سنڌي ٻوليءَ جون ويدڪ دؤر ۾ جَڙُون
(The Roots of Sindhi Language in the Vadic Era)
عزيز ڪنگراڻي
Abstract:
This paper explores the antiquity of Sindhi Language with reference to the ancient Vedic Era, by tracing its roots in the Vedic Culture. It postulates that tracing the roots of Sindhi language in the Vedic Culture can act as a very tangible bridge connecting the ancient Sindhi language with the Proto-Dravidian language of Indus Valley Civilization, including with its pristine un-deciphered script. The attempt is predicated on a putative historical background. Endeavors have been initiated to discuss the parallel evolution of Sindhi and Sanskrit languages in the context of Vedic Culture through an analytic study of both the ancient languages. The researcher herein argues that being the language of the Elite Class (Aryans), inevitably preference was given to Sanskrit language. Consequently every sort of oral literature was narrated in the (holy) Sanskrit language. Meanwhile Sindhi remained a second language throughout the centuries resulting in the disappearance of the roots of Sindhi language and its gradual disconnection with the Proto-Dravidian language of the Indus Valley Civilization. The praetorian Aryan violence and political hegemony demolished and uprooted the links between the Vedic Sindhi language and the Proto-Dravidian Sindhi language. Most probably Sindhi is a Dravidian Language but later on after the dominance and influence of the Persian and Arabic languages, Sindhi has been included in the Indo-Aryan group of Languages.
هن وقت سنڌي ٻولي، هند-آريائي ٻولين ۾ شُمار ٿئي ٿي، پر جڏهن اسين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي پسمنظر تي نظر وجهون ٿا، يا سنڌي ٻوليءَ بابت ماضيءَ ۾ ٿيل تحقيق تي غور ڪريون ته اسان کي سنڌي ٻوليءَ جو تعلق دراوڙي ٻولين سان معلوم ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ هن وقت سنڌي ٻوليءَ کي دراوڙي ٻولي مڃائڻ، ان کي سنڌُو تھذيب وارين دراوڙي ٻولين سان ڳنڍڻ يا انهن سان ڪڙي ملائڻ نھايت مشڪل آهي. پر هن مضمون ۾ تحقيقي طور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي سنڌي ٻوليءَ کي سنڌُو لکت سان جوڙڻ بابت بحث پڻ ڪيو ويو آهي. تاريخي حوالن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو ويدڪ دؤر ۾ هجڻ، ان دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي موجودگي کي ثابت ڪرڻ ۽ سنڌو لکت سان جوڙڻ بابت مُدلل رَدُ شامل ڪيو ويو آهي.
سنڌي ٻولي ايتري قديم آهي، جيتري سنڌ جي سرزمين قديم آهي. سنڌي ٻوليءَ کي گهڻو ڪري سنسڪرت سان ڳنڍيو ويندو آهي، پر سنڌي ٻولي صدين کان هڪ قوم جي ٻولي رهندي آئي آهي، جڏهن ته سنسڪرت ڪنھن قبيلي يا قوم جي نه، پر مٿئين طبقي، حُڪمران يا مذهبي اڳواڻن جي ماڻهن جي ٻولي رهي آهي. قديم زماني کان سنڌ هميشه ڌارين جي حملن ۽ قبضن جي عتاب ۾ رهي، جنھن ڪري سنڌي ٻولي نه صرف متاثر ٿي، پر ان جي حيثيت به ثانوي رهندي آئي. ٻاهرين قبيلن ۽ قومن جي تسلط سبب سنڌ جون مذهبي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي حالتون به اثر هيٺ رهيون، جنھنڪري سنڌي ٻوليءَ جون قديم جڙون ڪٽجي ۽ گم ٿينديون رهيون. اهوئي سبب آهي جو اسين سنڌي ٻوليءَ کي سنڌو لکت توڙي سنڌو لکت واري دؤر جي دراوڙي ٻوليءَ سان جوڙڻ کان قاصر آهيون. ان بگاڙ جا ڪجهه تاريخي ڪارڻ به آهن. پھريون ڪارڻ آرين جو حملو نظر اچي ٿو:
”تاريخي طور اهو مڃيو ويو آهي ته آريا سنڌو ماٿريءَ ۾ 1600 ق.م يا 1500 ق.م تائين نه آيا هئا“ (1)
جڏهن ته رحيمداد مولائي شيدائي مغربي مؤرخن جي حوالي سان لکيو آهي ته:
”ڪجهه مغربي مؤرخ ان راءِ جا به آهن ته آريا 900 ق.م ۾ آيا، جن حسد سبب مقامي دراوڙن کي غلام يا اڻ سڌريل چيو. جڏهن ته دراوڙ سڌريل، مھذب ۽ واپاري هئا“(2)
