سُر سَسُئي آبريءَ ۾ ڪوهستاني لهجو
(Kohistani Dialect in sur Sasui Aabri)

ڊاڪٽر رُخمان گل پالاري
Abstract:

Shah Latif travelled through every territory of Sindh, and his poetry contains words of regions he treaded. Shah Latif’s sur Sasui Aabri contains many common words, and some terms, of the Kohistani dialect. There is a place after his name on a regional mountain called Paanwari. Currently, there is some construction work going on in that area also. The track that Sasui took in searching for Punhoon, called “Sasui Ji Waat” or “Sasui’s pathway”. Unfortunately, these ancient marks are getting erased. Background, meaning, and interpretation of many Kohistani words and terms used by Latif in his sur Sasui Aabri have been given in this paper.

سنڌي ٻوليءَ جي ڪوهستاني لهجي بابت هن کان اڳ منهنجا ٻه مقالا ڇپجي چڪا آهن، جن مان هڪ ”شاهه ۽ ڪوهستاني لهجو“ ڇماهي ڪلاچي تحقيقي جنرل سال سيپٽمبر- ڊسمبر 2001ع واري پرچي ۾ ڇپيو، جنهن ۾ سسئيءَ جي پنجن ئي سرن کان سواءِ ٻين سرن ۾ آيل ڪوهستاني لهجي جي لفظن وارا ٻه- ٻه، ٽي-ٽي بيت نموني طور ڏنا ويا، جڏهن ته ٻيو مقالو ”ڪوهستاني لهجو“ جي عنوان سان ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل سان سيپٽمبر 2008ع ۾ ڇپيو، هن مقالي ۾ صوتي، صرفي ۽ نحوي حوالي سان ڪوهستاني ۽ معياري لهجي جي ڀيٽ ڪئي ويئي آهي. پر موجوده هن مقالي ۾ لطيف جي سُر سسئي آبريءَ ۾ شاهه لطيف جيڪي هن تر (ڪوهستان) جا لفظ ڪتب آندا آهن انهن تي پنهنجا ورڇيل ويچار ونڊيان ٿو. جيڪڏهن ڪوهستاني ايراضي ٿا ڪَڇِيُون (ماپيون) ته ڳالهه گوڙ کان چڙهيو وڃي، ضلعي ٺٽي جو جُنگشاهيءَ وارو سڄو اتر وارو پاسو ويندي هيٺ گَگَهر تائين، ڪراچيءَ جو سڄو ضلعو ملير، ضلعي ڄام شوري جا ذري گهٽ ٽي حصا، ضلعي دادؤَ جو اتريون اولهائون پاسو، بلوچستان جو دُريچي، خضدار، ضلعو لسٻيلو سڄو، جائو جبل جو سڄو اولهائون اترئين ڪنڊ وارو پاسو بارکان تائين، وري ڏاکڻئين پاسي اورماڙه، پسني، جيونيءَ کي الهندي پار ڪندي ايراني دشت به اورانگهيو وڃي. انهيءَ سڄي ڪوهستاني پٽيءَ جو جيڪڏهن ڪوري ڪاڳر (ڪاغذ) تي نقشو چِٽيون ته ڄڻ ڪا ٻانهياري ٻيلهه دلا کنيو رَلَ رَمندَي مَنڍِيندي اچي، ان سڄي ڪوهستاني پٽيءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پورا پنج لهجا ڳالهايا وڃن ٿا. جن ۾ لاڙي، ڪوهستاني، لاسي، کيتراني ۽ جدگالي. اڪثر ماڻهن کي کيتراني لهجي جي شايد خبر به نه هجي، جدگالي لهجي تي وري ڊاڪٽر آفتاب ابڙي جو هڪ ڪتابڙو لکيل آهي، جنهن ۾ جدگالي لهجي کانسواءِ ٻيو ڪي ڪجهه آهي، ته اهي لهجا ڄڻ ته هڪٻئي سان سلهاڙيا پيا آهن. جو منجهن ڪيترائي هڪجهڙا لفظ معمولي اُچارن جي، ڦيرڦار سان ڳالهايا وڃن ٿا، ان ڪوهسارن واري سڄيءَ پٽيءَ ۾ جي انساني اوسر جا آثار ڳوليون ته انساني جهنگلي جيوت کان وٺي انساني سڌريل تهذيب جا سوين آثار پڌر تي پکڙيا پيا آهن. آئون هتي فقط سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ضلعي ملير جي اترين اولهائين ڪُنڊ جي چند قديم آثارن جو ذڪر ان ڪري ضروري ٿو سمجهان جو، انهن آثارن جو سنئون سڌو واسطو سسئيءَ ۽ شاهه لطيف سان به آهي.
