شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اترادي لهجي جو اڀياس
(A Study of Upper Northern Sindhi Dialect in the Poetry of shah Latif)

ڊاڪٽر احسان دانش
Abstract:

Dialects of Sindhi language are attributed and named according to their geographic boundaries. Dialect of Sindhi language spoken in a particular area possesses its own importance. In the accent of every region, there exist elements of peculiarity in terms of pronunciation, and articulation; this lends beauty and color to every word and literary term of that particular accent.
On the language that Shah Lateef has chosen, scholar opinions vary. Some call it Laari (dialect typical to lower part of Sindh) and some take it as of Wicholo (dialect of central sindh). In fact, the language of Shah is extremely rich and multi-facet. Shah Lateef adopted every accent of spoken Sindhi inside and outside of Sindh, and awarded it a pertinent place in his poetry. Therefore, Shah cannot be limited as a poet of a particular accent/dialect. This is because; he spent many years travelling around nooks and corners of Sindh, and was impressed by culture and language of every territory. In the Upper Sindh, he went to Khairpur, Sukkur, Rohri, Ghotki, Larkana, Shikarpur and other districts. There are monuments, still, after his name.
Our focal point of study, in this paper, is Utradi dialect.

سنڌي ٻولي دنيا جي قديم زبانن مان هڪ آهي. هيءَ ٻولي ننڍي کنڊ جي اهم ٻولين ۾ ڳڻي وڃي ٿي. تهذيبي لحاظ کان هن ٻوليءَ جون پاڙون سنڌو ماٿر جي عظيم سڀيتا ۾ کتل آهن. سنڌن ٻوليءَ جون جاگرافيائي حدون جانچڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هيءَ موجوده سنڌ صوبي کان علاوه پاڪستان جي ٻين صوبن جهڙوڪ بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن توڙي پاڙيسري ملڪ هندوستان جي سرحدي علائقن تائين ڦهليل آهي. ڪاڪي ڀيرو مل مطابق ”سنڌي ٻولي قديم وڏيءَ سنڌ جي ٻولي آهي، جنهن جون حدون ڪشمير کان وٺي گجرات جي شهر سورت تائين هيون، جنهن ڪري پنجاب جو ڳچ ڀاڱو، راجپوتانا، سڄو ڪڇ علائقو ۽ ڪاٺياواڙ جو اتر وارو ڀاڱو سنڌ ۾ اچي ٿي ويا. هوڏانهن افغانستان ۽ بلوچستان جا ڪي پاسا، لس ٻيلي ۽ مڪران سميت سنڌ جي حڪومت هيٺ هئا. انهن سڀني هنڌن اسان جي سنڌي ماڻهن راڄ ٿي ڪيو، جنهن ڪري سنڌي ٻولي جو انهن پاسن ڏي چالو آهي.“ (1)
پروفيسر علي نواز حاجن جتوئيءَ پنهنجي ڪتاب ”علم لسان ۽ سنڌي زبان“ ۾ رابرٽ اي. هل (Robert A. Hill) جي ڪتاب (Introductory Linguistics) جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”هر زبان جو هڪ ملڪ ٿيندو آهي، جنهن جي گھٽ يا وڌ ايراضي ٿيندي آهي. انهيءَ ايراضيءَ اندر هڪ ئي زبان جا مختلف محاورا جدا جدا ڀاڱن ۾ موجود هوندا آهن، جن مان هر هڪ کي اتان جي ”مقامي ٻولي“ (Dialect) سڏبو آهي. باريڪ بينيءَ سان ڏٺو وڃي ته هر شخص جي ٻوليءَ جو طريقو بلڪل پنهنجو ۽ نرالو هوندو آهي، جنهن کي ذاتي زبان (Idiolect) چئي سگھجي ٿو. مگر اها آوازي، صرفي ۽ نحوي نگاهه کان ٻين جي ذاتي زبان کان نرالي نه هوندي آهي... سچ پچ ته زبان نه رڳو هڪ شخص کان ٻئي تائين بدلجي ٿي، پر هر طبقي کان ٻئي طبقي تائين ڦري ٿي.“ (2)
ان ڦير گھير جا ڪافي سبب آهن. لسانيات جي ماهرن ان تبديلي جا سبب ٻڌائيندي ٻوليءَ جون حدون متعين ڪيون آهن. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته ”ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي.“ جنهن مان پڻ اها ئي مراد آهي ته هڪ حد کان ٻي حد تائين ساڳي ٻوليءَ جي لهجي ۽ محاوري ۾ ڦيرو اچي ٿو. انهن حدن جو تعين ان طرح ڪري سگھجي ٿو ته جنهن حد يا علائقي تائين ٻولي پنهنجي لهجي ۾ بنا ڪنهن ڦير ڦار جي ساڳي آهي، تنهن کي هڪ لهجو يا محاورو مڃڻ کپي ۽ جنهن علائقي کان ٻوليءَ جي لهجي ۾ تبديلي محسوس ٿئي تنهن علائقي کان ٻوليءَ جو ٻيو محاورو سمجھڻ گھرجي. ائين ئي مختلف ٻولين جا الڳ الڳ محاورا هوندا آهن. هر ٻوليءَ جو هڪ معياري لهجو (Standard dialect) هوندو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ وچولي واري لهجي کي معياري لهجو سڏيو ويندو آهي. هنديءَ ۾ معياري ٻولي (Standard dialect) کي ڀاشا ۽ اهڙي ٻوليءَ جا محدود دائري ۾ رهندڙ عام ماڻهو ڳالهائين ٿا، جنهن کي وڀاشا/ لهجو (Dialect) چيو وڃي ٿو. ”وڀاشا جي حد، جاگرافي مقرر ڪري ٿي، پر ڀاشا جي حد سڀيتا، سنسڪرتي ۽ ڀاونائون مقرر ڪن ٿيون...... وڀاشا ۽ ڀاشا جو پاڻ ۾ گھرو سٻنڌ آهي، ڇاڪاڻ ته وڀاشا کي اڳتي هلي ڀاشا جو پد ملي ٿو.“ (3)
سنڌي ٻوليءَ جي لهجن کي سندن جاگرافيائي حدن مطابق طئي ڪيو ويو آهي ۽ انهيءَ لحاظ کان سندن نالا پڻ مقرر ڪيا ويا آهن. سنڌ جي اتر يا سِري واري علائقي ۾ جيڪو محاورو مروج آهي ان کي اترادي لهجو ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي طرح سنڌ جي جدا جدا طبعي ڀاڱن جهڙوڪ سنڌ جي لاڙ واري پاسي ڏي مروج لهجي کي جاگرافيائي حدبندين مطابق لاڙي لهجو، ڪوهستان ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي ڪوهستاني لهجو، ٿر ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي ٿري لهجو، سنڌ جي وچولي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي وچولي وارو لهجو، لس ٻيلي ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ کي لاسي لهجو سڏيو ويندو آهي. انهن مان سنڌي ٻوليءَ جي هر لهجي ۾ الڳ الڳ حسناڪيون موجود آهن ۽ اهڙو مطالعو نهايت دلچسپ آهي.
جارج گريئرسن، لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا جي جلد اٺين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معياري (وچولي)، سرائڪي (سري واري)، ٿاريلي (ٿر واري)، لاڙي، لاسي ۽ ڪاڇڪي محاورن جو مطالعو پيش ڪيو آهي. جڏهن ته ڪاڪي ڀيرو مل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا ڇهه لهجا ڏنا آهن، جن ۾ سريلي، وچولي، لاڙي، ٿريلي، ڪڇڪي ۽ لاسي شامل آهن. اهڙي طرح ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي لهجن کي اترادي (سريلي)، وچولي، لاڙي، ٿري، ڪوهستاني، ڪڇي ۽ لاسي ۾ ورهائي ٿو.
هن مقالي ۾ اسان جي مطالعي جو محور شاهه جي ڪلام ۾ موجود اترادي لهجو آهي، تنهن ڪري پهريان اترادي لهجي / محاوري بابت ڪجھه اهم ڳالهين تي روشني وجھڻ ضروري آهي. سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لهجي بابت ڪاڪو ڀيرو مل لکي ٿو ”سِرُ معنى مٿو ۽ سرو معنى مٿ يا مٿيون ڀاڱو، سنڌ جو اتر وارو پاسو. سنڌ توڙي سنڌو نديءَ جي وهڪ جو مٿيون ڀاڱو آهي. انهن ٻنهي سببن جي ڪري اهو سرو سڏجي ٿو. ٻوليءَ جي مطلب لاءِ ٿلهي ليکي چئبو ته خيرپور رياست کان وٺي ويندي اٻاوڙي تعلقي جي ڇيڙي تائين ۽ سيوهڻ دادو کان وٺي سڄو لاڙڪاڻو ضلعو توڙي شهدادڪوٽ ۽ جيڪب آباد وارو پاسو ڪشمور تعلقي جي ڇيڙي تائين ”سِرو“ آهي ۽ اتي جي ٻولي ”سِريلي“ سڏجي ٿي.“(4) جڏهن ته پروفيسر شيخ محمد فاضل پنهنجي ڪتاب ”ماٿيلي ــ اٻاوڙي جي ٻولي“ ۾ لکي ٿو ته ”لسانيات جي ڪن ماهرن اترادي محاوري کي ”سِريلي ٻولي“ سڏيو آهي، ڇوته اها ٻولي سنڌ جي ان طبعي ڀاڱي ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، جنهن کي سِرو“ ڪوٺجي ٿو. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين کڻي تسليم ڪجي پر سِري جي حدن کي اترادي محاوري جون سرحدون سمجھڻ ڪنهن به حالت ۾ درست نه آهي. ڪنهن به خطي جي ”طبعي جاگرافي“ ۽ ”لساني جاگرافي“ ۾ صد في صد مطابقت اتفاقي ته ٿي سگھي ٿي پر عمومي طور تي ائين نه آهي.