1942ع کان 1947ع تائين جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جا اهم مجموعا : هڪ اڀياس
(Analytical discourse on important anthologies of modern Sindhi short stories from 1942 -1947)
ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
Abstract:
Sindhi short stories had its genesis in 1914; the most remarkable was "Ado Abdul Rahman" by Amar Lal Hingorani written in 1930.Some books of Sindhi short stories were published in 1932, though later in 1942, Sindhi writers realistically depicted socio- political conditions like Quit India Movement and tense Hindu-Muslim relations. These writers tried to write about communal harmony and also preached sectarian unity and peace. Imperial role of the British colonial masters was exposed along with those of the capitalist exploiters and irascible feudal. Post World War Two calamities with economic and societal disasters caught short story writers' imagination and it resulted in a social awareness verging on nationalistic crusade via the power of pen. Proliferation of the printing press and publishers led to many great anthologies of short stories, the names thereof are mentioned in the article. A critical historical discourse brings back a nascent conscientious literary era. Now the present times need similar response as well.
سنڌي ڪھاڻيءَ جو ارتقائي سفر 1914ع ۾ لال چند امرڏني مل جي ڪھاڻي ’حر مکيءَ جا‘ ۽ مرزا قليچ بيگ جي ڪھاڻي ’شريف بيگم‘ کان شروع ٿيو، جيڪو پختي صورت ۾ 1930ع ۾امر لعل هنڱوراڻيءَ جي ”ڦلواڙي“ مخزن ۾ شايع ٿيل ڪھاڻي ’ادو عبدالرحمان‘ جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. وڏي ڳالهه ته سنڌي ڪھاڻيءَ جي هن سفر ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي حيدرآباد سنڌ جي 1914ع جنوري کان جاري ٿيندڙ امر لعل ’ساقي‘ جي رسالي ’ڦلواري‘ ۽ ماهوار رسالي، بولچند راجپال جي ’سنڌو‘ رسالي (1932)جديد ڪھاڻيءَ جي اوسر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. 1942ع کان اڳ جي مجموعن ۾ ’چمڙا پوش جون آکاڻيون‘، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي 1923ع ، لطف الله بدوي جو ’دسته گل‘ 1930ع، عثمان علي انصاريءَ جو ’پنج‘ 1937، ’جيوت پريم ۽ پاپ جون ڪھاڻيون‘ آسانند مامتوراءِ 1939ع، اهم آهن. ياد رهي ته سنڌي ڪھاڻيءَ جي شروعات ترجمي جي ذريعي ٿي، ترجمي ذريعي جن ڪھاڻين جي چونڊ ڪئي وئي انهن جا اڪثر موضوع ڌرمي، اخلاقي ۽ سماجي سڌاري بابت هئا، جن جو اثر گھڻي عرصي تائين طبعزاد ڪھاڻيڪارن تي به رهيو، انهن موضوعن ۾ دولت جي لالچ، گھريلو مسئلا، ننڍي عمر جي ڇوڪريءَ جي وڏي عمر واري مرد سان شادي، ڪٿي عورت جي ٻار سان شادي، يعني بي جوڙ شاديون وغيره نمايان موضوع هئا.
انهيءَ دور ۾ ڪھاڻيءَ جو پس منظر ۽ موضوع؛ اخلاقي، سماجي، معاشي ۽ تاريخي رهيو، جنھن ۾ حقيقت نگاري به شامل هئي، بعد ۾ يعني 1936ع ڌاري هندستان ۾ ترقي پسند تحريڪ جو اثر، سنڌي ڪھاڻي تي پيو. عالمي جنگين، هندوستان جي آزادي، جاگيردار ۽ سرمائيدارن جي ظلم، سماجي اڻ برابري ۽ ٻين اهڙن موضوعن کي ڪھاڻيءَ ۾ آندو ويو، سياسي، سماجي، قومي، معاشي ۽ فڪري سجاڳيءَ جھڙن موضوعن کي ڪھاڻين ۾ پيش ڪرڻ جي شروعات ٿي.
”هن دؤر جو پھريون مجموعو هو ’سَرد آهون‘ جو 1942ع ۾ نئين دنيا ڪتاب گهر (شڪارپور) پاران ڇپيو هو. جنھن ۾ آکاڻيون ان منڊل جي بانيڪار گوبند پنجابيءَ جون لکيل هيون، هن ۾ پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي سَرد آهُن جو بيان ڪيل هو ۽ سرمائيدار سماج ۾ انقلاب آڻڻ جي للڪار ڀريل هئي“. (1)
’سَرد آهون‘ مجموعي ۾ ڪھاڻيڪار جو انداز هڪ مبلغ وارو آهي، هڪ ئي فڪر آهي جي تسلسل ۾ لکيل آهن، اهو حالتن جي تناظر ۾ پيش ڪيو ويو، جيئن هن ڪتاب جي مھاڳ ۾ گوبند پاڻ لکي ٿو:
”آئون جيڪي ڪي ڏسي سگهيو آهيان ۽ جيڪي محسوس ڪيو اٿم، اهو هن ننڍي ڪتابڙي ۾ افسانن جي صورت ۾ لکيو اٿم، هيءَ منھنجي پھرين ڪوشش آهي، تنھن ڪري لکڻي وغيره جي ڪمي بيشيءَ کي نظر انداز ڪيو وڃي.“(2)
مٿي ذڪر ڪيل ڪھاڻيون، فڪري حالتن جي پيداوار آهن، جتي حالتون انتھا کي پھچن ٿيون، اتي ڪي ڏاها ۽ مفڪر حالتن جي پيش نظر نجات لاءِ ڪي نڪتا پيش ڪن ٿا، جيڪي اڳتي هلي فڪري تحريڪن ۽ نظرين جي صورت ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ڦھلجي وڃن ٿا. هنن ڪھاڻين ۾ به اهڙو عالمي فڪر آهي، جيڪو سماج کي غربت، بدحالي ۽ اوچ نيچ جي تفاوت مان ڪڍي سگهي. هن مجموعي ۾ ڪل ست ڪھاڻيون آهن. (1) آزاديءَ جو جذبو (2) ايڪتا (3) سَرد آهُون (4) چور (5)ڪفن (6) بي اي _ايل ايل بي ۽ (7) اٽو ۽ لٽو.
مجموعي جي پھرين ڪھاڻي ’آزاديءَ جو جذبو‘ ۾ ليکڪ مختلف سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي ملڪي حالت ۽ آزادي حاصل ڪرڻ بابت ويچار پيش ڪيا آهن، مٿيون طبقو عياشين ۾ ايترو مشغول آهي، جو هنن کي قومي تحريڪون ۽ آزادي بلڪل فضول ٿي نظر اچي، غريبن جي تعليم، سماجي شعور ۽ بيداريءَ کي هي چڱو نٿا سمجهن، ڪو کين سمجهائي ته هنن وٽ پنھنجا دليل آهن، ڪن کي عالمي جنگ ۾ هٽلر جي ڪردار تي ڪجهه ڳڻتي ۽ ناراضگي آهي، پر پنھنجي ديس جي غلاميءَ جي پرواهه ناهي، اهڙن گهراڻن جي نوجوانن جو به ساڳيو حال آهي، هنن کي پنھنجي عياشي ۽ مزي جو فڪر آهي، جيڪڏهن ڪو کين سماجي حالتن ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۽ شعور حاصل ڪرڻ لاءِ معياري ادب پڙهڻ جو چوي ته هي جواب ڏين ٿا:
”ڀلا تڏهن ڇا؟ آئون به تو وانگر صبح جو اٿي خشڪ راڄنيتي، ڪميونزم، سوشلزم، فيسزم، مارڪسزم، هٽلر ۽ گانڌي ازم پڙهي پنھنجو دماغ خراب ڪريان.“(3)
عوامي ادب ۽ عالمي نظرين، تحريڪن ۽ حالتن کان ڄاڻ حاصل ڪرڻ کي هو دماغ کي خراب ڪرڻ سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هو ڪل وقت سڪون ۾ رهن ٿا، کين هر شيءِ ميسر آهي، ائين ليکڪ هر طبقي جي ماڻهن جا ويچار ۽ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مختلف ڪردارن ذريعي هڪڙو پيغام ڏنو آهي. ’ايڪتا‘ ڪھاڻي ۾ موهن ۽ رحيم ڪردارن ذريعي اتحاد وارو پيغام ڏنل آهي، جنھن ۾ ٻنهي ڌرمن جي ماڻهن ۾ موجود اوڻاين تان پردو کنيو ويو آهي ۽ مھاتما گانڌي ۽ ٻين مسلمان اڳواڻن جي ڪن فضول عملن کي پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي، ساڳئي وقت سرمائيدار ۽ جاگيردار جنھن جو ڪھڙو به مذهب هجي- انسان کي لٽڻ مھل هو هڪ جھڙو آهي، ان مھل کيس ڌرم ۽ اصول وسري ٿا وڃن، ٻنھي مذهبن جي وچ ۾ تفاوت کي ختم ڪرڻ ۽ اتحاد پيدا ڪري آزادي، امن ۽ ترقي ڪرڻ جي حقيقت بيان ڪئي ويئي آهي، انهن مان سوشلسٽ فڪر نمايان ٿئي ٿو.
