ادب جي ساختياتي تنقيد وارو طريقو
(Structuralist Criticism of Literature)

ڊاڪٽر فهميده حسين
Abstract:

Structuralism is a trend and method of evaluating different literary genres, in which special attention is given to the system of structural patterns and construction of language and specific meaning of words and terms, in a given piece of writing. Simultaneously the theories of Post structuralism and Deconstruction were also in vogue which emphasised the ambiguity of language.
In this article, apart from giving the definition of structuralism, Construction, Deconstruction, their application on the poetry of various poets is also discussed. It is also argued that the importance and significance of “Word” has always been emphasized in the poetry of Sindhi classical poets like Shah Latif and Sachal Sarmast. Examples of such poems, along with those from Urdu language have been quoted to explain the implied meanings and their subsidiary interpretations of word in particular situation and contexts, which may sometimes appear just apposite in sense from the ordinary meanings given in the dictionary. An attempt has been made to use this method for evaluating some of the poetry of Sindhi language.

ادب جي ساختياتي (Structural) تجزيي سان ادب جي پرک ڪري سگهجي ٿي. ويهين صديءَ جي چاليهن واري ڏهاڪي ۾ ڪنهن فنپاري جي مواد جي مجموعي بناوٽ، تنظيم يا جوڙجڪ سان گڏوگڏ ان جي ساخت يا بناوٽ جي تشڪيلي عنصر ۽ اندروني ترتيب ۽ تنظيم کي ٻوليءَ جي مدد سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، خاص ڪري هڪ روسي هيئت پسند اديبن شڪلو وسڪي (Shkovskey) ۽ ڪن ٻين نقادن ادب جي ٻوليءَ خاص ڪري لفظن جي تجزيي تي گهڻو زور ڏنو. فرانس جي ليوي اسٽراس ۽ نيويارڪ ۾ هڪ اداري ۾ سندس ساٿي اديب رومن جيڪب سان گڏجي ادب جي تنقيد ۾ ٻـوليءَ جي عنصر کي شامل ڪيو. 1962ع ۾ هنن بادليئر جي مشهور نظم Chats Le’ جي ٻوليءَ جو جنهن انداز ۾ تجربو ڪيو، ان کي پهريون ڀيرو Structural Criticism جو نالو ڏنو ويو. ان جي پٺيان سندس اهو خيال ڪارفرما هو ته ”انساني ذهن ۾ ٻولي لاشعوري طور بناوٽ يا ساخت جي بنياد تي جڙي ٿي، ان ڪري ٻوليءَ جون ڪي خاص بناوٽون ادبپاري کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿيون، خاص ڪري شاعريءَ جي صورت ۾ ٻوليءَ جي جيڪا ساخت (structure) ٺهي ٿي اهائي ان جي حُسن ۽ تاثر کي مڪمل ڪري ٿي ۽ لفظن جي ٿوري به ڦير گهير ان تاثر کي ختم ڪري سگهي ٿي ]اها ساڳي ڳالهه علامه آءِ. آءِ قاضيءَ اعليٰ شاعريءَ لاءِ ڪارلائل جي ڏنل معيارن ۾ ڄاڻائي آهي ۽ شاهه لطيف جي حوالي سان لکيو آهي ته سندس ٻوليءَ جو ڪو هڪ اکر به بدلائڻ سان بيت جو سمورو تاثر ۽ اعليٰ خيال متاثر ٿي وڃي ٿو[. اهوئي سبب آهي ته جڏهن ڪنهن اعليٰ شاعر جي شاعري ترجمو ٿئي ٿي ته خيال جي منتقل ٿيڻ باوجود شاعريءَ جو اهو تاثر ۽ حسن مجروع ٿي وڃي ٿو، جيڪو ان جي اصل ٻوليءَ سبب ان ۾ هجي ٿو، ڇو ته هر هڪ لفظ جي پويان هڪ تاريخ هوندي آهي، سماجي ثقافتي پسمنظر هوندو آهي. شاعريءَ جي اهڙي نموني پرک ڪرڻ واري ڳالهه کي ڪن سمجهيو ته ڪن نه سمجهيو. فرانس جي هڪ ٻئي نقاد رولينڊ بارٿس (Roland Barthas) چيو ته ”ٻوليءَ جو مطالعو اهم آهي پر ٺلهو تشبيهون، استعارا، تجنيسون ۽ صنايع بدايع ڏسڻا ناهن، بلڪ لفظن جا گهاڙيٽا ۽ ظاهري توڙي لڪل معنائون به ڏسڻيون آهن. هن طبقي جي نقادن ٻوليءَ جي بناوت (Construction) کي سمجهڻ لاءِ ان جي جزن کي ٽوڙڻ (Deconstruction) جي ۽ وري جوڙڻ يا ڀڃ گهڙ جي عمل جي به ڳالهه ڪئي، جنهن عمل سان ڪنهن تخليق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.
