جديد سنڌي غزل ۾ ’جديديت پُڄاڻان‘ جا عڪس
(Modern Sindhi Ghazal and its postmodern reflection)
مشتاق گبول
Abstract
Post modernism is such a term, which never seen abide to any trend, thought of school and particular mindset in Literature. Though the era of post modernism Literature, especially on modern “Ghazal” is somehow noticing very positive.
Modern “Ghazal” emphasize to elaborate the difference between nations, Languages, individuals, countries and their cultures as well, its of course little same, what post modernism insist to apply in art and literature.
Modern “Ghazal” looks in search of lost Identity of nations, cultures and individuals it came to know through its thoughtful study. In other words the modern “Ghazal” is name of a journey in order to reveal or re-find the one’s lost values, in sense of the identity in origin.
Modern Ghazal is not only subjected to its own period but very different to old ones, because of many reasons, like new traditions, broken values, scattered, families and man’s personal freedom. In this paper, above questions has been summarized.
”جديديت پُڄاڻان“ جي ادبي اصطلاح جو تعلق ڪنھن ٿيوري يا ادبي نظريي سان ناهي، ان جو تعلق جديد معاشري جي تبديل ٿيندڙ حالتن سان آهي. ان ڪري جديديت پُڄاڻان هڪڙي قسم جي صورتحال آهي. هڪ اهڙي صورتحال، جيڪا ٻُڌائي ته جديد معاشري جا ڪھڙا نوان مسئلا آهن؟ يا جديد معاشري ۾ ڪھڙي سماجي ۽ ثقافتي تبديلي آئي آهي؟ ان ڏس ۾ ڊاڪٽر گوپي چند نارنگ جو چوڻ آهي:
”ايتري ڳالهه صاف آهي ته پس ساختيات ٿيوري آهي، جڏهن ته جديديت پُڄاڻان ٿيوري کان وڌيڪ صورتحال آهي. يعني جديد معاشري جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالت، نئين معاشري جي مزاج، مسئلن، ذهني رويا، يا سماجي ۽ ثقافتي فضا يا ڪلچر جي تبديلي، جيڪا ڪرائسس جو درجو رکي ٿي. مثال طور اسين ان کي Post Modern Condition يعني جديديت پُڄاڻان حالت چئي سگهون ٿا.“ (1)
جديدت پُڄاڻان هڪ اهڙو ادبي اصطلاح آهي، جيڪو ڪنھن نظريي کي نٿو مڃي ۽ نه ئي ادب جي ڪنھن نظريي جو پابند ڏسڻ چاهي ٿو. يعني جديديت پُڄاڻان ڪنھن به نظريي جي غلامي قبول ڪرڻ بجاءِ ادب جي آزاديءَ کي اهميت ڏئي ٿو. جديديت پُڄاڻان جو رخ عام ماڻهوءَ ڏانھن آهي. ان ڪري هر ماڻهوءَ جي الڳ سُڃاڻپ آهي. جديديت پُڄاڻان ماڻهوءَ، ثقافت ۽ ٻوليءَ کي اهميت ڏئي ٿو. ان لحاظ کان ڏسجي ته جديديت پُڄاڻان جو سِڌو سنئون واسطو سماج ۽ ثقافتي صورتحال سان آهي. ان حوالي سان شوڪت حسين شوري موجب:
”جيستائين ”جديديت پُڄاڻان“ جي ادبي اصطلاح جو تعلق آهي ته ان جا مفڪر ڌار ڌار رايا رکندي، هڪڙي نُڪتي تي متفق آهن ته ادب کي ڪنھن نظريي، فڪر يا فارمولا جي تابع نه هئڻ گهرجي. هر خطي جي ثقافت ۽ ٻوليءَ جي پنھنجي اهميت آهي.(هنن جي نظر ۾ دنيا جي ڪا به ٻولي وڏي يا ننڍي نه هوندي آهي) ان ڪري ان خطي جي ثقافتي، سماجي ۽ سياسي صورتحال موجب سرجيل ادب ڪنھن به نموني غير اهم ناهي.“ (2)
جديديت پُڄاڻان جا مفڪر تجريديت کان سواءِ ڪائنات ۽ ڪنھن به آفاقي سچائيءَ کي نٿا مڃين. انهن جي نظر ۾ ڪا به حتمي سچائي ناهي، ۽ سُٺي ۽ بري جي وچ ۾ ڪنھن به قسم جي ڪا لڪير نٿي ڪڍي سگهجي. جديديت پُڄاڻان صورتحال ۾ انسان کان وٺي هر شيءِ وکر آهي. هر چيز خريدي ۽ وڪرو ڪري سگهجي ٿي.
هن مقالي ۾ جديديت پُڄاڻان صورتحال موجب جديديت پُڄاڻان ادب جي ڪُجهه خاص موضوعن ۽ عنصرن کي جديد غزل ۾ تلاش ڪيو ويندو.
جديد غزل ۾ جديديت پُڄاڻان جا هيٺيان عڪس ڏسي سگهجن ٿا:
- سُڃاڻپ جي ڳولا
- بي حسي
- مذهبي عقيدن کي للڪارڻ
- لاتعلقي ۽ بيزاري
- رشتن ۽ قدرن جو ٽُٽڻ
(1) سڃاڻپ جي ڳولا:
هر انسان جي پنھنجي الڳ سُڃاڻپ هوندي آهي، بلڪل اهڙي نموني هر قوم، هر ٻوليءَ جي پنھنجي الڳ الڳ سڃاڻپ آهي، پر طاقتور عنصر اُن سُڃاڻپ کي مٽائي هڪ سُڃاڻپ يعني تھذيب کي يڪ مُھانڊي بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن. جديديت پُڄاڻان ادب وانگر جديد غزل به ماڻهوءَ جي سُڃاڻپ، قومن، ثقافتن ۽ ٻولين جي الڳيت ۽ پنھنجي پنھنجي الڳ سُڃاڻپ رکڻ کي اهميت ڏئي ٿو. واسديو موهيءَ موجب:
”بعد جديديت ادب جو اهو به عقيدو آهي ته سڄيءَ دنيا جي تھذيب يڪ مُھانڊي ٿي نٿي سگهي. هر قوم کي هر ٻئي شخص کان الڳ صورت، الڳ عادتون، الڳ سُڃاڻپ آهي ته ڪنھن قوم جي پنھنجي الڳ هستيءَ کان انڪاري ڪيئن ٿو ٿي سگهجي. بعد جديديت ادب ان الڳيت جو احترام ڪري ٿو، ۽ انهن طاقتور عناصرن کي للڪاري ٿو، جيڪي مفاد پرست (Vested Interest) خاطر هر شئي مشيني وستوءَ جيان هڪ ڪري بڻائڻ جي چڪر ۾ آهي.“ (3)
جديد غزل ماڻهوءَ، قومن ۽ ثقافت جي وڃائجي ويل سڃاڻپ جي تلاش کي اهميت ڏني آهي. جديد غزل، سڃاڻپ جي ڳولا جي موضوع تي جديديت پُڄاڻان صورتحال جي ڀرپور نموني عڪاسي ڪئي آهي. جديد غزل انسان جي سڃاڻپ جي ڳولا جو سفر آهي. انهيءَ سفر جا تجربا مختلف صورتن ۾ ملن ٿا.
جديد دؤر ۾ انسان جي سڃاڻپ ۽ انفراديت نئين سماج جي ڀڄ ڊڪ ۽ هل هنگامن ۾ گم ٿيندي پئي وڃي. جديد غزل انسان جي اصل سڃاڻپ ۽ اُن جي انفراديت جو متلاشي آهي.
”اُٿي اڌ رات جو هٿ پاڻ کي لائي ڪيم پڪ پئي،
ڪٿي ڏينھن جو وساري پاڻ کي ٻيو ته مان ناهيان.“ (4)
”انيڪ آدمي رهن ٿا مُنفرد ۽ مختلف،
نه شھر جون شناختون، نه ڪو پتو نشان جو!“ (5)
صنعتي ترقي، ماڻهوءَ کان اُن جي سڃاڻپ ۽ انفراديت کسي ورتي آهي. شھر کي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ ۽ انفراديت سان ڪو غرض ڪونهي، ڇو ته شھر وٽ ماڻهوءَ جي اهميت هڪ مشيني پُرزي کان وڌيڪ ناهي.
