شاهه جي رسالي جي لغتن ”لغات لطيفي“ ۽ ”روشني“ جو تقابلي جائزو
(A Comparative Study of Shah jo Risalo Dictionaries: “Lughat-e-Latifī” and “Roshni”.)

الاهي بخش اُڄڻ

Abstract

This research paper Titled: “shah Jo Risalo Dictionaries: comparative study of “Lughat-e-latifi” and “Roshni” Lughat. Presents a Critical study of the lexicographical tradition associated with shah Abdul Latif Bhittai’s poetic masterpiece Shah jo Risalo. It traces the evolution of sindhi  lexicography, emphasizing its linguistic, historical, and cultural significance in understanding the sindhi language and classical literature. The Paper begins with a general overview of the concept of a dictionary (لغت), discussing its definition, scope and necessity in the preservation and comprehension of language. It highlights how languages evolve over time, giving rise to new words while  older ones fade, and therefore, dictionaries play a vital role in documenting and safeguarding linguistic heritage.

The study particularly focuses on the development of sindhi dictionaries from the early works compiled in the 19th century. Such as Captain George Stack’s English-sindhi Dictionary (1849) and Sindhi Grammar (1855) to the specialized dictionaries prepared to eludicate shah Latif’s poetic vocabulary. Among these, Ghareb-ul-lughat by renewed scholar Bheromal Maharchand Advani, Lughat-e-latifi by Mirza Qaleech baig(1914), and Roshni lughat by Dr. Nabi Baksh Khan Baloch (2000) are studied in  thoroughly. The paper compares and contrasts these Lexicons to examine their methodology, organization, and linguistic contribution.

Mirza Qaleech Beg’s Lughat-e-Latifi is acknowledged as the First Comprehensive attempt to explain the difficult words of Shah jo Risalo with refrences from the Quran, Hadith, and sindhi cultural context. However, its limitation lies in being organized according to Surs (chapters) rather than alphabetical order. In contrast, Dr. Dr.Nabi Bakhsh Baloch’s Roshni represents a modern, alphabetically arranged lexicon that covers both simple and complex words, idioms, and expressions, offering contextual meaning with poetic citations. The study highlights how Baloch’s approach aligns with contemporary lexicographical principles, making it more accessible and academically systematic.

Key Words: Lughat-e-latifi, Roshni lughat, Ghareb-ul-lughat , Dictionary Of Shah Abdul latif Bhittai’s poetry, comparative Study, Sur (chapter) , Alphabetical,  lexicography.  Dictionary.

 

سنڌي ٻولي علم ۽ ادب جي حوالي سان شاهوڪار ٻولي آهي، جنھن جو اندازو سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجندڙ  ادب ۽ ٿيندڙ تحقيق مان لڳائي سگهجي ٿو. ٻولي، جيڪا پنھنجي اندر انيڪ لفظ ۽ انهن لفظن جون کوڙ معنائون رکي ٿي. لفظ، جيڪي اسان ڳالهايون ٿا،  انهن جون الڳ الڳ معنائون ٿين ٿيون، انهن کي سمجهڻ ئي ٻوليءَ کي سمجهڻ آهي. سنڌي  ٻولي ڪيئنءَ وجود ۾ آئي، ان بابت ماهرن جا ڪيترائي نظريا ۽ رايا ملن ٿا. انھن نظرين ۽ راين مان اهو اخذ ٿئي ٿو ته ٻولي ابتدا کان وٺي هينئر تائين ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون آهن. ٻوليون، ٻولين مان اسري نڪتيون آهن، ٻوليون هڪٻئي جو اثر قبول ڪن ٿيون، هڪٻئي جا لفظ وٺن ۽ ڏين ٿيون. اها ٻولين جي حسناڪي آهي.

ٻوليون، جيڪي انسانذات جي اسرڻ ۽ وقت گذرڻ سان تبديل ٿينديون رهنديون آهن. انهيءَ ٻوليءَ جي لفظن کي سانڍي رکڻ ۽ انهن لفظن جي استعمال کي سمجهڻ لاءِ لغتون تيار ڪيون وينديون آهن ته جيئن انهن لفظن کي پنھنجي  ٻوليءَ ۾  زندهه رکي سگهجي. اهي لفظ اسان جي تھذيب ۽ تمدن جو سرمايو هوندا آهن؛ پر وقت جي وهڪري سان گڏ هر ٻولي ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندي اڳتي وڌندي ويندي آهي. ان ٻوليءَ ۾ وقت ۽ حالتن پٽاندڙ نوان نوان لفظ جڙندا ويندا آهن. اهي لفظ سياسي، سماجي، اقتصادي، سائنسي ۽ ذاتي مشاهدن تي مبني هوندا آهن. انهيءَ ڪري ترقي يافته ٻولي ايندڙ خطرن کان ڊڄڻ بجاءِ انھن جو مقابلو ڪندي آهي، جيئن متروڪ ٿيل لفظن کي سانڍي رکڻ سان گڏ جديد دور سان ڪلھوڪلھي سان ملائي هلجي. انهيءَ ڏِس ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ودوانن پنھنجي وسَ آهر ٻولي جي جوهر کي بچائڻ لاءِ لغتون تيار ڪيون آهن، جنھن ذريعي اسان پنھنجي صديون پراڻي قومي ۽ ثقافتي ورثي سان جڙيل آهيون.

