ثميره زرين جي ڪهاڻين جا ڪردار : هڪ اڀياس
(An analytical Study of Characters of Short Stories of Sumera Zareen)

ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
Abstract:

Sumera Zareen (1941-1977) was famous short story writer, and her stories were published in various magazines of India and Sindh. Later on, her entire work was compiled in different book forms. After partition, being a woman story-writer she contributed various stories and highlighted issues relating women as well as men by using characters skillfully. Furthermore, she represents both negative and positive aspects of women in her writings. She highlights domestic issues such as marriage, relationship, affection and hatred. The attitude of men towards women is, also, bravely characterized by her in writings.
In this paper, her two books “Roshan Chanwero” and “Geet Unjayal Moran Ja” have been carefully examined, and themes along with characters have been analyzed in order to understand her role in history of Sindhi short stories. Through this paper, the characters and their social aspects have also been addressed.

ثميره زرين (1941-1977) سنڌي ادب جي نامور ڪهاڻيڪار هئي، سنڌي افسانوي ادب جي عورت ليکڪائن ۾ پنهنجي حياتيءَ جي مختصر عرصي دوران ثميره گهڻو لکيو، سندس اصل نالو سڪينه هو، ذات جي اعواڻ هئي، پر ادبي نالي ثميره زرين جي نالي سان ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. سندس ذاتي شخصيت جا ڪيترائي نرالا پهلو عبدالقادر جوڻيجي پنهنجي مضمون ۾ نروار ڪيا آهن هو لکي ٿو: ”مون جيڪي شڪارپور جي ڪلچرڊ هئڻ جون ڳالهيون آغاسليم کان ٻڌيون آهن، انهن ڳالهين کي سامهون رکي ويهي حساب ڪتاب ڪجي ته ثميره بذات خود شڪارپور هئي يا شڪارپور ثميره هئي! اٿڻ، وِهڻ، ڳالهائڻ هرڳالهه ۾ نفاست، هر ڳالهه ۾ سليقو، اجرا ۽ رعبدار ڪپڙا پائي ثميره آرٽس فيڪلٽيءَ ۾ اڇي ڪڪر يا ڪونج وانگر لهي ايندي هئي. توري تڪي وکون کڻي هلندي هئي. جيڪڏهن ڳالهرائي وجھينس ته پوءِ ويٺو ٻڌ، مٺو اترادي شڪارپوري لهجو، لفظ لفظ ۾ جڙيل، خوبصورت جملا، جيڪڏهن ڪنهن رتوڇاڻ جو ويهي ذڪر ڪري ته ذهن ۾ رت جي ڦڙن بدران ڳاڙها گلاب جا گل ٽڙندا“
ليکڪ جي ذات ۽ شخصيت جو اثر تحرير تي اڻ ٽر آهي. عورت جو ڪردار سندس ڪهاڻين جو محور ۽ مرڪز آهي. سندس مشهور مجموعا ”گيت اُڃايل مورَن جا“، ”آءُ اها ئي مارئي ۽ ”روشن ڇانورو“ اهم آهن. سندس پهرين ڪهاڻي“ زندگي ڪيتري نه گران آهي” نالي سان 1954ع ۾ نئين زندگي، جنوري جي پرچي ۾ شايع ٿي. سندس ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جون اٽل حقيقتون، عورت جي ڪردار جون احساساتي گهرايون موجود آهن. ڪهاڻي لکڻ جو سبب ڄاڻائيندي لکي ٿي:“ پنهنجي زاويه نگاهه کان ڪنهن واقعي کي ڏسڻ ۽ پرکڻ جي لاءِ شعوري چاهنا ڪهاڻيءَ جي اظهار جو باعث ”. حالتون ۽ ماحول به ڪڏهن لکڻ تي مجبور ڪندو آهي، جڏهن سماج ۾ محسوس ڪرڻ واري دل ۽ سوچيندڙ دماغ هجي، سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو ڍنگ روايتي نه پر پنهنجو نج ۽ نرالو هجي ته ان وقت ڪيئي تخليقون سرجي وينديون آهن. سندس سوچڻ ۽ محسوس ڪرڻ وارو اهو ئي نرالو انداز کيس لکڻ لاءِ آماده ڪري ٿو:“ ٻين کان ٻڌي اڪثر دل ۾ پيدا ٿيندڙ اهو خيال، ته اهو ٻڌل مان خود پڙهان، پنهنجي نظرين جي روشنيءَ ۾ پرکيان، طبعيت جو ساڳيو ضد شايد ڪهاڻي لکڻ به، مان صرف پڙهان نه ( ٻين جو سوچيل خود به لکان)“ (زرين 7/ 1980ع).
