صوفين وٽ پالڻهار جو تصور (خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ تائين)
(Sufi Concept of Creator – from Inward to Godward)
عصمت فاطمه ويسر / غلام فاطمه ٻٻر
Abstract:
Sindh is land of saints, sufis and mystics. The message of these spiritual leaders is to serve and love to human beings without any discrimination. That is the real way to greet beloved. God is everywhere. If there is love, there is God.
In this research paper, we have given several references from devotional ascetic poetry of our saint poetry, about the spiritual wisdom. First of all you must know yourself, than you will find the path of Allah almighty. Shah Karim, Shah Latif, Shah Inayat, Sachal, Saami, Bedil, Rohal and other mystic devotional poets are our spiritual leaders, who guide us, through their verses.
ويراڳي، سنياسي صوفي شاعرن وٽ، پالڻهار جو تصور عام ماڻهن جي سوچ کان مختلف آهي. هو ڪائنات کي هڪ ٻي نگاهه سان ڏسن ٿا. ويراڳي شاعرن جو درجو، عام جوڳي، سنياسي يا ڪاپڙي ڪردارن جي ڀيٽ ۾ ان ڪري اهم آهي، جو انهن جو تياڳ جسماني حدن کان هٽي روحاني حدن تائين پهچڻ کان پوءِ به اڃا هڪ وک اڳتي پهچي ٿو. اُها آهي ڪائنات بابت سوچ ويچار ۽ غور و فڪر جي وادي. انهيءَ واديءَ ۾ ويهي هو پالڻهار جا اُهي اسرار پسن ٿا ۽ مشاهدا ڪن ٿا، جيڪي هر ڪنهن جي نصيب ۾ ناهن هوندا. اُنهن مشاهدن کي پَسڻ لاءِ پهريان، خود شناسيءَ واري منزل پار ڪرڻي پوي ٿي. خود شناسي هڪ وڏو ۽ اهم مرحلو آهي. ويراڳي شاعرن خود شناسيءَ بابت پنهنجي شاعريءَ ۾ مشاهدن ۽ تجربن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي وجود بابت سوچڻ تي آخر اُن جي ضرورت ڇو پيش آئي، ڇا ان وجود جي ڌرتيءَ تي ڪا ضرورت هئي يا بس ائين ئي فالتو آيو آهي ۽ ائين اجايو هليو ويندو. اِهي سڀ سوال ويراڳين جي آڏو هئا. ڇا پنهنجي ليکي انهن سوالن جا جواب ڳولڻ ممڪن هو؟
اکر اڳيان اُڀري واڳون ٿي وريام.
(بلوچ، 1999ع: 8)
انهيءَ لاءِ وڏي رياضت جي ضرورت پوي ٿي، مراقبا ڪرڻا پون ٿا. تڏهن وڃي محبوب جو مشاهدو ماڻجي ٿو. ويراڳين ۽ عاشقن لاءِ محبوب جو مشاهدو ئي وڏي ڳالهه آهي. اُهي ٻي ڪنهن به خواهش جا طالب ناهن.
دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو.
(عثمان علي انصاري، 1997ع: 33)
عاشقن ۽ ويراڳين جي منزل اڳتي آهي. انهن جون عبادتون به انهيءَ محبوب (پالڻهار) جي راضپي لاءِ آهن انهن وٽ عبادتن ۽ رياضتن جو حساب رکيل ناهي. انهيءَ ڪري ئي انهن عاشقن ۽ عارفن جو رُتبو بلند آهي. پنهنجي وقت جو ويراڳي عاشق شاعر خواجه محمد زمان فرمائي ٿو:
عارف ۽ عُشاق پسڻ گهرن پرينءَ جو،
جنت جا مشتاق، اڃا اورانهان ٿيا.
(جبار جوڻيجو، 2004ع: 33)
عارف صرف انهيءَ ذات جا طلبگار آهن. هو صرف انهيءَ پرين (پالڻهار) جي مشاهدي جي خواهش رکن ٿا. انهن کي ٻيو ڪجهه نه گهرجي ٿو. عارفن ۽ عاشقن جا درجات بلند آهن. پهريان هو پنهنجو مشاهدو ڪن ٿا ۽ پوءِ ان خود شناسيءَ واري رستي کان حق تائين پهچن ٿا. حق، جيڪو سچ آهي، سُونهن آهي.
