بمبئي يونيورسٽي، سنڌي شاگرد ۽ سنڌي ٻولي
(Bombay University and Sindhi students)

مختيار احمد ملاح

abstract

Higher education opportunities for Sindhi youth in Bombay University started in Birtish rule. In 1861, the Sindh Scholarship Fund was created so that Sindhi students could take admission in Elphinstone College there after passing their matriculation examination in Bombay. But it was seen that only Hindu students benefited from this and no Muslims got a chance to take admission in the college. In the early days of Bombay University, there were “Ellis Scholarship” and “Bombay University Scholarship” for Sindhi students in the name of B. H. Ellis. The Education Department of the Bombay Presidency formulated policy to published in Sindhi language. Recruitment of teachers, increase in salaries, examination schedule, examination results and all other types of material were also in Sindhi.

This article highlights the educational aspects of Sindhi language and literature in the context of Bombay University

 

بمبئي، جنھن کي هاڻي ممبئي ٿو سڏجي، تنھن سان سنڌ جو علمي، ادبي، سياسي ۽ سماجي لحاظ کان  گھرو ناتو رهيو آهي.  جنھن جو آغاز   1843ع کان ٿيو، جڏهن انگريزن، سنڌ جي ٽالپر حڪمرانن کي شڪست ڏئي، سنڌ کي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ شامل ڪري ڇڏيو. قبضي کان پوءِ سنڌ جون واڳون سر چارلس نيپئر سنڀاليون. هو برٽش آرميءَ ۾ جنرل هو. هن کي سنڌ جو پھريون گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. 1847ع ۾سنڌ چارلس نيپئر پنھنجي عھدي تان رٽائر ٿيو ۽ برطانيھ روانو ٿي ويو. ھن جي روانگيءَ سان ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ کي ’بمبئي پريزيڊنسيءَ‘ سان ملائي ڇڏيو. بمبئي پريزيڊنسي انگريز راڄ (British India)  جو هڪ صوبو هو، جيڪو سترهين صديءَ ۾ هڪ واپاري ڪوٺي  (Trading Post)طور، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ لاءِ ٺاهيو ويو هو. سنڌ جا ڪمشنر، سنڌ جي تقدير جي فيصلن جا پروانا بمبئي پريزيڊنسيءَ جي معرفت ڪندا هئا. سنڌ ۾ سنڌي ميڊيم تعليم، سنڌي سرڪاري سرشتي، ڪورٽن ۽ ريوينيو رڪارڊ جي سنڌي ٻوليءَ ۾ منتقليءَ جا فيصلا پڻ بمبئيءَ جي گورنر جي منظوريءَ سان ٿيا.

اپريل 1848ع ۾بمبئي پريزيڊنسيءَ جي  گورنر  سر جارج رسل ڪلرڪ واضح طور تي اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي، ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. 1852۾ بمبئي حڪومت سنڌ جي تعليم لاءِ ڏهه هزار جي سالياني بجيٽ منظور ڪئي. سر بارٽل فريئر جي ڪمشنر ٿيڻ سان 1853ع ۾ موجوده سنڌي الفابيٽ بمبئيءَ سرڪار جي منظوريءَ سان ٿي ۽ سنڌ  ۾ سنڌي ميڊيم  اسڪول کلڻ شروع ٿي ويا.  فريئر ئي بمبئيءَ جي گورنر هئڻ جي حيثيت ۾ ارنيسٽ ٽرمپ جي جوڙيل ’شاهه جي رسالي‘ جي اشاعت جي منظوري ڏني هئي. هن جي ڪوششن سان سنڌ جا انيڪ شاگرد، ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ بمبئي يونيورسٽيءَ پھتا. ان کان پوءِ، سنڌ جي شاگردن ۽ سنڌي ٻوليءَ سان بمبئي يونيورسٽيءَ جو وڏو تعلق ٺھي پيو. جنھن دور ۾ سنڌ، بمبئي پرڳڻي سان ڳنڍيل هئي، تڏهن  سنڌ جي سڄي لکپڙهه بمبئي پرڳڻي سان ٿيندي هئي ۽ سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، بمبئيءَ جي تعليم جي انچارج ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن کي رپورٽ ڪندو هو. سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر، هر سال پنھنجي تعليم کاتي جي رپورٽ موڪليندو هو، جنھن تي کيس نوان حڪم ناما موصول ٿيندا هئا، جنھن جي پوئواري ڪرڻ سندس ذميواريءَ ۾ شامل هوندو هو.  سنڌ ۾ جيڪي به هر سال درسي ڪتاب شايع شايع ٿيندا هئا، يا جن به ڪتابن جي اصلاح ٿيندي هئي، ان جي رپورٽ پڻ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن طرفان شايع ٿيندي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جي اشاعت جي منظوري به بمبئي مان ايندي هئي.(1)

سنڌ ۾ ته يونيورسٽي گهڻو پوءِ قائم ٿي، پر هندستان ۾ يونيورسٽين جي قيام ۾ سر  چارلس  ووڊ(2)جو مراسلي جو وڏو ڪردار هو. سر چارلس ووڊ  بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر جي حيثيت سان ، هن هندستان جي تعليم لاءِ اهم قدم کنيا، انهن ۾ 1854ع ۾ هن انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوسٽي کي هڪ مراسلو ارسال ڪيو، جنھن  مطابق:

  1. هر صوبي ۾ هڪ تعليم جو کاتو شروع ڪيو وڃي .
  2. لنڊن يونيورسٽيءَ جي طرز تي، هندستان جي وڏن شھرن بمبئي، ڪلڪتي ۽ مدراس ۾ يونيورسٽيون کوليون وڃن.
  3. گهٽ ۾ گهٽ هر ضلعي ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو وڃي.
  4. منسلڪ خانگي اسڪولن کي گرانٽ ڏني وڃي.
  5. هندستاني ماڻهن کي سندن مقامي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي.(3)

