيءَ ۾ ’ڊِڪسنَرِيو‘ (Diccionario)، ۽ ترڪيءَ ۾ ’سوزلُچ‘ (Sözlük) شامل آهن. اردوءَ ۾، عربي ٻوليءَ مان کنيل ’لغت‘، ’لغات‘، ’قاموس‘ ۽ فارسيءَ مان ورتل ’فرهنگ‘ پڻ مروج آهن. پاڪ-هند جي ڪيترين ئي ٻولين ۾ انهن اصطلاحن(7) مان ’لغت‘، ’لغات‘، ’ڊڪشنري‘ (Dictionary)، ’ڪوش‘ ۽ ڪنھن قدر ’فرهنگ‘ مروج آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻو مروج اصطلاح ’لغت‘ ۽ ’ڊڪشنري‘ آهن، جڏهن ته ’لغات‘، ’ڪوش‘، ’فرهنگ‘ پڻ ڪجهه قدر ڪتب آندا ويا آهن. لغت جي مفھوم ۾، ’شبداولي‘، ’سُوچي‘، ’فھرست‘، ’نام مالها‘، ’لفظيات‘، ’سنگرهه‘(8)، ’شبد ڀنڊار‘(9)‘، ’شبد ساگر‘، ’اکر پَٽي‘(10) ۽ ’ٻولَسُڌ‘(11) به ڪتب آندا ويا آهن.
هيٺ، مختلف لغتن ۾ آيل ’لغت‘ ۽ ان جي مختلف وصفن، مترادفن، متبادلن ۽ سمجهاڻين کي درج ڪجي ٿو، جنھن سان ان لفظ جي ڪُشادي (vast) مفھوم کي سمجهي سگهبو.
لُغتِ : عربي ٻوليءَ جِي ضخيم لغت ”لاروس: المعجم العربي الحديث“ ۾، لغت جي وصف هن ريت ڏني وئي آهي:
”اللغة: اصوات يُعبر بھا ڪل قوم عن اغراضھم اَو هُوَ الڪلام المصطلح عليه بين ڪل قبيلة. ج: لغى و لغات و لُغُون. علم اللغة: معرفت اوضاع المفردات.“(12)
(لغت: اهي آواز جن جي ذريعي هر قوم پنھنجو غرضَ بيان ڪندي آهي يا هر هڪ قبيلي جو اصطلاحي لفظ. ج: لغى و لغات و لُغُون. علم لغت: مفردات جي ڄاڻ.)
مشھور عربي-اردو لغت ”المنجِد“(13) ۾، ’لغت‘ جي معنى ۾ لکيل آهي:
”اللُغـﺔُ: هر قوم کا اپنا مصطلح کلام ۔ ج ۔ لغيً و لغات و لُغُون۔ برائے نسبت لُغَوِيّ۔ علم اللغته۔ علم معرفت اوضاعِ مفردات۔ کتب اللغته۔ علم لغت کي کتابيں۔ اهل اللغته۔ فنِ لغت کے ماهرين کبھي ’علم اللغته‘ سے تمام علومِ عربيه مراد ليتے هيں۔” (14)
ڊاڪٽر ف. عبدالرحيم ’لغت‘ بابت لکي ٿو:
’’يه عربي لفظ هے ليکن عربي ميں اس کے معني زبان کے هيں، جيسے ’اللغـﺔ العربيـﺔ‘ يعني عربي زبان ’اللغـﺔ الاءنکليزيـﺔ‘ انگريزي زبان۔ الفاظ کي تحقيق پر مشتمل کتابوں کو عربي ميں ’کتب اللغـﺔ‘ کهتے هيں. اس قسم کي بعض کتابيں بهت مشهور هيں جيسے الکامل للمبرد، فصيح ثعلب، الامالي للقالي وغيره. يه کتابيں ڈکشنرياں نهيں هيں، ان ميں چيده چيده الفاظ پر بحث هوتي هے، يه الفاظ جن قصيدوں ميں آئے هيں ان کو بھي پيش کيا جاتا هے، ان کے معاني و مطالب کو ثابت کرنے کے ليے قرآني آيات، احاديث شريفه، کلامِ عرب وغيره سے استدلال کيا جاتا هے۔‘‘ (15)
پروفيسر غلام حسين جلباڻي، ’عربي-سنڌي لغت‘ ۾، لغت جي وصف ۾ لکي ٿو:
”لُغَـة ج لُغًي و لُغَات: اکر. هر هڪ قوم جي ٻولي، جنھن سان هو پنھنجي خيالن جو اظھار ڪري سگهي. اول درجي جي زبان.“(16)
گيانچند جين لکي ٿو: ”عربي لغت کے معني لفظ بھي هيں اور ڈکشنري بھي۔ موخرالذکر مفهوم ميں لغت کي جمع لغات کو زياده استعمال کيا جاتا هے۔“ (17)
مشھور آن لائين (online) لغت ”Wiktionary“ جي، اردو ٻوليءَ ۾ جوڙيل ڀاڱي ’آزاد لغت‘ ۾، ’لغت‘ جون هيٺيون ٽي معنائون ڏنيون ويون آهن:
1. (کسی زبان کا) لفظ، (عموماً) وہ لفظ جس کے معنی متعین اور قابل اندراج ہوں۔
2. کسی زبان کے وہ اصوات وہ کلمات جن کے ذریعے آدمی اپنا مطلب ادا کرے، بولی، زبان۔
3. (کسی زبان) لفظوں کی فرہنگ جو حروف تہجی وغیرہ کی ترتیب سے مرتب کی گئی ہو، ڈکشنری۔(18)
اهي ٽيئي سمجهاڻيون گهڻي قدر واضح آهن ۽ لغت جي مفھوم کي ذهن نشين ڪرائيندڙ به آهن. انهن منجهان معلوم ٿئي ٿو ته لغت مقرر معنائن وارن لفظن کي چئجي ٿو، لغت ٻوليءَ جو مترادف آهي ۽ لغت الف-بي وار درج ڪيل لفظن جي ڪتاب کي به چئبو آهي.