لغت تيار ڪرڻ آسان ڪم ناهي. لغت سازيءَ ۾ لغت جي اصولن ۽ ٻوليءَ جي سمجهه کي سامهون رکيو ويندو آهي. جيئن هر هڪ لفظ جي ساخت ۽ ان جي مزاج کان واقفيت هجي ۽ انهيءَ لفظ جون حقيقي ۽ سماجي معنائون لکي سمجهي ۽ سمجهائي سگهجن. 1853ع  ۾ سنڌي ٻوليءَ جي منظور ٿيل رسم الخط /الف- بي متعارف ٿيڻ کانپوءِ لغتن جڙڻ جو سلسلو جاري رهيو آهي، توڻي جو انهيءَ کان اڳ به سنڌي ٻوليءَ جون لغتون پڻ تيار ڪيون ويون ويون هيون. پر اهي ديوناگري لپيءَ ۾ هيون. انگريزي-سنڌي  لغت 1849ع  ۽  سنڌي- انگريزي لغت 1855ع، ڪئپٽن جارج اسٽئڪ مرتب ڪري شايع ڪرايون. انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر رياضت ٻرُڙو ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي جو حوالو ڏيندي  لکي ٿو:

”اسٽئڪ جو تيار ڪيل سنڌي گرامر ۽ سندس مرتب ڪيل انگلش - سنڌي ڊڪشنري بمبئي سرڪار 1849ع ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. اسٽئڪ جي انهيءَ ڊڪشنريءَ ۾ اٽڪل ٻارهن هزار انگريزي لفظن جون سنڌيءَ ۾ معنائون ڏنل آهن. انهيءَ سان گڏوگڏ هو سنڌي-انگلش  ڊڪشنري به جوڙي رهيو هو. ان ۾ گهڻا ئي سنڌي لفظ ڏنل آهن، جيڪي اڄڪلهه جي ٻوليءَ ۾ واهپي ۾ نٿا اچن. انهيءَ ڊڪشنريءَ جي تياريءَ ۾ حيدرآباد جا ٻه سنڌي عالم پنڊت برهم سچانند ۽ پنڊت جيشٺ برهم جيتارام سندس ٻانھن ٻيلي هئا.“ (1)

ڪنھن به لغت ۾ ٻوليءَ جي لفظن جون معنائون سمايل هونديون آهن، انھن لفظن جي معنيٰ، پسمنظر، وضاحت کي سمجھڻ جي لاءِ لغت جو هئڻ انتھائي لازمي آهي، جو وقت گذرڻ سبب ڪيترائي لفظ ختم ٿي ويندا آهن يا ٻولي ترقي ڪري اڳتي وڌي ويندي آهي. ٻولي جڏهن ترقي ڪندي آهي ته ڪيترا ئي نوان نوان لفظ ٻوليءَ ۾  شامل ٿي ويندا آهن. انھن لفظن جي معنائن کي سمجھڻ جو واحد ذريعو لغتون هونديون آهن. ٻوليءَ ۾ ڪيترائي لفظ اهڙا به هوندا آهن، جيڪي وقت گذرڻ سبب متروڪ ٿي ويندا آهن، ۽ اهڙن لفظن جي گهٽ استعمال سبب معنائن جي سمجھڻ ۾ پڻ مونجهارو ٿيندو آهي، اهڙن مونجهارن کي سلجهائڻ جي لاءِ لغتون اهم ڪردار ادا ڪنديون آهن. انهيءَ جي لاءِ ناسف علي شيراز لکي ٿو:

دنيا جي ڪنھن به ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ ان جي علم صرف و نحو ۽ علم اللغت جو مطالعو تمام ضروري آهي. ڪا به ٻولي ايستائين پوريءَ طرح سمجهي نه سگهبي، جيستائين ان ٻوليءَ جي محاورن، اصطلاحن، پھاڪن، چوڻين ۽ لفظن جي معنائن کي نٿو سمجهيو وڃي . اهو ان صورت ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو، جڏهن ان ٻوليءَ جي لغتن جو مطالعو ڪيو وڃي. ان کان علاوه مختلف دورن ۾ ان ٻوليءَ جي لفظن ۾ جيڪي تبديليون ٿين ٿيون. انھن جو تقابلي جائزو ورتو وڃي ته جيئن لفظن اندر سمايل اونھي معنيٰ کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي مثلاً: سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪجهه لفظ جيڪي اڳ استعمال ٿيندا هئا. هاڻ اهي استعمال ۾ نٿا اچن. ڪيترن ئي لفظن جي لکڻيءَ ۾ به فرق اچي ويو آهي. اڳ اسين لفظ ”چياءِ“ لکندا هئاسين، هاڻ ان کي ”چيائين“ ڪري ٿا لکون. شاهه جي دور جي ٻولي ۽ اڄڪلهه جي مروج ٻوليءَ ۾ به ڪافي فرق آهي. اها تبديلي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ صحت لاءِ ضروري آهي. ٻوليءَ جي ترقيءَ جو مدار ٻوليءَ ۾ نون لفظن جي داخلا ٿيڻ تي آهي. جنھن سان ٻولي وڌيڪ شاهوڪار ٿئي ٿي“ (2)

ناسف علي شيراز جي ڳالهه بلڪل واضح آهي، سنڌي ٻولي پنھنجي ترقيءَ جون راهون طئي ڪندي رهي آهي. هن وقت شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن، جيڪي استعمال نٿا ڪيا وڃن. جيڪڏهن اهي استعمال نٿا ٿين، ۽ انهن کي ڪنھن لغت ۾ به نه سانڍجي ها ته هوند، اسان لطيف جي بيتن کي سمجهي به نه سگهون ها!