آخرڪار 1854ع ۾ سر چارلس ووڊ جي  مراسلي سان ملڪ ۾ انگريزي کي باقاعده  رائج ڪرڻ لاءِ  هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جنھن ۾  ابتدائي درجي کان وٺي  يونيورسٽيءَ جي سطح تائين  تعليم جي همه گير  اسڪيم  يا خاڪو پيش ڪيو ويو. 1854ع جي وڊس ڊسپئچ هيٺ جيڪو نظام تعليم قائم ٿيو، اهو اسان جي موجوده نظامِ تعليم جو بنياد بڻيو. ووڊ جي ان مراسلي جي روشنيءَ ۾ صوبن اندر تعليم جا کاتا قائم ڪيا ويا ۽ بمبئي يونيورسٽي (1857ع)، مدراس يونيورسٽي (1857ع)، ڪلڪته يونيورسٽي (1857ع) ۾ قائم ٿي ويون ۽ ٻين يونيورسٽين جي گهرج شروع ٿي ۽ بل آخر  لاهور يونيورسٽي ڪاليج (1869ع)، پنجاب يونيورسٽي (1882ع)، اٽيچن ڪاليج يونيورسٽي (1886ع)، الھه آباد يونيورسٽي (1887ع)، اسلاميه ڪاليج لاهور (1892ع)، آرٽس ڪاليج جوڌپور (1893ع)، خالسه ڪاليج امرتسر (1897ع) ۾ سرڪاري سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيا“.(4) جڏهن ته انگريز سرڪار سنڌ ۾ ڪو به ڪاليج ۽ يونيورسٽي سرڪاري خرچ تي قائم ڪا نه ڪئي. سنڌ جي عوام پنھنجي همت ۽ پنھنجي مدد پاڻ تحت سنڌ مدرسو (1885ع)، سنڌ آرٽس ڪاليج ڪراچي (1887ع)، ڊي. جِي سنڌ نيشنل ڪاليج حيدرآباد (1917ع)، چيلا سنگهه  سيتلداس ڪاليج شڪارپور  (1933ع) قائم ڪيا، جڏهن ته سنڌ ۾ پھرين يعني سنڌ يونيورسٽي 1947 ۾ قائم ٿي. 

جيستائين سنڌ ۾ ڪا به يونيوروسٽي ڪا نه هئي، ته سنڌ جا شاگرد ميٽرڪ کان  ماسٽرس امتحان ڏيڻ  گهڻو ڪري بمبئيءَ ويندا هئا، جڏهن ته ڪافي مسلمان عليڳڙهه ۽ ڪي هندو ڪلڪتي پڻ ويندا هئا. بهرحال، انهن سڀني يونيورسٽين ۾ سنڌي تعليم جو بندوبست صرف بمبئيءَ ۾ ئي هوندو هو. ھن يونيورسٽيءَ لاءِ ناميارو ليکڪ الطاف شيخ لکي ٿو ته ”بمبئي يونيورسٽي انگريزي طرز جي پھرين يونيورسٽي هئي، جيڪا انگريزن بمبئيءَ ۾ 1854ع ۾ قائم ڪئي. هيءَ يونيورسٽي پھريون سال ٻه بمبئي جي آڳاٽي ۽ مشھور ڪاليج ”ايلفنسٽن ڪاليج“ جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي. بمبئي يونيورسٽي جيتوڻيڪ 1857ع ۾ پنھنجي عمارت ۾ شفٽ ڪئي وئي، پر پوءِ اڳتي هلي بمبئي يونيورسٽيءَ لاءِ هڪ نئون ۽ وڏو ڪئمپس 230 ايڪڙن جي پکيڙِ ۾ سانٽا ڪروز ۾ ٺاهيو ويو. هي علائقو ڪالينا سڏجي ٿو. ان ڪري هن ڪئمپس جو نالو ”ڪالينا ڪئمپس“
مشھور ٿي ويو آهي. ان سان گڏ پراڻو فورٽ وارو ڪئمپس به قائم آهي، جتي ممبئي يونيورسٽي جي ائڊمنسٽريشن ڊويزن ڪم ڪري ٿي.ايلفنسٽن ڪاليج ۽ ممبئي يونيورسٽي جو فورٽ وارو ڪئمپس هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ سندن آڳاٽي زماني جون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. توهان جي ٻن ٽن ڏينھن لاءِ به ممبئي آيل آهيو ته توهان جو ايندي ويندي هتان ضرور لنگهه ٿيندو. جيئن حيدرآباد گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو سنڌ يونيورسٽي جو ڄامشورو وارو ڪئمپس کڻي نه ڏسي سگهي، پر سندن سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۽ سول اسپتال حيدرآباد وٽان ضرور لنگهه ٿيندو هوندو. ممبئي جو فورٽ وارو علائقو ائين آهي جيئن ڪراچيءَ جو صدر وارو علائقو جتان هر هڪ جو لنگهه ٿئي ٿو. جيڪو شھر جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو. انگريزن جي دور ۾ فورٽ جو علائقو ۽ ان جي آس پاس جيڪا ڏکڻ ممبئي سڏجي ٿي، ڪُل ممبئي اهو ئي هو. جيئن انگريزن جي ڏينھن ۾ ڪراچي معنيٰ ٽاور کان صدر تائين. اڄ وارو لياقت آباد (لالو کيت)، ماڙيپور، ملير، لس ٻيلا چوڪ، لانڍي وغيره سڀ ڏورانھان ڳوٺ هئا، جيڪي هاڻ ملي گريٽر ڪراچي بڻجي ويا آهن. تيئن ڏکڻ ممبئي ۾ اڄ سانتا ڪروز ۽ کار کان وکرولي، انڌيري، مالاد وغيره ملي ويا آهن.(5)

انهيءَ زماني ۾ نه ته الڳ ميٽرڪ بورڊ هو ۽ نه وري انٽرميڊيٽ بورڊ هوندو هو، ان ڪري ميٽرڪ  جي امتحان لاءِ بمبئيءَ  وڃڻو پوندو هو، جنھن جو هيڊ ڪوارٽر بمبئي يونيورسٽي هوندو هو. سنڌي شاگردن لاءِ ، اها نهايت ڏکي ۽ مشڪلات ڀري ڳالهه هوندي هئي ته هو بمبئي پرائي ديس وڃي، جان جوکي ۾ وجهي امتحان ڏيئي اچن. سامونڊي توڙي خشڪيءَ  جو سفر مشڪل هوندو هو، انهيءَ  ڪري سنڌي شاگرد  ستين درجي تائين تعليم حاصل ڪري وڃي نوڪري ڪندا هئا. ميٽرڪ جو امتحان  ڏيڻ دل گڙدي جي ڳالهه هوندي هئي.ڪاڪي ڀيرومل جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته ان دور ۾ بمبئي ۾ ميٽرڪ جي امتحان ڏيڻ وارن کي  سمنڊ يا خشڪيءَ جو سفر ڪرڻ لاءِ مھينن جي مسافري ڪرڻي پوندي هئي. ويچارا شاگرد رستن ۾ ئي بيمار ٿي پوندا هئا، بخار ۽ الٽيون ڪندا وڃي منزل تي پهچندا هئا بيماريءَ سبب امتحان ڏيڻ جي سگهه ڪا نه هوندي هئن.(6) آڳاٽن شاگردن جي سلسلي ۾ موتيرام ايس رامواڻيءَ  لکيو آهي ته: ”پھريان سنڌي شاگرد جي، ميٽرڪ امتحان ڏيڻ لاءِ ، سنڌ مان ڪھي ، بمبئيءَ ويا، سي حيدرآباد مان ويا. اهي شاگرد هئا: ڏيارام ڄيٺمل عالمچنداڻي، ڪوڙومل چندنمل کلناڻي، نولراءِ شوقيرام آڏواڻي  ۽ چوهڙمل ڪندن مل پنجابي.  سندن هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر  کين همٿايو هو. هيڊ ماستر، شاگردن جي مائٽن سان ، اهيءَ ڏس ۾  پنھنجو شخصي اثر  هلائي، انهن جي موڪل حاصل ڪئي.(7)

