شيخ اياز جي ڪرداري نظمن جو تحقيقي ۽ تنقيدي اڀياس
(A Critical and Analytical Study of Character-Oriented Poetry of Shaikh Ayaz)
حبدار سولنگي
Abstract
This research presents a critical and analytical study of Shaikh Ayaz’s character poems, highlighting his distinctive contribution to Sindhi literature. Shaikh Ayaz (1923–1997) is a remarkable poet whose art embodies poetic beauty, philosophical thought, and humor in complete harmony. Among his many literary qualities, the creation of character poems occupies a prominent place. After Shah Abdul Latif Bhittai, Ayaz revitalized Sindhi poetry by introducing powerful characterization through diverse poetic figures.
Characterization, as an artistic form, expresses a character’s emotions, attitudes, and psychological states in a natural and realistic manner. In a character poem, the poet creatively presents a character — whether drawn from history, society, or imagination — with complete artistic freedom. The essential elements of such poetry include the psychology of temperament, ideological depth, and a vivid creative passion that enhances the poem’s thematic significance.
Ayaz’s poetic subjects are deeply rooted in his social surroundings, reflecting the living pulse of human experience. Characters appear across all his poetic genres, including ghazal, bait, wa’i, geet, haiku, triolet, nazm, azad nazm, and prose poem. His character poems stand as profound examples of both artistic creativity and ideological expression in Sindhi poetry.
Keywords: Shaikh Ayaz, characterization, character poem, Sindhi poetry, literary criticism.
شيخ اياز (جنم: 1923ع، وفات: 1997ع) سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آهي، جنھن وٽ شعري ڪائنات جون سڀ حُسناڪيون، تھذيبون، روايتون، فڪر ۽ فلسفا، تحرڪ ۽ تحريڪون، سگهه ۽ سچايون ڀرپوريت سان ملن ٿيون.
سنڌي شاعري، جنھن کي جدت جي هلڪي ڦلڪي روشني ڪشنچند بيوس ۽ سندس همعصرن ڏِني، اياز ان کي مڪمل سج بڻايو، جنھن ڪري شاعريءَ جو هڪ پورو دورُ مڪمل طرح اُڀري ۽ واضح ٿي اڳيان آيو، اياز پنھنجي شاعريءَ وسيلي شعري اظھار جا نوان رُخ پڌرا ڪري، ان کي فني ۽ فڪري وسعت ڏِني.
ڊاڪٽر اسحاق سميجو پنھنجي ڪتاب ”شيخ اياز جي شاعريءَ“ ۾ لکي ٿو:
”اياز هڪ اهڙو شاعر آهي، جنھن کي اسان سنڌي شاعريءَ جو هڪ مڪمل دور سڏي سگهون ٿا، جنھن وقت گُذرڻ سان هڪ روايت جو درجو حاصل ڪري ورتو آهي. جيتوڻيڪ اياز جي دور ۾ اياز سان گڏ شاعرن جو هڪ پُورو نکٽ آهي، پر ظاهر آهي ته ان جو چنڊ اياز ئي آهي.“ (1)
ٻين انيڪ شعري خوبين سان گڏ شيخ اياز جي شاعريءَ جو هڪ اهم پاسو ان جا ڪرداري نظم آهن. شاهه لطيف کان پوءِ شيخ اياز ئي سنڌي شاعريءَ ۾ گهڻا ڪردار ۽ مضبوط ڪردار نگاري پيش ڪئي آهي. شيخ اياز جي ڪرداري نظمن تي ڳالهائڻ/لکڻ کان اڳ ۾ شاعريءَ ۾ ڪردار، ڪردارنگاري ۽ ڪرداري نظمن بابت ويچار هيٺ ڏجن ٿا. ڪردار: ”ڪردار“ فارسي زبان جو لفظ آهي، جنھن کي سنڌي، اردو، پنجابي ۽ براهوي زبانن ۾ به ڪردار ئي چيو ويندو آهي. جڏهن ته انگريزيءَ ۾ ان لاءِ ”character“، هنديءَ ۾ هلت يا چال ۽ پشتو ۾ ”سلوڪ“ چيو وڃي ٿو.
ڪرداري نگاري: ادب جي مختلف صنفن ۾ ڪردارن جي پيشڪش کي ”ڪردار نگاري، (characterization) سڏيو ويندو آهي. ڪردارن جي فني ۽ فڪري تراش ڪردار نگاريءَ جي ذمري ۾ اچي ٿي، جنھن ۾ ڪردار جا ساروپا عملي روپ ۾ وڌيڪ واضح ٿي، پنھنجي سڃاڻپ ڪرائيندا آهن.