سنڌي ٻولي انهيءَ حوالي سان ڀاڳوان آهي، جو کيس هر دور ۾ اهڙا ماڻھو مليا آهن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ اڳيان اڳيان رهندا آهن. هونئن ته سنڌيءَ ۾ جامع لغتون ته لکيون پئي ويون، پر شاهه لطيف جي بيتن ۾ ڪتب آيل ٻوليءَ ۾ لفظن جي معنائن کي سمجهڻ جي لاءِ پيڙهه جو پٿر سنڌي ٻوليءَ جي تمام وڏي نالي، ڪاڪي ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ رکيو. پروفيسر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو:

”ڀيرومل مھرچند آڏواڻي شاهه جي رسالي جو گھرو اڀياس ڪندڙ هو. ’غريب اللغات‘ نالي سان رسالي جي ڏکين لفظن جي معنيٰ جدا جدا جلدن ڇپائڻ شروع ڪئي. پھريون ڀاڱو1907ع ۾ حيدرآباد سنڌ مان ڇپائي ظاهر ڪيائين. انھيءَ ۾ سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات جا ڏکيا لفظ ڏنل آهن. اهو ڀاڱو سٺ صفحن ۾ آهي ۽ ڪيترن هنڌن تي لفظن جي وئتپتي (Etymology) پڻ ڏنل آهي.“ (3)

ڪاڪي ڀيرومل جي شاهه لطيف جي بيتن مان لفظ چونڊي، معنيٰ لکڻ جي اها پھرين ڪوشش هئي، جيڪا ڄاڻايل ٽن سرن تائين محدود آهي.محترم بدر ابڙي، انور ڏنگڙائيءَ جي تيار ڪيل لطيفي لغت ”پرتوو“ جي مھاڳ ۾ ٻن سرن بابت لکيو آهي، ممڪن آهي، اها پروف جي چڪ هجي. پر، ان جي وضاحت ڪرڻ ۽ رد ڪرڻ ضروري آهي، جيئن اندازو ٿي سگهي ته ڪم جي ابتدا ٻن سرن کان نه بلڪه ٽن سرن کان ٿي هئي. بدر ابڙو لکي ٿو:

    ”لطيفيات تي ڊڪشنري ٺاهڻ جي سلسلي جي ڳالهه ڪجي ته سڀ کان پھرين ڪاڪي ڀيرو مل مھرچند آڏواڻيءَ جو معتبر نالو سامھون اچي ٿو. جنھن غريب اللغات لکي هئي، پر اها صرف ٻن سرن تي مشتمل ۽ ان معاملي ۾ شروعات هئي.“ (4)

جيئن ته مٿي اڳيئي واضح آهي ته ڪاڪي ڀيرو مل مھرچند آڏواڻيءَ ٻن نه، بلڪه ٽن سرن جي لغت تيار ڪئي. جن ۾ شامل آهن: سر ڪلياڻ، سر يمن ڪلياڻ ۽ سر کنڀات.  ان کان سواءِ شاهه لطيف جي ٻوليءَ کي سمجهڻ لاءِ ٻين اهم وک سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي اهم ٿنڀ مرزا قليچ بيگ کنئي. هن جيڪو رسالو ترتيب ڏنو، انهيءَ جي لغت الڳ سان تيار ڪئي. اها لغت سر وار موجود آهي. انهيءَ لغت جي لاءِ پروفيسر ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي لکي ٿو:

”مرزا قليچ بيگ لغت نويسيءَ جي کيتر ۾ پڻ ٻين عالمن کان گهڻو اڳتي هو. هن شاهه جي رسالي جو نئون ڇاپو تيار ڪري ڇپائڻ سان گڏ 1913ع (نومبر1913ع ۾ مرزا قليچ بيگ لغات لطيفيءَ جو مھاڳ لکيو آهي ۽ ڇپجي 1914ع ۾ آهي) ۾ ’لغات لطيفي‘ به شايع ڪئي. ان ۾ سندس تيار ڪيل ’شاهه جي رسالي‘ جي ايڊيشن مطابق، سرن موجب لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي“(5)

ساڳئي مقالي ۾ اڳتي لکي ٿو:

”مرزا قليچ بيگ جو ٽيون ڪتاب آهي ”لغات قديمي“ جيڪو هن 1923ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انهيءَ ۾ شاهه لطيف جي ڪلام سان گڏ ٻين به جهونن سنڌي شاعرن جي شعر مان ڏکين لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي.“ (6)

مرزا قليچ بيگ صاحب جي اها لغات طويل عرصي تائين رهي، جنھن مان پوءِ جي عالمن تمام گهڻو استفادو ورتو آهي. اها لغات انڪري به اهم آهي، جو مڪمل رسالي جي آهي، جيڪو پاڻ ترتيب ڏنائون. مرازا قليچ بيگ ان ۾ لفظن جون معنائون ڏنيون آهن، وڌيڪ انھن کي ڌاتو ڪوش يا سنڌي وياڪرڻي حيثيت ۾ ناهي رکيو، جيتوڻيڪ ان لغات ۾ ڳالهائڻ جي لفظن پٽاندڙ اسم، ضمير، صفت، ظرف، فعل ۽ حرفن جو وچور ناهي ڏنو ويو، پوءِ به لغات لطيفي تمام اهم آهي.