ثميره جي ڪهاڻين جو مرڪز عورت آهي، هوءَ نه صرف عورت سان ٿيندڙ ناانصافي ۽ اڻ برابري کي پنهنجي ڪهاڻين ۾ آڻي ٿي، پر عورت پنهنجي مخصوص نفسيات ۽ ماحول جي اثر ڪري گهرن ۽ سماج ۾ جيڪا نفرت جي باهه ڀڙڪائي سُڪون برباد ڪري ٿي، عورت جي اهڙي ڪردار کي به پنهنجي ڪهاڻين ۾ پيش ڪيو ويو آهي. افسانو زندگيءَ جي نه صرف ڪڙاڻ کي ۽ مسئلن کي پيش ڪري ٿو بلڪه ڇا ٿيڻ گهرجي ان بابت به ٻڌائي ٿو، ثميره ان حوالي سان لکي ٿي ”افساني ۾ انسان جي خارجي زندگي ۽ ذهني فڪر جي گڏيل تصوير نظر اچي ٿي، افساني ۾ نه رڳو اهو بيان ڪيو وڃي ٿو ته ڇا ٿي رهيو آهي پر ڇا ٿيڻ کپي جي حسين تصور جي تصوير پڻ ان ۾ نظر اچي ٿي “ (جوڻيجو: 34: 1980ع) . ثميره زرين پنهنجي مطالعي ۽ افساني سان گهري دلچسپي سبب نئين زندگي ۾ شايع ٿيل چونڊ افسانن کي سهيڙي فن ۽ اوسر تي مقدمو لکي مهراڻ جون ڇوليون نالي سان شايع ڪرايو. هتي سندس ٻن مجموعن ۾ شامل ڪهاڻين جي ڪردارن جو اڀياس ڏجي ٿو. ”گيت اُڃايل مورَن جا“۽ ”روشن ڇانورو“ سندس مجموعي ”گيت اُڃايل مورَن جا“ جو ٻيو ڇاپو جنوري 1980ع ۾ شايع ٿيو، هن مجموعي ۾ سندس يارهن ڪهاڻيون آهن.
”گيت اڃايل مورن جا“جو پيش لفظ آغا سليم لکيو.آغا صاحب سندس ڪهاڻين ۽ ڪردار جي باري ۾ لکي ٿو: ”ثميره کي زندگيءَ سان پيار آهي، اسان جهڙن عام ماڻهن جي رواجي ڏکن ۽ خوشين لاءِ احترام آهي، اهو ئي سبب آهي جو هوءَ غير معمولي ڇرڪائيندڙ ۽ سنسني خير واقعن جي بدران زندگيءَ ۾ روز پيش ايندڙ عام ۽ ننڍڙن واقعن کي ميڙي چونڊي پنهنجي ڪهاڻين ۾ پوئيندي آهي. سندس ڪردار غير معمولي انسان نه پر، اسان جهڙا عام انسان آهن ۽ سندس ڪهاڻيون اسان جي ئي ننڍڙين ننڍڙين خوشين، ڏکن ڏولاون، محبت ۽ نفرتن جون ڪهاڻيون آهن.“(آغا سليم1980:5) آغا کيس ورجينا وولف وانگر احساسن جي ليکڪا پڻ سڏيو آهي، جيڪا حقيقت سندس ڪهاڻين مان پڌري آهي. هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ”کجور جو وڻ “آهي، ان ڪهاڻيءَ ۾ موجود احساس ۽ واقعي کي تُلسيءَ جي بيت:
تلسی ایسی پریت نہ کر جیسی لمبی کھجور
دھوپ لگے تو چھائوں نہیں بھوک لگے۔ پھل دور
جي مناسبت سان نالو ”کجور جو وڻ“ ڏنو ويو آهي. ڪهاڻيءَ ۾ رابعه، مصباح ۽ اشفاق جا اهم ڪردار آهن، رابعه هڪ عام سادي ڇوڪري آهي، اشفاق هڪ اهڙو ڪردار آهي جيڪو ڀنوري جهڙي فطرت رکندڙ هو، روز نئين گل سان ڪڏهن به هڪ ڇوڪريءَ سان گڏ گهڻو نه رهيو. اهڙي ڪردار جي ڪري عورت جنهن ڪرب ۽ تڪليف مان گذري ٿي ان کي پيش ڪيو ويو آهي . ٻئي طرف عورت به پنهنجي سادگي ۽ محبت جي جذبي هيٺ بغير سوچڻ سمجهڻ جي آسانيء سان اهڙن ڪردارن جي ڄار ۾ ڦاسيو پوي.محبت ۾ جذباتي ٿيڻ جو نتيجو اهڙو ئي نڪري ٿو.

شمع ٻاريندي شب : ثميره جي هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي وفا ۽ قرباني ڏيندڙ ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي ، ساڳئي وقت عورت جي مڪر ۽ فريب ڀري ڪردار کي به نمايان ڪيو اٿائين. احمد، مختيارڪار ٿيڻ بعد پنهنجي خوبصورت ۽ محبت ڪندڙ زال کي ڇڏي امينه نالي مڪريلي عورت جي دام ۾ وڃي ڦاٿو. احمد جيڪو غربت مان پڙهي وڏي عهدي تي پهتو هو، دولت جي چمڪ تي پنهنجو اصلي سڀاءُ مٽائي ڇڏيائين، بانو ڀوڳيندي رهي، احمد جو پيءُ به ڏکيا ڏينهن گذارڻ لڳو. نيٺ رشوت جي ڪيس ۾ ڦاٿو، نوڪري وئي جيل ۾ ويو، امينه کيس ڇڏي وئي. صبح جو ڀليل جيستائين وَري تيستائين بانو صبح شام واري چڪر کان آزاد ٿي چڪي هئي، احمد واپس وريو پر بانو نه رهي هئي. ڪهاڻيءَ جا ڪردار پنهنجي فطري انجام تي پهچن ٿا. اڪثر وڏي عهدي ۽ دولت جي چڪر ۾ انسان بوکلائجي ويندو آهي ۽ ٻين لاءِ ڀوڳنا جو باعث بڻجي وڃي ٿو.احمد کي غربت ۽ ساڻس همدرد ۽ سچي محبت ڪندڙ ڪردارن جو احساس نه رهيو،هڪ موقعي پرست عورت جڏهن کيس ڏکين حالتن ۾ اڪيلو ڇڏي هلي وئي تڏهن سجاڳ ٿيو ،پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي.هتي بانو وفادار عورت شمع ٻاريندي شب پنهنجي مينڌري احمد خاطر مري چڪي هئي.ثميره ڪم ظرف ۽ سطحي ڪردارن ۽ سچي محبت ڪندڙڪردارن کي هن ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيو آهي.