تاريخي تذڪرن مطابق آرين وڏو ڏڦيڙ وڌو، انهن پُرامن ماحول کي ڏڦيڙ ذريعي تباهه و برباد ڪيو. ايستائين جو آرين مقامي دراوڙ قبيلن کي پنھنجي ڌرتيءَ تان ڊوڙائي ڪڍيو. دراوڙن مھاڏا اٽڪايا، پر سڦل نه رهيا. آرين جي قبضي سبب مقامي دراوڙن، خاص طور سنڌي دراوڙن جو تعلق پنھنجي سرزمين جي ٻولي، تھذيب، تمدن ۽ معاشيات سان ٽُٽي ويو ته جھڙوڪر سنڌو تھذيب جو ويدڪ تــھذيب (1500ق.م کان 1100 ق.م) سان ممڪن ڳانڍاپي جو احوال گم ٿي ويو. 500 ق.م تائين هڪ جڙ پنھنجي ٻي جڙ کان ڪٽجي ويل ڀانئجي ٿي. خاص طور ويدڪ دؤر جو سنڌو تھذيب ۽ تاريخي دؤر سان تعلق قائم رهي نه سگهيو. ممڪن آهي ته اهڙو رڪارڊ لکتن ۾ موجود هجي پر آرين جي لتاڙ جو شڪار ٿي ويو هجي. تعلق يا ڳانڍاپي جو ڇڙوڇڙ انداز ۾ احوال ملي ٿو، جنھن بنياد تي سنڌي ٻوليءَ جي قدامت جون جڙون تلاش ڪري سگهجن ٿيون، ڇاڪاڻ ته:
”سنڌي ٻولي نھايت آڳاٽي ٻولي آهي ۽ اها تاريخي طور وڏي عرصي کان ارتقائي مرحلن مان گذري نمودار ٿيندڙ قديم ٻولي آهي“(3)
سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي تعلق بابت ڪن محققن جي راءِ آهي ته:
”ماهرن کي سنڌو لکت ۽ سنڌي ٻولي منجهان هڪجھڙا مفرد يا مرڪب لفظ ڳولي لھڻ گهرجن“(4)
ڪتاب ‘Sindh: Land of Hope & Glory’ جو مصنف لکي ٿو ته: ”سنڌُو لکت هڪ لکت جو نظام هو، جنھن منجهان“ دڪاندارن واري هٽ واڻڪي لکت يا لِپِي” ارتقا ڪئي يا ارتقائي طور نڪتي.(5)
اهو صاف ظاهر آهي ته عربي صورت خطي سنڌي ٻولي جي اصل لِپِي نه آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ اسلام جي اچڻ کان گهڻو اڳ موجود هئي. جيڪا سنڌو تھذيب قديم جيتري آهي. قديم آثارن جي ماهرن موجب، سنڌو تھذيب 5000 هزار سال يا ان کان به وڌيڪ قديم آهي. هرجاڻي موجب:
”سر اليگزينڊر ڪنيگھام ٻُڌايو آهي ته براهمي لکت اڻ ڄاتل تصويري لکت ۽ سنڌو لکت منجهان ارتقا ڪئي ۽ پوءِ اها سنسڪرت جي ديوناگري لکت ۾ تبديل ٿي يا ارتقا ڪئي. وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ته اهو موقف واضح ڪري ٿو ته برهمي لِپِي صرف سنڌو لکت مان ارتقا نه ڪئي آهي“.(6)
ان جو مطلب اهو ٿيو ته براهمي لکت جي ارتقا کان اڳ ڪو تصويري خط به موجود هو. جيتوڻيڪ هن مفروضي کي ڪن ماهرن رد ڪيو آهي، جن جو چوڻ آهي ته براهمي لکت، سنڌُو لکت منجهان نه نڪتي آهي. پر پروفيسر اسٽيفن ۽ ٻين هن خيال جي تائيد ڪئي آهي. پنڊت جواهر لال نھرو جو خيال آهي ته ديوناگري ۽ ڀارت جون ٻيون صورتخطيون، براهمي لکت منجهان نڪتيون آهن، جنھن جون تحريرون ڀارت ۾ مليون آهن. برهمي قديم لکتن منجهان ڪنھن هڪ جو نئون يا جديد نالو آهي.
اهو خيال ثابت ڪري ٿو ته براهمي، سنڌو لکت منجهان نه پر ڪنھن ٻِي قديم لکت منجهان نڪتل ڀانئجي ٿي. راقم کي جبلن تي اڪريل سنڌو لکت به ملي آهي ته سنڌو لکت جو بدليل نمونو (Variant) به مليو آهي. جنھن جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته براهميءَ ۾ ڪجهه اکر تبديل ٿيل سنڌُو لکت (Variant Indus Script) جا پڻ شامل آهن.ايموئي ۽ فرگيوسن جو چوڻ آهي ته:
”لکت يا گرامر جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ جي اصلي ترڪيبي بناوت جو عرصو اٽڪل 300 ق.م جي لڳ ڀڳ هجڻ گهرجي“(7)
منھان اندازي مطابق ”قديم سنڌ، سنڌو تھذيب جو وڏو حصو برپا ڪيو. پر اُن بابت ايران جي دارا (اول) جي 510 ق.م ۾ فتح تائين تمام گھٽ ڄاڻ ملي ٿي. پوءِ يونانين، ٻُڌن ۽ ٻين سنڌ کي قبضي هيٺ آندو ۽ فتح ڪيو، ان هوندي به سنڌي ثقافت يا ٻولي جون جڙُون سنڌو تھذيب ۾ آهن. سنڌو تھذيب جاگرافيائي طور اهو وڏو ميداني علائقو آهي، جنھن جي ڏاکڻي سرحد عربي سمنڊ آهي (8)
پينيڪر جي خيال موجب:
”مُھين جي دڙي جي کوٽائيءَ منجهان جيڪي مُھرون مليون، اهي پھريان ڪشنچند جيٽلي پڙهيون ۽ ويجهڙائيءَ ۾ راجيش راءُ پڙهيون آهن. هنن هڪ قسم جو لنگهه يا گس ڳوليو آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي اصليت ۽ قدامت ڏانھن وڃي ٿو ۽ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي هندستان جي ٻين ٻولين کان مٿانھپ جو اشارو آهي“.(9)
ايموئي ۽ فرگيوسن ان سلسلي ۾ واڌارو ڪيو آهي ته:
”سنڌي ٻوليءَ جو سنئون سڌو تعلق يا رشتو اُن ٻوليءَ سان آهي، جيڪا سنڌُو تھذيب واري دؤر ۾ ڳالهائي ويندي هئي. تاريخي طور وقت گذرڻ سان سميرين، سامي ۽ هند- يورپي زبانن جي گروهن جي اثر هيٺ انهن جي لفظن سان زرخيز ٿي“.(10)
