چونڊ سنڌي ناولن ۾عورت جي خودمختياريءَ جي تصور جو جائزو
(Insight into the concept of Women Empowerment in selected Sindhi novels)

حسين مسرت/ڊاڪٽر ريحانھ ملاح
Abstract:

Women Empowerment has many definitions and this paper endeavors to analyze its meaning in the light of Sindhi novels. It stresses that certain good novels factually present freedom and empowerment from a genuine feminist and humanistic tender perspective. Feminism is the name of struggle against gender discrimination as it springs out of societal arcane and moribund prejudices and pre- conceived archaic sick notions, beliefs and biases. Since its inception in 1889 Sindhi novel portrays women's role as per every writers' perception as a lover and a supporter but women empowerment or freedom has not been fully delineated. The paper underlines the vital imperative to focus and project via fiction women struggle for social empowerment and create consciousness about her survival issues in a male dominated sadistic environment. The novels have been pivotal in performing this task effectively and this must continue as a social tool.

هر سماج ۾ عورت سان متڀـيد وارا رويا موجود هوندا آهن. عورتن جي حقن وقرو نظريو ’فيمينزم‘ جي تحريڪ ڪنھن مخصوص طبقي، خطي ۽ ڪنھن خاص دور جي علمبردار نه آهي، پر هيءَ واحد تحريڪ آهي، جيڪا سڄي دنيا جي عورتن سان ٿيندڙ استحصالي سلوڪ کي تبديل ڪرڻ لاءِ هلائي ويئي آهي.فيمينزم کي ڌاريو يا مغرب جو نظريو چئي ڌڪاريو وڃي ٿو ۽ ان کي سنڌي سماج کان الڳ تصور ڪيو ويندو آهي، پر اهو شعور ڪو ٻاهران آيل تصور نه آهي. هي نظريو جنس جي تعصب کان آزاد، رنگ نسل جي متڀيد کان پاڪ سماج جو تصور پيش ڪري ٿو. ان ڪري هر ملڪ ۽ هر خطي جي عورتن توڙي مردن جو پنھنجي سماج ۾ موجود جنسي تفريق وارن روين خلاف پنھنجي شعور ۽ ڄاڻ مطابق فيمينزم لاءِ مختلف نظريا ۽ لاڙا ٿي سگهن ٿا. دنيا جي هر ملڪ ۾ موجود عورتن ۽ مردن جا پنھنجي سماجي حالتن مطابق مختلف نظريا آهن. جيڪڏهن مرد ۽ عورت پنھنجي سماج ۾ موجود تفريقي ۽ استحصالي روين کي بدلائڻ لاءِ ڪوشش ڪن ته اهي فيمينسٽ چورائي سگهن ٿا. ڪوبه مرد توڙي عورت انھن سماجي ۽ ثقافتي قدرن کي چئلينج ڪري، جيڪي عورتن جي بنيادي حقن جھڙوڪ: تعليم، نوڪري، سماجي برابري، ملڪيت ۾ حصي ۽ جيون ساٿيءَ جي چونڊ جي حاصلات ۾ رنڊڪ وجهي ۽ کين فرد جي حيثيت نه ڏني وڃي ته عورت جي ان استحصال خلاف آواز بلند ڪرڻ وارين کي عورتا-وادي سمجهي سگهجي ٿو.
عورت واد جي تحريڪ کي آمريڪا ۽ يورپ ۾ هلايل عورتن جي سياسي مھم سان به سلهاڙيو وڃي ٿو ته ڪجهه ليکڪ وري عورت سان ٿيندڙ ناانصافي خلاف اُٿاريل آواز کي به ‘فيمينزم’ چون ٿا. فيمينزم کي ڪنھن هڪ دؤر ۾ محدود نٿو ڪري سگهجي. جيئن ته هي نظريو سماجي ۽ ثقافتي روين کي پڌرو ڪري ٿو، ان ڪري هر دؤر ۽ هر علائقي ۾ هن جي وصف تبديل ٿي سگهي ٿي. هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ عورت، پنھنجي سمجهه ۽ شعور مطابق، پنھنجي سماجي حالتن مطابق ان جي وصف ٻڌائي سگهي ٿي. فيمينزم ۾ سماج ۾ صدين کان رائج نظرين قدرن، رسمن ۽ رواجن تي بحث ڪيو ويندو آهي.
“The term “feminisms” came in to English usage around the 1890, but women’s conscious struggle to resist discrimination and sexist oppress can goes much further back.” (1)
ترجمو: ”فيمينزم جو اصطلاح انگريزيءَ ۾ 1890ع ڌاري استعمال ٿيو، پر عورتن جي شعوري جدوجھد ۾ جنھن سماجي ۽ جنسي متڀيد خلاف مزاحمت نٿي ڪئي، اها گهڻو اڳي جي آهي.“
اهو چئي سگهجي ٿو ته عورت واد/فيمينزم جو اصطلاح 19صديءَ کان استعمال ٿيڻ شروع ٿيو، پر عورتن جي شعوري جدوجھد جيڪا استحصالي قدرن جي خلاف آهي، اها تمام پراڻي آهي، اهو فيمينزم ۾ تھذيب يافته دور طرف عورتن جو کنيل پھريون قدم هو.
اهي سڀ سماجي نظريا، جيڪي صرف مرد جي بالادستي ۽ حاڪميت ظاهر ڪندي، عورت کي هڪ جاءِ تي محدود ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا آهن- فيمينزم انھن کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. سماج ۾ رائج رسمن رواجن ۽ ثقافتي قدرن جو مرڪز عورت جي آزادي ۽ خودمختياريءَ کي اجاگر ڪرڻ هوندو آهي. سماجي ۽ مذهبي پابندين جو محور به عورت جي ذات ٿئي ٿي. فيمينزم پدرشاهي سماج کي چئلينج ڪري ٿو. پدرشاهي سماج اهو سماج آهي، جنھن ۾ طاقت ۽ حاڪميت جا سمورا اختيار مرد کي حاصل آهن.
پدرشاهي سماج ۾ طاقت ۽ اختيار جا سڀ ذريعا مرد جي هٿ-وس هوندا آهن ۽ عورت ان جي حاڪميت جو سڌو سنئون شڪار ٿيندي آهي. اهڙي سماج ۾ عورت کي هر طرح سان مرد جي حاڪميت جي زير اثر رهڻو پوي ٿو. عورت واد تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ عورتن، هڪ فرد جي حيثيت سان پنھنجي سڃاڻپ لاءِ جدوجھد ڪندي واضع ڪيو ته مرد سان سماجي ٻنڌڻ ۽ رشتا عورت جي سڃاڻپ نه آهن، رشتن جي ٻنڌڻ کان الڳ عورت پنھنجي سڃاڻپ رکي ٿي، اها جدوجھد ۽ سجاڳي مختلف ملڪن، علائقن ۽ دؤرن ۾ جاري رهندي آئي آهي.