سو سسئي به اها واٽ وٺي هوت پنهونءَ جا پير ڪڙهيندي ويئي هئي، اهو گس اڄ به ”سسئيءَ جي واٽ“ جي نالي سان مشهور آهي، شاهه لطيف به اهائي واٽ وٺندي هيءَ شاهدي ٿو ڏئي:
ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پِڙَ ۾ پير پنهونءَ جو،
سِڪ ٻَڌائِين سَندَرو، جَانبَ لاءِ جَڙي،
لَڪن سِر لطيف چئي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جَهڙي،
پَـڻِي تان نه پَڙي، جي عُمِرِ سَڀِ اِيئن ڪري.
پر سڀني رسالن ۾ هن بيت جي پهرين سِٽ هينئن لکيل آهي.
”ڪڙهي ۽ ڪڙي، پَرِ ۾ پير پنهونءَ جو“.
لفظ: پَرِ = ڳجهه ڳوهه ۾ جڏهن ته پِڙُ اصل ۾ هڪ ماڳ آهي، پڙ (رلو پڙ) تراکڙو پٿريلو پوٺو جنهن کي ”پِڙُ“ ۽ ”لَلَو پِڙُ“ به چون (هن ماڳ جو سسئي پنهونءَ واري قصي سان به لاڳاپو آهي) جيڪو ”پانواري جبل“ جي لڳ الهندي پاسي آهي، پانواري جبل تان ميهوڳيءَ جو پاڻي هن پوٺي ۾ جمع ٿي ڀرپاسي وارا ٻنيون ٻارا پُر ڪري پوءِ بچيل پاڻي وڃي ”لنگهيجي نئن“ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي، هي پيالي نما تراکڙو پوٺو ڄڻ ته هن جُوءِ جِي مينهوڳي پاڻيءَ جي ورهاستي وَهڪَ آهي. شاهه لطيف پِڙ ۽ پانواري جبل جو ذڪر هيٺين بيت ۾ ڪيو آهي:
وَڃڻ مُون وَاجب ٿِئو، صُبح سَوارو،
پِڙَ ۾ پيرُ پنهونءَ جو، لڳو لاَوارو،
پِٻُ وجهنديس پُٺِ تي، پَڇَنڊي پَانوارو،
ڌوٻِڻ جو ڌَاڙو، جَيڪس جَتَ هَڻِي وِئا.
پانواري جبل تي شاهه لطيف جو تڪيو پڻ هو، جنهن تي نانيءَ (هنگلاچ) ڏانهن ويندڙ جوڳي ٻيو پاڻو اچي ڪندا هئا، پر افسوس هن تڪيي تي هن وقت بحريه ٽائون جي سرمائيدار مالڪ طرفان ٺهرايل پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي مسجد تي، ڪم ڪندڙ مزدورن لاءِ پيشاب جون جايون ٺهرايون ويون آهن! 15 ڪلو ميٽر ڊگهو ۽ 800 فوٽ اوچو پانوارو جبل ڊاهي پوٺو ڪيو ويو آهي، جنهن تي چڙهڻ سان پٻ جبل پڌرو بيٺو هوندو هو، ان پِڙَ واري جاءِ تي وڏو گولف ڪلب ٺاهيو ويو آهي! هي سڄو تر قديم تاريخي آثارن جي ڄڻ ته کاڻ آهي، جنهن ۾ پٿر جي دؤر جي اوزارن جا ڪيئي ماڳ، قديم گڏيل زراعتي نظام جي آثارن جون نشانيون اَن ڇڻڻ جون نِنگهون (Cupmarks) جي پاڪستان ۾ هن وقت تائين جي لڌل ننگهن ۾ سڀ کان وڏيون ۽ تعداد ۾ به وڌيڪ آهن.
ويجهڙائي وارن ٻن اڍائي سالن ۾ سسئيءَ ۽ شاهه لطيف جي واٽ وارا اُهي اڻ ڳڻيا ماڳ هاڻي ميسارجي رهيا آهن. انهن ماڳن واري زمين جيڪا هزارين ايڪڙن تي مشتمل آهي، اها بحريه ٽائون واري سرمائيدارخريد ڪري اتي تعميراتي رٿائون شروع ڪيون آهن.
اڄ اسين دنيا جي وڏي شاعر (لطيف) جي شاعريءَ ۾ سندس ئي ٻوليءَ جا لهجا پيا ڳوليون، اسان جا عالم ان جي پيدائش جا ٽي هنڌ ٻڌائين ٿا، درسي ڪتابن ۾ هالا حويلي لکيل آهي، انهن ماڳن تي تحقيق جي اڃان به ڪافي ضرورت آهي، پر انهن ماڳن جي حالت ڏسو ته ڄڻ اسان زمين تان ئي ميساري ڇڏيا آهن. هالا حويلي ۽ ڀينئن پور ته ٿيا ڀٽ شاهه کان 15، 18 ڪلوميٽر پري- هڪ اڀرندي، ٻيو ڏکڻ ۾ پر ڀٽ شاهه جي ڪَڇ ۾ اتر طرف ڏيڍ ٻن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي سَوئِي ڪُندر مُقام تي ڪو اچي تحقيق ڪري ته کيس سواءِ عجيب ڏند ڪٿائن جي ڪجهه به پلئه نه پوندو.