مؤرخن جا رَدَ: سنڌي ٻوليءَ جي بُڻ بنياد جي سلسلي ۾تاريخدان مختلف راءِ جا حامل آهن. هن وقت اڪثريت ۾ ماهر سنڌي ٻوليءَ کي هند-آريائي ٻولي سمجهن ٿا، جڏهن ته ڪجهه جو خيال آهي ته سنڌي، دراوڙي ٻولي آهي، ته وري ڪي محقق اُن کي توراني يا سامي زبان ڄاڻائين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌي ٻوليءَ کي ’سامي زبان‘ ڪوٺي ٿو، ڪن ماهرن وري اها وضاحت ڪئي آهي ته سنڌي ٻولي هند-آريائي ٻولي آهي، پران جو مطالعو هند-آريائي ٻولين جي پسمنظر يا مفھوم ۾ ڪري سگهجي ٿو. انهن متضاد رايَن جي روشنيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بڻياد يا اصلي جڙون تلاش ڪرڻ ڏاڍو مَنجهيل ۽ مشڪل ڪم لڳي ٿو. آرين جي حملن کان پوءِ دارا اول (500 ق.م) کان وچئين (Medieval) دؤر تائين ٻين قومن جي ڪاهن ۽ قبضن بابت تاريخ ڀري پئي آهي. آرين بابت متضاد رايا آهن. پر اڪثر مؤرخ تاريخي طور سندن حملي ۽ قبضي بابت متفق آهن. انهيءَ دؤران سنڌي ٻوليءَ تي اثر پيو هوندو. اُن ۾ تبديليون آيون هونديون. اڳيان لفظ متروڪ ٿيا هوندا ۽ ان ۾ نوان لفظ شامل ٿيا هوندا. اسان کي شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ جو جائزو وٺڻ گهرجي ته اڄوڪي سنڌ ۽ شاھه جي زماني واري ٻوليءَ ۾ ڪيترو فرق آهي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته صدين جي سفر، ڌارين جي قبضن، مذهبن جي تبديلين ۽ ٻولين جي تسلط مان گذرندي، سنڌي ٻوليءَ ۾ ويدڪ دؤر کان وچئين (Medieval) دؤر تائين ڪيتري نه وڏي تبديلي آئي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌي ٻوليءَ جو دراوڙي ٻوليءَ سان تعلق قائم رهي نه سگهيو. ان لحاظ کان چندرا، نھان جي راءِ سان سھمت آهي ته:
”دراوڙي ٻوليون هندستان جون اهي ٻوليون آهن جيڪي آرين جي اچڻ کان اڳ (1500ق.م کان اڳ) هتي ڳالهايون وينديون هيون. دراوڙي ٻوليءَ ۾ اسمن ۽ فعلن سان پڇاڙي جو استعمال گھڻو ٿئي ٿو. دراوڙي ٻوليءَ جو اهم گُڻ اهو به آهي ته اُن جي آوازن جو اُچار وات جي اڳئين حصي يا مُھڙ منجهان ڪڍيو يا اُچاريو ويندو آهي“.(11)
اهو بيان ڪيل گُڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ به آهي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ کي دراوڙي ٻولي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. موٽواڻي لکي ٿو ته: ”ڊاڪٽر غلام علي الانا جي مطابق سنڌي پروٽو-دراوڙي (دراوڙي دؤر کان اڳ) ٻولي آهي“(12)
جيڪا ڳالهه اشارو ڪري ٿي ته سنڌي ٻولي قبل مسيح جي ٽئين ڏهاڪي (3rd millennium BC) ۾ سنڌو تھذيب واري دؤر ۾ موجود هئي.
موٽواڻي صاحب موجب، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي سنڌي ٻوليءَ کي ’پروٽو دراوڙي‘ ٻولي چوندي، سنڌي ٻوليءَ جي دراوڙي ٻوليءَ سان تعلق جي سلسلي ۾ مونجهاري جو شڪار آهي.(13) هيءَ ڳالهه اشارو ڪري ٿي ته موٽواڻي صاحب سنڌي ٻوليءَ جي دراوڙي هجڻ ۾ ويساھ رکي ٿو جيڪا سنڌو تھذيب جي دؤر ۾ موجود هئي. مسٽر بٽ انهيءَ راءِ جو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي دراوڙي ٻولي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان کي سگهارا دليل گهرجن، جن جي بنياد تي اسين اها دعوى ڪري سگهون ته سنڌي دراوڙي ٻولي آهي. (14)
سراج الحق ميمڻ جي راءِ آهي ته ”سنڌي دراوڙي ٻولي آهي جنھن جو ڳانڍاپو سنڌو تھذيب کان اڳ واري ٻولي (پروٽو-دراوڙ) ٻولين سان رهيو“.(15)
راقم سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد بابت سراج ميمڻ ۽ گدواڻي صاحب جي رايَن سان سھمت آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌُو لکت هڪدم ايجاد نه ٿي هوندي. اها ارتقائي مرحلا طئي ڪندي 2600ق.م کان 1900ق.م تائين واري دؤر ۾ پنھنجي عروج کي پھتي هوندي. مان ان راءِ جو آهيان ته سنڌي دراوڙي ٻولي آهي، پر سنڌو تھذيب واري دؤر کان پوءِ ويدڪ دؤر کان مڊويئل دؤر تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ آريائي ٻولين جو ججهو ذخيرو شامل ٿي ويو، جنھن ڪري هند-آريائي ٻولين ۾ شامل ڪئي وئي آهي. سراج ۽ گدواڻي سان جذباتي طور نه پر ڪجهه حقيقتن جي روشنيءَ ۾ سھمت ٿي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ اڳيان بحث ڪيو ويو آهي.