“ (5) هن ڪاڪي ڀيرو مل جو مٿيون حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”ڀيرو مل جي راءِ کي ٿلهي ليکي ئي قبول ڪري سگھبو، ڇوته خيرپور ضلعي جِي اوڀر واري وسيع ايراضي توڙي روهڙي، ميرپور ماٿيلي ۽ اٻاوڙي تعلقن جي اڀرندي طرف واري پٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو سنئون سڌو ٿري محاورو ڳالهايو وڃي ٿو. ٻئي طرف جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي اولهندي پاسي بلوچستان جي شورڻ ۽ سبيءَ واري علائقي ۾ به اترادي محاورو رائج آهي. اٻاوڙي تعلقي جي اتر ۾ وري ماڇڪي جي ٻوليءَ جو گھڻو اثر آهي. اتان جي ٻوليءَ کي ”سرائڪي سنڌي“ ته سڏي سگھبو، پر ان کي اترادي ٻولي يا سريلي ٻوليءَ ۾ شمار ڪري نه سگھبو... ائين کڻي چئجي ته ”اترادي محاورو“ لاڙڪاڻي (قمبر شهدادڪوٽ)، شڪارپور، جيڪب آباد، سکر ۽ خيرپور ضلعن تي پکڙيل آهي. البته اهي ايراضيون جي بلوچستان، پنجاب ۽ هندوستان سان بلڪل متصل آهن، تن ۾ سندن قريبي علائقي وارين ٻولين جو اثر آهي، جنهن ڪري اتي ڳالهايل ٻولين کي نج اترادي محاورو سڏي نه سگھبو.“ (6) ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهيءَ پنهنجي ڪتاب ”سبيءَ جي ٻولي“ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي اترادي محاوري تي ٻين ٻولين جي اثر جي حوالي سان لکيو آهي ته ”اترادي محاوري تي سرائڪي، بروهي ۽ بلوچي زبانن جو اثر نظر اچي ٿو، ڇوته اهي ٻوليون ڳالهائڻ وارا ماڻهو هن علائقي ۾ ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ صدين کان اتي ئي رهائش پذير آهن.“ (7)
جاگرافيائي لحاظ کان سرو ۽ لاڙ سنڌ جا ٻه ڇيڙا آهن ۽ ٻنهي علائقن وچ ۾ هڪ وڏو فاصلو موجود آهي. اهڙي طرح ٻنهي علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن ۽ اچارن ۾ وڏي تبديلي نظر ايندي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ لکيو آهي ته ”سنڌ جي لاڙ ۽ سري جي ٻولين ۾ وڏو فرق آهي. ايتري قدر جو صدها، بلڪه هزارها لفظ لاڙ واري حصي جا اهڙا آهن، جي سِري جا ماڻهو بنهه سمجھي ڪين سگھندا آهن. اهڙيءَ طرح سري جي ٻوليءَ ۾ به ڪيئي اهڙا لفظ آهن، جي لاڙ جا ماڻهو مشڪل سمجھندا آهن. انهيءَ کان سواءِ ٿر ۽ ڍٽ جي ٻولي وچان ئي نرالي آهي. شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ ڏسجي ٿو ته سڀ ڪنهن قسم جي سنڌي ڪم آندل آهي، پر لاڙ جي سنڌي ڪجھه مڙئي سرس ورتايل آهي. جيتوڻيڪ لاڙ ۽ سري جي ٻوليءَ جا خاص خاص لفظ ڏاڍا وڻندڙ ۽ پيارا آهن، پر اهي پنهنجي حد ۾ ئي ڪم اچن ٿا، لاڙ جا لفظ سري ۾ ۽ سري جا لاڙ ۾ ڪم نه ٿا اچن. ڳالهائڻ توڙي لکڻ ۾.“ (8)
سنڌ جي هر خطي ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ جي لهجن جي پنهنجي پنهنجي اهميت آهي. هر علائقي جي لهجي، ڍار ۽ اچار ۾ فرق آهي ۽ هر محاروري ۾ پنهنجي حسناڪي موجود آهي. پروفيسر شيخ محمد فاضل اترادي لهجي جي اهميت اجاگر ڪندي لکي ٿو ته ”اترادي لهجي جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته هي لهجو لغت جي اعتبار کان وڌيڪ شاهوڪار ۽ گرامر جي قاعدن قانونن جي بيمثال پختگيءَ جو حامل آهي. هن لهجي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻين لهجن جي ڀيٽ ۾ نهايت قيمتي مواد موجود آهي، جنهن جي آڌار تي سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي تاريخ معلوم ڪرڻ جا گھڻائي موقعا ميسر ٿي سگھن ٿا.“ (9)
اترادي ٻوليءَ ۾ وڏو ادبي ذخيرو موجود آهي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ سان گڏ لوڪ شاعريءَ جو نهايت وڏو خزانو هن لهجي ۾ ملي ٿو. منصوري فڪر سان سلهاڙيل سنڌ جي سرمست شاعر حضرت سچل سرمست کان سواءِ سامي چيئن راءِ، قادر بخش بيدل، فقير محمد بيڪس، خوش خير محمد، روحل فقير، فقير تارڪ نجفي، وريل فقير ۽ ٻيا ڪيترا ئي شاعر جيڪي سنڌ جي اترادي حصي سان تعلق رکن ٿا، تن جي ڪلام ۾ اترادي لهجو غالب نظر اچي ٿو. ان حوالي سان ادب جي دفترن ۾ اترادي لهجي جو قديم ترين نمونو قاضي قادن (1443 ـــ 1551) جي ڪلام جي صورت ۾ موجود آهي، جنهن کي قدامت جي لحاظ کان سنڌ جو پهريون وڏو ڪلاسيڪل شاعر سمجھيو وڃي ٿو. ان کان علاوه جديد سنڌي شاعريءَ جي مهندار شاعر شيخ اياز کان علاوه ڪشنچند بيوس، هري دلگير، تنوير عباسي، تاجل بيوس، عبد الڪريم گدائي، عطا محمد حامي سان گڏ موجوده دور جي سوين سهڻن شاعرن جو تعلق به سنڌ جي اتر واري علائقي سان آهي، ۽ انهن جي ڪلام تي سنڌي ٻوليءَ جو اترادي لهجو حاوي آهي.
”شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا سنڌي ٻولي استعمال ڪئي آهي، ان کي ڪن عالمن لاڙي ته ڪن وچولي واري ٻولي ڪوٺيو آهي پر حقيقت ۾ اها نهايت ڪشادي ۽ گھڻ رخي آهي. ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ ۾ سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن ۾ استعمال ٿيندڙ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ، اچار ۽ لهجا موجود آهن. لطيف سائين پنهنجي سير سفر دوران سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر ڳالهائي ويندڙ سنڌيءَ جي هر لهجي کي اپنايو ۽ پنهنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏني.“ (10) لطيف سائينءَ سنڌ جي درياهي، سامونڊي، ٿر، ڪچي، ڪاڇي ۽ ٻين علائقن ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌي جي خاص اصطلاحن ۽ محاورن کي پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آهي. قرآن، حديث، رومي ۽ ڪبير جي شعرن جو تت ڪڍي پنهنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح سندس ڪلام تي عربي، فارسي ۽ هندي ٻولين ۽ ادبيات جو گھرو اثر موجود آهي، پر خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي الڳ الڳ لهجن کي هن پنهنجي ڪلام ۾ اهڙي ريت استعمال ڪيو آهي، جو سندس رسالو سنڌي ٻولي جي جدا جدا محاورن سان گڏجي هڪ حسين گلدستو بڻجي پيو آهي.
اسان جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي لهجن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سنڌ جي طبعي ڀاڱن ۾ ڪم ايندڙ ٻوليءَ ڏانهن ئي ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو. هتي اسان جو موضوع به اهو ئي آهي پر شاعراڻي اصطلاح ۾ لهجي مان مراد رڳو ڪنهن مخصوص طبعي ڀاڱي ۾ ڪتب ايندڙ ٻولي يا لهجو نه پر ڪنهن شاعر جو مخصوص اندازِ بيان آهي. ان حوالي سان امداد حسيني لکيو آهي ته ”شاعريءَ ۾ لهجي مان مراد اسٽائيل / اسلوب ورتي ويندي آهي. هر شاعر جو پنهنجو هڪ مخصوص لهجو، اسٽائيل يا اسلوب هوندو آهي ۽ ان مان ئي شاعر جي انفراديت جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ اسين شعر پڙهڻ، ٻڌڻ شرط پروڙي وٺندا آهيون ته اهو ڪنهن جو شعر آهي. لهجي جو تعين ٻوليءَ، شبد ــ ڀنڊار، اچار، نغمگيءَ، رواني، لفظن جي گھڙت جڙت، سِٽَ ـــ سِٽاءُ، سُر، گھاڙيٽي، معنى ۽ مقصد جي آڌار تي ڪيو ويندو آهي. اهي سمورا ڳُڻ ــ سَڳڻ ڳوهجي سوهجي، شاعريءَ ۾ گڏجي سڏجي ٿا وڃن ۽ انهن جي مجموعي تاثر کي اسين لهجو چئون ٿا ۽ اڳتي هلي اهو شاعر پنهنجي مخصوص لهجي جي آڌار تي ئي سڃاپجي ٿو. اهو لهجو شاعر جي فطرت جو حصو ٿي ويندو آهي.“ (11) شاهه لطيف جي ڪلام جي معاملي ۾ اسين ڏسندا سين ته هن سنڌ جي مختلف طبعي ڀاڱن جي لهجن کي ڪتب آڻيندي حقيقت ۾ هڪ نئين لهجي کي جنم ڏنو آهي. ان کي اسان لطيفي لهجو چئي سگھون ٿا. اهوئي لهجو شاهه جي ڪلام جي سڃاڻپ آهي.
