سنڌي لکت جا اُصول ۽ تاريخ: مختصر جائزو
(History and Principales of Sindh Script: an Analysis)

پروفيسر رستم خاصخيلي
Abstract:

Sindhi is an ancient language, and equally old are its Script & principles of writing. These get modified with changing times and appear in altered forms and even anew. For example: transformation in the shape of letters, increase and decrease in the number of letters and variation in the sounds of letters.
1st principles of Sindhi writing can be seen on the stamps found in Mohen Jo Daro. They used the rules of writing rightwards (left to right) and downwards (top to bottom). This writing is around 6000 year old; could be said that this was before the times of writing history itself. Even in those days, Sindhi writing had vowels and consonants. Language, in every era, witnesses variations in its alphabet. This improvement process continues today also. Languages have gone extinct, in which such improvements have not taken place. Same improvement is the need of the hour as far as saving the Sindhi language is concerned. This improvement should be in the right direction and long-lasting. In order to save Sindhi from devastating attempts of other languages, it has to be made more compatible and easy.
To this end, this paper offers some recommendations. For example: there should be one letter per sound rather than having multiple letters for one sound. Therefore ‘non-essential’ letters should be eliminated, because selecting a pertinent letter for a particular sound is tedious and difficult. In my opinion, number of letters should be decreased that hang together with accents and sounds of our language.