”شھر سڄو ئي دز ۽ دونھون،
ڪھڙا ڪپڙا، ڪنھن جو چھرو؟ (6)
”دز ۽ دونھون“ جھڙا لفظ صرف صنعتي ترقيءَ ڏانھن اشارو نٿا ڪن، پر انهن مفاد پرست ۽ طاقتور عنصرن ڏانھن آڱر کڻن ٿا، جيڪي انسان جي سُڃاڻپ ۽ انفراديت جي خاتمي لاءِ برسر پيڪار آهن. جديد غزل اُنهن قوتن کي، اُنهن جي چالاڪين ۽ چالبازين کي اُگهاڙو ڪري ٿو، جيڪي يڪ مُھانڊي ثقافت جي نالي ۾ انسان جي اصل سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ چاهن ٿا.
”ماڻهو ماڻهو ڍڪيو پيو آهي،
يار هيڏا نقاب ڪير ڳڻي.“ (7)
جديد غزل ۾ ماڻهو پنھنجي انفراديت ۽ سڃاڻپ ڏانھن مراجعت آهي. جديد صنعتي ۽ مشيني تھذيب جي اچڻ سان ماڻهو پنھنجي وجودي شناخت ۽ سڃاڻپ کي وساري ۽ وڃائي چڪو آهي.
”بي مُھانڊي ٿا ڦرون،
زندگيءَ منھن نه ڏنو.“ (8)
جنھن کي آيو جو، ويو لِکندو مٿس،
هُو رهيو ساري عمر ديوارَ جيان.“ (9)
”ڇاهي يار! جدائي توکي ڇا معلوم؟
ميلي جي تنھائي، توکي ڇا معلوم؟ (10)
ڪو سُڃاڻي ئي نٿو،
پنھنجو ڏَسُ ڪنھن کان پُڇان.“ (11)
جديد غزل ۾ شھري قدر، بي حسي ۽ سڃاڻپ جي ڳولا جا عنصر موجود آهن.
”گم ڪٿي ٿي ويو اٿس چھرو،
آرسيءَ کان پتو پُڇي پيو ٿو.“ (12)
”ڪوئي به شخص سُڃاتو نه پئي ويو ڪنھن کان،
سموري شھر جي چھرن کي رات ڇا ٿيو هو؟“ (13)
شھر جي بي حسي ۽ ڪنھن به فرد جي شناخت ۽ سڃاڻپ کان انڪاري شھر جو عڪس هيٺين شعر ۾ پڻ ڏسي سگهجي ٿو.
”ان کي ڪُلها، پُٺاڙا، هٿ، پير ٿا کپن،
هي شھر آهي، ڪنھن جو چھرو پُڇي نٿو.“ (14)
جديد دؤر ۾ فرد پنھنجي سُڃاڻپ ۽ پنھنجي ثقافتي سُڃاڻپ کي قائم رکڻ لاءِ فڪرمند نظر اچي ٿو. واسديو موهيءَ جو چوڻ آهي:
”بعد جديد دؤر ۾ شخص نه صرف پنھنجي سڃاڻ پر پنھنجي ثقافتي شناخت جي سنڪٽ سان به منھن مقابل آهي. هن کي سڄي دنيا لاءِ يڪ مُھانڊائي ثقافت نه کپي. هو ثقافتن جي گونا گونيت کي مان ڏيندي پنھنجي ثقافت سان جُڙڻ چاهي ٿو.“ (15)
جديد غزل ۾ عورت جي وجود جي شناخت ۽ سُڃاڻپ جا عڪس رخسانه پريت جي غزل ۾ به ملن ٿا. اسان جي معاشري ۾ ته عورت کي اڃان پوري طرح سياسي حق به حاصل ناهن. تنھنڪري اُن جي وجود ۽ سڃاڻپ کي مٽائڻ جي لاءِ سدائين ڪوششون ڪيون پئي ويون. جديديت پُڄاڻان دؤر ۾ به اهي ڪوششون طاقتور عنصرن جي طرفان جاري آهن. اڄ جي عورت انهن طاقتور قوتن کي للڪاري رهي آهي، جيڪي قوتون آفاقيت، انسانيت ۽ لبرلزم جي نالي تي عورت جي انفراديت ۽ سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن.
”ڪوئي اهڃاڻ پئي ڳوليان،
مان خود کي هاڻ پئي ڳوليان.
نه ڪنھن ڀي ڊوڙ ۾ شامل،
مان پنھنجو پاڻ پئي ڳوليان.
جيئان جيئرن وجودن جان،
مان اهڙي ڄاڻ پئي ڳوليان.“ (16)
**
”زندگيءَ جو گيت ڳايان، مان به آهيان،
هر ڇني زنجير لاهيان، مان به آهيان،
رد سڀ رسمون، سڀئي قانون ڪارا،
ڇو جبين پنھنجي جُهڪايان، مان به آهيان.“ (17)
**
سڀ ڏانوڻيون ڇنان مان آزاد ٿي گذاريان،
سرمست ٿي، اُداس ٿي، خوش ٿي، کلي گذاريان،
زنده وجود آهيان، سوچيان، هلان، گهمان ٿي،
ڇا لئه ڀلا مان بڻجي ڪا مورتي گذاريان.“ (18)
جديد غزل ۾ عورت پنھنجي سُڃاڻپ ۽ وجود جي تحفظ ۽ بقا جي لاءِ جدوجھد ڪندي نظر اچي ٿي. اها جدوجھد مزاحمت جو روپ ڌاري سڀ ڏانوڻيون ڇني، سمورا زنجير لاهي، سمورين رسمن ۽ ڪارن قانونن کي رد ڪري ٿي. ان لحاظ کان ڏسجي ته جديد غزل ۾ عورت هڪ اهڙي سورمي طور سامهون آئي آهي، جيڪا پنھنجي وجود جي انفراديت ۽ پنھنجي شناخت ۽ سُڃاڻپ کي مڃرائڻ لاءِ مزاحمت ڪندي، ۽ وڙهندي نظر اچي ٿي.
مجموعي طور ڏسجي ته جتي جديديت پُڄاڻان دؤر ماڻهوءَ جي سڃاڻپ کي مٽائڻ ۽ مسخ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، اُتي جديد غزل ماڻهوءَ کي پنھنجي انفراديت ۽ سڃاڻپ کان آگاهه پڻ ڪيو آهي. جديد غزل ۾ فرد پنھنجي سڃاڻپ تان هٿ کڻندي نظر نٿو اچي. اُن ۾ شخص نه صرف پنھنجي سڃاڻپ ڏانھن مڙيو آهي، پر پنھنجي سڃاڻپ جو متلاشي نظر اچي ٿو. جديد غزل ۾ فرد پنھنجي سڃاڻپ ڏانھن مراجعت آهي. فرد پاڻ ڏانھن موٽي ٿو. هو پنھنجي سڃاڻپ کي وسارڻ نٿو چاهي، اها ئي جديد غزل جي انفراديت آهي.
جديد شاعرن جي غزلن ۾ پنھنجي دؤر جا مسئلا ۽ حالتون سمايل آهن. اڳوڻا قدر ۽ اڳوڻيون روايتون ختم ٿي ويون آهن. دنيا بدلجي چُڪي آهي. ملڪ، سماج ۽خاندان ٽٽي ڪري پنھنجي سڃاڻپ ۽ پنھنجي انفرادي آزادي وڃائي چڪا آهن.
جديد غزل شخص جي رحم جوڳي حالت تي نئين نظر وجهي، زندگيءَ جي بي رحميءَ جو احساس ڏياريو آهي. جديد غزل سڃاڻپ وڃائي ويٺل شخص جي حالتن، مونجهارن ۽ مسئلن جي ڪٿا آهي. جديد غزل شخص جي مونجهارن، بي مقصد زندگي، خوف جي احساس ۽ سڃاڻپ وڃائي ڇڏڻ واري الميي جو اظھار آهي.
جديد غزل انسان جي ”بي مُھانڊي“ هئڻ جي بيوسيءَ جو اظھار ڪري ٿو. جديد غزل سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقي مان پيدا ٿيل صورتحال خلاف احتجاج ڪري ٿو. ان سان گڏ موجوده دؤر ۾ ايندڙ دؤر جي ڪٺورتا ۽ ڀيانڪ روپن کي اُگهاڙي ٿو.
(2) بي حسي:
صنعتي ترقي ۽ مشيني زندگي، ماڻهوءَ کي نه صرف فطرت کان ڇني ڇڏيو آهي، پر ماڻهوءَ کي رشتن ناتن، دوستين، محبتن ۽ همدردي جھڙن جذبن ۽ احساسن کان لاتعلق ڪري، انسان کي هڪ مشيني پُرزو بڻائي ڇڏيو آهي. شھري زندگيءَ ۾ انساني بي حسي، خوف جي پيداوار آهي، خوف مان ڦٽل انساني بي حسيءَ کي جديد غزل الڳ نموني بيان ڪيو آهي.