ان دور ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌي جو سبجيڪٽ ايترو ته مشڪل هوندو هو، جو اڄ جو ايم.فل وارو به شايد ئي پاس ڪري سگهي. اڻويهين صديءَ  جي نصاب  ۾ لسانيات، پھاڪا، مضمون، گرامر، ترجمو، ڏکيا لفظ ۽  ڪورس جي ڪتابن ۾ هيٺيان شامل هئا:

  • حڪايت الصالحين
  • سسئي پنهون
  • هندستان جي تاريخ
  • ايسپ جون آکاڻيون

اهو امتحان ٻن حصن ۾ ورتو ويندو هو. وقت سان گڏ، ڪورسي ڪتابن ۽ امتحان جي  سوالن جوابن ۽ طريقي ڪار ۾ تبديليون ٿينديون رهنديون هيون. سنڌيءَ جو پيپر انگريزي سوالن سان گڏ ايندو هو. ان قسم جي پيپر کي پاس ڪرڻ هر ڪنھن جي وس جي ڳالهه نه هوندو هو. مشڪل هئڻ سان گڏ، ٻولي، گرامر ۽ لسانيات تي عبور هئڻ لازم  هوندو هو.

تعليم جي چاهه ۾ سنڌي سٻاجهڙا اهنج ۽ تڪليفون سھي به سامونڊي ۽ خشڪيءَ جي دشوار رستن کي پار ڪري امتيازي نمبرن ۾ ڊگريون حاصل ڪرڻ لڳا. ان سلسلي ۾ آرٽس، سائنس ، قانون، ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جون سندون شامل هونديون هيون. سنڌ جي تاريخ  جو پھريون  بمبئيءَ مان گريجوئيٽ چوهڙمل ڪندنمل هو. سندس تعلق شڪارپور سان هو.  ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ بمبئي جي ايلفنسٽن  ڪاليج ۾ داخلا ورتائين.  هي سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون  سنڌي هو، جنھن بمبئيءَ مان 1866ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ۽  1865ع ۾ بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪري پھريون سنڌي  گرئجوئيٽ بڻيو . سندس باري ۾ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته: ” پھريون ئي پھريون گريجوئيٽ مسٽر چوهڙمل ڪُندنمل پنجابي هو، جنھن 1865ع ۾ بي اي جي ڊگري فرسٽ ڪلاس ۾ حاصل ڪئي. سر بارٽل فريئر ان وقت بمبئي جو گورنر هو، تنهن آفرين ڏني هيس ۽ سندس قابليت جي گهڻي سارهه ڪئي هوائين.(8) هو حيدرآباد جي نارمل اسڪول جو 1854ع  ۾ پھريون هيڊ ماستر بڻيو، بعد ۾ ساڳيو اسڪول ٽريننگ ڪاليج بڻيو. ڪجهه ڪتاب لکيائين. 1866ع ۾ نارمل اسڪول جي هيڊ ماستري ڇڏي شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ سرڪاري وڪيل مقرر ٿيو ۽ چڱو نالو ڪمايائين.   چوهڙمل ڪي درسي ڪتاب ۽ مختلف اخبارن ۾ مضمون لکيا، جن ۾ ’سنڌي ٽيون ڪتاب‘ ديوان پرڀداس آنندرام رامچنداڻي 1853ع ۾ جوڙيو ۽ ديوان چوهڙمل ڪندن مل ان کي  سڌاريو هو.1867ع ۾ English Primer  جو سنڌي ترجمو ڪيائين.  هتي سنڌ جي پھريَن گريجوئيٽ  شاگردن جي لسٽ ڏجي ٿي:

آرٽس گريجوئيٽ (B.A) پاس شاگرد

  • چوهڙ مل ڪندن مل پنجابي ، 1865ع، آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي، 1867ع، مرزا صادق علي فريدون بيگ، 1872ع
  • ٽيڪچند اوڌؤداس واسواڻي، 1875، ڏيارام گدو مل شهاڻي، 1878ع، هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي، 1882ع، ٽهلرام کيمچند وزيراڻي، 1884ع، بولچند ڪوڏو مل جڳتياڻي، 1884ع،هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي (ڪلڪتي مان)، 1886ع، مٿرا داس جوهيري، 1886ع.

ايم اي (MA) پاس ڪيل شاگرد:

موتيرام شوقيرام  آڏواڻي (1888ع) ڪلڪتي مان، صاحب سنگهه چندا سنگهه شھاڻي (1893ع)،مس هنٽ مٽلڊا، لالچند چوهڙ مل پنجابي (1895ع)، ميراز علي محمد ايڇ ڪي (1900ع)

ايل. ايم  اينڊ ايس (L M & S) پاس ڪيل (ميڊيڪل جي.ڊگري):

  1. تاراچند جيرام داس واڌواڻي (1886ع)، مولچند گنگا رام ٿڌاڻي (1888ع)، جيوترام عالم چند لالواڻي (1894ع)
  2. چنديرام ڏاندومل (1895ع)، کيئمل موهن لال جيئنداڻي (1896ع)

انجنيرنگ پاس ڪيل شاگرد (ڪراچي ڪاليج مان):

سندرداس آسانند اجواڻي، ڪوڏومل شيوارام چنگاڻي ۽ ڪارڊييرو ڪلئيڊس  (1890ع)، ڪندلمل اتمچنداڻي لالواڻي ۽ ورو مل عالمچند لالواڻي (1891)، ڄيٺانند ڏيونمل ڇاٽپار (1893ع)، ڊي. ليما ارنيٽس آگسٽس،  بولچند گرمداس هرداسملاڻي ۽ اجهورامل تاراچند شهاڻي (1894ع)، کيمچند سکرداس، راڊ ريگئس آگسٽس (1896ع) .(9)