پروس ٿيم پراڻ : هن ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار فوزيه آهي، مسعود، افتخار ۽ جمال سندس چاهيندڙ آهن، جمال سان سندس چاهت شادي تائين پهتي پر ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ وفات ڪري ويو. افتخار موقعي جو فائدو وٺي ساڻس شادي ڪئي پر هوءَ مَن ۾ جمال کي وهاري ويٺي هئي. افتخار جي گهر اچڻ بعد سندس ننڍي ڀاءُ مسعود ۾ کيس جمال نظر آيو، پر پوءِ به هوءَ جمال کي اندر مان نه ڪڍي سگهي. دل جي دوري سبب وفات ڪري وئي. فوزيه هڪ اهڙو ڪردار آهي جنهن هڪ ئي ڀيرو سچي محبت ڪئي،ڪنهن ٻئي جي نه ٿي سگھي مسعود جي صورت ۽ مورت ۾ کيس جمال جو عڪس محسوس ٿيو،پرهوءَ جمال سان محبت جي مضبوط رشتي ۾ ٻڌل رهي. ڪنهن ٻئي انسان سان اهڙو رشتو جڙي نه سگھيو، سندس ساهه جو سڳو ڄڻ ڪنهن ٻئي جي هٿ هو.ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار جي پنهنجي پريتم سان آخري دم تائين وفا واري عمل کي پيش ڪيو ويو آهي.
ٿوهَر : هن ڪهاڻيءَ ۾ ثميره عورت جي ان ڪردار کي پيش ڪيو آهي جنهن ڪردار سبب گهر يا سماج دوزخ بڻجي ويندو آهي. سندس ڪردار ٿوهر جهڙو ئي هوندو آهي، جنهن ۾ صرف زهر ۽ ڪنڊا ئي آهن. فضلُو هن ڪهاڻيءَ جو اهڙو ڪردار آهي جيڪو سعادت مند ابي امان جي خدمت ڪندڙ آهي، سندن گهر خوشين سان ڀريل آهي پر جڏهن خيران گهر ۾ آئي ته خوشيون تيز هوا جي جهوٽي تي اڏامندڙ سڪل پن جيان هن جي گهر مان هليون ويون. سَس سُهري سان جهيڙو، فضلوءَ جي ڀيڻ شهزاديءَ سان جهيڙو، مڙس سان ڳالهه ڳالهه تي جهيڙو، پاڙي اوڙي ۾ هر ڪنهن سان جهيڙو فضلُو جا جذبات ايترا ڀڙڪيا جو سوچڻ لڳو. ”جيڪر ڏاڏو آدم ملي ته چوانس ڇا ههڙي عورت لاءِ تو رب کي پنهنجي پاسريءَ جو گوشت ڪڍي ڏنو هئو؟ تون ته بهشت ۾ وندر لاءِ ساٿي گهريو پر مون کي ته هن عورت دنيا ۾ ئي دوزخ جو مزو چکائي ڇڏيو آهي.“ (زرين 106: 1980ع)
هڪ عورت ٻيءَ عورت جي ڪردار ۽ عمل جو نهايت گهرائي سان جائزو وٺي ٿي، خيران هڪ اهڙو شِرُ ۽ شيطانيت سان ڀريل ڪردار آهي جيڪو وسنديءَ کي ويرانيءَ ۾ تبديل ڪري ٿو، فضلُو هڪ نِرتِڪيءَ جي پويان گهر ڇڏي هليو ويو وري نه آيو.ڪهاڻيءَ ۾ خيران جي ڪردار ذريعي هڪ اهڙي عورت جي عڪاسي ڪئي وئي آهي جيڪا گھٽ سمجھه ،ضد ۽ انا جي ڪري پنهنجي زندگيءَ جو سک به برباد ڪري ٿي ته ٻين جو به.
مومل جو ڏهاڳ : هن ڪهاڻيءَ جا اهم ڪردار غزاله، سهيل، قريشي صاحب ۽ عارفه جا آهن. اهي مٿئين طبقي جا ڪردار آهن، سوچون، خيال ۽ مستقبل لاءِ وڏيون خواهشون، قريشي صاحب ڌيءَ جي رشتي لاءِ ڪنهن وڏي جاگيردار ۽ ڪمائي واري بالا عملدار جي تلاش ۾ آهي. سهيل جهڙي سي ايس ايس آفيسر سان به ڏيتي ليتي ۽ پنهنجا ايترا مطالبا رکيائين جو هن وڃي عارفه سان شادي ڪئي. ان بعد درا جو رشتو آيو پر اهو به ٺڪرايو ويو، غزاله جي سونهن کي ڪيش ڪرائڻ لاءِ واپار هليو، پر مائٽن يعني قريشي گهڻي نفعي جي چڪر ۾ غزاله جي بازار ۾ قيمت ڪرائي ويهي ٿو. غزاله بيمار ٿي پئي، سندس سونهن وڃڻ لڳي، هيءُ ڪهاڻي دولتمند بيمار ذهنيت، ڪردارن جي نفسيات، ڪنجوسي ۽ ڌارين جي غلط روايتن کي ظاهر ڪري ٿي.