امداد حسينيءَ مطابق ”لطيف سائين سڄي سنڌ گھميو آهي. عام ماڻهن، سُگھڙن، گُني ماڻهن، راڳين، شاعرن، عالمن سان مليو آهي، انهن سان صحبتون ڪيون اٿس. ان ڪري سندس شاعريءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ جا سمورا لهجا اچي ويا آهن. اترادي، وچولو، لاڙي، ٿري، ڪڇي، ڪوهستاني ۽ لاسي ـــ انهن مڙني لهجن کي شاهه سائينءَ ٻڌو ۽ پاڻ ۾ جذب ڪيو ۽ اهي سمورا لهجا سندس فطرت جو حصو بڻيا ۽ جذب، ڪيف ۽ وجداني ڪيفيت ۾ اهي سندس شاعريءَ ۾ اچي ويا آهن. شاهه سائين سان اٿاهه محبت ۽ عقيدت جي ڪري، انهن لهجن جا ڳالهائيندڙ لطيف کي پنهنجو سمجھن ٿا... مثلاً ج. ع منگھاڻي ”شاهه لطيف جي ٻولي ــ تحقيقي جائزو“ ۾ لطيف سائين جي لفظن کي ڪوهستاني ۽ لس ٻيلي جا لفظ چوي ٿي... ان ريت اترادي دوست لطيف سائينءَ کي پنهنجي لهجي ۾ پڙهندا آهن ۽ چنڊ کي چنڊر، چُون کي چَونَ، پُون کي پَوَن، رُون کي روئن، ڪؤنر کي ڪنور ۽ ڀؤنر کي ڀنور پڙهندا آهن. اهي اچار سندس عين لهجي مطابق آهن. جيئن ٺيٺ لاڙي ”ڀٽ“ کي ”بٽ“ اُچاريندا آهن.“ (12)
ڊاڪٽر غفور ميمڻ جي اها راءِ درست آهي ته ”ڀٽائي جي ٻوليءَ بابت سنڌ جا عالم لهجن ۽ علائقن ۾ ورهايل آهن. اترادي پنهنجي معنى ٿو ڏي، لاڙي چوي ٿو آئون صحيح آهيان، ٿري پنهنجي معنى ڪڍي ويٺو آهي، ڪوهستان وارو چوي ٿو ته ڀٽائي جي بيتن جي لفظن جي معنى صرف اسان کي اچي ٿي. ڪي عالم اهڙا به آهن جيڪي ڀٽائيءَ جي ٻوليءَ کي معياري يا اڪيڊمڪ لهجي ۾ تبديل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. شاهه بيتن جي موسيقي ۽ جماليات ٺاهڻ لاءِ سڀئي لهجا استعمال ڪيا آهن، ايتري قدر جو عربي ۽ فارسيءَ جا لفظ به انهيءَ موسيقيءَ لاءِ استعمال ڪيا اٿس. (13)
شاهه سائينءَ جي ڪلام ۾ جيڪا وسعت ۽ گوناگونيت آهي ان جو وڏو ڪارڻ ئي اهو آهي ته هن جو مڪمل ڪلام سنڌي ٻوليءَ جي ڪنهن هڪ لهجي تي آڌاريل نه آهي، پر ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لهجن جي آميزش موجود آهي. ”شاهه صاحب جن جن خطن جو سير ڪيو، انهن مان هر خطي جي ماحول ۽ رائج مقامي لهجي، ان لهجي جي خاص خاص لفظن، فقرن، اصطلاحن، چوڻين ۽ پهاڪن کي، پنهنجي رسالي جي مختلف سُرن ۾ محفوظ ڪيو. ان کان سواءِ انهن خطن ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪرت، ڌنڌن ۽ مشغلن ۾ ڪم ايندڙ لفظن جي وڏي خزاني کي به پنهنجي رسالي جي لغوي خزاني جو حصو بڻائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح هن، سنڌي ٻوليءَ جي ڌار ڌار لهجن، جهڙوڪه: اترادي، وچولي، لاڙي، ٿري، ڍاٽڪي، پارڪري، ماڃري، کارائي، منڇري، درياهي، ڪوهستاني ۽ ڪاڇي واري لهجي کان سواءِ، لاسي، جدگالي ۽ فراقي لهجن کان سواءِ ميواڙي، مارواڙي، جيسلميري ۽ ڪڇي ٻولين جي لغوي خزاني کي به پنهنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو. شاهه صاحب انهيءَ سموري لغوي خزاني کي سنواريو، سڌاريو، ان ۾ نواڻ آندي ۽ سنڌي زبان کي هر لحاظ کان وسيع، مائيدار ۽ شاهوڪار بنايو.“ (14) اهڙيءَ طرح شاهه سائين سنڌي ٻوليءَ جي متروڪ ٿيل لفظن کي پڻ پنهنجي ڪلام ۾ محفوظ ڪيو. شاهه جي ڪلام ۾ گھڻ معنائن وارن لفظن لاءِ هڪ هڪ لفظ ڪم آڻڻ، لفظن جي نئين وياڪرڻي صورتن جوڙڻ، سادن ۽ بنيادي لفظن جي پٺيان پڇاڙيون ملائي نوان لفظ ٺاهڻ، ٻٽن يا تڪراري لفظن جي استعمال، ابتڙ لفظن يا لفظن جي ضدن جي استعمال، هڪ لفظ لاءِ گھڻن هم معنى لفظن جي استعمال، سنڌي وياڪرڻ جي متصل ضميرن جي استعمال، ٻوليءَ ۾ حالتن جي گردانن جي استعمال، حرف جرن جي استعمال، اسم تصغير جي استعمال، فعل متعدي مجهول جي استعمال، اسم مفعول جي استعمال، مخفف صورتن جي استعمال وارين خصوصيتن جي حوالي سان ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب جو تحقيقي اڀياس بي مثال آهي.(15) ڊاڪٽر الانا صاحب شاهه لطيف جي ڪلام ۾ حسن بيانيءَ وارين خوبين کي بيان ڪندي لکيو آهي ”علم السان جي نقطه نگاهه کان، حسن بيانيءَ جي حوالي سان، شاهه صاحب پنهنجي ڪلام جي ٻوليءَ ۾ نوان تجربا ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي عبارت ۽ اسلوب ۾ انقلابي تبديليون آڻي ڇڏيون.“ (16)
شاهه لطيف پنهنجي ڪلام ۾ پنهنجي ٻاجھاري ٻوليءَ کي اهڙي ريت استعمال ڪيو آهي جو مٿي ذڪر ڪيل خاصيتن کان علاوه به سندس شاعريءَ ۾ ڪيئي لغوي ۽ لسانياتي خوبيون پيدا ٿي پيون آهن. تڏهن ئي ته علامه دائود پوٽي چيو آهي ته ”شاهه جي بزرگي ۽ شهرت هن حقيقت ۾ سمايل آهي، جو هن پنهنجي ٻاجھاري ٻوليءَ جي وسيلي سنڌ جي خاص توڙي عام ماڻهن جي خيالن ۽ افڪار جي خاصي ترجماني ڪئي آهي. سندس زبان ۾ اها سلاست ۽ صفائي، اها شيريني ۽ شيوائي، اها رنگيني ۽ رعنائي، اها جاذبيت ۽ ارڏائي، اها فصاحت ۽ بلاغت، اها لطافت ۽ نزاڪت، اها اونهائي ۽ پنهائي رکي آهي، جو پڙهيلَ سواءِ دقت جي کيس پڙهي ۽ پُرجھي سگھن ٿا. جھانگي جھنگن ۾ جھڄندي، ڌنار ڌڻ چاريندي، هاري هر ڪاهيندي، زالون انَ پيهندي ۽ هنڌ سوريندي، پورهيت پورهيو ڪندي، غريب ۽ شاهوڪار، اعلى ۽ ادنى، هندو ۽ مسلمان، سندس بيت جھونگارين ٿا.“ (17) ظاهر ٿيو ته ڀٽائيءَ کي عوامي پذيرائي ملڻ جو هڪ وڏو ڪارڻ سندس ٻوليءَ جو خوبصورت ۽ فنڪاراڻو استعمال آهي، اها ٻولي جيڪا پنهنجي پوري جاذبيت ۽ سگھه سان قاريءَ جي حواسن تي ڇانئجي وڃي ٿي. ”لطيف جيڪو سدا حيات شاعر جو پد ماڻيو آهي، ته ان ۾ خود لطيف جي خلقيل ٻوليءَ جو وڏو عمل دخل آهي ۽ ظاهر آهي ته اها ٻولي به امر آهي، جيڪا لطيف جي اظهار جو واحد وسيلو آهي. لطيف وٽ سٽ سٽاءُ ۾ جيڪو لفظن جو جڙاءُ آهي، ان جو جوهر اڄ تائين نه رڳو جھڪو نه ٿيو آهي، بلڪه اهو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ جرڪندو ٿو وڃي..... لطيف وٽ لفظُ هيري مثل آهي ۽ لطيف ان جي تراش خراش ڪري، سِٽَ سَريءَ ۾ پوئي ان جي معنى جا ست ئي رنگ جھرڪائي ڇڏيا آهن.“ (18) لطيف جي هيرن جهڙن لفظن نه رڳو ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا وڌائي آهي پر ان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ خوبصورت لفظي ذخيري جو به اضافو ٿيو آهي. ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ جيڪا ٻولي ڪتب آندي آهي ان جي خوبين تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر پرسو گدواڻي پنهنجي ڪتاب ”ڇپر ڇاٽون مڪيون“ ۾ لکي ٿو ته ”شاعر پنهنجي رچنائن ۽ ٻوليءَ کي الڳ الڳ روپن ۾ ڪم آڻيندو آهي. اهڙي حالت ۾ ٻوليءَ جو ڪردارن موجب هجڻ ضروري آهي ۽ ان ڪري ٻوليءَ ۾ اصليت ۽ سڀاويڪ جا ڳُڻَ اچي ويندا آهن... شاهه صاحب جي شعر ۾ هي گڻ تاڃي پيٽي سمايل آهي. ڇا ته پنهنجي سورمين جي واتان دک داستان ۽ برهه جي باهه جا ورڻ سندن ئي سليس، مٺڙي ۽ چڀندڙ ٻوليءَ ۾ چوايا اٿس.“ (19) گدواڻي صاحب شاهه جي ٻوليءَ جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته ”هر ڪنهن ويچار يا ڀاو کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ليکڪ يا شاعر کي لفظن جي چونڊ ڪندي ڪافي سُجاڳ ۽ هوشيار رهڻو آهي. ظاهر ڪيل ويچار يا ڀاو لاءِ صحيح لفظ جو استعمال ئي ڀاو ۽ ويچار جي اظهار جو ڪامياب ماپو آهي....... شاهه جو شعر ان گڻ سان ڀريو پيو آهي. سندس رسالي ۾ ڪو اهڙو اکر نه آهي جو گھرگھلو هجي.“ (20)
اسين هن مقالي ۾ شاهه جي شاعريءَ تي اترادي لهجي جي اثر جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لهجي جي صوتياتي ۽ صرفي خوبين تي روشني وجھندي ۽ اترادي ٻوليءَ تي ٻين ٻولين جي اثر کي ظاهر ڪندي ڀٽائيءَ جي ڪلام جِي پرک ڪرڻ جِي ڪوشش ڪندا سين. اهڙي ريت آخر ۾ سنڌ جي اتر واري علائقي ۾ استعمال ٿيندڙ خاص خاص لفظن کي سامهون رکندي ڀٽائيءَ جي اترادي لهجي تي ڳالهائيندا سين.
اسين شاهه کي ان ڪري به سنڌي ٻوليءَ جي فقط ڪنهن هڪ لهجي جو شاعر نه ٿا چئي سگھون جو هن پنهنجي عمر جا انيڪ سال سفر ۾ گذاريندي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ گُهمي ۽ هر خطي جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي لهجي کان متاثر ٿيو. اتر ۾ هن خيرپور، سکر، روهڙي، گھوٽڪي، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ پنهنجا پير ڌريا جتي اڄ تائين ڀٽائي جا تڪيا، لوڙها، اوتارا ۽ دونهيون قائم آهن. خاص طور شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ ترائي ۽ ڳاهيجا ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي نائچ ۽ نظر ڏيٿو ڳوٺ ۾ ڀٽائي جا تڪيا، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ سڳيون ۽ ڄامڙا ۾ ڀٽائي جا لوڙها توڙي سکر ۾ گڻنگ واهه لڳ رسول شاهه مست تي شاهه جو تڪيو ان حوالي سان خاص اهميت رکن ٿا. نائچن ۾ ته لطيف سائين جو پهراڻ پڻ موجود آهي. اهڙي طرح شڪارپور، روهڙي ۽ گھوٽڪي شهرن ۾ پڻ لطيف جا تڪيا ملن ٿا. مطلب ته لطيف سائينءَ پنهنجي سير سفر دوران سنڌ جي اترين يا سِري واري علائقي ۾ ڪافي عرصو گذاريو آهي، جنهن ڪري سندس ڪلام تي اترادي لهجي جو اثر سڀاويڪ آهي.