”صوفيءَ جي ذات يڪتا هوندي آهي، نه هن کي ڪير قبول ڪندو آهي ۽ نه هو الله کان سواءِ ڪنهن کي قبول ڪندو آهي.“ (منصور حلاج)
”جيڪڏهن مان پنهنجي شعور جي نُور سان منور نه هُجان ها ته مون لاءِ ڪنهن شيءِ يا حالت جو ڄاڻڻ يا نه ڄاڻڻ ڪائي معنيٰ نه رکي ها. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن منهنجي ذات عين سُرور نه هجي ها ته مان ڪنهن حالت يا شيءِ کان واقف ٿيڻ جي لائق يا ڪنهن ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هجان ها ۽ خود زندگي ئي ناممڪن ٿي وڃي ها. انڪري سُرور ئي علم، زندگي ۽ چُرپُر جي جان آهي.“ (موهن، 1998ع، 13)
تنهنڪري سڀ کان پهريان اندر جي روشني ضروري آهي، جيڪا خود شناسيءَ مان پيدا ٿئي ٿي. ويراڳي، صوفي پهريان اها تپسيا ڪندو آهي ته جيئن هو پاڻ کي سڃاڻي. ان کان پوءِ خدا شناسيءَ جو مرحلو آهي. جنهن جا ڪيئي نالا آهن ۽ هر مظهر ۾ هو پالڻهار آهي.
انسان جڏهن اکيون ڪن ٻوٽي، حواسن جا دروازا بند ٿو ڪري تڏهن، روحاني علم جو ديدار پسي ٿو ۽ سندس روح ملڪوت جي جهان جو سير ڪري ٿو. ننڊ ۾ ته حواس هيڪاري بيڪار ٿين ٿا. دنيا ۾ ”ماسواءِ“ جو خيال نه ٿو رهي، تڏهن حقيقي محبوب انسان جي دل ۾ ديرو ڪري ٿو، پر جي هڪوار اکيون کُليون ۽ جسماني عالم جي سار ٿي ته اهو محبوب گم ٿي وڃي ٿو. پوءِ ڪيتريون به هٿوراڙيون ۽ واجهه وجهه ته اُهو هٿ نه ايندو. تصور جي حالت ۾ ائين آهي جو ذات پاڪ جو پرتوو دل تي پوي ٿو:
سڄڻ منجهه هئام، مون ويٺي واءُ ٿيا،
هيڏانهن هوڏانهن هٿڙا، هينڙي جاڙ وڌام.
(دائودپوٽو، 1978ع: 44)”
جڏهن ويراڳيءَ ۾ خود شناسيءَ جو شعور پيدا ٿئي ٿو ته خدا شناسيءَ جا سمورا رستا مٿس آشڪار ٿين ٿا. اهڙي حالت کان پوءِ هن جي اندر جون کڙڪيون کُلنديون وڃن ٿيون ۽ ڪائنات جا سمورا منظر ۽ مظهر هن جي آڏو ايندا وڃن ٿا ۽ هو محسوس ڪري ٿو ته هو به فطرت جو هڪ حصو آهي ۽ ان کان ڌار ناهي. هو سمنڊ جو هڪ قطرو آهي، جيڪو ڪڪرن جي صورت ۾ هڪ مرحلي مان گذري، ساڳيو اچي سمنڊ سان ملي ٿو ۽ ان جو حصو بڻجي وڃي ٿو. بظاهر:
پاڻي لهر پسڻ ۾، برابر ٻه ٿيا.
(جبار جوڻيجو، 2004ع: 33)
پر حقيقت ۾ اُهي هڪ آهن. اهڙو فهم هر ڪنهن کي نه هوندو آهي ته هو ان کي سمجهي سگهي. اهو هڪ ويراڳي صوفي ئي سمجهي سگهي ٿو.
ماهيت مينهن نه پوءِ، قلزم اندر قطري،
مگر وڃي سو، جڳ ڇڏي جالار ۾.
(جبار جوڻيجو، 2004ع: 67)
پل پل پوءِ پچار، ملڪ ۾ ميثاق جي،
ڪَک پَن ڪن اقرار، اسين ٻانهن تون ڌڻي.
(جبار جوڻيجو، 2004ع 65)
جي سو سُڃاتوءِ، سو سر سندو پاتڻي،
وچ لهرين گڏيو، ڪپرُ ڪي ته ڪندوءِ.
(دائودپوٽو، 1978ع: 102)
سو ئي هيڏان، سو هوڏان، سو ئي سو وسي،
تهين سندي سوجهري، سو ئي سو پسي.
(دائودپوٽو، 1978ع: 78)
قاضي قادن، ان فهم جي ڳالهه ڪئي آهي ته جڏهن اهو شعور اچي وڃي ته تلاءَ يا درياهه جو پاتڻي ڪير آهي ته پوءِ ڪنهن به گمان، ڊپ يا ڀؤ جي ضرورت ناهي. هو هر طرف آهي، هر جاءِ تي آهي، هو ئي سڀ ڪجهه پسي به ٿو.