”حيرت ۾ سڄو ئي شھر آ اڄ،
ٿيو ڪجهه نه ٿيڻ جو حادثو آ.“ (19)
جديد غزل جديديت پُڄاڻان صورتحال مطابق ئي انساني بي حسيءَ کي پينٽ ڪيو آهي. ايم ڪمل، انساني بي حسيءَ کي بيحد انفراديت سان پيش ڪيو آهي. انهيءَ موضوع جو هو يڪتا ۽ سرواڻ شاعر هو. هن انساني بي حسيءَ کي بيان ڪرڻ لاءِ هن نوان نوان استعارا تخليق ڪري خيال کي شدت سان بيان ڪيو آهي.
”ماٺ جي سُئي آوازن جا چَپَ سبي ويئي،
ڪوڪ دانھن اکين سان ئي ٻڌو ۽ ٻڌايو. (20)
بي حسي شھري زندگيءَ جو هڪ اهڙو عنصر آهي، جنھن ۾ انساني استحصال جائز آهي. اهو هڪ اهڙو ذهني رويو آهي، جيڪو شھري زندگيءَ سان گڏ جديديت پُڄاڻان دؤر جي ماڻهوءَ جي سوچ جي عڪاسي ڪري ٿو. جتي پنھنجن مفادن خاطر سڀ ڪجهه جائز ۽ روا آهي.
ان حوالي سان ڊاڪٽر غفور ميمڻ لکي ٿو:
جديديت پُڄاڻان اهڙي صورتحال آهي، جنھن ۾ صرف پنھنجي ماضيءَ سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهو ماضي جنھن ۾ سٺائي، خرابيءَ جا معيار هئا. سچ ۽ ڪوڙ جو تصور هو. انسان جي نارملٽي ۽ سالميت لاءِ سچ ۽ ڪوڙ، سٺائي ۽ خرابيءَ جو معيار ضروري آهي، نه ته سڀ جائز آهي، ۽ بلڪل جديديت پُڄاڻان ۾ سڀ جائز آهي.“ (21)
اهڙيءَ صورتحال جا عڪس جديد غزل ۾ ملن ٿا، جنھن ۾ ظلم ستم کان وٺي ڪنھن جو خون پيئڻ به روا آهي.
”ڇا ٿا سوچيو، روا سڀ آهي اڄ،
ڪنھن جو ڀي رت ملي، پِئو جلدي.“ (22)
بي حسي خوف جي پيداوار پڻ آهي. خوف انسان کي نه صرف بي حس ڪري ڇڏي ٿو، پر انسان جي اندر پيار محبت، همدردي ۽ انسانيت جي جذبن کي دٻائي يا ماري ڇڏي ٿو. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿئي ٿي، تڏهن شھري ماڻهو هڪجھڙي سوچ جو شڪار ٿيندا آهن. جديد غزل جديديت پُڄاڻان دؤر جي ماڻهوءَ جي خوف مان پيدا ٿيل بي حسيءَ کي ڪجهه هن طرح پينٽ ڪيو آهي.
”سڄي گهٽي ئي چيخون ٻڌي ٿي،
اسين ئي پنھنجو در ڇو کوليون؟“ (23)
صنعتي تھذيب جي ذهني رويي کي جديد غزل اُگهاڙيو آهي، ۽ جديد دؤر جي ماڻهوءَ جي بي حسيءَ کي ڏاڍي بي رحميءَ سان پيش ڪيو آهي.
”هن شھر جا حواس، لڳن ٿا گهڻا عجيب،
سُڏڪا ٻُڌي سگهن نٿا، بس ٽھڪ ئي ٻُڌن.“ (24)
جديد غزل ۾ انهن حالتن، نئين معاشري جي مسئلن ۽ ذهني رويي جي سبب سماج ۽ انساني زندگيءَ تي جيڪي اثر پون ٿا، انهن اثرن جا اولڙا ۽ عڪس ملن ٿا. جديد غزل جديد دؤر جي انسان جي بي حسيءَ جي انتھا کي سمايو آهي. اڄ جو شھري انسان بي حسيءَ جي ڪھڙين حالتن کي منھن ڏئي رهيو آهي؟ جديد غزل ۾ ان جا عڪس موجود آهن.
”اندر ٻه لاش، گهر مان آواز ڪو اچي ٿو،
هڪ ٻار جو ته سُڏڪو آهي، ٻڌي ڪبو ڇا؟“ (25)
جديد غزل ۾ بي حسيءَ جي پٺيان لڪل انساني مجبوريءَ جو عڪس آهي. جديد غزل، جديد انسان جي زندگيءَ سان جڙيل ٻين پھلوئن سان گڏ بي حسيءَ جي پھوءَ کي موجوده دؤر جي ماحول مطابق پيش ڪيو آهي. غزل انسان جي بي حسيءَ جي اهڙين بي رحم حقيقتن کي پيش ڪيو آهي، جن کي پڙهندي اڄوڪي انسان جي بي حسي ۽ مجبوريءَ تي ماتم ڪرڻ تي دل چوي ٿي.
”روڊ تي لاشن پئي ماتم ڪيو،
خلق ڪمرن ۾ سُتي هئي شھر جي.“ (26)
شھري زندگي ۽ صنعتي تھذيب انسان جي بي حسيءَ جي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ آهي. جديد غزل شھري زندگيءَ ۾ ڏيکاءَ جي اهميت ۽ انسان جي بي حسيءَ کي الڳ انداز ۾ بيان ڪري جديد غزل شھري زندگيءَ ۽ جديديت پُڄاڻان صورتحال کي آڏو رکندو آهي.
”روشني ڪيڏي آهي ڏيکاءَ لاءِ،
پر ڏسڻ لئه شھر وٽ ناهن اکيون.“ (27)
جديد غزل ۾ بي حسيءَ جي موضوع تي جيڪي شعر ملن ٿا، انهن ۾ جديديت پُڄاڻان صورتحال جي عڪاسي آهي. جديد غزل ۾ نئين دؤر جو انسان بي حس، مجبور ۽ خوف ۾ ورتل آهي. جديد غزل ۾ صنعتي تھذيب جي گُهٽ ۽ ٻوسٽ سان ماريل اڄوڪي انسان جي درد ڪٿا بيان ٿيل آهي. سماجي ۽ ثقافتي تبديلين کان پوءِ جيڪا صورتحال آهي، اها صورتحال انساني زندگيءَ تي اثرانداز ٿي آهي، ۽ جديد غزل تي پڻ اُن جا اثر پيا آهن. جديد غزل ۾ نئين زندگيءَ جو وهنوار ۽ ان جا نوان نوان عڪس سمايل آهن. جديد غزل ۾ اڄ جي زندگيءَ جي مجبوريءَ سان گڏ اڄوڪي انسان جي بي حسي ۽ خوف جي عڪاسي آهي.
(3) مذهبي عقيدن کي للڪارڻ:
مذهبي عقيدن کي هميشه آفاقيت ۽ مھا بيانيي طور ڏٺو پئي ويو. جڏهن ته جديديت پُڄاڻان دؤر ڪنھن به نظريي، سچ ۽ عقيدي کي آفاقي نٿو مڃي. جديديت پُڄاڻان ڪنھن به نظريي جي غلاميءَ کي قبول نٿو ڪري. ان ڪري آفاقيت ۽ مھا بيانيي کي رد ڪري شخصي آزادي ۽ مقامي بيانيي کي اهميت ڏئي ٿو. جديديت پُڄاڻان، آفاقيت ۽ مھا بيانيي جي نالي تي مذهبي عقيدن تي ڀرپور وار ڪيو آهي ۽ فطري، آزاداڻي اظھار ۽ عمل کي اهميت ڏني آهي. مھا بيانيو ڇا آهي؟ ان سوال ڏانھن اچون ٿا.
”مھا بيانه (Meta Narrative) ڇا آهي؟ اسين ڪيترن زمانن کان وٺي ماورائيت ۽ ڪائناتي سچائين تي ڪنڌ لوڏيندا رهيا آهيون. اهي مھا بيانيه ڪڏهن مذهب جي روپ ۾، ڪڏهن نظرين جي روپ ۾، فرمانن جي وسيلي اسان جي پيرن ۾ زنجيرون پارائي ڇڏين ٿا. اهڙن مُھا بيانن ۾ اهي سموريون فڪري ٿيسز شامل آهن، جن کي اسين مارڪسزم سان تعبير ڪريون ٿا، يا ٻيون اهڙيون مڃيل حڪم صادر ڪندڙ نام نھاد سچائيون آهن، جيڪي مختلف صورتن ۾ اسان جي اڳيان هونديون آهن. (28)
جديديت پُڄاڻان موجب جيڪي به نظريا آهن، اهي تخليقي آزاديءَ جي خلاف آهن. تخليقي آزادي، تخليقڪار ۽ لکڻھار جو حق آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته تخليقڪار جي انفرادي نظريي کي مڃي ضرور ٿي، پر تخليقڪار جي انفرادي فڪر ۽ نظريي کي حتمي ۽ آخري سچائي مڃڻ لاءِ تيار ناهي.