ڪھاڻي ’سَرد آهُون‘ ۾ ڪردار بک، بدحالي ۽ بيماريءَ ۾ تڙپندي ڏيکاريا ويا آهن، ننڍڙو عمر دوائن ۽ صحيح علاج نه ٿيڻ ڪري مري ٿو وڃي. ٻھراڙيءَ جون عورتون پري کان محنت ڪري وڏيون ۽ ڳريون ڪاٺين جون ڀريون شھر ۾ وڪري لاءِ کڻي ٿيون اچن، سندس بدحالي ۽ بيوسي ڏيکاري ويئي آهي. غربت ۽ مھانگائيءَ سبب مرد، عورتون ۽ ٻار سڀ مصيبتون ڀوڳين ٿا. ڪھاڻي ’چور‘ ۾ نوجوان غربت بيروزگاري کان پريشان ٿي پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ جي ماني خاطر هڪ عبادت گاهه اڳيان جوتا چوري ڪري ٿو. کيس پڪڙي سخت مار ڪٽ ۽ تشدد بعد منھن تي ڪارَٺ ملي سڄي شھر ۾ گهمايو ٿو وڃي، ٻئي طرف غريبن کي ڦريندڙ لٽيندڙ عام بازارن ۾ ڏينھن ڏٺي جو بي ايماني ڪندڙ آزاد ويٺا آهن، سماج جي امير ڪردارن ۽ واپارين جي بيحسي جي چڱي تصوير آهي. واضع رهي ته ورهاڱي بعد هن ساڳئي موضوع تي جمال ابڙي ’منھن ڪارو‘ ڪھاڻي لکي آهي. ’ڪفن ڪھاڻيءَ‘ ۾ گانڌي ۽ ٻين اڳواڻن پاران ’هريجن هلچل‘ ذريعي ڏنل قرض ۽ وياج جي وصوليءَ سبب عام ڀنگي به ايترو متاثر ٿئي ٿو، جو مرڻ کان پوءِ ايترو گهر ۾ نه اٿس جو کيس ڪفن ڏئي مساڻ ۾ کڻي وڃن ۽ گهر ۾ فاقا اٿن. پاڻ به مقروض هو، پويان اولاد لاءِ به قرض ڇڏي ويو، سرمائيدارانه نظام ۾ غربت، بک ۽ بدحالي نسل درنسل منتقل ٿيندي پئي اچي.
’بي اي. ايل ايل بي‘ ڪھاڻيءَ ۾ هڪ امير گهراڻي جي نوجوان هرپال بي اي ڪرڻ بعد ايل ايل بي ڪري وڪالت ڪري ٿو، ايمانداري سبب اتي ناڪام ٿئي ٿو، ڪاروبار ڪري وڏو واپاري ٿي وڃي ٿو، هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪھاڻيڪار، اميرن جي تعيلم کان پوءِ ڪمائڻ طرف اچڻ واري سوچ کي ظاهر ڪيو آهي، سماج کي هو وقت نٿا ڏين، سندس سچائي پنھنجي پاڻ لاءِ آهي، ڪھاڻي ’اٽو ۽ لٽو‘ ساڳي تسلسل ۾ لکيل مجموعي جي آخري ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ ڪانگريس جي اڳواڻن توڙي ٻين نام نھاد سماجي اڳواڻن جون اٽي جي مھانگائي ۽ ڪپڙي جي کوٽ بابت هڪ بحث شروع ٿئي ٿو، ڪجهه ماڻهو مھاڀاري لڙائي کي سبب ڄاڻائين ٿا ته ڪي وري ذخيرو ڪندڙ واپارين جو حوالو ڏين ٿا. هوڏانهن ڪانگريس آفيس ۾ ڪم ڪندڙ پٽيوالو به بدحالي جو شڪار آهي، جيڪو نوڪري ڇڏي ٻيو ڪجهه ڪرڻ چاهي ٿو.
سڄي مجموعي ۾ نه فقط سماجي اوڻاين ۽ مسئلن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي پر انهن جو حل به ٻڌايو ويو آهي، آدرشي، سچار ۽ سجاڳ ڪندڙ ڪردار به آهن، جيڪي آزادي ۽ سماجي اڻ برابري ۽ سرمائيدارن جي ظلم خلاف آواز اٿاريندا رهيا آهن، مسئلن جو حل، سماجي شعور، جمهوريت ۽ انقلاب بابت ڄاڻ حاصل ڪري قومي اتحاد ذريعي غلاميءَ مان نجات وٺي آزاديءَ سان ملڪ ۾ پنھنجي مرضيءَ جو عوامي نظام لاڳو ڪرڻ ۾ ئي آهي، هر طبقي ۽ قسم جا ڪردار گوبند پنھنجي ڪھاڻين ۾ آندا آهن.
سنڌي ڪھاڻيءَ ذريعي ترقي پسند فڪر کي عام ڪرڻ ۽ سماجي اوڻاين کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪھاڻين جو اهم مجموعو آهي ”ريگستاني ڦول“. جيڪو ڪراچي مان نئين دنيا ڪتاب گهر وارن شايع ڪيو، غلام رباني آگرو ترقي پسند تحريڪ جي سنڌي ادب تي اثر جي حوالي سان، هن مجموعي کي اها پھرين ڪوشش سڏي ٿو، جنھن ذريعي ترقي پسند فڪر جو ٻين صنفن تي به اثر پيو، هو صاحب لکي ٿو:
”سنڌي ترقي پسند ادب جو پھريون پھريون ڪتاب ’ريگستاني ڦول‘ هو جيڪو سنڌي اصلوڪين ڪھاڻين جو مجموعو هو، منجهس سڀ ڪھاڻيون سنڌي هندو ليکڪن جون هيون“.(4)
حقيقت ۾ پھريون ترقي پسند ڪھاڻين جو مجموعو سردآهون (1942ع) آهي، جنھن ۾ باقاعده طبقاتي ۽ سرمائيدارانه نظام تي چوٽ ڪيل آهي. ريگستاني ڦول 1944ع ۾ بعد ۾ شايع ٿيو آهي. ٻنھي ۾ ڪھاڻين جو موضوع مقامي ۽ بين الاقوامي تناظر ۾ سماجي حالتن جو جائزو شامل آهي. رباني صاحب پھريون ترقي پسند مجموعو ڪھڙي بنياد تي هن مجموعي کي قرار ڏنو آهي پر ان جي هُن وضاحت نه ڪئي آهي. سنڌي ڪھاڻيءُ ۾ جديد فڪر ته 1930ع کان شروع ٿي چڪو هو ،مجموعا به شايع ٿي چڪا هئا. آگرو صاحب سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۽ ترقي پسند فڪرجي شروعات جي باري ۾ پنھنجي ڪتاب ۾ بابت ڪوبه تاريخي حوالو نٿو ڏئي، نه ئي هن مجموعي بابت ٻئي ڪنھن محقق اهڙي راءِ ناهي ڏني. هن مجموعي کي ترتيب ڏيندڙ گوبند مالهي آهي. مھاڳ ۾ لکي ٿو:
”اسين پھريون ڀيرو همت ڪري ريگستاني ڦول پيش ٿا ڪريون جنھن جي سڳنڌ بوستاني گلن (ربين پر انتن جي اديبن) کان گهڻو گهٽ نه آهي.“ (5)
هن مجموعي جي پھرين ڪھاڻي ”جعفر بيلدار“ آهي، ليکڪ رام امر لعل پنجواڻي آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو مشھور ڪھاڻيڪار آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ بالا عملدارن جي بيحسي ۽ پنھنجي هٿ هيٺ ڪم ڪندڙ ننڍن ملازمن کي بيگر ۾ وهائڻ واري تصوير پيش ڪيل آهي. جعفر کي زبردستي انجنيئر صاحب جي پُٽ جي شاديءَ ۾ ڪم ۾ وهايو ويو، گهر ۾ سندس گهرواريءَ کي ويم جا سور َ هئا، جيڪا تڙپي تڙپي هڪ مئل ٻار کي جنم ڏئي پاڻ به ابدي ننڊ سمهي چڪي هئي، هيڏانهن گهر ۾ ماتم، هوڏانهن صاحب جي گهر ۾ شادمانا خوشيون! طبقاتي فرق سبب انسان کي انسان رهڻ نه ڏنو ويو. ٻي ڪھاڻي آنند گولاڻيءَ جي ’سڱ‘ نالي سان آهي، نبو پنجونجاهه سالن جو ڌيءَ جو سڱ ڏيئي ڏهن ورهين جي ڌاڻوءَ سان شادي ڪري ٿو، شاديءَ رات کان وٺي ڇوڪريءَ تي ظلم شروع ٿيو، اڃا نابالغ ۽ ٻار هئي، جڏهن ڌاڻو جوان ٿي ته نبو ڪراڙو ٿي چڪو هو، هن صادق سان رستو رکيو، ائين هڪ ڏينهن نبو ٻنهي کي گڏ ڏسي ڌڪ هڻي ماري وڌو ۽ پاڻ به ٻن خونن جي ڪيس ۾ ڦاهيءَ چڙهيو.