اترادي لهجي جو صوتياتي نظام ۽ شاهه جو ڪلام:
ٻوليءَ جي آوازي علم کي صوتيات (Phonology) چيو ويندو آهي. اهو لفظ عربي ٻوليءَ جي لفظ ”صوت“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى آهي ”آواز“. ”آوازن جي گروه بندي ڪرڻ صوتيات جي مکيه مقصدن ۾ شامل آهي. هر ٻوليءَ کي پنهنجو پنهنجو صوتياتي سرشتو آهي. ٻولين جي لهجن ۽ محاورن جو صوتياتي سرشتو ۽ معياري ٻوليءَ جو صوتياتي سرشتو ساڳيو هوندو آهي، سواءِ ڪن جزوي فرقن جي.“ (21) ”ٻولين جي آوازن جو اڀياس هن وقت علمي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن کي علم آواز (Phonetics) سڏجي ٿو... صوتيات جون ٻه مکيه شاخون آهن: هڪ علم آواز (Phonetics) ۽ ٻي علم صوتيه (Phonemics). انهن ٻنهي کي گڏي صوتيات سڏجي ٿو. ازنسواءِ ان ۾ آوازن جي ڊگھائپ، بلندي، تيزي ۽ لاهه چاڙهه يعني ڍار جو به جائزو ورتو ويندو آهي.“ (22)
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ لکيو آهي ته ”هر ٻوليءَ جو پنهنجو مزاج ٿيندو آهي، ۽ ان ٻوليءَ جا لهجا ان جي مزاج موجب ٺهندا آهن. ڪن ٻولين ۾ لفظن جا اچار مقرر ۽ مستقل ٿين ٿا. انهن ٻولين ۾، لفظن کي فقط هڪڙيءَ ريت اچاري سگھجي ٿو، ۽ ڪنهن به صورت ۾ انهن جي اچارن ۾ ڦير گھير نه ٿي ڪري سگھجي. لکيل صورت ۾ انهن ٻولين جون اعرابون مستقل آهن. مثلاً عربيءَ جو لفظ محبت آهي، ته عربيءَ ۾ اهو هر حالت ۾ انهيءَ طريقي سان اچاريو ويندو، جيئن لکيو ويو آهي، يعني م ۽ ح تي زبر، ب تي شد ۽ ت تي جزم. ڪنهن به صورت ۾ ان جي اچار ۾ ڦير گھير نه ايندي، لفظن جا اچار متعين آهن، ۽ هر حال ۾ ساڳيا هوندا آهن. ان جي بر عڪس، ڪن ٻولين ۾، ڪن لفظن توڙي لکيل ٻولي ۾ گھٽائي يا وڌائي سگھبو آهي، يا ڪن حالتن ۾ ڇڪي تاڻي سگھبو آهي. يورپي ٻولين مان اهڙي هڪ ٻولي آهي انگريزي، ۽ ننڍي کنڊ جي ٻولين مان اسان جي سنڌي ٻولي هڪ آهي.
هر ٻوليءَ وانگر سنڌي ٻوليءَ کي به پنهنجو لهجو آهي، جيڪو اچارن جي بنياد تي ٻڌل آهي، ۽ ٻين ٻولين وانگر سنڌي ٻوليءَ جي اها خاصيت آهي، ته هوءَ پاڻ ۾ آيل ٻولين جي لفظن جي اچار کي پنهنجي لهجي آهر مٽائي ٿي ڇڏي. جيئن مٿي ڄاڻايل عربيءَ جو لفظ ”محبت“ سنڌيءَ ۾ لهجي جي اثر هيٺ ڦري مَحَبَتَ ٿيو وڃي. شاهه لطيف به چيو آهي:
مَحَبَتَ پائي من ۾ ، رنڍا روڙيا جن.“ (23)
ڊاڪٽر هدايت پريم جي چوڻ موجب ”سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي ۽ اترادي لهجي جي صوتياتي سرشتي ۾ ڪوبه فرق نه آهي سواءِ هيٺ ڄاڻايل عيوضي آوازن (Allophones) جي: ٽر، ڊر، ڍر، ٺر.... سنڌي الف بي ۾ (ٽر)، (ڊر) ۽ (ڍر) آوازن جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ڪوبه اکر مقرر ڪونه ڪيو ويو آهي. اترادي ماڻهو لکيل اکر ”ٽ“ کي ”ٽر“ ۽ ”ڊ“ کي ”ڊر“ ڪري اچاريندا آهن. در اصل جنڊُ، پاٽِ ۽ پُٽُ لفظن کي سنسڪرت ۾ جندر، چندر، پاتر وغيره چيو ويندو آهي. اهي لفظ جيڪڏهن سنسڪرت مان سنڌيءَ ۾ آيا آهن ته انهن جي اچار ۾ (ر) هئڻ وڌيڪ درست آهي، پر جيڪڏهن سنڌيءَ مان سنسڪرت ويا آهن ته به ائين چئي سگھجي ٿو ته اصل ۾ ئي انهن لفظن ۾ (ر) آواز شامل هو. يا اڃا به ائين کڻي چئجي ته اهي لفظ سنسڪرت ۽ سنڌي ٻنهي ۾ هڪجهڙا آهن. ڇوته ٻئي همعصر ۽ ڀينر ٻوليون آهن ته به (ر) جو آواز ٻنهي ٻولين ۾ هئڻ گھرجي.“(24) اهڙي طرح سرائڪي ٻوليءَ ۾ به ”چنڊ“ کي ”چندر“ ۽ ”پُٽَ“ کي ”پتر“ چيو ويندو آهي.
شاهه لطيف جي ڪلام ۾ اهڙا ڪيئي لفظ ملن ٿا، جن کي معياري لهجي ۾ ”رِ“ کان سوا اچاريو ويندو آهي ۽ اترادي لهجي مطابق انهن لفظن جي آخر ۾ ”ر“ گڏائي کين ڊگھو ڪري مرڪب لفظ طور اچاريو ويندو آهي.
چوڏهِينءَ چَنڊَ! تون اُڀِرين، سَهسين ڪَرِئين سينگارَ
**
چَنڊَ! تنهنجِي ذاتِ، پاڙيان نه پِرِيُنِ سين
**
چَنڊَ! چوانءِ سَچُ، جي مَٺِي مور نه ڀانئِئين (سُر کنڀات، د 1)
**
چِمِڪَنِ چوڏَس چَنڊَ جِئَن، وِڄڙِيُون وَھِسَنِ (سارنگ، د 3)
**
جَنڊِي پايو جانِ ۾، ڏُکِي ڏُکَ ڏَري (حسيني، د 4)
**
پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِّ ڪِهُون (مارئي، د 8)
**
عَلئَ پُٽَ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين (ڪيڏارو، د 1)
**
پِنَنِ جِو پَٽُ کَڻِي، سو جي سُڃاڻنِ (رامڪلي، د 7)
**
پَٽُ هَڻِي پَٽَ سين، ڀـيري تِنِ ڀَڳو (رامڪلي، د 9)
**
سا سِٽَ نه سارينِ، اَلف جنهن جي اَڳ ۾ (يمن ڪلياڻ، د 5)
**
سارَنگَ سائي سِٽَ، جَھڙِي لالِي لاکَ جي (سارنگ، د 2)
**
اَمڙِ! اوري اَچُ، ته سِٽَ سُڻايَنءِ سُورَ جِي (حسيني، د 2)
**
سا لُوٺِي لِيلان جِيئن، مَڻِيو جنھن مِٽُ ڪَيو (معذوري، د 2)
**
ماڻِڪُ مِٽُ سَندومِ، اونداھِيءَ ۾ سوجِھرو (ديسي، د 6)
**
اَگِھيا سُٽَ سَندَنِ، پائي ترازِيءَ نه تورِيا.
**
سُٽُ اُنيِن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پِڃائِينِ (سُر ڪاپائتي)
شاهه سائينءَ جي مٿين بيتن ۾ چنڊُ، جنڊُ، پُٽُ، پَٽُ، سِٽَ، مِٽُ ۽ سُٽُ لفظن هيٺان ليڪ ڏئي کين واضح ڪيو ويو آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا لفظ اترادي لهجي موجب آوازي ڦيري سان اچاريا ويندا آهن ۽ انهن سڀني لفظن پٺيان ”ر“ گڏائي ويندي آهي.
ڊاڪٽر بلوچ جو خيال آهي ته ”جنڊر“ جو اچار اصلي سنسڪرت اچار جي نزديڪ تر آهي ۽ انهيءَ ڪري پڪي سنڌيءَ جي اچار (جنڊ) کان وڌيڪ صحيح آهي. تعجب جي ڳالهه آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ڪڇي محاوري ۾ ”ڊ“ بجاءِ ”در“ ۽ ”ٽ“ بجاءِ ”تر“ اصلي ۽ صحيح اچار لفظن ۾ موجود آهن. سنڌيءَ جي وچولي واري پڪي محاوري ۾ ”در“، ”تر“ جي صورتن ۾ ڪن لفظن ۾ موجود آهن. (جيئن ته جنڊر، چنڊر، پاتر، پٽر) مگر حيدرآباد خواه نصرپور جي مڪاني ۽ آس پاس واري ”چالو عامه“ ۾ اهي اچار سُسي سُڪي وڃي ”ڊ“ ۽ ”ٽ“ ٿي بيٺا آهن. (چنڊ، پُٽُ). حيدرآباد جي پڙهيلن وري پنهنجي اڻ ڄاڻائيءَ سبب اهي سُڪا ۽ مڪاني اُچار سنڌي صورتخطي ۾ رائج ڪري ڇڏيا. ڪڇي محاوري ۾ عام طور ”چنڊ“ کي (چندر)، ”جنڊُ“ کي (جندر)، ”پاٽِ“ کي (پاتر)، ”پُٽَ“ کي (پتر)، ”هيڊ“ کي (هيدر)، ”ڇيٽ“ کي (ڇيتر)، ”بڊو“ کي (بدرو)، ”کيٽ“ کي (کيتر)، ”ڏانٽو“ کي (ڏانترو)، ”جوٽڻ“ کي (جوترڻ)، ”مِٽَ“ کي (متر)، ”ننڊ“ کي (نندر) وغيره ڪري اچاريندا آهن ۽ اهي اچار از روءِ لغت وڌيڪ صحيح آهن.“ (25)
ڊاڪٽر قاسم ٻگھيي موجوده دور ۾ وچولي واري لهجي جي آوازي ڦرڻن تي تحقيق ڪندي اهو نتيجو ڪڍيو آهي ته ”گريئرسن کان پنجاهه سال بعد ڊاڪٽر بلوچ (1965) ۽ ڊاڪٽر الانا (1967) جي تجزيي مطابق ته اها ”ر“ صرف سريلي محاوري جا ڳالهائيندڙ ”ٽي“، ”کنڊ“ ۽ ”ڏڍ“ وغيره لفظن ۾ استعمال ڪن ٿا ۽ وچولي توڙي ٻئي ڪنهن به سنڌي محاوري جا ڳالهائيندڙ استعمال ڪونه ٿا ڪن..... وقت سان گڏ سنڌيءَ ۾ اهم لسانياتي تبديلي رونما ٿي چڪي آهي، جنهن مطابق ”ر“ جو مقامي / فطري اچار ”نه اچارڻ“ واري ڦرڻيءَ ۾ تبديلي ٿي چڪي آهي.“ (26)
”ارنيسٽ ٽرمپ اترادي ٻوليءَ لاءِ راءِ ڏني آهي ته ان جا اچار چِٽا آهن. چٽن اُچارن مان مراد آهي ته سُر آواز نمايان آهن ۽ پوريءَ ريت ڪڍيا وڃن ٿا. ان جي وضاحت اها آهي ته اتر ۾ چئبو ”چيائون“ ته لاڙ ۾ ان جو اُچار آهي ”چئون“ يا ”چيئون“. اترادي لهجي ۾ لاڙ جي لهجي جي مقابلي ۾ هي فرق آهي جو سري ۾ ”آ“ يا ”اَ“ جو سُر آواز لاڙ جي لهجي ۾ ”اِ“ يا ”اي“ ٿئي ٿو. مثلاً:

اترادي لهجو لاڙي لهجو
جَن جِن
تَن تِن
ڪَن ڪِن
جاتي جِتي
تاتي تِتي
ڪاٿي ڪِٿي (27)

ڪاڪي ڀيرو مل جَن، تَن ۽ ڪَن جا واحد لفظ جَنهن، تَنهن ۽ ڪَنهن مان مثال ڏيندي لکيو آهي ته ”جَنهن، تَنهن ۽ ڪَنهن لفظن جي مُنڍ ۾ جڏهن زبر ( َ ) يعني ”آ“ جو اُچار آهي، تڏهن جمع جَن، تَن ۽ ڪَن ۾ به ساڳيو ئي اُچار ”آ“ جو هئڻ گھرجي، تنهن ڪري چئبو، ته اتر وارا صحيح آهن.“ (28)
ان سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي معياري ۽ ڪوهستاني لهجي جو مطالعو به اهميت رکي ٿو.
معياري لهجو ڪوهستاني لهجو اترادي
جِتي جِت جاتي، جاٿي
ڪِٿي ڪِٿ ڪاٿي
هُتي هُت هُتي
آهي اَهي آهي
مٿئين چارٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته اترادي لهجو ڪوهستاني لهجي کان بنهه مختلف آهي. جڏهن ته ڪٿي ڪٿي معياري ۽ اترادي لهجي ۾ لفظ ساڳئي تلفظ، سُر ۽ آواز وارا ملن ٿا. جئين ”هُتي“ يا ”آهي“.
شاهه لطيف پنهنجي رسالي جي الڳ الڳ سُرن ۾ اترادي لهجي مطابق ساڳئي تلفظ وارا لفظ استعمال ڪيا آهن. لاڙ جي ماڻهن کي اهو اعتراض ٿي سگھي ٿو ته لطيف جي رسالي جي مرڪزي ٻولي جيئن ته لاڙي آهي، تنهن ڪري لاڙي لهجي مطابق جَن، تَن، ڪَن، جَنهن، تَنهن، ڪَنهن جهڙا اکر زير سان اچارڻ گھرجن پر شاهه جي رسالي جي مختلف مرتبن اهي لفظ تلفظ جي چٽائيءَ خاطر پهرين اکر تي زبرَ ڏئي مختلف رسالن ۾ شامل ڪيا آهن. هيٺ ڪجھه مثال پيش ڪجن ٿا:
جَنِ
سمنڊُ سوجھي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا. (سريراڳ، د 2)
**
پَڳَهَه ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾. (سامونڊي، د 2)
**
تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ (آسا، د 4)
**
ڏِسِي ڏوري ڏُونگَـرَين، واٽَ وِڃائِي جَنِ (کاهوڙي، د 3)
**
اَچِي پِيا آٽ ۾، واٽَ وِڃائِي جَنِ (رامڪلي، د 1)
جَنهن/ جَنهين / جَنين
سودو سوئِي ڇَڏِ، جَنهن ۾ جَواهِرُ ناهِ ڪِي. (سريراڳ، د 4)
**
جَنهِن کي سِڪَ ساهَڙَ جِي، پُورَنِ مَٿي پُورَ؛
ڪارِيءَ راتِ ڪُنَنِ ۾، وَهَمَنِ ڪِي وَهلُورَ؛
جَنهِن کي ساڻُ پِريان جا سُورَ، تَنهِنکي نَدِي ناهِ نِگاهَ ۾. (سهڻي، د 3)
**
جَنهن مُون سَڀِ ڄَمارَ، جَرَ ۾ جھوتُون ڏِنِيُون. (سهڻي، د 4)
**
ويھُه داتا جي دَرَ تي، شُڪُر جَنهن جُڳاءِ (سهڻي، ابياتِ متفرقه)
**
سوڍِيُون سِجھائي وِيا، هَهِڙا جَنِين حالَ (مومل راڻو، د 3)
**
چِتَ جَنين جا چُورَ، سي مَکي مَرَڪُ نه ڪنديون. (مارئي، د 4)
**
ويٺي جَنهِين وَرِهَه ٿِيا، مَٿي سين ميري (رامڪلي، د6)
**
جَنِين جي جَھڙَپَ، هاٿِي هَنڌان ئِي نه چُري. (ڪارايل، د 2)
تَنِ
ساهَڙُ سَندو تَنِ، گھاگھائي گِھڙنِ جي
**
پُرزو پئدا نه ٿِـئي، تَختو مَنجھان تَنِ (سهڻي، د 2)
**
وَٽان ويـهِي تَنِ، سُڻُ ته سوزُ پرائِيين. (سسئي آبر، د 11)
**
وارِثُ وَري تَنِ، اَچي شالَ اولو ڪَري. (سارنگ، د 2)
**
ديکُ مَ تُون سين تَنِ، هِي جي مَجازِياڻِـيُون مُنهَن ۾ (آسا، د 3)
**
تَن اَکِيُنِ اُتان سُکَ، کِلندي کَڻَنِ جي (پورب، د 2)
تَنهن / تَنهين
تَنهِن عِشقَ کي شاباسِ، جَنهِن مُحبَتي ميڙِيا. (ڪارايل، د 1)
**
اِيندي لَڄَ مَرَنِ، تَنهِن سَرَ مٿي هَنجَڙا. (ڪارايل، د 1)
**
کُهِي جا کَنيائِين، وِکَ تَنهين ويجھي ڪئِي (سسئي آبري، د 9)
**
ماريَسِ سُورَ تَنهين، جو نه جِئاري، جيڏِيُون! (سُر حسيني، د 9)
**
تَنهِين ويرَ ڪَيومِ، وَچَنُ ويڙيچَن سِين. (مارئي، د 1)
**
رُپو جنهن رَدِّ ڪَيو، ڪوڙ تَنهِين کي ڪَکُّ (مارئي، د 3)
**
پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان (کاهوڙي، د 3)
**
مَڱُ تَنهِين کان، مَڱَـڻا! جو ڏِيهاڙي ٿو ڏِئي (سُر پرڀاتي، د 1)
ڪَنهن / ڪَنهين
سو نه ڪَنهن شَيءِ ۾، جيڪِي مَنجِهه تُرابَ (سهڻي، د 1)
**
ڪَنهِن پَر رُئان پِرِينءَ کي؟ اَندَرِ ناههِ اُساٽ (ڪوهياري، 6)
**
ٻَڌو ڪَنهن ٻَنڌاڻِ، هِنئڙو هوتاڻِيءَ سين (حسيني، د 12)
**
ڪَنهِن ڪَنهِن ڪاريءَ ذاتِ کي، مورَ به مَٽائِينِ (ڪارايل، د 2)
**
ڪُپيرِيءَ ۾ پيرُ، ڪَنهِين پاتو پيرِيين (کاهوڙي، د 3)
**
ماڙُهنِ ميڙائو، ڪَنهِين ڪَنهِين ڀيڻـئِين (ڏهر، د 1)
**
ڪَنهِين ڪِينَ هِمَٿِيو، ڪانَ جَھـلِيندو ڪيرُ؟ (بلاول، د 1)