ان نظريي جا اڪثر نقاد اعليٰ شاعريءَ جي خوبين ۾ شاعر جي پنهنجي تجربي کان جذبي، خيال، اسلوب، گهاڙيٽي، ترنم، عڪسيت تائين هر پهلوءَ جي هڪ جيتري اهميت کي شامل ڪن ٿا، پر اهو مڃين ٿا ته انهن سڀني عنصرن کي پڙهندڙ تائين پهچائڻ ۾ ٻولي ۽ ان جا لفظ ڇاڪاڻ جو اهم ذريعو يا وسيلو (medium) هوندا آهن. ان ڪري انهن جي هڪ خصوصي اهميت آهي. لفظن جون نه صرف لغوي پر پاسائتيون (Subsidiary) معنائون به هونديون آهن، جيڪي پڻ وڏو ڪردار ادا ڪنديون آهن. ساختيات درحقيقت ٻوليءَ جي ساخت يا جوڙجڪ ۾ مختلف عنصرن منجهه موجود هڪ ٻئي سان تعلق کي به سمجهڻ جو به طريقو آهي جنهن سان معنيٰ مفهوم پڌرا ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. ته ان تعلق ۾ به هڪ سرشتو لڪل آهي. مشهور نقاد پي گري ان ڏس ۾ لکيو آهي ته ”لفظ نه رڳو معنيٰ جي لحاظ کان پر ڪيفيت ۽ مواد جي لحاظ کان به هڪ ٻئي کان مختلف هوندا آهن. ڪن لفظن جا مطلب مقرر ۽ جامد هوندا آهن ته ڪن ۾ وري گوناگون دنيا لڪل هوندي آهي.“ انگريزي ٻوليءَ جي مشهور رومانوي شاعر ۽ نقاد ڪولرج پڻ اهڙي ڳالهه ڪئي هئي ته ”آءٌ پنهنجي لفظن جي معنائن ۾ بظاهر موجود مفهوم سان گڏ انهن سڀني مفهومن کي لاڳو ڪرڻ ضروري سمجهندو آهيان. جيڪي انهن لفظن سان وابسته هوندا آهن.“ انهن ڳالهين مان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ادب جي پرک لاءِ نقاد ان جي ٻوليءَ کان به مدد وٺي سگهن ٿا.