ڊاڪٽر قاضي خادم لکي ٿو: ”ادب ۾ ڪردار نگاري ايتري ته اهم آهي، جو ڪڏهن ڪڏهن ڪو فنپارو صرف ڪردار نگاريءَ جو مثال لڳندو آهي، اها هڪ اديب جي سُڄاڻائي آهي، جو هو نه صرف ظاهري طرح نظر ايندڙ حالتن جي آڌار تي ڪردار نگاري ڪري ٿو، بلڪه هُو هڪ ڪردار جي سوچ، اندر جي آنڌ مانڌ ۽ انهن حالتن جو به تجزيو ڪري ٿو، جن جي ڪري ان ڪردار ۾ مختلف وقتن ۾ مختلف تبديليون اينديون رهن ٿيون.“ (2)
ڪردار نگاري به هڪ فن آهي، جنھن ۾ ڪردار جا احساسَ، روّيا، ۽ سڀاءُ هڪ خاص فطري انداز ۾ بيان ڪيا وڃن ٿا.
ڪرداري نظم: ڪرداري نظم، جديد نظم جو هڪ قسم آهي- شاعرُ پنھنجي نظم ۾ ڪو ڪردار پيش ڪندو آهي، ڪردار شاعر جو تخليق ڪيل هُجي يا سماج ۽ تاريخ مان کنيل هُجي، ان لاءِ هر شاعر آزاد آهي. ڪرداري نظم لاءِ پھرين ڳالهه ڪردار جي مزاج جي نفسيات ۽ فڪري پھچ آهي. ڪردار پنھنجي بيھڪ ۾ جيترو واضح ۽ فڪري اُهڃاڻ وارو هوندو، نظم اوترو اهم ۽ تخليقي طور اُڀري ايندو. ڪردار ڪنھن ”ڪھاڻيءَ“ جو هُجي يا ”نظم“ جو، اُن جي تخليقي اهميت هڪ جھڙي هوندي آهي، ڪرداري نظم، نظم جي گهاڙيٽي ۾ هڪ منظوم ڪھاڻي آهي، جنھن ۾ نظم جا فني ۽ فڪري لوازمات به شامل هوندا آهن، ڪرداري نظم ۾ نظم جو فڪري تاڃي پيٽو ڪردار جي مزاج تي ٻَڌل هوندو آهي.
شيخ اياز گهڻ رُخ ۽ گِھرو شاعر آهي- هن وٽ فڪر جون نيون ڌارائون ۽ خيال جون وسعتون مِلن ٿيون. اياز جي هر شعري صنف ۾ مختلف ڪردار مِلن ٿا. ”بيت“ کان ”غزل“ تائين ۽ ”دوهي“ کان ”نثري نظم“ تائين سندس شاعري مختلف ڪردارن سان ڀريل آهي. اياز جا ڪرداري نظم سندس سڃاڻپ جو هڪ الڳ باب آهن. سندس ڪرداري نظمن ۾ ڀرپور ڪردار نگاريءَ سان گڏ نظرياتي اُپٽار به ملي ٿي. هُو جذبي جي شدت وسيلي پنھنجي شعري ڪردارن کي لافاني بڻائي ڇڏي ٿو. شيخ اياز کان اڳ جي جديد شاعرن وٽ شاعريءَ ۾ ڪردارن جو سلسلو جهيڻو ۽ جَهڪو رهيو. اياز ان سلسلي کي وڌيڪ واضح ۽ تخليقي طور متحرڪ ڪيو ۽ اهو شعري تاريخ جوهڪ الڳ بابُ ٿي بيٺو. اياز وٽ ڪيترا ئي ڪردار پنھنجي ڏندڪٿائي، تمثيلي ۽ تخليقي حيثيت ۾ اُڀري آيا ۽ ائين اياز وٽ مختلف ڪردارن جي هڪ الڳ دُنيا آباد ٿيڻ لڳي.
نظم ۾ ڪردارن جا مختلف قِسم ڄاڻائيندي، اردوءَ جو ناميارو نقاد قاسم يعقوب لکي ٿو: ”پھريان اُهي ڪردار، جنھن ۾ شاعر ڪنھن به ڪردار کي ظاهر نه ڪندو آهي، پر چوڻ واري جو بيانيو (Narration) هڪ ڪردار بڻجي ويندو آهي. ٻيا اُهي ڪردار جيڪي شاعر جي واحد صيغي جي نمائندگي ڪندا آهن، ٽيان اُهي ڪردار جيڪي باقاعده ڪنھن شيءِ، ڪنھن مخلوق يا ڪنھن صفت جي نمائندگي ڪندي نظرايندا آهن.“ (3)
اياز جي شاعريءَ ۾ ڪردارن جا اهي ٽيئي قِسم مِلن ٿا. هُو جديد سنڌي شاعريءَ ۾ ڪرداري نظم جو سڀ کان اهم شاعر آهي. شاعريءَ ۾ اياز هڪ انسان دوست شاعر آهي. هن وٽ ماڻهوءَ جو مانُ ۽ ڌرتيءَ جي عظمت هڪ خاص فڪري حيثيت اختيار ڪن ٿا.