سيد عبدالرشيد التتويءَ جي مؤلف ڪيل عربي-اردو لغت ’منتخب اللغات‘(19) ۾، ’لغت‘ جي مختصر وصف هن ريت ڏنل آهي: ”لُغَتْه: (ل مضموم، غ مفتوح، ة موقوف) آوازيں اور کلمے جس سے لوگ اپنے مقاصد کي تعبير کرتےهيں، لُغَات جمع هے۔“ (20)
جان ٽِي. پليٽس (John T.Platts) جي ڊڪشنري ”A Dictionary of Urdu, Classical Hindi And English“ (ڊڪشنري آف اردو، ڪلاسيڪل هِندي ائنڊ انگلش) ۾، ’لغت‘ جون هيٺيون معنائون آندل آهن:
“A word, vocable; speech, language, tongue, dialect, idiom; nomenclature; dictionary, vocabulary, glossary, a form or mode of writing and pronouncing a word.”(21)
(لغت: لفظ، ڳالهائي سگهڻ جوڳو؛ گفتگو، ٻولي، زبان، لھجو، اصطلاح؛ ورجيس؛ ٽيڪنيڪي لفظ، ڊڪشنري، وڪيبيلري، گلاسري، لفظ کي لکڻ ۽ اُچارڻ جو طريقو يا قسم.)
انجمن ترقي اردو (هند) نئين دهلي، جي جوڙيل ”اردو- ھندي ڊڈکشنري“ ۾ ’لغت‘ جي ٽن قسمن جي معنائن ۾ هي مترادف ڏنل آهن: 1. شبد، ويکت (‎Vyakt)، لفظ. 2.بھاشا، بولي، زبان. 3. شبد کوش، ڈکشنري (22). جڏهن ته، ’فرهنگ‘ جي معنائن ۾ هي مترادف ڏنل آهن: 1. بدھي (Bud,dhi)، سمجھ، عقل. 2. شبد کوش، لغات. (23)
اردو سائنس بورڊ جي لغت ”قاموسِ مترادفات“ ۾، ’لغات‘ جي ڏنل مترادفن ۾ ”1. الفاظ، 2. ڈکشنري۔ فرهنگ۔شبد کوش۔ قاموس“ ۽ ’لغت‘ جي مترادفن ۾ ”1. لفظ۔ شبد، 2.زبان۔ بولي۔ بھاشا۔ بھاکھا، 3. ڈکشنري۔ فرهنگ۔ شبد کوش۔ قاموس“ شامل آهن(24)، يعني ڊڪشنري وغيره جي معنى ۾ ’لغت‘ ۽ ’لغات‘ ٻئي، واحد طور، ڄاڻايل آهن. ”فرهنگ فارسي“ ۾، ’لغت‘ جون معنائون ”بولي، زبان (ج: لغات)“ ڏنل آهن.(25)
ڊاڪٽر ايس. ڊبليو. فيلن ”اَ نيو هندوستاني-انگلش ڊڪشنري“ ۾، ’لغات‘ جي وصف ۾ لکي ٿو:
A لغات n. f. Gr. logos, pl. of لغت word. A dictionary; lexicon (kosh). Lughat tarashna, ya gharna, To coin big words.(26)
(A [عربي جو مخفف] لغات اسم. مؤنث. يوناني لوگوس، ’لغت‘ جو جمع. ڊڪشنري؛ ليڪسِڪن (ڪوش). لغت تراشنا يا گھڑنا، وڏا لفظ گهڙڻ.)
مولوي نورالحسن نير جي جوڙيل اردو ٻوليءَ جي لغت ’نور اللغات‘ ۾، ’لغت‘ جي وصف ۾ لکيل آهي: ”لغت: (ع) کسي قوم کي زبان. اصطلاح ميں وه الفاظ جن کےمعني مشهور نه هوں. مذکر۔ بولي۔ زبان 2 لفظ 3 ڈکشنري۔“ (27)
شمس الرحمان فاروقي ’لغات روزمره‘ ۾، ’لغت‘ جي تفصيلي سمجهاڻيءَ ۾ لکي ٿو:
”اس لفظ کو ’لفظ‘ کے معني ميں بولتے هيں، اور ’فرهنگ يا ڈکشنري‘ کے معني ميں بھي بولتے هيں۔ دونوں معني ميں اسے مذکر يا مونث دونوں طرح بولا جاتا هے، ليکن اب زياده تر رجحان اس طرف هے که ’لفظ‘ کے معني ميں اسے محض مذکر اور ’فرهنگ يا ڈکشنري‘ کے معني ميں مونث يا مذکر بولا جائے، يعني ’فرهنگ‘ کے معني ميں اس کي بس آمد (Frequency) بطور مذکر يا مونث کم و بيش برابر هي برابر هے۔“ (28)
وڪيپيڊيا انسائڪلوپيڊيا جي اردو ويب سائيٽ ’آزاد دائرة المعارف‘ تي، ’لغت‘ جي وصف ۾ درج ڪيل آهي:
’’لُغت (dictionary ڈکشنری) ایک ایسی کتاب ہے جس میں کسی زبان کے الفاظ کو وضاحتوں، صرفیات، تلفّظات اور دوسری معلومات کے ساتھ بترتیبِ حروفِ تہجّی درج کیا گیا ہو یا ایک ایسی کتاب جس میں کسی زبان کے الفاظ اور کسی اور زبان میں اُن کے مترادفات کے ساتھ حروفِ تہجّی کی ترتیب سے لکھا گیا ہو (دو زبانی لغت).‘‘(29)
اردو ٻوليءَ ۽ ادب ۾، ’لغت‘ جي معنى ۽ مفھوم بابت، ڊاڪٽر ف. عبدالرحيم لکي ٿو:
’’اردو ميں يه لفظ ڊڈکشنري کے ليے بولتے هيں۔ ۔۔اردو ميں ’کتب لغته‘ کي عبارت ميں دو تبديلياں هوئيں، پهلي تبديلي لفظي هے که ’کتب لغت‘ ميں سے کتب کو حذف کر کے صرف لغته پر اکتفاء کيا گيا، اور اس کو تائے مفتوحه سے لکھا گيا۔ دوسري تبديلي معنوي هے که اس کے مفھوم ميں توسيع پيدا کر کے ڈکشنري پر اس کا اطلاق کيا گيا۔فارسي ميں بھي يه لفظ ڈکشنري کے معنوں ميں استعمال هوتا هے، ليکن لفظِ ’نامه‘ کي اضافت کے ساتھ يعني ’لغت نامه‘۔‘‘(30)
جارج شرٽ جي ’ڊڪشنري سنڌي-انگلش‘ ۾ ’لغت‘ جي معنى ’ڊڪشنري‘ درج ڪيل آهي.“(31) پرمانند ميوا رام جي ’سنڌي-انگريزي ڊڪشنريءَ‘ ۾ ’لغت‘ جون معنائون هن ريت آيل آهن: ”A dictionary. Speech, talk“(32) (يعني: لغت. اسپيچ (33)، ڳالهائڻ).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مؤلف ڪيل ’جامع سنڌي لغات‘ (ج.س.ل) ۾، ’لغت‘ جي معنى ۽ سمجهاڻي هن ريت ڏنل آهي:
”لُغَت ج لُغتُون: ث. (ع. لغُوَ = ڳالهائڻُ) ڪنھن قوم جي زبان ـــ هڪ ڪتاب جنھن ۾ ڪنھن ٻوليءَ جا لفظ سمجهاڻين، معنائن وغيره سميت درج ٿيل هجن ـــ فرهنگ ـــ ڪوشُ ـــ قاموس ـــ زُبان ـــ ٻولي ـــ ڀاشا ـــ ڊڪشنري ـــ اهي لفظ جن جي معنى مشھور نه هجي. لفظ ـــ شبد. وارتا ـــ وائِي ـــ چَؤوت ـــ چوپَچو ـــ چَؤٻولو.“(34)
پروفيسر سترامداس ’سائل‘ جي جوڙيل سنڌي لغت ’سائل ڪوش‘ ۾، ’لغت‘ جي وصف هن طرح ڏنل آهي: ”لُغَتِ: مو [يعني ”اسم مؤنث“] اهو ڪتاب جنھن ۾ الف بي وار لفظ، انهن جي هِجي ۽ انهن جون معنائون درج ٿيل هجن، فرهنگ، ڪوشُ.“(35)
’ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت‘ جي جوڙيندڙ مختيار احمد ملاح، ’لغت‘ جي تشريح ۾ گهڻي قدر، ”ويبسٽرس نيو ورلڊ ڪاليج ڊڪشنريءَ“ ۾ آيل ’Dictionary‘ واري تشريح ڏني آهي:
”عام مفھوم ۾ ’لغت‘ جي معنى آهي ’ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انهن جي معنى‘، پر اصطلاحي طور لغت ان ڪتاب کي چئبو آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جا ترتيب وار لفظ معنائن سميت ڏنل هجن، يا ائين چئجي ته اهو ڪتاب، جيڪو ڪنھن به زبان جي الف بي جي ترتيب سان مرتب ٿيل هجي، جنھن ۾ لفظن، فقرن جي معنى، اُچار، پھاڪا، چوڻيون، لفظن جي استعمال ۽ صرفي ۽ نحوي لاڳاپيل معلومات ڏنل هجي، يا اهو ڪتاب، جنھن ۾ ٻن ٻولين جي هم معنى لفظن جي معنى ڏنل هجي، مثال طور ’سنڌي-انگريزي‘ يا ’انگريزي-سنڌي لغت‘. لغت ڪنھن به مضمون جي اصطلاحن ۽ معنى ’الف-بي‘ جي ترتيب سان مرتب ٿيل هجي، مثال طور علم نباتات جي لغت، لائبريري ۽ انفرميشن سائنس جي لغت، وغيره وغيره.“(36)
سردار محمد خان جي جوڙيل ضخيم ٻه-جُلدِي ”پنجابي-اردو ڈکشنري“ ۾، لغت جي مترادفن طور ”1۔ لفظ۔ شبد۔ 2۔ لغات۔ ڊڈکشنري۔ شبدکوش۔“ ڏنا ويا آهن.(37)
’لغت‘ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جون ٽي معنائون آهن: (1) ”لفظ“ يعني ڪنھن به قوم، ملڪ، قبيلي وغيره جي ٻوليءَ جا بامعنى ٻولَ، (2) ”ٻولي“ يعني ڪنھن به ملڪ، قوم، قبيلي وغيره جي زبان، ۽ (3) ”ڊڪشنري“ يعني ڪوش، فرهنگ، ليڪسِڪن وغيره.
ڪوشُ: عربي ٻوليءَ جي لفظ ’لغت‘ جو مترادف، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ ’ڪوش‘ آهي، جيڪو سنڌي ۽ هندي ٻولين ۾ به مروج آهي. ’ڪوش‘ جي معنى ۽ سمجهاڻي ڏيندي، ڊاڪٽر فيلن ”اَ نيو هندوستاني-انگلش ڊڪشنريءَ“ ۾ لکي ٿو:
S ڪوش n. m. 1. Treasure. 2. (shabd-kosh) A dictionary, thesaurus. 3. The scrotum. Kosh-karta, n. m. A lexicographer. (38)
(S [يعني سنسڪرت جو لفظ] ڪوش n. m. [اسم. مذڪر] 1. خزانو. 2.(شبد-ڪوش) ڊڪشنري، ٿيسارس. 3. اسڪروٽَم ڪوش-ڪرتا، n. m. لغت نويس.)