”جلادن ڏنو آ، اهو ٺاهه ٺاهي،
چڙهي پاڻ سورج مکي رات ڦاهي.“ (29)
جديديت پڄاڻان پاڻ کي به آخري نظريو يا حتمي سچائي نٿي سمجهي. جديد پڄاڻان وسعت چاهي ٿي ۽ نون رستن ڏانھن پنڌ ڪري ٿي. نوان نوان رستا جوڙيندي رهي ٿي.
”يا خُدا! تون متان اچين وچ ۾،
موت منھنجو معاملو آهي!“ (30)
مذهبي حوالي سان ڏٺو وڃي ته مطلق سچ يا مذهبي عقيدو اهو آهي ته زندگي ۽ موت، خدا جي اختيار ۾ آهن. اياز ان مطلق سچ يا آخري سچائيءَ جي برعڪس موت کي پنھنجو ذاتي معاملو سڏي، فلسفي سان وڃي جوڙي ٿو، ۽ موت کي وجود جي ذاتي تجربي طور ڏسي ٿو، جنھن سان هن جو وجود نبرد آزما آهي.
”دوزخ وهم، بھشت حڪايت،
دنيا جھي تھڙي حقيقت!“ (31)
اسلام ۾ دوزخ ۽ بھشت مطلق سچ ۽ آخري سچائي آهن. نارائڻ شيام اُن کي آخري يا حتمي سچائي تسليم نٿو ڪري. هن جي نظر ۾ هڪ وهم ۽ ٻي حڪايت آهي. جيتوڻيڪ شاعر جي اها راءِ، اهو فڪر حتمي يا پٿر تي ليڪ ناهي، پر شاعر جي ان راءِ کي رد ڪرڻ جو حق جديديت پڄاڻان نٿي ڏئي. ڇو ته جديديت پڄاڻان شخصي ۽ مذهبي آزاديءَ جي ڳالهه ڪري ٿي.
”سوا سچ، سائنس ۽ سُنُن جي،
ڪروڙين قصا، پر ڪو وقتي ڪٿا!“
اُستاد بخاري ته هر ڪٿا، هر قصي ۽ هر نظريي تي منڌيئڙو ڦيري ڇڏيو آهي. هو ڪنھن به ڪٿا، ڪنھن به نظريي کي تسليم نٿو ڪري، استاد وٽ سائنس ۽ سونھن جي اهميت آهي. استاد وٽ علم، عمل ۽ عقل جي اهميت آهي.
”وڏا ديوتا ديوتا، ڀوت، ڀوپا،
عمل، علم جي ۾ آڪيڙي ڇڏياسين.“ (32)
استاد بخاري مذهبي عقيدن کي للڪاري ديوتا ۽ ڀوت جي تصور کي رد ڪري، اُنهن کي آخري سچ طور نٿو مڃي. بخاريءَ جي نظر ۾ علم ۽ عمل جي ذريعي ئي انسان شخصي ۽ مذهبي آزاديءَ تي پھچي، وهمن، وسوسن ۽ عقيدن مان نڪري سگهي ٿو.
جديد غزل تي جديديت پُڄاڻان صورتحال جو گھرو اثر ورتو آهي. ان ڪري جديد غزل به جديديت پڄاڻان وانگر ڪنھن به نظريي ڪنھن به عقيدي، ڪنھن به سچ کي مطلق ۽ آخري نٿو سمجهي:
”اي خدا! تنھنجو ته خالي نانءُ آ،
هونءَ ڪوئي مالڪ ٻيو آ شھر جو.“ (33)
جديد غزل مذهبي عقيدن ۾ جڪڙيل فردن کي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ ڏانھن نئين وک وڌائي آهي. ان ۾ عقيدن تان ويساهه کڄڻ ۽ مطلق سچ کان انڪار سبب نئين زاويي سان ڏسڻ ۽ نئين دؤر جي ماڻهوءَ جي نئين ذهني رويي بابت خبر پئي ٿي.
”اجايو ٿو مصيبتون ڳولهي،
خدا جي در تان رحمتون ڳولي“ (34)
ڪَن پَھَڻ، وڻ اڳيان به ٿا سجدا،
ڊپ ٿو خلقي علامتون ڪھڙيون!“ (35)
پوڄا جي جڳھه شيخون ڏسندي، ته ڏڪي ٿو جيءُ،
ڀڳوان کي آدمخور لکندي، ته ڏڪي ٿو جيءُ.“ (36)
هندو مذهب ۾ ڀڳوان جو تصور مطلق سچ يعني آخري سچائيءَ طور مڃيو ويندو هو، پر جديد غزل ۾ اُن جي برعڪس ڀڳوانن کي صرف پٿر مڃڻ جو خيال آهي.
”ڪيڏو لاچار مورتي ڏسجي،
صرف پٿر بڻجي مڃيو ڀڳوان. (37)
سڙي ٿيو خاڪ هو ڀڳوان شارٽ سرڪٽ تي
ڀَڄي سگهيا نه، جو بندر به ڪاٺ جا ئي هيا.(38)
آشا درگاپوري جي غزل ۾ (Death of God) جو تصور، موجود آهي. جديد سنڌي غزل ۾ (Death of God) جي تصور ذريعي نئين دؤر جي انسان جي بيوسي ۽ سياسي حالتن جي بي رحميءَ جو عڪس چٽيو ويو آهي.
”نه ايمان، ڌرم جي، نه مذهب، نه من جي،
هلي ڪين رب جي، هلي جت سياست.“ (39)
جديد سنڌي غزل جو تعلق سماج سان آهي، مذهبي عقيدن کان ان ۾ بيزاري ڏيکاريل آهي. مذهبي عقيدن جي حوالي سان جديد غزل ۾ ڀڳوانن جي مطلق سچ کان پڻ انڪار ڪيل آهي، ۽ نئين دؤر جي انسان جو هاڻي اُن تي ويساهه ناهي رهيو.
”رڙيون ڪرين ۽ واڪا به ڪرين،
ٻوڙو ڀڳوان ٻُڌي ڪٿي ٿو؟“ (40)
”وڪامي وڃي خود ٿو ڀڳوان هت،
اُتي ڳالهه انسان جي ڪھڙي ڪجي.“ (41)
جڏهن انسان عقيدن کان آجوٿيندو آهي، تڏهن هن جي سوچ جو زاويو تبديل ٿي ويندو آهي. هن عبادت گاهن جي لاءِ احترام ختم ٿي ويندو آهي، ۽ هو انهن کي رهزنن جي ور چڙهندي ڏسي ڊاهڻ جي ڳالهه ڪري ٿو.
”جن ۾ گهر رهزنن جا، سي ٽوڙي ڇڏيو،
پوءِ مسجد هجي يا شوالا هجن.“ (42)
جديديت پُڄاڻان دؤر جو الميو اهو آهي، جو سڀني نظرين جا بت پاش پاش ٿي ويا. جديد غزل ان اثر هيٺ ڪنھن به نظريي جي غلامي قبول ناهي ڪئي. ان ۾ پنھنجي دؤر جو حسين ادراڪ آهي. جديد غزل اڄ جي دؤر جي ماڻهن جي پيرن مان عقيدن جون زنجيرون لاهي ڦٽي ڪيون آهن. جديد غزل اڄ جي دؤر جي انسان جي شخصي ۽ مذهبي آزاديءَ تي نه صرف زور ڏنو آهي، پر پنھنجي شخصي ۽ مذهبي آزاديءَ جو برملا اظهار به ڪيو آهي.
جديديت پڄاڻان جي اثر هيٺ جديد غزل ۾ مذهبي عقيدن کي للڪاري، اُنهن جي مطلق سچ هئڻ واري صدين کان رائج خيال کي رد ڪيو ويو آهي. غزل گو شاعرن اکيون ٻوٽي عقيدن کي قبولڻ بجاءِ جديد غزل ۾ پنھنجي شخصي آزادي ۽ مذهبي آزاديءَ جو جهنڊو بُلند ڪيو آهي.