پلئه پايو ڪچ : ڪهاڻي اهڙن ڪردارن جي آهي جيڪي ظاهري سونهن بجاءِ اندر جي سونهن جا قائل بڻجن ٿا، زمرد رنگ جي بلڪل ڪاري آهي، جنهن ڪري سندس رشتو نٿو ٿئي ٻه ٽي دفعا ڳالهه نڪاح تائين پهچندي رڪجي ويئي، نياڻيءَ سان گڏ سندس مائٽ به لوڪ جي مهڻن ۽ طعنن جي حوالي. نيٺ کيس اهڙي گهر جو رشتو مليو جتي ظاهري سونهن بجاءِ اندر جي سونهن درڪار هئي، فضلو ۽ سندس پيءُ زماني جون حقيقتون ڏسيو محسوس ڪيو ويٺا هئا. زمرد کي اتي اها محبت ۽ مانُ مليو جنهن جو کيس گُمان به نه هو. ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار فطري بناوت، رنگ جي ڪاري يا ڪوجهي شڪل سبب ڪيئن ۽ ڪهڙي ڪَرب ۽ تڪليف مان گذرن ٿا ماهرانه انداز ۾ حقيقت کي پيش ڪيو ويو.
رمندا بادل : هن ڪهاڻيءَ جو ماحول ۽ ڪردار مٿئين طبقي جا اهي فرد آهن، جيڪي ڪلبن ۽ جيمخانن ۾ روز عياشيون ڪرڻ اچن ٿا، اتي هڪ ٻئي کي ويجهو اچڻ، پر پوز ڪرڻ، دوستيون ۽ ٻيا تعلقات قائم ٿين ٿا. رضوان ۽ جاويد ٻه اهڙا نوجوان جيڪي متلاشي نگاهن ذريعي خوبصورت چهرن جي ويجهو وڃي پهچن ٿا. ميجر جي ڀائٽي ناز ڪلب ۾ نئين آئي هئي، جاويد ڪوشش ڪئي ساڻس ويجهو ٿيڻ جي پر هوءَ اڳ ئي ميجر جي هڪ بيمار پٽ سان منڱيل هئي، ساڳئي موضوع تي نسيم کرل جي ڪهاڻي ”گٽس “پڻ آهي . اميراڻو ماحول، عشق ۽ عيش عشرت جون ڳالهيون، گهرو مسئلا ۽ معاملا هن ڪهاڻيءَ ۾ پيش ڪيا ويا آهن. هڪ ٻئي جي دولت، عهدي ۽ حيثيت مطابق رشتن جي جوڙ توڙ ٿئي ٿي، تعلق جڙن ٿا ۽ ٽُٽن ٿا.
نِم جي ڇانوَ ۽ سرنهن جي خوشبو : هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار ۽ ماحول ثميره جي ٻين ڪهاڻين جي تسلسل ۾ آهي، گهر جو ماحول خوبصورت فرزانه ان کي چاهيندڙ، عامر، اشفاق ۽ حامد آهن. عورتن جي مختلف ڪيفيتن ۽ رشتن جي جڙڻ ۽ ٽٽڻ جي حوالي سان ڪهاڻيءَ ۾ ڊگهو بحث ڪيو ويو آهي، فطرت جا حسين نظارا آهن. ڪردارن جون پنهنجي نفسيات ۽ ذهني لاڙي مطابق پنهنجي پسند ۽ ناپسند کي پيش ڪيو ويو آهي. محبت جا نفيس احساس ۽ روماني خيال به ڪهاڻيءَ جو حصو آهن.
گيت اُڃايل مورَن جا : هيءَ ڪهاڻي ”ڪونج“ مخزن بمبئيءَ جي چونڊ ڪهاڻين واري خاص پرچي ”کنڊهر“ ۾ شايع ٿي چڪي هئي ۽ هن ڪتاب جي موضوع واري مُک ۽ منفرد نوعيت جي ڪهاڻي آهي، ڪهاڻيءَ جا ڪردار بازيد، فريال ۽ فريده اهم آهن. فريال ٻنهي جي ڌيءَ آهي. بازيد ۽ فريده وچ ۾ تلخي ٿيڻ بعد طلاق ٿيڻ سبب ننڍپڻ ۾ فريال ماءُ سان هلي وئي، ثميره پيءُ ۽ ڌي جي لڪ ڇپ ۾ ملاقاتين، هڪ ٻئي کي سوکڙين ۽ تحفن ڏيڻ ۽ وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو ۾ ڪٿي به اهو ظاهر ٿيڻ نه ڏنو آهي ته هي ٻئي ڪي پيءُ ۽ ڌيءُ آهي، هر ڪو ٻنهيءَ کي دوست سمجي ٿو. حقيقي زندگيءَ ۾ ائين اهڙا واقعا نه ٿا ٿين پر نوجوان ڌيءَ پيءُ جو اهڙو رويو گهٽ رهندو آهي. ماءُ سان گڏ رهڻ دوران ماءُ ٻار تي حاوي رهندي آهي، پيءُ جي لاءِ اهي حقيقتون سندن اڳيان رکندي آهي، جو ٻار خوبخود پيءُ کان نفرت ڪرڻ لڳي، هتي ڪردار ائين پيش ڪيا ويا آهن. ڄڻ هڪ ٻئي جا عاشق ۽ معشوق هجن، هي راز پڙهندڙ تي به آ خر ۾ ظاهر ٿئي ٿو جو هڪ پارٽي ۾ هي جملا ٻڌڻ لاءِ مليا، ”پريان مسز رزاق ڪنهن واقف ڪار کي چئي رهي هئي، اڙي هو مسٽر بازيد آهي نه فريال جو فرينڊ ڪٿي، هو ته سندس پيءُ آهي باءِ گاڊ جنهن خيالي اختلافن ڪري فريده کي طلاق ڏني هئي.“ (زرين 232/ 1980ع) (7)ڪهاڻيءَ ۾ آيل واقعو، احساس ۽ ڪردارن جو انداز غير فطري لڳن ٿا، پيءُ جي محبت ۽ شفقت کي هڪ عاشق واري رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