مورک مور نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
ڪٽر جن اکين ۾، سي ڪيئن پرين پسن.
(عبدالمجيد ميمڻ، 2007ع: 194)
تو چئو الله هيڪڙو، وائي ٻه نه سک،
سچو اکر من ۾، سو ئي لکيو لک.
(عبدالمجيد ميمڻ، 2007ع: 187)
خدا شناسيءَ جو عرفان سڀ کي حاصل نٿو ٿئي. ان لاءِ اندر جي اوجر ۽ اکين جي پاڪائي ضروري آهي. ٻيءَ حالت ۾ اُهي هيڏنهن هوڏانهن پيا واجهائيندا. انهن کي اُهو مشاهدو نصيب نه ٿيندو. شاهه ڪريم پنهنجي پالڻهار جي وحدانيت ۾ ڪامل يقين رکڻ جي تلقين ڪري ٿو،. ڇو ته ڪامل يقين کان سواءِ، اندر ۾ گنجائش رهجي ٿي وڃي ۽ دل ڪڏهن به گمراهه ٿي سگهي ٿي. انڪري من ۾ ان جو ئي ذڪر جاري رکڻو آهي، جيڪو حق آهي، سچ آهي، پالڻهار آهي.
سڪ روحاني ساميين، جسمي جاهلن،
ٻگهن مڇي من، پارس پسن ڪينڪي.
(جبار جوڻيجو، 2004ع: 68)
شاهه ڪريم جي فڪري تسلسل ۾، ساڳيو ئي خيال خواجه صاحب به ڏنو آهي ته اندر جي پاڪائي اول شرط آهي. محبوب جي مشاهدي (خدا شناسي) لاءِ جيڪڏهن من ۾ خواهشون (مڇيون) هونديون ته انسان منزل ماڻي نه سگهندو.
پيالي پرينءَ جي، مون کي پُر ڪيو،
ساقي! ان شراب مان، ڀري ڏي ٻيو،
گهمان مست ٿيو، اڳيان درِ دوست جي.
(بلوچ، 1963ع: 11)
اسين بندا تنهنجا، تون اسانجو ڌڻي،
ڏٺا ڏوهه بخشين، خاڪين تان کڻي،
مڙيئي ٽول نهاريان، جي هينين ساڻ هڻي،
تان سڀنئان ئي گهڻي، رحمت تنهنجي راڄيا!
(بلوچ، 1963ع: 3)
خودشناسيءَ کان خدا شناسيءَ جي سفر تائين، معرفت جي پيالي جي ضرورت رهي ٿي. اُهو ڪيف ۽ سُرور ويراڳيءَ کي دلبر جي در تائين رسائي ٿو. اِها مستي ۽ رندي، اندر جي آگهيءَ جو هڪ انداز آهي. پالڻهار جا ڪيئي نالا آهن، پر آهي سڀني جو. هو ته سڀني جو مالڪ ۽ پالڻهار آهي. ويراڳيءَ جو مسلڪ، ڌرم، ذات، قبيلو ڇا به هجي، پر هُن جي ڪرم نوازي سڀني تي آهي. تجزيو ڪبو ته سڀني کان احسان ان جا وڌيڪ آهن. ايتري ڪرم نوازي جنهن جو ڪو حساب ئي ڪونهي ۽ مالڪ وٽ حساب آهي ئي ڪونه. بندو حساب ڪتاب رکي ٿو، مالڪ وٽ ناهي.
خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ واري فڪر جي سلسلي ۾ سڀني کان وڏو ويراڳي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيرح آهي، جنهن جي اظهار جو معيار ۽ مقدار ٻئي مٿانهان آهن. سسئيءَ جي جدوجهد، پنهونءَ لاءِ ڳولا، ويراڳي ڪلام ۾ خود شناسيءَ جو هڪ اعليٰ مثال آهي. شاهه لطيف جهڙي آفاقي شاعر ان فلسلفي کي اظهار جي اعليٰ مقام تي پهچايو آهي.
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نڪو ڏونگر ڏيهه ۾، نڪا ڪيچين ڪاڻِ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئيءَ تان سُور هئا.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 162)
پنهون ٿيس پاڻهين، ويئي سسئيءَ جي سونهن،
”خلقَ آدم عليٰ صورتھ“، اِئن وڻن منجهه وِرونهه،
چريءَ منجهان چونَھ، کڻي هوتُ هنج ڪيو.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 163)
هوت تنهنجي هنج ۾، پُڇين ڪوهُ پهي،
”و في انفسڪم افلا تبصرون“، سوجهي ڪر سهي،
ڪڏهن ڪانه وهي، هوت ڳولڻ هٽ تي.