اهو ته اسان مان هر ڪو ڄاڻي ٿو ته، شاعر يا اديب جا ادبپاري ۾ استعمال ٿيل لفظ مقرر يا متعين مفهوم يا ڊڪشنريءَ ۾ ڏنل معنائن کان سواءِ به وڌيڪ وسيع، گهرا ۽ گهڻ پاساوان مطلب رکندا آهن. اڄڪلهه جيئن ته ڪمپيوٽر جو دؤر آهي، ٻوليءَ ۾ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي ۽ اظهار جي سڀني ذريعن يا طريقن جيان ادب، خاص طور تي شاعريءَ ۾ به تبديلي آئي آهي. شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ ”لفظ“ وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. انهن کي محض سادو اظهار نه پر هڪ اهڃاڻ يا ڪوڊ (Code) وارو مفهوم ملي ويو آهي، جنهن سان معنيٰ ۾ وسعت ۽ اظهار ۾ قوت حاصل ڪري سگهجي ٿي. لفظ جي هڪڙي حقيقي معنيٰ ٿئي ٿي. ٻيون ڪيتريون ئي پاسائتيون معنائون به ٿين ٿيون، پر شاعر جي تخليقي سگهه ۽ تخيل ان کي لغوي معنيٰ ۽ عام مروج مفهومن جي محدوديت مان ڪڍي لا محدود ڪري ڇڏن ٿا، جيڪي پڙهندڙن جي اندر جي تارن کي ڇيڙڻ سان گڏوگڏ دماغ ۾ ڪيترن نون مفهومن کي اجاگر ڪري سگهن ٿا.
ادب ۾ اکرن جي اهميت کان ڪوبه انڪار ڪري نٿو سگهي ۽ اهو صرف اڄ نه پر قديم ڪلاسيڪي ادب ۾ به هڪ مڃيل نڪتو هو. صرف ان جو احساس نئين ڳالهه آهي. شاهه لطيف ان جو چٽو اظهار ڪيو آهي، چوي ٿو:
اکر ڇتي هيڪڙي، ٻهون جي نه ٻجهن،
ڪوهه ڪبو کي تن، سڄي سڻائي ڳالهڙي،
ساڳيءَ ريت ڪجهه چوڻ ۽ نه چوڻ يعني لفظ ڪڇڻ ۽ نه ڪڇڻ ۾ به ڪا مام ڪو ور لڪل آهي جيئن سچل چيو هو ته:
ماٺ ڪريان ته مشرڪ ٿيان، ڪڇان تان ڪافر،
انهيءَ وائيءَ ور، ڪو سمجهو لهي سچيڏنو چوي.
ڪي ماڻهو ڪئين ڪاڳر ڪارا ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ڳالهه سمجهائي نه سگهندا آهن، پر ڪن جو صرف هڪڙو حرف وسرڻ جهڙو ڪونه هوندو آهي. هو ان هڪ حرف جي اندر لڪل وڏي معنيٰ کي بيان ڪري سگهندا آهن، شاهه صاحب چوي ٿو:
الُ اليندي ڪيترو، ڪاتب ٿا لکن،
سنهي ٿلهي ڳالهڙي، جوڙيو جمع ڪن،
تون پاڙو سي تن، جن حرف نه وسري هيڪڙو.
ڪڏهن ڪڏهن ته اڻ چيل ڳالهه به اهڙو ڪوڊ بنجي وڃي ٿي، جيڪو بس ڪي سمجهڻ وارا سمجهي سگهندا آهن. اتي معاملو وڃي ڪميونيڪيشن جي اڻ ڏٺل تارن جهڙو بيهي ٿو. جيئن اردؤَ جو شاعر چوي ٿو:
وہ بات سارے فسانے میں جس کا ذکر نہ تھا
وہ بات ان کو بہت نا گوار گذری ہے۔
شاهه لطيف وٽ به چُپ سان چوڻ جو اهڙو تصور ملي ٿو:
سوڍا صبر تنهنجو مرڪ لڄاين،
چُپ سين جي چون، ادب ڪجي ان جو.
ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته چيل توڙي اڻ چيل لفظن جو شاعريءَ ۾ وجود ان کي تخليقي سطح تي سگهارو ڪري ٿو. ڪيترا لفظ شاعر وٽ گهڻ معنائي ٿي پون ٿا، جيئن هن بيت ۾ ڏسو:
محبت جن جي من ۾، تن تشنگي تار،
پي پيالو اڃ جو، اڃ سين اڃ اٿيار،
پنهون پاڻ پيار ته اڃ سين اڃ اجهايان.