مٿي ڏنل بيت ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي رسالي مان کنيل آهن. جيڪي ڪنهن هڪ سُر منجھان نه آهن پر ساري رسالي جي الڳ الڳ سُرن منجھان چونڊيل آهن، انهن مان ڪي سُر ته آهن ئي لاڙ، ڪوهستان ۽ ٿر جي پس منظر ۾ چيل. پر انهن لفظن جو لهجو خالص اترادي آهي. اهڙيءَ طرح ساڳين اچارن وارا لفظ ڊاڪٽر گربخشاڻي، غلام محمد شاهواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ٻانهي خان شيخ جي مرتب ڪيل رسالن ۾ پڻ موجود آهن. انهن عالمن مان ڪنهن جو به سنڌ جي اتر واري علائقي سان تعلق نه آهي، جي هجي ها ته اهو چوڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ٿئي ها ته هنن شاهه جي رسالي کي پنهنجي ترَ جو لهجو ڏنو آهي. خاص طور جَن، تَن، ڪَن وارو معاملو مذڪوره سڀني رسالن ۾ واضح آهي، البته جَنهن، تَنهن، ڪَنهن يا جَنهين، تَنهين ۽ ڪَنهين ۾ مختلف رسالن ۾ ڪٿي زير ته ڪٿي زبر آيل آهي ۽ ڪٿي وري ڪائي اعراب ڏنل نه آهي. ساڳين عالمن پنهنجن پنهنجن ترتيب ڏنل رسالن ۾ جِنهن، تِنهن ۽ ڪِنهن ۾ ڪٿي زير جو استعمال ڪيو آهي ته ڪٿي زبر جو.
ڊاڪٽر غفور ميمڻ پنهنجي مقالي ”شاهه جي بيتن ۾ معنائن جا مونجھارا“ ۾ ان حوالي سان امداد حسينيءَ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته ”امداد حسينيءَ ڪجهه ڏينهن اڳ ”سوجھرو“ رسالي ۾ اهو بحث ڪيو ته شاهه لطيف ”تِن“ ۽ ”جِنِ“ يعني زير جو استعمال نه ڪيو آهي پر زبر يعني ”جَنِ“ ۽ ”تَنِ“ استعمال ڪيو آهي. اسان هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته سائين لاڙ ۾ چون ئي جِنِ ۽ تِنِ يا جِنين ۽ تِنين پر امداد صاحب چيو نه ڀيرو مل لکيو آهي ته آهي ئي جَن ۽ تَن، رخمان گل پالاريءَ به کيس جواب ڏنو ته سائين شاهه صاحب جِن ۽ تِن استعمال ڪيو آهي.
امداد حسينيءَ هڪ بيت ڏنو آهي:
”محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جَنِ،
تَنِ جو صرافَن، اڻ توريو اگھايو“
هاڻي امداد جو خيال هو ته جَن ۽ صَرافَن ۾ ”فَن“ هم قافيا آواز آهن، تنهن ڪري ڀٽائيءَ زبر استعمال ڪئي آهي...... گھٽ ۾ گھٽ ”ڪاموڏ“ سُر ۾ ته شاهه لاڙي لهجو استعمال ڪيو هوندو؟؟ جيڪو ماڃر جو داستان آهي پر ان ۾ به اسان جي عالمن ”جَن“، ”تَن“ استعمال ڪيو آهي. هاڻي ماڃر ۾ ڪوبه وڃي ڏسي اُتي ڪوبه جَن ۽ تَن استعمال ڪونه ٿو ڪري سڀ جِن ۽ تِن ۽ جِنين، تِنين استعمال ڪن ٿا. مثال هي بيت ڏسو:
کاڄ جَني جو ککيون، مالُ تَني جو مڏ
(ٻانهون خان شيخ).“ (29)
اهو سوال واقعي تحقيق طلب آهي ته انهن لفظن ۾ ڀٽائيءَ جو اصل تلفظ ڪهڙو آهي. جيڪڏهن اسان انهن لفظن کي زير واري اچار سان پڙهندا سين ته سنڌ جي انهن عالمن، ٻوليءَ جي ماهرن، شارحن ۽ شاهه جي رسالي جي ناميارن مرتبن جي مٿين تلفظي بناوٽ بابت سوال ضرور اڀرندو. ٻي ڳالهه ته جيڪڏهن شاهه جي داستانن جي جاگرافيائي حدن جي بنياد تي ٻولي ۽ محاوري جو تعين ڪرڻ ضروري آهي ته پوءِ شاهه جي رسالي ۾ ته اترادي علائقي جو ڪو به داستان ڳايل نه آهي ته پوءِ ڇا ان بنياد تي سندس ڪلام ۾ موجود اترادي لهجي کان بنهه انڪار ڪري ڇڏبو؟ بهرحال ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت آهي.
اهڙيءَ طرح اتر ۾ لفظ وَيو جي ’وَ‘ تي زبر ڏئي اچاريو ويندو آهي، جڏهن ته معياري ۽ لاڙي محاورن ۾ ’وِ‘ تي زير ڏئي اُچاريو ويندو آهي. ڀيرومل آڏواڻي ان سلسلي ۾ زمان ماضي متعلق واري عنوان ۾ لکيو آهي ته ”هو ويو“. ’وَ‘ مٿان زبر ( َ ) پر ٻين هنڌ زير ( ِ ) ڏين ٿا. حقيقتؤن سري وارا صحيح آهن: ’وڃڻ‘ لفظ جي منڍ ۾ ’وَ‘ جي مٿان زبر ( َ ) يعني ’اَ‘ جو اچار آهي، ته ’وَيو‘ لفظ ۾ به ساڳيو ’اَ‘ جو اچار هئڻ گھرجي.... (پر) سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي جي ماڻهن ۾ ’اِ‘ جي عادت گھڻي آهي.“ (30) شاهه لطيف پنهنجي رسالي جي مختلف بيتن ۾ لفظ ”ويو“ استعمال ڪيو آهي. جيئن:
ويو وِڇوڙو، ٿيو ميلاپو، واحد واءُ واريو (يمن ڪلياڻ، د 4)
**
انگنِ چاڙهي اَنگُ، ويو وَڻِجارو اوهِرِي!
**
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري! (سامونڊي، د 1)
شاهه سائينءَ جي مٿين بيتن ۾ ڪلياڻ آڏواڻي، گربخشاڻي، ڊاڪٽر بلوچ، غلام محمد شاهواڻي لفظ ’ويو‘ تي زير يا زبر نه ڏني آهي. ان ڪري هر علائقي جو ماڻهو ان لفظ کي پنهنجي سهولت ۽ مقامي صوتياتي نظام مطابق اچاري ٿو.
اترادي لهجي جو صرفياتي نظام ۽ شاهه جو ڪلام
صرفيات (Morphology) ٻوليءَ جي علم جي هڪ اهم شاخ آهي، جنهن وسيلي لفظن جي ٺهڻ ۽ روپ مٽائڻ بابت اڀياس ڪيو ويندو آهي. ٻين لفظن ۾ اهو لفظن جي صورتگريءَ جو علم آهي. پروفيسر حاجن جتوئيءَ مطابق: ”لفظ ٻوليءَ ۾ ڇو ۽ ڪيئن ٻيا ٻيا روپ وٺن ٿا، تنهن جو تعلق لسانيات جي هڪ شاخ سان آهي، جنهن کي علم صرف يا صرفيات سڏجي ٿو. ان کي تشڪيلات يا صورتيات به سڏبو آهي، ڇوته اهو عام لفظ جي مختلف شڪلين ۽ صورتن سان بحث ڪري ٿو.“ (31)
لفظن جي بناوٽ ۽ تشڪيل جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن به ٻوليءَ ۾ بنيادي طور ٽن قسمن جا لفظ ٿين ٿا. 1. مفرد (Simple) 2. مرڪب (Compound) ۽ 3. مرتب (Complex). مفرد لفظ پنهنجي وجود ۾ پورا، مڪمل ۽ اڪيلا هوندا آهن. انهن کي ٽوڙي نه سگھبو آهي، جيڪڏهن ٽوڙبو ته اهي بي مطلب ٿي ويندا. اهڙيءَ طرح مرڪب لفظ اهي آهن جن کي ٽوڙڻ سان هر جزو پنهنجو ڌار مطب ڏيندو، جڏهن ته مرتب لفظ جَڙ ۾ اڳياڙين يا پڇاڙين ملائڻ سان وجود ۾ اچن ٿا. شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ اسان کي لفظن جا اهي ٽئي قسم موجود ملن ٿا.
لفظن جي صورتگري جي سلسلي ۾ صرفيي جي پڻ وڏي اهميت آهي. پروفيسر علي نواز جتوئي لکي ٿو ته ”اها اچاريل صورت جا آزاد هجي يا پابند، جنهن کي مطلب وارن ننڍن جزن يا ٽڪرن ۾ ورهائي نه سگھجي، تنهن کي صرفيه سڏجي ٿو... جن ٻولين ۾ لفظ روپ بدلين ٿا تن جي لفظن کي گھڻ صرفيو (Polymorphic) سڏجي ٿو. انهن ۾ صرفي جوڙ جڪ گھڻو ڪري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي: هڪ اشتقاقي (Derivational) ۽ ٻيو گرداني (Inflectional).“ (32)

