شاهه لطيف جي زندگيءَ ۽ فن تي انگريزي ٻوليءَ ۾ تحريرن جو جائزو
(An analysis of selected writings in English Language on life and art of Shah Lateef)

محمد حبيب سنائي
Abstract:

Shah Abdul Latif Bhitai (1689-1752) the most renowned and cherished poet of Sindh, whose poetry, after lapse of more than two centuries, is still venerated and enjoyed not only by literary pundits but also by illiterate persons of rural heartland. About his life and poetry, countless publications have been brought out, not only in Sindhi but also in other languages. For the purpose of this paper, I have gone through selected English writings about his life and work.
Richard F. Burton (19 March 1821 – 20 October 1890) was the first Englishman, who have written about him in his famous book “Sindh And The Races Inhabit The Valley Of The Indus” published in the year 1851. He wrote: “Hence his poetry is the delight of all that can understand it. The learned praise it for its beauty, and are fond of hearing it recited to the sound of the guitar. Even the unlearned generally know select portions by heart, and take the trouble to become acquainted with their meaning.”[Ref: Same book by Burton, Page # 203]
When Sir Bartle Frere (29 March 1815 – 29 May 1884) was the Commissioner of Sindh during 1851-56 and 1857-58, he assigned Mr. W. Southey to write booklet about Shah Latif for his daughter, which was later published in 1870.
Mirza Qaleech Beg (1853- 1929) was the first Sindhi Scholar who wrote a book in English about his life in 1883, but could not published at that time. Since then, various publications about him have appeared in English, which are briefly discussed in this paper.

شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي زندگي توڙي فن تي سنڌيءَ کان علاوه ٻين ٻولين ۾ به اڻ ڳڻيا مقالا ۽ ڪتاب تحرير ٿيا آهن. نامياري عالم حبيب الله صديقيءَ جــي خيال ۾ شاهه صاحب تي اڻ ڳڻين مضمونن ۽ ٻيــن ليکن کان ســواءِ به انگريزيءَ ۾ معياري اشاعتن جو تعداد پنجاهه کان مٿي ٿيندو. (1) صديــقي صاحـــب، شــاهه ڀٽــائيءَ سان لاڳاپيل اولين ڪـتابن جـي فهرست ۾ رچــرڊ برٽــن جي ٻــن ڪتابن “Historty of Sindh ۽ and the Races that inhabit Valley of the Indus” سان گڏ، ٻيا ٻه ڪتاب به ڄاڻايا آهن. اهي آهن: ايف جي گولڊسمٿ جو Sasui (1863) ۽ ڊبليو سائوٿي جو ڪتاب Life of Shah Abdul Latif (1870).
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ موجب ”جڏهن سر بارٽل فريئر، سنڌ جو ڪشمنر هو (1851 کان 1859)، تڏهن سندس نياڻيءَ جي وندر لاءِ شاهه لطيف جي سوانح عمري سنڌيءَ ۾ لکائي ويئي، جا انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪئي ويئي.... مگر ڪنهن سبب کان اهي ٻئي مسودا سنڌي توڙي انگريزي خطي حالت ۾رهجي ويا“.(2)
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، مرزا قليچ بيگ جي سنڌي ڪتاب ”احوال شاهه عبدالطيف“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”جڏهن سر بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر 1851-56۽ 1857-58هو، تڏهن هن صاحب سنڌي ٻولي ۽ ادب ۽ خصوصاً حضرت شاهه عبدالطيف جي رسالي ۽ سوانح بات وڌيڪ ڪتاب لکڻ ۽ شايع ڪرڻ کي همٿايو. سندس نياڻي، جنهن سنڌ بابت ڪتاب لکڻ ٿي چاهيو، تنهن لاءِ ڪنهن سرڪاري ملازم حضرت شاهه لطيف جي حياتي بابت روايتون گڏ ڪري سنڌيءَ ۾ هڪ مختصر سوانح حيات مرتب ڪئي. ان جو انگريزي ترجمو پوءِ سرڪاري مترجم ڊبليو سائوٿي، 2 نومبر 1870ع ڌاري ڪيو، جو شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ۾ ترجمو مرحوم ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب ڪيو. (3) ان جي مطالعي مان معلوم ٿيندو ته هي تذڪرو اڪثر غير معتبر علمي روايتن تي ٻڌل آهي.“ (4)
بهرحال اهو طيءِ آهي ته سڀ کان اول شاهه ڀٽائيءَ جو انگريزي ٻوليءَ ۾ مختصر احوال رچرڊ برٽن سال 1851ع ۾ پنهنجي ڪتاب“Sindh and the Races that inhabit the Valley of the Indus” ۾ ڏنو آهي. اهو احوال ان ڪتاب جي 83 ۽ 203 نمبر صفحي تي آهي. ان ۾ ڏنل احوال کي غلام محمد لاکي ترجمو ڪري هڪ مختصر مضمون ۾ به آندو آهي، جيڪو ڪتاب ”سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ماخذ“ ۾ ڏنو ويو آهي. (5)
جيئن اڳ ۾ ذڪر ٿيو ته حبيب الله صديقي ءَ 1863ع ۾ شايع ٿيل انگريزي ڪتاب “Sasui””سسئي“ جو ذڪر ڪيو آهي. پر ان جو وڌيڪ تفصيل مون کي ملي نه سگهيو آهي.