سنڌي ٻولي نهايت قديم ٻولي آهي، ان جي لکت جا اُصول به قديم آهن، جيڪي وقت جي وهڪري سان گڏ تبديل ٿيندا رهيا آهن، جهڙوڪ اکرن جي صورت ۾ تبديلي، اکرن جي تعداد ۾ گهٽ وڌائي ۽ اکرن جي آوازن ۾ مَٽ سَٽ وغيره.
قديم سنڌي ٻوليءَ جي لکت وارا اُهـڃاڻ سڀ کان پهريان موهن جي دڙي مان مليل مهرن واري لکت ۾ موجود آهن. انهن اکرن مان لفظ ٺاهڻ جو اُصول کاٻي کان ساڄي ۽ مٿان کان هيٺ لکڻ وارو هو، اُهي لکت وارا اصول 6000 سال قديم آهن. ايئن کڻي چئجي ته تاريخ لکڻ کان اڳ واري دؤر جا آهن.(1 ) ان دؤر ۾ به حرف علت ۽ حرف ساڪن جو سنڌي لکت ۾ اُصول موجود هو. جنهن جي شاهِدي جرمنيءَ جي ماهر ڪرٽ چائلڊ مين (Kurt Childman) پنهنجي ڪتاب Decipherment of Indus Valley Script ۾ ڏني آهي. ھُن سنڌولکت (Indus script) جي ٻه هزار مُهرن جو ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي مدد سان ڪيو آهي. جنهن ۾ هن 22 حرف ساڪن ۽ چئن حرف علت جي الفابيٽ سان ترجمو ڪيو آهي. سندس ڪتاب انٽرنيٽ تي موجود آهي. (2) ان کان علاوه عطا محمد ڀنڀري پڻ سنڌو لکت جو ترجمو ڪيو آهي.
پهرين صديءَ جي شروعات ۾ براهمي لپي، سنڌو لکت مان ٺاهي وئي، اشوڪ بادشاهه پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي حڪومتي وهنوار کي هلائڻ لاءِ براهمي لکت ڪم آندي، براهمي لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 حرف علت وارو اُصول پڻ شامل هو، جيڪي سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪيترين ئي صدين تائين جاري رهيو. (3)
پنجين صديءَ ۾ گُپتا لکت، براهمي لکت مان ٺاهي وئي، گپتا لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 8 حرف علت شامل هُئا. جيڪا گپتا دؤر ۾ سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪافي عرصي تائين ڪم ايندي رهي.
ڇهِين صَدِيءَ ۾ گُپتا لکت جي ذريعي شاردا، نگري ۽ سدڌرام لکتن جنم ورتو ۽ ٻارهين صديءَ تائين لکت جي ڪم اِينديون رَهيوُن. اُنهن لکتن کي ڀينَر سڏجي ٿو. ڇو تَه اِهي ٽيئي لکتون ساڳي دؤر ۾ مُختلف علائقن ۾ لکت لاءِ ڪم اينديون هُيون. (4)
شاردا لکت، ڪشمير واري علائقن ۾ استعمال ٿيندي رهي، اِن لکت ۾ 35 حرف ساڪن ۽ 13 خودمختيار حرف علت ۾ 13 غير خودمختيار حرف علت شامل هُئا، جيڪي لکت ۾ اُصول طور ڪم اِيندا هئا. عظيم سنڌ (Greater Sindh) جي خطي ڪشمير ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهو شاردا لکت سان پنهنجي ٻولي لکندا هئا.(5)
ناگري لکت (Nagari script) سنڌ جي ٿَرَ ۽ راجسٿان واري علائقي ۾ راجپوتن ۽ سومرن جي دؤر ۾ سنڌي ٻوليءَ لکڻ لاءِ 1350ع تائين ڪم ايندي رهي. اِن لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 10 خود مختيار حرف علت ۽ 10 غير خودمختيار حرف علت شامل هُئا. (6)
سدڌام لکت (Siddham script) انڊس ڪوهستان واري علائقن ۾ ٻُڌَ ڌرم جي عبادت ۾ ڪم ايندڙ mantra ۽ sutra لکڻ لاءِ 12 صديءَ تائين ڪم ايندي رهي. سِدڌام لکت ۾ 33 حرف ساڪن ۽ 12 خود مختيار حرف علت ۽ 12 غير خود مختيار حرف علت شامل هئا. جيڪي ٻولي لکڻ لاءِ اهم اُصول طور ڪم ايندا هُئا. سدڌام لکت خاص طور تي سنسڪرت لکڻ لاءِ جوڙيل هُئي ۽ سنسڪرت سنڌي ٻوليءَ جو مڪمل ۽ تسيلي بخش طريقو مڃيو ويندو هو. (7)
جــارج اسٽيئــڪ (George Stack) پــنـهـنـجـي گـرامـر جــي ڪــتـاب (A Grammar of Sindhi language) ۾ لکيو آهي ته مون پنهنجو گرامر سنڌي ٻولي ۾ اِن ڪري لکيو آهي، جو برصغير ۾ سڀ کان وڌيڪ لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ ملي ٿي سگهيا. (8)
سدڌام لکت جي خوبصورتيءَ کان متاثر تي چين وارن پنهنجي ملڪ ۾ سدڌرام لکت پنهنجي مذهبي مواد لاءِ ڪم آندي ان کان پوءِ جاپاني وارن پڻ سدڌام لکت پنهنجي ملڪ ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ڪم آندي. هن وقت به جپان سدڌام لکت کي محفوظ رکيو پيا اَچن، ان جا اکر پنهنجي((T.Shirtsشرٽن تي لکائي پائيندا رهن ٿا. لاڪيٽن تي پڻ سدڌام لکت جا اکر لکرائي پنهنجي ڳلي ۾ پائيندا رهن ٿا. در حقيقت سدڌرام لکت سنڌي ماڻهن جي ايجاد آهي، جنهن کي وساريو ويو آهي يا انهن کان کسي وئي آهي.
ڏهين صديءَ کان ديوناگري لکت (Devanagri Script) شاردا، نگري ۽ سدڌام لکت مان ٺاهي وئي. ناگري لکت جا سمورا اکر ۽ ڪجهه شاردا ۽ سدڌام لکت جا اکر ديوناگريءَ اسڪرپٽ ۾ شامل ڪيا ويا. ان سان گڏوگڏ اکرن جي صورت ۾ به نواڻ آندي وَئي. ديوناگري 34 حرف ساڪن ۽ 13 حرف علت سان سنسڪرت لکڻ لاءِ تيار ڪئي وئي. سنسڪرت لفظ جي معنيٰ مڪمل يا تسلي بخش آهي. سنسڪرت الف-ب لاءِ چوڻ آهي ته اِها الف-ب مڪمل ۽ مضبوط ٺهيل آهي. اُهو، ان ڪري جو سنسڪرت الف-ب ۾ اکر سان گَڏُ اُن جو آواز به شامل ڪيو ويو هو. اِها ڳالهه چين وارن کي پسند آئي. انهن پنهنجن ملڪ ۾ اِن لکائي وارو طريقو شامل ڪيو. پر، انهن اکرن جي صورتن ۾ تبديلي آڻي ڇڏي آهي.
ديوناگري رسم الخط مان ايشيا جي 22 ٻولين جي لکت لاءِ الفابيٽ واريون تختيون ٺاهيون ويون آهن. انهن ۾ انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، بنگلاديش، سري لنڪا ۽ ڀارت جي ملڪن جون ٻوليون شامل آهن.
سنڌو درياهه جي ڪنارن سان قائم شهرن ۾ لکت جي لاءِ ڪم ايندڙ الف- ب تختين جو ذڪر ڪندي جارج اسٽيئڪGeorge Stack)) لکي ٿو ته هڪ، هڪ شهري علائقي ۾ پنهنجو، پنهنجو لکت جو نظام هو.
هن پنهنجي ڪتاب A Grammar of Sindhi Language ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ الف-ب جون تختيون چارٽ جي صورت ۾ ڏنيون آهن. جيڪي هن ريت آهن. (9)