سوري سزا وار: هن ڪهاڻيءَ ۾ پڻ گهريلو مسئلا ۽ شاديءَ جو معاملو پيش ڪيل آهي. فرزانه کان پيءُ سندس مرضي پڇي ته هوءَ عامر سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي يا نه، عامر سان سندس هونئن ته بي تڪلفي آهي، پر نظرياتي يا فڪري اختلاف موجود آهي. هو عورت کي استعمال جي شيءِ سمجهي ٿو، ۽ هيءَ عورت جي عظمت مڃائڻ چاهي ٿي. عامر کيس چاهي ٿو، شاديءَ جو پيغام به موڪلي ٿو ، پر هوءَ ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. ماءُ بيمار اٿس ڪوئٽه ٽي بي سينٽوريم ۾ داخل آهي، سندس والدين پيار جو پرڻو ڪيو هو ، هو پر ڪجهه ئي عرصي بعد پيءُ هڪ عيسائي عورت کي وٺي آيو، سندس سامهون هي سمورا واقعا ۽ احساس ڦري اچن ٿا، نيٺ هوءَ سوچي پنهنجي پُڦيءَ کي عامر سان شاديءَ کان جواب ڏئي ٿي، جيڪو سڀني لاءِ غير متوقع هو، ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار فرزانه حقيقتن کي غور سان محسوس ڪندي پنهنجي باري ۾ فيصلو ٻڌائيندي ڄڻ سوريءَ سزا وار ٿي. سلجهيل ۽ سنجيده عورت جو ڪردار آهي جيڪا پنهنجي ذاتي زندگيءَ جو فيصلو پاڻ ٻڌائي ٿي. حالتن سان مصلحت نٿي ڪري، هن مجموعي جون سموريون ڪهاڻيون سنڌي سماج ۾ عورتن جي ڪردارن ۽ سندس نفسياتي لاڙن، رشتن ۽ محبت جي احساسن بابت آهن. گهڻي ڀاڱي مٿئين طبقي جون عورتون آهن، محبتون، منجهيل معاملا، گهرو مسئلا آهن. ثميره فطرت جي حسين منظر نگاري به پيش ڪئي آهي، سڀ عام ڪردار آهن، تشبيهن ۾ نواڻ آڻي ٿي، پر ڪي تشبيهون غير منطقي به لڳن ٿيون، جيئن ”ڀاڻس ٻانگي ڪُڪُڙ وانگر ڪَڙڪ آواز ۾ کيس چيو شرم ڪر بيحيا..!“ (زرين 94/ 1980ع) ”هو يقيناََ کيس پنهنجي پيار سان موڙي سگهندو ائين جيئن باهه جي توَ تي شيشي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق موڙي سگهبو آهي!“ (زرين 239/ 1980ع) اهڙين تشبيهن مان گهٽ مشاهدي جو شڪ پيدا ٿئي ٿو، هڪ اڌ ڪهاڻيءَ کان سواءِ سموريون ڪهاڻيون خوبصورت عورتن ۽ حسين نظارن جون آهن. هيٺ وڌيڪ ڪجهه ڪهاڻين جو مطالعو سندس ڪتاب ”روشن ڇانورو“ مان ڏجي ٿو.
روشن ڇانورو مجموعو 1989ع ۾ ناري پبليڪيشن حيدرآباد طرفان شايع ٿيو، هن مجموعي ۾ ڪهاڻين جا سڀ موضوع عورتن جي ڪردارن سان واسطو رکن ٿا. عام سماجي مسئلا آهن، خير النساءِ جعفري مهاڳ ۾ لکي ٿي ”اڄ سندس ڪهاڻي پڙهندي پل وڌندڙ وقت جو پتو پئي نه پئي، پر پوئين وقت جي پوري سچائيءَ جو ساءُ ضرور اچي ٿو، هن جيڪو لکيو جيترو سچ لکيو.“ (جعفري 1989:7) (10)سچائي ۽ حقيقتن جو عنصر هر جديد ادبي تحرير تي غالب هوندو آهي، ثميره جي ڪهاڻين مان وڌيڪ مطالعي جي روشنيءَ ۾ نتيجو ملي سگهندو.
هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي ٽئگور جي آهي، جيڪا ثميره ترجمو ڪئي آهي، ڪهاڻيءَ جو عنوان “دروازو” آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ عورت جي ڪردار جي ٻن رخن کي پيش ڪيو ويو. همدردي، محبت، پنهنجائپ ۽ احساس، ٻيو رخ بي حسي، نفرت، غير ذميوارانه رويو، ڪاوڙ ۽ ڪروڌ. حبيب کي پٽ ڪري پاليندڙ مريم محبت، وفا ۽ سچائيءَ جو مجسمو آهي، جڏهن ته سندس زال زليخا جي محبت ۽ سِڪ جي لاءِ هو آخر تائين دروازي ۾ اکيون کُپايو ويٺو هو، نفرت، بي حسي ۽ غير ذميواري جهڙن اوڳڻن سان ڀريل هئي. حبيب مري ويو پر هوءَ نه وري، ڪهاڻي عورت جي جتي وفا ۽ هاڪاري پاسي کي ظاهر ڪيو آهي اتي ناڪاري ڪردار پڻ واضح آهن، ترجمو آهي پر مقامي ماحول جا عڪس پڻ منجهس آهن.