امير علي چانڊيو لکي ٿو: ”اياز جو فڪر ڌرتيءَ جي ماڻهن مان جلا حاصل ڪري ٿو، گرد و پيش جي مادي حقيقتن کي داخلي ڪيفيتن سان هم آهنگ ڪري ٿو، هُو غمِ زندگيءَ بجاءِ غمِ دوران کي ترجيح ڏئي ٿو.“ (4)
اياز جو هڪ نظم ”راجا ڏاهر“ آهي، جنھن ۾ هُو سنڌ ڌرتيءَ جي جوڌي ڪردار راجا ڏاهر کي مخاطب ٿي ڌرتيءَ جي ڌيئرن سان ٿيل تاريخي ظلم ۽ ناانصافيءَ خلاف پنھنجو احتجاجي آواز بلند ڪري ٿو:
”راجا ڏاهر،
تنھنجون نياڻيون
سھڻيون سياڻيون
ڪنھن هئن آنديون
مانديون بانديون!
چيلهه ۾ رسا
ڇِڪبا چوٽا
اڳيان گهوڙا
پُٺ تان پياريون
راج ڪماريون
ننگيون ساريون“! (5)
اياز جي انهن سٽن ۾ ڌرتيءَ جي باندي ڌيئرن جو درد آهي، جيڪو سٽن مان پلٽجي نڪري ٿو، نظم جي آخري سِٽن ۾ هُو پنھنجي ڪردارن کي صرف هيڻو ۽ لاچار ڏيکاري ماتم نه ٿو ڪري، پر هو پنھنجي ڪردارن کي عظمت ڏئي ٿو. انهن کي پنھنجون ڪوتائون سڏي، ساڻن پنھنجو ناتو ڳنڍي ٿو ۽ ظلم خلاف نفرت ظاهر ڪري انسان دوستيءَ جو حق ادا ڪري ٿو:
”ها پر آهي
پو به انهن جي
مُنھن تي نفرت
عظمت، جرئت
آهن منھنجون
ڄڻ ڪويتائون.“ (6)
ان نظم جي حوالي سان ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو: ”راجا ڏاهر جي شھادت ۽ عرب حملي آورن جي سنڌ تي قبضي کان سواءِ راجا ڏاهر جي نياڻين جي عصمت کي شاعريءَ جو موضوع بڻائڻ پنھنجي اصل ۽ بنياد سان ڳنڍجڻ جي ڳالهه هئي.“ (7)
اياز امن جو شاعر آهي. هُو هر ظلم، ڏاڍ ۽ جنگ لاءِ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڌڪار وارو جذبو رکي ٿو. هو ڌرتيءَ تي بم ۽ بارود نه پر رنگ رتول ڏِسڻ چاهي ٿو، ان ڪري هُو ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ”جنگ“ کي نندي ٿو ۽ انسان سان پنھنجائپ جو ناتو تلاش ڪري، ان جي قول ۽ ٻول سان پنھنجو رشتو جوڙي ٿو.
اياز جو نظم ”هي سنگرام“ هڪ ڀرپور ۽ تمام گهڻو مقبول آهي. هيءُ نظم هن 1965ع ۾ پاڪ-ڀارت جنگ دوران لکيو، نظم لکڻ جي ڏوهه ۾ کيس قيد ڪيو ويو ۽ سندس ڪتابن تي پابندي وڌي وئي.
”هي سنگرام!
سامهون آ
نارائڻ شيام!
هن جا منھنجا
قول به ساڳيا
ٻول به ساڳيا
هو ڪوِتا جو ڪاڪ ڌڻي، پر
منھنجا رنگ-رتول به ساڳيا
ڍٽ به ساڳيا
ڍول به ساڳيا
هانءُ به ساڳيو
هول به ساڳيا
هن تي ڪيئن بندوق کڻان مان!
هن کي گولي ڪيئن هڻان مان!