جان ٽِي. پليٽس (John T.Platts) جي ڊڪشنري ’ڊڪشنري آف اردو، ڪلاسيڪل هِندي اينڊ انگلش‘ ۾، ’ڪوش‘ جي معنائن ۾ ”a vocabulary, dictionary, lexicon, thesaurus“ (وڪيبيُلري، ڊڪشنري، ليڪسِڪن ۽ ٿيسارَس) ڏنل آهن.(39)
’ڪوش‘ جي معنائن ۾، جهمٽمل نارومل وسڻاڻيءَ جي لغت ’وئتپتي ڪوش‘ ۾، ”ڪوشَ (پردو) = ڪوش-ڪوٿري-ڪوٿرو-ڳوٿري-ڳوٿرو“ ڏنل آهي(40)، جن مان ڪا به معنى ’لغت‘ جو متبادل نه آهي، البت ’ڪوش‘ جو لفظ ورجايل آهي. جارج شرٽ جي ’ڊڪشنري سنڌي انگلش‘ ۾، ’ڪوشُ‘ جي معنى ’ڊڪشنري‘ ڏنل آهي (41). پرمانند ميوا رام جي ’سنڌي انگريزي ڊڪشنريءَ‘ ۾ به ’ڪوشُ‘ جي معنى ’ڊڪشنري‘ ڏني وئي آهي (42). ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي پنھنجي جوڙيل لغت ’تحقيق لغات سنڌي‘ ۾ ’ڪوش‘ جو سنسڪرت ۾ ڌاتو ”ڪوشَ“ ڄاڻايو آهي، جنھن جا مترادف ’لغت، پردو، کوپو‘ ڏنا ويا آهن(43). پروفيسر سترام داس ’سائل‘ جي سنڌي لغت ”سائل ڪوش“ ۾، ’ڪوش‘ جا متبادل: ”ڍڪ، پوش. خزانو. کوپو. کِپَ، مياڻ، نيام. لغت، فَرهنگ. ڪف، آستين“ ڏنل آهن(44). ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي جوڙيل ’سنسڪرت-سنڌي لغت‘ ۾ ’ڪوش‘ جي ’لغت‘ طور ڪا معنى ڏنل نه آهي، البت ٻه معنائون ”ٿانءُ، پيالو“ ڏنيون آهن(45). پروفيسر فھميده چنا جي ’سنسڪرت-سنڌي لغت‘ ۾، ’ڪوش‘ جون معنائون ”صندوق، ٿانءُ، ڍَڪُ، پوشُ، جَهلي، خزانو، ذخيرو“ ڏنل آهن(46)، جيڪي پڻ ’لغت‘ جو سڌو مفھوم نه ٿا ڏين.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي جوڙيل، ”نئين جامع سنڌي لغات“ ۾ ’ڪوش‘ جون معنائون هيٺينءَ ريت ڏنيون ويون آهن:
”ڪوشُ ج ڪوشَ: ذ. (سن. ڪوشهۡه = خزانو وغيره) لُغت فرهنگ (سن. ڪوشَ = ڍڪ) کوپو - ڍڪُ - پڙدو - پوش. تلوار جو کوپو - مياڻ - نِيام. پھراڻ جو ڪَفُ - آستين. چمڙي جي وڏي ٻوڪ يا ٻوڪو (ڪ) اسم خاص). بلوچن جي هڪ قبيلي ۽ پاڙي جو نالو.“(47)
ڊاڪٽر بلوچَ مٿين معنائن ۾ ’ڪوش‘ جي ٻن ڌاتن موجب، ان جون معنائون ڏنيون آهن، جن مان ’لغت ۽ فرهنگ‘ اسان جي موضوع سان ٺھڪندڙ آهن.
مختيار احمد ملاح جي مؤلف ڪيل ’ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت‘ ۾ ’ڪوش‘ جو انگريزي مترادف ’Glossary‘ ڏنل آهي، جنھن جي تشريح هن ريت آندل آهي:
”ڪوش (Glossary): الف-ب جي ترتيب سان اهڙن لفظن، فقرن، نالن جي لسٽ جيڪي ڪتاب، مضمون يا پيپر وغيره ۾ وضاحتي معلومات سان ڏنا ويا هجن. ڪڏهن ڪوش ڪتاب يا پيپر جي آخر ۾ ڏنو ويندو آهي ۽ ڪڏهن الڳ ڪتابي صورت ۾ به شايع ڪيو ويندو آهي. ڪوش، لغت جي معنى ۾ به ڪم اچي ٿو جيئن: سامي [ڌاتو] ڪوش، وئتپتي ڪوش وغيره.“(48)
اردو لغت، ’نور اللغات‘ ۾ ’ڪوش‘ کي ”هندي زبان کي لغت“ لکيو ويو آهي(49)، جنھن مان ان لفظ جو محدود مطلب نڪري ٿو.
سر مونير مونير-وِليمس(50) جي جوڙيل ضخيم ’سنسڪرت-انگلش ڊڪشنريءَ‘ ۾، ’ڪوش‘ جون اڌُ کن صفحي تي مشتمل انيڪ وصفون ۽ مشتق لفظ ڏنل آهن، جن ۾ ’ڪوش‘ مان جڙندڙ ٻيا لفظ ۽ انهن جون معنائون به آندل آهن، جن مان ’لغت‘ جي معنى جي حوالي سان لکيل معنى هتي ڏجي ٿي:
“कोश kósa, a dictionary, lexicon or vocabulary; a poetical collection, collection of sentences & c. [= cases]” (51)
(ڪوش: ڊڪشنري، ليڪسِڪن يا وُڪيبيَلري؛ شاعراڻي سھيڙ، جملن ۽ حالتن جي سھيڙ.)
’ڪوش‘ جي مختلف وصفن ۽ سمجهاڻين ۾ واضح آهي ته ’ڪوش‘ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جا مترادفَ لغت، فرهنگ، خزانو، ذخيرو، ڊڪشنري، ٿيسارس، وڪيبيُلري، ليڪسِڪن، گلاسري، وغيره آهن.