هن موضوع تي ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي ۽ لالچند امر ڏنو مل لکي چڪا آهن، بھرحال ڄاڻايل ڪھاڻيءَ ۾ ڪردار ٻوليءَ ۽ اسلوب، سماجي ماحول جي پيش نظر بھترين آهي. ’معصوم محبت‘ ڪھاڻي رميش چندر جي لکيل آهي، ڪھاڻي خطن ۾ آهي، رميش هڪ شادي شده نوجوان ۽ گنگا هڪ معصوم محبت ڪندڙ ڪردار آهي، جيڪا محبت ڀريا احساس آهن جن ۾ سدائين زماني جو خوف ۽ خطرو رهي ٿو. ’ساڙهي‘ ڪھاڻي ڀڳوان لالواڻيءَ جي آهي، جنھن کي ٻي عالمي جنگ دؤران غربت ۽ ڪپڙي جي کوٽ جو درد ناڪ داستان آهي، بملا پنجاهه ماڻهن کان پوءِ قطار ۾ بيٺل هئي، جڏهن سندس وارو آيو ته مٿي چڙهي هڪ هٿ سان پئسا ڏنائين ۽ ٻئي هٿ سان نئين ساڙهي ٿي ورتائين ته جسم تي ويڙهيل سڙيل چتيون لڳل ڪپڙو جنھن کي هٿن سان جهلي بيٺي هئي، هٿ نڪرڻ سان اهو لھي چڪو هو. عالمي جنگ دوران هر شيءِ جي کوٽ عام غريبن ۾ وڌندي پئي وئي.’ڌاڙيل‘ ڪھاڻي نارائڻ ڏيوناڻيءَ جي لکيل آهي، مراد وڏيري جي ڇيڙ تي نه وڃي سگهيو، انهيءَ ڏوهه ۾ کيس ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي جيل موڪليو ويو، سزاختم ٿيڻ بعد گهر ويران ڏٺائين، ماءُ مري وئي، ڀيڻ ڪنھن مائٽ ڏي رهي پئي، مراد ڌاڙيل بڻيو ۽ وڃي وڏيري کي ماريائين. هونئن به سنڌي ڪھاڻيءَ ۾ ڌاڙيل جو ساڳيو ڪردار آهي، هڪ عام پورهيت کي ڌاڙيل بڻائڻ وارو سڀني ڪھاڻين ۾ وڏيرو آهي، ظلم ۽ تشدد کان تنگ اچي ٻي واٽ نه ڏسي نيٺ بغاوت ڪن ٿا. عدالت ۽ پوليس وڏيري سان گڏ آهي.
’مڇن واري دادي‘ ڪھاڻي، جيوت جي مشھور ڪھاڻي آهي، ڪردار قدرت جي هڪ ڏنل عيب جي ڪري سماج ۾ اڪيلو ٿي وڃي ٿو. دروپدي کي قدرت مڇون ڏئي ڇڏيون، اسڪول ۾ پڙهائڻ دوران ڇوڪريون مذاق ڪن ۽ گهر ۾ به ڪير دلچسپي نه وٺي، رشتو اچڻو هوس، ان لاءِ ماءُ ۽ ڀائرن کيس مڇون ڪوڙڻ لاءِ شيو ڪرڻ جو سامان ڏنو، کيس چيو ويو ته مڇون صاف ڪري اچي ته جيئن هنن کي خبر نه پئي. پر دروپدي جي سوچ ٻه واٽي تي بيٺي هئي، هڪ ته مُڇون ڪُوڙي هنن جي سامهون وڃان، من قبول پوان، يا وري شادي کان پوءِ جڏهن ٻيھر مڇون نڪتيون ته زندگي ڪھڙين اذيتن ۾ اچي ويندي. اهڙي فريبي زندگي کان کيس نفرت ٿي، پنھنجي آزادي ۽ جھڙو حال هو اهو ئي کيس سڪون ڏئي ٿو، آرسي دريءَ مان ڦٽي ڪري ريزر ٽيبل تي ڇڏي گهران هلي وئي، اها ڪھاڻي پنھنجي منفرد ڪردار جي ڪري متاثر ڪندڙ آهي.
’آکيري جو ٽُــٽڻ‘ ڪھاڻي سوڀي گيانچنداڻي جي لکيل آهي، ڳوٺ ۾ گڏ رهندڙ هندو ۽ مسلمان چورين ۽ ڌاڙيلن جي ڪري آکيرو جھڙو ڳوٺ ٽوڙي شھري ڳتيل آباديءَ ڏانهن رخ ڪن ٿا، جيڪا ڳالهه ورهاڱي جو علامتي اظھار آهي.’ڀڳل دل‘ ڪھاڻي ليلي چنداڻيءَ جي لکيل آهي. اها ڪھاڻي ٻن محبت ڪندڙ ڪردارن جي مجبوريءَ جو داستان آهي، ارمي ۽ ڪانئُه چاهڻ باوجود شادي نه ڪري سگهيا، سندن محبت سماج قبول نه ڪئي، ارميءَ جي شاديءَ تي ڪانئُه بي وسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيا.
’قاتل ڪير‘ ڪشن مسرور جي لکيل آهي، ڪھاڻي ۾ ڏاڍي ڪردار جي اڳيان هيڻن جي بي وسي ظاهر ڪيل آهي. گلڻ هاري پنھنجي ڌيءَ عذرا جي شادي پاڻ سان گڏ رهندڙ اظھر سان ڪرڻ چاهي ٿو، عذرا زميندار جي پٽ کي پسند اچي وئي، زميندار گُهر ڪئي، ڪردار ايترو بيوس ۽ زميندار جي خوف ۽ حراس ۾ ورتل هئا، جو ٽنهي اجتماعي خودڪشي ڪري ڇڏي. ڪھاڻيڪار اهو آواز اٿاري ٿو ته قاتل ڪير آهي. قاتل جو ڪردار سڀني جي سامھون پڌرو ٿئي ٿو. ’ڌنڌلي تصوير‘ ڪھاڻي مشھور ڪھاڻيڪار ڪرشن کٽواڻيءَ جي لکيل آهي. هي ٻن محبت ڪندڙ ڪردارن جي ڪھاڻي آهي، يادن جي ڌنڌلي تصوير ۾ حسين نظارا، بئنسري جو وڻندڙ آواز، اُما جي ياد، شھر جي ڇوڪري ۽ ڳوٺاڻو نوجوان پڙهائي دوران محبت ڪن ٿا، پر شادي نه ٿي سگهي، ڪردار سماجي قاعدن اڳيان بيوس آهن، فطرت ۾ آزادي ۽ حسن آهي.