تحقيق جو ذڪر نڪتو آهي ته هڪ ٻيو به تاريخي هاڃو ٻڌو: هن وقت تائين جن به شاهه لطيف تي سوانح جي حوالي سان تحقــيق ڪئي آهي، انهن ســڀني شاهه لطيف جي سُهري جو نالو مرزا مغل بيگ لکـيو آهي، اڄ کان ويهارو سال اڳ ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاريءَ، شاهه لطيف جي ساهري جي قبر هٿ ڪري ان تي لکيل نالو سن ۽ قبر جي تصوير (The Archaeological review Sept. 1997) رسالي ۾ ڏيئي هڪ مقالو پڻ لکيو هو ۽ قبر جي تصوير ۾ اهو پڻ واضح ڪيو هو ته قبر واري مٿئين پٿر کي وچ تان سِير به پيل آهي، اهو قبرستان هن وقت ڀٽ شاهه کان ويهه، ٻاويهه ڪلوميٽر الهندي ڏکڻ ڪنڊ تي ٽنڊي آدم کان ٽنڊي الهيار ويندڙ روڊ جي عثمان شاهه هڙيءَ واري اسٽاپ کان ٻه ڪلوميٽر اتر طرف آهي. هن وقت اهو قبرستان
”ميـين ونهيـين“ جي نالي سڏجـي، ميـين ونهيـين جــي مقبري کان سـڏ پنڌ تي ڏکـڻ ۽
(ميـين ونهيـين قبرستان ۾ مرزا بيگ بن جان بيگ ارغون جي قبر)
اوڀر واري ڪنڊ تي ڄارين ۽ ديوين جي جهنگ ۾ قاسم بيگلار ۽ سندس خاندان جي قبرن کان ٽيهارو فوٽ کن اتر طرف شاهه لطيف جي سهري جي قبر ٽٽل حالت ۾ موجود آهي، قبر جو مٿيون وڏو پٿر ٻه اڌ ٿيل آهي، ان پٿر جو نالي وارو حصو قبر جي پيرانديءَ پاسيرو پيل آهي، جنهن تي بنهه واضح لکيل آهي: ”مرزا بيگ بن مرزا جان بيگ ارغون سن 1124ع“
ڊاڪٽر غلام علي الانا به پنهنجي هڪ مضمون ۾ هن قبرستان ۾ اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به هتي آيو هو، اسان جي، هنن ٻنهي ناميارن عالمن هن تاريخي چُڪَ تي رکيل ڇِپَ کي چوريو به ناهي، اهڙين تاريخي تاريڪين تي سنڌ جي ثقافت کاتي کي ڌيان ڏيڻو پوندو.
شاهه لطيفرحه سر سسئي آبريءَ ۾ ڪوهستاني لهجي جا عام لفظ ۽ ڪن بـيـتـن ۾ هـن ترجـا عـام اصطلاح به ڪتب آنــدا آهن، جن جـي شاهه لطيف جو رسالـو
سهيڙيندڙ عالمن کي به پروڙ پئجي ناهي سگهي! اصطلاح پنهنجي اندر هڪ الڳ معنيٰ رکي ٿو، جيڪڏهن انهن لفظن کي ٽوڙي ڌار ڌار معنيٰ ڪڍبي ته معنيٰ ئي بدلجي
(سئي قندر: شاهه حبيب جي حويليءَ جي ڦٽل ماڳ)

ويندي. آئون نموني لاءِ شروع ۾ ٻه ٽي اصطلاحن وارا بيت ۽ پوءِ هن تر جي ڪجهه لفظن وارا بيت ۽ انهن جون معنائون پڻ ڏيندس.
پُنهون ڇَڏيو پَوءِ، جَانِبُ جَبلِ گهورئين،
تيلاهين تنگون ڪريين، جيلاهين تون جَوءِ
ساجن سُڃ نِهاريين، ڏُکي ڏوهُه ڪِئوءِ،
هَاڙهي هَوتُ نه هَوءِ، وري پڇ ويٺين کي.
(سر آبري 3/1 ٻ. خ. شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
جبل گهورڻ (اصطلاح)= ڄاڻي ٻجهي مصيبت سِر تي کڻڻ، ڏسي وائسي باهه پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيڻ.
تنگون ڪرڻ (اصطلاح = اجايو بي سود ڊوڙڻ ڀڄڻ، پنهنجي وزن ۽ وت کان وڏي ڳالهه ڪرڻ / وڌيڪ بار کڻڻ.