شاهه لطيف تي لغت جي سلسلي ۾ جديد تنقيدي معيار جي لغت ۾  اهم ڪم ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ ڪيو آهي، جيڪڏهن سندس رسالي جي ارڙهن ئي سرن جي آخر ۾ ڏنل معنيٰ ۽ شرح کي الڳ الڳ ڪري ڇاپيو وڃي ته هڪ بھترين لغت تيار ٿي ويندي، جنھن مان لفظن جي نه رڳو معنيٰ جي خبر پوي ٿي، بلڪه لفظن جي اصليت جي به خبر پوي ٿي. جنھن لاءِ ڊاڪٽر مرلي ڌرجيٽلي لکيو آهي:

”ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي شاهه جو رسالو“ ٽن جلدن ۾ مرتب ڪيو. هر هڪ جلد جي آخر ۾ سمجهاڻيءَ واري حصي ۾ ڏکين لفظن جي معنيٰ ۽ انھن جي وئتپتي به ڏنل آهي. اهو حصو جيڪڏهن الڳ ڪتاب جي صورت ۾ ترتيب ڏيئي ڇپائجي ته شاهه جي رسالي جي شبد ڪوش بڻجي پوندو.“ (7)

ڊاڪٽرگربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ٽنھي جلدن ۾، هر هڪ سر جي آخر ۾ ڏنل معنيٰ ۽ شرح جي بنياد تي ٻين سرن جي به معنيٰ ۽ شرح ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. انھيءَ طرز ٺھيل لغت مان سنڌي ٻوليءَ ۾ آڳاٽن لفظن جي سڃاڻ جي پروڙ پوندي ۽ متروڪ لفظ سانڍي سگهبا، نه رڳو ايئن ٿيندو، بلڪه ٻوليءَ ۾ قديم سنڌي لفظن جي پڻ اهم ڄاڻ جي کاڻ جڙي پوندي. اصلوڪن لفظن جي لغت پڻ تيار ٿي پوندي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ڪم سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري ۽ سڌاري ۾ اهم آهي، ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو پنھنجي مقالي ”لغت نويسي: وصف، قسم ۽ اهميت ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو حوالو پيش ڪيو آهي:

”سنڌي هڪ سھڻي ۽ سندر، سلوڻي ۽ سولي ٻولي آهي. منجهس هڪ معنيٰ جا گهڻا لفظ ۽ هڪ لفظ جو گهڻيون معنائون موجود آهن. منجهس، جذبن جي اظھار جا آواز ۽ اسباب به چڱا چوکا پسجن ٿا. منجهس چقمق واري ڪشش به آهي جو ڌارين لفظن کي ڇڪيو پنھنجو بڻائي ڇڏي. (8)

هاڻي، انهيءَ مان واضح ٿيو ته ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهيءَ ۾ هن سنڌي بوليءَ سان لاڳاپيل ٻين ٻولين جي لفظن جا به ڌاتو ڳولي لڌا آهن، ۽ انھن جي شرح به ڪئي آهي. انهيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻين لفظن جي سمائجڻ جو هڪ اهم دستاويز سامھون اچي ويو آهي. انهيءَ جي لاءِ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙي جي هيءَ راءِ وزندار آهي:

”جنھن ٻوليءَ وٽ جيترا گهڻا لفظ هوندا آهن، اها اوتري ئي گهڻي شاهوڪار هوندي آهي ۽ ڪنھن به خيال، مفھوم ۽ مقصد کي ڀرپور ۽ سھڻي طريقي سان اظھاري سگهندي آهي ۽ سماج ۾ پنھنجو گهڻ طرفو ڪارج ادا ڪندي رهندي آهي. لفظن ۾ تاريخ پڻ سمايل ٿئي ٿي. تنھن ڪري لفظن جي اڀياس سان اسان کي تاريخ جي اڀياس جو به موقعو ملي ٿو.(9)

شاهه لطيف ٻوليءَ جو ڪمامل ڪاريگر هو، هن عام ڳالھاجندڙ ٻوليءَ ۾ جيڪو نزاڪتون رکيون آهن يا هن عام جي ٻوليءَ کي جيڪا اهميت ڏني آهي، ان جو اندازو رسالي مان لڳائي سگهجي ٿو، جنھن کي سمجهڻ جي لاءِ ڪيترن ئي محققن، نقادن، لغت سازي ڪندڙن شاهه لطيف جي ٻوليءَ کي سمجهڻ جي لاءِ لغتون تيار ڪيون آهن. انھن لغتن وسيلي هاڻي موجوده  دور ۾ لطيف جي دور جي ٻوليءَ کي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. انھن لغت نويسن شاهه لطيف جون لغتون تيار ڪيون آهن، اهي سڀ جس لھڻن، هاڻي اڳتي انھيءَ ڪم جي پوئيواري ڪم ٻين شاهه لطيف جي پارکن تي پڻ ٿئي ٿي. جيئن شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ جيڪي به لفظ ڪتب آيل آهن، انھن جي بيھڪ کي به سمجهي سگهجي. هڪ مخصوص ويا ڪرڻ جو ڪتاب شاهه لطيف جي ٻوليءَ آڌار جوڙيو وڃي، جيئن هر هڪ ڳالھائڻ جي لفظ جو به ااندازو لڳائي سگهجي.