’ٻه واٽو‘ ڪھاڻي موهني چنديراماڻيءَ جي لکيل آهي، هيءَ ڪھاڻي هڪ سماجواد نوجوان جي ڪردار جي ڪھاڻي آهي. رام جو ڏاڏو کيس ڊاڪٽر بڻائڻ چاهي ٿو، هر طرح سان کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر رام سماجي ڪارڪن ۽ انقلابي راهه تي هلڻ جو پڪو پھه ڪري چڪو هو، چندرا کي به رام پنھنجي مقصد کان آگاهه ڪري ڇڏيو، پر هن به ساٿ نه ڏنو، جيلن ۾ به ويو، پر پنھنجي روشن خيال فڪر ۽ عمل تي مستقل مزاجيءَ سان قائم رهيو، ترقي پسند فڪر جو پرچار ڪندڙ ڪردار آهي. ’رحيما‘ ڪھاڻي شيخ عبدالستار جي لکيل آهي، بي جوڙ شادي، دولت جي لالچ ۾ ويھارڻ نيٺ پنھنجي خاندان ۾ ننڍي عمر جي ٻار سان رحيما جي شادي ڪرائي وئي. رحيما پاڙي ۾ رهندڙ ايوب ڪنڀر جي نوجوان وجود ڏانهن ڇڪجي آئي، ايوب کي جيل موڪليو ويو، رحيما گهران نڪري ويئي، هڪ مھاڻي سان وڃي شادي ڪيائين، آخر هڪ ڳوٺاڻي کيس بازار حسن ۾ ويٺل ڏٺو، عورت جي بي وسي، ڪردار جي پنھنجي محرومين کي ختم ڪرڻ لاءِ ورتل غلط واٽ کيس رلائي ڇڏيو. هن مجموعي جي آخري ڪھاڻي گوبند مالھي جي’همدرديءَ جو احساس‘ نالي سان آهي، ماءُ پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ موهني پاڙيوارن جي هڪ نوڪر نارؤ سان لاڳاپا رکڻ سبب پيٽ سان ٿي پئي، ماءُ پيءُ پريشان ٿي پيا، ذلت جو احساس اڃا وڌيڪ ان ڪري ٿين جو هڪ نوڪر سان تعلق رکيو هئائين، ڪراچي وٺي وڃي سندس ٻار ڪيرائڻ چاهين ٿا. موهني ڪيترن ئي احساسن ۾ وڪوڙيل نيٽي جيٽي پل تان پاڻ اڇلائي ٿي، ليکڪ ٻڌائي ٿو ته ان کان اڳ موهني پاڻ لاءِ همدرديءَ جو احساس پيدا ڪري چڪي هئي. مجموعي ۾ گهڻا ليکڪ نوان آهن، سندن شروعاتي ڪوششون آهن، پر حقيقت پسندي ۽ ادب ۾ نون موضوعن ۽ لاڙن کي روشناس ڪرائيندڙ آهن.
ڪھاڻيءَ ۾ موضوعن ۽ ڪردارن جي عمل کي وسعت آهي، سماجي انقلاب ۽ تبديلي عملي طور آڻڻ پرچار ۽ سجاڳيءَ جو سڏ پڻ آهي. ريگستاني ڦول بعد ڪھاڻيءَ جي حوالي سان ’پرهه ڦٽي‘ (1945) مجموعو اهم آهي، هن ۾ مشھور ترقي پسند شاعرن جي شاعري به آهي ۽ ڪھاڻيون به آهن. نئين دنيا ڪتاب گهر اشاعتي اداري جو مقصد ئي ترقي پسند ادب کي پکيڙڻ رهيو، پرهه ڦٽي جي مھاڳ ۾ گوبند مالهي لکي ٿو:
”نيئن دنيا جي بانيڪارن اڳيان صرف هڪ مقصد آهي، دنيا ۽ هندستان جي ٻين پرانتن جي ترقي پسند اديبن جي تصنيفن کان سنڌ جي عوام جنتا کي متاثر ڪري منجهن اصلي سنڌي ترقي پسند ساهتيه Original progressive Sindhi Literature پيدا ڪرڻ لاءِ چاهه وڌائڻ“.(6)
هن مجموعي ۾ پھرين شيخ اياز جي شاعري ڏنل آهي. ان بعد رام پنجواڻيءَ جي ڪھاڻي ’انساني مرغي‘ نالي سان ڏنل آهي. ڪھاڻيءَ ۾ ڊاڪ بنگلي اندر هڪ آفيسر هٿان لاچار، بيوس ۽ غريب عورت جي عصمت وڪامي ٿي، جيئن ته عام مرغيءَ جي قيمت آهي، پر زينت جي غربت جي سبب ڪابه قيمت ناهي. مرغيءَ جي گوشت جيان، هن انساني مرغيءَ کي به صاحب وٽ عياشيءَ لاءِ چند ٽَڪن عيوض پيش ڪيو ويو آهي. ’مٽي مائٽي‘ ڪھاڻي آنند گولاڻيءَ جي لکيل آهي. ڪھاڻيءَ جو موضوع شاديءَ جي موقعي تي ڏيتي ليتي واري رسم آهي، ڇوڪريءَ جي مائٽن کان ڳري رقم جي طلب ڪئي وڃي ٿي. مئنا پنھنجي لاءِ هزارن جي گُهر ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي ٿي. هن ۾ خاص ڪري عورتن کي هڪ طرف رقم ڏيڻ گهٽ وڌ جي صورت ۾، سڄي زندگي مھڻا کائڻ ۽ ذلت ۾ رهڻ واري احساس کي ڪردارن جي ذريعي پيش ڪيو ويو آهي.
’عيش جي قيمت‘ ڪھاڻي سُڳن آهوجا جي لکيل آهي. ڇوڪريءَ جو پيءُ زيور جوڙائي ڌيءَ کي پھرائي، سندس سڱ ڪنھن چڱي چوکي هنڌ ڪرائڻ جا خواب لھي ٿو، ٻئي طرف سندس ڌيءَ چندري، پاڙيسري ٽانگي واري مورؤ سان نينھن اٽڪائي ويھي ٿي، جيڪو کيس چئن ڏينهن جي عيش لاءِ گهران ڀڄائي ويو، نتيجي ۾ پيءُ آئل مل خودڪشي ڪري ڇڏي. هيڏانهن مورؤ چندريءَ جا سڀ زيور جوا ۾ هارائي چڪو هو، ائين نوجوان ڪردار جيڪي ٿوري عيش خاطر وڏي قيمت ٿا ڏين، اهڙن ڪردارن جي هي ڪھاڻي آهي. ’رام راج‘ ڪھاڻي ڀڳوان بيچئن جي لکيل آهي، اهم ڪردار شانتا جو آهي. جنھن سان ڪاليج ۾ اوباش ڇوڪرن ساڻس ڇيڙ ڇاڙ ڪئي، پاڻ بھ منھن تي چماٽ وهائي آين، جنھن تان پاڙي ۽ شھر ۾ سندس وڏي خواري ٿيڻ لڳي، ڪنھن به سندس حوصلا افزائي نه ڪئي، ڪانگريس ۾ شامل ٿي سماجي ڪارڪنن سان گڏجي قومي ڪمن ۾ لڳي وئي، هن ۾ حوصلو ۽ خود اعتمادي موٽي آئي ۽ هوءَ انقلاب جي راهه تي هلڻ لڳي.
’نيلو‘ گوبند پنجابيءَ جي انتھائي ڏکوئيندڙ ڪھاڻي آهي. پورهيت جانڪي روڊ تي پٿر ڍوئيندي ٺيڪيدار جي ڊپ کان ڪم ۾ لڳي رهي، هوڏانهن جنھن لاءِ ويم جي پندرهين ڏينھن اچي پٿرن جو پورهيو ڪيو هئائين ۽ وڻ هيٺان ڪاٺين جي جُهولي ۾ ٻار کي سمهاري اچي پورهئي ۾ لڳي هئي، پر ٻار اتي نه هو، پريان مزدورن ڏٺو ڪتا ٻار کي چيري ڦاڙي کائي رهيا هئا، هوءَ رڙيون ڪري ان طرف ڊوڙي، پر جمعدار مزدورن کي دڙڪا ڏئي ڪم تي لڳائي ڇڏيو . مقصد ته: غريب ۽ بي پھچ ۽ محنت ڪش انسان جي زندگي ٺوڪرن ۾ ۽ سندس نسل ڪتي جي وات ۾ آهي، جڏهن ته سرمائيدارن جي ڪردار جا اهڙا انسانيت کي لڄائيندڙ ڪارناما سندن ظلم جا ثبوت آهن. ليکڪ ڪميونزم ۽ سوشلسٽ فڪر ذريعي اهڙي ڪردار کي تخليق ڪيو آهي، جيڪو سماج کي جنجهوڙي جاڳائي.
’بي نڪو‘ جيوت نرياڻي جي ڪھاڻي آهي، هن ڪھاڻيءَ جي ڪردار سندريءَ اها حقيقت ظاهر ڪئي آهي ته اهو انسان بي نڪو ناهي، جيڪو عورت کي آزادي ڏي ٿو. مردن جي سماج ۾ ڪاروهنوار ۽ نوڪري وغيره ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏي ٿو، پر اصل بي نڪو اهو آهي، جيڪو عورت تي تشدد ڪري سندس آزادي به ختم ڪري ٿو ته کيس ماءُ پيءُ جي گهران سدائين رقم آڻڻ لاءِ مجبور به ڪري ٿو. ’ڪتي جو موت‘ ڪھاڻيءَ ۾ ڪرشن کٽواڻي هڪ مجبور بيوس بک ۽ ڏڪار جو شڪار خاندان جي هڪ سُلڇڻي ٻار جي ڪردار جو نقش چٽيو آهي، جيڪو زماني هٿان بي درديءَ سان مري ٿو پوي، پر ڪنھن کي به ڪا پرواهه ناهي، ڄڻ ڪو جانور مري ويو.