دَران مَنجهه دوس ٿِئو، موٽي پڇ پانهين،
عَبث آڳاهينَ، وڃئو ڪُوڪِين ڪَانڌ کي.
(سر آبري 3/6 ٻ.خ. شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع)
پاهين پڇڻ (اصطلاح) = پنهنجو پاڻ ڏسڻ، اندر اورڻ، دل جي ڳالهه چوڻ
سَڌَاِئتي سَڀَڪَا، بُکَ نه بَاسي ڪَا،
جيهِيءَ تيهِيءَ ذَاتِ جي، جنبَش ڪَانهي جاءِ،
مون سين هَلي سا، جا جيءُ مِٺو نه ڪري.
(سر آبري 4/2 ٻ.خ. شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع)
مٿئين بيت جي پهرين سٽَ ۾ آيل لفظ بُکَ، جو هن وقت تائين جي سڀني ڇاپيل رسالن ۾ ايئن ئي لکيل آهي، هن بيت ۾ آيل لفظ بُک تي آئون ڪافي اڳ پنهنجي هڪ مقالي ۾ بَکَ جي حوالي سان ذڪر ڪري چڪو آهيان، بَکَ باسڻ اصطلاحي طور به هن تر ۾ ڳالهائجي ٿو، هي عقيدي جي حوالي سان هڪ سنؤڻ/ سنوڻ به آهي، جو هن تر ۾ اڪثر ڪري هندو توڙي مسلمان عورتون ڪن، پنهنجي ڪنهن پياري دل واري تان يا ڪهن بيمار يا ٻار وغيره تان جهنگ ۾ ڪو ننڍو ڪڪڙ يا ٻڪر ٽنگون ڏاڻي (ڪڪڙ يا ٻڪر جي، وک جيترو ڪارو وٽيل ڌاڳو ٻڌي) ڇڏي ڏين ته جيئن ڪو جهنگ جو گدڙ لومڙ يا ڪو آٽهڙو واٽهڙو آسانيءَ سان جهلي وڃي، ته ان دل واري پياري بيمار يا ٻار تي ڪابه آيل مصيبت ٽري وڃي، بَکَ باسڻ (اصطلاح) = ساهه جو آسرو لاهڻ، پاڻ کي جهنگ حوالي ڪرڻ، ته مٿئين بيت ۾ سسئي چوي ته سڌون ته مون سان گڏ هلڻ جون سڀڪا ڪري ٿي، پر پنهنجي جَانِ جي بَکَ ڪابه نٿي باسي، ۽ هيئين سٽ ۾ ته اڃا به بَکَ جي معنيٰ واضح ٿئي ٿي، سسئي ٿي چوي ته مون سان اها هلي جنهن کي پنهنجو جيءُ مٺو نه هجي، معنيٰ پاڻ کي گهوري ڇڏي، اهو بيت گذريل سال 2015ع ۾ ٿيل شاهه لطيف جي عرس جي موقعي تي تاج جويي پڙهيو ته هال ۾ ويٺل ذوالقرنين شاهه اعتراض واريو ته اها بُکَ آهي نه ڪي بَکَ، پر اهو سنوڻ ۽ اصطلاح هن تر ۾ آهي، سيد ذوالقرنين شاهه ڀلي اعتراض واري پر شاهه جي بيت جي معنيٰ بَکَ سان ئي درست ٿئي ٿي.
وِهمَ وِرساياسِ، نه ته پنهون آئون پاڻَ هُئي،
پَاڻ وِڃايُم پانهنجو، پئي پريان جي پاس،
رَتي عِلمَ نه راسِ، پسڻ ڌاران پِرينءَ جي.
(سر آبري 5/8 ٻ -خ- شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع)
وهم ورسائڻ (اصطلاح) = اجايو شڪ ڪرڻ، ٻُڏ تر ۾ ڪو صحيح فيصلو نه ڪرڻ، بدشد ڳالهائڻ.
ٿَڪُ ته ٿيين ٿَانءِ، پهتي ڪانه پنڌُ ڪري،
سي لالڻ هنيون لاءِ، منجهان هج هلن جي.
(سر آبري 8/24 ٻ.خ شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع)
هيٺئين سٽ ۾ ”هنيون لانءِ“ هئڻ گهرجي، جيئن مٿئين سٽ ۾ ”ٿيين ٿانءِ“ آهي.
ٿانءِ ٿيڻ (اصطلاح) = ماڳائتو ٿيڻ، حال ڀائي ٿيڻ
ٿَڪِيائي ٿَر ٿَيلِ، چڙهه چُڪِيائي چوٽِيِين،
هَلَندي هوت پُنهونءَ ڏي، ڀَهءَ مڙيئي ڀَيلِ،
اُٿي رَائو رَيلِ، وَيٺِن تان واري وري.