اوڻيهين صديءَ جي ساڳئي ڏهاڪي ۾ ڊاڪــٽر ارنــيـــسٽ ٽُــرمــپ (1885-1828) سال1866ع ۾ پنهنجي مرتب ڪيل شاهه صاحب جي رسالي ۾ جيڪو انگريزي ۾ مهاڳ لکيو آهي، تنهن ۾ هن شاهه صاحب جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏيئي، شاهه جي بيتن جي بحر وزن تي بحث ڪيو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکت موجب ارنيسٽ ٽُرمپ پنهنجي مقالي سر سورٺ ۾ به شاهه جي سوانح جا حوالا ڏنا آهن. (6)
انگريزي ٻوليءَ ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ تي پهريون مفصل ڪتاب مرزا قليچ بيگ(1853-1929) سال1887ع ۾ “Life of Shah Abdul Latif Bhitai” لکيو، پر اهوذري گهٽ هڪ صديءَ تائين اڻ ڇپيل رهيو، ۽ 1980ع ڌاري شايع ٿيو. البت ان جو سنڌي ترجمو ان زماني ۾ ڏهن سالن کان پوءِ سال 1897ع ۾ ئي شايع ٿيو هو. هي ڪتاب ڏهن بابن تي مشتمل آهي. آخر ۾ چار ضميما به ڏنل آهن.
سنڌ جي ٻئي عالم ديوان ڏيارام گدومل(1857-1927) فرضي نالي ”سگما“ سان هڪ رسالي نما ننڍڙو ڪتاب Something About Sindh سال 1882ع ۾ لکيو هو. ان ڪتاب بابت ڊاڪٽر گربخشاڻي لکيو”ڳچ حصو شاهه جي حياتي جي احوال سان ڀريل آهي. هن صاحب، جيتوڻيڪ تاريخي حقيقتون ڏيڻ جي قدري ڪوشش ڪئي آهي، پر تڏهن به غالبن سندس بيان جو دامن قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪنڊن ۾ ڦاسجي ويو آهي، خصوصاً سنن، مڪانن ۽ ۾ انهن جي نالن وغيره ۾ گهڻيون غلطيون ڪيو اٿس. گھڻن هنڌن تي ته رڳو شخصي خيال ۽ رايا اظهار ڪيل آهن. انهن سببن جي ڪري سندس ڏنل احوال تاريخي معيار تي پورو نٿو بيهي“.(7) ڊاڪٽر بلوچ موجب سڄي ڪتاب جي چاليهن صفحن ۾ شاهه صاحب جي سوانح لکي اٿائين. (8)
شاهه صاحب جي زندگيءَ، شاعري ۽ فڪر تي انگريزي زبان ۾ لکيل ٻيو جيڪو مڪمل ڪتاب آهي، تنهن جو نالو آهي:
The Greatest poet of Sindh. The life, Religion & Poetry of Shah Latif.
هن ڪتاب جو ليکڪ ليلارام وطڻمل لالواڻي آهي. اهو ڪتاب پهريون ڀيرو 1889 ۾ شايع ٿيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1985 ۾ مظهر يوسف جي تعارف سان سنڌي ڪتاب گهر، انڊس پبليڪيشنز ڪراچي پاران شايع ٿيو. جڏهن ڪتاب پهريون ڀيرو شايع ٿيو هو، تڏهن ليلارام، هالا جي ڪورٽ ۾ سب جج هو. هن اهو ڪتاب جارج لئمبرٽ کي ارپيو آهي، جيڪو ان زماني ۾ سنڌ سرڪار ۾ سپرنٽينڊنگ انجنيئر هو.
هيءُ ڪتاب ٻن جلدن ۾ ورهايل آهي. پهريون جُلد وري ٽن حصن ۾ ورڇيل آهي. پهرئين حصي ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ جو احوال چئن بابن ۾ ڏنو ويو آهي. ٻئي حصي ۾ شاهه صاحب جي مذهب جو احوال چئن بابن ۾آهي. ٽئين حصي ۾ شاهه جي شاعريءَ جو تذڪرو ٽن بابن ۾ ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو ٻيون جلد ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ شاهه جي رسالي ۾ آيل عربي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ ڏني ويئي آهي ۽ ٻئي حصي ۾ شاهه جي رسالي ۾ استعمال ٿيل ڏکين لفظن جي لغت شامل آهي. ان لغت ۾ مظهر يوسف موجب 1500 کان وڌيڪ لفظ شامل آهن.