دنيا جي هر سماج ۾ عورت سان لاڳاپيل مسئلا ۽ جنسي تفريق تي مشتمل رويا پڻ ساڳيا آهن. ان ڪري فيمينزم جو نظريو اهميت رکي ٿو، جيڪو عورتن کي سندن بنيادي حقن جي ڄاڻ ڏيڻ سان گڏ تحفظ پڻ ڏئي ٿو. هي نظريو ڪنھن هڪ خطي يا ملڪ لاءِ مخصوص ڪونهي. بلڪه سڄي دنيا جي عورتن جي نقطه نظر جي وضاحت ڪري ٿو.
آمريڪا ۾ 19صديءَ جي دوران غلاميءَ خلاف هلايل مزاحمتي سرگرمين سان گڏ تحريڪ شروع ٿي، جنھن ۾ Lucrative Math ۽ Elizabeth Caddy Stanchion سرگرم هيون. 1869ع ۾ ٻن تنظيمن جو بنياد وڌو ويو، هڪ The Ballot for Women ۽ The National Women Suffrage Association، جنھن جي اڳواڻ ليوسي اسٽون هئي.
خودمختياريءَ جون ڪيتريون ئي معنائون ۽ گهڻا مفھوم ٿي سگهن ٿا، جيڪڏهن عورت جي خودمختياريءَ کي ڪنھن خاص سوچ ۽ نظريي جي نڪتهء نظر سان پرکجي ۽ ان کي سنڌي ناول ۾ ڳولجي، تحقيق ڪجي ته سنڌي ناول ۾ عورت جي خودمختياريءَ کي ڪھڙيءَ ريت بيان ڪيل آهي.
ڊاڪٽر روزميري اگونيٽو پنھنجي پي.ايڇ.ڊيءَ جي ٿيسز ۾ لکي ٿي ته:
“The most profound changes in my life case when I discovered feminisms, I have never been the same since. It seemed like a veil fell from my eyes and I saw the world in a totally different ways.” (2)
ترجمو: ”منھنجي زندگيءَ ۾ گهڻيون تبديليون ان وقت آيون، جڏهن مون فيمينزم کي پرکيو ۽ پوءِ آءٌ ساڳي نه رهيس، ائين لڳو، ڄڻ ته منھنجي نظرن اڳيان ڪو پردو هٽي ويو هجي ۽ پوءِ مون دنيا کي مڪمل طرح سان مختلف نموني سان ڏٺو.“
ڊاڪٽر روزميري ان نظريي کي سمجهڻ کان پوءِ زندگيءَ کي مختلف انداز ۾ پرکيو هو، پنھنجا تجربا ٻڌائيندي وڌيڪ لکي ٿي ته:
“I saw for the first time the script I unconsciously follow – she that cutter had written for me. I saw the repression and limitations for women built into the structure of the traditional any.” (3)
ترجمو: ”مون پھريون ڀيرو ڏٺو ته غيرشعوري طور تي آءٌ اُن لکت جي پوئواري ٿي ڪريان، جيڪا مون کي ڪلچر ڏَسي ٿو، مون انهن پابندين ۽ حدن ۾ ڏٺو، جيڪي روايتي خاندانن ۾ صرف عورتن لاءِ ٺاهيون وينديون آهن.“
فيمينزم ۾ عورت جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جو تصور: عورت جي آزادي ۽ خودمختياري هميشه سڄاڻ ۽ ثقافتي نظرين جي گهيري ۾ ڦاٿل رهي آهي. سماجي پابندين جا دائرا عورت جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي تصور کي محدود ڪن ٿا. سماجي ۽ مذهبي پابنديون ڪڏهن به عورت کي مرد جي برابر، آزاديءَ جو تصور ڏيئي نه سگهيون آهن. فيمينزم ۾ عورت جي آزادي ۽ خودمختياريءَ لاءِ انساني حقن مطابق گهُر ڪئي وڃي ٿي. پنھنجي زندگيءَ تي ايترو ئي اختيار جيترو سماج ڪنھن مرد کي ڏئي ٿو، جيڪي سھولتون ۽ مراعتون سماج ۾ خاندان جي مردن کي ميسر آهن، عورتن لاءِ پڻ انهن ساڳين حقن جي گهُر ڪئي ٿي وڃي. عورت به سماج ۾ ايتري ئي اهميت ۽ عزت جي لائق آهي، جيترو مرد آهي. هن سماج ۾ مرد ۽ عورت جي سماجي حيثيت جي تعين جا پيمانا الڳ ڪيا ويا آهن. عورت هجڻ جي حيثيت سان، عورتن جي ڪم کي مڃتا نه ڏيڻ، کين سماجي عمل سان پوئتي ڌڪڻ وارن نظرين جي فيمينزم ۾ نفي ڪئي وڃي ٿي. آزاد ۽ خودمختيار عورت، جيڪا پنھنجي زندگي مرضي ۽ قابليت مطابق گذاري ٿي، سماج ۾ ان تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وڃي ٿي. عورت پنھنجي هر عمل لاءِ سماج ۽ خاندان اڳيان جوابده هجي ٿي، جڏهن ته مرد هر پابنديءَ کان آزاد سمجهيو ٿو وڃي.
فطرت هر انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي، کيس پنهنجي زندگي، انفرادي رضا ۽ خوشيءَ سان گذارڻ جو حق آهي؛ پنھنجي زندگيءَ جي طور طريقن جو تعين به انسان پاڻ ڪندو آهي. سماجي ادارا انسان جي حفاظت ۽ ڀلائي لاءِ ٺاهيا ويا آهن. انسان پنھنجي زندگي آسان بنائڻ لاءِ مختلف هنر به سکندو رهيو ۽ سماجي جوڙجڪ به پنھنجي فائدي لاءِ جوڙيائين، عورت سان ناانصافي اها ٿي ته مرد پاڻ کي سُکيو رکڻ لاءِ عورت جو استحصال شروع ڪيو. عورت کي صرف ۽ صرف مرد کي خوش ڪرڻ ۽ سڪون جو سامان سمجهيو وڃڻ لڳو.