1. ملتان ۾ ملتاني الف-ب
2. شڪارپور ۾ شڪار پوري الف-ب
3. دادو ۾ خُدا آبادي (خدا وادي) الف-ب
4. حيدرآباد ۾ ميمنائي الف-ب
5. ٺٽي ۾ ٺٽائي الف-ب
6. ڪراچي ۾ کوجڪي الف-ب
Khudawadi (Sindhi) script 1868 by Narayan Jagannath Mehta
هن تختي ۾ سنڌ تي سورمي دودي چنيسر جو ڪتاب پهريون دفعو لکيو ويو. جنهن

هن تختي ۾ سنڌ جي سورمي دودي چنيسر جو ڪتاب پهريون دفعو لکيو ويو،ڪتاب جو مٿيون مُک صفحو ثابتيءَ جي لاءِ هيٺ ڏجي ٿو.

انگريزن جي حڪومت کان پهريان سڀئي لکت واريون تختيون سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ ڪم اينديون هُيون. انگريز حڪومت انهن سڀني لکت جي تختين کي ختم ڪري سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ عربي رسم الخط الف –ب رائج ڪيو، جيئن حڪمراني ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. اِن ڳالهه مان سمجهڻ گهرجي ته هتان جا ماڻهو لکت جي اُصولن کي ايترو ته سمجهندا هئا، جو پنهنجي الف –ب تخطي تيار ڪرڻ جي سگهه رکندا هئا.
1853ع کانپوءِ سنڌي ٻولي لکڻ لاءِ سنڌي عربي الف-ب سنڌي لکت لاءِ ڪم اچڻ شروع ٿي. جنهن سان نه رڳو سرڪاري لکپڙهه،نصابي ڪتاب لکيا ويا،پر ڳچ سارو سنڌي ادب سرجيو ويــو آهي. قديم سـنڌي لکت وارو ادب مــوجوده سنڌي عـربي الف- ب ۾ ترجمو ڪرڻ. جيئن عربن، انگريزن ۽ چين وارن پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ ۾ سنسڪرت ۾ لکيل ڪتاب ترجمو ڪري ڪيا آهن. اُهي ئي ڪتاب سنڌي عربي الف-ب ۾ ترجمو ڪري سگهجن ٿا. ڀارت ۾ رهندڙ ڪافي سنڌي ديوناگري خط پڻ استعمال ڪن ٿا پر اُتي هڪ اندازي موجب سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال ابتر آهي. جو سندن نئون نسل سنڌي ٻوليءَ کان گهڻو واقف ناهي. ڀارت جا ڪي اديب ۽ محقق عربي رسم الخط پڻ استعمال ڪن ٿا.
هڪ دؤر ۾ سنڌي ٻولي، واڻڪي رسم الخط سان لکي ويندي، هئي اُن واڻڪي الف-ب جا ڪي اکر عربي الف-ب جي اکرن سان هِڪَجهڙائي ظاهر ڪن ٿا. جيئن د، ذ، ڌ، ج، ع، ح، ف، و، ل ۽ ک اکرن جون تصويرون واڻڪي الف-ب ۾ موجود آهن، واڻڪي الف-ب جو چارٽ. گول دائري ۾ ڏيکاريل اکر هڪجهڙائي ظاهر ڪن ٿا. اِن ڪري اِهو چئي سگهجي ٿو ته موجوده سنڌي الف-ب اَن قديم واڻڪي الف-ب جي سڌاريل صورت آهي.