ليلارام وطنمل لالواڻيءَ پنهنجي مهاڳ ۾ اهو تسليم ٿو ڪري ته سندس ڪتاب هڪ طرح جي سهيڙ آهي. پر ان کي سهيڙڻ ۾ کيس 8 سال لڳا، جن مان آخري ٻه سال ته هن قرآن جي عربي کي انگريزي، اردو ۽ فارسي ترجمن توڙي انگريزي گرامر ۽ فارسي ۽ اردو ڪتابن جي مدد سان سمجهڻ ۾ لڳايا. هو مهاڳ ۾ لکي ٿو ته پهريائين جڏهن ڪنهن مُلي يا قاضيءَ کان شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ڏنل ڪا آيت جي سمجهاڻي ٿي پڇي، ته انهن کي ڪنهن ڪافر کي اهو سمهجائڻ تي بڇان ٿي لڳي. تنهن ڪري هن پنهنجي مدد پاڻ تحت قرآن کي سمجهڻ جو ڪم شروع ڪيو. هن صاحب وڌيڪ لکيو آهي ته هو مرزا قليچ بيگ جو ٿورائتو آهي، جنهن نه صرف کيس ڪافي شعرن جي سمجهاڻي ڏني، پر کيس پنهنجي ڪتاب جو مسودو ڏيکاريو، جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي. (9)
لالواڻي صاحب پنهنجي مهاڳ ۾ ڀٽ جي هڪ بزرگ شخص آخوند احمدي، جنهنجو پڙ ڏاڏو ڀٽائيءَ جو استاد هو، جا به ٿورا بجا آڻي ٿو، ۽ لکي ٿو ته جيڪر اهو نه هجي ها ته هو ڪافي غلطيون ڪري وجهي ها. لالواڻي صاحب کي شاهه جي حوالي سان احوال آخوند احمديءَ کان مليو، تنهن کي بنان ڪنهن ڇنڊ ڇاڻ جي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي.
ڊاڪٽر در شهوار سيد، لالواڻي صاحب جي حوالي سان لکي ٿي ته ”هي شاهه جي رسالي جي تشريح پنهنجي سوچ تحت ڪري ٿو. لالواڻيءَ جي خيال ۾ شاهه جي شاعري ويدانتي فلسلفي جي نڪتن تي مبني آهي. بعضي هــو شاهه صاحب جي، نبي سڳوري ﷺ سان پنهنجي محبت ۽ عقيدت جي اظهار ۽ قرآن پاڪ جي حوالن تي پنهنجي اچرج ۽ ارهائي جو اظهار ڪري ٿو. يقينن لالواڻي صاحب جي اها اِڇا آهي ته رسالو سندس مذهبي نقطي نظر موجب هجي“.(10)
سال 1895 ۾ جهمٽمل نارومل وسناڻيءَ “Notes on the Risalo” نالي ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو ڊاڪٽر موتي لال جي ڪتاب جي ضميمي ۾ ڏنل آهي. ان جو وڌيڪ تفصيل نه مليو آهي.
ويهين صديءَ جي پهرئين ڏهاڪي ۾ سال 1907 ۾ اي ايڇ ايٽڪن جو ”سنڌ گزيٽيئر“ شايع ٿيو، جنهن ۾ شاهه صاحب جو احوال ڏنل آهي.
سال 1922 ۾ ايم ايم گدواڻيءَ هڪ نـنڍو ڪتابShah Abdul Latif لکيو، جيڪو لنڊن ۾ شايع ٿيو. ڊاڪٽر درشهوار سيد جي خيال ۾ اهو ڪتاب مغربي اسڪالرن لاءِ شاهه جو تعارف آهي. (11)
ڄيٺمل پرسرام گلراج (1885-1948) جو ڪتابSindh and its Sufis سال 1924ع ۾ مدراس ۾ شايع ٿيوهو. اهو ڪتاب چئن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱي ۾ سنڌ جو مختصر جائزو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌ جي صوفي ڪلچر جو مختصر جائزو آهي. ٽئين ڀاڱي ۾ قلندر شهباز ۽ ٻين صوفين جو احوال آهي. چوٿين سيڪشن ۾ ٻين ڪجهه صوفي شاعرن سان گڏ شاهه صاحب جي زندگي توڙي شاعريءَ تي لکيو ويو آهي. ڪافي بيتن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڏنو ويو آهي. هن ڪتاب جو پاڪستان ۾ پهريون ڇاپو سال 1979ع ۾ سنگ ميل پبليڪيشنز، لاهور ڇپايو هو. تازو هن جو نئون ڇاپو ثقافت کاتي پاران ٻين عالمي صوفي ڪانفرنس 2016 جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو آهي.
نامياري انگريز عملدار ۽ اسڪالر ايڇ.ٽي سورلي سال1938ع ۾ پنهنجي ڊاڪٽريٽ جي ٿيسز شاهه جي حوالي سان لکي، سندس اهو تحقيقي پورهيو 1940ع ۾ ڪتابي صورت ۾ Shah Abdul latif of Bhit – His Poetry, Life and Times جي نالي سان شايع ٿيو. اهو ڪتاب ٽن ڪتابن تي مبني آهي. پهرئين ڪتاب جو موضوع تاريخ، ٻئي جو موضوع ادب ۽ تنقيد ۽ ٽئين شاهه جي چونڊ شاعري جو ترجمو آهي. اهو ڪتاب ڪافي حد تائين سائنسي تحقيق تي مبني آهي. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو عطامحمد ڀنڀري ڪيو آهي، جيڪو سنڌيڪا اڪيڊميءَ شايع ڪيو هو. سورلي صاحب جي هڪ ٻئي ڪتابMusa Pervagans Being translation, with original texts of selected lyric poetry of over two thousand years from the Diverse Languages ۾، جيڪو 1953 ڌاري ڇپيو هو، ان ۾ نه صرف شاهه جي چونڊ شاعريءَ جو ترجمو ڏنل آهي، پر شاهه جي فن ۽ فڪر تي رايا پڻ ڏنا آهن. ان ڪتاب جو آزادانه ترجمو عطا محمد ڀنڀري سرتاج شاعر شاهه عبدالطيف جي نالي سان ڪيو آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو 2002 ۽ ٻيون ڇاپو 2014 ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي شايع ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ سورلي گذريل اڍائي هزار سالن جي عرصي ۾ ڪيل غنائي شاعري مان 13 شاعرن جي چونڊ شاعري جو ترجمو ۽ تعارف ڏنو آهي. انهيءَ ڪتاب جي تعارف ۾ سورلي دعويٰ ڪئي ته ”جيڪڏهن اعليٰ ۽ عظيم غنائي شاعريءَ جي پس منظر کي جانچي پرکي ڏسو ته معلوم ٿيندو ته دنيا جو سڀني کان اتم ۽ اعليٰ شاعر سنڌ جو شاهه عبداللطيف آهي، جنهن جي هر بيت جي اسلوب ۾ حسن ۽ جمال جو تقدس موجود آهي. هن جو ڪلام ٻڌي سندس ادب ۽ احترام سببان ماڻهو تي هڪ قسم جو وجد طاري ٿيندو آهي.“ (12)
انهيءَ ڪتاب جي شاهه لطيف واري باب ۾ سورلي لکي ٿو ته ”منهنجي خيال ۾ شاهه عبداللطيف ان ملڪ جو وڏي ۾ وڏو شاعر آهي، جنهن کي هاڻي پاڪستان سڏيو ويندو آهي ۽ اهڙو عظيم شاعر ڌرتي هن وقت تائين پيدا ڪري ئي ڪانه سگهي آهي. هن قادرالڪلام شاعر جي شاعريءَ کي مان اڄ کان اڍائي هزار سال اڳ جي مشهور غنائي شاعريءَ سان ڀيٽائي ڏٺو آهي. مون کي يقين آهي ته دنيا جي جن وڏن غنائي شاعرن جي ڪلام کي مون ترجمو ڪري هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي، تن سڀني مان شاهه عبداللطيف نهايت اعليٰ ۽ عظيم آهي، تنهن ڪري مون هن ڪتاب ۾ دنيا جي ٻين عظيم غنائي شاعرن جي ڀيٽ ۾ سندس ڪلام وڌيڪ ڏنو آهي.“ (13)
سي.ايل ماڙيوالا سال 1945ع ڌاري سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽي اڳيان هڪ مقالو Shah Abdul latif of Bhit and Commerce of Sindh جي نالي سان پڙهيو.
سال 1949ع ۾ شايع ٿيل گرديال ملڪ جي ڪتاب The Divine Dewellers of Desert ۾ هڪ باب شاهه صاحب تي شامل آهي.
سال 1954ع ٽي ايل واسواڻيءَ جو ڪتابThe Soul of Sindhi Literature شايع ٿيو، جنهن ۾ هڪ باب شاهه صاحب تي آهي.
سال1961ع ۾ علامه آءِ آءِ قاضي (18-04-1886-1968) هڪ مقالو /ڪتابچو Shah Abdul Latif an Introduction to His Art جي نالي سان لکيو، جيڪو پوءِ ايلسا قاضيءَ جي شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي ۾ ضميمي طور ڏنو ويو. ان ڪتاب جو مقدمو اي ڪي بروهيءَ لکيو آهي. جنهن مان ڪافي حوالا ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ جي ڪتاب ۾ ملن ٿا. رسالي واري اليڪٽرانڪ بوڪ ايڊيشن ۾ خبر نه آهي ته ڇو اهو مقدمو يا تعارف شامل نه ڪيو ويو آهي. علامه قاضي جي هن مقالي ۾ علامه صاحب چند عالمي تنقيدي اصولن جي روشنيءَ ۾ شاهه جي عظمت کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.
1962ع ۾ بانڪي بهنBankey Behn جو ڪتابSufis, Mystics and Yogis of India, شايع ٿيو، جنهن ۾ پڻ هڪ باب شاهه لطيف جي حوالي سان لکيل آهي.
ويهين صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ تيرٿداس هوتچند (04-06-1906 – 02-08-1971) صاحب نه رڳو شاهه جي حوالي سان ڪافي مضمون انگريزي ۾ تحرير ڪيا، پر هن جا ڪتابچا بعنوان: The song of the Necklace (1961), Shah Abdul Latif-An:Introduction to his Seven Stories (1962), Pakistan’s Immortal Poet. The Song of Kinjhar Lake (1963 & Shah Abdul Latif (1962) شايع ٿيا.
جرمن اسڪالر اينميري شمل (7.4.1922 – 26.01.2003) به شاهه جي حوالي سان مختلف ڪتابن توڙي مقالن ۾ ڪافي ڪجهه لکيو آهي. ڊاڪٽر درشهوار سيد جي خيال ۾ شمل پنهنجي ڪتابMystical Dimensions of Islam(1975) ۾ هندستان ۽ پاڪستان جي صوفي شاعرن جو تذڪرو ڪندي خاص ڪري شاهه لطيف جو احوال ڏيئي، هن جي حقيقي حيثيت کي اجاگر ڪيو آهي. ڇو ته ٻين عالمن شاهه جو ذڪر ڪرڻ کان پاسو ڪيو آهي. شمل جي ٻئي ڪتاب Pain and Grace (1976) ۾ هڪ پاسي اردو جي شاعر ميردرد جو ذڪر آهي ته ٻئي پاسي شاهه لطيف جو احوال ۽ شاعري جو ترجمو آهي. (14) شمل صاحبه ان کان علاوه هڪ پاسي ڪافي سارا مضمون شاهه جي حوالي سان لکيا آهن، ته ٻئي پاسي شاهه جي شاعريءَ جا حوالا ٻين مضمونن ۾ شامل ڪيا آهن.