(ڪلياڻ آڏواڻي،1997ع: 164)
وڃين ڇو وڻڪار، هت نه ڳولئين هوت کي،
لڪو ڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻئي پار،
نانئي نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 158)
هَلُ هنئين سين هوت ڏي، پيرين ڪر مَ پنڌ،
رائي پُڇُ مَ رندُ، رڙهه روحاني سسئي.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 158)
هِتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون،
ساجن، سُونهن، سُرت، وکان ئي ويجهو گهڻو.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 156)
پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو، گهڻو ڪري سڀني ويراڳي شاعرن وٽ ملي ٿو. هو ته ڌار آهي ئي ڪونه – ساجن سچ آهي، ساجن سُونهن ۽ سُرت آهي. جڏهن خود شناسيءَ جو ادراڪ ٿيندو ته خدا شناسيءَ جون دريون پاڻ ئي کُلي وينديون آهن. شاهه لطيف وٽ ان ڪيفيت لاءِ سوين سِٽون آهن.
”اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي“ کان وٺي خدا شناسيءَ جو هڪ وڏو سلسلو آهي، جنهن جو اظهار شاهه سائينءَ ڪيو آهي. هو ڌڻي (پالڻهار) جي وحدانيت جو قائل آهي ۽ ان ۾ ڪامل يقين رکي ٿو، ڪنهن کي شريڪ نٿو ڪري.
وحدهٗ لا شريڪ لهٗ، اِيءَ هيڪڙائيءَ حَقُ،
ٻيائيءَ کي ٻَکُ، جن وڌو سي ورسيا.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 43)
شاهه لطيف، خدا شناس ويراڳيءَ جي روپ ۾، خدا ۾ ڪامل يقين رکندڙ آهي ۽ هو صرف ان کان ئي طلب ڪري ٿو. سندس دعا عالمگيريت جو درجو رکي ٿي.
صاحب! تنهنجي صاحبي، عجب ڏٺي سون،
پن ٻوڙين پاتالَ ۾، پَهڻ تارين تون،
جيڪر اچين مون، ته ميريائي مانَ لهان.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 420)
جيڏو تنهنجو نانءُ، ٻاجهه به اڏويائي مڱان،
ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻيين، تون ڇپر تون ڇانءَ،
ڪڄاڙو ڪهانءِ، توکي معلوم سڀڪا.
(ڪلياڻ آڏواڻي،1997ع: 420)
”سنڌي سماج ۾ شروع کان مذهب کي وڏي اهميت حاصل آهي. اها شاهه لطيف جي دؤر ۾ به هئي ته اڄ به آهي. هونئن به سرمايه داري ۽ مشيني دؤر کان اڳ، مذهب ئي سماجي، اقتصادي توڙي سياسي شعبن تي حاوي رهيو آهي. شاهه لطيف وٽ پڻ اسلام جا مکيه عقيدا، وحدانيت ۽ رسالت پنهنجي اهميت سان موجود آهن.“ (تنويرعباسي، 1995ع، 70)
شاهه لطيف کان پوءِ، سچل سرمست اهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ خود شناسيءَ جا ويچار وڏي پئماني تي موجود آهن. رنديءَ ۽ مستيءَ جي سرشاريءَ ۾ سرمست شاعر پنهنجي ڪلام ۾ بيباڪيءَ سان ويراڳي فڪر جو اظهار ڪيو آهي. هو مذهب جي بنيادي ڪردار جو معترف آهي ۽ ان جي پوئواري ڪري ٿو، باقي ڌرمي ۽ مذهبي پنڊتن ۽ مُلن جي ڪردارن مان مطمئن ناهي. انهن کي ڌرمي فسادن ۽ ويڇن جو ذميوار قرار ڏئي ٿو. هُو قرآن شريف جو حافظ هو، اسلامي تعليمات جي کيس وڏي ڄاڻ هئي. هو خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ تائين پهچڻ جو قائل آهي.
رام رحيم هڪو هڪ سمجهين، مؤج محبت ماڻين.
(انصاري،1997ع، 10)
”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي. اهو ئي طريقو آهي، خدا کي محبوب سمجهڻ جو ۽ اهڙيءَ ريت ئي انسان پنهنجي ڪارڪردگيءَ کي محض انساني ڀلائيءَ لاءِ وقف ڪري سگهي ٿو. هر ڪم لاءِ خدا جو روپ اختيار ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان جو هر عمل هڪجهڙائيءَ جي بنياد تي قائم هجي.“ (سڌايو، 2015ع، ص 40)
مون ۾ آهين تون، تو ۾ آهيان مان،
بجلي بادل سان، آهي جيئن سپرين.