(سر آبري 13/8 ) غلام محمد شاهواڻي، ڇاپو پهريون 1950ع
ٿر ٿيلڻ (اصطلاح) = نااميد نه ٿيڻ، مصيبت کي منهن ڏيڻ.
ڀؤ ڀيلڻ (اصطلاح)= سڀ لاڳاپا لاهڻ، ناتا ٽوڙڻ
رائو ريلڻ (اصطلاح)= پار ڪرڻ / اُڪرڻ، جهولي نه جهلڻ
ڪُڄاڙو ڏيئي، آئون مِڙَندِي پرينءَ کي،
سِرِ ٿي سُنتَ ڀانيان، سڃينديس سوئي،
اَوڙَڪِ اُهوئي، وجهنديس پيش پنهونءَ جي.
(سر آبري 28/8 ٻ. خ. شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
سنت ڀانئڻ (اصطلاح)= نظر نياز ڪرڻ، قربان ٿيڻ.
جيئن هن بيت جي آخري سٽ ۾ اوڙڪِ معنيٰ نيٺ آخر آهي، پر هي لفظ اصطلاحي طور اڳڪٿي ڪرڻ، اڳواٽ نتيجي ڪڍڻ لاءِ به هن تر ۾ استعمال ٿئي، (اوڙڪ آکڻ – اصطلاح) ٻهراڙيءَ جو ريڍار، ٻڪرار ويچارو ڪري اڳ ڪٿي ڪندو هو غريب فطرت سان ئي هم ڪلام ٿيندو ته هن سال مِينهِن گهڻا پوندا، هن سال پارو ڪرندو، هن سال ڏڪار پوندو يا جَهڪُون لڳنديون، وغيره ٻهراڙيءَ جي ماڻهوءَ جون اهي ئي اڳڪٿيون هونديون ٻيو ڇا؟
هيٺ چند بيت هن تر جي لفظن وارا معنائن سميت لکان ٿو اهي لفظ هن وقت به عام ڳالهايا وڃن ٿا، جي گهڻن کي شايد اوپرا لڳن.
سَسِئيءَ ڪِينَ سَمُجِهئو، اَوري آريءَ ساڻ،
ڪري پَيکُ پُنهُؤَ سين، پاڌارِيائَين پَاڻ،
ڄَٽِ وِڃايو ڄاڻُ، ٻانڀڻ ٻَروچَنِ سين.
(سر آبري 10/1 ) شاهواڻي، ڇاپو پهريون 1956ع.
هن بيت جي ٻي سٽ ۾ آيل لفظ پيکُ ۽ پاڌاريائين عامَ جي واهپي ۾ آهن، پيک لفظ جي معنيٰ هر رسالي ۾ ٽي چار لفظ لکيل آهن، جيئن شاهواڻي صاحب: ديدار، ڏيٺ، دوستي لفظ معنيٰ طور ڏنا آهن، ٻانهي خان شيخ هن لفظ جي معنيٰ لاءِ: محبت، سنگت، واقفيت، لاڳاپو جهڙا لفظ رکيا آهن، جيئن ٻهراڙيءَ جو ڪو عطائي ڊاڪٽر بخار واري مريض کي، مليريا کان ويندي مُدي جي تَپَ واريون دوائون هڪڙي
(ڀيئن پور: شاهه حبيب جي مسجد جو ڏيک)
ئي سئيءَ ۾ گڏي مريض کي ٽنبي ڇڏيندو، ڪانه ڪا دوا ته وڃي اثر ڪندي، هت به
اهائي ڪار آهي، پر رڳو معنيٰ بچي ...!!
پيکُ معنيٰ ”نينهن جو ناتو“ جو لوڪ کان لڪائڻو ٿو پوي، پر سسئي پاڌاري معنيٰ ظاهر ۽ پڌرو ڪري وڌو، ان جو ازالو به ويچاري ادا ڪيو.
”سِسِي ڏيئي سَام سُتي سَنگُهر پٽيين“ (شاهه)
سام ڏيڻ، سَام پوڻ، سام جهلڻ ۽ سام کڻڻ اهي به اصطلاح آهن.
سام ڏيڻ = پنهنجو پاڻ کي قربان ڪرڻ، موت سان لانئون لهڻ، اهو ”پاڻ گهورڻ“ وارو ڪم سسئيءَ ئي ڪيو هو:
”قرباني قبوليوس، باسي مُنڌ موت هلي“ (شاههرحه)
سام پوڻ = ڪنهن اڳيان پيش پوڻ، هٿيار ڦٽا ڪرڻ، آڻ مڃڻ.
سام جهلڻ = مصيبت وقت ڪنهن جي ننگ ۽ لڄ يعني زائفائن کي پنهنجو ننگ (مائون ۽ ڀيڻون) سمجهي ان جي هر حال ۾ حفاظت ڪرڻ.