بقول ٽرانٽسٽڪي ليون:
”جيستائين گهر ۾ زال ۽ مڙس جي حقيقي برابري نٿي ٿئي ته ايستائين سماجي ڪمن ڪارين ۽ سياست ۾ انهن جي برابريءَ جي باري ۾ سنجيدگيءَ سان ڪجهه به نٿا چئي سگهون. جيستائين عورت سلائي، ڪڙهائي، کاڌو پچائڻ، خاندان جي سنڀال ۽ ٻين گهريلو ڪمن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندي، ان وقت تائين سياسي زندگي يا سماجي سرگرمين ۾ ان جو حصو وٺڻ جا موقعا نه هجڻ جي برابر هوندا آهن.“(4)
اها ئي ڳالهه فيمينسٽ عورتون به چون ٿيون ته گهر جي ڪم کي عورتن لاءِ مخصوص ڪرڻ، انهن کي اُتي محدود ڪرڻ، انهن جي فطرتي صلاحيتن کان انڪار ڪرڻ آهي. عورتن کي پنھنجي صلاحيت ۽ قابليت مطابق ڪم ڪرڻ جا موقعا ڏيڻ سماج جي ترقيءَ جو باعث بڻجي سگهي ٿو.
حقيقي خودمختياريءَ ۾ آزادي اها آهي ته عورت جي زندگيءَ جي هر عمل تي سندس پنھنجو اختيار هجي. سماجي قانون ۽ ريتون رسمون، جيڪي سندس مشن ۽ صلاحيت تي پابنديون مڙهين، انهي کي مٽائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکڻ فيمينزم آهي.
خاندان ۾، گهرن ۾ ڇوڪريون ننڍپڻ کان ئي تفريقي روين کي منھن ڏينديون آهن. اڪثر مائرون کارائڻ پيارڻ ۾ پُٽن کي اوليت ڏينديون آهن. پھرين کاڌو مردن جي اڳيان رکيو ويندو آهي، آخر ۾ عورتون کائينديون آهن.
خاندان ۾ گهريلو معاملا عورتون هلائينديون آهن، پر اهميت مردن جي ڳالهه کي ڏني ويندي آهي. اسان جي ادب ۾ اهي تفريقي رويا نمايان طور تي موجود آهن. پڙهيل لکيل عورت شھر ۾ رهندڙ هجي يا ڪنھن ڳوٺ جي اڻ پڙهيل عورت هجي، هن لاءِ سماج ۾ رويا ساڳيا ئي آهن.
عورت جي محنت، صلاحيت، قابليت ۽ ذهانت سميت هر خوبي محض عورتپڻي سبب لڪي وڃي ٿي، سماجي ڍانچو مڪمل طرح سان مرد جي حاڪميت کي تسليم ٿو ڪري. عورت تي ٿيندڙ تشدد جي ذميوار خود عورت کي سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن شاديءَ کان پوءِ ڪا اڻ وڻت يا جهڳڙو ٿئي ٿو ته به ان جو ڏوهه عورت مٿان ئي مڙهيو ويندو آهي. سماجي ڍانچي جي مڪمل طرح سان پرک ۽ عورت جي خودمختياري کي سنڌي ادب جي صنف ناول ۾ چڱيءَ طرح پرکي سگهجي ٿو. ڇو ته ناول ادب جي اهم صنف آهي، جيڪا سڄي زندگي ۽ زندگيءَ جي نظرين کي پڌرو ڪري ٿي. سنڌي ناول ۾ عورت جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي تصور کي فيمنيزم جي نظريي مطابق پرکڻ کان پوءِ اسين ڪنھن نتيجي تي پھچي سگهنداسين.
چونڊ سنڌي ناولن ۾ عورت جي خودمختياريءَ جو تصور: ادب سماج سان سلهاڙيل هوندو آهي. ان لاءِ ادبي تحقيق سماجي صورتحال کي سمجهڻ کان سواءِ مڪمل نٿي ٿي سگهي. سماجي حالتون ۽ واقعا ادب تي اثرانداز ٿيندا آهن. تاريخ اها ڳالهه ثابت ڪئي آهي ته حڪمرانن پنھنجيون حڪومتون مضبوط ڪرڻ لاءِ ادب کي استعمال ڪيو آهي ۽ ڏاڍ ۽ جبر جي زور تي پنھنجي مرضيءَ جون تاريخون لکرايون ويون آهن. آزاد قلمن کي پابند بنائي پنھنجي مرضيءَ جا لفظ تخليق ڪرائڻ عام ڳالهه آهي، جيڪا رَوش صدين کان وٺي جاري آهي.
ناول ادب جي سگهاري صنف آهي، جنھن جي تاريخ ته لکي وئي آهي، پر نظرياتي ڇنڊڇاڻ نه ٿي سگهي آهي. اسان وٽ نظرياتي ادب گهٽ لکيو ويو آهي. هن تحقيق ۾ چونڊ ناول شامل ڪيا ويا آهن ته جيئن عورت جي خودمختياريءَ جي تصور کي واضح ڪري سگهجي ۽ سنڌي سماج ۾ عورت جي حيثيت جي بيھڪ تي به تحقيق ڪجي.
زينت: مرزا قليچ بيگ جي لکيل هن مشھور ناول جي مکيه ڪردار ’زينت‘ جي زندگيءَ جا واقعا ۽ حادثا ناول جو مرڪزي خيال آهن. جنھن ۾ عورت کي مصيبتن ۽ مشڪلاتن جو بھادريءَ سان مقابلو ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
ناول ’زينت‘ سنڌيءَ ۾ پھريون طبعزاد ناول ليکيو وڃي ٿو. ’زينت‘ ناول مرزا قليچ بيگ 1890ع ۾ لکيو هو. هي سماجي موضوع تي لکيل ناول هو، جنھن ۾ سنڌ جي سماجي حالتن کي اُجاگر ڪيل آهي. هن ناول ۾ عام سنڌي گهراڻي جي ڪھاڻي پيش ڪيل آهي، جنھن ۾ رواجي طرح سان ڌيءَ جي شاديءَ جي باري ۾ مائٽ پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن ٿا. زينت تمام سگهڙ، سليقي واري ۽ بااخلاق ڏيکاريل آهي. ماءُ بختاور ۽ پيءُ هڪٻئي سان پنھنجا ويچار ونڊيندي اهو سوچين ٿا ته، ڌيءَ جي شادي ڪرائڻ کان پھرين ان جي مرضي ۽ سوچ جي به خبر هئڻ گهرجي. هي سماجي ناول آهي. محبت جو مرڪز، گهر ۽ ان جي ڪاروهنوار سان تعلق رکندڙ ڳالهيون آهن.(5)
ناول ۾ زينت جو ڪردار غيرمتنازعه آهي. هوءَ علامتي طور تي تعليم يافته ۽ گهريلو عورت جو مثال آهي. مخصوص روايتن مطابق زندگي گذاري ٿي.