تنهائي : هن مجموعي جي ٻي ڪهاڻي آهي. رفعت ۽ خالد جا اهم ڪردار آهن، مشڪل سان ٻه هم خيال جيون ساٿي مليا، مگر فطرت کين جدا ڪري ڇڏيو، رفعت ٽائيفائيڊ بخار ۾ لاڏاڻو ڪيو. خالد لاءِ وري ساڳي تنهائي. هڪٻئي کي سمجھندڙ ڪردار گهڻي تلاش کان پوءِ گڏيا ،ٻنهي جي تنهائي دور ٿي، مگر ٿوري وقت لاءِ. ڪردارن جي هڪ ٻئي کي ڳولا ڪڏهن عارضي ثابت ٿئي ٿي ۽ هم خيال کان سواءِ دنيا ۾ تنهائي جو احساس وڌندو رهي ٿو. اهڙو ويچار ۽ ڪردار هن ڪهاڻي ۾ آهي.
ساز حيات : هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ اهڙي محبوب ڇوڪريءَ جو ڪردار آهي جيڪا پنهنجي محبت جو اظهار نه ڪري سگهي.جنهن اظهار ڪيو ان پنهنجي پريتم کي ماڻيو، حاصل ۽ لا حاصل احساسن کي روبي ۽ رضيه، سعد ۽ ارشد جي ڪردارن ذريعي پيش ڪيو ويو آهي.
خواب : ڪهاڻيءَ ڪردار جو خواب ئي رهي ٿي، خواب ساڀيان نه ٿيو، فرح پنهنجي ڪاليج جي اڳواڻ شاگرد اختر کي چاهيو، پر اختر سان زندگيءَ وفا نه ڪئي، ڪاليج جي شاگردن جي حقن لاءِ جلوس جي اڳواڻي ڪندي ماريو ويو. رياستي ادارن جي ڏاڍائي عام انسانن جي خوابن کي ساڀيا ٿيڻ نٿي ڏئي.
زندگيءَ جي بازي : هن ڪهاڻيءَ جا ڪردار سنڌ جي لوڪ داستانن عمر مارئي تي بحث ڪندي، سندن عظمت بيان ڪن ٿا، سندن تاريخي ۽ سماجي شعور چٽو ٿئي ٿو. ڪهاڻيءَ جو اصل مقصد ۽ موضوع ڪردارن جو شعور ۽ دلين ۾ لڪل محبت آهي، جنهن کي هو ڪڏهن به اظهاري نه سگهيا. افتخار خورشيد جي هر ادا کان متاثر هو خاص ڪري سندس علمي ادبي ۽ تاريخي شعور کان جنهن کي پاڻ هنن لفظن ۾ ظاهر ڪري ٿو“ هوءَ شاهه ڀٽائيءَ کان وٺي مغرب جي وڏن وڏن شاعرن تي گفتگو ڪندي هئي، ضرورت وقت لذيذ کاڌو به تيار ڪندي هئي، هن ۾ ڪيتريون نه خوبيون هيون.” (زرين 68/ 1989ع)
همسفر پاران اظهار نه ڪرڻ سبب هن جي شادي ڪنهن عام گهٽ پڙهيل سان ٿي وڃي ٿي ۽ افتخار زندگيءَ جي بازي هارائي ويٺو، شعوري طور هڪ ٻئي کي قبول ڪندڙ ڪردار، زندگيءَ جا همسفر نه بڻجي سگهيا. زندگيءَ ۾ ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي، خانداني ريتن، رسمن ۽ ٻين سببن ڪري پڙهيل ڇوڪرين جا رشتا اڻ پڙهيلن سان ٿي ويندا آهن.
پاڇو: هن ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار هڪ مظلوم، پورهيت، گهريلو عورت ”خاتون“ نالي سان آهي. غربت ۽ اڻهوند سبب بيماريءَ ۾ ڀوڳي ٿي، اسر ويل روزي لاءِ اٿي تياري ڪري ٿي، پر زندگيءَ جا پل پورا ٿيا، سڀ ڪجهه ڇڏي هلي وئي. فئٽسي وارو عنصر به آهي، چنڊ مختلف منظر ڏسي ڳالهائي ٿو، ٽن مهينن بعد سندس مڙس عثمان نياڻين جيڏي ڇوڪريءَ جو پاڻ لاءِ رشتو گهري ٿو. خاتون ڄڻ هڪ پاڇو هئي جيڪو اونداهه ۾ گم ٿي ويو، مظلوم غريب مرد توڙي عورت بيمارين ۾ چيچلائي زندگيءَ جي اونداهه ۾ پاڇي جيان گم ٿيو وڃن.
جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا : ثميره جي اڪثر ڪهاڻين ۾ يڪسانيت آهي، خاص ڪري موت جي حوالي سان يا ته کيس اهڙن ئي ڪردارن متاثر ڪيو جيڪي مري رهيا هئا يا مري ويا هئا. ڪردارن کي موت جي انجام تي پڄائي سوڳ جو ماحول قائم ڪيو وڃي ٿو. هن ڪهاڻي ۾ به ياسمين جي موت کان پوءِ شفيق اڪيلو ٿي ويو. زندگيءَ کي ڄڻ جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا هئي جا گذري ويا.