Scripts of Sindh by Garission

Kumar Chatterjee et al

Pandir Kishan Chand Jetley Script

هر دؤر ۾ ٻوليءَ جي الفابيٽ ۾ ڦير ڦار ٿيندي رهي آهي. اَڃان تائين اِهو اصلاح وارو عمل جاري آهي. اِها اصلاح صرف سنڌي لکت ۾ نه، پر، سمورين ٻولين ۾ ٿيندي رهي آهي. الفابيٽ کي سُٺي کان سُٺو ڪرڻ جو ڪم هلندو پيو اچي ڪٿي به ڪا الف-ب ۾ ڪمي پيشي نظر اَچي ٿي ته ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وَڃي ٿي. جَنِ به ٻولين جي لکت واري الف-ب کي سنوارڻ جي ڪوشش نه ٿي آهي، اُهي آهستي آهستي ختم ٿي ويون آهن هر هڪ ٻوليءَ جي ماهر اِها ڪوشش ڪئي آهي ته، هو پنهنجي ٻولي جي لکت واري الف –ب تختيءَ کي آسان ۽ خوبصورت ڪري ٺاهي. جيئن دنيا جي ماڻهن کي سکڻ ۾ آسان لڳي ٻوليءَ جي ضرورت مطابق الفابيٽ ۾ اکرن جو تعداد موجود آهي پنهنجي ٻوليءَ جي آوازن ۽ لهجن کي ذهن ۾ رَکي الف-ب تيار ڪرڻ پائيدار ۽ خوبصورت رهندي. پنهنجي ٻوليءَ جي لاءِ ٺاهيل الف-ب تخطي پنهنجي ٻوليءَ مطابق موزون هوندي آهي. پرائي ٻوليءَ جا آواز پنهنجي الف –ب تختي ۾ ملائڻ غير ضروري آهي اهو به اِنَ ماحول ۾ جڏهن اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي ٻين کان اوڌارا اکر وٺڻ جي ضرورت ناهي.
منهنجي راءِ مطابق موجوده سنڌي لکت واري اکرن ۾ اصلاح جي ضرورت آهي. اُها اصلاح درست ۽ پائيدار هئڻ گهرجي. ٻوليءَ کي ڌاري ٻولين جي حملن کان بچائڻ لاءِ اَن کي آسان ۽ سولي ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيئن پنهنجا توڙي پراوا آساني سان لکي پڙهي سگهن. منهنجي ذاتي سمجهه مطابق هن وقت سنڌي لکت جي اکرن ۾ ڪي اِهڙا اکر به آهن، جيڪي اضافي يا غير ضروري اکر لڳن ٿا. منهنجي هن راءِ جو مقصد اِهو آهي ته سنڌي لکڻ لاءِ هڪ آواز لاءِ هڪ اکر هئڻ گهرجي. نڪي هڪ آواز لاءِ وڌيڪ اکر هئڻ گهرجن، اِن ڪري، غير ضروري اکر گهٽائڻ وقت جي ضرورت آهي. ڇو ته لکڻ دوران چئن، يا ٽِنِ يا ٻن اکرن مان هڪ اکر ساڳي آواز لاءِ چونڊڻ مشڪل ۽ ڏکيو مسئلو آهي. سنڌي لکت ۽ انگريزي لکت ۾ فرق ڏسو:
سنڌي ۾ نالا انگريزي ۾ نالا
نمبر اکر لفظ اکر لفظ
1. ض ضمير Z Zameer
2. ذ ذيشان = Zeeshan
3. ظ ظهير خان = Zaheer
4. ز زبير = Zubair

1 ث ثمرين = Samreen
2 س سليمان = Suleman
3 ص صالح = Saleh

ساڳيا نالا سنڌي الف-ب سان لکڻ ۾ ست اکر ڪم آيا-پر، ساڳيا نالا انگريزي الف-ب سان لکڻ ۾ رُڳو ٻه اکر “S” ۽ Z ڪم آيا. ڇا انگريزي ۾ لکيل نالا غلط آهن؟
اِن ڳالهه جو حل منهنجي سمجهه مطابق اِهو آهي ته اُهي اکر جيڪي اسان جي ٻوليءَ جي لهجن ۽ آوازن سان نٿا مِلَنِ، انهن کي گهٽائڻ گهرجي، جيئن هيٺ ڏنل چئن اکرن سان صرف ”ز“ برقرار رکي باقي ٽن اکرن کي گهٽائڻ گهرجي.