سال 1970ع ۾ هندستان ۾ ايل ايڇ اجواڻيءَ (1899-1976) جو ڪتاب History of Sindhi Literature شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ٻه باب شاهه لطيف جي حوالي سان آهن.
ساڳئي ســـال سنڌ ۾ پروفـــيسر مـــحمــد اڪرم انصاريءَ جــو ڪتاب Shah Latif and the Modern World شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مهاڳ کان علاوه مختصر تعارف ۽ 9 مضمون شامل آهن. انهي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ سال 2003 ۾ شايع ڪيو آهي.
سال 1971 ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ (1911 – 1994) جو ڪتاب يا مقالو بعنوان Shah Abdul Latif هندستان ۾ شايع ٿيو.
ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻيءَ (13-01-1936 – 28.01.2008) جو ڪتاب Shah Abdul Latif his life and work به سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز تي مبني آهي، جيڪو هن دهلي يونيورسٽيءَ ۾ 1970 ۾ پيش ڪيو. اهو پهريون ڀيرو 1974ع ۾ هندستان ۾، ۽ سال 2006ع ۾ پاڪستان ۾ شايع ٿيو آهي. هيءُ ڪتاب مقدمي کان علاوه ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. پهرئين ڀاڱو هڪ باب تي مبني آهي، جنهن ۾ شاهه صاحب جي زندگي جو احوال آهي. ٻئي ڀاڱي جو مکيه موضوع آهي شاهه جو تخليقي پورهيو. پر اهو وري ٻن ذيلي موضوعن ۾ ورهايل آهي. پهريون ذيلي موضوع آهي ٻولي، بحر وزن، راڳ وغيره ۽ اهو چئن بابن ۾ ورڇيل آهي. ٻيون ذيلي موضوع فلسفو ۽ مذهب ٽن بابن تي مشتمل آهي، پڄاڻي کان پوءِ ٻه ضميما به ڏنل آهن.
جوتواڻي صاحب جو هڪ ٻيو انگريزي ڪتاب Sufis of Sindh سال 1986 ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ هن ٻين صوفي شاعرن سان گڏ شاهه صاحب تي به تفصيلي مضمون لکيو آهي.
اسي واري ڏهاڪي ۾ جي.الانا جو ڪتاب سال 1980ع ۾ سندس پاران ڪيل شاهه لطيف جي چونڊ شاعري جو ترجمو Selections from Risalo شاهه صاحب جي 237 عرس تي شايع ٿيو. تنهن جي مقدمي ۾ هن شاهه لطيف جي زندگي ۽ فڪر تي لکيو آهي.
سال 1983ع ۾ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي پاران پروفيسر اڪرم انصاريءَ جو ڪتاب Symbolism in Latif’s Poetry ڇپيو آهي. جنهن ۾هڪ پاسي هن جا شاهه جي حوالي سان لکيل 12 مضمون شامل آهن، ته ٻئي پاسي آخر ۾ شاهه جي چونڊ بيتن جو انگريزي ترجمو به شامل آهي.
سال 1985ع ڌاري محمد يعقوب آغا شاهه سائينءَ جي شاعريءَ جو نثري ترجمو Shah jo Risalo alias Ganje Latif جي نالي ڪيو، جيڪو ٽن جلدن ۾ شايع ٿيو. پهرئين جلد ۾ ڏنل مقدمو ٽن بابن ۽ ستن ضميمن تي مبني آهي. ان ۾ شاهه صاحب جي زندگي، فن ۽ فڪر تي لکيو ويو آهي. ان کان علاوه هر سر جو تفصيلي تعارف به لکيو ويو آهي. آغا صاحب لکيو آهي ته هن 6000 کان مٿي ڏکين لفظن ۽ اصطلاحن جي لغت تيار ڪئي آهي. پر افسوس ته ٽيهن سالن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ بعد به اها شايع نه ٿي آهي. هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ٽيئي جُلد گڏيا ويا آهن.
سال 1984ع ۾ ڊاڪٽر درشهوار سيد21.03-1940-27.12.1997)) شاهه لطيف جي حوالي سان پنهنجي پي ايڇ ڊي ٿيسز يونيورسٽي آف ايڊنبرو ۾ پيش ڪئي. ان پي ايڇ ڊي ٿيسز تي آڌاريل ڪتابThe Poetry of Shah Abdal Latif سال 1988 ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو. هي ڪتاب پنجن بابن، ضميمي، ڪتابيات ۽ ڏسڻي تي مشتمل آهي. پهرئيون باب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين جو عنوان آهي شاهه جي زندگي کان اڳ واري وقت جو تاريخي ۽ ادبي پسمنظر. ٻئي حصي جو عنوان آهي شاهه جي زندگي؛ ان ۾ زندگي جي احوال سان گڏ شاهه جي رسالي جي مسودن، ڇاپن، توڙي شاهه تي لکيل ڪتابن جو جائزو ورتو آهي. ٻئي باب جو عنوان آهي شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت، ٽئين باب جو عنوان آهي شاهه لطيف ۽ يوگين جي حوالي سان هندو فڪر. چوٿين باب جو عنوان آهي شاهه جي شاعري ۽ فريد الدين عطار جو تقابلي جائزو. هن ۾ فريدالدين عطار جي ڪتاب منطق ال طير، جيڪو سنڌي ۾ پکين جي پارليامينٽ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، تنهن ۾ آيل نڪتن کي شاهه جي صوفي تعليمات سان ڀيٽيو ويو آهي. پنجين باب ۾ جلال الدين رومي ۽ شاهه جي شاعريءَ ۾ هڪجهڙائين ۽ اختلافن تي لکيو ويو آهي. ضميمي ۾ شاهه جي شاعريءَ ۾ آيل لوڪ قصن جو احوال آهي.