1878ع ۾ ڪراچي شھر ۾ ميٽرڪ جي امتحان جي سھولت ڏني وئي، جنھن سان شاگردن لاءِ سھنجائي ٿي پئي. بمبئي وڃڻ جا ڪشالا دور ٿي ويا. مگر  گريجويشن جي تعليم لاءِ بمبئي ۾ وڃي رهڻو پوندو هو. انٽرميڊئيٽ ۽ گريجوئيشن لاءِ وري به بمبئيءَ  وڃڻو پوندو هو.  سنڌ ۾ ڪراچي ۽  حيدرآباد  ۾ هڪ ٻه ڪاليج کلي چڪا هئا.  ڪاليج جي امتحان لاءِ وري به بمبئي وڃڻو پوندو هو. اها ڪا رواجي ڳالهه  نه هئي ته ڪي ڳاڻ ڳڻيا سنڌي شاگرد ڪاليجي تعليم حاصل ڪند هئا.انهن  ۾ مسلمان شاگرد اٽي ۾ لوڻ برابر هوندا هئا. 1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽي جي قيام کان ويندي سنڌ ڪاليج (بعد ۾ ڊي  جي  سنڌ ڪاليج) جي قيام تائين سنڌ جي تيرهن شاگردن ايلفنسٽن  ڪاليج ۾ پڙهي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ امتحان ڏنو. انهن مان فقط هڪ مسلمان مرزا قليچ بيگ جو ڀاءُ مرزا صادق علي فريدون بيگ، (1872ع) شامل هو. 1861ع ۾ سنڌ اسڪالرشپ فنڊ ڪٺو ڪيو ويو، جيئن سنڌي شاگرد بمبئي مان مئٽرڪ پاس ڪري اتي جي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ داخلا وٺي سگهن. پر ڏٺو ويو ته ان مان به صرف هندو عاملن فائدو ورتو ۽ ڪنھن به مسلمان کي ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو وجهه نه مليو.  ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر حميده کهڙو لکي ٿي ته: ”بمبئي جو اوپرو ماحول ۽ فاصلو ڪيترن ئي اهڙن همراهن  کي  تعليم کان  محروم ڪيو وجهي جيڪي  هوئنن ته  يونيورسٽين ۾ ضرور تعليم پرائين  ها. ان وقت  سنڌ ۾ اعليٰ  ترين تعليم ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ٻن ٽن ڪاليجن مان ئي ٿي  ملي، جن ۾ هندو اڪثريت  سان هئا ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مسلمان ئي داخل  ٿيو ٿي. ميٽرڪ ۽ ان کان مٿي وارن درجن جا امتحان وٺڻ جي اختياري بمبئي يونيورسٽي  وٽ هئي.(10) اهڙي طرح سنڌ جي شاگردن لاءِ آڇيل اسڪالرشپين کي انگريزي سان گڏ سنڌي ۾ عام ڪيو ويندو هو ته جيئن هر ٻار تائين آسانيءَ سان خبر پهچي ۽ هو سمجهي سگهي. بمبئي يونيورسٽي شروعاتي واري دور ۾ سنڌي شاگردن کي بي. ايڇ ايلس جي نالي تي “ايلس اسڪالرشپ” ڏيندي هئي. اهڙي طرح ”بمبئي يونيورسٽي اسڪالرشپ“
هوندي هئي، جيڪا بمبئي ۾ تعليم جي سلسلي ۾ مدد ڪندي هئي. بمبئي پريزيڊينسي جو تعليم کاتو  جيڪا به پاليسي جوڙيندو هو،  ان کي سنڌي ٻوليءَ ۾ به شايع ڪيو ويندو هو.  استادن جي ڀرتي، پگهارن ۾ اضافو امتحانن جو شيڊيول، امتحانن جو نتيجو ۽ ٻيو هر قسم جو مواد سنڌي ۾ هوندو آهي.

1887ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي قيام کان پوءِ ڪنھن حد تائين سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جو بندوبست ٿيو،  پر ڪاليج جي سطح تائين صرف چند شاگرد ئي پھچي سگهندا هئا. ڪاليج جي شروع ٿيڻ سان ئي، انتظامي ڪميٽيءَ بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق ڪرڻ لاءِ گذارش ڪري ڇڏي. اپريل 1887ع ۾ يونيورسٽيءَ صرف پريويس ۽ بي. اي جي پھرئين سال جي شاگردن  لاءِ انرولمينٽ جي اجازت جاري ڪئي، پر 1889- 1888ع ۾ بي.اي ۽ بي.ايس.سي جي سمورن شاگرن جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٻئي طرف ڪراچيءَ ۾ امتحان سينٽر جي سھولت پڻ ڏني وئي.  ميٽرڪ تائين، نصاب سنڌي ۾ پڙهايو ويندو هو، پر گريجوئيشن تائين، سنڌي کي اختياري يا لازمي مضمون طور چونڊڻ جي ڪا به سھولت نه هئي. بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق شايد صوبي جي تعليمي ۽ سماجي ترقي لاءِ سڀ کان وڏي رڪاوٽ رهيو. ادب، لوڪ ادب ۽ محاورن ۽ چوڻين سان مالا مال هجڻ جي باوجود، سنڌي ٻوليءَ کي اعليٰ سطح جي تعليم کان محروم رکيو ويو. جئين  ئي مسٽر صاحبسنگ چنداسنگ شاهاڻيءَ 1917ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ  جو پرنسيپل ٿي آيو،  هن بمبئي يونيورسٽي کي بي. اي جي ڪورس ۾ ٻولين واري پيپر  ۾ سنڌي کي شامل ڪرڻ لاءِ خط و ڪتابت شروع ڪئي. بمبئي يونيورسٽيءَ جو وڏو اعتراض اهو هو ته ”سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻو ادبي ذخيرو نه آهي“. ڏوهه انهن جو به نه هو، ڇو ته ان وقت تائين، سنڌي ادب کي سهيڙڻ جا ڪي خاطر خواهه بندوبست نه ڪيا ويا هئا، جنھن مان خبر پوي ته سنڌي ادب ڪيترو ترقي يافته آهي. آخرڪار، بمبئي يونيورسٽي 1920ع ۾ ٺوس جوازن تي شامل ڪرڻ لاءِ مشروط طور تي اتفاق ڪيو ته سنڌي ٻولي، ادب ۽ گرامر بابت جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي ۽ يونيورسٽيءَ کي مطمعن ڪيو وڃي ته سنڌي ٻولي ۽ ادب ڪيترو شاهوڪار آهي. ڪاليج جي  پرنسيپل صاحب سنگ شاهاڻي، ان دور جي مشھور عالم، اديب ۽ شاهه لطيف جي پارکو ڊاڪٽر  هوتچند مولچند گربخشاڻي کي سنڌي ٻوليءَ  ادب جي تاريخ تي هڪ  جامع رپورٽ تيار ڪرڻ جو ڪم سونپيو، ڇاڪاڻ ته هو ڪاليج ۾ واحد پروفيسر هو، جنھن کي سنڌي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين ۽ ادب جو وسيع علم هو. ڊاڪٽر ايڇ. ايم گربخشاڻي ڊگهي ڪوشش ۽ بحث مباحثي کان پوءِ سنڌي ادب تي هڪ تفصيلي ۽ علمي رپورٽ تيار ڪئي.(11)