(انصاري،1997ع)
پنهون پنهون ٿي ڪريان، آءٌ پڻ پنهون پاڻ،
اديون ٿيس اَڄاڻ، جو ڪين پروڙيم پاڻ کي.
(انصاري،1997ع)
محبوب ڳولي ڏس من ۾،
من ۾ تون، ڏس دل ۾ تون.
واههَ ڪاريگر ساز بڻايئه، ”ڪُن فيڪون“ جي ڪُنَ ۾،
سچل سائين صحي ڪري ڄاتم، يار گڏيو ڪَکَ پَنَ ۾.
(انصاري،1997ع: 61)
صورت سڀ سلطان،
پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو.
(انصاري،1997ع: 60)
ٻانهون ڀانءِ مَ پاڻ،
توهين مالڪ مُلڪ جو.
پاڻ پنهنجو پاڻهين، صورت منجهه سڃاڻ،
”سچو“ سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمانُ.
(انصاري،1997ع: 60)
مون سان تون آهين آهين،
ڪڏهن ڪيئن ڪڏهن ڪيئن.
حاضر ناظر آهين اسان سان، ڪيئن چوان تان ناهين ناهين.
(انصاري،1997ع: 60)
جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
ڪوئي آهيان آن، جو ٻانهو ڪنهن جو نه ٿيان.
(انصاري،1997ع: 56)
ناهي ٻاروچو ڪو ٻيو،
آهي اُهو جو مان روز ڏسان ٿي.
(انصاري،1997ع: 58)
”عينيت جي فسلفي سان مذهب، تصوف، عشق، حُسن ۽ خيال ملي ٿو ته تصور جو هڪ رنگين جهان وجود ۾ اچي ٿو ۽ اهو جهان سچل جي ڪلام ۾ پنهنجي پوري شان سان موجود آهي. سچل جيڪي ڏٺو، سو عيني مشاهدي کان پوءِ چيائين.“ (مفتي، 2015ع، 67)
ويراڳي شاعرن ۽ صوفين جي هڪ ڌار منزل آهي، جتان ويهي اندر جي اک سان پنهنجو مشاهدو ڪندا آهن. هو جيڪو اظهار ڪندا، اِهو ان مشاهدي جي آڌار تي هوندو آهي. جيئن لطيف سائينءَ ان عينيت جو اظهار ڪيو آهي:
پتنگ چايئين پاڻ کي، ته اچي آڳ اُجهاءِ،
پچڻ گهڻا پچائيا، تون پچڻ کي پچاءِ،
واقف ٿي وساءِ، آڳ نه ڏجي عام کي.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 60)
ان منزل جو انت ڪهڙو آهي. پچڻ کي پچائڻ جي ڳالهه ڪئي ويئي آهي. ان جو انت عام کي ناهي ڏيڻو، چاهي ان جو شعور حاصل ٿي به وڃي.
عاشقن الله، ويروتار نه وسري،
آه ڪريندي ساههَ، ڪڏهن ويندو نڪري.
(ڪلياڻ آڏواڻي، 1997ع: 74)
ويراڳي صوفي، مذهب يا ڌرم جي بنياد تي ڌار رهڻ جا قائل ناهن. هرڪو پنهنجي رستي کان پالڻهار تائين پهچي ٿو. ڪو الله سڏي ان تائين رسائي حاصل ڪري ٿو ته ڪو ڀڳوان کي ٻاڏائي، خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ وارو سفر طئه ڪري ٿو.
مومن مسلمان، ڪوڙن ۾ ڪو هڪڙو،
جو واصل وحدت ۾، ڪڍي غير گمان،
نور محل جي نيوَ تي، سيل ڪري سبحان،
تنهن کي سڀ جهان، ڄاڻي دوس خُداءِ جو.
(ابراهيم جويو ، 2015ع: 360)
ويدانتي وڌيڪ، ڪنهن سان ٻولن ڪينڪي،
جنهن کي ڏني ستگروءَ، سامي سڀ توفيق،
چڙهيا چيتن چٽ تي، لنگهي لوڪان ليڪ،
نئنن کون نزديڪ، سُتھ ڏسن سپرين.