هن لفظ ”اڃ“ کي تخليقي سطح تي شاعر ڪيڏو نه شاهوڪار بڻائي ڇڏيو آهي، هڪ ٻيو به شاهه جو بيت ان ڏس ۾ ڏئي سگهجي ٿو. جنهن ۾ هڪ سٽ آهي:
ڏونگر تون ڏاڍو، ٿو ڏاڍا تون ڏاڍايون ڪرين.
هتي لفظ ”ڏاڍو“ وسيع معنيٰ وارو لفظ ٿي پيو آهي. ڪن ڪن لفظن کي شاعر ايئن استعمال ڪندا آهن جو عام پڙهندڙ انهن کي اوستائين سمجهي ڪونه سگهندا، جيستائين هو ان جي پس منطر ۾ موجود ڪهاڻيءَ بابت نه ڄاڻندا هجن. مثال طور:
بندي ٻيا قرار، اسين لوچيون لوهه ۾،
مٿي تن ترار، سدا سانبيئڙن جي.
هن بيت ۾ لفظ ”لوهه“ جو هڪ پس منظر آهي ۽ ”لوهه ۾ لوچڻ“ جي هڪ ظاهري ٻي لڪل معنيٰ آهي. زنجيرن ۾ قيد ماڻهوءَ جي سوچ ۽ لوچ آزاد ماڻهوءَ جي سوچ لوچَ کان مختلف هوندي آهي، ساڳيءَ طرح ”تن مٿان ترار“ جي عڪس ۾ بيوسي توڙي خطري جو گڏيل تصور به هرڪو ڪونه سمجهي سگهندو. هن تصور کي مارئيءَ جي ڪهاڻيءَ کان واقف ماڻهو ئي بهتر نموني سمجهي سگهي ٿو.
”لفظ“ جو تعلق ٻوليءَ سان آهي ۽ ٻوليءَ جي وصف ڪئين طريقن سان ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سماجي، نفسياتي ۽ لساني پهلو سامهون رکيا ويندا آهن. هڪ لساني نظريو ٻوليءَ کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. جن مان هڪڙو ٻوليءَ جو عام مفهوم رکي ٿو. يعني ماڻهن جو اظهار Langue ۽ ٻيو Parole يعني لفظ، زباني ڳالهه ٻولهه يا لڪل مفهوم، انهيءَ مان لهجي (dialect) وارو مفهوم به نڪري سگهي ٿو ته هڪ فرد جو محاورو (idiolect) به پر شاعريءَ ۾ شاعر جي ڊڪشن، لفظن جي مقصد، معنيٰ ۽ مفهوم تائين پهچڻ لاءِ ٻوليءَ جي ساخت يا بناوٽ (Structure) کي سمجهڻ ضروري هوندو آهي، ان لاءِ ساختياتي تنقيد واري طريقي موجب ضروري ٿيو ته پهرين ٻوليءَ جي ان ساخت کي سمجهجي، جنهن جي ذريعي لفظ کي عام متعين معنيٰ کان آزاد ڪري لامحدود معنيٰ ڏيئي شاعر کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايئن تنقيد جو اهو نئون انداز ساختياتي (Structural) ۽ تعميري يا بناوٽ وارو (Constructional) سامهون آيو، جنهن جو مدار ٽن ڳالهين تي آهي.
1. لفظ جي ظاهري سطحي بناوٽ.
2. لفظن جي اندروني ساخت.
3. لفظن جي ترتيب (Word order)
اهي ٽيئي شيون گڏجي معنيٰ جو تعين ڪن ٿيون. لفظن جي سطحي بناوٽ ٻوليءَ جي عام روايت سان تعلق رکي ٿي، پر اصل معنيٰ لفظ جي اندروني ساخت ۽ ترتيب ۾ هوندي آهي، جيڪا سٽن جي اندر يعني بين السطور هوندي آهي. مثال طور:
آءٌ ڏوريئين، شال مَ لهئين، پرين هئين پري،
هڏ نه ساهه سري، تن نه تسلي ٿئي.