هڪ گمان غالب آهي هڪ اندازي مطابق سنسڪرت ۽ سنڌي جي هڪٻئي سان ويجهڙائيءَ سبب، سنسڪرت جي پوئلڳ ماهر تاريخدانن سنڌي ٻولي کي هند-آريائي ٻولي قرار ڏنو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي سنسڪرتي ٻولي به سڏيو ويو. لئمبرڪ لکي ٿو ته:
”سنڌي، هند-آريائي ٻولي آهي. اها پراڪرت مان نڪتي آهي، جيڪو سنسڪرت جو اوائلي لھجو آهي. پر سنڌي ٻولي ٻين آريائي ٻولين کان مختلف آهي. وڌيڪ لکي ٿو ته هن ۾ اتر اولهه جي داردي ٻولين جا گڻ به شامل آهن“.(16)
لئمبرڪ جي اها راءِ ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته سنڌي ٻولي هند-آريائي ٻولي سڏجڻ جي باوجود به ٻين هند-آريائي ٻولين کان بلڪل الڳ آهي. سراج سنسڪرت کي لڳ ڀڳ سنڌيءَ مان نڪتل ڀانئي ٿو يا ان کان الڳ نج نبار زبان ڄاڻائي ٿو. پينيڪر، سراج جي راءِ تي تنقيد ڪندي اختلاف ڪيو آهي. اِي ٽرمپ جو حوالو ڏيندي پينيڪرڄاڻايو آهي ته:
”سنڌي ٻاهرين ٻولين جي عنصرن کان صاف سنسڪرتي ٻولي آهي، جنھن جو هندستان جي اترين ٻولين جي لڙھ سان تعلق آهي“(17)
ساڳو ورجاءُ ايموئي ۽ فرگيوسن پڻ ڪيو آهي ۽ سراج ميمڻ سان اختلاف ڪندي لکيو آهي ته سراج ميمڻ، فنيقين کي سنڌي سمجهندي، انهن کي رگويد ۾ ڄاڻايل پڻي سمجهي ٿو، جن جو ڳانڍاپو سنڌي واڻيو، سنسڪرت وانڪ يعني واپاريءَ سان جوڙي ٿو ۽ يقين سان دعوى ڪري ٿو ته اهي سنڌي آهن يا انهن کي سنڌي سمجهي ٿو. هڙپا ۽ مھين جي دڙي جي لکتن جي نسبت سان سراج راءِ ڏني آهي ته فنيقين جي لکت، مھين جي دڙي جي تھذيب وارن پروٽو سنڌين واري لکت منجهان نڪتل آهي. ٻنهي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ٻولي سان جنوني يا جذباتي لڳاءُ سبب سراج ۽ روپچنداڻي صاحب سنڌو تھذيب جي ورثي جي دعوى جي سلسلي ۾ پنھنجي دليلن ۾ نھايت پختا آهن. انهن آرين کان اڳ هند واري دور جي سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي آهي. سراج ۽ ٻين جو نظريو آهي ته اتر هندستان جون ٻيون ٻوليون سنڌي ٻوليءَ جون شاخون آهن. ونٽرس پڻ اها راءِ قائم ڪئي آهي ته ”سنڌوتھذيب کان اڳ وارا دراوڙ، سنڌو تھذيب وارن دراوڙن جا وڏڙا آهن“. (18)
ونٽرس جي راءِ نه صرف سراج جي راءِ کي مضبوط بڻائي ٿي، پر ان ڳالھه جي به تصديق ڪري ٿي ته آرين ويدڪ دور ۾ سنڌو تھذيب تي قبضو ڪري ڀڃ ڊاھ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌو تھذيب کان اڳ واري دور جو سنڌو تھذيب سان، سنڌو تھذيب جو ويدڪ دور سان ۽ ويدڪ دور جو آرين کان پوءِ واري دورن سان لاڳاپو ٽُٽِي ويو، جنھن ڪري سنڌي ٻوليءَ جو ويدڪ دور توڙي سنڌو تھذيب سان لکتي ناتو گم ٿي ويو ۽ سنڌي ٻوليءَ جوسنڌو لکت سان تعلق پڻ غائب ٿي ويو.