سنڌ  جي  تعليم کاتي جي بالا حاڪمن جي منظوريءَ کان پوءِ پرنسيپال شاهاڻيءَ، پروفيسر گربخشاڻيءَ جي تيار ڪيل رپورٽ 14 نومبر 1921 تي بمبئي يونيورسٽي ڏانھن موڪلي ڏني، جنھن کي يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ اڪثرتي راءِ سان منظور ڪيو ۽ بمبئي يونيورسٽي بي اي ڪورس جي لاءِ ڪاليج جي نصاب ۾ سنڌي کي 1924ع ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙي طرح پروفيسر گربخشاڻي پاران تيار ڪيل رپورٽ هندستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي سڃاڻپ جو  بنياد رکيو. جيتوڻيڪ پروفيسر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ  سنڌي ادب جي تاريخ تي هڪ تمام جامع رپورٽ تيار ڪئي هئي، پر بدقسمتي سان، اها رپورٽ مڪمل  ملي نه سگهي آهي،  پر ان جو اقتباس ”سنڌي ادب جو مختصر سروي“ جي عنوان هيٺ ڊي. جي ڪاليج جي مسليني (جرنل) جي 1926ع واري شماري ۾ شايع ٿي هئي.  رپورٽ تعليمي سطح تي ۽ عام سطح تي سنڌي ادب جي ترقي تي تمام سٺا نتيجا ڪڍيا.“(12)

ڪاليجن ۾ سنڌيءَ کي  ضروري هو ته ’بورڊ آف اسٽڊيز فار سنڌي‘ قائم ڪجي ۽ سنڌي جا قابل استاد ڀرتي ڪجن.  بورڊ جو بنيادي مقصد بي.اي جي ڪورس لاءِ  سنڌي مضمون جي اجازت منظور ڪرڻ، ڪورس جو خاڪو تيار ڪرڻ، ان مقصد لاءِ معياري ڪتاب شايع ڪرڻ ۽ پيپرز لاءِ امتحان ڏيندڙ چونڊڻ هو.  ان ڏس ۾  سڀ کان اول  مرزا قليچ بيگ مختصر عرصي لاءِ بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر رهيو. اڳتي هلي ڊاڪٽر ايڇ. گربخشاڻي بورڊ آف اسٽڊيز فار سنڌي جو ميمبر پڻ رهيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ناول.’نور جھان‘ کي 1920 ۾ بمبئي يونيورسٽي طرفان بي اي جي ڪورس ۾ شامل ڪيو ويو. شروع ۾ بي. اي ڪورس تائين سکيا فقط ڪراچي ڪاليج ۾ هئي. تنهن ڪري سنڌي ٻولي بي. اي امتحان لاءِ قائم رهي، تنهنجو مدار ڪراچيءَ جي سنڌي شاگردن تي ئي هو. جيڪڏهن، شاگردن سنڌيءَ ۾ چاهه نه ڏيکاريو، ته بمبئي يونيورسٽيءَ کي بي. اي. مان سنڌي ڪڍي ڇڏڻي هئي.(13)

ڊاڪٽر دائود پوٽي، انهيءَ زماني ۾، ايم. اي. امتحان پاس ڪيو هو. کيس ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو هو، پر جلد ئي  هو صاحب، ڊاڪٽريٽ جي ڊگريءَ لاءِ لنڊن روانو ٿيو ۽ سندس جاءِ تي  ڀيرومل مھرچند کي ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ڪيو ويو. ڀيرومل، بي. اي جي شاگردن ۾، سنڌي ٻوليءَ لاءِ چڱو چاهه وڌايو. پوءِ بمبئي يونيورسٽيءَ، نه فقط بي. اي لاءِ، بلڪه سڀني ڪلاسن جي نصاب ۾ سنڌيءَ کي جاءِ ڏني. ان سلسلي ۾ ڀيرومل پاڻ لکي ٿو ته ”اڳي سنڌي رڳو مئٽرڪ  تائين پاڙهڻ ۾ ايندي هئي. ٻين ڏيهي ٻولين وانگر ڪاليجن ۾ پير پائڻ نٿي مليس! بمبئي يونيورسٽيءَ جو اعتراض رڳو هيءُ هو، ته سنڌيءَ ۾ ساهت ڪو گهڻو ڪونهي، ۽ نثر جا ڪارائتا ڪتاب، جي ڪاليجن ۾ پاڙهجن، سي ته بنه ڳاڻ ڳڻيا آهن. پڪارن پٺيان پڪارون ٿيون، تڏهين جون 1924ع  کان وٺي، فقط بي. اي. امتحان جي نصاب ۾ سنڌي درج ٿي، سا به آزمائش طور! ان وقت تائين شڪارپور وارو ڪاليج اڃا کليو ڪونه هو. حيدرآباد وارو ڪاليج برپا ٿيل هو، پر ان ۾ اڃا بي. اي. ڪلاس ڪونه کوليون هئائون. ڪراچيءَ واري ڪاليج ۾ بي. اي. وارن کي سنڌي سيکارڻ لاءِ، جون 1924ع کان وٺي، مسٽر دائود پوٽه (هاڻ ڊاڪٽر) سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. سگهوئي پوءِ هو صاحب، ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ، ولايت هليو ويو. ٻئي ٽرم ۾ يعني نومبر 1924ع کان وٺي مان سندس جاءِ تي، سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيس. مان تيرهن ورهيه ڪاليج ۾ رهيس، پر ساڍا ٻارهن ورهيه کن سانده ڪاليجن جي پھرين ٻن ڪلاسن ۾ سنڌي سيکارڻ ۾ ڪانه آئي! سنه 1937-1938ع ۾ منھنجي رٽائر ڪرڻ کان فقط ٿورا مھينا اڳ، ڪاليجن جي سڀني ڪلاسن ۾ سنڌي پيئي، ته گهڻو خوش  ٿيس. ائين مئٽرڪ کان وٺي بي. اي تائين سانده سنڌيءَ سيکارڻ جو رواج پيو، جو اڄ تائين هليو اچي. ٻئي سال کان وٺي بي. اي. آنرس وارن کي به سنڌي سيکارڻ ۾ ايندي، جا هيڪاري وڌيڪ خوشيءَ جي ڳالهه آهي“.(14)