ڪئين هڻان مان“! (8)
هن نظم ۾ ڪردار ته نارائڻ شيام آهي، پر حقيقت ۾ هيءُ نظم انسان ذات جي عالمي امن جو ترانو آهي، هن نظم ۾ نارائڻ شيام جو ڪردار علامتي آهي. شاعر امن سان پيار ظاهر ڪري جنگ کان شديد نفرت جو اظھار ڪري ٿو. هن نظم بابت امير علي چانڊيو لکي ٿو: ”امن ۽ جنگ“ جي موضوع تي هن کان زياده بھتر نظم شايد ئي ڪو لکيو ويو هجي. نارائڻ شيام هڪ امن پسند شھريءَ جي علامت آهي، جيڪو جنگ جي ”ڪارڻ“ لاءِ هڪ چيلينج آهي، سندس سيني ۾ اهڙي دل ڌڙڪي ٿي، جيڪا انساني دل آهي، ڪا وحشي يا پاڳل جي دل نه آهي، هو ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي به آهي، هو به ”جنگ“ کان متنفر آهي ۽ هن جو پيغام به ”امن“ آهي. هو بي قصور ۽ مظلوم آهي. نظم جي ساري خوبي ان ۾ آهي ته جي هڪ علامت آهي، سو ”هن کي گولي ڪيئن هڻان مان“ جي لفظن ۾ پنھنجي مجبوري ظاهر ڪري ٿو، يعني هو گولي هڻڻ نه ٿو چاهي، پر پس پرده جنگ ڪرائيندڙ اصل قوت لاءِ به هن ۾ پوشيده نفرت ڀڙڪو کائي اُٿي ٿي ۽ هن ۾ زيرِ لب اهڙين سوچن جو اظھار نظر اچي ٿو. ڪرداري نظمن ۾ شاعر پنھنجي سوچ، فڪر ۽ نظريي جو اظھار به ڪندو آهي، جيئن هن نظم ۾ اياز ”جنگ کان نفرت ۽ امن سان محبت“ واري نظريي جو اظھار ڪيو آهي. نظم ۾ ڪردار علامتي آهن. اصل ۾ هن نظم ۾ هڪ علامتي ڪردار وسيلي هڪ نظريي جو اظھار ڪيو ويو آهي.
اياز پنھنجي هڪ ٻئي نظم ۾ ٻه علامتي ڪردار پيش ڪري، پنھنجي انسان دوستيءَ واري نظريي جو پرچار ڪيو آهي. اياز هڪ انسان دوست شاعر آهي، سندس شاعري عالمي انساني ڀائيچاري جو درس ڏئي ٿي. ”اياز جي انسان دوستي ۽ ان جي عظمت ۾ ايمان جي حد تائين يقين جو نتيجو ئي آهي، جو هن جي شاعري گذريل سٺ سالن کان به وڏي عرصي کان هر دور ۾ زنده شاعريءَ طور متحرڪ ۽ سرواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪندي اچي ٿي.“ (10)
”هي هابيلُ
هُو قابيلُ!
ساڳي ڪُک جا ٻئي رهواسي
هڪڙو ٻئي جي رت جو پياسي!
توکي مصحف پڙهڻو آهي،
دور ستارن جي ڏاڪڻ تي
جنت تائين چڙهڻو آهي
مون لئه دوزخ کولي کولي
مون کي ڏاڍي ننڊ اچي ٿي
ٻاهر وڃ
ڌڻيءَ کي مڃ
پڙهين جو پڙهه.“ (11)
هن نظم ۾ ڪردار تمثيل طور ڪم آيا آهن. ٻئي ڪردار هڪ ئي ڪُک مان جنم ورتل هڪ ئي رت مان تخليق ٿيل آهن، پوءِ به انهن ۾ انساني مفادن جي جنگ آهي. شاعر انهن کي انسانيت جو مصحف پڙهڻ لاءِ چئي، انسان دوستيءَ واري عالمي نظريي جو پرچار ڪري ٿو، ”اياز جي شاعريءَ جو اهو روپ انسان دوستي ۽ امن جو مظھر آهي، اياز جي اها انسان دوستي ۽ عالمي برادريءَ جو سَڏُ مذهبي ڪٽرپڻي کان بالاتر آهي، اها همه گير دعوت محض انسانيت تي مبني آهي.“ (12)
شيخ اياز ڌرتيءَ جو شاعر آهي، سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جا ڪردار ۽ انهن جا ڏک ملن ٿا. هُو پنھنجي مِٽيءَ جي ماڻهن جا اهنج ۽ سماجي حالتون بيحد ڀرپوريت سان بيان ڪري ٿو:
”لاڙي وينگس ڇڄ ڇڙي ٿي،
اَنَ ڪڻن تي اُڏري آيل
ڪانءُ تڙي ٿي
هن جا ٽيئي ٻار بُکايل
ڌيءُ رڙي ٿِي.“ (13)
هن نظم ۾ سماجي بدحاليءَ کي بيان ڪيو آهي. نظم جا ڪردار بُک ورتل ۽ ڏُتڙيل آهن. ان نظم بابت ڊاڪٽر سحرامداد لکي ٿي: ”هيءُ نظم سنڌ جي ”بُک“ جي تاريخ کي ورجائي ٿو، ان نظم ۾ ان ڪڻن تي اُڏري آيل ڪانءُ انهن پرماري قوتن جي علامت آهن، جيڪي اسان جي وات تان مانيءَ جو گرهه به کسي وٺڻ ٿا چاهين.“ (14)
ڌرتيءَ جي ڪردارن جي حوالي سان اياز جو نظم ”ڌڱاڻو خان“ هڪ اهم نظم آهي. نظم جو ڪردار سنڌ جو هڪ هاري آهي، جيڪو نسل در نسل ساڳي ڪِرت سان واڳيل آهي، پر سندس رهڻي ڪھڻي ۽ حالتون اڳ جھڙيون آهن، جن ۾ ڪابه تبديلي نه اچي سگهي آهي. هيءُ نظم سنڌ جي هارين جي اجتماعي تاريخ آهي، جيڪي ابن ڏاڏن کان وٺي پوکي راهيءَ سان وابسته رهڻ جي باوجود پنھنجون معاشي حالتون بدلائي نه سگهيا آهن.