شاهه صاحب جي 247 هين عرس جي موقعي تي سال 1991ع ۾ عبدالحميد آخوند جو ايڊٽ ڪيل ڪتابShah Abdul Latif & his Mystical Poetry جي نالي سان شايع ٿيو آهي، جيڪو شاهه عبدالطيف ڀٽائي اڀياس سلسلي جو پهريون ڪتاب ڄاڻايل آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ 18 مضمون ۽ آخر ۾ سراج الحق ميمڻ پاران شاهه جي چونڊ بيتن جو انگريزي ترجمو ڏنو ويو آهي. مضمونن ۾ ارنيسٽ ٽرمپ جو شاهه جي رسالي لاءِ مهاڳ(How was the Risalo printed first) ۽ ايڇ ٽي سورلي جي ٻن مضمون The birth of Classic ۽ Shah Abdul Latif، کان علاوه علامه آءِ آءِ قا ضي (Shah, His position among the World poets)، ڊاڪٽر ايـــــنــميــري شــمــــل (Shah Abdul Latif of Bhit)، اي ڪــــي بـــــروهـــــــــي (The Philosophical Dimensions of Latif’s Poetry)، شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر دائود پوٽو (Shah Latif and Rumi) ، ڊاڪٽر افضل اقبال (Impact of Rumi on Shah Abdul Latif)، ڊاڪٽر ايس قدرت الله هاشمي(New Light on the Mystic Thought of Shah Abdul Latif Bhitai) ، ڊاڪٽر جـميله خــاتــون(The Conception of Love and Mysticism in Shah Abdul Latif Bhitai) ، تيرٿداس هوتچند(The Risalo: Its Musical Compositions)، پروفيسر ايم اي انصاري (The Divine Influx)، عبدالعلي ايف قلباڻي(Heroes of Shah)، عبدالرحيم شيخ(Heroines of Shah Abdul Latif) ، ڊاڪٽر غلام علـي الانا(Shah Abdul Latif’s Imaginative use of Sindhi Language) ، علي احمد بــروهــي(Shah Abdul Latif Bhitai) ، ڪريم بخش خالد (Shah: Poet Laureate of Sindhi) ، صبيحه حسن(The Romances of Risalo) جا مضمون ڏنل آهن.
سال1991ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا (15-03-1930) جو لکيل ڪتاب An Introduction to Sindhi Literature سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيو آهي. ان ڪتاب ۾ به شاهه صاحب جي متعلق لکيو ويو آهي. ڊاڪٽر الانا جو 2009 ۾ هڪ ٻيو ڪتاب Sindhi Language and Literature شايع ٿيو آهي. اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ سنڌي ٻوليءَ تي بحث آهي ۽ ٻئي حصي ۾ سنڌي ادب تي بحت آهي. ان حصي ۾ هن صاحب شاهه جي فن ۽ فڪر تي ڪافي ڪجهه لکيو آهي.
سال 1993 ۾ عبدالحميد آخوند پاران ايڊٽ ڪيل مضمونن جو مجموعو Bhitai The Message of the Master جي نالي سان پڌرو ٿيو. هن مجموعي کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي. پهرئين حصي ۾شاهه ڀٽائي 27 ۽ 28 مئي 1992 تي ٿيل ڪانفرس ۾ ڪيل صدارتي تقرير ۽ پڙهيل مضمونن کي شامل ڪيو ويو آهي. ان حصي ۾ سيد مظفر حسين شاهه جي صدراتي تقرير کان علاوه، رئيزل حسين(Universal Message of Shah Abdul Latif) ، ايس ڪيو فاطمي(Shah Latif And The Est India Company)، محمد خالد مسعود(Shah Latif and Yunus Emre) ، امر جليل(Quest for the Beloved)، ڊاڪٽر غلام علي الانا(Shah Abdul Latif _ A Great Exponent of Sindh, its History and Culture) ، علي احمد بروهي(Shah Latif: Poet of Love) جا مضمون ۽ سراج الحق ميمڻ جي ترجمو ڪيل شاعري آهي. ٻئي حصي ۾ ڊاڪٽر اينميري شمل(The Sufi Traditions in the Eighteenth Century)، ڪلياڻ بي آڏواڻي (Shah Latif)، ايم ايم گدواڻي(Shah Abdul Latif) ، ايڇ ٽي سورلي (Shah Abdul Latif’s Muse)، اي ڪي بروهي(Poetry of Shah Abdul Latif) پروفيسر محمد اڪرم انصاري(The Immortal Beauty of Latif’s Sea Poetry)، تنوير عباسي(Images in the poetry of Shah Latif) ، ضياء الدين ايس بلبل (Shah Latif’s Conception of Tauhid) ۽ ڪريم بخش خالد(Shah Abdul Latif Bhitai) جا مضمون شامل آهن. منهنجي ذاتي خيال ۾ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو مقالو اهو ڪتاب آهي، جيڪو 1971 ۾ هندستان ۾ شايع ٿيو هو، تنهن کي هتي مقالي طور شامل ڪيو ويو آهي.