 هتي ٻن اهم لغتن جو مختصر تقابلي جائزو پيش ڪجي ٿو، جيئن اسان انھن ٻنھي لغتن جي نزاڪتن ۽ اهميت کان واقف ٿي سگهون. اهي ٻئي لغتون سنڌي ٻوليءَ جي وڏن خدمتگذارن پاران تمام گهڻي محنت  سان جوڙيون ويون آهن. ٻنهي لغتن جي پنھنجي پنھنجي اهميت آهي. پر جيئن ته ٻنھي لغتن تيار ٿيڻ ۾  لڳ ڀڳ 86 سالن جو فرق آهي. انهن سالن جي دوران ٻوليءَ ۾ نوان لفظ، نوان اصطلاح، محاورا، پھاڪا ۽ چوڻيون شامل ٿي ويون آهن. پر، جيئن ته هنن ٻنھي مھان ليکڪن جون لغتون ساڳئي ئي شخصيت جي ڪلام جي لغت آهي. هڪ آهي، ”لغات لطيفي“ مرزا قليچ بيگ جي، جنھن 1914ع ۾ جوڙي راس ڪئي  ۽ ٻي آهي: ”روشني“  جيڪا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ، سن 2000ع   ۾ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران ڇپائي پڌري ڪئي. ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو انهيءَ جي وضاحت ۾ لکي ٿو:

” غريب اللغات“ ۽ ”لغات لطيفي“ ” شاهه جي رسالي“ جي  اهنجن لفظن جي معنائن جون ابتدائي لغتون هيون، جيڪي ويهين صديءَ جي شروعات ۾ ڇپيون، جڏهن سنڌي ٻوليءَ ۾، لغت نويسيءَ جي اڃا ابتدائي اوسر ٿي رهي هئي. اهي ڪوششون ان وقت جي لحاظ کان ساراهه جوڳيون هيون، پر جڏهن ”روشني“ ايڪيھين صديءَ ۾، 100 سالن جي وڏي وقت کانپوءِ ڇپي، ته سنڌي ٻوليءَ ۾ لغت نويسيءَ ابتدائي دور منجهان گذري، پنھنجا بنياد پڪا پختا ڪري چڪي آهي“(10)

هاڻي انهن ٻنهي لغتن جا نوان ڇاپا سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران  ’لغات لطيفي‘ جو  چوٿون ڇاپو، روشني جو ٻيو ڇاپو 2017ع ۾ شايع ڪرايو آهي.  ڇاپن کي هتي لکڻ جو مقصد اهو  آهي ته اسان پنھنجي ٻوليءِ سان بي پناهه پيار ڪريون ٿا، انهيءَ ڪري ئي لغتون بار بار ڇپجي پڌريون ٿين ٿيون، مطلب اسان انھن ڪتابن کي پڙهي پنھنجي قديم سنڌي بوليءَ کي سمجهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري  ٻوليءَ جي جَڙُن سان جُڙَڻَ جي ڪوشش ڪندا آهيون.

لغات لطيفي ۾  مرزا قليچ بيگ لکي ٿو: ”مون ڪوشش ڪري ساري رسالي مان مشڪل لفظ ۽ قرآن جون آيتون، حديثون وغيره، گڏ ڪري هر هڪ سر جا لفظ ڌار الف- بي وار ترتيب سان لکيا آهن“ (11)                

مرزا قليچ بيگ واضح ڪري ٿو ته مان هن لغات لطيفي ۾ چونڊ مشڪل لفظن جون معنائون ، قرآن جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ ڏني آهي. جيئن ته هيءَ ابتدائي شاهه لطيف  جي ڪلام جي لغت آهي،  ۽ جڏهن مرزا قليچ بيگ هيءَ لغت تيار ڪئي هئي، ان وقت تائين شاهه لطيف جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ڪنھن قدر سولو هيو، جنھنڪري مرزا صاحب صرف ڏکين لفظن جي معنيٰ ، قرآن جي آيتن جو ترجمو (مفھوم) ۽ حديثن جو مھفوم لغات لطيفي ۾ شامل ڪيو آهي. اهڙيءَ ئي ريت پاڻ ئي ديباچي ۾ لکي ٿو:

”گهڻن هنڌن تي ته ساڳيا لفظ ٻين معنائن سان جدا جدا سرن ۾ وري وري به ڏنا ويا آهن“ (12)

اصولي طور جيڪڏهن هيءَ لغت سر وار ٺھيل آهي، ته جيڪو لفظ جنھن سر جو آهي، انهيءَ سر ۾ ڏيڻ گهرجي ها، يا اتي حوالو ڏنل هجي ها  ته هيءُ لفظ فلاڻي سر جي فلاڻي جڳهه تي ڏنو ويو آهي. ايئن نه ڪرڻ ڪري لفظ جي ڳولها مشڪل ٿي پئي آهي. انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو پنھنجي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز ۾ لکي ٿو:

” بھتر هو ته سر جي هر ڏکيي  لفظ کي ان سر ۾ ضرور لکجي ها، ڇاڪاڻ ته هيءَ لغت سر وار مرتب ٿيل آهي، پوءِ يا ته اتي به معنيٰ ڏجي ها يا وري اڳ آيل داخلا ڏانهن اشارو ڪجي ها. مثال طور، سر ڪلياڻ ۾ جو لفظ ”وهسڻ“ معنيٰ ”خوش ٿيڻ“ (ص: 15) سر سھڻي جي ستين داستان ۽ سر سارنگ جي ٽئين داستان ۾ به شامل آهي. جيڪڏهن ڪو ماڻھو سر سھڻي يا سر سارنگ پڙهندي ”وهسڻ“ جي معنيٰ ڏسڻ گهري، ته پوءِ ڪيئن ڏسي! اهو لفظ ته ٻنھي سرن جي اهنجن لفظن ۾، پنھنجيءَ جڳهه تي موجود ئي ناهي! ڪو ماڻھو ڪيئن سمجهندو ته اهو لفظ سر ڪلياڻ واري حصي ۾ آيل آهي، هيءَ ته آسانيءَ بدران مشڪل ٿي پئي“ (13)