”برف ايمان تي ڄمي وئي آ،
۽ خدا ڀي ٺري رهيو آهي.“ (43)
”پنھنجي دنيا کي پاڻ ڄاڻي ڏي،
يا ته مون کي خدا ٻيو آڻي ڏي.“ (44)
جديد غزل ۾ ماڻهوءَ جي شخصي راءِ ۽ فڪر کي اهميت ڏني وئي آهي. جديديت پڄاڻان جي اثر سبب غزل ۾ هر قسم جي مھا بيانيي ۽ مذهبي عقيدن کي رد ڪري، ڪنھن به سچ کي حتمي ۽ آخري تسليم ڪرڻ بجاءِ، اُن کي للڪاريو ويو آهي، ۽ صدين کان رائج مذهبي عقيدن کان انسان جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. مذهب کي ڊپ جي پيداوار سڏي، انسان جي عقل ۽ عرفان کي اهميت ڏني وئي آهي. جيتوڻيڪ جديد غزل ۾ شاعر پنھنجي راءِ يا پنھنجي فڪر کي به حتمي ۽ آخري سچ تسليم ناهي ڪيو ۽ نئين فڪر لاءِ پنھنجون راهون هميشه لاءِ کليل رکيون آهن.
(4) لاتعلقي:
لاتعلقي شھري زندگيءَ جو هڪ اهم عنصر آهي. جديد غزل ۾ لاتعلقيءَ جو عنصر هڪ ذهني رويي طور آيو آهي. لاتعلقيءَ جي ابتدا گهرن اندران شروع ٿي. شھري زندگيءَ جو اهو الميو آهي ته گهر جا ڀاتي هڪٻئي سان پنھنجو اندر نٿا اورن، ۽ رشتن جي وچ ۾ لاتعلقيءَ جي ديوار کڙي ٿي وئي آهي. نتيجي ۾ رشتا ويا هڪٻئي کان دور ٿيندا، ۽ گهر جو احساس، رشتن جو احساس ۽ تحفظ جو احساس ختم ٿي ويو. جديد غزل هڪ نئين ماحول ۽ نئين صورتحال کي ڏٺو، ۽ انهيءَ صورتحال کي جيئن جو تيئن پيش ڪيو.
”وطن کان پوءِ، سنڌي غزل ۾ گهر، ”گهر“ نه لڳڻ جو احساس آيو آهي. گهر هڪ اهڙي جڳهه آهي، جتي هر ڪو محفوظ محسوس ڪري ٿو. آسائش ڀانئي ٿو ۽ رشتا ئي گرمائش مان پاڻ کي گرمائي ٿو، ۽ ان قسم جا ڀاوَ اڳين ڪيترن غزلن ۾ آيا آهن، پر تازي غزل ۾ شاعر پنھنجي گهر کان به ڪيٻائي ٿو. پنھنجو اندر هو گهر ۾ به اوري نٿو سگهي. هڪ قسم جي اجنبيت آهي. گهر جي ڀاتين جي وچ ۾.“ (45)
جديد غزل ۾ لاتعلقيءَ جو عنصر گهر ڀاتين کان ٿي، شھر وارن ، ڳوٺ وارن، رستن، ڍنڍن ۽ ٻنين تائين پکڙيل ملي ٿو. لاتعلقي وسيع ٿيندي وڃي ٿي، پر حقيقت ۾ لاتعلقي جديد غزل جو هڪ اهم موضوع بڻجي وئي آهي. رشتن جي هڪٻئي سان وهنوار تان جديد غزل پردو کنيو آهي.
”هُجي گهر ۾، گهر جو هيس مان ڪٿي،
رسيءَ تي سُڪائڻ وِڌل جئن وڳو!“ (46)
جديد غزل ۾ لاتعلقيءَ جي پٺيان نئين دؤر جي انسان جي بي حسي پڻ ڏسي سگهجي ٿي. جديد غزل، لاتعلقيءَ جي عنصر ۾ لڪل انساني بي حسيءَ کي پڻ ظاهر ڪيو آهي. انسان جڏهن بي حس ۽ پٿر بڻجيو پوي، تڏهن هو گهر ڀاتين ۽ رت جي رشتن کان به لاتعلق ٿي وڃي ٿو. هڪٻئي جي ڏک ۽ تڪليف جي احساس کان آجو ٿي وڃي ٿو.
نارائڻ شيام جي مٿئين شعر واري لاتعلقيءَ کي جنھن نموني ايم ڪمل ورتايو آهي، جديد غزل ۾ اُن جي مٽ ٻيو ڪو شعر سو به لاجواب آهي:
”موهن جي دڙي جئن نه لڌي سار ڪڏهن ڪنھن،
هر مينھن ۽ واچوڙي ۾ ڀرندو ئي رهيس مان.“ (47)
”موهن جو دڙو“ تلميح سان گڏ لاتعلقيءَ کي شدت سان بيان ڪرڻ لاءِ هڪ نئين علامت پڻ آهي. ايم ڪمل، ”موهن جو دڙو، مينھن ۽ واچوڙي“ جھڙيون علامتون تخليق ڪري لاتعلقيءَ کي نج تخليقي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي.
جديد غزل لاتعلقيءَ جي عنصر کي علامتي ۽ استعاراتي انداز ۾، يا وري تخليقيت ذريعي پيش ڪيو آهي. گهر جي غير سلامتي ، گهر جو ٽٽڻ ۽ ڪٽنب جي وکري وڃڻ جي احساس ماڻهوءَ کي ٽوڙي هڪ نئين عذاب ۾ اُڇلي ڇڏيو آهي. گهر ۾ ئي ڌاريائپ جي احساس ماڻهوءَ کي ڀڃي ڀور ڀور ڪري ڇڏيو . جديد غزل ۾ اُن ڀور ڀور ٿيل فرد جي احساسن جي نمائندگي ملي ٿي.
ڪرشن راهيءَ جي غزل جا ٻه شعر اڄ جي دؤر جي لاتعلقيءَ جي احساس کي هن ريت اظھارين ٿا:
”گهر جا ڀاتي، ڄڻ ته گهر ۾ گڏ اڪيلا ٿا رهن،
پنھنجي گهر ۾ آهن پنھنجا پنھنجا اجنبي.“ (48)
”ڏنو تو اڃا ٻاهريون بند در آ،
گهرن ۾ تون اندر به در بند ڏسندين.“ (49)
جديد غزل ۾ اهو شعر گهر جي احساس جي خاتمي جو اظھار آهي، جديد غزل گهرجي غير سلامتي، گهر ڀاتين ۾ ڌاريائپ جي احساس، لاتعلقي، اڪيلائي، رشتن ۽ ڪٽنبن جي ٽٽڻ جي احساسن کي سمائي فرد کي وڏي اهميت ڏني آهي.
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ڌاريائپ جي احساس ۽ لاتعلقيءَ کي جديد غزل ۾ بلاشڪ ته اهم حيثيت ڏني وئي آهي، ان جو تعلق شاعر سان يا اڄ جي فردن سان ضرور آهي، پر ان جو تعلق سماج ۽ ثقافت سان نه هئڻ جي برابر آهي. ان تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته جديد غزل ۾ فرد کي اهميت حاصل آهي. شاعرن، فرد جي پيڙائن ۽ احساسن کان اکيون ناهن چورايون. لاتعلقيءَ وارن شعرن کي ڏسندي ائين لڳي ٿو ته جديد غزل فرد جي ذات جي گهيري ۾ ڦاٿل آهي. اهو خاص طور هند ۾ سرجندڙ جديد غزل جو هڪ رخ آهي. جديد غزل ۾ اهو رويو ڪڏهن بدلبو، اهو چئي نٿو سگهجي.
لاتعلقيءَ جو احساس ادل سومري جي غزل ۾ نئين نموني ۽ نئين ماحول سان آيو آهي. ادل سومري، لاتعلقيءَ جي احساس کي گهر ۽ ڪٽنب جي محدود دائري مان ڪڍي، اُن کي ڳوٺ، ڍنڍ، رستن ۽ ٻنين تائين آڻي وسعت بخشي آهي.
”ڪو به چھرو ڪين ٿو پنھنجو لڳي،
لفظ، لھجا ۽ اکيون سڀ اوپريون.“
ڍنڍ ٿي مون کان پڇي مان ڪير هان،
ڳوٺ، رستا ۽ ٻنيون سڀ اوپريون.“ (50)
اياز گل لاتعلقيءَ جي احساس کي ”دنيا“ تائين آندو آهي، ۽ دنيا تائين پھچڻ لاتعلقيءَ جي انتھا آهي.