’پرديسي پريتم‘ ۾ سوڀي گيانچنداڻي هڪ چيني نوجوان سن فوءِ جي محبت جي ڪھاڻي لکي آهي. ڪملا هن کي بلڪل جواب ڏئي ڇڏيو ته هوءَ ساڻس ڪڏهن به محبت نه ٿي ڪري سگهي، ’ٽي سال ٽيپ‘ ڪھاڻي عيشي وديارٿي جي لکيل آهي. مھاڀاري لڙائي دوران روس ۽ چين جي مدد ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ سان وابستگيءَ جو احوال ۽ جيل جا مختلف تجربا پيش ڪيا ويا آهن. هن ڪھاڻيءَ ۾ آزاديءَ جي جدوجھد ۽ سماجي انساني برابري واري فڪر لاءِ جدوجھد ڪندڙ ڪردار جي زندگيءَ کي پيش ڪيو ويو آهي.
’هاري حقدار‘ گوبند مالهيءَ جي ڪھاڻي آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ اٻوجهه هارين ۾ سجاڳي آڻيندڙ ڪردار عبدالقادر، جيڪو اليڪشن ۾ بيھي ٿوپر هارائي وڃي ٿو؛ ٻئي پاسي مير وڏيرو کٽي وڃي ٿو. رحيم هاري حقدار پارٽي کي ووٽ ڏنو هو، هارائڻ باوجود سندس ضمير مطمئن هو، ووٽ ذريعي تبديلي، سيد ۽ وڏيري جي ڪردار جي مڪاري ۽ چالاڪي ٻئي پاسي عام سماجي ڪارڪن هارين جي اڳواڻ جي مخلص ڪردار کي ظاهر ڪيو ويو آهي. هي سڄو مجموعو ترقي پسند فڪر سماجي اڻ برابري، پورهيتن سان ٿيندڙ ظلم جي داستانن سان ڀريل آهي، ڪردار جيڪي اهڙي نظام ۾ پيهجي رهيا هئا، انهن جي زندگيءَ جون حقيقتون پيش ڪيون ويون آهن. هيءَ ڪھاڻي گوبند مالهي تنھن دور جي مشھور هاري اڳواڻ ڪامريڊ عبدالقادر ميوي تي لکي هئي. ان دور جي مڪمل عڪاسي پوي ٿي.
1947ع ۾ زندگي پبليڪيشن ڪراچيءَ جي بانيڪار بھاري لال ڇاٻڙيا ’سنڌي ڪھاڻيون‘ نالي مجموعو شايع ڪرايو، جنھن ۾ سماجي حالتن، سياسي اٿل پٿل، ڪميونسٽ فڪر ۽ ترقي پسند سوچ کي هٿي ڏني وئي هئي، هي زندگي پبليڪيشن جو پھريون ڪتاب هو، جنھن ۾ پھرين ڪھاڻي آسانند مامتوراءِ جي ’ڪڪي‘ شامل ڪئي وئي آهي، ڪھاڻي عورت ۾ اڀرندڙ جنسي احساسن کي پيش ڪري ٿي، پر وري حالتن سان ٺاهه ڪري صبر ۽ ممتا جي احساس ۾ اهو جذبو سانتيڪو ٿي وڃي ٿو . ان بعد ’رفيق‘ ڪھاڻي شيخ اياز جي شامل آهي، نجمه ۽ موهن جي محبت ۽ قومي ڪم ڪارين ۾ حصو وٺڻ انسانيت جي خدمت ڪرڻ، ڪھاڻيءَ جي ڪردارن جو خاص مقصد ڏيکاريو ويو آهي، ڪھاڻيءَ ۾ مائٽ نجمه کي موهن کان روڪين ٿا ۽ هُن تي تشدد به ٿئي ٿو پر هوءَ موهن کي نٿي ڇڏي، مذهبي فرق کي مٽائي محبت کي اعليٰ ڏيکاريو ويو آهي.’غم جي ڪھاڻي‘ گوبند مالهي لکي آهي، ريل ۾ کيس هڪ مسافر پنھنجي غم جي ڪھاڻي ٻڌائي ٿو ته ڪيئن انگريز سپاهين گهرن ۾ گهڙي سندس ڀيڻ ۽ زال جي عصمت لٽي ۽ ان واقعي سبب هو ٻئي مري ويون. ڪھاڻيءَ ۾ قابض انگريز جي ڏاڍ جي انتھا ڏيکاري وئي آهي، ’نئون زمانو‘ ڪھاڻي لڇمڻ راجپال جي لکيل آهي، جنھن ۾ بنگال ۾ آيل ڏڪار جو منظر پيش ڪيو ويو آهي. ڪرشن جيڪو ظاهر مذهب پرست هو، ڏڪار واري حالت ڏسي دوستن سان گڏ انسانيت جي خدمت ۾ لڳي ويو .ظاهري مذهب پرست سياستدانن جي ڪردار کي به هنن حالتن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي، جنھن ڪري نئين زماني جي تقاضا مطابق انسانيت جي خدمت ۽ دردکي محسوس ڪرڻ لاءِ ڪميونسٽ فڪر جي وڌيڪ گهرج ڏيکاري ويئي آهي.
’سرحد‘ ڪھاڻي رام امر لعل پنجواڻيءَ جي لکيل آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ انقلابي دوست سرحدن کي بناوٽي سمجهن ٿا ۽ ايندڙ انقلاب سڀني کي برابر ڪري ڇڏي، اهڙي حسرت رکن ٿا. ’منجري ڪولهڻ‘ ليکو تلسياڻي جي مشھور ڪھاڻي آهي، منجريءَ ۾ ڪجهه ڪرداري خوبيون موجود آهن، منگها رام ملڪاڻي هن باري ۾ لکي ٿو:
”ليکو تلسياڻي جي منجري ڪولهڻ منھنجي نظر ۾ هن دؤر جي هڪ عاليشان آکاڻي هئي ۽ هڪ گهٽ ذات عورت جي امنگن بابت نفيس پر بيباڪ نوع ۾ لکيل هئي.“ (7)
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ان دؤر ۾ پنھنجي مطالعي جي آڌار تي هي راءِ ڏئي ٿو:
”منھنجي مطالعي مطابق ليکو تلسياڻيءَ جي منجري ڪولهڻ موضوع ۽ اسلوب ۾ ان دؤر جي هڪ بھترين ڪھاڻي آهي.“ (8)
هن ڪھاڻي ۾ ٻن ڪولهي ذات جي پريمين جو چٽ چٽيل آهي، سندس سونھن کي هن طرح پيش ڪيو ويو آهي.
”هڪ وڏي نِم جي وڻ هيٺان منجري ويٺي هئي، ڇوري هئي سا خسيس ڪولهڻ، پر ڇوريءَ جي اکين ۾ ڪامڻ هئا، بدن ۾ مقناطيسي ڪشش هئس، ايندڙ ويندڙ جي نگاهه ڏانهس ضرور ڇڪجي وڃي، شايد اڳين جنم ۾ ڪا شھزادي هئي، پرين جي شھزادي.“ (9)
منجريءَ جي محبت هڪ نوجوان ايسري نالي سان هئي، جيڪو جسم ۾ هڪ سگهارو ۽ غريب نوجوان هو، ڪورٽ ۾ منجريءَ جي مڙس ايسري تي زال کي ورغلائڻ ۽ کڻڻ جو ڪيس ڪيو هو، پر ڪورٽ ۾ منجري سڀ پنھنجي سر الزام کنيا، مڙس جي اجائي تشدد سبب ۽ ايسري جي مضبوط جسم کان متاثر ٿيڻ بعد هوءَ پاڻ مڙس کي ڇڏي هن ڏانھن هلي وئي هئي. جج حقيقت کي سمجهڻ باوجود ايسري کي ٽي مھينا جيل موڪليو، ٻنھي جو هڪ ٻئي ۾ اعتماد هو،سزا ملڻ باوجود پاڻ کي سوڀارو سمجهي رهيا هئا.