لنڊن ۾ ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽو بمبئيءَ ۾ رهائش دوران،  بورڊ آف اسٽڊيز  فار  عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو  سرگرم ميمبر هو.  بمبئي يونيورسٽي نه صرف ڊاڪٽر دائودپوٽي کي سنڌي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر ڪيو، پر ان سان گڏ معاري ادبي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ روڪ رقم پڻ ڏني. ان سلسلي ۾ سندس مرتب ڪيل ”شاهه ڪريم
واري جو ڪلام“ سال 1937ع ۾ شايع ٿيو، ٻه سال پوءِ 1939ع ۾ ڊاڪٽر دائودپوٽي جو
ٻيو ڪتاب ’ابيات سنڌي‘ بمبئي يونيورسٽيءَ جي مالي مدد سان شايع ٿيو. انهيءَ ڪتاب ۾ جنھن ۾ خواجا محمد زمان لواريءَ جو ڪلام ڏنل آهي. اهو ڪتاب سال 1941- 1940ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ جي بي.اي ۾ سنڌي مضمون پڙهندڙن شاگردن لاءِ درسي ڪتاب طور مُقرر ڪيل هو”.(15) ان کانپوءِ انهيءَ ساڳي بورڊ  تي پروفيسر ايل. ايڇ. اجواڻي  ميمبر طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.

بي اي ڪورس تي گرامر لاءِ ارنيسٽ ٽرمپ وارو گرامر رکيل هوندو هو، ان سلسلي ۾ ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته “سنه 1924ع کان وٺي اڄ ڏينھن سوڌو، بمبئي يونيورسٽي، بي. اي. جي شاگردن لاءِ، ٽرمپ صاحب وارو گرامر مقرر ڪندي اچي، پر ڪيترن ورهين کان اهو ڪامياب آهي! سنڌ جي ڪنھن ڪاليج جي لئبرريءَ ۾ به ڪونهي، ته پروفيسر پاڻ ڪٿان پڙهندا، ۽ شاگردن کي ڪيئن سنڌي ٻوليءَ جو اونهو اڀياس ڪرائي سگهندا؟ ٿورا ورهيه ٿيا، ته اها ڳالهه بمبئي يونيورسٽيءَ جي ڌيان تي آئي، تنهن اُهو پنھنجي خرچ تي وري ڇپائڻو ڪيو، ۽ سرڳواسي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ تي اِهو ڪم رکيائين، ته سڄوئي گرامر نظر مان ڪڍي، ۽ جيڪا ڦير ڦار ۽ واڌارو ڪرڻ ضرور سمجهي، سو ڪري، پر ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ٻين مشغولين ڪري اِنهيءَ ڪم لاءِ وقت ڪونه ٿي مليو؛ ۽ هو صاحب اڃا سنبريو پئي، ته ماڳهين راه رباني وٺي هليو ويو”.(16)

بي اي جي ڪورس تي نظم جو معاملو زير بحث هلندو آيو. ان سلسلي ۾ ڀيرومل مهرچند لکيو آهي ته، ”مئٽرڪ ۾ جيڪي شاگرد سنڌي پڙهن ٿا، يا ڪاليجن ۾ جيڪي شاگرد، پارسي، گجراتي، سنسڪرت، ڪئنري ۽ ٻيون ٻوليون سکن ٿا، تن لاءِ بمبئي يونيورسٽيءَ قاعدو ٺهرايو آهي ته هيتريون سٽون نظم جون ۽ هيترا ڪي هيترا صفحا نثر جا پڙهن. سن 1924ع کان وٺي جيئن ڪاليجن ۾ سنڌي پاڙهڻ جو حڪم جاري ٿيو آهي. تيئن بي اي ڪلاس وارن لاءِ اهڙو ڪو قاعدو ڪو نه ڪڍيو اٿن، ته سنڌي نثر ڪيترو ۽ سنڌي نظم ڪيترو پاڙهجي. هڪ لڱا شايد وهائيءَ کلاين، جو سن 1932ع  ۽ 1933ع جي بي اي امتحان لاءِ ڪي ڪتاب مقرر ڪري، هيءُ حڪم ڪيائون ته انهن مان فقط ٻه هزار سٽون شاگرد پڙهن. وري سن 1934ع ۽ 1935ع جي امتحان لاءِ حڪم ڪيائون ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ واري رسالي جي ٽئين جلد مان سر ليلا چنيسر، مومل راڻو ۽ سر مارئي پاڙهجن ۽ انهن سان گڏ ساميءَ جا سلوڪ ڀاڱو پھريون ۽ مرزا قليچ بيگ جو ڇپايل
”ديوان فاضل“ به پاڙهجن، پر اهو ڪو نه لکيائون ته انهن مان ڪيتريون سٽون پاڙهجن. مون انهن سڀني ڪتابن جون سٽون ڳڻي ڏٺيون ته ساڍا چار هزار کن ٿيون! مطلب ته ٻيڻ کان به ٻاهر لنگهي ويا! شاگردن تي ڪم اڳيئي گهڻا رکيل، ويتر هيءُ وڌيل بوجو مٿان پين، ته مون اعتراض وٺڻ مناسب ڄاتو، پر اول پنھنجي سوٽ ۽ پريتم سرڳواسي ديوان موهن لعل دولترام آڏواڻيءَ کان سندس رايو لکي پڇيم. جو هو صاحب ان وقت حيدرآباد ڪاليج ۾ بي اي وارن کي سنڌي پاڙهيندو هو. ديوان صاحب مون سان شامل راءِ ٿيو.“(17)

سنڌ جي سياست ۽ انتظامي معاملن ۾اهم موڙ تڏهن آيو، جڏهن سنڌ کي بمبئيءَ کان الڳ ڪيو ويو. سنڌ ۾ مسلم ليگ سنڌ جي بمبئي کان علحدگيءَ جي حق ۾ هئي، جڏهن ته سنڌ جا ڪانگريسي اڳواڻ، اهڙيءَ تبديليءَ جا مخالف هئا. طويل جدجھد کان پوءِ آخرڪار 1935ع جي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ جي ذريعي، سنڌ کي هڪ ايواني قانون ساز صوبي جو درجو ڏنو ويو، جنھن ۾ سٺ سيٽون هيون. پھرين اپريل 1936ع تي نئون صوبو وجود ۾ آيو. اهڙي طرح سنڌي عوام جي صوبائي خودمختياري واري جدوجھد جو پھريون مرحلو پورو ٿيو، ۽ نئين صوبي جي تعمير، ترقي ۽ سياسي استحڪام جي اميد پيدا ٿي.“(18)