”ائين گذاريو اسان آهي تنھنجي دنيا ۾،
انڌن جي شھر ۾ ڄڻ، آرسي رهي آهي.“ (51)
اياز گل، لاتعلقيءَ جي احساس کي صرف .دنيا“ تائين پھچائي وسعت ناهي بخشي، پر اُن کي رومانوي رنگ ۾ رڱي احساسن جي هڪ نئين دنيا دريافت ڪئي آهي. رومانويت سان گڏ خالي گهر جو درد ۽ بي گهريءَ جي احساس کي پڻ اُڀاريو ويو آهي.
”چھرو ڪوئي، ديپ، اشارا ڪجهه ڪونهي،
عمر سڄي هي خالي جارا ڪيئن ڪندا.“ (52)
جديد غزل ۾ لاتعلقيءَ جي احساس کي هر شاعر پنھنجي پنھنجي رنگ ۽ انداز ۾ پيش ڪيو آهي:
”هاڻ ڪنھن کي خبر نه آ گهر ۾،
ڪنڊ ڪھڙيءَ ۾ مان دفن آهيان.“ (53)
”ميرن رشتن کي هُن اُڇلي،
ڪمري جا سڀ پردا ڌوتا.“ (54)
جديد غزل ۾ گهر جي ٽٽڻ جي ڪٿا به آهي ته گهر ڀاتين جي لاتعلقيءَ جو احساس به آهي. شھري زندگيءَ ۾ گهر ۾ رهي غير سلامتي ۽ ڌاريائپ جي احساس ۽ فرد جي اڪيلائپ ۽ پيڙا کي جديد غزل سمايو آهي.
”هاڻوڪو غزل ’اڄ‘ سان دوبدو آهي. اڄ جي حيات، سماج، شھري ڪروپتائون، آدميءَ جون پيڙائون، قدرن جو هراس ۽ پشت قدمي وغيره جا بيان ان کي وڌيڪ اعتماد جوڳو بڻائين ٿا، بنسبت اڳئين غزل جي جو اڪثر ايراني، عربي استعارن تي تڳندو هو.“ (55)
جديد غزل ۾ لاتعلقيءَ کي هر شاعر اظھار جي الڳ ڍنگ سان پيش ڪيو آهي. جديد غزل ۾ فرد جي پيڙا، لاتعلقي ۽ قدرن جي ٽٽڻ جا احساس به ڀرپور نموني ملن ٿا.
جديديت پڄاڻان وانگر جديد غزل هر تعلق ۽ رشتي کي نه صرف شڪ جي نگاهه سان ڏسي ٿو. انهن کان لاتعلقيءَ جو اظھار پڻ ڪري ٿو. لاتعلقيءَ جو اظھار جديد غزل جو هڪ عنصر آهي، جنھن ذريعي شاعرن زندگيءَ جي بي معنويت ۽ فرد جي ڪٺورتا کي بيان ڪيو آهي. جديد غزل ان اهم عنصر ذريعي اهو ٻُڌايو آهي ته موجوده دؤر ۾ انساني رشتن ۽ ناتن جي ڪا به اهميت ناهي رهي. مشيني دؤر جي انسان وٽ جديديت وانگر ڪي قدر ناهن. جديديت پُڄاڻان دؤر جو فرد پيار محبت ۽ همدرديءَ جي جذبن ۽ احساسن کان وانجهيل آهي. اهڙيءَ صورتحال کي جديد غزل نئين رخ کان پيش ڪري، انساني لاچاري ۽ بيوسيءَ جو عڪس چٽيو آهي.
(5) رشتن ۽ قدرن جو ٽٽڻ:
جديديت پڄاڻان صورتحال ۾ رشتا ۽ قدر ٽٽي ختم ٿي چڪا آهن. جديد دؤر جو فرد بي حسيءَ جي اونداهين غار ۾ بند آهي. گهر ڀاتين جي وچ ۾ دوريءَ جون ديوارون ٺھڻ ۽ خاندانن جي ٽٽڻ، اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي خاتمي کي جديد غزل پنھنجو موضوع بڻايو آهي. جديد غزل، فرد سان سِڌو سنئون تعلق رکي ٿو. ان ڪري ان رشتن ۽ قدرن جي ٽٽڻ واري ڪٿا کي جديد دؤر جي صورتحال مطابق پيش ڪرڻ لاءِ نون لفظن ۽ نون خيالن جو سھارو ورتو آهي.
جديديت پُڄاڻان صنعتي تھذيب ۽ صارفين ڪلچر جي عڪاسيءَ جو نالو آهي. ان حوالي سان ڊاڪٽر غفور ميمڻ جو چوڻ آهي ته :
”ما بعد جديديت جي دﺆر ۾ شھري ۽ شھري آبادي ٻھراڙيءَ کان وڌي ويندي آهي. نتيجي طور ڪلچر جو، قدرن جو خاتمو ٿي ويندو آهي. اتي صرف صارفين جو ڪلچر هوندو آهي. شھر جي سڄي سرگرمي معاشي ۽ واپاري هوندي آهي. اتي رهڻ وارا آهستي آهستي ان ماحول ۽ معاشي نعرن ۾ گم ٿي ويندا آهن. هنن جو وجود ڪجهه به نه هوندو آهي. اهي صرف مارڪيٽ جو عڪس هوندا آهن. مارڪيٽ ئي هنن جي رهڻ سھڻ جو ڍنگ طئي ڪئي آهي. مابعد جديديت ۾ دنيا مادي حصول جي پويان ديواني هوندي آهي.“ (56)
اهڙيءَ صورتحال جي عڪاسي جديد غزل هن ريت ڪئي آهي.
”جذبا ۽ احساس شھر ڇڏيا ڳڙڪائي،
جسم سمورا ڪورا ڪاڳر جھڙا هئا،
هر چھري جي پنھنجي ٻولي واڪ هيو،
ڳوڙها ٽھڪ سڀئي اوڌر جھڙا هئا.“ (57)
جديد غزل اڄ جي دؤر جي فرد جي پيڙائن ۽ مسئلن کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. رشتن ۽ قدرن جي ٽٽڻ ۽ گهر ڀاتين جي بي رحميءَ کي نارائڻ شيام نئين نموني پيش ڪيو هو. صورتحال اڄ به ساڳي آهي، جيڪا شيام جي دؤر ۾ هئي:
”هجي گهر ۾، گهر جو هيس مان ڪٿي،
رسيءَ تي سڪائڻ وِڌل جئن وڳو!“ (58)
ايم ڪمل اهو شاعر آهي، جنھن جو غزل جديديت پڄاڻان صورتحال جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. ايم ڪمل جي غزل ۾ رشتن ۽ قدرن جي خاتمي ۽ گهر جي ٽٽڻ کي نين حالتن ۽ نئين صورتحال مطابق پيش ڪيو ويو آهي. ڪمل جو غزل، فرد، شھري زندگي، سماج ۽ ڪلچر سان جڙيل آهي.
جديد غزل ۾ گهر ٽٽڻ جو احساس زوردار نموني اُڀري آيو آهي. گهر جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي آهي. گهر جي ڪرڻ جو احساس زور پڪڙي ويو آهي. هر رشتو، گهر جي غير سلامتيءَ جو ذميوار آهي.
”هر ڀت تي الڳ نعرو لکيل آ،
هي گهر ته ڪرڻ جھڙو لڳي ٿو. (59)
صنعتي سماج ۾ رشتا، سڪ ۽ محبت جا مجسم ناهن رهيا. جديد غزل اهو ٻڌائي ٿو ته هاڻي ”خانداني تار“ جي ڳنڍ ٽٽي چڪي آهي، ان ڪري گهر جي ڀتين مان سلامتيءَ جي احساس بجاءِ ”شاڪ لڳڻ“ شروع ٿي چڪا آهن.
”گهر جي ڀتين مان شاڪ اچي ٿو،
ڳنڍ تار جو ٽُٽِي پيو آ.“ (60)
ٻاهر هو بچي ويو، گهر جي ڀتين ڦٽيس،
پيدا ٿين ٿا شھر ۾ خطرا ڪٿان ڪٿان.“ (61)
موجوده دور ۾ گهر جي سلامتيءَ جو احساس ختم ٿي چڪو آهي، گهر صرف ۽ صرف ديوارن جي هئڻ جو نالو رهجي ويو آهي، ۽ گڏ رهندي دوريءَ جو احساس جديد غزل ۾ شدت سان ملي ٿو.