(ابراهيم جويو، 2015ع: 313)
شاهه ۽ سچل سنڌ کي قرآن شريف جي آيتن، حديثن مولانا روميءَ جي مثنوي، منصور ۽ عطار جي گفتن کان واقف ڪيو. هندو ساميءَ فلسفي جي اونهي اڀياس ۽ ڌيان بعد، پنهنجي ڌيان غفا مان، وچن جوڙي چٽڪين تي گرمکيءَ ۾ لکي مٽڪين ۾ ٿي وڌا. هو اسان کي ويدن جي ساک، ڇٺ درشنن جو سار ۽ 18 پراڻن جو تت ٻڌائي ٿو:
ڇهه، اٺارهن، چار ڳالهه چون ٿا هڪڙي،
ڀڳت ڪر ڀڳوان جي نانا ڀرم نواز.
(ناگراڻي، 2015ع، 698)
ويراڳي ويدانتي ساميءَ به پنهنجن سلوڪن ۾ روحانيت جو دڳ ڏسيو آهي ۽ ڀڳوان جي ڀڳت جي تلقين ڪئي آهي. هو ته سامهون آهي، پر اسان کي اها نظر هجي. جڏهن اندر مان غير جو گمان نڪري ويندو ته محبوب جي سڃاڻپ ٿيندي. سامي به اُها ئي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا شاهه لطيف ۽ سچل سرمست ڪئي آهي. ٻوليءَ ۽ اظهار جو انداز سڀني جو پنهنجو آهي. فقير قادر بخش بيدل به سچل سرمست وانگر خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ وارو رستو ورتو آهي:
تون ته ساڳيو سڄڻ آهين.
صورت انساني ڪيو ديرو، عرشين ڪين سمائين،
دين ڪُفر مستيءَ هستيءَ جا، پاڻ کي لقب لائين،
ڪاٿي ويس فقر جو پهري، بيدل نام سڏائين.
(اختر، 2011ع: 185)
معنيٰ وجودي ڪر صحيح، آهين سدا موجود تون،
ڪنهن جي عبادت ٿو ڪرين، ساڳيو آهين معبود تون.
(اختر، 2011ع: 195)
سر سُبحاني آهيان، صورت کيل کلايان،
بيدل صورت، ڪري بهانو، چالان عجب چلايان،
ذات صفات کان آهيان نيارو، هِت هُت ٺاهه ٺهايان.
(اختر، 2011ع: 196)
جاڏي ڪاڏي پاڻ، ڇڏ تون غير گُمان،
بيرنگيءَ مون رنگ بنائي، ٿي آيو انسان،
دين ڪُفر جي ويس ۾، سير ڪري سلطان.
(اختر2011ع: 204)
ظاهر بندو باطن مولا، برهه جي بازي پُرجهي ڪير،
پاڻ ڳوليندڙ پاڻ کي ڳولي، عشق غيور وڃايو غير،
تان تون پنهنجو پاڻ سڃاڻين، وحدت وارو ڀيرج ڀيرُ.
(اختر، 2011ع: 219)
بيدل سائينءَ جي انهن ڪافين ۾ خدا شناسيءَ جون ڪيفيتون سمايل آهن. بندو جڏهن پاڻ کي سڃاڻي ٿو ته خدا (پالڻهار) تائين پهچڻ آسان ٿيو وڃي. ”پاڻ ڳوليندڙ پاڻ کي ڳولي“ تي ويچار ڪرڻ سان پروڙ پوي ٿي ته اُها ڳولا خود پنهنجي ڳولا آهي. اُهو سلطان، دين ڪُفر جي حدن کان مٿي آهي. تون ته اُهو ئي پاڻ آهي، پنهنجي عبادت ڇو ٿو ڪرين. اهي سڀ حڪمت جون ڳالهيون آهن ۽ عام رواجي ذهن انهن کي قبول نه ڪندو. پنهنجي پروڙ پوڻ کان پوءِ فقير چوي ٿو ”سر سبحاني آهيان“ اها منزل اهو ويراڳي فقير ئي سمجهي ٿو، جنهن پاڻ کي سڃاتو آهي.
روحل فقير به بيدل فقير وانگر ويراڳي صوفي هو. هن به خدا شناسيءَ لاءِ پهريان پنهنجو پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخرڪار سندس تخليق جو مقصد ڇا آهي. تنهن لاءِ هن مراقبا ڪيا، جهوڪ شريف ۾ وڏو عرصو گذاريو. وڏي رياضت بعد هن تي رندي راز آشڪار ٿيا ۽ هُن پاڻ کي سڃاتو. پاڻ سڃاڻڻ پهرين منزل آهي ۽ ان بعد طالب پنهنجي رب کي سڃاڻي ٿو.