سام کڻڻ = وار وار ۾ ضامن پوڻ، هر ڳالهه ۾ ٻڌل رهڻ، ڪنهن وٽ مدد لاءِ پاڻ هلي وڃڻ، ڪنهن جو در لنگهي اچڻ (مدد لاءِ اچڻ نه وڃڻ وارو).
هيٺين بيت ۾لفظ ڏاهِه جي معنيٰ رسالن ۾ ٻانهي، گولي، اي ڏاهه لکيل آهي. جا پنهنجي جاءِ درست آهي، پر ڏاهِه اها ٻانهي، گولي يا نوڪرياڻي، يا مالڪن کان سندن مرضي وارو مُلهه ڳني ورتل هجي، جا جيئري ته ٺهيو پر مئي پڄاڻان به ان جو جنازو، موٽي مالڪن ڏانهن نه ويندو. شاهه لطيف عام نوڪرياڻيءَ واري لفظ بدران ”ڏَاهِه“ وارو وزني لفظ ڪتب آندو آهي.
پَسِي ڏُونگَرَ ڏاهِه، جِمَ هلڻ ۾ هيڻي وَهين،
لانچي لڪ لطيف چَي، پُٺِيَ ڪيچينِ ڪاهِه،
پُڇي پُورج سَسُئِي، بَلوچاڻي باهِه،
اِنَ وَڙَائِتي وَرَ جِي، آسَرَ هَڏ مَ لاهِه،
جو اَکِنِئون اوڏو آهِه، سو پرين پَراهُون مَ چئو.
(سر آبري 2/1 ) شاهواڻي 1950
مٿئين بيت جي ٻي سٽ ۾ هن تر جو عام لفظ ”لانچي“ به آهي، جنهن جي شاهواڻيءَ صاحب، ڳولي معنيٰ ڏني آهي ۽ ٻانهي خان شيخ صاحب، ٻڌي معنيٰ رکي آهي. پر هن تر ۾ لانچي معنيٰ اُڪري، پَار پئي/ ٿي، اورانگهي.
اَئِين وَريتيون وَرو، آئون نه وَرَندي وَرَ ري،
جَاڏي هِنَ جَبلَ جو، تَانگِهينديَسِ تَرو،
جَتَنِ سَاڻُ ذَرو، نِينهُن نِبيرَڻ نه ٿِئي.
(سر آبري 9/4 ٻ-خ شيخ جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
مٿئين بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ جَاڏَي معنيٰ اوکي، اڙانگهي طور ڪوهستاني لهجي ۾ عام ڳالهائجي ٿو ۽ هن سٽ ۾ آيل لفظ تانگهينديس، ڪنهن به جوکائتي ڪم يا قدرتي آيل آپدا (پاڻي، باهه، طوفان وغيره) مان پار پوڻ يا پار ٿيڻ جو اٽل ارادو ڪرڻ لاءِ ڪوهستاني لهجي ۾ عام ڳالهائجي ٿو.
توسين ٻول ٻَهُون، سهسين ساڄن جي ڪري،
ڪندينءَ توءِ ڪَهُون، جي نالو ڳِيَڙَءِ نينهن جو.
(سر آبري 16/4) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
مٿئين بيت ۾ لفظ ”ڪهون“ ڪوهستاني لهجي ۾، پنڌ هلڻ واري اڙانگي سفر ۾ ٿڪي بيزار ٿيڻ کان پوءِ به ٿڪ ڀڃڻ کان سواءِ هلندو رهڻ لاءِ عام ڳالهائجي ٿو.
ڇُلان مَنجِهمِ نه ڇَاڪَ، پُران پُونِمِ پُرڪَڻَا،
مَڇڻ ڪا مُنڌَ ڪَري، موٽڻ جِي مذاقَ،
چِتُ سَندو مون چَاڪَ، هاڙهي هَڏِ هڻي ڪِئو.
(سر آبري 18/4) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
مٿئين بيت جي پهرئين سٽ ۾ لفظ ڇَاڪَ، جسماني سگهه ۽ سونهن لاءِ، پُران لفظ نستِ ۽ نِزور هئڻ باوجود به پيرين پنڌ هلڻ لاءِ ۽ آخري سٽ ۾ لفظ هَڏِ، بنهه، اصل، صفا عام رواجي طور هن سڄي ڪوهستاني تر ۾ ڳالهائجي ٿو.

ويئي سونهن سسئيءَ جي، پنهون ٿيس پاڻَ،
سڀني جي سيد چئي، آهي اِتِ اُماڻَ،
ڀنڀور جا ڀَاڻَ، آڏا آريچن کي.