جڏهن به گهر ۾ ڇوڪريءَ جي شاديءَ جون ڳالهيون هلن ٿيون ته هر طرح سان، ڇوڪريءَ جي ذات کي پرکيو ٿو وڃي، هاڻ ته زينت کي تعليم تي به تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ اهميت ان جي ظاهري شڪل و صورت کي ڏني ٿي وڃي ۽ ٻئي نمبر تي سندس برداشت ۽ گهر جي ڪم ڪرڻ کي اوليت ڏني ويندي آهي.
ناول ۾ زينت کي مڪمل بھترين ڇوڪري ڪري ڏيکاريو ويو آهي، پر ان جي باوجود به سماجي روين ۽ دستورن مطابق ان مان خاميون تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. مرزا قليچ بيگ ناول جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ته:
”هن ناول ۾ اهڙا واقعا ڏنل آهن، جي ٿيڻ جھڙا آهن، جي سڀ ڪنھن انسان جي سِر تي اچي سگهن ٿا ۽ جڏهن منھنجو اهو به مطلب هو ته زالن جي دل تي نيڪيءَ جو اثر ويھاريان، تڏهن هن ۾ جيڪي خيالي ماڻهو آندا اٿم، تن مان مکيه هڪڙِي زال آهي، جنھن تي ساري قصي جو مدار آهي، انهي جي نالي پٺيان مون هن ڪتاب جو نالو به زينت رکيو آهي“.(6)
ليکڪ پاران ڪتاب لکڻ جو جيڪو مقصد واضح ڪيل آهي، اهو نصيحت آميز آهي. ليکڪ پنھنجي سوچ ۽ نظريي جو پرچار ڪيو آهي. ليکڪ سنڌي عورت کي جھڙي روپ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو، هن اهو زينت جي شڪل ۾ پيش ڪيو آهي.
اتحاد: سنڌي ناول ‘اتحاد’ جنھن دور ۾ لکيو ويو هو، اهو دور سنڌي سماج لاءِ تمام افراتفريءَ وارو دور هو. ٻيءَ جنگ عظيم جي خاتمي کان پوءِ معاشي بدحالي ۽ مايوسيءَ جو دور هو، آزادي جي تحريڪ به هلي رهي هئي، هندو مسلم فساد پنھنجي عروج تي هئا. 1940ع ۽ 1941ع واري دور ۾ جيڪو ادب لکيو ويو، ان کي ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، هڪ اهو ادب جيڪو سرڪاري پٺڀرائيءَ جي ٽيڪ تي مشتمل هو ۽ ٻيو اهو جيڪو عام ماڻهن جي جذبات کي ظاهر ڪندڙ هو. سنڌ جي صوفي ثقافت مطابق، مختلف مذهبن جا ماڻهو سنڌ ۾ گڏجي زندگي گذاريندا هئا. ناول ’اتحاد‘ هندو مسلم جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. گُلي سدارنگاڻي پنھنجي ناول لکڻ جي مقصد جي باري ۾ لکي ٿي ته:
”هندو مسلم جهڳڙي ۽ فساد جا پڙلاءَ جڏهن منھنجي ڪن تي پوندا آهن، تڏهن اندر ۾ اها ئي آس اُٿندي اٿم ته اهڙو ڪو نوجوان جاڳي، جو هندو مسلم اتحاد جو ناد وڄائي، خاص ڪري اسان جي سنڌ جون حالتون اهڙيون آهن، جو منھنجو اهو نتيجو آهي ته سنڌ جو نيتارو سنڌ جي مسلم نوجوان منجهان ئي ٿيندو.“ (7)
گُلي سدارنگاڻيءَ جي تحرير مان مثبت لاڙا محسوس ٿين ٿا. سماجي انتشار کي محسوس ڪري، ان کي ختم ڪرڻ جي خواهش هن کان ’اتحاد‘ ناول لکرايو. گلي سدارنگاڻي پھرين عورت ناول نگار آهي، جنھن پنھنجي ناول ۾ مذهبي متڀيد کي ختم ڪري، انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس ناول ‘اتحاد’ جو پلاٽ مضبوط نظرين تي ٻڌل آهي. هو پنھنجي ڪردارن وسيلي پنھنجي فلسفي ۽ سوچ کي واضح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نظر اچي.
تحريڪ آزاديءَ جي زماني ۾ تخليق ٿيندڙ ادب کان گليءَ جي تحرير ان ڪري به مختلف ٿي نظر اچي، جو هوءَ امن ۽ اتحاد جي ڳالهه ٿي ڪري ۽ اتحاد جا خواب ٿي ڏسي. هي اهو دور هو جنھن ۾ اديب ۽ ليکڪ به آزاد نه هئا، هو گروهه بنديءَ جو شڪار هئا. اهڙي انتشار واري دور ۾ هندو مسلم اتحاد جي ڳالهه ڪرڻ بھادري هئي. هن ناول ۾ گلي سدارنگاڻيءَ جا ڪردار، زندگيءَ جي حقيقي ڪردارن جي تمام ويجهو نظر اچن ٿا. ’آشا‘، عام هندو مذهبي گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڇوڪري آهي، جنھن کي فقط مذهبي تعليم ڏني ويئي هئي، پر آشا جي ڪردار جي تخليق ڪرڻ وقت سدارنگاڻي هن کي صرف بي جان مجسمو بنائي پيش نه ڪيو آهي، هوءَ پنھنجي سوچ ۽ سمجهه به رکي ٿي.
ناول هجي يا افسانو، گهڻو ڪري ان ۾ جڏهن به عورت جو ڪردار تخليق ڪيو ويندو آهي ته ابتدا ان جي ظاهري سونھن ۽ سوڀيا کان ٿيندي آهي. ناول جي هيروئن هميشه تمام سھڻي ڏيکاري ويندي آهي ۽ هن جي ظاهري حُسن جي واکاڻ ڪئي ويندي آهي، ان کان پوءِ هن جو اخلاق سندس سڄي خاندان سان رويو ظاهر ڪيو ويندو آهي، ڇوڪري سليقي واري تمام سگهڙ ۽ هر وقت پيءُ ۽ ڀاءُ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ واري هجي ته کيس سلڇڻي سمجهيو ويندو آهي، ڪردار جي پنھنجي سوچ، سمجهه، مرضي، خيال، طبيعت کي تمام گهٽ ظاهر ڪيو ويندو آهي. هن ناول ۾ سدارنگاڻيءَ جا ڪردار روايت کان مختلف آهن، هن ناول جي عورت پنھنجي سمجهه ۽ خيالن جو اظھار ڪندي نظر ٿي اچي، هوءَ بي جان مجسمو ناهي.