”گهر به ديوارون ۽ ديوارون ٿيا،
لوڪ گڏجي ويٺا آهن ڌار سڀ.“ (62)
ديوار در کي گهر ٿي سڏيائون، جتي ڪٿي،
۽ گهر ته صرف وهم ئي ديوار در جو هو.“ (63)
جديد غزل اڄ جي حالتن ۽ اڄ جي صورتحال کي پيش ڪري رهيو آهي. رشتن جي احساس بجاءِ ديوارن ۽ ڀتين جو احساس اُڀري آيو آهي. صرف ايترو ئي نه هاڻي ته اهي ديوارون ۽ ڀتيون به سلامتي بجاءِ غير سلامتيءَ جو احساس ڏيڻ لڳيون آهن. رشتن ۽ قدرن جي ٽٽڻ جي حوالي سان ڏسجي ته سمورا اخلاقي قدر ٽٽي چڪا آهن. غزل ۾ اِها تبديلي جديديت پڄاڻان صورتحال کان پوءِ آئي آهي. جديد غزل بابت واسديو موهيءَ جو چوڻ آهي ته:
”هند ۽ سنڌ جو غزل سگهارو آهي، ان ۾ شڪ ناهي، اهو پنھنجين پراڻين روايتن کي اڳيان وڌائڻ سان گڏوگڏ نيون کوجون ڪندو ٿو رهي. نوان کوهه کوٽيندو ٿو رهي. نوان تجربا ڪندو ٿو رهي. اُهو حد متحرڪ آهي، ان ڪري تبديلي اُن جي سُڀاءَ ۾ آهي، ۽ اها ئي هڪ زنده چيز علامت به آهي.“ (64)
رشتن جي وچ ۾ آيل دوري ۽ ڌاريائپ جا عڪس، جديد غزل جي تبديليءَ جي علامت آهن. نوان خيال، نئون فڪر، نئون ذهني رويو، نوان مونجهارا ۽ مسئلا ۽ نيون پيڙائون جديد غزل جي سڃاڻپ آهن.
”ماڻهو اڳيان پويان پاڇا ڊوڙن ٿا،
نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا.
سچ، اُصول ۽ احساسن کي دفنائي،
رستن تي بس زنده لاشا ڊوڙن ٿا.“
**
”ڪيئن ڪري سگهندا، منزل کي پنھنجو هُو؟
خيال اُهي جي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا.“ (65)
**
هر عمل ٿو وڪامي اڄڪلهه،
هر گهڙيءَ جي بھا هلي ٿي پئي.“ (66)
**
”هڪٻئي کان اڻ واقف آهن،
ساڳي ماءُ جا ڄايل آهن.“ (67)
**
”نه ڪنھن به چيز سان تعلق رهيو هيو باقي،
خبر نه آهي ته رشتن کي رات ڇا ٿيو هو؟“ (68)
جديد غزل شھري زندگيءَ جي انتھا ۽ رشتن ۽ قدرن جا عڪس، اهڙي پيڙيندڙ جذبي تحت سمايا آهن، جو پڙهندي ئي پيڙا جو احساس جاڳي پوي ٿو. اها پيڙا نه صرف اڄ جي فرد جي پيڙا آهي، پر اها پيڙا پوري سماج ۽ اڄ جي دؤر جي پيڙا آهي. جنھن کان ڪنھن به صورت لنوائي نٿا سگهون.
”جدا هر پُٽ جو ڪمرو ڪمرو آهي،
امڙ جي کٽ رکڻ اوکو لڳي ٿو.“ (69)
”اڄ به رشتن جي رهزنيءَ راڱيو،
لڙڪ اڄ ڀي ڪيم وصول، امان!“ (70)
جديد غزل ۾ رشتن جي ٽٽڻ ۽ گهر جي غير سلامتيءَ جي احساس کان علاوه اخلاقي ۽ سماجي قدرن جي خاتمي جا عڪس پڻ پيش ڪيا ويا آهن. قدرن جي ٽٽڻ کان پوءِ شاعر جي من ۾ جيڪي احساس جاڳن ٿا، انهن کي جديد غزل هن ريت پيش ڪيو آهي:
”تو ۾ ڪو ماڻهپو مون ڏٺو ڪو نه آ،
توکي بس اِن ڪري ديوتا ٿو سڏيان!“ (71)
۽ ٻيو عڪس ۽ رخ هيءُ آهي:
”کُڏ تائين ڊوڙ ڪوڙ جي، سچو سدا نچي،
وشواس ڪئن ڪيان مان، وڏا سچ چئي ويا.“ (72)
سماجي ۽ اخلاقي قدرن جي ٽٽڻ جو الميو به اڄ جي دؤر جو فرد ئي ڀوڳي ٿو، ۽ جديد غزل، اڄ جي دؤر جي فرد جو سگهارو آواز آهي.
”لوڻ جھڙا ٽھڪ ٻُڌندي، پٿرن جا لفظ سھندي،
دوستن کان جو ٿيو سنگسار هو، سو مان هيس.“ (73)
**
”ڪري جي ماڻا ته ڪنھن سان ڀلا ڪري مومل،
وڃي وسايو ڪٿي شھر ئي نئون راڻي!“ (74)
جديد غزل، فرد سان، سماج سان، ثقافت ۽ مقاميت سان جڙيل آهي. ان ۾ حسي ادراڪ آهي. ان جو رخ جديديت وانگر مايوس ڪندڙ ناهي. جديد غزل، هر قسم جي نظريي ۽ مطلق سچ کان پنھنجي پاند کي نه صرف بچايو آهي، پر سڀني نظرين ۽ مطلق سچن کي رد ڪري پنھنجي لاءِ آزاديءَ جي نئين رستي جي چونڊ ڪئي آهي، ۽ اُن تي سڀاويڪ سفر ڪيو آهي.
نتيجو:
جديد غزل ۾ جديديت پڄاڻان صورتحال جا ڪيترا ئي عڪس موجود آهن. ان ۾ معاشري، سماج، سياسي ۽ معاشرتي مسئلن جو گھرو شعور آهي. جديد غزل عام ماڻهن ڏانھن مُڙيو آهي. ان ۾ عام ماڻهن جي زندگيءَ جا مختلف پھلو سمايل آهن. ان ڪري جديد غزل، جديديت پُڄاڻان سان گھرو تعلق جوڙيو آهي. ان تعلق سبب جديد غزل ۾ فني ۽ فڪري تبديليون آيون آهن.
جديد غزل ۾ زندگي ءَ جي مختلف پھلوئن کي جديديت پڄاڻان صورتحال مطابق پيش ڪيو ويو آهي. جديد غزل دراصل سائنسي ترقي ۽ مشيني زندگيءَ خلاف ردعمل ۽ احتجاج جو نالو آهي. جديد غزل ۾ انساني صورتحال کي نئين رنگ ڍنگ سان اظھاريو ويو آهي. جديديت پُڄاڻان جي اثر سبب جديد غزل ۾ فرد جي زندگيءَ جي مختلف رخن کي بيان ڪرڻ کان علاوه ان ۾ سماجي ۽ سياسي مسئلن، واقعن ۽ حالتن جا عڪس پيش ڪيا ويا آهن،
جديد غزل ۾ سُڃاڻپ وڃائي ويٺل فرد جي لاءِ ”بي مُھانڊي“ هئڻ جو تصور ملي ٿو. ان کان علاوه ”ميلي جي تنھائي“ ذريعي فرد جي سڃاڻپ وڃائڻ جو فڪر سمايل آهي، ۽ گڏوگڏ يڪ مُھانڊائي ثقافت يا گهڻ رُخي سُڃاڻپ واري ڳالهه جديديت پُڄاڻان صورتحال کي نئين رخ کان پيش ڪري ٿي.
جديد غزل انساني بي حسي ۽ ڪٺورتا کي بيان ڪري، جديديت پُڄاڻان دﺆر جي ڀيانڪ روپ تان پردو کنيو آهي. انساني احساسن، همدردي ۽ پنھنجائپ کان وانجهيل مشيني دﺆر جي انسان جي دئيتي روپ کي جديد غزل نئين فڪر سان پيش ڪيو آهي.
جديد غزل مذهبي عقيدن کي نه صرف للڪاريو آهي، پر عقيدن ۾ ڦاٿل انسانن کي آزاديءَ جو احساس ڏياريو آهي. ڀرمن جي سھاري جيئندڙ انسانن کي نئين سوچ ڏئي، کين آزاديءَ سان جيئڻ جو دڳ ڏنو آهي.