لغت نامه ۽ فرهنگ: ’لغت‘ ۽ ’ڪوش‘ جا فارسي ٻوليءَ ۾ مترادف لفظ ’لغته نامه‘ ۽ ’فرهنگ‘ آهن. فارسيءَ ۾ ’نامه‘ ڪنھن ٻئي لفظ سان گڏجي اچي، ته ان جي معنى ’ڪتاب‘ ٿيندي آهي؛ ان ڪري ’لغته نامه‘ جي لغوي معنى ’لغت جو ڪتاب‘ ٿيندي. فارسي لغت ’فرهنگ فارسي عميد‘ ۾ ”فرهنگ“ جي معنى هن ريت ڏني وئي آهي:
’’فَرهَنگ- اسم. فرهنج: علم، دانش، ادب، معرفت، تعليم و تربيت. آثار علمي و ادبي يک قوم و ملت. ونيز بمعني کتاب لغت، کتابي که شامل لغات يک زبان و شرح آنها باشد.‘‘(52)
(فرهنگ¬- اسم. فرهنج: علم، دانش، ادب، معرفت، تعليم ۽ تربيت، ڪنھن هڪ قوم جا علمي ۽ ادبي آثار، هڪ ٻوليءَ جي لغت ۽ ان جي تشريح تي مشتمل ڪتاب.)
جان ٽِي. پليٽس جي مؤلف ڪيل ”ڊڪشنري آف اردو، ڪلاسيڪل هِندي اينڊ انگلش“ ۾، ’فرهنگ‘ جون معنائون ”a dictionary, a lexicon, a vocabulary, glossary“ (ڊڪشنري، ليڪسِڪن، وڪيبيُلري ۽ گلاسري) ڏنيون ويون آهن(53).
اردو لغت ’نور اللغات‘ ۾، ’فرهنگ‘ جون ٽي وصفون هن طرح ڏنل آهن:
’’فَرهَنگ (ف۔ اصل ميں فروهنگ۔ هوش) مونث 1. کتاب لغات فارسي جس ميں تحقيق الفاظ و معاني کي هو جيسے فرهنگ جهانگيري، فرهنگ رشيدي 2. اردو ميں مطلق لغت کے معني ميں مستعمل هے 3. دانائي۔ دانس [دانش]۔عقل۔ سمجھ۔‘‘(54)
’فرهنگ‘ جي سمجهاڻي ’پنجابي اردو ڈکشنري‘ ۾ هن ريت درج ڪيل آهي: ’’فرهنگ: (مذ) = وه کتاب يا اس کا حصه جس ميں اصل کتاب کے مشکل الفاظ کے معني هو۔ کنجي۔‘‘ (55) هن وصف ۾ ’لغت‘ جو هڪ مترادف لفظ ’ڪنجي‘ ڏنل آهي، جنھن جي مختلف معنائن ۾ ”سمجهاڻي ۽ شرح“ به شامل آهن. ’ڪنجي‘ جيئن ته اسم عام آهي، جنھن جي رواجي معنى ڪلف کي کوليندڙ مخصوص اوزار جي آهي، ان ڪري ان کي ’لغت‘ جي مترادف طور ڪتب آڻڻ نه گهرجي. ’فرهنگ فارسي‘ ۾، ’فرهنگ‘ جون معنائون ’’بزرگي، ادب، مجازاً لغت کي کتاب‘‘ ڏنل آهن.(56)
پرمانند ميوا رام جي ’سنڌي-انگريزي ڊڪشنريءَ‘ ۾ ’فرهنگ‘ جون معنائون ”وڪيبيلري ۽ گلاسري“ (vocabulary, glossary) ڏنيون ويون آهن.(57)
’فرهنگ‘ جي معنى ’نئين جامع سنڌي لغات‘ ۾ هيءَ آيل آهي:
”فَرهَنۡگَ ج فَرۡهَنۡگون: ث. (ف). ڄاڻ ۽ دانائي. لفظن جي معنى جو ڪتاب - لغت.“(58)
’لغته نامه‘ ۽ ’فرهنگ‘ فارسي ٻوليءَ جا لفظ آهن. ’لغته نامه‘ جي معنى ’لغت جو ڪتاب‘ آهي ۽ ’فرهنگ‘ جون معنائون ”ڊڪشنري، ليڪسڪن، وڪيبيُلري، گلاسري ۽ لفظن جي معنى جو ڪتاب“ آهن.
قاموس: ’قاموس‘ عربي ٻوليءَ جي لفظ ’اَلقماسُ‘ مان ورتل آهي. ’القماس‘ جي وصف، عربي-اردو لغت ”المنجد“ ۾ هنن لفظن ۾ ڏني وئي آهي:
’’القماس: سمندر، بڑا اور گهرا سمندر ج؛ قَوامِيسُ۔ لغت عربي ميں ايک کتاب کا نام، موجوده زمانه ميں هر ڈکشنري کو قاموس کها جاتا هے، گويا يه مُعجَم اور کِتابُ اللُّغتِه کے مترادف هے۔‘‘(59)
’تشريحي لغت‘ ۾، ’قاموس‘ جا، ٽن قسمن جا مترادف ڏنا ويا آهن:
’’1. بحر، سمندر، ساگر، يم، محيط۔ 2. لُغت۔ لُغات۔ فرهنگ۔ شبدکوش۔ شبد ساگر۔ 3.دائرة المعارف۔ مخزن العلوم۔ انسائيکلوپيڈيا۔”(60) ’منتخب اللغات‘ ۾ ان جي معنائن ۾ ’’دريا، دريا ميں بهت گهري جگه، دريا کا بهت پاني، لغت ميں محمد بن يعقوب کي تاليف کرده ايک مشهور کتاب کا نام‘‘ لکيون ويون آهن(61)
جڏهن ته مولوي عبدالحق جي مؤلف ڪيل ’انجمن کي اردو-انگريزي لغت‘ (Anjumman’s Urdu-English Dictionary) ۾، ’قاموس‘ جا مترادف ”Arabic lexicon; a dictionary“ (عربي ليڪسِڪن؛ ڊڪشنري) ڏنل آهن. (62)
’عربي-سنڌي لغت‘ ۾، ’قاموس‘ جي معنى هن ريت سمجهايل آهي:
”قاموس ج قواميس: سمنڊ. لغت. علامه مجدالدين فيروز آباديءَ جو علم لغت ۾ هڪ مشھور ڪتاب. موجوده زماني ۾ هر لغت جي ڪتاب کي قاموس چوندا آهن“(63)
قاموس عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جيڪو لغت جو مترادف پڻ آهي. هي لفظ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ مستعمل رهيو آهي، البت سنڌي ٻوليءَ ۾ غير مروج آهي.