انهيءَ ئي جڳھه تي ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنھنجي تيار ڪيل لغت ”روشني“ ۾ مرزا قليچ بيگ جي حوالي سان هيءَ ڳالهه ڪري ٿو:

” ميرزا قليچ بيگ 1914ع  ۾ سڄي رسالي لاءِ ” لغات لطيفي“ تصنيف ڪئي، جنھن ۾ دستور موجب سر-وار ڏکين لفظن جون معنائون لکيائين، پر جڏهن ڪو صاحب خاص طرح ڏکين لفظن جي معني لکندو ته هو ضرور انھن لفظن جي معنيٰ لکندو، جيڪو سندس پنھنجي ڄاڻ موجب ”ڏکيا“ هوندا“ (14)

 اتي ٻيئي ڳالهيون سامهون هئڻ گهرجن، هڪ ته مرزا صاحب جيڪا لغت تيار ڪئي، ان وقت اڃان لطيف جي ٻوليءَ کي سمجهڻ ڪنھن قدر سولو هيو، ۽ مرزا صاحب نه رڳو پنھنجي پاران بلڪه سنگت ساٿين کان به اهڙن ڏکين لفظن جي خبر پئي هوندي! تنھنڪري صرف انھن لفظن جي لغت تيار ڪئي وئي. هاڻي جڏهن وقت جي تيز وهڪرن ۾ جتي هر علم تڪڙو تڪڙو ترقي ڪري رهيو آهي، اتي ٻوليون به هڪٻئي جي اثر هيٺ آيون آهن. انهيءَ اثر ڪري ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ متروڪ ٿي چڪا آهن. ڪٿي لفظ نوان اچي ويا آهن. ڪٿي پراڻن لفظن جو استعمال گهٽجي ويو آهي. جنھنڪري هاڻي شاهه لطيف جي ٻوليءَ کي سمجهڻ مشڪل ٿي پيو آهي. انهيءَ لاء شاهه جي ڪلام جي لغت وقت جي ضرورت آهي، جيئن اسان سندس ڪلام جي خوبين مان فائدو حاصل ڪري سگهون. انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي تيار ڪيل هيءَ لغت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. ڊاڪٽر صاحب پنھنجي هن لغت جي لاءِ لکي ٿو:

”هن لغت ۾  (روشني) رڳو ڏکين لفظن جي معنيٰ نه لکي وئي آهي، پر ڏکين توڙي سولن لفظن  جي معنيٰ ڏني وئي آهي؛ ڇاڪاڻ جو بيتن ۽ واين ۾ سمايل شاهه جي اصطلاحي ٻوليءَ کي سمجھڻو آهي“ (15)

شاهه لطيف جي ٻوليءَ جي لغت سازيءَ جي باري ۾ بدر ابڙو، انور ڏنگڙائيءَ جي ترتيب ڏنل لغت ”پرتوو“ جي مھاڳ ۾ لغات لطيفي ۽ روشني لغات جي باري ۾ لفظن جي ڳاڻيٽي جي باري ۾ لکي ٿو:

جن عالمن ڀٽائيءَ جي رسالي جي حاشين ۾ معنائون ڏنيون آهن ان کي به اسان ڊڪشنري چئي سگهون ٿا، پر ان ڏس ۾ مرزا قليچ بيگ تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۽  اسان کي لطيفي لغات ڏني پر بيگ صاحب به صرف ان رسالي تي ڪم ڪيو آهي جيڪو هن پاڻ ترتيب ڏنو آهي ۽ ان رسالي ۾ معنائن پٽاندر 6300 لفظن تي ڪم ڪيو آهي پر انھن ۾  8006 لفظن جو ورجاءُ آهي. جيڪڏهن سندس ڊڪشنري مان ورجاءَ وارا اهي لفظ ڪڍجن ته رڳو 4594 لفظ وڃي بچن ٿا.

تنھن کانپوءِ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ڊڪشنري سامھون اچي ٿي پر ان ۾ ته لفظن جو ورجاءُ مرزا قليچ بيگ واري ڪم کان به گهڻو ٿو ملي، ايتريقدر جو هڪ هڪ لفظ ويهه ٻاويهه دفعا به وريل ٿو ملي. جيڪڏهن اهو ورجاءُ اتان به ڪڍجي ته پوءِ بلوچ صاحب جي ڊڪشنريءَ ۾ وڃي 3983 بچن ٿا. (16)

بدر ابڙي اهو لفظن جي ڳاڻيٽي جي ڳالهه اٿاري آهي، جيڪو پڻ اهم معاملو آهي، انهيءَ کان بھتر هجي ها ته ابڙو صاحب اها تنقيد ڪري ها ته ڊاڪٽر بلوچ جيڪا لغت تيار ڪئي آهي، اها ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي جوڙيل معنائن ۽ شرح جي آڌار تي آهي. انهيءَ سان الف- بي وار هڪ اڃا وڌيڪ معياري لغت تيار ٿئي ها. هن وقت به ڊاڪٽر بلوچ جي تيار ڪيل شاهه لطيف جي رسالي جي لغت اهم آهي، جو ان ۾ هڪ لفظ جون مختلف معنائون، سر جي نالي سان درج ڪيل آهن. جيڪي لغت جي معيار کي اهم بڻائن ٿيون. ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو پڙهندڙ ان لفظ جي معنيٰ سان گڏ بيت پڙهڻ چاهي ته ان جي ڄاڻ به ملي ٿي.