سال 1994 ۾ پروفيسر آمنه خميساڻي(16-04-1919-2007) جو شاهه جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو شايع ٿيو هو، جنهن جو ٽيون ڇاپو 2012 ۾ شايع ٿيو آهي. ان ۾ مهاڳ کان علاوه ٽي ٻيا ليک آهن، جيڪي مقدمي جو نعم البدل آهن. پهرئين ليک ۾ شاهه جي زندگيءَ جو احوال آهي، ٻئي ۾ شاهه جي رسالي جي تاريخ وغيره تي لکيو ويو آهي ۽ ٽئين ۾ شاهه جي تصوف تي ويچار ونڊيا ويا آهن.
سليم ڀٽو لطيفي به لطيفيات جو سٺو ڄاڻو آهي. هن شاهه صاحب جي حوالي سان سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ڪافي ڪتاب لکيا آهن. مون کي سندس انگريزيءَ ۾ لکيل شاهه صاحب جي حوالي سان ٻن ڪتابن جا نالا مليا آهن، جيڪي آهن:
1) Horizon of Shah Abdul Latif Bhitai’s poetry (1992),
2) Shah Abdul Latif Bhitai A star just before Dawn(1994)
اهي ڪتاب جيئن ته هن وقت مارڪيٽ ۾ وڪري لاءِ موجود نه آهن، تنهنڪري مون کي به انهن کي ڏسڻ يا پڙهڻ جو موقعو نه مليو آهي.
سال 2002 ۾ سنڌالاجي پاران محترم رشيد ڀٽيءَ جو ڪتاب Birth of a Great Poet شايع ڪيو ويو. ان ڪتاب جو مکيه موضوع ته ڪلهوڙن جو احوال آهي، پر آخري باب شاهه صاحب جي حوالي سان لکيل آهي.
سال 2009 ۾ محترم انورپيرزادي جو لکيل ڪتابSindhi Language and Literature (A Brief Account) سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري شايع ڪيو آهي. انهي ڪتاب ۾ به شاهه صاحب جو ذڪر آهي.
سال 2012 ۾ آغا سليم جو ڪتابIntroduction to the Poetry and Mystic Thought of Shah Abdul Lateef Bhitai شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ پهرئين ڀاڱي ۾ شاهه صاحب جي زندگيءَ، تاريخي پسمنظر ۽ مٿس شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ جي اثرات تي اختصار سان لکيو ويو آهي. ٻئي ڀاڱي ۾ ٽيهن سرن جي موضوعن تي لکيو ويو آهي.
2014ع ۾ مشتاق علي شاهه پاران ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي مرتب ڪيل شاهه جي رسالي جو ترجمو Message of Shah جي نالي سان روشني پبليڪيشن پاران ڇپيو ويو آهي، جنهن جو مهاڳ توڙي تعارف ڪافي مفصل آهن. ان کان علاوه ان ۾ 2100 لفظن ۽ اصطلاحن جي لغت به شامل ڪئي ويئي آهي. مشتاق شاهه ان کان اڳ آڏواڻي صاحب جي مرتب ڪيل چونڊ شاعريءَ کي ترجمو ڪيو هو، جيڪو Apostle of Love جي نالي 2012 ۾ شايع ٿيو هو.
سال 2015 ۾ ڊاڪٽر خليل الرحمان شيخ جو ڪتاب Political Thought of Shah Abdul Latif Bhitai شايع ٿيو. هن ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکيو آهي. هي ڪتاب مقدمي کان علاوه پنجن بابن تي ڦهليل آهي. حوالن کان اڳ شاهه جي زندگي جو سال بسال احوال به ڏنل آهي.
عبدالجبار قاسم نظاماڻيءَ، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ کهڙي جو حوالو ڏيندي ڄاڻايو آهي ته ايس ايم جهانگياڻي به شاهه صاحب تي پي. ايڇ ڊي ڪئي، جنهن جي ٿيسز جو عنوان آهي Shah Abdul Latif and His Times(15)
جرمن اسڪالر گرڊ لپڪ Gerd Lupke جي جرمن ٻولي ۾ لکيل ڪتاب جو انگريزي ترجمو The Book of Shah Abdul Latif جي نالي سان شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر 2000 ۾ شايع ڪيو آهي.
سنڌيءَ مان انگريزي ترجمو ٿيل مواد:
سال 1998 ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي شاهه عبدالطيف ڀٽائي چيئر پاران هڪ ڪتاب Social Content in Shah jo Risalo شايع ڪيو ويو، جنهن کي ڊاڪٽر فهميده حسين ايڊٽ ڪيو، ۽ ترجمي جا فرائض مرحوم انور پيرزادي ادا ڪيا. ان مجموعي ۾ محمد ابراهيم جويي(The Portrait of Shah Latif) ، جي ايم سيد(Political Perception of Bhitai’s poetry) ، شيخ اياز(Philosophical Aspect of Shah Latif)، سراج الحق ميمڻ (Bhitai’s Political Philosophy) ، ڊاڪٽر غلام علي الانا(Water Worship in Bhitai’s Sur Samoondi) ، ڊاڪٽر تنوير عباسي(Poetic Images in Shah Latif’s Risalo) ، ممتاز مرزا(Sur Samoondi of Shah Latif)، شيخ عزيز (Sindh Music and Shah Latif)، ڪي ايم لاڙڪ(Sasui: An Existential Heroine of Shah Latif) Latif، ايس ايم جهانگياڻي(A Poet of People)، انور پيرزادو (Poet of Sindh’s perennial Pathos) ، سحر امداد (Shah Latif as a Poet)، ڊاڪٽر فهميده حسين(Bhitai’s Philosophy of Pathos) ، ڊاڪٽر غلام حيدر چنا (Socio-Economic and Political Conditions in Shah Latif’s Time) جا مضمون شامل آهن.