سنڌ کي صوبي جو درجو ته مليو، پر ان وقت سنڌ کي نه ته پنھنجي الڳ يونيوسٽي هئي ۽ نه وري امتحانن وٺڻ ڪو سرشتو موجود هو. ان صورتحال  سنڌي اڳواڻن ۽ تعليمي ماهرن کي پريشان ڪري وڌو. 8 جنوري 1934ع تي خان بهادر محمد ايوب کهڙي، سر محمد اقبال کي خط لکي  صلاح گهري ته بمبئي پريزيڊينسيءَ سنڌ ڌار ٿيڻ واري آهي، ان صورتحال ۾ اسين ڇا ڪيون؟ ڇا پنجاب يونيورسٽيءَ سان الحاق مفيد رهندو؟ علامه يوسف علي کي خط لکي، سر محمد اقبال هن مسئلي تي صلاح گهري.
12 جنوريءَ تي  علامه صاحب، سر محمد اقبال کي لکيو، جنھن ۾ 13 جنوري تي علامه جي خط سان گڏ، هڪ ذاتي خط به کهڙي صاحب کي لکيو. صلاح هيءَ ڏني وئي ته بمبئي يونيورسٽي جي سرشتي ۾ مادري ٻولين کي اهميت آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ پنجابي بدران اردو ٻولي حاوي آهي. ٻي ڳالهه ته ڪيئي ڳالهين ۾ پنجاب يونيورسٽي، بمبئي يونيورسٽيءَ کان پوئتي آهي، ان ڪري سنڌ لاءِ  بهتر ٿيندو ته في الحال بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق برقرار رکي.“(19)

بمبئي يونيورسٽيءَ، سنڌي سبجيڪٽ کي بي. اي جي ڪورس کي اختياري مضمون طور ته شامل ڪيو، پر بي. اي (آنرس) ۽ ايم. اي جي ڊگريءَ تائين درجو ڪو نه ڏنو. ان سلسلي ۾ سنڌ مان ڪافي دفعا، بمبئي يونيورسٽيءَ کي گذرشون پڻ ڪيون ويون. سنڌ ساهت سڀا پاران ڪراچيءَ ۾ 28 ، 29 ۽ 30 مارچ 1941ع تي هڪ ساهت سملين ڪوٺائي وئي، جنھن صدارت نالي واري شاعر ڪشنچند بيوس ڪئي. هن سميلن ۾ هڪ ٺھراءَ ۽ قرارداد اها به هئي ته ”هيءُ سميلن بمبئي يونيورسٽيءَ  تي زور ٿي آڻي، ته جيئن بمبئي پرڳڻي جون ٻيون ٻوليون بي. اي. (آنرس) ۽ ايم. اي  رکيون ويون آهن، تيئن سنڌي به انهن امتحانن لاءِ رکي وڃي.“(20) انهيءَ ساڳئي مسئلي ڏانھن ڀيرومل مهرچند به ڌيان ڇڪرايو هو ته “شاگردن کي پنھنجي مادري زبان لاءِ (چاهه جيڪر اسڪولن ۽ ڪاليجن مان وڌي، پر ڏسو انصاف بمبئي يونيورسٽي جا جو رڳو مئٽرڪيوليشن ۽ بي. اي ۾ سنڌي رکي اٿن! هنجو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جيڪو شاگرد مئٽرڪيوليشن ۾ سنڌي کڻي تنهنکي لاچار ڪاليج جي ايف- اي ۾  انٽر امتحانن لاءِ پارسي وغيره سکڻي پوي ٿي ۽ پوءِ بي. اي ۽ وري وڃي سنڌي کڻي. مطلب ته سنڌيءَ جو مايو جيڪو مئٽرڪيوليشن لاءِ پرائي سو ٻن ورهين ۾ ڌوپيو وڃيس. ويجهڙائي ۾ يونيورسٽي کي مھر پيئي جو نه رڳو آرٽس ڪورس پر انجنيرنگ ۽ ڪامرشل ڪاليجن ۾ به سنڌي آڻڻ جي رٿ رٿيائين ۽ انهيءَ لاءِ ڪي ڪتاب به منظور ٿيا، پر هن يونيورسٽي جي ديگه دير سان تپي، جنھنڪري اها رٿ اڄ تائين عمل ۾ نه آئي آهي. هوڏانهن ڪيترا شاگرد ائين پيا پڪارين ته ايم-اي تائين سنڌي پڙهڻ ۾ اچي، پر سندن سڏ ڪو ڪونه ٿو اونائي! ڪي چون ته سنڌي ۾ ڪتاب آهن ڪٿي جي ايم . اي تائين پاڙهجن؟ جيڪي ائين چون ٿا تن کي خبر ڪانهي ته سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪتاب آهن جي چار پنج ورهيه سانده جيڪر ايم_ اي تائين پاڙهي سگهجن”.(21)

ڊاڪٽر  راما ڪرشنا ڀنڊارڪر (1837 – 1925)، جيڪو حيدرآباد جي اينگلو ورنيڪيولر  اسڪول جو ڪي سال هيڊ ماستر رهيو  ۽ وڏي محنت ڪيائين. سنڌ مان بدلي ٿي وڃڻ کان پوءِ   1885ع ۾ پي.ايڇ.ڊي ڪيائين.  بعد ۾ مسٽر ڀنڊارڪر   ايلفنسٽن   ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو ۽ 1894ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان وائيس چانسلر جي عھدي تان رٽائر ٿيو. ڊاڪٽر ٽي. ايم ٿڌاڻي، جيڪو بمبئي يونيورسٽيءَ جو شاگرد به هو ۽ بعد ۾ ڊي. جي ڪاليج ۾ انگريزي جو پروفيسر مقرر ٿيو، اهو اڳتي هلي بمبئي يونيورسٽيءَ ج وائيس چانسلر مقرر ٿيو. اهڙي طرح سنڌ جا ڪيترائي  شاگرد، جيڪي بمبئي يونيورسٽي ۽ ايلفسٽن ڪاليج جا شاگرد رهيا، بعد ۾ وڃي اتي پنھنجي تدريسي خدمتن کي مڃرايو.