شاهه لطيف تي تيار ٿيل لغتن جي تقابلي اڀياس ۾ لازمي طور اڳتي هلي، ٻين لغتن کي به شامل ڪيو ويندو جيئن سڀني تيار ٿيل لغتن ۾ فرق ۽ معيار کي سامھون رکندي، شاهه لطيف جي ٻوليءَ کي سولائيءَ سان سمجهي سگهجي. انهن ۾ خاص ڪري، انور ڏنگڙائيءَ جي ترتيب ڏنل ’پرتوو‘، ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب ڏنل ’روشني‘ مرزا قليچ بيگ جي ترتيب ڏنل ”لغات لطيفي“، ڀيرومل مھرچند جي ”غريب اللغات“، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي لکيل معنا ۽ شرح ۽ ٻين شاهه جي شارحن جيڪي پنھنجن رسالن ۾ جيڪي لفظن جون معنائون ڏنيون آهن، انهن جو پڻ اڀياس ڪيو ويندو. خاص ڪري، محترمه ج ع منگهاڻيءَ جي ’شاهه لطيف جي ٻولي‘ ۾ شارحن ۽ لغت نويسن پاران جيڪو بحث اٿاريو آهي، اهو اهم آهي. انهيءَ ۾ ئي پرفيسر ڊاڪٽر فھميده حسين جو لکيل مھاڳ پڻ اهم آهي، جنھن ۾ ڊاڪٽر صاحبه ڪيترن لفظن جي معنائن کي کولي بيان ڪيو آهي.

هتي، ٻنهي لغتن ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته ”لغات لطيفي“، شاهه جي ڪلام جي سر وار ترتيب ڏني وئي آهي. انهيءَ سر جي لحاظ کان لفظ جي معنيٰ جو تعين پڻ ڪيو ويو آهي. جيئن مرزا قليچ بيگ پاڻ واضح ڪري چڪو آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تيار ڪيل لغت، جامع لغت جي آڌار الف ب وار جي ترتيب سان آهي. هن لغت ۾ ڏنگين ۾ سر جو نالو، داستان ۽ بيت جو ڳاڻيٽو نمبر ڏنو ويو آهي.

’لغات لطيفي‘ ۽ ’روشني‘ لغت ۾ بنيادي فرق جون اهم ڳالهيون

نمبر

لغات لطيفي

روشني

01

هي لغت سر وار ترتيب ڏني وئي آهي.

هيءَ لغت الف ب وار ترتيب ڏني وئي آهي.

02

هن لغت ۾ صرف ڏکين لفظن، قرآن جي آيتن ۽ حديثن جي معنيٰ ڏني وئي آهي.

هن لغت ۾ ڏکين توڻي سولن لفظن، قرآن جي آيتن ۽ حديثن سان گڏ اصطلاحن جي معنيٰ ڏني وئي آهي.

03

هن لغت ۾ هر هڪ سر کي الف ب وار ترتيب سان معنيٰ ڏني وئي آهي.

هن لغت ۾ هر هڪ لفظ جي الف- بي وار جي ترتيب سان سڄي رسالي ۾ شامل لفظن جي معنيٰ ڏني وئي آهي.

04

هن لغت ۾ ساڳيا لفظ ٻين معنائن سان جدا جدا سرن ۾ وري وري به ڏنا ويا آهن.

 هن لغت  ۾ ”ٻه“ معنى طلب لفظ موجود آهن ته ٻنهي لفظن جي معنائن هيٺ ساڳيو حوالو شاهدي طور آندو ويو آهي.

05

هن لغت ۾ اختصار کان ڪم وٺندي صرف لفظ جي معنيٰ ڏني وئي آهي.

هن لغت ۾ جتي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت محسوس ڪئي وئي آهي، اتي ڏنگين ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي.

06

هن لغت ۾ هر هڪ لفظ جي پٺيان  ڏنگين ۾ داستان جو عدد ڏنو ويو آهي.

هن  لغت ۾  حرفن، لفظن، فقرن يا سٽن جي معنيٰ لکي وئي آهي ۽ شاهه جي ڪلام مان مثال پڻ ڏنا ويا آهن. اڳيئون ڏنگين ۾  بيت، وايون، سر ۽ داستان لکيو ويو آهي. داستان جو نمبر مٿان ۽ بيت يا وائيءَ جو نمبر هيٺان ڏنل آهي.

07

هيءَ لغت شاهه جي ڪلام جي لفظن جي لغت آهي.

 هيءَ لغت شاهه جي اصطلاحي ٻوليءَ جي لغت آهي.

08

هن لغت ۾ لفظن جي معنيٰ ڏنل آهي

هن لغت ۾  مفرد حرفن جي به معنوي حيثيت تسليم ڪندي بيتن جي حوالن سان معنيٰ لکي وئي آهي.

 

”لغات لطيفي“ ۽ ”روشني“ لغتن ۾  شامل ڪجهه لفظن جو تقابلي جائزو

نمبر

لغات  لطيفي

روشني

01

آخر والعصر: والعصر قرآن جي 103 سورة آهي. انهي جي آخرين لفظ صبر آهي. تنهنڪري معنيٰ آهي صبر

آخر والعصر: والعصر:

سوره ”والعصر“ جو آخر تنهنجي دوا آهي“ يعني: ”صبر“ تنھنجي دوا آهي.

02

آسر(3): آسرو اميد(10_5).

آسر: (يمن1/9، آبري2/1، ليلان 3/11، سھڻي 2/7) محبوب جي مھر ۽ قرب جي.

03

آگو(1)  خدا تعاليٰ ، ڌڻي. آغا (1،2،4) ( 2-7) (6-7)

آگو: (ڪلياڻ 1/8) ڌڻي، مالڪ ، آقا.