مارچ 2001 ۾ شاهه عبدالطيف چيئر پاران ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب Image of Woman in the Poetry of Shah Abdul Latif شايع ٿيو. اهو ڪتاب ڊاڪٽر صاحبه جي پي ايڇ ڊي ٿيسز تي آڌاريل سنڌي ڪتاب جو ترجمو هو، جيڪو ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ ڪيو هو. مقدمي کان علاوه ڇهه باب هن ڪتاب ۾ شامل آهن. آخر ۾ ڪتابيات ۽ ڏسڻي به شامل آهي.
2009ع ۾ ثقافت کاتي سنڌ، محمد ابراهيم جويي جي مشهور ڪتاب شاهه، سچل ساميءَ جو انگريزي ترجمو ڇاپيو، جنهن کي سليم نورحسين (سابقه سليم احمد يا خواجه سليم) ترجمو ڪيو هو.
سال 2009 ۾ انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي پاران ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ(1884-1947) جي مشهور ڪتاب مقدمه لطيفي جو ڊاڪٽر حبيب الله صديقي پاران ٿيل ترجمو An Introduction to Shah شايع ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻي ان زماني جي جديد تحقيقي اصولن جي روشني ۾ شاهه صاحب جي رسالي کي مرتب ڪرڻ شروع ڪيو. سندس حياتيءَ ۾ ان جا ٽي جلد ڇاپيا ويا. انهن تي کيس سخت تنقيد برداشت ڪرڻي پئي. سال1936ع ۾ پهرئين جلد ۾ لکيل مقدمي کي سڌاري مقدمه لطيفي جي نالي سان شايع ڪيو ويو. جنهن ڪتاب کي ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ ترجمو ڪيو آهي. هي ڪتاب ڏهن بابن ۾ ورهايل آهي.
سال 2010ع ۾ گل محمد عمراڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاران شاهه جي رسالي تي لکيل تحقيق ۽ تشريح کي ترجمو ڪري Life and Thought of Shah Abdu Latif Bhittai جي نالي سان شايع ڪرايو آهي. هن ڪتاب جو مقدمو يا تعارف ڊاڪٽر عبدالغفار سومري لکيو آهي. ان کان علاوه ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو مهاڳ ۽ ست باب آهن.
سال 2012 ۾ ثقافت کاتي پاران ڇپيل رشيد ڀٽيءَ جي ڪتاب جو اضافن سان ترجمو محترم سليم نور حسين ڪيو، جيڪوSufism and Classical Sindhi Poetry جي نالي سان ڇپيو آهي. ان ۾ به شاهه جو احوال شامل آهي.








حوالا:

1) Publisher’s note in the book entitled “The poetry of Shah Abdal Latif” written by Dr Durre Shahwar Sayed. Page vii
2) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوتچند مولچند، شاهه جو رسالو، مقدمه، ص 12، روشني پبليڪشن ڪنڊيارو، 2005.
3) اهو ڊاڪٽر دائودپوٽي جي ڪتاب مصمون ۽ مقالا ۾ شامل آهي (صص 97 کان 107)، ڀٽ ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه.
4) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مهاڳ : ”احوال شاهه عبدالطيف“ از شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، ص ،2 شاه عبدالطيف ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاه، 1987.
5) لاکو، ڊاڪٽر غلام محمد: سنڌ جي تاريخ جا بنيادي ماخذ
6) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش: مهاڳ ”احوال شاهه عبدالطيف“ از مرزا قليڇ بيگ، شاه عبدالطيف ڀٽا شاه ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاه، آگسٽ، 1987
7) گربخشاڻي، ڊاڪٽر هوت چند مولچند ، شاهه جو رسالو، مقدمه، ص 12، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2005.
8) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش، مهاڳ احوال شاهه عبدالطيف از شمس العلما مرزا قليچ بيگ، ص 3. شاه عبدالطيف ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1987.
9) Lalwani, Lilaram Watanmal: The Life, Religion and Poetry of Shah Latif – The greatest poet of Sindh, preface, p V.
10) Sayed, Dr. Durr e Shahwar: The poetry of Shah Abdal-Latif, 1988, p 48
11) Ibid, p 48
12) سورلي، ايڇ ٽي، موزا پرواگانس، عظيم شاعرن جو سرتاج شاعر شاهه عبدالطيف ڀٽائي، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، مترجم عطا محمد ڀنڀرو، ص 13 ۽ 14.
13) ساڳيو، صفحو 104
14) Syed, Dr, Durre Shhwar: The Poetry of Shah Abdal Latif,1988, p 51
15) ٽماهي تخيل، جنوري مارچ، 2016، ص 158



839 ڀيرا پڙهيو ويو