ڪيترائي شاندار سنڌي ڪتاب بمبئيءَ مان شايع ٿيا، جن ۾ ”بمبئي پريس“، شاپ خانا صفدري، ”مطبع حيدري“، مطبع رحيميه، ”مطبع ڪريمي“، مطبع نامي ڪريمي“
وغيره. ڪتاب ”مختيار نامو“ جيڪو ڪربلا جي واقعي تي فارسي ۾ لکيل ھيو ۽ علي محمد ان جو سنڌي ۾ ترجمو ڪيو ۽ 1882 ۾ بمبئي ۾ ڇپيو، اھو شايد سنڌي ۾ ڇپيل پھريون ضخيم ڪتاب آھي. ھي ڪتاب 1072 صفحن تي مشتمل ھيو. سنڌي زبان جو پھريون ديوان  ”ديوان گل“ به سڀ کان پھريون بمبئي ۾ ڇپيو. ان کان علاوه بمبئيءَ ۾ ويٺل ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن سنڌ لاءِ  تعليمي حڪم ناما انگريزي سان گڏ  سنڌي ٻوليءَ ۾ به شايع ڪندو هو. سنڌ جي اندر  تعليم کاتي ۾ ترجمو سيل(Translation Cell)  قائم هو. سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ ڇاپخانا قائم ڪيا ويا. سنڌي زبان جو ويا ڪرڻ (Grammar) ۽ لغتون (Dictionaries) لکرايون ويون. ايجوڪيشنل انسپيڪٽر جي آفيس کان ويندي، اسڪول جي هيد ماسترن تائين سرڪيولر، پڌرناما، نوٽيس، امتحاني نتيجا، رزلٽ شيٽون، آفرين ناما، سرٽيفڪيٽ، رجسٽر  وغيره هر لکت سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي ويندي هئي. انهن مان اڪثر لکپڙهه ٽريننگ ڪاليج فار مين، حيدرآباد  مان نڪرندڙ
”اخبار تعليم“ ۽ ”ملان مخزن“ ۾ شايع ٿيندي هئي“.(22)

اڳتي هلي سنڌ ۾ پھرين يونيورسٽي (سنڌ يونيورسٽي) 13 اپريل 1947 ۾  ڪراچي جي علائقي رنڇوڙ لائين ۾ پير الاهي بخش ٽيچرس ٽريننگ اسڪول جي جاءِ  ۾ قائم ٿي، جنھن جو ان دور ۾ وڏو مقصد تعليم کان وڌيڪ امتحان ڪرائڻ جو هو. اهڙيءَ ريت سنڌ جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان نوي سالن جو تعلق 1947ع ۾ ختم ٿيو. 1951 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪري تعليم جو سلسلو جاري ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ الڳ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي.  بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ کي ڄامشوري منتقل ڪيو ويو. بھرحال سنڌ يونيورسٽيءَ جي قيام سان سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ايم .اي تائين تعليم جو  بندوبست ٿيو، ايم.فل ۽ پي.ايڇ.ڊي جي ڊگرين جي لاءِ راهه هموار ٿي. اڳتي هلي، سنڌ ۾ ٻيون به يونيورسٽيون قائم ٿيون، جن پڻ گريجوئيشن ۽ ماسٽرس سطح تي سنڌي مضمون پڙهائڻ شروع ڪيو. اهڙي طرح ورهاڱي کان پوءِ، خود بمبئي يونيورسٽي ۾ به سنڌي شعبو قائم ٿيو  ۽ ڪجهه ٻين ملڪن ۾ به سنڌي ٻوليءَ جي تعليم جا ڪجهه بندوبست ٿيا.

حوالا:

  1. ملاح، مختيار احمد: ”اڻويھين صديءَ ۾ سنڌ جي تعليمي ترقي“، سنڌ آرڪائيوز، 2019ع، ص 50
  2. سر چارلس ووڊ (1800_1885)، پنھنجي تعلميي مراسلي جي ڪري گهڻو مشھور هو. هو 1846ع کان 1866ع تائين برطانيه جي وهگ ڌڙي جو ميمبر ۽ سياستدان  ۽ پارليامينٽ جو ميمبر هو. هو 1846ع کان 1852ع تائين ايڪسچيڪر جو چانسلر به رهيو. بورڊ آف ڪنٽرول جي صدر جي حيثيت سان ، هن هندستان جي تعليم لاءِ اهم قدم کنيا، انهن ۾ 1854ع ۾ هن انڊيا جي گورنر جنرل لارڊ ڊلهائوسٽي کي هڪ مراسلو ارسال ڪيو.
  3. ساڳيو حوالو، ص 51
  4. Panhwar, M. H: “Bombay University My Examiner”, Sindhological Studes, Institute of Sindhology, Jamshoro, 2006, p. 18
  5. شيخ، الطاف: ”بمبئي منھنجي ڀاڪر ۾“، روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو، 2012ع
  6. آڏواڻي، ڀيرو مل مھرچند: ”آڳاٽن شاگردن جا اهنج“، ماهوار سنڌو، فيبروري 1946ع
  7. رامواڻي، موتيرام ايس: ”سنڌ جا اوائلي شاگرد“، سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل، سنڌي ٻولي اٿارٽي، حيدرآباد، جولاءِ، ڊسمبر، 2001ع، ص 90،91
  8. ڀيرومل مھرچند آڏواڻي: ”آڳاٽن شاگردن جا اهنج“، ماهوار سنڌو، فيبروري 1946ع
  9. رامواڻي، موتيرام. ايس: ”تارا نکٽ ڪتيون“، شاردا رڪاشن، بمبئي، 1992ع، ص 49، 50، 51
  • کهڙو، حميده، ڊاڪٽر: ”محمد ايوب کهڙو جرتمندانه سياسي زندگي“، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 2006ع
  1. Mallah, Mukhtiar Ahmed:”Dr. H.M. Gurbaxani His Life and Literary Works”, Rekhaoo Publication, Karachi, 2023, p.75
  • ساڳيو حوالو، ص 76
  • ساڳيو حوالو، ص 77
  • آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ”سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ“، مھراڻ
    (جلد پھريون)، 1946ع
  • ملاح، مختيار احمد: “علامه دائود پوٽي پاران درسي ڪتابن جي ٻوليءَ ۾ ڪيل ترميمن بابت مباحثو” ، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2024ع، ص 75
  • آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ”سنڌيءَ جي دکدائڪ حالت سڌارڻ لاءِ رٿ“، مهراڻ
    (جلد پھريون)، 1946ع
  • آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ”سنڌي لغتون ڪيئن جڙيون“، ماهوار سنڌو، شڪارپور
  • مگسي، عبدالله، ڊاڪٽر: ”سنڌ جي تاريخ جو جديد مطالعو“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 1994ع، ص 176
  1. Khuhro, Hamida, Dr.: Documents on the Separation of Sindh from Bombay Presidency” (Vol-I), Fiction House, Lahore, 2020
  • ملاح، مختيار احمد: ”علامه دائود پوٽي پاران درسي ڪتابن جي ٻوليءَ ۾ ڪيل ترميمن بابت مباحثو“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2024ع، ص157
  • آڏواڻي، ڀيرومل مھرچند: ”سنڌي ساهت جي واڌاري ۾ اٽڪون“، مھراڻ،
  • ملاح، مختيار احمد: ”سنڌي ٻوليءَ جو سرڪاري ۽ دفتري ڪارج“، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، 2022ع، ص 199
56 ڀيرا پڙهيو ويو