بيشرم ڪير : زبيده ۽ ساجده اسلم جو ٻه گهرواريون آهن، اسلم صرف ساجده کي خرچ وغيره ڏئي ٿو گڏ رهائي ٿو، زبيده کي نظر انداز ڪري ٿو، جڏهن هوءَ سلائي ذريعي پورهيو ڪري زندگيءَ جو گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته اسلم کيس روڪي ٿو ته شرم ڪر، منهنجي عزت ٿي وڃائين، ڪردار جي سطحيت ۽ کوکلائپ ظاهر ٿئي ٿي. ڪهاڻيڪارا سوال اٿاري ٿي ته بيشرم ڪير آهي، بيشرم سماج جي سامهون آهي.
لُڙڪ ۽ مُرڪ : لُڙڪ ۽ مُرڪ ڪهاڻيءَ جو موضوع جنس جو فرق آهي، ڏيکاريو ويو آهي ته ڇهن پٽن ۽ ٻن نياڻن جي اولاد وچ ۾ امير گهراڻو هجڻ باوجود نياڻين کي نظر انداز ڪيو ويو ايتري تائين جو بيماريءَ ۾ نياڻيءَ جي علاج لاءِ خرچ کي فضول سمجهن ٿا، نياڻي بيماريءَ ۾ تڙپندي موت جي حوالي ٿي وئي. سڌريل دنيا ۾ هاڻي جنس جو فرق ناهي رهيو، پر هتي اڃان به عورت کي سندس جائز حق نٿو ملي.
ساريان ڪو نه سکوءِ : هيءَ ڪهاڻي فني طور ڪمزور لڳي ٿي، زندگيءَ جي حقيقت ۽ ڪنهن هڪ اثر کي ڀرپور انداز ۾ ظاهر ڪرڻ بجاءِ مسلسل موت ئي موت ۽ ڏک ئي ڏک آهي، هڪ ڪردار جي موت بعدٻيو سهارو، ٻئي جي موت تي ٽيون ۽ آخر ۾ اهو به موت جي منهن ۾ وڏيري جي ٻن شادين مان هڪ اولاد جا ڪردار هن ڪهاڻيءَ جو مرڪز آهن، زميندار جي فوت ٿيڻ ڪري نوجوان تي ذميواريون اچن ٿيون، ماءُ فوت ٿيو وڃيس، ان بعد سندس چاهت نوري به فوت ٿيو وڃي، ڪردار جي حقيقي حيثيت لاءِ ثميره جو ذهن واضح نظر نٿو اچي، نوجوان زميندار آهي، هارين جا سڄي رات حساب به ڪري ٿو، بندوق ۽ ڪارتوس کڻي زمينن تي گهمي ٿو، پرڪاليج پراڻي سائيڪل تي وڃي ٿو ۽ ڪاليج جي فيس لاءِ پريشان آهي، ماءُ جي علاج لاءِ قرض کڻي آمريڪا جي ڊاڪٽرن وٽان علاج ڪرايائين پر پوءِ به مري وئي، مٿان وري ڳوٺ جي حسين ۽ شوخ طبيعت نوري ان جي به جڏهن هن تي نظر پئي ته اها به مٿس موهت ٿي پوي ٿي. ڪهاڻيءَ جا واقعا غير فطري ۽ ڪردارن تي زوريءَ ٿاڦيل نظر اچن ٿا. ڪردارن کي ڏکن جي گهاڻي ۾ پيڙائي آخر مارائي ڇڏي ٿي، ڏوهه سڄو سماج جو آهي، اهڙن غير فطري واقعن سبب ڪردار پنهنجي مفهوم کان هٽيل نظر اچن ٿا. سماجي ۽ ادبي اصولن کان ڪردار پري آهي.
ڪنول : هن ڪهاڻيءَ جو موضوع ۽ ڪردار به ثميره جي روايتي ڪهاڻين جيان ڏکن جي پيڙا جا ماريل آهن، شروعات ئي هن طرح ٿئي ٿي“اڄ ڏکن وري ڪر موڙيا، دل ۾ جيڪو زخم وقت جــي مــرهم سان مٽجي ويو هو سو وري تازو ٿيو. ”(زرين 140/1989ع) ڪردار جي باري ۾ اها خبر نٿي پوي ته ڪهڙي سبب هو اڳ ئي ڏکن ۾ ورتل آهي، درد ۽ تڪليف ڀوڳي رهيو هو. ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيڻ بعد نزهت سان اک اڙڻ کان پوءِ دنيا جا درد وري کيس گهيري وڃن ٿا، نزهت جي ڪنهن ٻئي سان شادي ٿي وئي ۽ درد جو طوفان ڪردار کي ڳهي وڃي ٿو، يا ته ثميره چونڊي دردن جي ماريل ۽ سودائي ڪردارن کي آڻي ٿي، يا پنهنجي ڪنهن درد کي هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪردار جي ذريعي پيش ڪري ٿي. مرد جو حقيقي دنيا ۾ عورت جي چڪر ۾ ايترو پاڻ کي محرومين ۽ پيڙائن جي ور چاڙهي ڇڏڻ غير حقيقي لڳي ٿو.
پتنگ چائين پاڻ کي: ڪهاڻيءَ جو عنوان ته وڏو آهي، پر موضوع ساڳيو روايتي آهي. اهم ڪردار پروفيسر سعيد، ڊاڪٽر پرويز ۽ فوزيه آهن، ٽيئي ڏکن جا ماريل. ثميره جي ٻين ڪهاڻين جي ڪردارن جيان دل جي ڳالهه هڪ ٻئي کي اظهاري نٿا سگهن. پرويز ۽ فوزي هڪ ٻئي کي چاهين ٿا پر اچانڪ فوزيا جي شادي ڪنهن ٻئي هنڌ ٿي ويئي. پرويز پتنگ جيان پچندي رهجي وڃي ٿو. هن ڪهاڻيءَ جي ڪردارن ۾ روايتي ڪيفيتن کي پيش ڪيو ويو آهي.