نتيجو: ٻولي انسانن جي وچ ۾ رابطن جو هڪ مکيه ۽ ضروري وسيلو آهي. ٻوليءَ کان سواءِ انسان پنھنجن خيالن، جذبن، احساسن، امنگن، ڪيفيتن ۽ ڪرتن جي اظھار کان وانجهيل رهجي وڃي ٿو. ٻولي، لفظن تي مشتمل ٿئي ٿي، جن کي الڳ الڳ معنائون ٿين ٿيون جيڪي هڪ پس منظر رکن ٿيون. اهو تمام ڏکيو آهي ته ڪنھن به ٻوليءَ ۾ مروج توڙي غيرمروج ٿي ويل لفظن ۽ انهن لفظن جون معنائون، اها ٻولي ڳالهائيندڙ ڪن خاص فردن يا گهڻن ماڻهن کي اينديون هجن، ان ڪري هڪ اهڙي ماخذ/ڪتاب جي گهرج اڻٽر آهي، جنھن ۾ ٻوليءَ جي سمورن لفظن ۽ انهن جي معنائن کي لکيو وڃي ته جيئن نه صرف وقت سر انهن لفظن ۽ سندن معنائن کي ڄاڻي سگهجي، پر ٻوليءَ جي سمورن لفظن جو رڪارڊ به رکي سگهجي. اهڙي ماخذ کي ”لغت“ چئجي ٿو، جنھن جا مختلف ٻولين ۾ مختلف متبدل مروج آهن، جھڙوڪ: ڊڪشنري، فرهنگ، ڪوش، قاموس، ليڪسڪن، وڪئبيلري، گلاسري وغيره. ”لغت“ جي مختلف انگريزي، لاطيني ۽ يوناني ٻولين ۾ مروج اصطلاحن کي ليکڪَ پنھنجي هڪ ٻئي مقالي ۾ ڇنڊڇاڻ هيٺ آندو آهي، جيڪو ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي. انهن اصطلاحن مان سنڌي ٻوليءَ ۾، ”لغت، لغات، ڪوش ۽ ڊڪشنري“ مروج رهيا آهن. لغت جي جوڙيندڙ کي ”لغت نويس“ چئجي ٿو، جنھن کي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”Lexicographer“ چئجي. وقت گذرڻ سان ”لغت نويسيءَ جي علم“ (Lexicography) پڻ ترقي ڪئي آهي ۽ لغتن جا مختلف قسم پڻ جڙيا آهن ۽ لغت جوڙڻ واسطي رهنما اصول ۽ ضابطا عمل هيٺ آيا آهن، جن تي عمل ڪري ڪنھن به ٻوليءَ جي مختلف قسمن جي لغتن کي جوڙي سگهجي ٿو. هڪ ٻيو اصطلاح ”ليڪسِڪالجي“ (Lexicology) پڻ مطالعي هيٺ آڻڻ ضروري آهي، جنھن ۾ ’لفظن جي بنياد، ساخت، اشتقاق، تاريخ ۽ معنى‘ کي مطالعي هيٺ آندو ويندو آهي. ليڪسِڪالجي لفظن، انهن جي بنياد ۽ منجهن سمايل معنائن ۽ انهن معنائن جي ورتاءَ جو اڀياس آهي.




حوالا/ وضاحتون ۽ مددي ذريعا
(1) آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ٻولي ۽ تھذيب: تاريخ جوڙڻ جي نئين واٽ (مضمون)؛ ڪتاب: ”سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون“ (جلد:I)، مرتب: ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو؛ حيدرآباد، سنڌي لئنگويج اٿارٽي؛ ڇاپو پھريون 2007ع، ص 34.
(2) الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: مقدمو؛ ”لغات سنڌي مخففات“، ليکڪ: مخدوم محمد زمان طالب المولى. ڄامشورو/حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ؛ ڇاپو پھريون 1991ع، ص: ث-پ.
(3) سبد = شبد = لفظ.
(4) سرائيڪي ۾، لغت کي ’اکر ليک‘ ۽ ’اکر ڌڻ‘ به چئجي. جڏهن ته، لغت تراش ۽ لغتدان کي ’اکرِيتڪي‘ چئجي.
(5) دو = ٻه + لغاتو = ٻن ٻولين وارو + ڪتاب: معنى ٻن ٻولين وارو ڪتاب، اصطلاحي طور اهو ڪتاب جنھن ۾ ٻن ٻولين جا لفظ ۽ معنائون هجن.
(6) پنجابيءَ ۾ ’لغات‘ اسم جمع بدران، اسم واحد طور مروج آهي. ڏسو: سردار محمد خاں: پنجابي اردو ڈکشنري (جلد دوئم)؛ سچل اسٹوڈيوز-پاکستان پنجابي اردو بورڈ، لاهور؛ پهلي اشاعت 2009ء، ص 2898.