اتحاد ناول جو ڪردار ارونا، حامد سان عورت جي حقن بابت طويل بحث ڪري ٿي. ارونا واضح طور تي چوي ٿي ته عورت مردن جا حق نٿي کسي، پر انساني حقن يعني انصاف جي گُهر ٿي ڪري، عورت کي مرد جيان پنھنجون اُچايون ۽ پنھنجون سوچون آهن، مرد هميشه عورت کي پنھنجو پابند رکڻ چاهيندو آهي.
”سماجڪ انياءَ ته ڏسو، سڀ ٻنڌڻ ۽ پابنديون استريءَ مٿان، مرد سڀ کان آزاد! جي ڌرم رچيو ويو ته به استريءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ، جي اخلاقي نيتيءَ جي ڄار اُڻي ويئي سا به استريءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ، قاعدا قانون سڀ زال ذات لاءِ، مرد کي ڇُوٽ ڇڙواڳ!“ (11)
هن ناول جا ڪردار پڙهيل لکيل ۽ مثبت سوچ رکندڙ ڏيکاريل آهن. ارونا ۽ حامد جي گفتگؤَ جي برابر حقن جي ڳالهه کي واضح ڪيل آهي. ناول جي هيروئن ’آشا‘ آهي ۽ هيرو ’حامد‘، ٻنهي جو مذهب مختلف آهي، پر هو هڪٻئي کي پسند ڪن ٿا، ٻنهي جي سوچ ۾ هڪجھڙائي ڏيکاريل آهي. حامد جي نظر ۾ عورت جي آزادي ان جو حق آهي. هو پنھنجي سماجي نظام تي تنقيد ڪندي به نظر اچي ٿو ۽ ان ۾ بھتر تبديليءَ جي خواهش رکي ٿو. آشا جي ڪردار کي ناول ۾ سگهارو ڏيکاريل آهي، آشا سماج کان ڪٽيل گهر ۾ بند ٿيل ڇوڪري نه آهي، ناول ۾ جنھن دور جي عڪاسي ڪيل آهي. ان دور ۾ هندو ۽ مسلمانن جا جهيڙا هلندڙ هئا پر آشا ۽ ناول جا ٻيا ڪردار انهن نفرتن جي باهه کي ختم ڪندا ٿا نظر اچن، آخر ۾ آشا ۽ حامد جي شادي ڪرائي، سدارنگاڻي پنھنجي ناول کي تمام منفرد بنائي ڇڏيو آهي. ناول جو مرڪزي خيال ”اتحاد“ تمام واضح پيغام ٿو ڏي، ان مذهبي رواداري ۾ آهي ته مرد ۽ عورت جي سماجي رشتن ۾ برابري ۽ اتحاد جي ڳالهه ڪيل آهي.
وڌوا: نارائڻ داس ڀمڀاڻيءَ جي لکيل هن ناول سماج تي کليل تنقيد ڪئي آهي، اهي سماجي ريتون رسمون صرف ۽ صرف عورت لاءِ ٺھيل آهن. انهن جو ذڪر ڪيو اٿس، پُڄاري پنھنجن ڪردارن جي واتان پنھنجي سوچ جو اظھار تمام سھڻي نموني سان ٿو ڪري، سندس ڪردار ناول کي تمام مضبوط ۽ دلچسپ ٿا بنائين. هن ناول ۾ هر عورتپڻي کي نمايان ڪيو ويو آهي، عورت جي جذبن، خيالن، سھپ ۽ صبر کي تحريري طور بيان ڪيو ويو آهي. مرڪزي ڪردار ’سونا‘ آهي، جيڪا گلاب راءِ جي ڌيءَ آهي. ماءُ - پيءُ جي وفات کان پوءِ چاچي موتيرام جي گهر ۾ رهي ٿي، سونا پڙهيل لکيل ۽ باشعور ڇوڪري ڏيکاريل آهي. سونا جو ڪردار عام روايتن جي خلاف ڳالهائڻ جي همت رکي ٿو. ناول جا ٽي ڪردار سونا، رشتا ۽ اجيت ’استري راڄ‘ تي لکيل هڪ اخباري مضمون تي بحث ڪن ٿا، هن مضمون ۾، استري راڄ، جي باري ۾ رکيل هو ته ڪنھن ديس ۾ عورتن جو راڄ هو جيئن:
”غريب گهرن جون زالون جڏهن پنھنجي ڌنڌي تي وينديون آهن، تڏهن مردن کي سمهڻ واري ڪمري ۾ بند ڪري وينديون آهن. ائين ڪرڻ ۾ سندن مراد هوندي آهي ته مرد پاڻ کي پاڪ رکن ۽ خراب عادت کان پري رهن، مردن کي ڪابه اهڙي سکيا ڪانه ڏيڻ ۾ ايندي آهي، جنھن کي علم سڏي سگهجي. هن کي گهڻو ڪري جهالت جي اونداهه ۾ رکيو ويندو آهي“.
اجيت جنھن مھل ان مضمون تي اعتراض ڪيو ته سونا چيو:
”جيڪي مرد جي برخلاف هجي سو ٿيو اُبتو، زالن ۾ شايد ساڳيو ساهه ڪونهي؟ مرد ڀلي زالن کي پيڙهين، باقي زالن ڪجهه ڪيو ته اهائي عجيب روش ۽ ابتي رسم.“(9)
رتنا جي ماءُ به بحث ۾ حصو وٺندي چوي ٿي:
”اڄڪلهه جو سماج زالن ڏانھن پنھنجيون جوابداريون محسوس نه ٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو ان جا بانيڪار اڪثر مرد ئي آهن. عورت ٻاهران آزاد نظر اچي ٿي، کاڌي پيتي جي کيس منع ڪانهي، ڪپڙي لٽي پائڻ کان هن کي ڪو جهلي ڪونه ٿو، مگر هن جي دل آزاد ڪانهي، اها سماجڪ زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي.“(10)
عورت کي صرف مخصوص دائرن ۾ قيد ڪيو ويندو آهي. هن ناول ۾ ڪردار ان مخصوص دائرن کي چئلينج ڪن ٿا، ائين به سمجهجي ته عورت جي ظاهري آزادي، آزادي ناهي.