’ڀيڻ‘ عنوان سان ڪھاڻي ڀون پنجواڻيءَ جي لکيل آهي، فطرت جي حسين نظارن کان عورت جي سونھن کي وڌيڪ ۽ سرس ڏيکاريو ويو آهي، ’هوءَ‘ ڪھاڻي جو ليکڪ ڪيرت ٻاٻاڻي آهي. ڪھاڻي ۾ هڪ عورت جيڪا پنھنجي گهر ۽ ور سان نھايت خوشحال، پرسڪون ۽ محبت ڀري زندگي گذاري رهي هئي، اچانڪ ملڪ ۾ ٿيندڙ فرقيواريت جي فسادن ۾ سندس مڙس مارجي ويو، سندس دنيا اجڙي وئي. پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار خاطر پِني به جيئڻ جي خواهش سجاڳ هئي، پر دنيا جون ٺوڪرون ۽ ذلتون ڏسي هاڻي ان ٻار خاطر ئي مرڻ کي ترجيح ڏني. ’هوءَ تيز هلڻ لڳي‘ ڪھاڻيءَ ۾ بيگناهه ڪردارن جي ڪرب ۽ تڪليف کي فنڪارانه انداز ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
1947ع ۾ شيخ اياز ’اسان جي سنڌ‘ نالي مختلف ڪھاڻيڪارن جو ڪھاڻيون ڪراچيءَ مان شايع ڪرايون- هن مجموعي ۾ چار ڪھاڻيون شامل آهن: ’سائو سوٽ‘، ’موهن پنجابي‘، ’پاڙيسري‘ شيخ اياز، ’هراس‘ رام امر لعل پنجواڻي ۽ ’دشمن ڪير‘ ڪيرت ٻاٻاڻي شامل آهن، سڀ انگريزن جي دؤر جي هنگامن ڀرئي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ آهن. هندو مسلم اتحاد ۽ اصل سامراج قوتن کي پيش ڪيو ويو آهي. اسان جي سنڌ نالي سان شيخ اياز سجاڳي، اتحاد ۽ قومي تشخص تي ڀرپور بيباڪ ٿي مھاڳ لکيو آهي. ڪھاڻين جي مقصد بابت لکي ٿو:
”هي آکاڻيون انهيءَ محبت، اتفاق، حب الوطني ۽ بغاوت جو نتيجو آهن. اڄ اسين ترقي پسند اديب هن سماج جي جھوني تصور ۽ رجعت پسند خيالات سان ٽڪر کائي رهيا آهيون. جو سياست حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي تنھن کي ساهتيه سمجھائڻ لاءِ نڪتي آهي. اميد ته هيءَ ڪوشش وئڙت نه ويندي ۽ نئين زندگي ۽ نئون نظريه پيدا ڪندي.“(10)
شيخ اياز ’باغي منڊل‘ سلسلي جو بنياد وڌو هو، جنھن جي سِري هيٺ سندس مجموعو ’سفيد وحشي‘ اپريل 1947ع ۾ شايع ٿيو. جنھن ۾ سندس پنج ڪھاڻيون شامل آهن. بعد ۾ ’پنهل کان پوءِ‘ نالي سان سندس سموريون ڪھاڻيون ان ۾ شايع ٿيون، جيڪي هن ورهاڱي کان اڳ ۽ انهيءَ دؤر ۾ لکيون ويون، سندس جاري ڪيل ٻئي اهم ترقي پسند رسالي ”اڳتي قدم“ ۾ به سندس بهترين ڪھاڻيون شايع ٿيون. هنن ڪھاڻين مان ’کلڻي‘ بھترين ڪرداري ڪھاڻي طور مشھور ٿي. شيخ اياز جي ’سفيد وحشي‘ مجموعي ۾شامل پنجن ڪھاڻين جو اڀياس هيٺ ڏجي ٿو:
”مھاڳ“ شيخ اياز پاڻ لکيو آهي، مھاڳ ۾ پنھنجو فڪري نقطه نظر هن طرح بيان ڪيو آهي:
”مان نه پاڪستاني آهيان نه اکنڊ هندستاني، نه سماج جي سطحي رسم ۽ رواج جو پابند، نه انقلابي طبقي جي اجائي جوش سان شامل، نه ساهتيه جي جهوني يڪ رنگ جو قائل، نه ڍونگي ترقي پسندن جي جنسي sexual)) اگھاڙپ جو مشتاق. منھنجي راهه الڳ آهي، منھنجو سياسي سماجي تصور علحدو آهي، منھنجا خيال ۽ احساس امنگ ۽ اڌما هر ڪنھن رڪاوٽ کي ٺڪرائيندا پنھنجو رستو تلاش ڪندا آهن ۽ جي اها نه هٽندي آهي ته منھنجي بغاوت ٻه رتيون زور ٿي ويندي آهي. پوءِ اها رڪاوٽ سماج هجي يا سياسي طاقت، مذهب هجي يا رسمون روايتون، ’ترقي پسند يا غير ترقي پسند‘ پنھنجو فڪري نظريو واضع ڪري ڇڏيو آهي، هو محض ڪنھن اصول يا فڪرجي پورائي لاءِ نٿو لکي. پر سماج جي حقيقي مسئلن کي پنھنجي ضمير جي روشنيءَ ۾ پرکي انهن کي پيش ڪري ٿو. ڪردارن کي فطري رنگ ۾ پيش ڪري ٿو“.(11)
هن مجموعي جي پھرين ڪھاڻي ’ڪارو رنگ‘ آهي. ’ڪارو رنگ‘ عنوان سان مجموعي جي پھرين ڪھاڻيءَ ۾ اياز عورت جي ڪردار جي اصل عظمت کي وائکو ڪيو آهي. دنيا جي هر سماج ۾ انساني ڪردار جي عظمت ان جي وفاداري، فرض شناسي سچائيءَ ۽ عزت ۽ غيرت جي حفاظت ۾ لڪل هوندي آهي، جيستائين اعليٰ اخلاقي گُڻ ۽ معيار شخصيت ۾ موجود هوندا اهو ڪردار پنھنجي پوري عظمت سان نظر ايندو. جيئن ئي انسان پنھنجي ڪردار کان ڪِريو، ته ڄڻ هن پنھنجو سڀ ڪجهه وڃايو. ظاهري سونھن ايتري اهميت نٿي رکي، جيتري اندر جي سونھن رکي ٿي. اياز هن ڪھاڻيءَ ۾ ڪاري رنگ واري اهڙي عورت جو ڪردار چٽيو آهي، جيڪا شروع ۾ ظاهري شڪل جي ڪاري ڪوجهي هوندي به پنھنجي اخلاقي حدبندين ۽ پنھنجي اندر ۾ جاڳندڙ سُندر احساسن جي ڪري هوءَ الڳ حيثيت واري آهي. پر هن جي ڪردار ۾ سونھن آهي. وڏي ڳالهه ته اهو ساڳيو ڪردار جيڪو ظاهري طرح ته رنگ جو ڪارو ڪٺ هو، پر سندس ضمير ڄڻ ته سون هو، جڏهن اهو ساڳيو ڪرادر اخلاقي حدبنديون ٽوڙيون، بي حيائي ۽ بدڪاريءَ تي لھي آيو، ۽ پنھنجو سمورو سُڀاءُ تبديل ڪري ڇڏيائين ته پوءِ سندس ڪردار جي اصل بدصورتي ظاهر ٿي.
”پھريون دفعو مون کي سندس ڪارو رنگ بدصورت لڳو“ ڄڻ هوءَ ڏائڻ ٿي لڳي ڪاري ڏائڻ، رستي تي مون کي چوڪيدار ٻڌايو ته هوءَ ڏاڍي کري پئي هئي لڪي لڪي رات جو ٻئي ڪوٺي تي هلي ويندي هئي، جتي هڪڙو ايس.ڊي.او رهندو“. (12)
انهيءَ جملي مان اياز وٽ ڪردار جي عظمت ۾ مقام به ظاهر ٿئي ٿو، ته اصل احترام جي لائق انسان جو ڪھڙو روپ آهي. دراصل سماج ۾ اسان کي اهڙا ڪيترائي ڪردار نظر ايندا، جيڪي معاشري ۾ پنھنجي اصل مقام ، عزت، غيرت ۽ ضمير کي وڪڻي بيحيائي۽ بڇڙائي تي لھي اچن ٿا، جنھن ڪري انهن جي ڪابه عزت يا حيثيت نٿي رهي، اهي اياز جي هن ڪردار جيان ڄڻ ڪوڙهه جا مريض ٿي پنھنجي حياتي وڃائي ويھن ٿا. اياز جي هن مجموعي ۾ شامل ‘رولو’ ڪھاڻيءَ ۾ رياض نالي هڪ شاعر ۽ اديب جو ڪردار پيش ڪيو ويو آهي. رياض زندگيءَ جي مختلف رنگن ۽ روين کي ڏسي ٿو، سندس اندر ۾ عورت بابت جمالياتي احساس ظاهر ٿين ٿا. هن ڪردار جو تعارف ڪرائيندي اياز لکي ٿو:
”هو هڪ سيلاني هو، ادبي رولو، ڪڏهن ڏس ته شاهه جي ڀٽ تي ڪلام ڳائيندو جهولندو نظر ايندو،ڪڏهن گنجي ٽڪرتي ڪنھن خيال ۾ سوچيندو نظر ايندو، ڄڻ ڪنھن پارس جي ڳولا ۾ نڪتو آهي“.(13)
هي هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو زندگيءَ جي سونھن ڳوليندو رهي ٿو. هو مختلف هنڌن تان مختلف آزمودا پرائي ٿو، انهيءَ مسافري ۾ به محبت آهي. ترقي پسند اديبن نوان فڪر، اصول ۽ نظريا سامھون آندا، اظھار ۾ وسعت آئي، ڌرتي ۽ انسانن سان محبت جو جذبو اڀريو، اياز جو هي ڪردار به اهڙو ئي هڪ سماج جو ڪردار آهي، جنھن ۾ ليکڪ جو پنھنجو عڪس به جهلڪي پيو، رولو جو ڪردار ڪو عام رولو ناهي بلڪه سونھن سچائي، محبت ۽ سماجي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ هڪ ڀٽڪندڙ ڪردار آهي، جيڪو فرسوده نظام ۽ قديم روايتن کان سخت نفرت ڪري ٿو.