”هيءُ ڌڱاڻو خان،
انهيءَ جو
پيءُ به هاري
پُٽ به هاري
پوک اهائي ساڳي ساري
ساڳي جوڙي تي پاڃاري.“ (15)
هن نظم ۾ هاريءَ جي سماجي زندگي، مسئلا ۽ حياتيءَ جي محدود دائري کي هيئن بيان ڪيو ويو آهي:
”ڳوٺ به ساڳيا
موت به ساڳيا
پير ڪڙيون ۽ ٿاڻا ساڳيا
نينگر لاءِ جمعاڻا ساڳيا“ (16)
نظم جي مٿين سِٽن ۾ هاريءَ جي حياتيءَ جي يڪسانيت ۽ ان سان سماجي ناانصافيءَ جو بيان آهي. وڏيرڪي طبقي جو ظلم ”پيرَ ڪڙيون ۽ ٿاڻا ساڳيا“ سِٽ ۾ بيان ٿيل آهي.
”جنھن ڌرتيءَ کي ويٺو کوٽي،
تنھن ڌرتيءَ ۾ آخر موٽي“ (17)
ماڻهو پنھنجي ڳڻتيءَ ۾ جڏهن ڳرندو آهي ته هُو پَٽَ تي ويھي، اجايو سجايو ڌرتيءَ کي ڪک-ڪاني سان کوٽيندو آهي. اياز سنڌ جي ٻھراڙيءَ جي سادن ۽ پريشان حال ماڻهن جي عڪاسي انهن سِٽن ۾ شاندار ڳوڙهائيءَ سان، مختصر نُڪتن ۾ بيان ڪري، اهو ثابت ڪيو آهي، ته هُو انساني نفسيات جو ماهر شاعر آهي. نظم جو ٻيو حصو ڪردار جي هڪ ٻئي رُخ جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو، جنھن ۾ مايوسيءَ بجاءِ جماليات آهي، ايترين مشڪل حالتن ۾ رهڻ کان پوءِ به نظم جو ڪردارُ پنھنجي وندر ۽ ورونھن ڳولھي لھي ٿو. غم گهٽائڻ لاءِ هُو پنھنجي ڪنھن شوق ۾ پناهه وٺي ٿو:
”ها پر سانجهيءَ ٽاڻي
گهوڙي کي جنھن وقت پلاڻي
سنج وڇائي،
ڏاڍيان ڳائي
گهوڙي جي هڻڪار هوا ۾
پرتي پرتي پَر ڦھلائي
۽ ساري لالاڻ شفق جي
ڦھلي ڦھلي نُور وهائي نيسارن ۾
هن ۽ گهوڙي جي تارن ۾
ڀانيان ٿو تنھن وقت ٻنهي جا
نيڻ صدين جا سيڻَ لڳن ٿا...“ (18)
نظم جي مٿئين حصي ۾ ڪمال جي جماليات آهي، ”گهوڙي جي هڻڪار جا پر ۽ نيڻ صدين جا سيڻَ“ بيحد حسين شاعراڻيون ترڪيبون آهن. هن نظم ۾ هاريءَ سان گڏ ”گهوڙو“ به هڪ ڪردار آهي، شاعر ٻنهيءَ جي نيڻن جي هڪ ئي وقت ڳالهه ڪري، انهن جي پاڻ ۾ انسيت بيان ڪئي آهي.
اياز جو هڪ ٻيو نظم ”پورهيت لئه پرديس به ساڳيو، ”هيءُ ڌڱاڻو خان“ جو تسلسل آهي، جنھن ۾ پڻ ”پورهيت“ جي حالتن ۽ ڏکن جو بيان آهي، ۽ ان سان ٿيل استحصال جو ذڪرُ آهي.
”پيٽ- بُکئي جي ڀُونءِ نه ڪائي،
انگ-اُ گهاڙا ٻار به ساڳيا
هن ڌرتيءَ جي دين به ساڳي،
غاصب ۽ غدار به ساڳيا،
”وڍ به ساڳيا، ڏڍ به ساڳيا
ويري ساڳيا، وار به ساڳيا.“ (19)
اياز ڌرتيءَ جي پيٽ-بُکايل ۽ انگ-اُگهاڙن“ ڪردارن کي ڳائي پاڻ کي
”ڌرتيءَ جو شاعر“ ثابت ڪيو آهي.