جيتري قدر پڻي لوڪن جو مامرو آهي، ان حوالي سان منھنجي نظر ۾ سراج ميمڻ ۽ تاج صحرائيءَ کان سواءِ ٻيا ماهر مونجهاري جو شڪار نظر اچن ٿا. ڪو به واضح ناهي ته رگ-ويد وارا پڻي ڪير هئا؟ ايستائين جو انهن بابت خود رگ-ويد مان به شاهدي نه ٿي ملي. ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب تڏهن سنڌ ۾ ٽي قبيلا هئا. انهن ۾ ميد، تاڪيا (ساڪيا؟) ۽ پنيا يا پڻي هئا. ميد يا ميھا مھاڻا هئا. تاڪيا (ساڪيا؟) شايد ڇھين يا ستين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ ڇڏي ويا. اهي ڪير هئا؟ انهن بابت ڪا ڄاڻ نه ٿي ملي. رگ ويد ۾ پڻي جو ذڪر ملي ٿو. رگ ويد وارا پڻي ۽ موجوده فِن (fin) شايد ساڳي ڳالھه آهن. مان اهو پڻ سمجهان ٿو ته بقول الانا صاحب:
”پڻي جو تعلق بنيا (پڻيا، دڪاندار) سان جوڙي سگهجي ٿو جيڪو اُچار پوءِ بني، بنيا ۽ پوءِ ونيا (واڻيا) ۾ تبديل ٿيو“.(19)
تاج صحرائي رگ ويد جي لکت جي دليلن سان لکي ٿو ته پڻي فنيقين جا رشتيدار ۽ واپاري هئا. هن ميدن بابت ڄاڻايو آهي ته ميد سنڌي هئا ۽ سندن تعلق منڇر جي مھاڻن سان هو، پوءِ ميدن ڀرپاسي وارن علائقن ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي(20) ممڪن آهي ته ميدن هاڻوڪي بلوچستان واري علائقي مند ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي هوندي. اهو به خيال آهي ته ميد اڳ ئي انهيءَ علائقي ۾ به موجود هجن ۽ شايد ميد نالو تبديل ٿي بلوچستان واري موجوده علائقي تي نالو ’مند‘ پيو هجي. ڪمار، ميدن جي باري ۾ لکي ٿو ته:
”آرين جي روايتن مان لڳي ٿو ته ميد آرين جون ڳئون چورائيندڙ هئا. پر رگ ويد جو اصل مسودو يا لکت ان ڳالھه جي سلسلي ۾ خاموش آهي ۽ اهو آرين جو بھتان لڳي ٿو. بعد ۾ ان ڳالھه جي تصديق ٿئي ٿي ته آرين پاران پڻين تي خراج، ڏنڊ يا چئجي ته ٽيڪس لاڳو هو. آرين مقامي ماڻهن سان کين نيچ سمجهي ناروا سلوڪ اختيار ڪيو ۽ مٿن حُڪمراني مڙهي. پڻين ساڻن مھاڏو اٽڪايو. پڻي جيڪي سنڌُوءَ جا واپاري هئا تن کي ٻاهران آيل قابض قبيلي (آرين) گهٽ سمجهي ڏن ڀرو بڻايو“.(21)
هن ڳالھه منجهان واضح ٿئي ٿو ته آرين بدامني ڦهلائي مقامي ماڻهن ۽ انهن جي سرزمين تي تسلط قائم ڪري پنھنجي حُڪمرانيءَ جا قانون لاڳو ڪيا. اهو به واضح ٿئي ٿو ته آرين جي لتاڙ سبب پڻين توڙي ميدن جون مذهبي لکتون ۽ ان حوالي سان ٻيون اهم شاهديون به لتاڙجي گم ٿي ويون هونديون.
شينج، جين مت جي رڪارڊ منجهان تفصيل بيان ڪندي ٻُڌايو آهي ته:
”جين لکتن مطابق پڻي (پنيا) جو مطلب آهي ڪا شيءِ جيڪا وڪري لائق هجي. پڻيا ڀومي جي وضاحت غير آريائي سرزمين، ڌرتي يا وطن طور ڪيل آهي. پالي زبان ۾ واپار يا دڪاندار لاءِ وڻج، وڻي، واڻيا، بڻيا وغيره ڪم اچن ٿا جيڪي پڻي مان نڪتل آهن“.(22)
سُواميءَ به اها راءِ قائم ڪئي آهي ته پڻي دراصل واپاري هئا(23) پڻي واپاري هئا يا زراعت جا ماهر اهو بحث ٿي آيو پر سندن ٻولي ڪھڙي هئي؟ ان سوال جي جواب ۾ چئي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ رهڻ سبب سندن ٻولي سنڌي هوندي. رگ ويد ۾ سندن ذڪر گواهي ڏئي ٿو ته پڻي لوڪن جي ٻولي سنڌي هوندي ڇاڪاڻ ته رگويد ۾ سنڌي زبان موجود آهي جنھن جو تفصيل اڳتي ايندو.
سنڌي ٻولي، سنسڪرت ۽ پاڻِيڻِي ويا ڪرڻ (Panini Grammar): اڪثر ماهرن ۽ تاريخدانن سنڌيءَ ٻولي کي سنسڪرت ٻولي جي ڪڻب سان ملايو آهي. بنا ڪنھن شڪ شبھي جي سنسڪرت قديم ٻولي آهي پر اهو واضح چئي آيا آهيون ته سنڌي ٻولي پنھنجي ڌرتي واري هڪ قبيلي جي ٻولي هئڻ جي ناتي سان قديم آهي جنھن جي سنسڪرت سان ويجهڙائپ ضرور رهي پر بڻ بڻياد جي حوالي سان سندس ويدڪ سنسڪرت سان ڪو تعلق نه آهي. ويدڪ دور کان سنسڪرت مٿئين ۽ حُڪمران طبقي جي ٻولي رهي، جنھن جو ڪو قبيلو يا قوم نه هئي نه آهي. جيئن اڄوڪي دور ۾ اردو ۽ هندي ٻوليون آهن. بعد ۾ به سنسڪرت مختلف لِپيُن ۾ لکي وئي جيڪي برهمي لکت منجهان ڦُٽِي نڪتيون. پٿرن تي اڪريل سنسڪرت جون لکتون جيڪي هند ستان جي مختلف علائقن مان مليون سي برهمي رسم الخط ۾ اڪريل مليون هيون.(24)