هيٺ ڏنل ”س“ اکر کي سنڌي لکت لاءِ برقرار رکِي باقي واڌو اکرن کي ڪڍي ڇڏڻ بهتر ٿيندو.
س

هيٺ ڏنل ”ت“ اکر کي برقرار رکي باقي ط اکر کي ختم ڪري سگهجي ٿو.
ت
هيٺ ڏنل ٻنهي اکرن مان ”غ“ اکر کي ڪڍي ”گ“ اکر کي برقرار رکڻ موزون ٿيندو.
گ
هيٺ ڏنل ٽنهي اکرن سان ”ع“ اکر ڪڍي، باقي ٻن اکرن کي برقرار رکجي.
ا
ء
هيٺ ڏنل ٻنهي اکرن مان ”ح“ اکر ڪڍي ”هه“ کي برقرار رکجي.
هه

هيٺ ڏنل اکرن مان ”ق“ ختم ڪري ”ڪ“ کي برقرار رکجي، پر، لکت جي خوبصورتي رکڻ لاءِ ٻنهي اکرن کي برقرار رکي سگهجي ٿو.
ڪ
52 اکرن مان جيڪڏهن 10 اکر گهٽايا وڃن ته باقي 42 اکرن سان سنڌي ٻولي آساني سان لکي سگهجي ٿي. ان کان علاوه، ”هه“ اکر جي ٻن صورتن واري استعمال کي الڳ ڪرڻ گهرجي جيئن پڙهندڙ کي وڌيڪ آساني ٿئي.منهنجي هن تجويز سان هر ڪنهن جو متفق هئڻ ضروري ناهي. پر اهي رايا غور طلب ضرور آهن.
لکت ۾ حرف علت جو اهم ڪردار آهي. حرف علت جا ٻه قسم آهن، هڪ خود مختيار حرف علت ۽ ٻيو غير خود مختيار حرف علت، خود مختيار حرف علت جا اکر ا-و-ي ۽ ن آهن- ۽ غير خودمختيار صرف علت جون نشانيون هن ريت آهن:
1. سَ
2. س
3. سُ
4. سا
5. سو
6. سي
7. سَو
8. سُو
9. سَي
10. سِي
11. سان
12. سون
13. سُون
14. سَين
15. سِين.
نوٽ: جيڪڏهن هِڪَ اکر جا ايترا آواز ٺهي سگهن ٿا. پوءِ ساڳئي آوازي اکر لاءِ ٻين اکر جي ضرورت ڪانهي.
ٽِن هِڪَ آوازَ اکرن جو چارٽ
اکر لفظ اکر لفظ اکر لفظ
سَ سَرڪار صَ صَدرُ ثَ ثَمرُ
سِ سِکَڻ صِ صِديقُ ث -
سُ سُرڻ صُ صُلحُ تُ –
سا سارَڻ صا صادق ثا ثابِتُ
سي سيڪڻ صي - ثي -
سو سوغات صو - ثو -
سُو سُومِري ضو صوفُ تُو -
سَي سَيرُ صَي - ثَي -
سِي سِيرَ ڏيَڻُ صِي - ثِي -
سان سانگو صان - ثان -
سون سونهن صون - ثون -
سُون سُونگاري صُون - ثُون -
سِين سِينگارڻ حيف - ثِين -
مٿي ڏنل چارٽ ۾ ”س“ اکر سان سڀني غير خود مختيار حرف علت سان فعل ۽ اسم وارا لفظ ٺاهي سگهجن ٿا. پر، ص ۽ ث سان صرف اسم وارا ڪجھه لفظ ٺاهي سگهجن ٿا. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي اکر سنڌي لکت جا بنيادي اکر ناهن. اِن کان علاوه، مون 300 لفظ فعل جا لکيا. انهن ۾ هڪ به اِهڙو لفظ نه هو جيڪو ذ ض، ظ، ع، خ، ث، ۽ غ سان شروع ٿي فعل جو ڪم ڏئي. بهرحال، لکت جا اُصول غير ضروري اکرن جي الف-ب ۾ داخلا موزون نٿا مڃن.
مشهور ويب سائيٽ wikipedia لکي ٿي ته پاڻيني چوٿين يا پنجينءَ صدي ڌاري ٻوليءَ جا 3959 اصول (Sutra) لکيا. جن کي ٻولي لکڻ جا اصول چيو وڃي ٿو. جيڪي هن Astadhyayai جي نالي سان ڪتاب ۾ لکيا آهن. جنهن جو مقصد ”اٺن بابن“ وارو چيو وڃي ٿو. دنيا جي ماهرن ان کي سنسڪرت جو گرامر سڏيو آهي. پر ان وقت اهو نالو رائج ڪونه هو ان کي ڀاشا جو گرامر سڏيو ويو هو. سنسڪرت نالو پوءِ ڪنهن دؤر ۾ ڏنو ويو، اها ڀاشا ڪهڙي هئي، ڪٿان آئي هئي ان تي سراج ميمڻ جي تازو آيل ڪتاب Hi (Story of Sindh and Sindhi Languages) بهتر تفصيل ۾ موجود آهي. ڏسو wikipedia ۾ ڏنل حوالو:
“Shripd Krishna Bel Valkar (1915) An Accezml of different existing system of Sanskrit grammar”
سنڌو لکت جي باري ۾ Wikipedia لکي ٿي ته سنڌو لکت (Indus Script)دنيا جي قديم لکت آهي. پر مالڪي نه هئڻ ڪري اُها ختم ٿي چڪي آهي. هيءَ حقيقت جرمنيءَ جي ماهرن Die Indus-Schrift 2600-1800 جي عنوان سان سامهون آندي آهي.