اياز جي شاعريءَ ۾ باغي ۽ انقلابي ڪردار به مِلن ٿا. چي گويرا جي موت تي لکيل نظم: ”جنھن آزاد گُذاريو آهي، تنھن لئه موت ته ڪا شيءِ ناهي“ يا دولھه دريا خان جي پُٽ تي لکيل نظم: ”تون هونئن به مرندين ڪاڇي ۾“ جا ڪردار، انقلابي ۽ باغي ڪردار آهن. ان کان علاوه سندس نظم ”نانءُ ته هن جو آجو آهي“ به هڪ انقلابي ۽ باغي ڪردار آهي، جيڪو اياز جو تخليق ڪيل ڪردار آهي ”آجو“
ڏينھن جو لوهارڪو ڪم ڪري ٿو ۽ رات جو لڪ ڇپ ۾ ٻھڙاريءَ جي ماڻهن کي آزاديءَ جي ويڙهه وڙهڻ لئه بندوقون پھچائي ٿو، سندس ڪابه سماجي زندگي نه آهي، هن جي حيات جو هڪ ئي مقصد ”آزادي“ آهي.
اياز جي شاعريءَ ۾ جتي انقلابي ڪردار آهن، اتي سندس شاعريءَ ۾ آدرشي ڪردار پڻ آهن. ”اياز عالمگير انساني قدرن ۽ آزاديءَ ۽ امن لاءِ زندگيون قربان ڪندڙ ڪردارن کي نھايت پيار ۽ احترام سان ياد ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو پاڻ به آزاديءَ جي شمع جو ئي پروانو هو.“ (20)
سندس نظم ”اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين“ ۾ اجتماعي آدرشي ڪردار آهن، هي نظم علامتي آهي. هن نظم ۾ اياز اُنهن ڪردارن جي ڳالهه ڪئي آهي، جن پنھنجي حياتي سماجي شعور ۽ آدرشن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. هي نظم آدرشي ڪردارن جو حَسين ترانو آهي، جنھن جي جهونگار سان دلين ۾ نئون شعُور، جوش ۽ روشن خياليءَ جي ساڃاهه ڀريل آهي، جيڪا زندگيءَ جي مقصديت کي واضح ڪري ٿي:
”اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين
سُتي ساهه جاڳي
وڃي دور دور
ستارا لتاڙي اسان جو شعورُ
ڪَتين جا سوين قافلا رهگذر ۾
سفرَ ۾
سوين ڪائناتون
نه آغاز جن جو، نه انجام جن جو...“ (21)
مشتاق گبول هن نظم تي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”اياز هن نظم ۾ اهڙن ڪيترن ئي ڪردارن کي ڳايو آهي، جن سماج کي آدرشن ۽ عمل سان جڳمڳايو آهي. اهڙن ڪردارن ۾ شاعر، فلاسافر، سائنسدان، تخليقڪار، انقلابي، سياستدان ۽ اهي سڀ روشن خيال اچي وڃن ٿا، جن دنيا کي پنھنجي فن، فڪر، عمل ۽ آدرشن ذريعي جڳمڳايو ۽ جھان ۾ روشنيون ورڇڻ جو ڪم سرانجام ڏِنو آهي.“ (22)
اياز جي هڪ ٻئي نظم ”هاءِ بازار جھان“ ۾ پڻ آدرشي ڪردار آهي. ان نظم ۾ ”نوشيروان“ (هڪ بادشاهه) جو آدرشي ڪردار موجود آهي. اهو ڪردار زندگيءَ جي اعلى قدرن جو امين آهي، جنھن وٽ پنھنجي شعور جو نج پڻو ۽ اصليت آهي. اهو ڪنھن مادي شيءِ تي هرکجي هار نه ٿو مڃي. هو پنھنجي اصول، سچائيءَ ۽ سماجي قدرن کي سلامت رکي ٿو:
”هاءِ بازار جھان!
جنھن ۾ هر يوسف وڪامي ٿو،
هر زليخا جنھن ۾ دامن چاڪ آ
جنھن ۾ هر شيءِ کان مھانگو آ خلوص،
جنھن ۾ سستو آهه هر شيءِ کان ضمير،
حسن و حق معصوم پينوءَ جي مثال، مون اُتي پِنندي ڏٺا،
ٿي ڪئي فرهاد تيشي جي فروخت
قيس ان ۾ محملِ ليلى وِڪيو،
سر جُهڪائي ٿي وَيو نوشيروان،
هاءِ بازار جھان!“ (23)
هن نظم ۾ يوسف، زليخا، فرهاد ۽ قيس جديد دور جا مادي قدرن هٿان شڪست کاڌل ڪردار طور ڏيکاريا ويا آهن. نظم ۾ ’نوشيروان‘ هڪ اهڙو ڪردار آهي، جيڪو بدليو ناهي، جنھن وٽ ساڳيا قدر موجود آهن، جيڪو ’بازار جھان‘ جو حصو نه ٿو بڻجي ۽ هر رشتي، ناتي ۽ محبت کي وکر وانگر وڪامندو ڏِسي، پشيمان ٿِي سِرُ جُهڪائي هليو ٿو وڃي، ان جي انڪار ۾ زندگيءَ جو وسيع ۽ بلند تصور موجودُ آهي.“ (24)
اياز پنھنجي هڪ ٻئي نظم ۾ پڻ اهڙن ئي آدرشي ۽ باغي ڪردارن کي بيان ڪيو آهي، جن پڻ حياتيءَ جي اعلى مقصدن لاءِ عملي طور پاڻ پتوڙيو ۽ اذيتون ۽ مشڪلاتون برداشت ڪيون، جيڪي سڄي عُمر جيون جي جنگ ۾ بغاوت ۽ مزاحمت سان پنھنجي آدرشن جي حاصلات لاءِ وڙهندا رهيا.