عشق جي انتها تي پهتل عاشق مرڳو وصل کان ئي انڪار ٿو ڪري، پر مجموعي تاثر ڪهڙو ٿو بيهي! اهڙو وصل ڪهڙي ڪم جو جنهن ۾ نه ساهه ٿو سري سگهي نه تن کي تسلي ٿئي. عاشق کي دائمي وصل ٿو گهرجي نه ته ان جي دائمي درد کي ئي هو پنهنجي حاصلات بنائڻ ٿو چاهي. يا هن سٽ تي سوچيو:
الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن.
ان هڪ سٽ ۾ صدين جو تجربو سمايل آهي. شاعر ڄاڻي ٿو ته هڪ ڏاهي لاءِ آگهيءَ جا پنهنجا عذاب آهن. اڻڄاڻ ماڻهو سکيو ستو پيو هوندو، پر سڄاڻ ماڻهو جي ننڊ ڦٽي پئي هوندي، ان ڪري ڪيترن وٽ اڻڄاڻائي، ڀورائي (ignorance) هڪ نعمت مثل آهي. (ignorance is a bliss) ۽ بي خبريءَ ۾ ئي عافيت آهي (no news is good news).
اکرن جو فهم ڏاڍو ڏکيو آهي، ڪڏهن ڪڏهن شاعر جو تخيل پڙهندڙ جي تخيل کان گهڻو پري هوندو آهي. جڏهن اردؤَ جو شاعر چوي ٿو:
مگس کو باغ میں جانے نہ دیجئو
کہ ناحق خون پروانے کا ہوگا۔
ته ڪيترا ماڻهو ان جي تهه تائين پهچندا... ته ماکيءَ جي مک باغ ۾ ويندي، گلن جو رس چوسيندي، ميڻ ٺاهيندي، ان مان ميڻ بتي (شمع) ٺهندي ته پڪ سان ان تي پتنگ ايندا ۽ پنهنجو سر وڃائيندا. ان ڪري مرڳوئي مک کي باغ ۾ ئي وڃڻ نه وڃي.
لفظن جي اندروني معنيٰ کي سمجهڻ واري طريقي ۾ غلطيءَ جو امڪان به گهڻو هوندو آهي. اهڙي ساختياتي اڀياس ڪرڻ ۾ ڀل ٿي سگهي ٿي، انهيءَ امڪان کي ذهن ۾ رکي نقادن وري هڪ ٻي راهه به ڏسي آهي ته ان طريقي سان ڪنهن تخليق کي پرکڻ سان گڏوگڏ وري ان جي بنهه ابتڙ طريقي کي به لاڳو ڪري ڏسجي، جنهن کي هو رد ساختيات (Deconstruction Theory) ٿا سڏين يعني متعين معنائن کي رد ڪري ڏسجي، جيڪڏهن ڪو شاعر اکين لاءِ هيئن چوي ٿو:
پوريون پرين پسن، اپٽيان ته انڌيون،
وڃئو روز رسن، حبيباڻي حجري.
هتي شاعر پاڻ لفظن جون متعين معنائون رد ڪري ڇڏيون آهن، اکين کي کولڻ سان ڏسڻ جو عمل ٿيندو آهي. بند ڪرڻ سان انڌيون ٿي ويندين آهن، پر شاعر بنه ابتي ڳالهه ڪئي آهي، ان کي سمجهڻ لاءِ اسان کي نئين انداز ۾ پرک ڪرڻي پوندي.
ساڳيءَ طرح هڪ شاعره انيس ميمڻ جون هي سٽون ڏسو:
ٻه اکيون، ٻه چپ
چپ چاپ ڏسندا رهيا
اکيون ڄڻ ته ڳالهائينديون رهيون.