04

اڀي (2) بيٺي، کڙي

اڀي ( ڪلياڻ 5/3، سورٺ 2/1) بيٺي (ان مان مراد ”مٿي سڌي کتل“

05

ات (2)  انت، اندر جو حال، خبر، حقيقت، نھايت

اَتُ، انتُ= آخر، پڇاڙي، (لفظي معنيٰ) آخري ڳالهه، راز

06

اتائين(1)  چيائين

روشني لغت ۾ اهو لفظ شامل ڪونهي.

07

احد: هڪڙو، واحد، خدا تعاليٰ جو نالو

احد (ڪلياڻ 1/8، سھڻي 8/5) = هڪ الله، فقط ”ذات حق“، هڪ ئي هڪ.

08

اعليٰ (1)  وڏو ، مٿانھون (3_1)

اعليٰ (ڪلياڻ 1/1) = مڙني کان مٿانهون.

09

انا مولاڪ وانت محبوبي.:  حديث قدسي موجب حضرت صلعم جي نسبت يعني آءُ تنهنجو ڌڻي اهيان ۽ب تون منھنجو محبوب آهين. 

 هيءَ حديث روشني لغت ۾ ڪونهي.

10

اوتڙ(1): ابتو تڙ، ڏکيو تڙ، اڀ ڪپيريو تڙ.

اوتڙ ( ڪلياڻ 1 /6، سامونڊري 1/23، سنهڻي 12/1) = ڏکيا تڙ، ڏکيا ماڳ، لنگهه، خطري وارو اڻاگو ۽ ڏکيو تڙ، خطري وارو ماڳ ٻيڙين لاءِ.

مثال ڪجهه لفظ ’لغات لطيفي‘ ۽ ’روشني‘ لغت مان الڳ الڳ ڪري پيش ڪيا آهن، جيئن ٻنهي لغتن جو تقابلي جائزي جو اندازو ٿي سگهي. انهيءَ  تقابلي جائزي مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٻنهي لغتن ۾ ڪجهه فرق آهي.

مرزا قليچ بيگ جي ’لغات لطيفي’ محدود لفظن ۽ محدود معنيٰ تي آڌاريل آهي. جيئن ته بنيادي آهي، انهيءَ ڪري ان جي اهميت کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ جي ترتيب ڏنل لغت جديد لغت نويسيءَ جي اصولن تحت جوڙيل آهي. انهيءَ کان علاوه ڊاڪٽر بلوچ جي سامھون هڪ کان وڌيڪ لغتون سامھون هيون. جنھنڪري سندس هيءَ لغت جيڪا صرف لفظن تائين محدود ڪانهي، بلڪه حرف کان لفظ، لفظن کان،فقري، اصطلاح ۽ سٽ جي مڪمل وضاحتي لغت آهي. روشني لغت جي ٻي خوبي اها آهي ته هن ۾ لفظ سان گڏ، مصدرن کي سامهون رکيو ويو آهي ۽ اصطلاحن جي سمجهاڻي جي لاءِ بيت جي سٽ ۽ ان جي وضاحت پڻ ڪيل آهي.

نتيجو:

  • هن مقالي ۾ مرزا قليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لغت جو تقابلي جائزو وٺڻ دوران اهو سامھون آيو آهي ته مرزا صاحب جي لغت ۾ مخصوص لفظن جون معنائون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ صاحب عام مستمعمل لفظن جون به معنائون درج ڪيون آهن.
  • ڊاڪٽر هوتچند مولچند جي رسالي ۾ ڏنل معنائن ۽ شرح جي اهميت جي خبر پئي ٿي ته هن لفظن جي معنائن سان گڏ لفظن جي اصليت کي به اجاڳر ڪيو آهي.

 

حوالا

1       ٻرڙو، رياضت، لغت نويسيءَ بابت مضمون ۽ مقالا، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.  سال:2018ع، ص: 210،

  1. شيرازي، ناسف علي، سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ ۽ ببليو گرافي، ٽه ماهي ”مھراڻ“ نمبر 2000/4.
  2. جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ، ٽه ماهي ”مھراڻ“ نمبر 2000/4
  3. ابڙو، بدر (مھاڳ: پرتوو)، ڇاپو ٻيو 2022ع ، ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد.
  4. جيٽلي، مرليڌر، ڊاڪٽر، سنڌي لغت نويسيءَ جي تاريخ، ٽه ماهي ”مھراڻ“ نمبر 2000/4
  5. ساڳيو
  6. ساڳيو
  7. ٻرڙو، رياضت، ڊاڪٽر: لغت نويسي: وصف، قسم ۽ اهميت (لغت نويسيءَ بابت مقالا ۽ مضمون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سال 2018ع ،ص 192ع
  8. ساڳيو
  9. ٻرڙو، رياضت علي، ڊاڪٽر، ٿيسز، سنڌي بوليءَ ۾ لغت نويسي، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سال 2018ع، ص 243
  10. بيگ، مرزا قليچ ، لغات لطيفي (مھاڳ، ديباچو)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو.
  11. ساڳيو
  12. ٻرڙو، رياضت علي، ڊاڪٽر، ٿيسز، سنڌي بوليءَ ۾ لغت نويسي. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، سال 2018ع، ص 237_238
  13. بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ڇاپو ٻيون: سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. 2017ع
  14. ساڳيو

16.            ابڙو، بدر (مھاڳ: پرتوو)، ڇاپو ٻيو، ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2022ع

111 ڀيرا پڙهيو ويو