لوڪ آکي روحل ٻوليندا،
ڪوئي آکي هئي ذات زنگيجا،
نهين روحل نهين ذات زنگيجا،
اي ڪو سر الاهي هئي.
ڪامل مرشد راهه بتايا،
”روحل“ وچن روح الله پايا.
آخر ذات ملي وچ ذاتين،
ڏيندا عشق اوگاهي هئي.
(لطف الله بدوي، 1964ع: 67)
”هن پنهنجي شاعريءَ ۾ توحيد ۽ تصوف جي نُڪتن کي نروار ڪيو آهي. تزڪيه نفس، همه اوست، توحيد، نفي و اثبات ۽ تصوف جي صفتن جي تبليغ ڪئي. سندس ڪلام ۾ هڪ صوفيءَ لاءِ مفصل پيغام آهي. روحاني رازن کان سواءِ، سوز و گداز، رس ۽ ٻوليءَ جي سونهن سمايل آهي. سندس ڪلام مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته روحل فقير ڪيڏي وڏي درجي جو صوفي شاعر هو.“ (مانجهي، 2010ع، 252)
سڀني صوفين ويراڳين جي رندي ۽ عارفاڻي ڪلام جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته انهن سڀني ۾ فڪري هم آهنگي نمايان نظر ايندي. خاص طور تي پالڻهار کي سمجهڻ لاءِ يا ان تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ، پهريان خود شناسيءَ جي منزل پار ڪرڻ، ان کان سواءِ خواهشن جو خاتمو، تڪبر ۽ وڏائي ختم ڪري، هيٺاهين اختيار ڪرڻ ضروري آهي. ان کان پوءِ خدا شناسيءَ واري حد تائين پهچڻ ممڪن ٿئي ٿو.
شاهه لطف الله قادري وٽ به اهو ساڳيو ئي تصور آهي. پالڻهار، بندي کان ڌار آهي ئي ڪونه. ظاهر، باطن توڙي خيال ۾ سندس ئي ذات آهي.
سا ئي صورت، سيرت سڄڻين، سو ئي حُسن ڪمال،
سا ئي ذات ظرافت پرينءَ کي سو ئي سو جمال،
سو ئي ظاهر، باطن سو، سو ئي سو خيال،
سڀ سڀوئي حالُ، اونهائي انت ناههِ ڪو.
(بلوچ، 1963ع: 44)
سو ئي رازق رَبُ سو، سو ئي سو جليل،
سو ئي عالم، علام سو، سو ئي سو خليل،
سو ئي هادي، هدايت سا، سو ئي سو دليل،
جي ڪثير جي قليل، تو سڀوئي سپرين.
(بلوچ، 1963ع: 41)
جڏهن پالڻهار جي ذات ۾ ڪامل يقين ٿي ويندو آهي ته سڀ ڪم ان ڏانهن منسوب ڪيا ويندا آهن يا ان جي حوالي ڪيا ويندا آهن. ويراڳي شاعر جڏهن خود شناسيءَ جي مقام تي پهتا ته اُنهن کي پرينءَ جي صورت ۾ به هُو ئي نظر آيو. ڪٿي ظاهر ڪٿي لڪل، هر هنڌ هن جو ئي جلوو هو. اونهائيءَ جو انت ناهي ڪو، هو هر هنڌ آهي. صوفين وٽ سڀيئي حوالا هن جا آهن، سڀيئي نالا هن جا آهن. جليل به هو، خليل به هو، هادي ۽ هدايت به هو. ويراڳي صوفي، پالڻهار جي ذات ۾ ڪامل يقين رکن ٿا ۽ ڪڏهن به شرڪ جي ويجهو نٿا وڃن.
خواجه فريد به ساڳي ٻولي آلاپي ٿو. هن کي به هر پاسي اُهو ئي محبوب نظر اچي ٿو، جيڪو حاضر به آهي، غائب به آهي.
سب دي صورت وچ وسدا ڍولا ماهي،
دل اسا ڏي کسدا ڍولا ماهي.
رنگبرگي اُس دي ديري،
آپي رانجها، هير تي کيڙي،
لڪ ڇپ ڀيد نه ڏسدا.
(جاويد چانڊيو، 1998ع: 228)
نانڪ يوسف کي به آدم جي صورت ۾ نظر اچي ٿو، ڇو ته هو ويراڳي شاعر به خود شناسيءَ واري لڪير اُڪري خدا شناسيءَ واري حد ۾ پهتو هو. اُتي ئي هن مشاهدو ماڻيو:
سرتيون سڀ ۾ پاڻ،
آهي رنگ رنگ ديد نظارو.