’شرابي‘ ڪھاڻيءَ ۾ شيخ اياز جنھن ’شرابي‘ ڪردار کي بيان ڪيو آهي. اهو هڪ حقيقت شناس انسان آهي، بيحد حساس، سوچيندڙ ڪردار آهي، هو ڪائنات جي وسعتن تي ۽ تخليق تي غور ڪندو رهي ٿو. شيخ اياز جو هي ڪردار وجودي فلسفي ۽ فڪر سان لاڳاپيل آهي، جيڪو پنھنجي وجود جي اندروني، ڀڃ ڊاهه، سوچ ويچار ۽ احساسن ۾ گم رهي ٿو. دنيا جي حقيقتن کي سمجهي ٿو، جنھن ڪري هو انهن مڙني رنگينين ۽ دوکي کان پري ٿي شراب ۾ سھارو ڳولي ٿو. ڏاهپ، دانائي ۽ شعور ڪڏهن انسان لاءِ زهر ثابت ٿي پوندا آهن. انهيءَ دانائي سقراط کي زهر پياريو، جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي به چئي ڏنو ”الا ڏاهي مَ ٿيام ڏاهيون ڏک ڏسن“. اياز هن جي ڪردار جي وسيلي انسانن جي ظاهري ڪردار تان پردو هٽائي ٿو. اهو ثابت ٿو ڪري ته انسان ئي انسان جو ويري رهندو آيو آهي، هڪ ٻئي کي ماريندو ڦُريندو، لُٽيندو، چيريندو، ڦاڙيندو، وڙهندو، ويڙهائيندو، نفرتون پکيڙيندو آيو آهي. جيڪو انسان جي اهڙن روين ۽ عملن جي خلاف بغاوت ڪري ٿو، اهو به بچي نٿو سگهي، ان کي به سزا ڏئي ماريو ٿو وڃي. ڪو ان کي سمجهڻ ئي نه چاهيندو آهي، آخر هي ڪردار ٻليءَ جي هڪ ننڍڙي ٻلونگڙي سان همدردي ڪري ٿو. هن سان من سان ريجهائي ٿو، پر اهو به ٽُــٽل شراب جي بوتل جي شيشن لڳڻ ڪري زخمي ٿي مري وڃي ٿو. اياز هن ڪردار وسيلي دنيا جي درد پيڙائن ۾ تڪليفن کي واضح ڪيو آهي. هن ڪردار جي فڪر ۾ سرئيلزم واري ڪيفيت آهي.
ڪھاڻي ’نظيران‘ ۾ شيخ اياز هڪ لاوارث، يتيم نياڻيءَ جي درد جي ڪٿا بيان ڪئي آهي. موجوده دور ۾ ميڊيا جي عام ٿيڻ ڪري ڪيترائي اهڙا ڪيس سامهون ايندا رهن ٿا، جن ۾ نظيران جھڙين عورتن جا ڪردار نظر اچن ٿا. انهن تي ظلم ۽ تشدد ٿيندو رهي ٿو، سگريٽن سان ڏنڀ ڏيڻ، مٿي جا وار ڪوڙڻ، جيئري باهه ۾ ساڙڻ، جسم تي تيزاب هارڻ ۽ ڪارنھن جو الزام هڻي بندوق جا فائر ڪري ماري ڇڏڻ ۽ ڪيتريون ئي ٻيون اذيتون ڏئي کين ماريو وڃي ٿو. اياز جي هن ڪھاڻيءَ جو ڪرادر نظيران به هڪ اهڙو ئي ڀوڳيندڙ ڪردار آهي، جيڪو پنھنجي وَر جون اذيتون برداشت ڪندي، چپ چاپ دنيا کي الوداع ڪري ٿو. اياز جي هيءَ ڪھاڻي سماج جو عڪس چٽي ٿي، وڏيرن جي اوطاقن تي جتي ڀَنگ جا ڪونڊا گهوٽجندا رهن ٿا ۽ ڳوٺ جا واندا ۽ بيڪار ماڻهو اچي پيئندا رهن ٿا، نتيجي ۾ نه صرف انهن جي زندگي تباهه ٿئي ٿي، بلڪه انهن سان لاڳاپيل رشتا پڻ سخت تڪليفون ۽ مصيبتون ڀوڳين ٿا. جيئن هن ڪھاڻي جو ڪرادر عبدالغفور ڀَنگ جي نشي ۾ چُور ٿي اچي پنھنجي گهر واري کي ماريندو هو. شيخ اياز اهڙن ڪردارن کي پنھنجي ظلم جو احساس ڏيارڻ لاءِ پڇتاءَ جو عنصر شامل ڪيو آهي، جيئن عبدالغفور اخبار ۾ چينين جي پاڻ ۾ وڙهڻ واري خبر پڙهي سوچي ٿو ته ماڻهو هڪ گهر ۾ گڏ رهي پاڻ ۾ ڪيئن ٿا وڙهن. ساڳئي وقت کيس نظيران جي وفاداري جو احساس به ٿئي ٿو. ڪيئن کيس هو ماريندو رهندو هو. اياز پنھنجي ڪردارن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جيئن معاشري ۾ بھتر تبديلي اچي سگهي ۽ مظلوم کي ڪجهه انصاف پلئه پوي. اياز جي ڪھاڻين لکڻ وارو دور هندستان ۾ وڏي اُٿل پُٿل وارو دور هو. هندو مسلم فساد انگريزن جون سازشون چوٽ چڙهيل هيون، پنھنجي دور جي حالات جو عڪس ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ سندس هر ڪھاڻي ۾ موجود آهي. ’سفيد وحشي‘ ڪھاڻي هندستان ۾ آزاديءَ جي هلچل۽ انگريزن جي ظلم ۽ ڏاڍ جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ طرف انگريز سامراج جو ڪردار آهي ته ٻئي طرف هتي جي سجاڳ ذهن ۽ باضمير ۽ غيرتمند فردن جو ڪردار آهي، جيئن صديق هڪ اهڙي سڌي سادي ملاح جو ڪردار آهي، جيڪو پنھنجي گذر لاءِ مڇين جو شڪار ڪري ٿو. هو جھاز تي انگريزن جو خلاصي ٿيڻ يا ڪنھن به صورت ۾ سندن غلامي قبول نٿو ڪري. ٻئي طرف ترقي پسند تحريڪ جي زير اثر نوجوان آهن، جيڪي سماج ۾ شعور پيدا ڪن ٿا. انگريزن جي چالبازين کان ماڻهن کي واقف ڪرڻ لاءِ مختلف ميڙاڪا ڪن ٿا،اياز ان دور جي عوامي سجاڳي وارو ڪردار ادا ڪندي ۽ حالتن جي ترجماني ڪندي لکي ٿو:
”اسين هندستاني پنھنجا جائز حق گھرون ته اسان کي گوليءَ سان اڏايو وڃي، اسين جي ظلم ۽ بي انصافي خلاف آواز اٿاريون ته اسان کي ٽيئر گئس هلائي ڇڙوڇڙ ڪيو وڃي ، آخر هي انگريز هي سفيد وحشي ڪيسين هندوستاني جنتا جو خون وهائيندا ڪيسين ...“ (14)
شيخ اياز هن ڪھاڻيءَ ۾ هڪ غريب ۽ مجبور جي ڪردار کي به اياز سامهون آندو آهي، جيئن هن ڪھاڻيءَ ۾ ’گلان‘ ۽ سندس پيءُ جو ڪردار آهي. گلان جيڪا صديق جون اڇلايل ننڍڙيون مڇيون کڻي ويندي هئي، جيڪا چانورن سان پچائي کائيندا هئا. سندس پيءُ هوٽل جي ٻاهران ڪوڏ وڪڻندو هو. صديق ۽ گلان جي محبت فطري ماحول مطابق ٿي وڃي ٿي.