(سر آبري 7/5 ) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
هن مٿئين بيت جي ٻي سٽ ۾ لفظ اِتِ، بنهه ويجهي شيءِ لاءِ هِتي/هِتِ جي معنيٰ ۾ ڳالهائجي، هن ئي سٽ جي آخري لفظ ”اُماڻ“ جِي، زير، زبر هيٺ مٿي ڪرڻ سان معنيٰ ئي بدلجي ويندي، جيئن هن بيت ۾ ”اُمَاڻَ“ ”ڻَ“ تي زبَر سان معنيٰ اَمانت ٿيندي، پر اُماڻِ، ”ڻِ“ تي زير ڏيڻ سان معني ٿيندي روانو ڪر (رواڻ، مَوڪَل) جيئن شاهه لطيف سر حسينيءَ جي هن بيت ۾ ”اُماڻِ“ لفظ مَوڪلِ، روانو ڪر جي، حوالي سان ڪتب آندو آهي.
ڀَنڀَوران ٻَاهُرِ ٿي، اَمَڙِ مون اُمَاڻِ،
اسان تو رهاڻ، موٽي ڪَا مس ٿئي.
(حسيني 5/3 ) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
اهي ٻئي لفظ اُماڻَ ۽ اُماڻِ ڪوهستاني لهجي ۾ انهن مٿي ڄاڻايل معنائن لاءِ عام طرح ڳالهايا وڃن ٿا، سر آبريءَ، واري بيت جي ٽي سِٽِ ۾آيل لفظ به هن تر ۾ زير، زبر هيٺ مٿي ڏيڻ سان الڳ معنيٰ رکي ٿو، جيئن ڀَاڻَ معنيٰ ماڳ مڪان، جايون، پَڍَ ۽ ڀَاڻِ/ ڀانُ معنيٰ مال جا ڇيڻا، جنهن کي ڄَمُ به چون، ته اهي لفظ به هن تر ۾ عام ڳالهائجن ٿا.
هُوتُ تنهنجي هَنج ۾ پُڇين ڪُوهُه پَرياڻُ،
وَنَحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْهِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ، تنهنجو توئي ساڻُ،
پنهنجو آهي پاڻ، آڏو عجيبن کي.
(آبري، 14/5 ) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
مٿئين بيت ۾ آيل لفظ پَرياڻُ زير ۽ پيش هيٺ مٿي ڏيئي الڳ معنيٰ طور هن تر ۾ ڳالهائجي هن بيت جي پهرين سٽ ۾ پرياڻُ، ”ڻ“ تي پيش (ـــُــ) سان معنيٰ ٿيندي ڌاريو، پرائو، اهو ساڳيو لفظ سر حسينيءَ جي هيٺيئن بيت ۾ به آيل آهي جو رسالن ۾ ”پَرياڻُ“ ئي لکيل آهي.
آتڻَ ۾ پَرياڻُ، هو سڀني جيڏيين،
مون سڀاڳيءَ ساڻ، ڪير ڇلندي ڇپرين.
(حسيني 19/2 ) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
مٿي ڏنل سر حسيني واري بيت جي پهرين سٽ ۾ لفظ پرياڻ ۾ ”ڻ“ تي زير ڏينداسين ته پوءِ هن بيت جي، معنيٰ درست ٿيندي. پَرياڻِ = ڏَسَ پتو، وَچن واعدو.
سَرتيون سَڀوئِي ٿِئو، اندر آرِيَاڻِي،
ويٺيي پَسان پاڻ ۾، ڏونگر ڏِهاڻِي،
هُيس جِنِ هَاڻِي، سي ڪيچي گڏِيَمِ ڪَهَه ۾.
(آبري 16/5 ) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
هن بيت جي آخري سٽ ۾ لفظ هَاڻِي هن تر ۾ آسري تي، ڀروسي تي جي معنيٰ ۾ عام ڳالهائجي جيئن هن تر جي سگهڙ نالي چڱي پالاريءَجي سر سسئيءَ وارن بيتن ۾ ان هڪ بيت ۾ هاڻِي لفظ آيل آهي.
هئي جِن هَاڻِي، ساڻِي نه ٿيڙس سي،
ٻول ٻروچي وِترو، سنڌ لڪن لامون ڏي،
رسالن ۾ لفظ ”هاڻِي جي معنيٰ، جي ماريل، وس ۾، جتي، لکيل آهي.
هيڪَانديءَ هوئي، پِرين پَاڻوريءَ هَلئا،
ڪَندينءَ ڪوهُه روئِي، پُوندو سَانگُ سَڀڪنهن.
(سر آبري، 7/7 ) جلد II ڇاپو ٻئو 2012ع
مٿئين بيت جي پهرين سٽ ۾ لفظ ”پاڻوري“ به هن تر ۾ ڳالهائجي، هي لفظ رات جي، ٽئي پهر لاءِ استعمال ٿئي ٿو، جڏهن رات بنهه ٺري پوندي آهي، ان وقت ڪتا ۽ ڪڪڙ به ننڊ ۾ هوندا آهن، رسالن ۾ فجر جي مهل، فجر جي وقت، پرهه جي وقت لکيل آهي، فجر يا پرهه جو وقت پاڻوريءَ وارو پهر گذرڻ کان پوءِ شروع ٿئي ٿو.