”هر قدم تي زندگيءَ جو جام زهرُ،
ڪنھن نئين سقراط جو آ منتظر،
هر گهڙي سُوري سڏي
ڪنھن نئين منصور کي
ٿي ٻري شمع حيات
آ جلڻ جنھن تي پتنگن جي نجات!
ڪوئي عيسى، ڪوئي گوتم، ڪوئي گانڌيءَ جي صفات،
زندگيءَ جي سينڌ جو جُهومر ٿيو،
جنھن سان جرڪيو حُسنِ ذات.“ (25)
مٿئين نظم ۾ بامقصد زندگي گُذاريندڙ ڪردارن جو فلسفو آهي، جن موت کي ماتِ ڏِني ۽ پنھنجي عمل ۽ آدرش کي زنده رکي ”زندگيءَ جي سينڌ ۾ جهرمر“ بڻجي جيئندا رهيا ۽ سندن حياتيءَ جي جدوجھد ”حسن ذات“ جي علامت بڻجي وئي.
ان کان علاوه اياز جي نظم ”اجنبي آءُ، گهڙي آءُ“ ۾ به علامتي طور وطن پرست ۽ انقلابي ڪردار آهن. ”هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن“ به علامتي نظم آهي. ”هيءُ نظم، وسيع فڪر جو حامل آهي، هن ۾ شامل ڪردارن کي آدرشي ڪردارن طور ڏِسي سگهجي ٿو، جيڪي مسلسل جدوجھد ۾ آهن، انهن کي پنھنجي جدوجھد جا خاطرخواهه نتيجا نه مِلي سگهيا آهن، تنھن ڪري اُنهن جي اندر ۾ پيدا ٿيل بي چيني، بيقراري ۽ اذيت واري ڪيفيت جي عڪاسي ٿيل آهي.“
انقلابي ۽ آدرشي ڪردارن کان علاوه شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سماجي ڪردار به مِلن ٿا. اياز پنھنجي نظم ”ٿرڊ ڪلاس جي گاڏيءَ ۾ هُوءَ“ ۾ هڪ هيٺين طبقي جي عورت ڏيکاري ٿو، جيڪا ريل گاڏيءَ ۾ ٻار کي ٿڃ پياري ٿي، گاڏيءَ ۾ ويٺل هڪ ڪردارُ، جيڪو سُونھاريءَ سان آهي. اهو پنھنجي اندر جي بي حياءَ انسان کي ظاهر ڪندي، عورت کي لالچي نظرن سان ڏِسي ٿو. نظم ۾ عورت جو ڪردار معصوم ڏيکاريل آهي، جڏهن ته ”ڏاڙهيءَ واري“ پوڙهي جو ڪردارُ هڪ گندي ذهنيت وارو ظاهر ڪيل آهي. هيءُ نظم ان مخصوص طبقي جي ذهني ۽ اخلاقي غربت کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪي ”مُنھن ۾ ملان اندر ۾ ابليس“ طور سماج ۾ سڃاڻپ رکن ٿا.
”ٿرڊ ڪلاس جي گاڏيءَ ۾ هُوءَ
ڇاتيءَ تان ڪجهه انگي ريڙهي
ٻار کي بُبو ڏئي ٿي
”ڍڪ ڍڪ هاڻي، ڍڪ ڍڪ هاڻي“
گاڏي ڄڻ ته چوي ٿي.