”صديق جھڙي ارڏي ڪردار جي زندگي جيڪا محبت کان خالي هئي ان ۾ هاڻي محبت جا رنگ شامل ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. پر انگريز سامراج جي ظلم هتي جي پرسڪون زندگي ۾ ڄڻ باهه ٻاري ڇڏي هئي. انهن کي هندستان ۽ هندستانين کان سخت نفرت هئي، انقلابين عوام ۽ صديق جھڙن عوامي ڪردارن کي انهيءَ حقيقت کان آگاهه ڪيو ته اهي گورا سفيد وحشي آهن، جيڪي اسان کي تڇ پيا سمجهن. انگريزن هندستان نالي جھاز کي باهه ڏئي انقلابي جذبن کي ڀڙڪائي ڇڏيو. ملڪ ۾ فساد پکڙجي ويا. انگريزن خلاف سخت نفرت شروع ٿي ، اهڙين حالتن ۾ صديق جو ڀاءُ به زخي ٿي پيو. هو ان جي ڳولا ۾ رهيو کيس اوچتو گلان جو خيال آيو ته هن کي مڇي نه ڏئي سگهيو هو. جڏهن گلان جي گهر مڇي کڻي پھتو ته هڪ اهڙو منظر سندس اکين اڳيان هو، جو هو جوش ۾ ڀرجي ويو. اندر ٻه گورا سولجر بيٺا هئا، هڪڙي گلان کي ٻانھن ۾ جهليو هو ۽ سندس منھن چمي رهيو هو. فائيو رپيزناٽ مور“ يعني (پنج روپيا وڌيڪ نه) گلان جو پيءُ ٽٽل ڦٽل اڙدو ۾ چئي رهيو هو، نهين صاحب پانچ نهين سب دس دي جاتي هين (نه صاحب پنج نه ڏهه سڀ ڏئي ڏئي ويندا آهن ”. (15)
صديق انهن جي وحشت کي محسوس ڪيو ۽ صدريءَ مان مڇيءَ کي چيرڻ وارو تيز چاقو ڪڍي انهن جي پيٽ ۾ وهائي ڪڍيو ۽ اهي سفيد وحشي آدمخور جيان ڦٿڪڻ لڳا. شيخ اياز جي هي تاريخي ڪھاڻي آهي، انگريز جيڪي قابض ۽ غاصب ٿي آيا، انهن جي ظلم جو داستان آهي. انهن جو اصل ڪردار جو آئينو آهي. ٻئي طرف ظلم سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ڪردار آهن، جن ۾ ٻين انقلابي نوجوانن سان گڏ صديق جھڙو عام ڪردار به آهي، جيڪو هونئن ته پنھنجي طبعيت ۾ آزاد خيال ۽ گم سم آهي، پر جڏهن ڌرتيءَ تي ظلم جا ڪارا ڪڪر ڇانئجن تا ته هوبه وڃي انقلابين جي سٿ ۾ شامل ٿئي ٿو. انگريزن هتي دولت لُٽي بيگناهه انسانن کي ماريو، عورتن کي جنسي تشدد جو نشانو بڻايو. غريب ماڻهن کي ايترو مجبور ڪيو جو هو پنھنجون عصمتون وڪڻي پيٽ پالڻ لڳا. اياز اهڙي صورتحال ۾ اُڀري آيل مختلف سماجي ڪردارن جي صحيح تصوير پيش ڪئي آهي .
شيخ اياز جي ڪھاڻين جا سمورا ڪردار فطرت سان هم آهنگ آهن، ڪٿي به انهن ۾ مصنوعيت ظاهر نٿي ٿئي. ليکڪ جي مرضيءَ مطابق نٿا هلن بلڪه پنھنجي فطري اصولن مطابق ئي عمل ڪن ٿا. اياز پنھنجي هر ڪھاڻيءَ ۾ ترقي پسند فڪر کي ظاهر ڪيو آهي، سماج جي اصل حقيقتن کي بيان ڪيو آهي. سندس نثر ۾ به شاعراڻو ترنم آهي، خوبصورت تشبيھون ۽ استعارا موجود آهن. ٻوليءَ جي حسناڪي، لفظن جو ذخيرو به سندس خاص خوبين ۾ شامل آهي. اياز جا ڪردار تاريخي ۽ اهم سماجي حيثيت جا حامل آهن
نتيجو: سنڌي ڪھاڻيءَ جي پيڙهه جو پٿر 1914ع ۾ رکجي چڪو هو، 1930ع ، ۾ جديد سنڌي ڪھاڻي پختي ۽ مثالي صورت حاصل ڪئي، ماهوار رسالن ۾ طبعزاد ڪھاڻيون شايع ٿينديون رهيون گڏوگڏ ترجمن تي به گهڻو زور رهيو، اردو بنگالي، هندي ۽ انگريزي ٻوليءَ تان اهي ڪھاڻيون ترجمو ڪيون ويون آهن، جيڪي اخلاقي ۽ سماجي سڌاري تي گهڻو زور ڏين ٿيون. ليو ٽالسٽاءِ، رابندر ناٿ ٽئگور، ميڪسيم گورڪي، انٽوني چيخوف ۽ ٻين ڪھاڻيڪارن جي ڪھاڻين ۽ عام قصن کي ترجمو ڪيو ويو. اهڙو اثر طبعزادڪھاڻيڪارن تي به رهيو، هي دؤر سخت ڇڪتاڻ وارو رهيو. عالمي جنگ کان پوءِ، بک، بدحالي ۽ کوٽ منھن ڪڍيو. جڏهن ته مذهبي ڇڪتاڻ، مسجد منزل گاهه وارو واقعو، سيٺ نائونمل جو ڪردار، انگريزن کان جاگيرون وٺي وفاداريون ڪندڙن جا ڪردار، سرڪاري ڪامورا ۽ وڏيرا، عام پورهيت غربت جي لڪير کان هيٺ هليو ويو، جنھن ڪري 1942ع کان پوءِ جيڪي به مجموعا شايع ٿيا آهن. انهن ۾ اهڙا ڪردار تخليق ٿيا، جن ڀرپور مزاحمت ٿي ڪئي، هندو مسلم اتحاد تي ذور ڏنو ، هن دؤر جا ڪردار اشتراڪيت واري فڪر کي ظاهر ڪندڙ، انقلاب ۽ آزادي جا حامي ۽ سرمائيدارن خلاف مزاحمت ڪندڙ آهن. مٿي ذڪر ڪيل مجموعا طبعزاد توڙي ترجمي جي صورت ۾ 1942ع کان اڳ به شايع ٿي چڪا هئا ، پر انهن شامل ڪھاڻين ۾ اڪثر موضوع اخلاقيات ، سماجي اوڻاين تي ۽ بعد جي مجموعن ۾ اظھار جي وسعت، مقامي ۽ بين الاقوامي فڪر جا موضوع نمايان آهي.
حوالا
1. ملڪاڻي، منگھارام ، سنڌي نثر جي تاريخ، سنڌي ساهت گھر حيدرآباد، 2007ع، ص 62
2. پنجابي، گوبند ، سرد آهون ،نئين دنيا ڪتاب گھر شڪار پور مھاڳ، 1942ع
3. ساڳيو ص5 .
4. آگرو ،غلام رباني ، سنڌي ادب تي ترقي پسند تحريڪ جو اثر،سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 2013ع ، ص75.
5. مالهي، گوبند، ريگستاني ڦول ، نئين دنيا ڪتاب گھر ڪراچي ، مھاڳ ، 1944ع ،
6. مالهي، گوبند ، پرهه ڦٽي ،نئين دنياڪتاب گھر ، 1945ع
7. ملڪاڻي، منگھارام ، سنڌي نثر جي تاريخ ، سنڌي ساهت گھر حيدرآباد ، 2007ع ، ص 65.
8. عرساڻي، شمس الدين ڊاڪٽر ، آزاديءَ کان پوءَ افسانوي ادب جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄام شورو، 1982ع، ص 201 .
9. تلسياڻي ،ليکو ، سنڌي ڪھاڻيون (منجري ڪولھڻ) مرتب بھاري ڇاٻڙيا، زندگي پبليڪيشن، 1947ع، ص 74.
10. شيخ اياز ، اسان جي سنڌ ، باغي منڊل، جنتا پرنٽنگ ورڪس هندستاني ساهتيه آستان ڪراچي، 1947ع ص 12 .
11. شيخ اياز ، سفيد وحشي (ڇاپو ٻيو) سورهيه پبليڪيشن ڪراچي ، 1972ع، ص 06.
12. ساڳيو ص 19 .
13. ساڳيو ص 22 .
14. ساڳيو ص 42.
15. ساڳيو ص 43 .