اهڙي ريت ڪيترائي قديم لفظ جيڪي اڄ به سنڌي ٻولي ۾ رائج آهن سي پَڻِي يا پاڻيڻِي (Panini) جي سنسڪرت واري گرامر ۾ موجود آهن. نسلي لحاظ کان پڻِي يا پَاڻيڻِي جو تعلق رگ ويد وارن پَـڻِي لوڪن سان هو(25) ڪجهه مؤرخن کيس پَـڻِي جو پُٽ ڄاڻايو آهي، تاريخ ۾ شاهدي ملي ٿي ته پَڻِي جن سان ديو يا ديوا جي مستقل جنگ رهي، سي ويدڪ دور جا واپاري هئا. پڻي سنڌُوءَ جا ڳورا يا ڀورا ماڻهو هوندا.(26) راقم جي خيال موجب پَـاڻـيـڻِي جي پنھنجي اصل زبان شايد سنڌي هئي پر گرامر لکڻ وقت هن سنسڪرت کي اهميت ڏني. ڇاڪاڻ ته سنسڪرت مٿئين ۽ حُڪمران طبقي جي زبان رهي. سندس گرامر استاڌَيَئي (Astadhyayi) ۾ لپيڪار يا لِپِيڪارا لفظ شامل آهي جيڪو ليکڪ لاءِ ڪم آندو اٿائين. لِپي لفظ پراڻي سنڌي زبان جو آهي جيڪو اڄ به رائج آهي. ان لفظ کي صرف سنسڪرتي سمجهڻ کان اڳ پاڻيڻي جي دور يا ان کان اڳ واري دور جي سنڌي تي غور ڪرڻ ضروري آهي. پَڻَڻِي جي دور جي ڪٿ مستند طور نه ڪئي وئي آهي، پر ماهرن ان جو دور 800 ق.م کان 400 ق.م ڄاڻائن ٿا. پاڻيڻِي سنسڪرت واري گرامر ۾ ٻيا لفظ به ڪم آندا آهن جھڙوڪ: اتر، ڏکڻ، ويا ڪرڻ (grammar)، سمرتي (ياداشت) وغيره. هن سنڌ، ڪڇ، ٽيڪسيلا ۽ سوات بابت ججهي معلومات شامل ڪئي آهي. پَڻَڻِي صوابي جي علائقي لُھر ۾ ڄائو،(27) هن کي ڇوٽا لاهور به چيو ويندو آهي. جيڪو علائقو هاڻ خيبر، پختون خوا، پاڪستان ۾ آهي. ٻيا لفظ به پَاڻـڻِي جي گرامر ۾ ڪافي ملي سگهن ٿا، پر ان جي ڳُوڙهي مطالعي جي ضرورت آهي.
هندستان جي منظوم ڪٿائن (Epics)، ٻُڌمت جي لکتن ۽ رگ ويد ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ: هندستان جي منظوم ڪھاڻين (Epics) رامائڻ ۽ مھاڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ موجود آهن، جهڙوڪ: لِک، ليک، ليکڪ، لکڻ وغيره جيڪي سنڌي ٻوليءَ جا نج لفظ آهن. ڀلي اهي سنسڪرت سان سلهاڙيا وڃن پر بنان ڪنھن شڪ جي اهي لکڻ فعل جي نسبت سان سنڌي ٻوليءَ جا پنھنجا اصلوڪا لفظ آهن. انهن لفظن ۽ دور جو ذڪر هرجاڻي ۽ جئيپلن ڪيو آهي. ڏکڻ ايشيا خاص طور هندستان ۾انهن منظوم ڪھاڻين جو دور 1000 ق.م کان 600 ق.م ڄاڻائن ٿا.(28) سنڌ ۽ سنڌُو ندي جو ذڪر پڻ مھاڀارتا ۽ رامائڻ ۾ ملي ٿو. 400 ق.م ۾ ٻُڌمت جون مذهبي لکتون (canons) لکيون ويون جن ۾ پڻ ليک، ليکڪ لفظ موجود آهن جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام آهن. ڀلي اهي لفظ سنسڪرت ۾ به هجن. پر سنڌيءَ ۾ اڄ به اصلوڪن لفظن جي صورت ۾ مروج آهن.
”جين مت جو يارهون تيرٿنڪار انشُو يا انسناٿ يا انشناٿ يا شيري انشناٿ سنڌي هو، جيڪو بنگال ۾ وفات ڪري ويو هو. جين مت جو ڌشياچن (Dhashiyachin) 8 صدي عيسوي ٻُڌائي ٿو ته سنڌي باوقار، پيار ۾ مٿانھان، نرم ۽ ڌيرج ڀريا سگهارا آهن. اهي گيتن، موسيقي ۽ ناچ جا شوقين آهن. اهي پنھنجي وطن سان پيار ڪن ٿا“ (29)
جيڻا پڻ لکيو آهي ته ماهر يقين سان چون ٿا ته ”يارهون جين مت ترٿنڪار انستاٿ جو تعلق سنڌ رياست سان هو“.(30)
اٺين صدي عيسوي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن جو ذڪر سنڌي ٻولي ۽ شاعريءَ جو ڏس پتو ڏئي ٿو. واضح ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي توڙي شاعري اعلى پايي جي هئي، تڏهن تذڪري لائق بڻي. اسان وٽ ته اهو رڪارڊ به محفوظ نه آهي، ظاهر آهي ته اهڙا رڪارڊ ڌارين جي حملن ۾ ضايع ٿي ويا هوندا.