معنيٰ ته چپ جن جو ڪم ڳالهائڻ آهي، سي چپ چاپ ڏسندا رهن ۽ اکيون جن جو ڪم ڏسڻ اهي، انهن ذريعي اظهار جون ڪيفيتون بيان ٿي سگهن ٿيون. اهو لفظن جي مروج معنائن ۽ concepts جي ابتڙ استعمال آهي، پر غلط ناهي.
رد ساختيات واري طريقي جي خاص خوبي اها آهي ته اهو هر روايتي خيال ۽ معنيٰ کي ازخد رد ٿو ڪري ۽ مروج ڪلچر، نظريي يا فلسفي کي چئلينج ٿو ڪري، مثال طور ڏسو ته عام مروج قدرن موجب نيڪيءَ کي مثبت ۽ بديءَ کي منفي رويو چيو ويندو آهي. اها هڪ روايتي ڳالهه آهي، جنهن کي رد ساختيات يا رد تعمير (Deconstruction Theory) جي نقطئه نظر سان ڏسبو ته ان موجب نيڪيءَ جي ڀيٽ ۾ بدي هڪ آفاقي حقيقت آهي،جنهن کان انحراف کي نيڪي سمجهڻ گهرجي. ساڳيءَ طرح اوندهه پڻ هڪ اڻٽر حقيقت آهي،جنهن جو ضد آهي ان حقيقت جونه هئڻ، جنهنکي روشني چيوٿو وڃي. شيطان برائيءَ جي علامت آهي، پر ان جي برائيءَ کي هڪ اٽل حقيقت طور قبول ڪري صوفين ان جي اندر به هڪ مثبت پهلو ڳولي لڌو ۽ چيو ته:
عاشق عزازيل ٻيا مڙئي سڌڙيا،
منجهان سڪ سبيل لعنتي لال ٿيو.
ساڳئي قسم جي ڪميٽمينٽ جي اهميت اجاگر ڪرڻ لاءِ توحيد پرست شاعر هيئن به چيو ته:
ڪوڙو تون ڪفر سين ڪافر مَ ڪوٺاءِ
شاهه عبداللطيف جهڙي هڪ عظيم شاعر لفظن کي نيون معنائون ۽ نوان مفهوم ڏئي ڇڏيا آهن، هوڏانهن علامه اقبال مسلمانن ۾ رسمن رواجن (rituals) کي اهميت ڏيڻ واري ڳالهه کي طنزيه طور هيئن ننديو.
ہم موحد ہیں ہمارا کیش ہے ترک رسوم
ملتیں جب مٹ گئیں، اجزائے ایماں ہوگئیں
مؤحد انسانن انهن رسمن ۽ ماضيءَ جي روايتن کي به ايمان جو جزو بڻائي ٿي ڇڏيو، جن کي ترڪ ڪرڻ ضروري هو.
اهڙا به نقاد آهن جن چيو ته هر ادبي تخليق جي متن ۾ لفظن جي مقرر معنيٰ کي رد ڪرڻ جو مادو ازخود هوندو آهي، ان ڪـري رد تعمير جو نطريــو خود پــڙهندڙ به لاڳو ڪري سگهــي ٿو، ان ڪــري ان کي يـا پڙهندڙ پــاران ٿــيــنــدڙ تــنقيد Reader-oriented Criticism به چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ هو آزاد آهي ته جيئن چاهي لفظ جي معنيٰ ڪري، هو عام معنائن کي مڪمل رد به ڪري سگهي ٿو. هڪ سٺي نظم ۾ لفظن ۽ مواد جو گهرو تعلق هوندو آهي ۽ اها مربوط اڪائي هڪ معنيٰ جو دائرو ٺاهيندي آهي، جنهن مان غيرضروري ۽ اجايا مطلب ٻاهر هوندا آهن، لفظن جون خاص معنائون هونديون آهن. هاڻي اهي خاص معنائون ڪيئن ظاهر ٿينديون؟؟ اهڙن ڳوڙهن سوالن اٿڻ جي ڪري ان تنقيدي نظريي کي فلسفياڻو نقطئه نظر چيو ويو آهي، جنهن ۾ ادبي معنائن، ڪلچر ۽ فلسفي جي روايتي مفروضن کي رد ڪيو ويو آهي. اهو رد تعمير هر روايتي رويي کي چئلينج ڪري ٿو. لفظن جي معنائن ۾ صدين جا تجربا لڪل هوندا آهن. مثال طور: انگريزي لفظ Right جي معنيٰ ”ساڄو“ به آهي ”حق“ به وري ”صحيح“ به. هاڻي اهو ضروري ته ڪونهي ته ساڄو (طرف) هجي اهو حق يا صحيح به هجي! اهوئي مفهوم اسان وٽ سنڌيءَ ۾ به آهي. ساڄو معنيٰ سٺو، کاٻو يا ڏائو معنيٰ خراب يا ڏنگو.