واحد ۽ جمع:
سنڌي ٻوليءَ جي اترادي ۽ معياري توڙي لاڙي لهجي ۾ واحد عدد مان جمع عدد ٺاهڻ جي اصول ۾ فرق نظر اچي ٿو. معياري ۽ لاڙي محاوري ۾ واحد مان جمع ٺاهڻ لاءِ واحد پٺيان ’اون‘ جو سُر ايندو آهي، جڏهن ته اترادي محاوري ۾ واحد لفظ مان جمع ٺاهڻ لاءِ ’آن‘ پچاڙي لڳائي ويندي آهي. مثال:

واحد معياري لهجي مطابق جمع اترادي لهجي مطابق جمع
نِڇ نِڇون نِڇان
کَٽَ کٽون کٽان
ڪوڪ ڪوڪون ڪوڪان
کارڪ کارڪون کارڪان
ڪيههَ ڪيهون ڪيهان
ميخ / ميک ميخون، ميکون ميخان، ميکان
ريک ريکون ريکان
اهو لهجو گھڻو ڪري لاڙڪاڻي، شڪارپور، جيڪب آباد توڙي پني عاقل ۽ گھوٽڪي جي علائقن ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. شاهه لطيف به پنهنجي ڪلام ۾ اهڙا ڪجھ نج اترادي لهجي وارا بيت چيا آهن. جيئن:
راڻا تنهنجي راهه تي، ڏيهاڻي ڏيکان،
راڻي جي رهاڻ جون، روح اندر ريکان،
محبت جون ميکان، تو سين لال لپيٽيون (سُر مومل راڻو، د 4)
يا
مينهان ۽ نينهان، ٻئي اکر هيڪڙي،
جي وسڻ جا ويس ڪري، ته ڪڪر ڪن ڪيهان،
بادل ٿي بيهان، جي آگم اچڻ جي ڪرين. (سُر سارنگ، د 2)
مٿين ٻنهي بيتن ۾ ”ريکان“، ”ميکان“، ”مينهان“، ”نينهان“ ۽ ”ڪيهان“ لفظن جي بناوٽ نج اترادي لهجي مطابق آهي.
ڪاڪو ڀيرو مل پڇاڙيءَ وارن لفظن ’اون‘ کي رد ڪندي ’آن‘ کي درست سمجھي ٿو. هن لکيو آهي ته ”سنڌ ۾ ٻين هنڌ ’اون‘ پڇاڙي گڏين ٿا، سو بگڙيل اچار آهي. شڪارپور وارو نمونو نهايت آڳاٽو آهي ۽ اهو ئي ٻين ٻولين ۾ آهي. جيئن: ”موري اکيان ڦرڪن لاگي.“ اک جو جمع اکيان ـــ (هندي)، ”سهس سياڻپان لک هوءِ“ سياڻپا جو جمع سياڻپان ــ (پنجابي)، ”برهه باهيان باليان“ باهه جو جمع باهيان ـــ (سرائڪي). پير جو جمع پيران ۽ ڏينهن جو جمع ڏينهان ـــ (لاسي). زن جو جمع زنان، پسر جو جمع پسران ـــ (فارسي). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ٻين ٻولين ۾ ’اون‘ پڇاڙي آهي ئي ڪانه.“ (33) جيتوڻيڪ سنڌي ٻوليءَ جي معياري لهجي ۾ ’اون‘ پڇاڙي کي شامل رکي ڪاڪي ڀيرو مل جي ان خيال کي رد ڪيو ويو آهي، پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هندي، فارسي، پنجابي ۽ سرائڪي ــ سنڌيءَ جون هم عصر زبانون آهن ۽ هر زبان ۾ لفظ جي جوڙ ۽ گھڙت جا اصول موجود آهن. ڪاڪي ڀيرومل جي مٿئين حوالي مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن ٻولين جو سنڌي ٻولي سان گھرو تاڃي پيٽو رهيو آهي ۽ واحد مان جمع ٺاهڻ واري اصول مطابق سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لهجي سميت انهن ٻولين تي باهمي اثر موجود آهن.