ڇانوَ: هن ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار نوري آهي، جيڪا دردن جي ماريل آهي، ڏير سان پاڻ شادي نه ڪيائين، ڀائٽيي رمضان وٽ سهاري لاءِ آئي پر ان به هڪ مينهن عيوض کيس وڪڻي ڇڏيو. دردن ۾ چڙي چڙي مري ويئي. ڪردارن مٿان موت جو پاڇو بيٺل آهي، جيڪي هڪٻئي پٺيان مرندا، پوئتي ٻين لاءِ دردن ۽ پيڙائن جا انبار ڇڏي وڃن ٿا.
صبح ڪٿي آهي:هن ڪهاڻيءَ جو ڪردار انور غربت واري ماحول مان ماءُ ۽ ڀيڻ جي سهاري سان پڙهي اڳتي وڌي ٿو، پر آفيسر ٿيڻ بعد ٻنهي کي گهران ڪڍي بي حس بڻجي زال سان رهڻ لڳي ٿو. ثميره هڪ طرف ڪهاڻيءَ ۾ ڪردار کي ايترو غير ذميوار ۽ بي حس ظاهر ڪيو آهي ٻئي طرف لکي ٿي“انور پارٽيءَ ۾ مشغوليت جي ڪري ماءُ کي عيد مبارڪ ڏيڻ جي لاءِ به نه اچي سگهيو هو. ورنه ته هو اهڙو ٿو رو ئي هو.” (زرين 195 1989ع) (13)ڪردار بابت پڙهندڙ جو ذهن واضح ٿي وڃي ٿو ته هو جيڪو ماءُ ۽ ڀيڻ کي ڌڪاري چڪو آهي، ان کان وڌيڪ سندس بي حسيءَ جي ڪهڙي ثابتي کپي، پاڻ شايد ڪردار بابت ڪو فيصلو نه ڪري سگهي آهي.
وڃايل واٽ:هن ڪهاڻيءَ جو اهم ڪردار، دارا ۽ مونا آهن، دارا زندگيءَ ۾ جيڪا سڃاڻپ پيدا ڪئي، نيٺ ان تي کيس پشيمان ٿيڻو پيو، عورتن سان دوستيون، صحبتون ڪرڻ ، سدائين دوستيون تبديل ڪرڻ، نيٺ مونا سان سندس سچي محبت ٿي پر ان کيس ڌڪاري ڇڏيو.
ٻه رستا هڪ منزل: هن ڪهاڻيءَ جي اهم ڪردار ياسمين آهي، جيڪا مصوري ۽ ادب ۾ چاهه رکي ٿي، ٽي هزار ايڪڙ جي مالڪ زميندار حامد سان شاديءَ کان انڪار صرف ان ڪري ڪري ٿي جو اُن کي مصوري ۽ ڪتابن سان چاهه ناهي،حامد شادي تي هلڻ جو ڪوڙو ناٽڪ ڪري ياسمين ۽ سندس ڀيڻ کي گاڏي تيز هلائي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪري ٿو پر اچانڪ گاڏي بيهاري ياسمين کي حقيقت ٻڌائي ٿو ته جيڪڏهن زندگي توسان گڏ نٿي گذري ته موت ته تو سان ٿئي، پر ان ڪري گاڏي بيهاري اٿم ته متان ايڪسيڊنٽ ۾ تون مري وڃين ۽ مان بچي وڃان. ايتروشديد رد عمل حامد جي طرفان آهي، هوڏانهن ڪهاڻيءَ ۾ کيس پنهنجي هارين کان به گهٽ عقل وارو ڪورو ڄٽ ظاهر ڪيو ويو، عجب ۾ وجهندڙ حالتون ۽ غير فطري ماحول ۽ ڪردار ڪهاڻيءَ ۾ نظر اچن ٿا.
ثميره جي هر ڪهاڻيءَ جو موضوع ۽ ڪردار عورت آهي، اها مختلف طبقن جي غريب، امير ۽ اڪثريت اميرگهراڻن سندس عشق ۽ ساڻس عشق گهريلو مسئلا، سماجي اڻ برابري۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي موضوع آهن. جيڪي سندس ڪهاڻين ۾ موجود آهن، اڪثر موت سندس ڪردارن تي ڇانيل آهي، نيٺ دردن ۾ پيڙي پيڙي ڪردارن کي ختم ڪري ڇڏي ٿي.








حوالا:

1. جوڻيجو، عبدالقادر ،(2010ع ڇاپو ٻيو) شڪليون، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، ص34
2. زرين، ثميره “گيت اڃايل مورن جا ” (1980ع)،ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد،ص 7.
3. ساڳيو :ص 7
4. زرين ، ثميره مهراڻ جون ڇوليون،پاڪستان پبليڪيشن.
5. آغاسليم،گيت اڃايل مورن جا،(پيش لفظ)ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
6. زرين، ثميره گيت اڃايل مورن جا،(ڪهاڻي ٿوهر ) ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
7. زرين، ثميره (1980ع)گيت اڃايل مورن جا،ملير ادبي اڪيڊمي حيدرآباد
8. ساڳيو :ص 94
9. ساڳيو :ص 239
10. جعفري ،خيرالنساء (1989ع) روشن ڇانورو ،ناري پبليڪيشن حيدرآباد
11. زرين ثميره ،(1989ع) روشن ڇانورو، ناري پبليڪيشن حيدرآباد
12. ساڳيو :ص 140
13. ساڳيو : ص195
1123 ڀيرا پڙهيو ويو