عبدالرحيم گرهوڙيءَ جي هڪ سٽ آهي ته:
جيڻون چڱايون لکي، ڏائو ڏوهنئا
هتي ”جيڻو“ معنيٰ ساڄو آهي. انسان جا چڱا عمل ساڄي طرف وارو فرشتو لکندو آهي ۽ ڏوهه ۽ برا عمل ڏائي طرف وارو. ساڄي هٿ کي پاڪ ۽ کاٻي کي ناپاڪ سمجهڻ جو مذهبي تصور به موجود آهي ته ڪلچر ۾ به اهڙا ڪيترا خيال موجود آهن. گهر ۾ گهڙڻ مهل پهرين ساڄو پير رکجي ته سڀاڳو عمل سمجهبو، خيرات ساڄي هٿ سان ڏبي ته قبول پوندي، ماني ساڄي هٿ سان کائڻ کپي وغيره. ڪيترائي پهاڪا چوڻيون ۽ اصطلاح اهڙي نفسيات کي ظاهر ڪن ٿا. مثال طور: ”ساڄو سنئون ڪري ڏائو ڏنگو“ وغيره پر جي ڪو چڱو ماڻهو کاٻڙيل هجي ته ڇا ڪري؟ اڪثر اهڙا ماڻهو وڌيڪ هوشيار ۽ ذهين هوندا آهن. سندن اکر سهڻا ۽ خيال اعليٰ هوندا آهن. هو انهن کي لکندا به ڏائي هٿ سان آهن ته ڇا اها عام مروج تصور کان مختلف ڳالهه قبول نه ڪجي!!. هاڻي جيڪڏهن موجوده دور ۾ ڏسجي ته سياست ۾ ساڄي ڌر ۽ کاٻي ڌر (Rightist and Leftist) جا اصطلاح هڪ بنهه جدا مفهوم ۾ مروج آهن، جتي لبرل سوچ کي کاٻي ڌر (Leftist) سان لاڳاپجي ٿي ۽ مذهبي انتهاپسندي ساڄي ڌر (rightist) سان – هتي صحيح ۽ غلط وارو تصور ڪن لاءِ بنهه ابتو ٿي ويو. ان ڪري لفظن جي روايتي تصور کي رد به ڪري سگهي ٿو، اهڙي نموني پنهنجي جديد شاعريءَ جي پرک به ڪري سگهجي ٿي.









حوالا:

1. Wilber seoll, “Fine Approaches to the Literary Criticism”.
2. The concise Oxford Dictionary: of H.W fowler and F.G fowler- Oxford University Press 1964.
3. رضوی, سجاد باقر - مغرب کے تنقیدی اصول: کتابیات لاہور۔ 1966
4. www.wikipedia.org ۽ ڪجهه ٻيون ويب سائيٽن کان ورتل حوالا.
5. گربخشاڻي، هوتچند مولچند، ڊاڪٽر، شاهه جو رسالو، ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز.
674 ڀيرا پڙهيو ويو