حوالا:

1. Koskegnemi k./parpda, A:. A concordance to the texts is the Indus script, department of1 پڙهو حوالو: Asian and African studies, university of Helsinki, Research reports. No.3 Helsinki 1982”
2. پروفيسر ڪُرٽ چائلڊ مين جي ترجمي وارو ڪتاب Decipherment of Indus valley Script ويب لنڪ تي پڙهو www.scribd.com/23549227/schildmann-de
3. براهمي اسڪرپٽ (Brahmi script) جي باري ۾ ويب لنڪ wikipedia تي پڙهو:
4. Jump up to scharfe Hartmut (2002) kharoshti and Brahmi Journal of the American oriental soceity.
5. گُپتا اسڪرپٽ (Gupta Script) ويب لنڪ wikipedia تي پڙهو.
6. Jump up to sri vastava Anupama. The development of imperial gupta Brahmi shipt new Delhi. Ramanand 1998.
7. شاردا اسڪرپٽ (Sharda Script) ويب لنڪ wikipedia تي پڙهو.
8. Pandits to visit sharada temple. The Hindu 17-may 2006.
9. ناگِري اسڪرپٽ (Nagari script) ويب لنڪ wikipedia تي پڙهو.
10. Jump up to gazatte of the Bombay presidency up p.30 at google books Rudrudaman’s inscript in from 1st throug 4th centry C E found in Gujrat indai. Stan ford university Archives pages 30-45.
11. سڌام اسڪرپٽ (Siddham Script) ويب لنڪ wikipedia تي پڙهو.
12. Chaudhuri saroj kumar (1998) siddham in china and japan. Socio-platonic papers no.88
13. ديوانگري اسڪرپٽ Devanagari script ويب لنڪ wikipedia تي پڙهو
14. Jump up to sulo mon, Richard 1998. indian epigraphy a guide to the study of insciptions in sanskrit, prakrit and the other in do Aryan languages. South Asia research oxford university press. Pp.33-41
15. جارج اسٽيڪ جو لکيل گرامر A grammar of the Sindhi language جيڪو 1847ع بمبئي مان شايع ٿيو. ويب لنڪ www.alibris.com
16. وساريل سنڌي واڻڪي اسڪرپٽ (Forgotten Sindhi script waranki)
17. ويب لنڪ forgoteen sindhi script by Rajesh Lakhani www.academia.edu/3691164
____
نوٽ : هن مقالي جي ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ تصويرون موجو ناهن، تصويرن ڏسڻ لاءِ PDF ۾ مقالو پڙهندا.
966 ڀيرا پڙهيو ويو