(7) اصطلاح جو لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن معنائن ۾ هلندڙ آهي: 1. ڪنھن به ڌنڌي، ڪم يا فن جو لفظ، ورجيس. 2. ٻوليءَ جي محاوري وارو لفظ، جنھن سان عام طور مصدر لڳندي آهي، ۽ رواجي معنى کان سواءِ ٻِي ڳُجهي معنى به ڏيندو آهي. اصطلاح کي ’لفظن جي جوڙ’ طور پڻ واهپي هيٺ آندو وڃي ٿو.
(8) ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي هي لفظ ڪتب آندو آهي. ڏسو: سمپادڪ جي قلم مان، ڪتاب ”سنڌي پھاڪا ۽ محاورا“، ليکڪ: سنتداس پنھون مل ڪشناڻي، ڇاپو 1993ع
(9) پروفيسر سترامداس ’سائل‘ پنھنجي جوڙيل لغت ”سائل ڪوش“ [2009، ص 365] ۾، ’فرهنگ‘ جي مترادفن ۾ هي لفظ ڪتب آندو آهي.
(10) هي اصطلاح گهڻي ڀاڱي شاهه لطيف ۽ ٻين ڪلاسيڪي توڙي پوئين دور جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڪتب ايندڙ اهنجن لفظن جي معنائن مٿان، سندن ”رسالن“ ۾ عنوان طور ڪتب آندو ويو آهي. هن نالي سان هڪ سنڌي لغت به ڇپيل آهي.
(11) ٻرڙو، محبت، ڊاڪٽر: انسائڪلوپيڊيا سنڌيڪا (ٿوري ڄاڻ سڃاڻ) (مضمون)؛ روزاني ’هلال پاڪستان‘ ڪراچي، 16 آگسٽ 1991ع
(12) الجُر، خليل، ڊاڪٽر: لارُوس: المعجم العربي الحديث؛ پيرس: مَڪتبة لاروس؛ 1973ع، ص: 1037
(13) ”المنجد“ عربي ٻوليءَ جي معروف لغت آهي جيڪا لُويس معلُوف جي مرتب ڪيل آهي. اها دارالمشرق بيروت [لبنان] مان 577هه [1181ع] ۾ ڇپي. هن عربي-اردو المنجد تي، مرتب جو نالو ڇپيو نه ويو آهي.
(14) المنجد عربي اردو؛ کراچي: دارالاشاعت؛ اشاعت جولائي 1975ء، ص: 926
(15) عبدالرحيم، ف، ڈاکٹر: پرده اُٹھادوں اگر چهرۀ الفاظ سے...، لاهور، کتاب سرائے؛ اشاعت دوم 2016ء، ص: 130
(16) جلباڻي، غلام حسين، پروفيسر: عربي-سنڌي لغت (ڀاڱو ٻيو)؛ ڄامشورو، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڇاپو پھريون 1990ع، ص: 1240
(17) جين، گيانچند: علم اللغات اور لفظ اصليات. کتاب ’’اردو لغات: اُصول اور تنقيد‘‘، مرتب: رؤف پاريکھ؛ کراچي، فضلي سنز، 2014ع، ص 11
(18) https://ur.wiktionary.org/wiki/%D9%84%D8%BA%D8%AA (Assessed on 8-08-2018)
(19) هيءَ لغت، اصل عربي-فارسيءَ ۾ لکيل آهي. موجوده لغت ۾، ان کي عربي-اردو لغت بڻايو ويو آهي.
(20) التتوي، سيد عبدالرشيد بن عبدالغفور الحسيني المدني: منتخب اللغات؛ نئي دهلي، قومي کونسل برائے فروغ اردو زبان؛ پهلي اشاعت 2011ء، ص 610
(21) Platts, John T.: A Dictionary of Urdu, Classical Hindi And English, Lahore, Urdu Science Board, 1st Ed. 2005, P. 958
(22) اردو-هندي ڊڈکشنري؛ نئي دهلي، انجمن ترقي اردو (هند)؛ پينتيسويں اشاعت 2015ء، ص: 499
(23) ايضاً، ص: 430
(24) سرهندي، وارث: قاموسِ مترادفات؛ لاهور، اردو سائنس بورڈ؛ طبع چهارم 2017ء، ص: 943
(25) رفيع محمد، مولانا اور مولوي حکيم ابوالفضل محمد فاضل: فرهنگ فارسي؛ کراچي: دارالاشاعت، اشاعت اول جنوري 1990ء، ص: 618
(26) Fallon, S. W., A New Hindustani-English Dictionary, 1st Ed. 1879, P. 1045
(27) نير، نورالحسن، مولوي: نور اللغات (دوئم)؛ اسلام آباد، نيشنل بک فائونديشن ؛طبع سوم 2006ء، ص: 1357
(28) فاروقي، شمس الرحمان: لغات روزمره؛ کراچي: آج کي کتابيں، اشاعت چهارم 2012ء، ص: 286
(29) https://ur.wikipedia.org/wiki/%D9%84%D8%BA%D8%AA (Assessed on 8-08-2018)
(30) عبدالرحيم، ف، ڈاکٹر: پرده اُٹھادون اگر چهرۀ الفاظ سے...، لاهور، کتاب سرائے؛ اشاعت دوم 2016ء، ص: 130۔131
(31) Shirt, George: Dictionary Sindhi-English, 1st Ed. 1879, P. 736
(32) ميوا رام، پرمانند: سنڌي-انگريزي ڊڪشنري؛ ڄامشورو: سنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي؛ ڇاپو ٽيون 1991ع، ص: 509
(33) ’اسپيچ‘ (Speech) جون انيڪ معنائون، پرمانند جي جوڙيل لغت ”A New English-Sindhi Dictionary“ ۾ هي درج ڪيل آهن: ”ڳالهائڻ جي طاقت، ناطقَـﮧ؛ واڪُ، آلاءُ؛ وائي، ڪَھڻي، چوڻ، سُخن، ڪَلام، واڻي؛ زبان، ٻولي، باکا، ڀاشا؛ ڳالهه ٻولهه، ذِڪر، گفتگو؛ تقرير، وياکياڻَ؛ ڳالهائڻ (جو حرفُ).“ (ڇپائيندڙ: انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄامشورو؛ ڇاپو ٽيون 1994ع، ص: 348) انهن مترادفن ۾، لِيڪيل لفظَ، خاص ڪري، اسان جي موضوع سان لاڳاپيل آهن.