”اها ارمان جي ڳالهه آهي جو زال، جا مرد جي هستيءَ جو ڪارڻ آهي، سا مرد اڳيان آزاديءَ لاءِ ويٺي ٻاڏائي. اهو ڪھڙو قانون آهي، جو جنھن کي پالي وڏو ڪجي، تنھن اڳيان پاڻ کي ڪمزور ۽ ڪم طاقت محسوس ڪجي.“ (11)
عورت جي آزادي ۽ اختيار بابت مٿين سوچ رکندڙ سونا جي زندگي، شاديءَ کان پوءِ تمام صبر آزما ٿي گذري. اجيت هن کي ڇڏي ٻئي شھر ۾ هليو وڃي ٿو، سونا هن کي خطن ذريعي پنھنجن جذبن ۽ انتظار کان آگاهه ڪندي ٿي رهي. سھاڳڻ هوندي به وڌوائن جيان زندگي گذاري ٿي، اجيت، چندرا کي پسند ڪري ٿو، سونا ان کي شاديءَ جي اجازت به ڏئي ٿي ڇڏي، پر اجيت آپگهات ٿو ڪري. سونا جو ڪردار ان حادثي کان پوءِ وڌيڪ بااختيار ٿو نظر اچي. هوءَ چوي ٿي:
”مان جيڪڏهن پورهيو ڪري ڪمائي سگهان ٿي، ته پوءِ ڇو ٻين تي بار پوان؟“
سونا بيواهن جي خيرات وٺڻ جي خلاف آهي. هوءَ منڊلين ۽ ڌرم شالائن جي خلاف ٿي به پنھنجو چٽو موقف بيان ڪري ٿي ته بيواهن کي سماج کان الڳ رکڻ صحيح ناهي. اها شرم جھڙي ڳالهه آهي، جو وڌوائن جي پالنا لاءِ ماڻهن کان چندا وٺجن ۽ اوڳر ڪجي؟ وڌوائون سماج تي ٻوجهه آهن.“ (12)
هو پاڻ ڪمائي پنھنجي پيرن تي بيھڻ چاهي ٿي ۽ وڌوا جي ڳالهه به ڪري ٿي، پر ناول جي آخر ۾ هوءَ به سماج کان شڪايت رکي ٿي. جيتوڻيڪ سماج هن کي غلط ٿو سمجهي، پر هوءَ پنھنجي راءِ جو اظھار ضرور ڪري ٿي. ناول ۾ سونا ۽ رتنا پاڻ ۾ بحث ٿيون ڪن ته رتنا چوي ٿي:
”سونا! مذهبي يا اخلاقي خيال کان اسان ۾ جيڪو رواج آهي، سو بلڪل ٺيڪ آهي. شادي اهو پَوِتـِر ناتو آهي، جو ڪڏهن به ٽُـٽـڻو نه آهي، ۽ ان ناتي موجب زال هميشه مرد سان هڪ ٿي.“ (13)
سونا ان ڳالهه کان انڪار ڪندي چوي ٿي ته:
”پر اهڙو پوتر ناتو مرد ٽوڙي سگهي ٿو، سماج سڄي جوابداري زالن تي وڌي آهي ۽ مرد کي هر حال ۾ ڇُڙواڳي مليل آهي، جيڪي مرد اهو پوتر ناتو ٽوڙي، پھرين زال جي هوندي ٻي شادي ڪن ٿا، تن کي سماج ڇا ٿو ڪري؟ تن لاءِ مذهب ڇا ٿو چوي؟ جنھن زال جو مرد ٻي شادي ڪري ٿو، تنھن جو پتيءَ ڏانھن ڪھڙو رخ هئڻ گهرجي، سماج ڪيئن ٿو اميد رکي ته اها استري پنھنجي پتيءَ کي، جنھن کيس دوکو ڏنو، عزت ۽ پيار سان ڏسندي؟ تنھن جو چوڻ آهي ته پتيءَ جي عِدت بعد استري ساري عمر ان جي ياد ۾ گهاري. اهو ٿيو قدرتي عدت جي حالت ۾، ليڪن جڏهن مرد آپگهات ڪري پنھنجو خاتمو آڻي ٿو ۽ زال جي آئيندي جو ڪوبه اونو نه ٿو رکي. تڏهن دنيا ڪيئن ٿي اميد رکي ته اها زال پتي پريم جا فرض پورا ڪندي؟“ (14)
سونا جي ڳالهه ۾ سوال آهي ته ڪَرب به آهي. ساڳيو سماج ساڳيو مذهب، پر مرد ۽ عورت لاءِ ٺاهيل رواجن ۾ فرق صاف ظاهر ٿو لڳي. عورت صرف گهر ۾ موجود رهي ته به سندس سوچ ۽ فڪر جو استحصال جاري رهندو محسوس ٿئي ٿو.
بندي: چندو لال جئسنگهاڻي جو لکيل هي ناول به ساڳي موضوع تي لکيل ناول آهي، جنھن ۾ ’گومتي‘ جڏهن وڌوا ٿئي ٿي ته مائٽن ۽ عزيزن پاران سخت رويا اختيار ڪيا ٿا وڃن، هن جو ڏير سان گڏ گهر ۾ رهڻ پسند نه ٿو ڪيو وڃي. گومتي چوي ٿي:
”راجن! نه گهر مان نڪرڻ ٺيڪ نه ٿيندو، لوڪ آهي، هڪ مان وڌوا آهيان، ٻارهن مھينا اڃا ڪونه گذريا آهن. تنھن کان سواءِ اسان جو سنڌي سماج ايترو برداشت ڪري نه ٿو سگهي ته ڏير ۽ ڀاڄائي هوا بدلائڻ لاءِ پھاڙ تي وڃن.“ (15)
گومتي سماجي رسمن کان واقف آهي. هوءَ انهن کي تسليم به ڪري ٿي، پر ان جي سوچ مطابق اهي رويا صحيح ڪونه آهن، گومتي جو ڪردار جهيڙيندڙ آهي. هن ناول ۾ به وڌوا جي ٻٽي شاديءَ جو ذڪر ڪيل آهي، هندو مذهب مطابق وڌوا جي شادي منع ڪيل هجي ٿي، ان ڪري اڪثر هندو ليکڪن پنھنجين لکڻين ۾ ان سماجي مسئلي تي قلم کنيو آهي. ورهاڱي کان اڳ جيڪي ناول لکيل آهن، انهن ۾ ان مسئلي جو پرچار گهڻو ٿيل آهي، گومتي پنھنجن جذبن جو اظھار ظاهري طرح ڪري نٿي سگهي ته پنھنجي ڊائريءَ ۾ هڪ جاءِ تي لکي ٿي ته:
هي وري ڪھڙي ڪسوٽي آهي مون لاءِ؟ سڄي ڄمار سسڪندي لڇندي گذاريندس، مان پاڻ کي روڪي نٿي سگهان، مان استري آهيان، منھنجي من ۾ استرپڻي جا اُمنگ، احساس، اُڌما، ارمان مري ڪونه ويا آهن، ائين پئي سمجهان ته مان ٽُٽي رهي آهيان پر مون کي ٽٽڻو ڪونھي، مون کي ختم ٿيڻو ڪونھي. راجن نه ته، ٻيو سھي. مان گهر گرهستيءَ جي جيون نئين سر شروع ڪرڻ ٿي چاهيان، ڇا اهڙي تمنا، آرزو يا خواهش ڌارڻ پاپ آهي؟“ (16)
اسان جي سنڌي سماجي ناولن ۾ عورت کي مرڪزي ڪردار ڪري پيش ڪيو ٿو وڃي، پر جڏهن ڪنھن مخصوص نظريي تحت اسين تحقيق جي شروعات ٿا ڪريون ته صورتحال تمام مختلف ٿي نظر اچي، عورت جو خودمختيار ۽ آزاد هئڻ ۽ پاڻڀرو ٿي زندگي گذارڻ جو مسئلو هر ناول ۾ اٿاريل آهي، پر ان اختيار جي مڃتا وري به سوال رهجي ٿي وڃي. عورت جيڪڏهن سماجي روين جي نندا ٿي ڪري ته باغي ٿي سڏرائي جنھن جي ڪري، سڄو خانداني نظام ۽ سماجي نظام ان جي خلاف ٿي ٿو بيھي.