ڀَايَاڻِي ٿي ڀورِ، پُٺِيءَ ڪيچِين ڪَڪِرا،
رائو مڙوئي رت سين، ڪارڻ ڪانڌ ڪَڪورِ،
لاَنچي لَڪَ لطيفُ چي، اُٿِي ڏُونگر ڏورِ،
جَتُ وڃي ٿو زورِ، اُپُڙُ تان اوڏِي ٿيين.
(آبري 10/8 ) شاهواڻي ڇاپو پهريون 1950ع
هن بيت جي شروع ۾ لفظ ”ڀاياڻيءَ“ جي معنيٰ رسالن ۾، شريڪ، ڀائيوار، ڀاڃوڪڙ، همت واري سرت واري لکيل آهي، پر هن تر ۾ ڪرت جي حوالي سان هي لفظ استعمال ٿئي، جيئن ڪا عورت سونارن جي ڦٽي ڪيل ڦلهيار مان سون جا بنهه سنها ذرڙا ڳولي ته ان کي چون ڀاياڻي، ان سونارن واري ڦلهيار جي ڍڳ مان ڀاياڻي کي رتيءَ جيترو سون به مس پلئه پوندو هوندو، هن ڦلهيار مان سون ڳولڻ به وڏيءَ سرت ۽ همت جو ڪم آهي، ته شاهه لطيف به سسئيءَ کي چئي ٿو ته، پنهونءَ جي ڳولا ڀاياڻيءَ جيان ڪر، هن ئي بيت جي ٽي سٽ ۾ لفظ ”لانچي“ جي معنيٰ ”ٻَڌي“ درست ڏنل آهي، هي لفظ اصطلاحي طور به هن تر ۾ ڳالهائجي ٿو، جيئن:
لانچي لهڻ = (اصطلاح) نهاري ڳولي هٿ ڪرڻ.
لانچي ٻڌڻ = (اصطلاح) ڪَسي ٺاهي ٺوڪي ٻڌڻ (جيئن ملهه وڙهڻ لاءِ سندرو ٺاهي ڪسي ٻڌبو آهي).
هن ئي بيت جي آخري سٽ ۾ لفظ ”اُپڙ“ به هن تر ۾ عام ڳالهائجي، جنهن جي معنيٰ رسالن ۾ (تکو) پنڌ ڪر، وک وڌاءِ لکيل آهي، اُپڙ معنيٰ وڏيون ٻرانگهون ڀري هلڻ، يعني ڄڻ ته ڊوڙي هلڻ آهي. اَن مان ڪَٽنگر وغيره ڪڍڻ لاءِ سُپُ ۾ اَنُ وجهي، سُپ کي ٻنهي هٿن سان هيٺ مٿي ڪري لولرائين ته جيئن ان مان ڪن ڪچرو ٻاهر نڪري اچي، ان عمل کي اُپڙڻ/اُپڙ چون. لاڙ، توڙي ڪوهستان ۾ هي لفظ عام ڳالهائجي.
ڪوهستاني لهجي جا سر آبريءَ ۾ شاهه لطيف ٻيا به کوڙ لفظ استعمال ڪيا آهن، جي هن وقت به عام ڳالهائجن ٿا. جيئن مارڳ، ورچي، سَنَري/سَنَرو، ڏرَي، جَرِيدِي، جَوراڻو، پَاڻُو، ڇَاٽَارِين، ڇُلُ، کَوٽِي، سُوجهي، وَاگهُه، ڪُسَنِ، کُهِي، نِينِ، جَهڙي، وَيريپَڻو، رَيبي وغيره.
آئون انهن مٿين ويهارو کن لفظن مان فقط چند لفظن جون معنائون هيٺ ڏيان ٿو جي رسالن ۾ ته عالمن پنهنجي حساب سان ڏنيون آهن.

(1) وِرِچي = بيزار (5) واگهه = چِٽو (جانور)
(2) ڏري = ڊني (6) ڪُسَن = ڌارين
(3) جوراڻو = موت (7) کُهي = ٿڪي
(4) جريدي = هَڪي حاضر، اوڏي مهل تيار (8) نِينِ = وٺي وڃن.




حوالا

1. شيخ، ٻانهون خان، ”شاهه جو رسالو“ جلد ٻيو ”شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي 2012ع.
2. شاهواڻي، غلام غلام محمد ”شاهه جو رسالو“ (سر آبري) ڇاپو پهريون 1950ع
3. ”ڪلاچي“ تحقيقي جرنل، شاهه لطيف چيئر، ڪراچي يونيورسٽي (سيپٽمبر 2001)
4. ”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جنرل، شمارو پهريون، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد 2008ع
1021 ڀيرا پڙهيو ويو