آڏيءَ اک ڏِسي ٿي
هن جي پيءُ کان پوڙهو ماڻهو
ڄڻ نظرن جي آڱرين سان
هن جي ڇاتيءَ جي ڏانڊيءَ تان
گل ڇِني ٿو.“ (27)
ڍڪ ڍڪ هاڻي، ڍڪ ڍڪ هاڻي
گاڏي ڄڻ ته چوي ٿي!“
انهن سِٽن ۾ شاعرَ بيجان شيءِ ”گاڏيءَ“ کان سماجي قدرن جو پرچار ڪرايو آهي، جنھن مان اهو ظاهر ٿو ٿئي ته ”عورت“ جا سماجي قدر حياءَ دار ماحول وارا آهن، ۽ پوڙهو ڪنھن ٻئي ”ڌارئي سماج جو ڪردار آهي، جنھن وٽ وڏي عُمر (بزرگيءَ) جي باوجود به ذهن ۾ گند ڀريل آهي، هيءُ نظم ٻن مختلف سماجن ۽ انهن ڪردارن جي ذهني سوچ جو تقابلي جائزو پڻ پيش ڪري ٿو. شيخ اياز پنھنجي ڌرتيءَ کي دل بڻائي، ان مان اظھار جون نيون ڌڙڪنون تخليق ڪيون. اهڙيءَ طرح هُن: ”شاعريءَ جي ٻولي، موضوع ۽ ڪردار ماڻهن مان کنيا ۽ انهن کي ماڻهن ۾ کڻي آيو، هن پنھنجي ڪلام وسيلي ٽن رخن ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو، پھريون سوچ ۽ فڪر جي ميدان ۾، ٻيو ٻوليءَ، تشبيھن، تخيل ۽ ڪردارن جي سطح تي ۽ ٽيون خود فني گهاڙيٽن ۽ شعري قالبن جي ڏس ۾.“ (28)
شيخ اياز جا شعري مو ضوع جيئن ته پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ان جي ماڻهن مان کنيل آهن، ان ڪري سندس شاعري پنھنجي ڌرتيءَ جي ڪردارن جي هڪ نکٽ جيان آهي، اياز جي شاعريءَ جي هر صنف: غزل، بيت، وائي، گيت، هائيڪو، ترائيل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم وغيره ۾ ڪردار ملن ٿا. اياز جا ڪرداري نظم پنھنجي فني ۽ فڪري بيھڪ ۾ ڪردار نگاريءَ جا اعلى مثال آهن.
حوالا
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، شيخ اياز جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2020ع، ص: vii
- قاضي قادم، ڊاڪٽر، ادب ۽ روايتون، سنڌي ساهت گهر، حيدرآباد، 1992ع، ص: 97
- يعقوب، قاسم، ڊاڪٽر، تنقيد ڪي شعريات، پ ورب اڪادمي، اسلام آباد، 2014ع، ص 133
- چانڊيو، امير علي، ويا جي هنگلور (سھيڙيندڙ: ستار) سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1999ع، ص 233
- شيخ اياز، ڪلهي پاتم ڪينرو، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1963ع، ص 115
- ساڳيو
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، شيخ اياز جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2020ع، ص 39
- شيخ اياز، وڄون وسڻ آئيون (ڇاپو ٽيون)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1995ع، ص 37
- چانڊيو، امير علي، ويا جي هنگلور (سھيڙيندڙ: ستار) سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1999ع، ص 223
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، شيخ اياز جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2020ع، ص 45
- شيخ اياز، وڄون وسڻ آئيون (ڇاپو ٽيون)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1995ع، ص 147
- چانڊيو، امير علي، ويا جي هنگلور (سھيڙيندڙ: ستار) سنڌي ادبي اڪيڊمي، ڪراچي، 1999ع، ص 22
- شيخ اياز، ڪلهي پاتم ڪينرو، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1963ع، ص 14
- حسيني، سحر امداد، ڊاڪٽر. شعور شاعر شاعري، سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، 2008ع، ص 355
- شيخ اياز، وڄون وسڻ آئيون (ڇاپو ٽيون)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1995ع، ص 93
- ساڳيو
- ساڳيو
- ساڳيو
- ساڳيو، ص 94
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، شيخ اياز جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2020ع، ص 39
- شيخ اياز، وڄون وسڻ آئيون (ڇاپو ٽيون)، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1995ع، ص 37
- گبول، مشتاق، شيخ اياز جا آزاد نظم، مرڪ پبليڪيشن، ڪراچي، 2021ع، ص 45
- شيخ اياز، ڀونر ڀري آڪاس (ڇاپو ٽيون) نيو فيلڊ پبليڪيشن، حيدرآباد، 1995ع، ص 106
- گبول، مشتاق، شيخ اياز جا آزاد نظم، مرڪ پبليڪيشن، ڪراچي، 2021ع، ص 54
- شيخ اياز، ڀونر ڀري آڪاس (ڇاپو ٽيون) نيو فيلڊ پبليڪيشن، حيدرآباد، 1995ع، ص 119
- گبول، مشتاق، شيخ اياز جا آزاد نظم، مرڪ پبليڪيشن، ڪراچي، 2021ع، ص 112
- شيخ اياز، شاعري-4 (سھيڙ ۽ سنوار: تاج جويو) ثقافت ۽ سياحت کاتو، ڪراچي 2009ع، ص 248
- سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر. شيخ اياز جي شاعري، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2020ع، ص xvli