ڪردارن جي بحث ۾ فيمينزم جي نظريي جو پرچار ٿيل آهي، فيمينزم به عورت جي برابر حيثيت جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن تفريقي روين جي نفي ڪئي ٿي وڃي، جيڪي عورت، عورت هئڻ جي ڪري ڀوڳي ٿي.
نارائڻداس ڀمڀاڻيءَ جي ناول ‘وڌوا’ ۾ به اهم سماجي مسئلي طرف نشاندهي ڪيل آهي. وڌوا ناول 1943ع ۾ لکيو ويو هو. ان ناول ۾ عورت جي ٻي شاديءَ جي مسئلي تي بحث ٿيل آهي، هندو قانون مطابق وڌوا عورت جي شادي نه ڪري سگهڻ واري رسم کي ننديو ويو آهي.
چندولال جئسنگهاڻيءَ جو ناول ’بندي‘ به ان ساڳي موضوع تي لکيل آهي، بنڊي ناول ۾ عورت جي سماجي حيثيت تي بحث ٿيل آهي، ڏٺو وڃي ته سماج جو رويو عورت خلاف تمام ظالم رهيو آهي، بيواهه ٿيڻ ۾ عورت جو هٿ نه هوندو آهي، پر بيواهه عورت هڪ محرم جيان گهر جي ڪُنڊ ۾ بي جان مُورت بڻجي زندگي گذارڻ تي مجبور هوندي آهي.
لطيفان: 1945ع ۾ لکيل رام پنجواڻيءَ جو ناول ’لطيفان‘(17) سماجي ناول آهي، لطيفان جو پيءُ خون جي الزام ۾ جيل ٿو وڃي ۽ لطيفان پنھنجي چاچي جي گهر ٿي رهي. ملڪيت جي لالچ ۾ چاچي هن جي خلاف سازشون ٿي ڪري ۽ لطيفان گهران خودڪشي ڪرڻ نڪري ٿي. هن ناول ۾ سماج ۾ عورت جي مجبورين جو ذڪر ڪيل آهي. ناول جو هڪ ڪردار رضيه مظلوم عورت ڏيکاريل آهي، جيڪا پنھنجي گهرواري در محمد جي لاتعلقي ۽ لاپرواهي کي ڀوڳيندي ٿي رهي. هن ناول ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته عورت هر حال ۾ چپ رهي صبر ڪندي رهي، ان جي برعڪس وري ميلارام واسواڻيءَ جي 1939ع ۾ لکيل ناول ’رتنا‘(18) جي هيروئن، شادي کان ان ڪري انڪار ٿي ڪري ته هن کي پنھنجي آزاديءَ جو سودو منظور ڪونهي، ميلارام واسواڻيءَ جي 1945ع ۾ لکيل ناول ’سشيلا‘ ۾ به بيواهه عورت جي شادي سان گڏوگڏ بيواهه مرد جي شاديءَ جي مسئلن تي به بحث ٿيل آهي.
موهني ٻائي: ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جي 1917ع ۾ لکيل ناول ’موهني ٻائيءَ‘ (26) ۾ عورت جي تعليم تي اعتراض ڪيل آهي، عورت لاءِ صرف ايتري تعليم ضروري قرار ڏني ٿي وڃي، جيتري هن جي انتظام هلائڻ لاءِ ضروري هجي. هي سماجي ناول آهي، جنھن ۾ شادي هڪ ڪاروبار جيان ڏيکاريل آهي، سڱاوتيءَ جي دوران پئسن جي ڏي وٺ جو ذڪر آهي ۽ ڇوڪريءَ جي سونھن کي سندس سيرت ۽ قابليت تي فوقيت ڏيڻ تي به بحث ٿيل آهي. اسڪول کان ڪاليج تائين تعليم جا نقصان بيان ڪيل آهن. عورت جي شعور کي سماج لاءِ نقصان جو باعث سمجهيو پيو وڃي.
ٻيو نقصان اهو آهي ته وڏو علم ضرور خودمختياري پيدا ڪندو، انهيءَ ڪري ساڃاهه ۽ ادب به گهٽ ٿيندو، جتي خودمختياري اُٿي آهي، اتي ادب مشڪل رهندو. اُتي ٿورو منفي رويو محسوس ٿئي ٿو، پر ڪردارن جي بحث مان ان دور جون حالتن ۽ عام ماڻهن جي خيالن جي پروڙ پوي ٿي، هن ناول جو ڪردار موهني پنھنجين سوچن ۾ بلڪل واضح موقف رکندڙ آهي، هوءَ ڌرم تي به تنقيدي سوچ ٿي رکي.