آدم صورت بني آيس، ورهي ڪيم وٿاڻ،
ڪارونڀار ۾ ٿي وڃ گم، اچي منجهه سڃاڻ،
ڏسي صورت معنيٰ مورت، چشمان چارئي چاڻ،
نانڪ يوسف يار تماشو، پٽ پئي ڪن پاڻ.
(تنوير عباسي، 2014ع: 77)
نانڪ يوسف هجي يا عثمان فقير سانگي يا دريا خان فقير – هر صوفي ويراڳي شاعر وٽ ڪائنات جي خلقيندڙ پالڻهار جو تصور چِٽو ۽ واضح آهي. هو هر مظهر ۾ انهيءَ محبوب کي ڏسن ٿا ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن اهڙو اظهار ڪيو آهي.
جيڪڏهن ويراڳي شاعريءَ ۾ تفصيلي طور تي خود شناسيءَ کان خدا شناسيءَ جي موضوع تي لکجي ته ان لاءِ هزارين صفحا به شايد گهٽ هجن. اهو ايترو ئي وسيع آهي، جيئن سمنڊ ۾ هڪ ڌار دنيا آهي ۽ ڪناري تي بيٺل ماڻهو ان جو شعور نٿو رکي. جڏهن ته غواص اهو ڄاڻن ٿا، ويراڳي شاعر به اهڙا ئي غواص آهن. جيڪي سمنڊ جي انت تري جا راز آشڪار ڪن ٿا. فقير خوش خير محمد هيسباڻي به اهڙو ئي هڪ غواص آهي، جيڪو تصوف جي ويراڳي سمنڊ مان ڪيئي گوهر ڪڍي ظاهر ڪري ٿو:
هستيءَ ڪيئي حيران،
ڪيئن جسم ڪيئي اوٽ اسم کي.
ونحن اقرب پاڻ چيائين، اڃا تڪين آسمان،
اوڳا ڇڏ ان ريت رسم کي.
ذات صفات ۾ آهي رلمل، صورت جو سلطان،
الف گم جيئن ڀڃ بسم کي.
(تنوير عباسي، 1998ع: 68)
سومرن جي دؤر کان وٺي ٽالپرن جي دؤر تائين ڪيئي ويراڳي صوفي شاعر ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي فڪر وسيلي انسانن جي رهنمائي ڪئي. مادي توڙي روحاني فيض ڏيڻ لاءِ، اهڙن صوفين، ماڻهن کي حق جي راهه ڏيکاري، خدا شناسيءَ جو درس ڏيئي، ڀٽڪيل انسانن کي فلاح واري رستي تي آندو.
حوالا
1. آڏواڻي، ڪلياڻ، ”شاهه جو رسالو“، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 2007ع.
2. انصاري، عثمان علي، ”سچل سرمست جو سنڌي ڪلام.“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ، 1997ع.
3. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”قاضي قادن جو رسالو“، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو، 1999ع.
4. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 1963ع.
5. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ ، ڄام شورو، 1963ع.
6. بدوي، لطف الله، ”ڪنڊڙيءَ وارن جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 1964ع.
7. جويو، محمد ابراهيم ”ساميءَ جا سلوڪ“، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2015ع.
8. چانڊيو، جاويد، ”ديوان فريد“، سرائيڪي ادبي مجلس، بهاولپور، 1998ع.
9. دائودپوٽو، عمر بن محمد، علامه ”مضمون ۽ مقالا“، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، حيدرآباد، 1978ع.
10. درگاهي، اختر، ”بيدل سائينءَ جو رسالو“، بيدل يادگار ڪاميٽي، روهڙي، 2011ع.
11. راءِ، شو موهن، ”قديم هندي فلسفه“، قومي ڪائونسل براءِ فروغ اردو، نئي دهلي، 1998ع.
12. عباسي، تنوير، ”شاهه لطيف جي شاعري“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 1995ع.
13. عباسي، تنوير، ”ڪلام خوش خير محمد هيسباڻي“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2008ع.
14. عباسي، تنوير، ”نانڪ يوسف جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2014ع.
15. مانجهي، محمد علي، ڊاڪٽر، ”صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر“، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڪراچي، 2010ع.
16. مفتي، تهمينه، ”سچل سرمست ۽ ساميءَ جو فلسلفو“، ڪنول پبليڪيشن، قمبر، 2015ع.
17. ناگراڻي، پروفيسر، ”ساميءَ جا سلوڪ“، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور، 2015ع.
18. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر ”شاه ڪريم جو ڪلام“ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007.
19. جُوڻيجو، عبدالجبار ڊاڪٽر ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ (جلد اول) سنڌي لئنگويج اٿارٽي 2004.