اهو چئي سگهجي ٿو ته سنسڪرت ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ويدڪ دور کان ويجهو سنٻنڌ رهندو آيو هوندو. ٻئي ٻوليون گڏ گڏ پروان چڙهيون هونديون، جنھن ڪري ٻنھي ٻولين ۾ ساڳيا لفظ ملن ٿا. ساڳين لفظن جي ملڻ جو منھنجي نظر ۾ ڪارڻ سنسڪرت جو خاص طور سنڌ ۾ سنڌين پاران ڳالهائجڻ ۾ مذهبي سنٻنڌ پڻ نظر اچي ٿو. اهو ڪنھن وٽ ثبوت نه آهي ته اهي ساڳيا لفظ سنڌي بجاءِ اصل سنسڪرت جا آهن؟ مٿي ذڪر ٿيو آهي ته سنسڪرت مٿئين طبقي ۽ مذهبي اڳواڻن جي ٻولي رهي ته ان جو مطلب اهو نه سمجهڻ گهرجي ته اهي لفظ اصل صرف سنسڪرت جا آهن. جين ۽ ڪارڊونا سنڌي کي هند-آريائي ٻولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ جيڪي لفظ ڏنا آهن، سي ته سنڌيءَ جا اصلوڪا لفظ آهن، جيڪي سنسڪرت ۾ به ٿوري ڦيرگهير سان آهن. انهن لکيو آهي ته سنسڪرت لفظ پُتر، سنڌي پُٽ، سنسڪرت لفظ ڊرگها سنڌي ڊگهو، سنسڪرت ديروا يا ڏيروا سنڌي ڏيرُ، سنسڪرت جڻا سنڌي ڄڻو، سنسڪرت اگرا سنڌي اَڳُ وغيره ظاهر ڪن ٿا ته سنڌي هند-آريائي ٻولي آهي، جيڪا وارچڊا يا وراچڊ لڙهه مان نڪتل آهي. سمورين نيُن هند آريائي ٻولين جي بڻ بڻياد جو ڏس پتو سنئون سڌو ويدڪ دور ۾ ڳالهائي ويندڙ شروعاتي پراڪرت ۾ ڳولي لھي سگهجي ٿو.
”ويدڪ دور کان اڳ واري تبديل ٿيل ٻوليءَ جو قديم نمونو جيڪو سنڌو ماٿريءَ جي هيٺاهين حصي Lower Indus Valley جي ماڻهن پاران ڳالهايو پئي ويو تنھن شايد پراڪرت واري ٻئي مرحلي دوران ارتقا ڪندي قديم سنڌي جي صورت اختيار ڪئي.“(31)
سنڌي ٻوليءَ کي هند-آريائي ٻولي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ سندن هي موقف ان ڳالهه جي پٺڀرائي ڪري ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو حسب نسب يا ان جون پاڙُون ويدڪ دور کان به اڳ سنڌو ماٿريءَ جي قديم ٻولي سان ڳنڍيل رهيون ۽ ارتقائي مرحلا طئي ڪندي رهي. ان کان علاوه هن بيان منجهان اهو به ثابت ٿئي ٿو ته سنڌي سنسڪرت اثر هيٺ نه پر ان جي همعصر الڳ زبان رهندي آئي آهي. سنڌي ٻولي سنڌو تھذيب واري دور کان پراڪرت جي پھرئين دور (ويدڪ دور) ۽ پھرئين دور کان پراڪرت جي ٻئي دور تائين جدا ٻولي طور ارتقائي مرحلا طئي ڪيا. سنسڪرت ۽ سنڌي پُوروڇوٽ نموني ارتقا ڪئي پر شايد سنسڪرت جي طبقاتي برتري سبب مٿس سنسڪرت جي اثر جي به ڳالهه ڪئي وئي ته ان کي آرين جي يلغاري اثر سبب هند-آريائي ٻولي به سڏيو ويو.
سنڌي ٻوليءَ کي الڳ ۽ نج نبار ٻوليءَ طور رگ ويد اهم رڪارڊ آهي.
”رگ ويد ۾ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ شامل آهن. رگ ويد ۾ شامل انهن لفظن کي ماهرن اُڌارا يا ورتل (Loaned) لفظ سڏن ٿا. اهي لفظ هي آهن: پپر (وڻ)، راجا“. (32)
ڦَلُ (ميوو)، کَرُ (دشمن؟)، ڪِرِي (پرهيز)، ڪِرِڙُ (وڻ جو قِسم)، ڪُل (سڀ)، ڪُونرُ (ٺڪر جي ٿانوَ جو قسم)، ڪُونڊو، نَلُ (پائيپ ۽ نڙُ)، ڪاڻو، ڏنڊا، ڏنڊو، ٻَلُ (سگهه)، ٻِرُ (ڏَرُ)، مَيَرُ (مور)، کَٽُ يا کَٽو مرگ (مرگهه، هرڻ)، ناگ (نانگ) اهڙا کوڙ لفظ رگ ويد ۾ هوندا پررگ ويد جي غور سان مطالعي جي گهرج آهي. گهڻن جو اهو خيال آهي ته اهي لفظ سنسڪرت جا لفظ آهن. سوال ٿو پيدا ٿئي ته رگ ويد ڪھڙي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي؟ جيڪڏهن جواب آهي ته رگ ويد سنسڪرت ۾ چيل يا لکيل آهي ته پوءِ سنسڪرت يا رگ ويد ۾ اڌارا لفظ ڪھڙي ٻوليءَ جا شامل ٿيا؟؟ ممڪن اهوئي آهي ته اهي لفظ سنڌي ٻوليءَ جا ئي آهن. اهي ٿورڙا لفظ به ان راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ته سنڌي ٻوليءَ جون پاڙون ويدڪ ڪلچر ۾ آهن. رگ ويد ۾ اهي لفظ تاريخي ۽ تحقيقي طور سنڌي ٻوليءَ کي ويدڪ دور جي هڪ الڳ ٻولي ثابت ڪن ٿا. جنھن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي ويدڪ دور ۾ نج نبار ٻوليءَ جي روپ ۾ موجود هئي، جنھن کان رگ ويد اُڌارا لفظ ورتا. اهڙا اُڌارا لفظ يورپي ٻولين به ورتا آهن.