نئين صنعتي تھذيب ۽ شھري زندگيءَ ۾ اڳوڻن قدرن، رسمن، رواجن، ۽ رشتن جي ٽٽڻ سان لاتعلقيءَ جو احساس ۽ انسانن کان انساني دوريءَ جو احساس، پھتل ملي ٿو. جديد غزل مشيني انسان جي سُڀاءُ، ورتاءُ ۽ هلت جا نقش چٽي، انساني بيوسيءَ ۽ لاچاريءَ کي بيان ڪرڻ سان گڏ مشيني دؤر جي ڀيانڪ صورتحال کي اظھاريو آهي.
حوالا
- شورو شوڪت حسين، سارنگا، سارنگا پبليڪيشن، حيدرآباد، شمارو 9، 2010، ص 84
- ساڳيو، ص 83
- موهي واسديو، سارنگا، سارنگا پبليڪيشن، حيدرآباد، شمارو 9، 2010، ص 43
- نانگراج مصطفيٰ، راهون پنڌ پيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، ص 235
- سولنگي حبدار، مُنڌ ٻوڙيو مهراڻ، سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2019ع، ص 183
- نانگراج مصطفيٰ، راهون پنڌ پيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، ص 222
- ميمڻ ڊاڪٽر غفور، جديديت پُڄاڻان، ديبل پبلشرز، حيدرآباد، 2023ع، ص 43
- پشپ لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام، ويڻا پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2001ع، ص 33
- گل اياز، ميلي جي تنھائي، پوپٽ پبليشنگ هائوس، خيرپور، 2012ع، ص 95
- ساڳيو، ص 68
- ڪمل گوپ، سج اڳيان ٻُڪ، تخليق پبليڪيشن، احمد آباد، 2011ع، ص 127
- مولاڻي کيمن يو، ڌرتيءَ کان آڪاس تائين، لڪشمي پبليڪيشن، ڀوپال، 2010ع، ص 20
- شبير جاويد، فنا سواءِ سڀ فنا، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2014ع، ص 101
- جاني اياز، دراوڙ دل جي تنھائي، نئون نياپو، ڪراچي، 2016ع، ص 172
- موهي واسديو، ورهاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بڪ، ساهيته اڪادمي، گجرات، 2008ع، ص 273
- پريت رخسانه، نگاهن جا سجدا، ماءِ پبليڪيشن، سکر، 2014ع، ص 60
- پريت رخسانه، هن جو پاڇو چنڊ جو، سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2021ع، ص 84
- ساڳيو، ص 58
- پشپ لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام، ويڻا پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2001ع، 31
- ڪمل، ايم، باهه جا وارث، ڪمل ڪتاب گهر، اُلهاسنگر، 1986ع، ص 66
- ميمڻ ڊاڪٽر غفور، جديديت پُڄاڻان، ديبل پبلشرز، حيدرآبا، د2023ع، ص 70
- ڪمل ايم، روشن راهون ڌُنڌلا ماڳ، ڪمل ڪتاب گهر، اُلهاسنگر، 1981ع، ص 41
- ڪمل ايم، من مُڙي نٿو، ڪمل ڪتاب گهر، اُلھاسنگر، 1995ع، ص 24
- ڪمل گوپ، پن ڇڄڻ جو آواز، تخليق پبليڪيشن، احمد آباد. 2013ع، ص 94
- حاسد ارجن، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي، ساهتيه اڪادمي، دهلي، 2008ع، ص 152
- سولنگي احمد، خواب آوارا پکي، سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي، 2013ع، ص 26
- پيرزادو رحمت، دلين جا داخلي رستا، ريکائون پبليڪيشن، ڪراچي، 2016ع، ص 119
- شورو شوڪت حسين، سارنگا، سارنگا پبليڪيشن، حيدرآباد، شمارو 9، 2010، ص 93
- سولنگي احمد، خواب آوارا پکي، سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي، 2013ع، ص 222
- سميجو اسحاق، گيڙو ويس غزل، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2015ع، ص 409
- نانگراج مصطفيٰ، راهون پنڌ پيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، ص 34
- بخاري استاد، اوتون جوتون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2005ع، ص 189
- ناٿن شاهي، آثم، ڇا چيس آئيني، رمجهه پبليڪيشن، دادو، 2006ع، ص 82
- حاسد ارجن، ساهي پٽجي، اسڪين ڪمپيوٽرس، احمد آباد، 2006ع، ص 49
- مولاڻي کيمن يو، ڌرتيءَ کان آڪاس تائين، لڪشمي پبليڪيشن، ڀوپال، 2010ع، ص 45
- ڪمل ايم، باهه جا وارث، ڪمل ڪتاب گهر، اُلهاسنگر، 1986ع، ص 34
- موهي واسديو، ريل جي پٽڙي ميري، تخليق پبليڪيشن، احمد آباد، 2009ع، ص 100
- سميجو اسحاق، فيس بڪ پيج
- حاسد ارجن، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي، ساهيته اڪادمي، دهلي، 2008ع، ص 52
- آسوداڻي ونود، ڀُڻ ڀُڻ، آميسٽ پرنٽرس، ڀوپال، 2005ع، ص 87
- مولاڻي کيمن يو، ڌرتيءَ کان آڪاس تائين، لڪشمي پبليڪيشن، ڀوپال، 2010ع، ص 25
- حاسد ارجن، آزاديءَ کانپوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي، ساهتيه اڪادمي، دهلي، 2008ع، ص 176
- سولنگي احمد، خواب آوارا پکي، سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي، 2013ع، ص 384
- آذر اشفاق، عشق ڄڻ ڪو سگهڙ آهي، ڪنول پبليڪيشن، فنبر، 2019ع، ص 40
- موهي واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي، ٽائيمس پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2017ع، ص 12
- نانگراج مصطفيٰ، راهون پنڌ پيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، ص 110
- ڪمل ايم، باهه جا وارث، ڪمل ڪتاب گهر، اُلهاسنگر، 1986ع، ص 22
- موهي واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي، ٽائيمس پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2007ع، ص 12
- موهي واسديو، ورهاڱي کانپوءِ سنڌي غزل جو هئنڊ بڪ، ساهتيه اڪادمي، گجرات، 2008ع، ص 239
- سومرو ادل، وساري نه ڇڏجو، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2004ع، ص 56
- گل اياز، ميلي جي تنھائي، پوپٽ پبليشنگ هائوس، خيرپور، 2012ع، 50
- ساڳيو ص 60
- سومرو سعيد، اڌ خيال جي خاڪ، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2012ع، ص 58
- گبول مشتاق، نوٽبڪ تان، 2018ع، ص 15
- موهي واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي، ٽائيمس پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2007ع، ص 21
- ميمڻ ڊاڪٽر غفور، جديديت پُڄاڻان، ديبل پبلشرز، حيدرآباد، 2023ع، ص 36
- ساڳيو
- نانگراج مصطفيٰ، راهون پنڌ پيون، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2015ع، ص 110
- پشپ لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام، ويڻا پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2001ع، ص 44
- ساڳيو، ص 46
- ڪمل
- پشپ لعل، ايم ڪمل جو چونڊ ڪلام، ويڻا پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2001ع، ص 29
- صدف شريڪانت، زندگيءَ هڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي، سچائي اشاعت گهر ۽ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع، ص 29
- موهي واسديو، ڳالهه شاعريءَ جي، ٽائيمس پبليڪيشن، اُلهاسنگر، 2007ع، ص 31
- گل اياز، ميلي جي تنھائي، پوپٽ پبليشنگ هائوس، خيرپور، 2012ع، 80
- ساڳيو، ص 101
- زميني آسي، مڃتا جي وڇ ۾، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1992ع، ص 162
- شبير جاويد، فنا سواءِ سڀ فنا، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2014ع، ص 101
- آسوداڻي ونود، ڀُڻ ڀُڻ، آميسٽ پرنٽرس، ڀوپال، 2005ع، ص 59
- سومرو سعيد، اڌ خيال جي خاڪ، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2012ع، ص 64
- صدف شريڪانت، زندگيءَ هڪ وار وري شروع ڪرڻي پوندي، سچائي اشاعت گهر ۽ ڪويتا پبليڪيشن، حيدرآباد، 2005ع، ص 24
- ڪمل گوپ، پن ڇڄڻ جو آواز، تخليق پبليڪيشن، احمد آباد، 2013ع، ص 140
- سومرو سعيد، ڇڻيل گل تي صبح، ڪنول پبليڪيشن، قنبر، 2017ع، ص 34
- گل اياز، ميلي جي تنھائي، پوپٽ پبليشنگ هائوس، خيرپور، 2012ع، 112