اسم تصغير:
اهڙو اسم جيڪو ڪنهن شيءِ جي ننڍي روپ لاءِ استعمال ٿئي، تنهن کي ’اسم تصغير‘ چيو وڃي ٿو. جئين رات مان راتڙي، ڳالهه مان ڳالهڙي، باهه مان باهڙي يا باهوٽي، انب مان انبڙي، ديڳ مان ديڳڙي، نوڙ مان نوڙي، ڇوڪر مان ڇوڪراٽ، چَم مان چموٽي وغيره. سنڌي ٻوليءَ جي اترادي لهجي ۾ اسم تصغير جو واهپو گھڻو آهي. اتر جي شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وارن علائقن ۾ دلڙي، جھاتڙي، باهڙي، ڀائڙا، منڙا، ادڙا، مٺڙا جهڙا لفظ عام جام استعمال ٿيندا آهن. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيئي لفظ اترادي شاعرن سچل سرمست، بيدل، بيڪس ۽ ٻين جي ڪلام ۾ پڻ جھجھا ملن ٿا. ائين نه ٿو چئي سگھجي ته اهڙا لفظ رڳو اترادي ٻوليءَ ۾ آهن، ڇوته ساڳئي قسم جا اسم سنڌيءَ جي معياري لهجي ۾ پڻ موجود آهن، پر ايترو ضرور آهي ته اهڙن اسمن جو اترادي ٻوليءَ ۾ گھڻو واهپو آهي. شاهه لطيف جي ڪلام مان به اترادي محاوري جو اهڙو اثر جھلڪي ٿو.
راتڙيُون جاڳن جي، سي آئُون ڪندڙي سيڻَ (يمن ڪلياڻ، د 5)
**
ٻِنين سَندي ڳالِھڙي، رازِقَ آندِي راسِ (ڪارايل، د 1)
**
جِتِ نه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمڪي باهِڙِي (کاهوڙي، د 2)
**
اَگَلَڙي آءٌ، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نه ٿِيا (ڪاپائتي، د 1)

وائي
هُوءِ نه نينِمِ پاڻَ سين، جا ويندڙِي سيڻين سيڻين؛
ڪالهُوڻِيان اَڄُ گَھڻِي، جھورَڙِي جھيڻين جھيڻين.
ٻِيُون سَڀُ واڳِيون وَرَنِ سين، آءٌ جا واڳَڙِي ويڻين ويڻين. (ڏهر، د 2)

مٿيَن بيتن ۽ وائي ۾ ”راتڙيون“، ”ڪندڙي“، ڳالهڙي“، ”باهڙي“، ”اگلڙي“، ”ويندڙي“، ”جهورڙي“ ۽ ”واڳڙي“، اسم تصغير جا مثال آهن. اهي لفظ لهجي کي ڪيڏو نه مٺڙو ۽ ملائم بڻائي ڇڏين ٿا.

حالت اپادان:
سنڌي ٻوليءَ جي پنجن حالتن ’حالت فاعلي‘، ’حالت تغيري‘، ’حالت اپادان‘، ’حالت جري‘ ۽ ’حالت ندا‘ مان حالت اپادان (Ablative) جي حوالي سان اترادي ۽ معياري لهجي ۾ فرق نظر اچي ٿو. معياري لهجي م حالت اپادان ۾ اسم پٺيان ’آن‘ پڇاڙي لڳائي ويندي آهي جڏهن ته اترادي محاوري ۾ ’ئون‘ پڇاڙي ڪتب آندي ويندي آهي. مثلاً:

معياري لهجي مطابق اترادي لهجي مطابق
هنڌان هنڌئون
توکان توکئون
مونکان ماکئون
ڪلهان / ڪلهنئان ڪُلهئون / ڪُلهنئون
منجھان منجهون / منجھئون
نيڻان نيڻئون
نرتان نرتئون
ڪيڏانهن ڪاڏهون
ڪٿان ڪاٿئون
اوريان اوريئون
جٿان جاٿئون
اڳيان اڳيئون
حالت اپادان مطابق ڀٽائيءَ عين اترادي لهجي وارا لفظ جا بجا پنهنجي رسالي ۾ استعمال ڪيا آهن. هيٺ ڏنل بيتن جي سٽن ۾ ليڪيل لفظ حالت اپادان جي اترادي محاوري جو مثال آهن.
ڪُلهنئون ڪورين، عاشق عبداللطيف چئي (ڪلياڻ، د 1)
**
ڏُکندو سڀوئي ڏُور ڪيو، مَنجھؤن تَنَ طبيبَ؛ (سُر ڪلياڻ، د 3)
**
ويڄَنِئون ويئِي، ٿِي وهِيڻِي سَڄَڻين! (يمن ڪلياڻ، د 3)
**
ڪلالنئون ڪاءِ، مَتِ نه سِکِين مون هِنئان! (يمن ڪلياڻ، د 4)
**
تَري تُنَ پِياسِ، پاسَنِئُون پاڻِي وَهي (سريراڳ، د 3)
**
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي! (سريراڳ، د 4)
**
نَنگَـرَئُون نيڻين، مَنُ اولِيءَ نه اوهِري؛ (سامونڊي، د 1)
**
گھوريُون ڪارُونڀارُ، مانَ مِلَنِئُون سُپِرِين. (سهڻي، د 7)
**
توکي پسي تنُ، سورنئون صاف ٿئو. (پورب، د 1)
**
پرتئون پير ڀري، ملهائيج مسڪين کي (ليلا چنيسر، د 1)
**
ڪڪر منجھه ڪپار، جھڙ نيڻئون نه لهي (رپ، د 1)
ظرف:
اهڙو لفظ جيڪو فعل سان گڏجي ۽ ان مان ريت، جاءِ، وقت يا قدر جي معنى نڪري، تنهن کي ظرف چيو وڃي ٿو. ظرف جا يارنهن قسم آهن. ظرف جي انهن قسمن جي حوالي سان به ڏسندا سين ته معياري ۽ اترادي لهجن جي ظرفن ۾ فرق نظر ايندو. ظرف تميز ۾ معياري لهجي مطابق اچاريو ويندڙ لفظ ”آهستي“ مَٽجي ”آستي“ ٿي وڃي ٿو. اهڙي طرح ظرف مڪان جي حوالي سان به معياري ۽ اترادي محاوري وچ ۾ فرق نظر اچي ٿو. مثال طور:

معياري لهجي مطابق اترادي لهجي مطابق
جتي جاتي
ڪٿي ڪاٿي
تتي تاتي / تاٿي
جيڏانهن جاڏي
تيڏانهن تاڏي
اوڏانهن اوڏي
هوڏانهن هوڏي
اتاهون اتئون
مٿاهون مٿئون
ڪيڏانهون ڪاڏئون
اڳيان اڳيون
پويان پويون

لطيف سا?
960 ڀيرا پڙهيو ويو