(34) بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر: جامع سنڌي لغات (جلد پنجون)؛ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ؛ ڇاپو پھريون 1988ع، ص 2502
(35) ’سائل‘، سترامداس، جڙياسنگهاڻي، پروفيسر: سائل ڪوش؛ حيدرآباد، ڪويتا پبليڪيشن؛ ڇاپو ٻيو جولاءِ 2009ع، ص: 458
(36) ملاح، مختيار: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ حيدرآباد، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي؛ ڇاپو پھريون مارچ 2015ع، ص: 304
(37) خاں، سردار محمد: پنجابي اردو ڈکشنري (جلد دوئم)؛ لاهور، سچل اسٹوڈيوز-پاکستان پنجابي اردو بورڈ؛ پهلي اشاعت 2009ء، ص: 2899
(38) Fallon, S. W., A New Hindustani-English Dictionary, 1st Ed. 1879, P. 958
(39) Platts, John T.: A Dictionary of Urdu, Classical Hindi And English, Lahore, Urdu Science Board, 1st Ed. 2005, P. 862
(40) وسڻاڻي، جهمٽمل نارومل: وئتپتي ڪوش؛ حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ؛ ڇاپو 1964ع، ص: 37
(41) Shirt, George: Dictionary Sindhi-English, 1st Ed. 1879, P. 647
(42) ميوا رام، پرمانند: سنڌي-انگريزي ڊڪشنري؛ ڄامشورو: سنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي؛ ڇاپو ٽيون 1991ع، ص: 431
(43) سنديلو، عبدالڪريم، ڊاڪٽر: تحقيق لغات سنڌي؛ ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو پنجون 1980ع، ص: 212
(44) ’سائل‘، سترامداس، جڙياسنگهاڻي، پروفيسر: سائل ڪوش؛ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد؛ ڇاپو ٻيو جولاءِ 2009ع، ص: 406
(45) ڌامراهو، بدر: سنسڪرت-سنڌي لغت؛ ڪنڊيارو، روشني پبليڪيشن؛ ڇاپو پھريون 2008ع، ص: 190
(46) چنا، فھميده، پروفيسر: سنسڪرت-سنڌي لغت؛ حيدرآباد، فيض فائونڊيشن؛ ڇاپو پھريون 2016ع، ص: 74
(47) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٻئو)؛ حيدرآباد، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو؛ ڇاپو پھريون 2005ع، ص: 1483
(48) ملاح، مختيار: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ 2015ع، ص: 287
(49) نير، نورالحسن، مولوي: نور اللغات (دوئم)؛ طبع سوم 2006ء، ص: 1084
(50) سر مونير-وليمس (Sir Monier Monier-Wiliams) (1919-1899ع) سنسڪرت ٻولي جو وڏو ڄاڻو ۽ لغت نويس هو، جنھن سنسڪرت کان انگريزي ٻوليءَ جي ضخيم ”A Sanskrit-English Dictionary“ جوڙي، جيڪا پھريون ڀيرو 1899ع ۾ ڇپي. ان جو پنجون عڪسي ڇاپو 1974ع ۾، اوڪسفرڊ يونيورسٽي پريس پاران ڇپيو، جيڪو ٽن ڪالمن ۾، سنهي ٽائپ ۾، ڊبل ڊيمي سائز ۾، 1333 صفحن تي مشتمل آهي.
(51) Monier-Wiliams, M. Sir: A Sanskrit-English Dictionary, England, Oxford University Press, Ed. 1974, P. 314
(52) عميد، حسن: فرهنگ فارسي عميد (جلد دوم)، تهران: مؤسسه انتشارات امير کبير، چاپ ششم 1364هه ش، ص: 1536
(53) Platts, John T.: A Dictionary of Urdu, Classical Hindi And English, Lahore, Urdu Science Board, 1st Ed. 2005, P. 780
(54) نير، نورالحسن، مولوي: نور اللغات (دوئم)؛ طبع سوم 2006ء، ص: 799
(55) خاں، سردار محمد: پنجابي اردو ڈکشنري (جلد دوئم)؛ پهلي اشاعت 2009ء، ص: 2186
(56) رفيع محمد، مولانا اور مولوي حکيم ابوالفضل محمد فاضل: فرهنگ فارسي؛ جنوري 1990ء، ص: 531
(57) ميوا رام، پرمانند: سنڌي-انگريزي ڊڪشنري؛ ڄامشورو: سنسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي؛ ڇاپو ٽيون 1991ع، ص: 381
(58) بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: نئين جامع سنڌي لغات (جلد ٻئو)؛ 2005ع، ص: 1316
(59) المنجد عربي اردو؛ کراچي: دارالاشاعت؛ اشاعت جولائي 1975ء، ص: 837
(60) چغتائي، محمد اکرام، نذير حق اور محمد اسلم کولسري: تشريحي لغت؛ لاهور، اردو سائنس بورڈ، طبع دوم، 2008ء، ص 847
(61) التتوي، سيد عبدالرشيد بن عبدالغفور الحسيني المدني: منتخب اللغات؛ نئي دهلي، پهلي اشاعت 2011ء، ص 574
(62) عبدالحق، مولوي، ڈاکٹر: انجمن کي اردو-انگريزي لغت، کراچي: انجمن ترقي اردو پاکستان، طبع پنجم 1992ء، ص: 828
(63) جلباڻي، غلام حسين، پروفيسر: عربي-سنڌي لغت (ڀاڱو ٻيو)؛ ڇاپو پھريون 1990ع، ص: 1116


895 ڀيرا پڙهيو ويو