”سنڌي ٻوليءَ جو لفظ انڌو (andho) جيئن جو تيئن ساڳي معنى سان“ دي امريڪن هيريٽيج ڊڪشنري آف انڊو-يورپين رُوٽس” ۾ شامل ٿيل آهي.(33)
اها ڊڪشنري 1985ع ۾ شايع ٿي هئي. جنھن منجهان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌي ٻولي صدين جي سفر ۾ لفظ اڌارا ورتا به آهن ته ڏنا به آهن.
”جيڪڏهن اسين ويدڪ دور جي توسط سان سنڌي ٻوليءَ جي ويدڪ دور کان اڳ واري سنڌُو تھذيب واري دور جي ٻوليءَ سان ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهون ٿا يا سنڌي ٻولي جا سُر ۽ وينجن سنڌو لکت ۾ تلاش ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب وڃون ٿا ته سنڌو لکت پاڻ پنھنجي شاندار ماضي تان پردو کڻي ڳالهائڻ لڳندي“. (34)
حوالا
1. Winters, Clyde, Dravidian is the language of the Indus writing, Current Science Journal, volume 103, November 2012
2. شيدائي، رحيمداد مولائي، جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي. 2008ع، ص 43
3. Narasimhan V. K, The languages of India: a Kaleidoscopic Survey, India Directories & Publications Private Ltd Original from the University of California, 1958, P-63
4. Talpur, Parveen, Evidence of Geometry in Indus Valley civilization, 2500-1500 B.C.: principles of seal designs and signs, Institute of Sindhology, University of Sindh, 1995, Jamshoro.
5. Anand Har, Sindh: Land of Hope and Glory,, Har-Anand Publications
6. Harjani Dayal N, DADUZEN aka, Sindhi Roots & Rituals - Part 1, Notion Press, 2018
7. Emeneau Murray B , Fergusson Charles A, Linguistics in South Asia, Walter de Gruyter GmbH & Co KG, ISBN: 3110819503, 9783110819502, 2016, P.216
8. Minahan James B, Ethnic Groups of South Asia and the Pacific: An Encyclopedia: An Encyclopedia, ABC-CLIO, ISBN: 1598846604, 9781598846607, 2012
9. Paniker K. Ayyappa, Medieval Indian Literature: Surveys and selections, Sahitya Akademi, ISBN: 8126003650, 9788126003655, 1997
10. Emeneau Murray B , Fergusson Charles A, Linguistics in South Asia, Walter de Gruyter GmbH & Co KG, ISBN: 3110819503, 9783110819502, 2016, P.216
11. Chandra Anjana Motiha, India Condensed: 5,000 Years of History & Culture, Marshall Cavendish International Asia Pte Ltd, 2008
12. Allana Ghulam Ali, The origin and growth of Sindhi language, Institute of Sindhology Jamshoro, 2002
13. Motwani Jagat K, None but India (Bharat) the Cradle of Aryans, Sanskrit, Vedas, & Swastika: Aryan Invasion of India’ and the Family of Language’s-Examined and Rebutted, I Universe, 2011
14. Ibid. P.213
15. Memon Siraj-ul-Haq, Sindhi Language, Sindhi Language Authority, Hyderabad Sindh, 2009
16. Lambrick H.T, Sindh: A general introduction volume 1, Sindhi Adabi Board, Jamshoro,1986
17. Paniker K. Ayyappa, Medieval Indian Literature: Surveys and selections, Sahitya Akademi, ISBN: 8126003650, 9788126003655, 1997
18. Winters, Clyde, Dravidian is the language of the Indus writing, Current Science volume 103, November 2012
19. Allana Ghulam Ali, The origin and growth of Sindhi language, Institute of Sindhology Jamshoro, 2002
20. Sahrai Taj, Lake Manchar, Culture Department Sindh, 2012
21. Kumar Sushant, Tribal Fusion and Social Evolution, Strategic Book Publishing, ISBN: 1606930354, 9781606930359, 2000
22. Shendge Malati J, The Civilized Demons: The Harappans in Rigveda, Abhinav Publications, 2003
23. Swami Gaṅgeśvarānanda, Vedas, a Way of Life from Yadnya, Matoshri Rampyaribai Sarda Satkarya Nidhi, the University of Virginia, 1982
24. Malik Dr Malti, Diamond Historical Atlas, Saraswati House Pvt Ltd, ISBN: 8173354995, 9788173354991, 2008
25. Bhate Saroja, 2002, Panini, Sahitya Akademi India
26. Singhal K. C. Gupta Roshan, The Ancient History of India, Vedic Period: A New Interpretation Atlantic Publishers & Dist, ISBN 8126902868, 9788126902866, 2003
27. Varghase, Alexander, India: History, Religion, Vision and Contribution to the world, Vol:1, Atlantic Publishers, 2008
28. Jayapalan N., Economic History of India, Atlantic Publishers & Distributors, 2008
29. Harijani N Dayal, Sindhi roots & rituals- Par 1 Nation press, 1642492892, 9781642492897, 2018
30. Jina Prem Singh, Tourism and Buddhist Monasteries of Ladakh Himalaya, Kalpaz Publications, SBN8: 178355183, 9788178355184, 2007
31. Jain Danesh, Cardona George, The Indo-Aryan Languages, Routledge, ISBN: 1135797102, 9781135797102, 2007
32. Singh Upinder, A History of Ancient and Early Medieval India: From the Stone Age to the 12th Century, Pearson Education India, 2008
33. Watkins Calvert, the American heritage dictionary of Indo European roots, 2nd edition, Houghton Mifflin Company Newyark, 2000
34. ڪنڀار، شبير، ”سنڌو لکت ۽ ٻين قديم لکتن ۾ هڪجھڙائي“ (مقالو) ، سنڌي ٻولي، (جرنل) سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، جون 2017ع