”اسان جي زالن کي ملڪ جي رواج موجب رڳو ايتريقدر علم ڏيڻ گهرجي، جنھن مان هو گهر جا، قوم جا فرض چڱيءَ طرح سمجهه سان بجا آڻي سگهن. انهيءَ مراد حاصل ڪرڻ لاءِ پھرين ڌرمي سکيا ڏيڻ گهرجي، هنن کي اها مڃتا ڏيڻ گهرجي، جنھن مان هو گهر جو ڪارخانو سمجهه سان هلائي سگهن.“ (19)
سماج ۾ عورت جي آزاديءَ کي مختلف زاوين سان پيش ڪيو ٿو وڃي، سماجي قاعدا عورت جي آزاديءَ کي پسند نه ٿا ڪن، ان لاءِ عورت جي تعليم تي به اعتراض ڪيل آهي.
ساڳيءَ طرح ڪرشن کٽواڻيءَ جي ناول ’ياد هڪ پيار جي‘ ۾ هيروئن نندني عورت جي پنھنجي شخصيت ۽ حيثيت تي ڳالهه ٿي ڪري. نندني چوي ٿي ته:
”ڇا عورت اڪيلي جِي نٿي سگهي؟ ڇا عورت جي ڪا پنھنجي شخصيت ۽ نجي زندگي نه آهي؟ ڇا اهو هميشه ضروري آهي ته هوءَ ڪنھن مرد سان پلئه ٻڌي هن جي پٺيان ڦيرا پائيندي رهي؟ ڇا ان کان سواءِ عورت جي نجات ڪانھي، ڇوٽڪارو ڪونھي؟“(20)
نندني سماجي رسمن ۽ نظرين جي نندا ٿي ڪري. هو زبردستيءَ جي شاديءَ جي خلاف آهي. هوءَ مرد پاران عورت کي ملڪيت سمجهڻ واري نظريي جي خلاف بغاوت ٿي ڪري.
پوپٽي هيراننداڻيءَ جي 1987ع ۾ لکيل ناول ‘سيلاب زندگيءَ جو‘ ۾ عورتن جي حوالي سان ڪجهه اهم مسئلن جو ذڪر ٿيل آهي. هن ناول ۾ ورهاڱي جي وقت جيڪا دکدائڪ صورتحال هئي، ان جو به ذڪر آهي، جڏهن هندو سنڌ مان لڏي رهيا هئا ته گهر جون وڏيون عورتون، نوجوان ڇوڪرين کي خودڪشيءَ جا مشورا ڏينديون هيون، ته جيئن نوجوان ڇوڪريون مسلمانن جي ور نه چڙهي وڃن.(21)
هن ناول ۾ نوڪري ڪندڙ عورت لاءِ سٺو تصور پيش ٿيل ناهي.
موهن ڪلپنا جي 1953ع ۾ لکيل ناول ’آواره‘ ۾ به تمام حساس موضوع کي اٿاريو ويو آهي. ’ڪملا‘، ’اشوڪ‘ سان محبت ٿي ڪري، پر اشوڪ، ڪملا کي دوکو ٿو ڏئي. هو پھرين شاديءَ جي ڳالهه ڪملا کان لڪائي ٿو، ناول جو ڪردار موهن به عورت لاءِ ڪا چڱي راءِ نه ٿو رکي.(22)
گهڻا ناول آهن، جن جي موضوعن تي ۽ ڪردارن تي تفصيلي کوجنا ٿيڻ گهرجي. جڏهن سماجي حالت جي روشنيءَ ۾ ناولن جو جائزو وٺجي ٿو ته اسان کي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. تحريڪ پاڪستان کان وٺي ورهاڱي تائين ۽ پوءِ واري دور ۾ سماجي ڪمن ۾ عورت تمام گهڻو سرگرم رهي آهي. سرگرم عورتن، مختلف سماجي ۽ سياسي تحريڪن ۾ به حصو ورتو، پر انهن بھادر ڪردارن جو ذڪر ناولن ۾ نظر نٿو اچي. ناولن ۾ مظلوم ڪردارن جي گهڻائي آهي، اهي ڪردار، جيڪي سماجي تفريقي رويي جي نندا ڪندڙ آهن. اهي گهٽ تخليق ڪيل آهن، مضبوط ۽ بااختيار عورت جو ذڪر گهٽ ٿو نظر اچي، جيڪي عورتن جا ڪردار پنھنجن حقن جي ڳالهه ڪن ٿا، اهي به اڳيان هلي سماجي روين جي اڳيان هارائي ٿا وڃن.

حوالا
1. The Webster’s Encyclopedia, 1991, Page 381
2. Rosemary Agomit, Ph.D, No More Nice Girls (Power Sexuality and Successes workplace), Adams, Inc Holbrook Massachusetts, 1993, page No. 94
3. Ibid. page 98
4. ٽرانٽسٽڪي ليون، ترجمو: رياض ڪشميري (عورت اور خاندان: اردو)، سٽي بڪ پوائنٽ، 2012ع، ص 31
5. مرزا، قليچ بيگ، زينت، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1958ع، ص- 5
6. ساڳيو، ص 27-28
7. سدارنگاڻي، گُلي، اتحاد، 1941ع، ص: 312
8. ساڳيو، ص 23-24
9. ڀنڀاڻي، نارائڻداس، ’وڌوا‘، پبلشر نارائڻ ڀنڀاڻي، 1943ع، ص -28
10. ساڳيو، ص 30
11. ساڳيو، ص 30
12. ساڳيو، ص 189
13. ساڳيو ، ص 228
14. ساڳيو، ص 229
15. جئسنگهاڻي، چندو لال، ‘بندي’ (ناول)، هنومان مندر، بلڊنگ پپو چاڙهي، ڊڪشن روڊ، ممبئي- ص: 138
16. ساڳيو ص - 146
17. پنجواڻي، رام، لطيفان، ڀارت جيون ساهتيه منڊل، بمبئي، 1945ع، ص: 26
18. واسواڻي، ميلارام، رتنا، سندر ساهتيه، ڪراچي، 1939ع
19. آڏواڻي، ڀيرو مل مھرچند، موهني ٻائي (ناول)، اسٽئنڊرڊ پريس حيدرآباد، سنڌ، 1917ع، ص: 5
20. کٽواڻي، ڪرشن، ‘ياد هڪ پيار جي’، چونڊ پبليڪيشن لاڙڪاڻو، ص 30
21. هيراننداڻي پوپٽي/ شري راجڪمار ڇاٻڙيا، ‘سيلاب زندگيءَ جو’، سنڌي سڀا، هيپي هوم هال، ڪيرالا، مئي 1981ع
22. موهن ڪلپنا، آواره، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، ڊسمبر 1953ع، ص 26



1099 ڀيرا پڙهيو ويو